جانور (ڪتاب): هن ڪتاب جو ليکڪ ميرزا قليچ بيگ آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ مختلف جانورن تي تحقيق ڪري، جانورن جا نسل، اصل پيدائش وغيره ڄاڻائي آهي. هيءُ ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ جانورن بابت ضروري احوال: شينهن، واگهه، چيتو، چراغ، بگهڙ، رڇ بابت معلومات ڏنل آهي. ٻئي ڀاڱي ۾: باندر/ ڀولڙا، هاٿي، گينڊو، دريائي گهوڙو، ڪانگرو، بدڪ، سلاٽ، اٺ، ڏاند، مينهن، ڪتو وغيره بابت معلومات ڏنل آهي. 56 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب کي چوٽر مل منگهارام، 1910ع ۾ سنڌ گزيٽ ۽ ڪمرشل پريس ڪمپني، لميٽيڊ ڪراچيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت اٺ آنا ڄاڻايل آهي.