آبادڪاريءَ جو مطلب وسڻ، آباد ٿيڻ، يا رهڻ آهي. هڪ ملڪ جي پاڙيسري صوبن، علائقن يا ملڪن مان آيل ٻاهرين ماڻهن ۽ خاندانن جي رهائش ملازمت ۽ روزگار وغيرہ جي انتظام ۽ بندوبست جو هڪ اصطلاح آهي. آبادڪاري ٻن قسمن جي ٿيندي آهي؛ هڪڙي عارضي آبادڪاري، جنهن ۾ آباد ٿيل فرد ٿورو وقت رهي، وري پنھنجي صوبي، علائقي يا ملڪ هليا وڃن، اهڙا ماڻهو، حڪومت جي منصوبي تحت ترقياتي سهوليتن جا حقدار نہ هوندا آهن، ٻيا، جيڪي دائمي رهائش اختيار ڪندا آهن، جيئن سنڌ يا پاڪستان ۾ ڀارت يا پاڪستان جي مختلف صوبن مان آيل ماڻهو، جيڪي هڪ وڏي عرصي کان پنهنجا سياسي، سماجي ۽ اقتصادي مفاد هتي جي سرزمين سان وابستہ ڪري چڪا آهن، ۽ اهي شھريت جا حقدار ٿي چڪا آهن ۽ سندن روزگار، رهائش ۽ تعليم وغيرہ جو انتظام حڪومت جي ذمي هوندو آهي. جڏھن پاڪستان قائم ٿيو تہ ھندستان کان وڏي تعداد ۾ مسلمانن ھجرت ڪئي. جن کي آباد ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي پھرئين وزيراعظم لياقت علي خان، ملڪ ۾’آبادڪاري‘ نالي سان ھڪ ادارو قائم ڪيو، جنھن جو ڪم اھو هو تہ پاڪستان ۾ ھجرت ڪري ايندڙ مھاجرن کي آباد ڪيو وڃي.