
ڪامريڊ باقر سنائي
باقر سنائي: ڪامريڊ باقر سنائي ڪميونسٽ، هاري ڪارڪن ۽ انقلابي شاعر هو. هن 1922ع ڌاري ڳوٺ گائنچا وڏا (سن شھر کان 8 ڪلوميٽر اتر طرف درياھہ جي ڪپ تي آباد) ۾ هڪ غريب هاري لال بخش گائنچي جي گهر ۾ جنم ورتو. 1928ع ۾ سندس پيءُ کيس ڦرهيءَ تي ڳوٺ جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. ٻہ درجا مس پڙهيو تہ ڳوٺ جو وڏيرو فضل محمد، اسڪول جي استاد مولچند سان نہ ٺهيو ۽ اڻبڻت سبب استاد تنگ ٿي پنھنجي ڳوٺ هليو ويو ۽ وري نہ موٽيو. ائين ڳوٺ جو اهو اسڪول وري نہ کليو. باقر ٻئي ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃڻ جي سگهہ ساري نہ سگهيو ۽ پيءُ سان هارپي ۾ هٿ ونڊائڻ لڳو. ڪجهہ عرصي بعد هو لڏي اچي ڪلري ڳوٺ ۾ ويٺو، جتي سندس پيءُ گذاري ويو. ڪجهہ عرصو ريلوي ۾ نوڪري ڪيائين. تن ڏينهن ۾ سندس ملاقات سائين عنايت ﷲ ’ڌمچر‘ سان ٿي. ماستر عنايت ﷲ روزانو سائين جي. ايم. سيد وٽ ڪچهري ڪرڻ لاءِ سن ويندو هو تہ باقر بہ ساڻس گڏ هوندو هو. جي. ايم. سيد ماستر عنايت ﷲ گائنچي کي چيو تہ ڇوڪر کي شاھہ جو رسالو پڙهاءِ ۽ ائين چئي هن شاھہ جو رسالو باقر کي ڏنو. سائين عنايت پِيرن، تعليم ۽ ٻين معاملن تي بيت ٺاهي ڏيندو هو، جيڪي ٽوليون ٺاهي ڳوٺ جي گهٽين ۽ چوڪن تي ڳائيندا هئا. باقر سنائيءَ علائقي ۾ پير پرستي ۽ توهم پرستيءَ خلاف عملي جدوجھد ڪئي. ڳوٺ ۾ سائين عنايت سان گڏجي حفاظتي ڪميٽي ٺاهيائين، جنهن هارين کان بيگر وٺڻ خلاف مھم شروع ڪئي. ڪميونسٽ پارٽيءَ جو اڳواڻ عزيز سلام بخاري بہ سندس ڳوٺ ۾ ايندو هو. 1956ع ۾ نواب شاه ۾ هڪ پرنٽنگ پريس ۾ ڪمپازيٽر طور ڪم ڪرڻ لڳو. ائين سندس ناتو باضابطه ڪميونسٽ پارٽيءَ سان ٿيو ۽ ائين پارٽيءَ جو ڪُل وقتي ڪارڪن بڻيو. باقر سنائي الاٽي هاري تحريڪ ۽ چمبڙ هاري تحريڪ ۾ بہ سرگرم رهيو. ان کان علاوہ نواب شاه، ٽنڊي محمد خان ۽ ٺٽي جي علائقي ۾ بہ هارين لاءِ گهڻو ڪم ڪيائين. جڏهن پارٽي نظرياتي اختلافن سبب روس نواز ۽ چين نواز گروپن ۾ ورهائجي ويئي تہ هن سلام بخاري'>ڪامريڊ عزيز سلام بخاري، احسان عظيم ۽ ٻين ساٿين سان گڏ چين نواز لائين اختيار ڪئي، سندس پهرين دور جي ساٿين ۾ ڄام ساقي، قاسم پٿر ۽ ٻيا ڪامريڊ شامل هئا.ڪامريڊ باقر سنائي ڪميونسٽ، هاري ڪارڪن ۽ انقلابي شاعر هو باقر سنائي 4 ڊسمبر 2000ع ۾ سن ويجهو ڳوٺ ڪلريءَ ۾ وفات ڪئي. سندس انقلابي شاعري ان دور ۾ گهڻو مقبول هئي، جنهن کي هو جلسن ۽ ڪچهرين ۾ سُر سان جهونگاريندو هو. ۽ ڪيترائي دوست مختلف هارين جي پروگرامن ۽ اها شاعري ڳائيندا بہ هئا. وفات بعد سندس دوستن هن جي زندگيءَ بابت ”جن ٻاري'>ٻري جن ٻاري“ ڪتاب ڇپايو. (ڏسو: جن ٻاري'>ٻري جن ٻاري).
1922.00.00 عيسوي
باقر سنائي: ڪامريڊ باقر سنائي ڪميونسٽ ، هاري ڪارڪن ۽ انقلابي شاعر هو . هن 1922ع ڌاري ڳوٺ گائنچا وڏا ( سن شهر کان 8 ڪلوميٽر اتر طرف درياهه جي ڪپ تي آباد ) ۾ هڪ غريب هاري لال بخش گائنچي جي گهر ۾ جنم ورتو
2000.12.04 عيسوي
ڪامريڊ باقر سنائي ڪميونسٽ ، هاري ڪارڪن ۽ انقلابي شاعر هو باقر سنائي 4 ڊسمبر 2000ع ۾ ڳوٺ ڪلريءَ ۾ وفات ڪئي