آمريڪا

آمريڪا (America ):هن ملڪ جي گڏيل رياستن جو سرڪاري نالو “United States of America” آهي.”آمريڪا“ نالو، هڪ اٽالين جهازي امريگو وسپوسي جي نالي تي رکيو ويو، جيڪو 1497ع ۾ هتي آيو هو. آمريڪا جي اتر ۾ ڪيناڊا، اوڀر ۾ ايٽلانٽڪ سمنڊ، ڏکڻ ۾ ميڪسيڪو ۽ ميڪسيڪو نار ۽ اولھہ ۾ پيسفِڪ سمنڊ آهن. گڏيل رياستن تي ٻڌل آمريڪا، ڪيناڊا ۽ ميڪسيڪو جي وچ ۾ آهي. هن جي هڪ رياست هوائي ٻيٽ سان فرانسسڪو کان 3870 ڪلوميٽر (2400 ميل) ڏکڻ اولھہ طرف آهي. اڀرندي ۽ الهندي وارن علائقن ۾ ڊگها جابلو سلسلا آهن. آمريڪا جي ڪل پکيڙ 9،160،454 چورس ڪلوميٽر (3،535،935 چورس ميل) ۽ آبادي 28 ڪروڙ آهي، گاديءَ جو هنڌ واشنگٽن (Washington) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ مائونٽ ميڪنلي (6194 ميٽر) آهي. هن ملڪ جي سرڪاري ٻولي انگريزي ۽ ڪرنسي يو ايس ڊالر آهي، جيڪا دنيا جي وڌيڪ هلندڙ ۽ اهم ڪرنسي آهي. آمريڪا جي موسم، مختلف علائقن جي آبهوا جي حوالي سان مختلف آهي. گهڻي قدر موسم ٿڌي ۽ خوشگوار رهندي آهي. آمريڪا جي زرعي پيداوار ۾ ڪپھہ، ڪڻڪ، جؤ، مڪئي، پٽاٽا، سويابين، داليون، ميوا ۽ ڀاڄيون آهن. مکيہ صنعتن ۾ جھاز سازي، هٿيار، ميزائيل وغيره، پيٽروليم جون شيون، ڀاڻ، لوھہ، موٽر گاڏيون، سيمنٽ، ڪپڙو، اليڪٽرانڪ اوزار، ڪيميائي شيون، دوائون، ڪمپيوٽر، پلاسٽڪ شامل آهن ۽ مکيہ معدنيات ۾ تيل، ڪوئلو، ٽامو، موليڊنيم، فاسفيٽ، يورينيم، باڪسائٽ، سون، لوھہ، پارو، نقل، پوٽاش ۽ ٽنگسٽن آهي.
4 اپريل 1789ع تي آمريڪا جو آئين نافذ ٿيو. 30 اپريل 1789ع تي جارج واشنگٽن آمريڪا جو پهريون صدر ٿيو. 1861ع کان 1865ع تائين آمريڪا گهرو جنگ ۾ مبتلا رهيو، ڇو تہ ڏاکڻين رياستن جي ڪارن غلامن آزادي پئي گهري. آمريڪي صدر ابراهام لنڪن غلاميءَ جو خاتمو آندو. 30 مارچ 1867ع تي روس الاسڪا جي رياست 7 ملين ڊالرن عيوض آمريڪا کي وڪڻي ڇڏي. 17 ڊسمبر 1903ع تي آمريڪا جي رائيٽ برادران (ولبرٽ رائيٽ ۽ آرويل رائيٽ) هڪ ننڍي هوائي جھاز ۾، جيڪو مشين سان هلندو هو، اتر ڪيرولينا جي ڪٽيهاڪ ميدانن تان پهرئين اڏام ڪئي، ٻئي ڀائر جھاز ۾ موجود هئا.
1906ع ۾ آمريڪي صدر روز ويلٽ کي پهريون ڀيرو امن جو نوبل انعام مليو. 06 اپريل 1917ع تي آمريڪا پهرين عالمي جنگ ۾ شامل ٿيو. 13 اپريل 1935ع تي دنيا جي پهرئين ايئر سروس جي شروعات ڪيائين. ٻي عالمي جنگ ۾ جاپان جي هٿيار ڦٽا نہ ڪرڻ سبب آمريڪا 6 آگسٽ 1945ع تي هيروشيما ۽ 9 آگسٽ 1945ع تي ناگاساڪيءَ تي ايٽم بم ڪيرايا، جنهن سان بي انداز جاني نقصان ٿيو ۽ آمريڪا دنيا تي هڪ هٽي قائم ڪري ورتي. 5 مئي 1961ع تي ايلن بي شيپرڊ پهرئين آمريڪي خلاباز جي حيثيت سان خلا ۾ اڏام ڪئي. 22 نومبر 1963ع تي صدر جان ايف ڪينيڊيءَ کي قتل ڪيو ويو. 1968ع ۾ ڪارن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ اڳواڻ مارٽن لوٿرڪنگ کي قتل ڪيو ويو. 20 جولاءِ 1969ع تي آمريڪي خلائي جھاز اپولو II وسيلي خلاباز نيل آمسٽرانگ، ايڊون ايلڊرن ۽ مائيڪل ڪولينز چنڊ تي لٿا، جنهن کي سڄي دنيا جي عوام ٽي ويءَ تي سڌو سنئون ڏٺو. 26 فيبروري 1991ع تي آمريڪا ڪويت کي عراق جي قبضي مان ڇڏايو. 07 نومبر 2000ع جي صدارتي چونڊن ۾ جارج واڪر بش صدر چونڊجي آيو. 11 سيپٽمبر 2001ع تي ٻہ مسافرن سان ڀريل جھاز ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۽ آمريڪي وزارت دفاع جي آفيس پينٽاگون سان ٽڪرائجي ويا ۽ ورلڊ ٽريڊ سينٽر جا ٻئي ٽاور پٽ اچي پيا. آمريڪا ان دهشت گرديءَ جو ذميوار اُسامه بن لادن کي قرار ڏنو، جيڪو افغانستان ۾ طالبان جو مهمان هو. انهيءَ الزام هيٺ افغانستان تي حملو ڪري طالبان جي حڪومت جو خاتمو آندو ويو. اها لڙائي اڃا بہ جاري آهي، 2003ع جي سياري ۾ آمريڪا عراق تي حملو ڪري صدام حسين کي گرفتار ڪري، کيس عدالت ذريعي ڦاهي ڏياري. عراق ۾ هينئر بہ نيٽو فورسز ويڙهاڪن کي منهن ڏيئي رهي آهي. آمريڪا 51 رياستن جو وفاق آهي، جتي صدارتي طرز جي حڪومت قائم آهي. صدر رياست جو مملڪتي اڳواڻ سربراھہ (هيڊ آف اسٽيٽ)، حڪومت جو اڳواڻ، سڀني آئيني ۽ انتظامي اختيارن جو مالڪ ۽ هٿياربند فوجن جو سپريم ڪمانڊر آهي. صدر عوام جي ووٽن سان چئن سالن لاءِ چونڊبو آهي. ڪابينا ۽ رياستي گورنرن جي چونڊ صدر پاڻ ڪندو آهي. هن وقت آمريڪا جو صدر بارڪ حسين اوباما آهي (ڏسو: اوباما، بارڪ)، جيڪو تاريخ جو پهريون سربراھہ آهي، جنهن جو تعلق ڪاري نسل سان آهي. هن کي 2009ع جو امن جو نوبل انعام بہ مليو آهي. آمريڪا جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 04 جولاءِ 1776ع آهي، ۽ کيس گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 24 آڪٽوبر 1945ع کان حاصل آهي.


لفظ آمريڪاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1789.04.04  عيسوي

4 اپريل 1789ع تي آمريڪا جو آئين نافذ ٿيو .


1789.04.30  عيسوي

30 اپريل 1789ع تي جارج واشنگٽن آمريڪا جو پهريون صدر ٿيو


1906.00.00  عيسوي

1906ع ۾ آمريڪي صدر روز ويلٽ کي پهريون ڀيرو امن جو نوبل انعام مليو


1917.04.06  عيسوي

06 اپريل 1917ع تي آمريڪا پهرين عالمي جنگ ۾ شامل ٿيو


2001.09.11  عيسوي

11 سيپٽمبر 2001ع تي ٻه مسافرن سان ڀريل جهاز ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۽ آمريڪي وزارت دفاع جي آفيس پينٽاگون سان ٽڪرائجي ويا



ملڪ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڏکڻ آمريڪا
پيرا گوئي
ٽوگو
رومانيا
چين
تبت
بازنطيني سلطنت
ڀوٽان
افغانستان
برازيل
ملڪ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون