اتم اي جي

اتم اي جي

اي جي اتم

اي جي اتم

اي جي اتم

اي جي اُتم: اي جي اتم سنڌ جي ترقي پسند اديبن جي پھرين صف ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس اصل نالو آسن ڄيٺانند اتمچنداڻي هو. هن جو جنم 16 ڊسمبر 1923ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو. هن ايم.اي (بمبئي يونيورسٽيءَ) مان ڪئي. هي هڪ ئي وقت ڪھاڻيڪار، مقالا نگار، مترجم، صحافي، دانشور، نقاد ۽ محقق رهيو ۽ سنڌي ادب ۾ مارڪسي فڪر جو وڏو پرچارڪ ۽ نقيب هو. پاڻ هندوستان ۾ سنڌي ٻولي، تھذيب ۽ سنڌيت جو وڏو پرچارڪ رهيو، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي ۽ اُتم کي سنڌي ترقي پسند اديبن جي اها ٽمورتي سڏيو ويندو آهي، جن ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي هندوستان ۾ زنده رکڻ لاءِ هڪ منظم تحريڪ هلائي ۽ سندن ئي ڪوشش سان سنڌي ٻولي هندستان جي آئين جي اٺين شيڊيول ۾ سرڪاري ۽ قومي زبان تسليم ڪئي وئي. اي جي. اتم 42-1941ع ڌاري هڪ ئي وقت ادب ۽ ترقي پسند فڪر جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪيو. ”نئين دنيا ڪتاب گهر“ قائم ڪري جديد ترقي پسند ادب کي ڇپڻ شروع ڪيو ۽ اهو سلسلو ورهاڱي کان پوءِ به جاري رکيائين. هن 40 سالن تائين نه رڳو لڳاتار ”نئين دنيا“ رسالو هلايو، پر نئين دنيا پبليشرز ممبئيءَ پاران ڪيئي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا، هن 50 کان وڌيڪ اديبن کي متعارف ڪرايو، هي پھريون اديب هو، جنھن ادبي لکڻين تي نه رڳو معاوضو ڏنو، پر اوارڊ به ڏنا. هن جي ڪيترن ڇپيل ڪتابن کي هند سرڪار جي ساهتيه اڪيڊمي ۽ ٻين ادارن ايوارڊ ڏنا آهن. اُتم گڏيل هندوستان واري دور ۾ آزاديءَ جي هلچل دوران جيل به ڪاٽيو، هي سوڀي گيانچنداڻي، حشو ڪيولراماڻي، سائين جي. ايم. سيد، ڪرشن کٽواڻيءَ ۽ ٻين جو ساٿي رهيو. ڪھاڻيون، ترجما، مضمون نگاري، مقالا نگاري، تنقيد، سفرناما، شخصيتي خاڪا، هن جا پسنديده موضوع رهيا آهن. هن دنيا جا شاهڪار ناول ۽ ڪھاڻيون نه رڳو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون، پر انهن جا ڪتاب به ڇپرايا. اتم جي ادبي پورهيي ۾ هيٺيان ڪتاب اچي وڃن ٿا. (1)’سرحد جو گانڌي‘ (شخصيت: 1945ع)، (2) ’وجي لڪشمي پنڊت‘ (شخصيت: 1946ع)، (3) ’نئون چين‘ (1952ع)، (4) ’ٽئگور‘ (هڪ جهلڪ: 1961ع)، (5) ’ڀارت روس دوستي‘ (1965ع)، (6) ’ڀارت جو دوست لينن‘ (1970ع)، (7) ’ڪشمڪش‘ (ڪھاڻيون: 1971)، ’ساهت ۽ ساهتڪار‘ (1974ع)، (9) ’سنڌي ڪھاڻي‘ (ناٽڪ ۽ تنقيد: 1981ع)، (10) ’ساهتڪ پرک (تنقيد: 1997ع)، (11) ’هُو جھان، هي مَن‘ (ڪھاڻيون: 1991ع)، (12) ’شاهه، سچل سامي‘ (اڀياس)، (13) ’ليکراج عزيز‘ (شخصيت ۽ فن: 1985)، (14) ’منگهارام ملڪاڻي‘ (شخصيت ۽ فن 1985ع)، (15) ’ ڪلياڻ آڏواڻي‘ (شخصيت ۽ فن )، (16) ’انسان جو نصيب‘ (شولو خوف جي ناول جو ترجمو 1965ع)، (17) ’پيار ۽ واسنا‘ (ٽالسٽاءِ جي ناول جو ترجمو 1962ع)، (18) ’سويت سرڳ‘ (سفر نامو 1954ع)، (19) ’سجاڳ سنڌ‘ (تنقيد ۽ تحقيق: 1984ع)، (20) ’منھنجا مارو ڪٿي؟‘ (ڪھاڻيون)، (21) ’جئي سنڌي- جئي بنگلا‘ (ڪھاڻيون، شعر ۽ مضمون)، (22) ’کلڻي ۽ ٻيون ڪھاڻيون‘ (شيخ اياز نمبر)،(23) ’سنڌي ساهت‘ (1971ع)، (24) ’ڇويھه ماڻهو ۽ هڪ ڇوڪري‘ (گورڪيءَ جون ڪھاڻيون 1969ع)، (25) ’روپ ٻھروپ‘ (خواجه احمد عباس جي ناول جو ترجمو 1979ع)، (26) ’ڪيدار ناٿ بئلا‘‘ (امرت راءِ پريم جو ناول 1957ع)، (27) ’هڪ ڌار نَوَ لھرون‘ (1961ع)، (28) ’هڪ ڪھاڻي ٻه ڪردار‘ (1968ع)، (29) ’شڪست‘ (ڪھاڻيون)، (30) ’آخر ڪيستائين‘ (ڪھاڻيون)‘، (31) ’ترقيءَ جي راهه تي‘ (ڪھاڻيون)، (32) ’۽ اوچري‘ (ڪھاڻيون). ’اي جي اتم سويت لئنڊ نھرو‘ (امن اوارڊ: 1965ع ۽ 1972ع)، ’سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا‘ (سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا'>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا ادبي اوارڊ: 1991ع)، ’ پريم درشني ادبي اوارڊ‘ (1991ع) ۽ ’ادبي خدمتن تي ڊاڪٽر سدا رنگاڻي گولڊ ميڊل‘ (1994ع) ۽ ٻيا اوارڊ حاصل ڪيا. اي جي. اتم کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن 1973ع ۾ روس ۾ ”ورلڊ رائيٽرس ڪانفرنس“ ۾ شرڪت ڪئي. ”هي ”سنڌي سنسار“، ”سنڌي سماچار“، اخبارن، ”سنڌو آواز“ هفتيوار اخبار ۽ ”نئين دنيا“ ادبي ماهوار مئگزين جو ايڊيٽر رهيو. هن سنڌي ادبي سنگت کي ممبئيءَ ۾ ”سنڌي ساهت منڊل“ جي نالي سان منظم ڪيو ۽ ڪيترن سالن تائين ”اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت“ جو سيڪريٽري رهيو. هن 3 جنوري 2005ع تي ممبئيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو. سندس وفات تي سنڌ ۽ هند ۾ ڪيترا تعزيتي ميڙ ڪوٺايا ويا.


لفظ اي جي اتمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1923.12.16  عيسوي

اي جي اتم جو جنم 16 ڊسمبر 1923ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو


2005.01.03  عيسوي

اي جي اتم 3 جنوري 2005ع تي ممبئيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو . سندس وفات تي سنڌ ۽ هند ۾ ڪيترا تعزيتي ميڙ ڪوٺايا ويا .



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خواجه ذوالفقار
پلي معمور يوسفاڻي
شيرين فيروز نانا
محمد پناهه ڦرڙو
سانول جمالي
سجاد ظهير
سيال احمد خان
سيد عبدالحسين موسوي
خليق مورائي
عبدالله خان مگسي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون