بهرام سھراب رستم جي

بهرام سھراب رستم جي

بهرام سھراب رستم جي

بهرام سھراب رستم جي: تعليمدان، موسيقار، ليکڪ ۽ سماجي ڪارڪن بھرام رستم جي 1912ع ڌاري ڪراچيءَ جي هڪ معزز پارسي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. بھرام عرف ’بھلي‘ پنھنجين لکڻين توڙي عملي زندگيءَ ۾، پنھنجي پيءُ، ڏاڏي ۽ پڙڏاڏي کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ واسطي پنھنجو نالو بھرام سھراب ايڇ. جَي رستم جي ڪري لکندو هو. مشھور محقق ڊاڪٽر ماڻڪ پٿاوالا ماما پارسي (BVS) هاءِ اسڪول ۾ سندس استاد هو. بعد ۾ بھرام سھراب رستم جي ساڳئي اسڪول ۾ استاد، وائيس پرنسپال ۽ پرنسپال مقرر ٿيو. 1935ع ۾ گولڊ سمٿ ڪاليج (لنڊن يونيورسٽي) مان بي. اي جي اعليٰ تعليم ورتي. موسيقي سان دلچسپيءَ سبب لنڊن جي ئي رائل ڪاليج آف ميوزڪ مان موسيقي جي سکيا ورتي. 19 سال ماما پارسي (BVS) هاءِ اسڪول جو پرنسپال رهيو. پاڪستان ٺھڻ وقت به انهيءَ اسڪول جو پرنسپال هو. ورهاڱي کانپوءِ هن هندوستان مان لڏي آيل ڪيترن ئي شاگردن جي سھائتا ڪئي. 1971ع ۾ فلاحي بھبود جي هڪ اداري ”رنگون والا سينٽر“ قائم ڪرڻ سان گڏ ڪراچي پارسي ڪاليج يونين، ينگ مينز زوراشٽرين ائسوسيئيشن، ڪراچي پارسي انسٽيٽيوٽ، دستور ڍلا ميموريل انسٽيٽيوٽ، ڪراچي ٿياسافيڪل سوسائٽي، پاڪ- ايران ڪلچرل سوسائٽي، سنڌ بوائز اسڪائوٽ ائسوسيئيشن ۽ ٻين ڪيترين ئي فلاحي توڙي تعليمي تنظيمن سان ڪنھن نه ڪنھن ريت سلھاڙيل رهيو. ڪراچي ۾ پھرين آل سنڌ ايڊيوڪيشن ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ ۽ شاهه ايران ’محمد رضا پھلويءَ‘ جي ڪراچي جي پھريئن دوري دؤران نمايان ڪردار ادا ڪيو. 1982ع ۾ سندس 70 هين سالگرهه جي موقعي تي، پارسي برادريءَ طرفان سندس خدمتن جي اعتراف طور شاندار تقريب منعقد ڪري کيس شيلڊ ڏني وئي. کيس، موسيقي سان چاهه ۽ پيانو وڄائڻ تي مھارت حاصل هئي. پاڪستان جي قومي تراني لاءِ جيڪي ساز ڪم آندا ويا، انهن ۾ پيانو سندس ملڪيت هو، جيڪو آخر تائين وٽس محفوظ رهيو. پاڻ قومي تراني ۾ انهيءَ شرڪت تي فخر ڪندو رهيو. سندس چوڻ هو ته: آءُ پھريون پاڪستاني آهيان، جنھن ”پاڪ سرزمين شادباد“، جا ٻول پيانو تي وڄايا. قومي تراني جي ڌن جو خالق احمد. جي چاڳلا سندس ويجهو عزيز هو. هن، پنھنجي گهرواريءَ گُول ديسائي سان گڏجي پارسين جي مشھور/ معزز مذهبي اڳواڻ ’شمس العلماء دستور ڊاڪٽر مانيڪ جي نسروانجي ڍلا جي آتم ڪٿا جو گجراتي مان انگريزي ’دستور ڍلا- دي ساگا آف اي سؤل‘ نالي سان ترجمو ڪري ڇپرايو. سندس ٻين لکڻين ۾ زرتشت مت جي تعليمات تي مبني ڪتاب ’Teachings of Zarathushtra‘ ۽ ’ڪراچي (1947ع-1839ع) اهم آهن. ان کانسواءِ مختلف رسالن ۾ به سندس لکڻيون شايع ٿيون، جن ۾: ممبئي مان جاري ٿيندڙ ’پرشيانا‘ ۽ ’جام جمشيد‘ آمريڪا مان شايع ٿيندڙ ’فيضانه‘ ۽ ڪراچي مان اوشاؤ، ’واٽس آن‘ ۽ ’پارسي سنسار‘ قابل ذڪر آهن. هن 14 ڊسمبر 2002ع تي 90 سالن جي ڄمار ۾ ممبئي ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو