انعام شيخ

انعام شيخ

انعام شيخ

انعام شيخ: برک اديب، نقاد، مترجم، ڪالم نگار ۽ مضمون نويس انعام شيخ ،3 فيبروري 1962ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. سندس خانداني نالو انعام ﷲ پٽ حاجي گل محمد شيخ آهي. 1983ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي اي آنرس (فلاسافي) پاس ڪري، سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي انٽرنيشنل رليشنز ۾ ڪيائين. پھرين اردو ڪاليج ڪراچيءَ ۾، 5 ڊسمبر 1989ع تي ليڪچرر ٿيو، ان کانپوءِ 1997 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. 2008ع ۾ ساڳئي اداري ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو. هي آڪٽوبر 2003ع کان جولاءِ 2006ع تائين ٽن سالن لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري بہ رهيو ۽ ڪيترائي ڪتاب ڇپرايائين. هن وقت علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ ڊائريڪٽر جنرل طور سندس سربراهي ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ تعليمي منصوبن سميت ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن. انعام شيخ بھترين مترجم آهي، سندس ترجمو ڪيل ڪتاب پڙهندڙن وٽ گهڻو پسند ڪيا ويا آهن. سندس اهم ڪتابن ۾ ”سوچ جو سفر“ (1996ع)، ”اِتهاس جا آواز“ (1997ع)، ”سونھن، عشق ۽ سنسار“ (1998ع) ۽ ”سنڌي سماج، ادب ۽ سياست“ (1999ع)، ”بين الاقوامي تعلقات جي لغت“ (2012ع) ۽ ”پرمانند ميوارام“ (2017ع) شامل آهن. انعام شيخ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي بہ انتهائي متحرڪ آهي ۽ سماجي، ادبي ۽ سياسي حلقن ۾ پنھنجي چٽي/کري موقف سبب سڃاتو وڃي ٿو.


لفظ انعام شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.02.03  عيسوي

انعام شيخ 3 فيبروري 1962ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ديوي ناگراڻي
ابراهيم لاشاري پروفيسر
زيب ڀٽي
سنڌو پياسي
سنڌو ميراڻي
پنڊت ڪشنچند جيٽلي
زيب سنڌي
حضور بخش صوفي
چانڊيو عبدالحئي پروفيسر
لياقت جوڻيجو
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون