اصغر سيتائي

اصغر سيتائي

اصغر سيتائي

اصغر سيتائي: مشهور شاعر اصغر سيتائيءَ جو پورو نالو اصغر حسين ولد محمد حسن سولنگي آهي. سندس جنم 31 ڊسمبر 1961ع تي ڳوٺ عيسيٰ خان سولنگي ضلعي دادو ۾ ٿيو. سندس تعليم مڊل تائين آهي. هي پوليس کاتي ۾ ڪانسٽيبل طور ڀرتي ٿيو، جتان سروس پوري ڪري رٽائر ٿيو. هن پيرل پرديسيءَ کان شاعريءَ جي سکيا ورتي ۽ 1980ع کان باقاعدي لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس شاعري مختلف ادبي رسالن ۽ اخبارن جي زينت بڻبي رهي ٿي. هن وقت تائين سندس شاعريءَ جا چار ڪتاب: ‘اکڙين اوسيئڙا’ (2002ع)، ‘موتي ميڙيا مون’ (2012ع)، ‘سونهن کي سلام’ (2014ع) ۽ ‘ڏهر منجهه ڏيئا’ (2015ع: گڏيل شاعري) شايع ٿي چڪا آهن. اصغر سيتائي هن وقت سائيٽ ايريا ڪوٽڙيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ اصغر سيتائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.12.31  عيسوي

مشهور شاعر اصغر سيتائيءَ جو پورو نالو اصغر حسين ولد محمد حسن سولنگي آهي. سندس جنم 31 ڊسمبر 1961ع تي ڳوٺ عيسيٰ خان سولنگي ضلعي دادو ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ستار سروهي
غزنوي حڪيم سنائي
سرمد چانڊيو
ڪوثر ٻرڙو
زاهد شيخ
خالدي علي محمد
رحيمداد راهي
حاجي محمد اسحاق هالائي
رفيعه ملاح
عبدالحئي ڀٽو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون