
بلائون
بَلا: هي لفظ عام طور ڪنهن آفت يا مصيبت جي معنيٰ ۾ بہ ڪم ايندو آهي، ڪڏهن بيمارين وغيرہ لاءِ بہ استعمال ڪن ٿا. خاص معنيٰ ۾ ’بلا‘ ڪو بہ نانگ (سواءِ ڪاريهر جي) آهي. سنڌ جا جوڳي ”نانگ“ ۽ ”بلا“ ۾ ائين فرق ڪندا آهن تہ نانگ اهو جيڪو ڦڻ کڻي يعني Cobra آهي ۽ ’بلا‘ ان کانسواءِ ٻيا سمورا ريڙهيون پائيندڙ جانور آهن. انهيءَ لحاظ سان ”لنڊي“ بلا آهي تہ ”کَپرُ“ نانگ آهي. سڀ نانگ ۽ سڀ بلائون زهر واريون ڪين ٿين. نانگ ۽ بلائون گهٽ زهريليون بہ ٿين. سنڌ ۾ نانگن ۽ بلائن جي قسمن ۽ انهن جي زهر وارن اثرن ۽ عادتن بابت ماهر فقير محمد عرس بهراڻيءَ جو ڪتاب ”نانگن جي دنيا“ تحقيق جي لحاظ سان نهايت معياري ڪتاب آهي، جنهن ۾ هن نانگن ۽ بلائن جي قسمن ۽ زهرن بابت قيمتي معلومات ڏني آهي. ڪجهہ بلائن جا نالا هي آهن: ’پيئڻ بلا‘، ’واڇر بلا‘، ’سڱريلا‘، ’گهوڙيال بلا‘، ’چوڙيل بلا‘، ’ارڙ بلا‘، ’سرنگهہ بلا‘، ’هڻ کڻ‘، ’ٻہ مُنهين بلا‘، ’ڪنڀاري ڪوراڙ‘، ’سونهري ڪوراڙ‘، ’لوهاري ڪوراڙ‘، ’جهنڊر ڪوراڙ‘، ڪوڏڻ ڪوراڙ‘، ۽ ’ڪُرنڊ بلا‘ وغيرہ .
نانگ يا بلا جو زهر، ڳھر آڻيندڙ ۽ تمام ٿڌو آهي؛ يڪدم رت جي جزن کي ماري ڇڏيندو آهي، جنهن ڪري نانگ يا بلا جو ڪکيل بيهوشيءَ ۾ ئي مري ويندو آهي .