
برازيل
برازيل (Brazil ):هن ڏکڻ آمريڪي ملڪ جو سرڪاري نالو وفاقي جمهوريه برازيل (Republica Federative Dobrasil) آهي، برازيل ڏکڻ آمريڪا جو اهم ملڪ آهي ۽ آباديءَ ۽ ايراضيءَ جي لحاظ کان دنيا جي پنجن وڏن ملڪن مان هڪ آهي ۽ ڏکڻ آمريڪا کنڊ جي ڪل پکيڙ جو اڌ حصو هن ملڪ ۾ شامل آهي. هن جي اتر ۾ وينزويلا، گويانا، سورنيام، فرني گيانا ۽ ايٽلانٽڪ سمنڊ، اوڀر ۾ ايٽلانٽڪ سمنڊ، ڏکڻ ۾ يوراگوئي، اولھہ ۾ ارجنٽينا، پيراگوئي، بوليويا ۽ پيرو، اتر اولھہ ۾ ڪولمبيا آهن.
هن ملڪ جي اتر کان ڏکڻ طرف ڊيگهہ 4350 ڪلوميٽر (2700 ميل) آهي، هن جي اتر ۾ ايميزون نالي وڻن جا گهاٽا ٻيلا آهن، جن ملڪ جي اڌ ايراضيءَ کي گهيري ورتو آهي. برازيل جي ڪل پکيڙ 8511965 چورس ڪلوميٽر (3285618 چورس ميل) ۽ آبادي 17 ڪروڙ 50 لک آهي. هن ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ برازيليا (Brasilia) آهي، جيڪو انتهائي جديد طرز تي آباد شھر آهي، جنهن کي 1956ع کان تعمير ڪيو هو ۽ 1968ع ۾ هن شھر جو وڏو حصو مڪمل ٿي ويو هو، اسلام آباد ۽ برازيليا جي تعمير جو زمانو لڳ ڀڳ ساڳيو آهي. هن جو سڀ کان مٿانهون هنڌ نبلينا (Niblina) آهي، جيڪو سمنڊ کان 3014 ميٽر بلند آهي. هن ملڪ جي سرڪاري ٻولي پرتگالي آهي، جڏهن تہ هتي انگريزي، اطالوي ۽ اسپيني پڻ ڳالهائجن ٿيون، هن ملڪ جي موسم ايميزون وارن حصن ۾ سدائين گرم ۽ گهميل هوندي آهي، باقي جابلو علائقن جي موسم خوشگوار هوندي آهي.
برازيل جي مکيہ زرعي پيداوار ۾ ڪافي، ڪپھہ، تماڪ، سويابين، ڪوڪو، چانور، مڪئي، ميوا، رٻڙ ۽ ڪيلو آهي، هتان جي مکيہ صنعتن ۾ فولاد، موٽرگاڏيون، سامونڊي جهاز، مشينري، پيٽرول ڪيميڪل، ڪاغذ، پلاسٽڪ، پروڊڪٽس شراب، سيمينٽ، ڪپڙو، دوائون ۽ سياحت شامل آهي ۽ مکيہ معدنيات ۾ لوھہ، هيرا، سون، ٽين، باڪسائيٽ، تيل، يورينيم، ڪوئلو اچي وڃي ٿو.
برازيل جو سڪو ڪروزيرو (Cruzeiro) آهي. برازيل ۾ ڪيترائي هزار سال اڳ قديم انڊين قبيلا گوراني ۽ ٽوپي نامبا آباد هئا، اسپيني جهازران وسنٽ يانيزپنيزون پهريون يورپي هو، جيڪو 26 جنوري 1500ع تي برازيل جي ڪناري تي لٿو، پر برازيل کي ڳولڻ جو ڪريڊٽ پرتگالي سامونڊي ڪمانڊر پيڊرو الوانس (Pedro Allvanes Caberel) ڪيبرل ڏانهن وڃي ٿو، جيڪو 22 اپريل 1500 ع تي اوڀرين برازيل جي ڪناري تي لنگر انداز ٿيو ۽ پرتگال جي ملڪيت تي دعويٰ ڪيائين، 1530ع ۾ شاھہ پرتگال جان III هتي آبادگاريءَ جو پروگرام ٺاهيو، جنهن هيٺ شاھہ، برازيل کي 15 ضلعن ۾ ورهايو. هتي آفريقي شيدين جي 16 صدي عيسويءَ ۾ آبادڪاري ٿي. 1699ع ۾ هتي سون ۽ 1721ع ۾ هيرا لڌا، جنهن کان پوءِ يورپي نون آبادگارن جي هڪ وڏي کيپ هتي پهتي.1727ع ۾ هتي پهريون ڀيرو ڪافيءَ جي پيداوار ٿي.
1750ع ۾ پرتگال ۽ اسپين ميڊرڊ ٺاھہ هيٺ ڏکڻ آمريڪا کنڊ کي هڪ ٻئي ۾ ورهائي ڇڏيو، 1807ع ۾ فرانس جي شهشاھہ نيپولين بوناپارٽ پرتگال تي قبضو ڪيو تہ 7 مارچ 1808ع تي شاهي خاندان برازيل ۾ پناھہ ورتي. 1815ع ۾ پورچو گالي بيٺڪن کي ”پورچو گال جي گڏيل بادشاهت“ جو نالو ڏنو ويو. 1821ع ۾ بادشاھہ جان ڇهين پنھنجي پٽ جان پيڊرو کي پنهنجو نائب مقرر ڪيو. 3 جون 1822ع تي پيڊرو اسيمبليءَ جو اجلاس طلب ڪيو، تنهنڪري 7 سيپٽمبر 1822ع تي پيڊرو، برازيل جي آزاديءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پهرين ڊسمبر 1822ع تي ڊام پيڊرو برازيل جو شهنشاھہ ٿيو، انهيءَ نئين مملڪت کي سڀ کان اڳ آمريڪا 1824ع ۾ قبول ڪيو، 24 سيپٽمبر 1834ع تي پيڊرو پهرئين جي انتقال کان پوءِ 23 جولاءِ 1840ع تي آئين ساز اسيمبليءَ پيڊرو ٻئي کي بادشاھہ مقرر ڪيو، جنهن 14 جولاءِ 1841ع تي برازيل جو تاج سنڀاليو. مئي 1888ع ۾ شاھہ پيڊرو ٻئي غلاميءَ جي خاتمي جو اعلان ڪيو.
15 نومبر 1889ع تي خوني انقلاب کان پوءِ شاھہ پيڊرو ٻئي کي تخت تان لاٿو ويو، انقلاب جو ليڊر ڊيوڊوروڊ افونسڪا هيو، ملڪ کي جمهوريه بنائي، يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف برازيل جو نالو ڏنو ويو، 24 فيبروري 1891ع تي هتي آمريڪي طرز جو آئين نافذ ٿيو، فونسڪا جي حڪومت صرف 20 ڏينهن رهي، پهرين عالمي جنگ دوران جرمنيءَ برازيل جي سامونڊي ٻيڙين تي حملو ڪيو تہ هن آگسٽ 1917ع ۾ جرمنيءَ سان سڀ سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ۽ 26 آڪٽوبر 1917ع تي جرمنيءَ خلاف جنگ جوٽي ڇڏي، ٻي عالمي جنگ دوران 22 آگسٽ 1942ع تي جنرل فيٽوليو ورگس (Fetuleo Vergas) جرمنيءَ ۽ اٽليءَ خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ورگس 3 آڪٽوبر 1950ع جي صدارتي چونڊن ۾ ٻيهر صدر ٿي آيو، پر آگسٽ 1954ع ۾ ورگس مخالف اخبار جي ايڊيٽر جي قتل کان پوءِ حالتون خراب ٿي ويون، فوج صدر کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو، تنهن ڪري 24 آگسٽ 1954ع تي ورگس استعيفيٰ ڏني ۽ ترت ئي خودڪشي ڪري ڇڏي. 21 اپريل 1960ع تي ريوڊي جنيرو جي جاءِ تي برازيليا کي ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ قرار ڏنو ويو، 1983ع ۾ برازيل دنيا جو سڀ کان وڌيڪ قرضي ملڪ ٿي ويو، جنهن تي 100 بلين ڊالرن جو قرض واجب الادا هو، آگسٽ 2000ع ۾ شديد بارش ۾ سوين ماڻهو مري ويا ۽ هزارين بي گهر ٿي ويا.
برازيل وفاقي جمهوريه آهي، جتي صدارتي طرز جي حڪومت قائم آهي، صدر رياست جو مملڪتي اڳواڻ ۽ هٿياربند فوج جو ڪمانڊر انچيف آهي. صدر ۽ نائب صدر سڌو سنئون عوام جي ووٽن سان 4 سالن لاءِ چونڊيا ويندا آهن. برازيل جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 07 سيپٽمبر 1822ع آهي، جڏهن تہ ان گڏيل گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 24 آڪٽوبر 1945ع کان آهي.