
خيرپور

خيرپور

خيرپور اسٽيٽ جو مونوگرام

دستاويز

خيرپور

حضرت روضي ڌڻي جي درگاهه (پير ڳوٺ)

درگاهه حضرت سچل سرمست (درازا)

خيرپور جو مشهور فيض محل

ڪوٽ ڏيجيءَ جو قلعو

خيرپور ۾ قائم شاهه لطيف يونيورسٽي

ڪوٽ ڏيجيءَ جو دڙو
خيرپور: خيرپور، ٽالپر گهراڻي جي حڪومت دوران ’چؤياري‘ جي اهم رياست رهي آهي، جيڪا هن وقت سنڌ جو اهم ضلعو ۽ شھر آهي. هيءُ علائقو کجين ۽ پيرن جي ڪري گهڻو مشھور آهي. سڄي پاڪستان ۾ کجيءَ جي سڀ کان گهڻي پيداوار هن ضلعي ۾ ٿئي ٿي. هيءُ ضلعو سنڌو نديءَ جي ڪپ تي آهي. ڏکڻ سنڌ جو پاڻي ناري ۽ روهڙي ڪئنالن جي ذريعي خيرپور مان گذري ٿو. سنڌ تي عربن جي قبضي کان اڳ هيءُ ’بوئر‘ نالي سان هڪ ننڍي ڳوٺ جي صورت ۾ آباد هو، جيڪو اروڙ جي حدن ۾ راءِ گهراڻي ۽ برهمڻ گهراڻي جي حڪومتن هيٺ رهيو. ان کان پوءِ عربن، سمن، سومرن، مغلن، ارغونن، ترخانن ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ بہ هن ڳوٺ/ شھر جي موجودگي ملي ٿي.
ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي وچ ۾ هالاڻيءَ واري فيصلي ڪن جنگ، سال 1781ع ۾ لڳي، جنهن بعد ڪلهوڙن جي آخري شهنشاھہ عبدالنبي ڪلهوڙي ۽ ان جي غير ملڪي اتحادي افغانين کي شڪست ملي ۽ سندس حڪومت ختم ٿي، نتيجي ۾ سنڌ تي ٽالپرن جي حڪومت قائم ٿي. هالاڻيءَ جي معرڪي ۾ مير فتح علي خان ٽالپر سان ٻہ ساٿي: مير سهراب خان ٽالپر ۽ مير ٺارو خان ٽالپر گڏ هئا. هالاڻيءَ جي جنگ ۾ فتح کان پوءِ مير فتح علي خان ٽالپر حڪومت جون واڳون سنڀاليون. حڪومت کي ٿورو ئي عرصو گذريو تہ ميرن جا پاڻ ۾ اختلاف ٿي پيا. مير فتح علي خان سنڌ کي ستن حصن ۾ ورهائي، چار حصا پاڻ کنيا، ٻہ حصا مير سهراب خان کي ۽ هڪ حصو مير ٺاري خان کي ڏنائين. اهڙيءَ ريت سنڌ انتظامي طور ٽن رياستن ۾ ورهائجي وئي، جنهن تحت خيرپور رياست جي حڪمراني مير سهراب خان جي هٿ هيٺ آئي. مير سهراب خان خيرپور ۾ اچي پنھنجي رياست ۾ حڪومت ڪرڻ لڳو. خيرپور شھر 1783ع تائين هڪ ڳوٺ جي صورت ۾ موجود هو، جتي بوراوا ذات جا ماڻهو ڦلپوٽن جون ٻنيون آباد ڪندا هئا، جنهنڪري خيرپور کي بوراهڻ، ٻوراهن واري وانڍ ۽ ٻورن واري خيرپور بہ سڏيندا هئا. مير سهراب خان خيرپور کي 1786ع ۾ خيرپور کي پنهنجو تخت گاھہ بنايو. جنهن کي پنهن جو جهنڊو، فوج ۽ ٽپال جون ٽڪليون هيون. مير سهراب خان کان پوءِ خيرپور تي مير رستم ٽالپر، مير علي مراد ٽالپر ۽ پوءِ مير فيض محمد ٽالپر ۽ مير امام بخش ٽالپر حڪمران ٿيا. مير سهراب خان رياست ’خيرپور‘ جون حدون، اتر ۾ ڪشمور ۽ ڪوٽ سبزل تائين، اولھہ ۾ ڪچيءَ ۽ گنڌا واھہ تائين، ڏکڻ ۾ نوشهري فيروز تائين ۽ اوڀر ۾ جيسلمير تائين پکڙيل هيون، 1843ع ۾ مياڻي جي جنگ ۾ برتري حاصل ڪرڻ کانپوءِ انگريزن خيرپور جي رياست جو حاڪم مير علي مراد خان کي رهڻ ڏنو. ڪجهہ عرصي کانپوءِ انگريزن پنھنجي ئي وفادار مير علي مراد خان ٽالپر تي ڪميشن ويهاري کانئس سڄي رياست کسي کيس فقط موجودہ خيرپور ضلعي وارو حصو رياست طور ڏنو ويو. 1938ع ڌاري خيرپور برطانيا شهنشاهيت جي اثر هيٺ اچي وئي ۽ هندستان جي ٻين راجائي رياست وانگر هڪ الڳ راجائي رياست PRINCELY STATE سڏجڻ لڳي. ورهاڱي وقت هر رياست جي حڪمران کي اهو حق ڏنو ويو تہ هو پنھنجي مرضي موجب آزاد، خودمختيار رهي يا هندستان، پاڪستان مان ڪنهن بہ ملڪ ۾ شامل ٿئي. 1947ع کانپوءِ برصغير جون اڪثر شهنشاهي رياستون هندستان ۽ پاڪستان ۾ شامل ٿي ويون پر 3 آڪٽوبر 1947ع تي پاڪستان جي نئين گورنر جنرل محمد علي جناح ۽ مير علي مراد خان ٽالپر ثانيءَ جي وچ ۾ معاهدو ٿيو، جنهن کي (Instrument of Accession) سڏيو ويو. ان معاهدي تحت رياست جا پرڏيهي معاملن سميت دفاع ۽ رابطي ڪاري جا معاملا پاڪستان ۽ باقي رياستي معاملا رياست جي ٽالپر حڪمران وٽ رهڻ ڏنا ويا. جڏهن تہ خيرپور رياست جي آزادي، خودمختياري جي پڻ ضمانت ڏني وئي. 1950ع ۾ خيرپور رياست جون پهريون ڀيرو جمهوري چونڊون ٿيون ۽ ’خيرپور ليجسليٽو اسيمبلي‘ قائم ٿي. جنهن جو افتتاح مير علي مراد خان جي ويجهي دوست ۽ پاڪستان جي پهرين وزير اعظم لياقت علي خان ڪيو. ان عرصي دوران خيرپور رياست اندر شهرين کي نئين ملڪ پاڪستان جي نسبت وڌيڪ سهولتون ميسر رهيون، جنهن ۾ طبي سهولتن کان ويندي مفت طبي مشورا، دوائون، کاڌو وغيرہ رياست پاران ڏنو ويندو هو. مقامي ڊاڪٽرن سان گڏ پرڏيهي ڊاڪٽرن کي رياست ۾ گهرائي ماڻهن جي علاج کي بهتر بنائڻ لاءِ قدم کنيا ويا. رياست جي مجموعي پيداوار مان 22 سيڪڙو رقم تعليم لاءِ مختص ڪئي وئي. خاص طور يورپ مان استادن جي تربيت لاءِ انسٽرڪٽر آندا ويا ۽ پرائمري کان ويندي مئٽرڪ تائين مفت تعليم ڏني ويندي رهي. ضرورتمند شاگردن کي راشن کان ويندي ڪتابن، ڪپڙن، رهڻ ڪرڻ جو خرچ رياست پاران ميسر ڪري ڏنو ويندو هو. ان کان علاوہ تعليم بالغان لاءِ مخصوص اسڪول قائم ڪرڻ سميت عورتن جي تعليم لاءِ جرمني مان ليڊي ٽيچرز جي سرپرستي ۾ اسڪول کوليا ويا. ان دوران رياست ۾ امن امان رهيو ۽ مير علي مراد خان يورپ جا دورا ڪري صنعتڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مشينري جو انتظام ڪيو. جنهن سان خيرپور رياست معاشي طور مستحڪم ٿي. 1951ع جي عرصي کانپوءِ خيرپور رياست کي پاڪستان ۾ ضم ڪرڻ لاءِ زور وڌو ويو ۽ نيٺ 1955ع ۾ رياست جي والي مير علي مراد ٽالپر کي شاهي مراعتون ڏيڻ جي عھد نامي بعد خيرپور رياست جي ’آزاد رياست‘ واري حيثيت ختم ڪري ان کي پاڪستان ۾ ضم ڪيو ويو. ان کان پوءِ خيرپور سنڌ جو هڪ اهم شھر بڻجي ويو ۽ هن وقت خيرپور رياست کي ضلعي جي حيثيت حاصل آهي.
خيرپور جو اڌ کان وڌيڪ حصو ريگستاني/ وارياسو علائقو آهي، جتي واريءَ جون وڏيون ڀِٽون پکڙيل آهن. انهن ڀِٽن جو سلسلو بھاولپور رياست جي چولستان جي علائقي کان شروع ٿي سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي ۽ ڪڇ جي رڻ سان وڃي لڳي ٿو، هن وقت اهو سڄو علائقو هڪ غيرآباد ريگستان آهي، جيڪو هڪ پراڻي تھذيب جو گهَوارو آهي، ڇو جو انهن غيرآباد ڀٽن ۾ ڪيترا ٺڪراٺا نظر اچن ٿا، جيڪي پراڻي دور جي خوشحالي ۽ آسودگيءَ جي ساک ڀرين ٿا. خيرپور ضلعو، سنڌو نديءَ ۽ راجپوتانا جي رڻ جي وچ ۾آهي، جنهن کي اڀرندو نارو ۽ ٻيا واھہ، سکر بئراج وٽان وهي آباد ڪن ٿا، هن خطي جي زمين جدا جدا جڳهين تي مختلف حالتن واري آهي ڪٿي ساوڪ آهي، ڪٿي واريءَ جا دڙا آهن، ڪٿي نوان شھر ۽ ڳوٺ آباد آهن، تہ ڪٿي تاريخ کان اڳ واري دور جا دڙا موجود آهن.
جاگرافيائي بيهڪ: بيهڪ جي لحاظ کان خيرپور سنڌ جي دل آهي. خيرپور "60 '31 27 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ ۽ "00 46 68 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقعو آهي. موجودہ خيرپور ضلعي جون حدون اتر ۾ سکر، اولھہ ۾ لاڙڪاڻي ۽ ڏکڻ ۾ سانگهڙ ضلعن سان ملن ٿيون. هيءُ ضلعو اوڀر کان وري جوڌپور ۽ جيسلمير رياستن سان ملي ٿو ۽ هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ حد قائم ڪري ٿو. خيرپور جي اتر اولھہ واري سرحد جي پاسي کان 80 ميلن تائين سنڌو نديءَ جو وهڪرو آهي، جنهن مان سکر وٽان خيرپور جي آباديءَ لاءِ ٻہ واھہ، مير واھہ ۽ ابل واھہ نڪرن ٿا. ڏکڻ کان روهڙيءَ ڏانهن ٽڪرن جي قطار ارڙهن ميلن تائين پکڙيل آهي، جنهن کي گهاڙ وارا ٽڪر سڏين ٿا. اهي ٽڪر سمنڊ جي سطح کان ساڍا چار سئو فوٽ مٿي آهن، جتي ڪنهن بہ قسم جي آبادي نہ آهي. انهن مان ڪن ٽڪرن تي اوليائن جون درگاهون آهن.
ايراضي: ايراضيءَ جي لحاظ کان پاڪستان ۾ خيرپور ضلعو سورهين نمبر تي آهي. هن ضلعي جي ڊيگهہ 120 ميل ۽ ويڪر 70 ميل آهي، پر ايراضي سنڌو نديءَ جي پائڻ سبب هميشہ هڪ جهڙي نہ رهندي آهي، جيڪا ڪڏهن وڌندي تہ ڪڏهن گهٽبي رهي آهي. 1874ع ۾ 6109 ميل هئي؛ 1907ع ۾ 6050 ميل؛ 1947ع ۾ 6060 چورس ميل ۽ 1961ع کان وٺي اڄ تائين 6018 چورس ميل رهي آهي. اها سموري ايراضي 1220301 ايڪڙ آهي، جنهن مان 676902 ايڪڙ زمين آباديءَ جي لائق آهي ۽ باقي ايراضي شهرن، ڳوٺن، ٻيلن ۽ واريءَ جي غير آباد دڙن سان والاريل آهي.
انتظامي حصا: انتظامي لحاظ کان خيرپور ضلعو ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، خيرپور سب ڊويزن ۽ ميرواھہ سب ڊويزن. خيرپور سب ڊويزن جو هيڊ ڪوارٽر خيرپور ۽ ميرواھہ سب ڊويزن جو هيڊڪوارٽر ڪوٽڏيجيءَ ۾ آهي. اهي سب ڊويزنون جدا جدا تعلقن ۽ تپن ۾ ورهايل آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي.
(الف) خيرپور سب ڊويزن: هن سب ڊويزن ۾ خيرپور ۽ گنبٽ ٻہ تعلقا آهن، ٻنهي تعلقن جي مشھور شهرن ۽ ڳوٺن جو احوال ڏجي ٿو:
(1) خيرپور تعلقو: هن تعلقي ۾ هيٺيان شھر ۽ ڳوٺ مشھور آهن.
ٻٻر لوءِ: هيءُ هڪ پراڻو شھر آهي ۽ کجيءَ جي باغات کان مشھور آهي. هن شھر جي ٻاهران دونهين ۾ موٽڻ شاھہ ۽ ابراهيم شاھہ جون درگاهون آهن.
ٺيڙهي: هيءُ شھر خيرپور جي اتر اوڀر کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي آهي. هن ۾ رياست جو وڏي ۾ وڏو ديني مدرسو دارالهديٰ آهي، جيڪو سڄي پاڪستان ۾ مشھور آهي. هتي کارڪن جو لکين رپين جو واپار ٿيندو آهي. ناليوارو قومي راڳي سرمد سنڌي ۽ احمد مغل بہ هتان جا آهن.
پريالوءِ: هيءُ هڪ قديم شھر آهي، جيڪو باغات ۽ سبزي کان گهڻو مشھور آهي. هتي سنڌ جي مشھور بزرگن: پير صالح شاھہ، سرائي ۽ مخدوم محمد اسماعيل پريالويءَ جون درگاهون آهن. سوسين جو چڱو واپار ٿيندو آهي.
پير جو ڳوٺ: هيءُ خيرپور کان اولھہ طرف اٽڪل ٻارهن ميلن جي مفاصلي تي پير پاڳارن جو ڳوٺ آهي. هتي 27 رجب ۽ عيدن جي موقعن تي پير پاڳاري جي مريدن جا وڏا اجتماع ٿيندا اهن. واپار جو سٺو مرڪز آهي.
خيرپور شھر: هيءُ شھر خيرپور ضلعي جو هيڊڪوارٽر آهي ۽ شھر جي آدم شماري 25 لک ماڻهن تي مشتمل آهي. خيرپور مير واھہ جي ٻنهي طرفن تي هڪ سھڻي شھر طور آباد آهي ۽ واپار جو وڏو مرڪز آهي. هن شھر ۾ ٽن بزرگن: پير رڪن الدين، ضياءِ الدين ۽ حاجي جعفر شھيد جون مزارون آهن. هتي ريڊيو پاڪستان جي اسٽيشن قائم آهي. هتي شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي ۽ ان جا مختلف ادارا سچل چيئر،شيخ اياز چيئر، روضي ڌڻي چيئر، تنوير عباسي ڪارنر موجود آهن. ان کان سواءِ هن شھر جي سڃاڻپ فيض محمد ٽالپر جو ٺهرايل شاندار فيض محل بہ آهي. خيرپور ۾ سپيريئر سائنس ڪاليج، ممتاز ڪاليج ۽ ٽيڪنيڪل ڪاليج موجود آهن.
لقمان: هيءُ خيرپور کان ٻن ميلن جي پنڌ تي هڪ ننڍڙو شھر آهي، جنهن جو بنياد نواب مير لقمان خان رکيو هو. هتي جنڊيءَ جو سامان تمام سٺو ٺهندو آهي. هن وقت خيرپور جو ئي حصو آهي. ٻنهي حصن کي ريلوي لائين ڌار ڪري ٿي.
(2) گنبٽ تعلقو: هن تعلقي ۾ هيٺيان شھر ۽ ڳوٺ مشھور آهن:
درازا: هيءُ شھر فاروقي بزرگن جي ڪري مشھور آهي، هتي سنڌ جي منصور ثاني، صوفي شاعر حضرت سچل سرمست جي مزار آهي، جتي هر سال رمضان شريف جي چوڏهين تاريخ تي عرس ۽ ميلو وڏي ڌام ڌوم سان ٿيندو آهي. سچل سرمست جي روضي جي سامهون واري پڌر سندس والد جي مزار بہ آهي.
راڻيپور: هيءُ هڪ پراڻو شھر آهي ۽ جيلاني پيرن جي درگاھہ کان مشھور آهي، جتي هر سال ربيع الثاني مهيني جي ٻارهين جو ميلو لڳندو آهي. هتي جون ٺهندڙ چاندنيون مشھور آهن.
کهڙا: هيءُ هڪ قديم شھر آهي، جتي کهڙائي مخدومن ۽ اُڄڻ فقيرن جون مشھور خانقاهون آهن. هي شھر قديم زماني کان وٺي ديني مرڪز رهيو آهي. هتي تمام سٺيون ٽوپيون ٺهنديون آهن.
ڪمال ديرو: کهڙا کان ڪجهہ مفاصلي تي ڳوٺ ڪمال ديري ۾ وقت جي وڏي عالم ۽ بزرگ حضرت غلام محمد مهيسر رح جي خانقاھہ واقع آهي.
گنبٽ: هيءُ تعلقي جو هيڊڪوارٽر آهي. هتي جيلاني پيرن جي وڏي درگاھہ آهي. جتي ربيع الثاني مهيني جي يارهين تاريخ تي ميلو لڳندو آهي. هن شھر ۾ اوائل کان وٺي بھترين کيس ٺهندا آهن.
هنڱورجا: هيءُ هڪ قديم شھر آهي، جتي لڪياري سادات جي درگاھہ آهي. هتي تمام گهڻا کنڊرات ۽ پراڻا آثار آهن. هن وقت واپار جو سٺو مرڪز آهي.
(ب) مير واھہ سب ڊويزن: هن ۾ ڪوٽڏيجي، ميرواھہ، فيض گنج ۽ نارو تعلقا اچي وڃن ٿا. انهن تعلقن جي مشھور شهرن ۽ ڳوٺن جو احوال ڏجي ٿو:
(1) ڪوٽڏيجي تعلقو: هن تعلقي ۾ هيٺيان شھر ۽ ڳوٺ مشھور آهن.
بنگلو: ڪوٽڏيجي شھر کان هڪ ميل پنڌ تي هڪ ننڍڙو شھر ۽ واپار جو سٺو مرڪز آهي. جتي بہ ميرن جي رهائش جون جايون آهن.
جسڪاڻي: هيءُ شاهي رستي تي هڪ ننڍو ڳوٺ آهي، جيڪو ميرن جي صاحبيءَ ۾ خان جسڪاڻي'>دريا خان جسڪاڻي ٻَڌايو هو. هتي هڪ پوليس جي چونڪي بہ قائم آهي.
ڪوٽڏيجي: قديم زماني ۾ هي شھر پراڻي تھذيب جو مرڪز رهيو آهي. هن وقت بہ چڱو شھر آهي، جتي ميرن جا رهائشي بنگلا ڏسڻ جھڙا آهن. انهن کان سواءِ ڪوٽڏيجيءَ جا قديم آثار ۽ ڪوٽڏيجيءَ جو جنگي قلعو بھترين يادگار آهن.
ڪنب: هي بہ هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو آهي، جيڪو ڪراچيءَ واري شاهراھہ ٺھڻ کان پوءِ جلدي اُسريو آهي ۽ واپار جو چڱو مرڪز بڻجي ويو آهي.
(2) مير واھہ تعلقو: هن تعلقي ۾ هيٺيان شھر ۽ ڳوٺ مشھور آهن:
بوزدار وڏا: هتي هڪ پراڻو ڳوٺ آباد آهي. هتي جا ماڙيچا، انگوڇا ۽ ٻيو چڱو ڪپڙو ٺاهيندا آهن.
ٺري: هي تعلقي جو هيڊڪوارٽر آهي. اناج جي چڱي منڊي آهي.
پڪا چانگ: هي چانگن جو هڪ پراڻو ڳوٺ ۽ تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر آهي. ڀريا روڊ اسٽيشن تائين پڪي رستي ٺھڻ کانپوءِ چڱي ترقي ڪري ويو آهي.
سيٺارجا: ٺري ۽هنگورجا شهرن جي وچ تي هڪ پراڻو شھر آهي. هن وقت هتي اناج جو سٺو مرڪز آهي. رئيس عطا محمد خان لنڊ (مرحوم) مشھور پي. ٽي. وي پروڊيوسر سميع بلوچ ۽ نثار احمد لنڊ هتان جا آهن.
(3) فيض گنج تعلقو: هن تعلقي ۾ هيٺيان شھر ۽ ڳوٺ مشھور آهن.
ڀنگو بھڻ: پڪا چانگ جي اولھہ طرف پنجن ميلن جي مفاصلي تي ٻہ ڳوٺ ڀنگو ۽ بھڻ آهن، جيڪي گڏجي هڪ چڱو ڳوٺ بنجي ويا آهن. هتي هاءِ اسڪول هجڻ ڪري فيض گنج تعلقي جا ڪافي ماڻهو تعليم يافتہ ٿي چڪا آهن. هتي جي آدمشماري 795 آهي.
ڪرونڊي: پڪا چانگ جي اوڀر ۾ پنجن ڇھن ميلن جي مفاصلي تي هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي. هتي اناج جي سٺي مارڪيٽ آهي.
(4) نارو تعلقو: هن تعلقي ۾ هيٺيان شھر ۽ ڳوٺ مشھور آهن:
تجل: اڀرندي ناري جي پرئين پاسي ڏيڍ ميل کن جي مفاصلي تي هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو آهي ۽ هي ڳوٺ شاھہ عنايت شھيد جي فرزند مخدوم سلام ﷲ عرف ٿر ڌڻيءَ جي درگاھہ کان مشھور آهي. هتي هر سال ذوالحج مهيني ۾ هڪ فقيراڻو ميلو لڳندو آهي. هتان جو فاقيرو تيل سنڌن جي سُور جو بھترين علاج آهي.
چونڊڪو: هيءُ ناري تعلقي جو وڏي ۾ وڏو ۽ هندڪو ڳوٺ آهي، هتي جا هندو واپاري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ واپار ڪندا آهن. هتي واڻ ۽ گيھہ جو چڱو واپار ٿيندو آهي.
سوراھہ: هيءُ مشھور ڳوٺ آهي جتي ڪي سرڪاري آفيسون آهن، هتان ڪيترن ئي قديم ماڳن تي رستا نڪرن ٿا.
ڦاڙهيارو: هيءُ لغاري بلوچن جو ننڍڙو ڳوٺ آهي، ناري تعلقي جو ٻيو نمبر شھر ليکيو وڃي ٿو. واڻ ۽ گيھہ جو چڱو مرڪز آهي.
(پ) ميراڻا يادگار: هونئن تہ ميرن جا خيرپور شھر ۽ ٻين جڳهن تي ڪيترا باغ ۽ تفريح گاھہ هئا، جتي سير، شڪار ۽ ٻين مشغلن سان دل وندرائي ويندي هئي، پر هيٺيون پنج جڳهيون ذڪر ڪرڻ جي قابل آهن:
آزاد منزل: ديھہ حسين آباد، تعلقي ڪوٽڏيجي ۾ واريءَ جي دڙن جي وچ ۾ هڪ عاليشان بنگلو ۽ ان جي چوڌاري هڪ وڏو باغ لڳل هو. اهو بنگلو ۽ باغ مير علي نواز خان ’ناز‘ ٺهرايو هو. انهيءَ بنگلي جي ڀتين تي بھترين قسم جي چٽسالي ۽ گلڪاري ٿيل هئي. مير صاحب ڪڏهن ڪڏهن اتي اچي آزاد فضا ۾ ڪئمپ ڪندو هو. هن وقت اهو بنگلو ڊهي ويو آهي ۽ باغ بہ اُجڙ ٿي ويو آهي.
دوباغو: خيرپور شھر جي ٻاهران، ميرواھہ جي ڀرسان هڪ بھترين قسم جو باغ هو، جنهن کي دوباغو سڏيندا هئا. هن باغ ۾ هر قسم جا ميويدار وڻ ۽ گل ٻوٽا هوندا هئا. باغ جي لڳ هڪ بھترين بنگلو ٺهيل هوندو هو، جتي انگريزن جو ريزيڊنٽ آفيسر رهندو هو. مير علي مراد خان گهڻو ڪري اتي ڪئمپ ڪندو هو.
ربوءَ جي کڏ: خيرپور شھر جي اوڀر واري پاسي کان هڪ وڏو تلاءَ هوندو هو، جنهن ۾ خيرپور جا شھزادا بتيلن تي چڙهي تفريح ڪندا هئا. تلاءَ جي ٻاهران هڪ وڏو باغ هوندو هو، جنهن کي لکي باغ سڏيندا هئا. ان ۾ هر قسم جا رنگا رنگي گل ۽ ٻوٽا هوندا هئا. هتي عام ماڻهو بہ سير ۽ تفريح لاءِ ايندا هئا. اتي مير علي مراد خان جي هڪ سهري ميان ربنواز خان لوڌيال جو گهر بہ هوندو هو. ربوءَ جي کڏ تي سنڌ جي مشھور ڪهاڻيڪار نسيم کرل جو شاندار مضمون لکيل آهي.
ڪالهوڙي: خيرپور شھر کان ٻہ ٽي ميل اوڀر تي هڪ وڏي ڍنڍ هوندي هئي، جنهن مان بي انداز بھہ، مڇي ۽ لوڙھہ نڪرندا هئا ۽ پکين جو بھترين شڪار بہ ٿيندو هو. ڍنڍ جي ڀرسان لاڳيتو هڪ مهاڙي هوندي هئي، جيڪا هاڻي ختم ٿي چڪي آهي.
ڪاناڻي: هيءُ گنبٽ تعلقي جي شھر راڻيپور کان چئن ميلن جي مفاصلي تي هڪ وڏي ڍنڍ هوندي هئي، جتي بھترين قسم جو شڪار ٿيندو هو. مير علي مراد خان هن ڍنڍ تي گهڻيون منزلون ڪندو هو.
(ج) هاڻوڪيون تفريح گاهون: خيرپور ۾ ماڻهن لاءِ تفريح گاهون تمام گهٽ آهن، تڏهن بہ هيٺين جڳهين جو ذڪر دلچسپيءَ کان خالي ٿيندو.
هز هائينس جا باغيچا: خيرپور شھر جي فيض محل، لال بنگلي ۽ ڪوٽڏيجيءَ جي شاهي محل جي لڳ هز هائينس جا باغيچا آهن، جن ۾ هر قسم جا گل ۽ بھترين ڇٻر جا ٻارا ٺهيل آهن، هتي شاهي خاندان جا ماڻهو ۽ سندن مهمان تفريح حاصل ڪندا آهن.
وڏيري الھداد خان جو باغ: فيض گنج تعلقي جي ڪرونڊي شھر ۾ الھداد خان راڄپر، لاهور واري شاليمار جي نموني تي هڪ ننڍو باغيچو ٺهرايو هو، جنهن ۾ هر قسم جا ديسي ۽ ولايتي گل بھترين چهچٽو پيش ڪن ٿا. هڪ ننڍڙي وستيءَ ۾ اهڙو باغيچو هجڻ هڪ وڏي ڳالھہ آهي.
ڦول باغ: هيءُ خيرپور جي وچ ۾ ميونسپالٽيءَ جي طرفان هڪ ننڍڙو باغيچو ٺهيل هوندو آهي، جتي سياسي ۽ مذهبي جلسا ٿيندا رهندا آهن. شام جو عام ماڻهو اچي تفريح ڪندا آهن. هن باغيچي جي وچ ۾ هڪ ننڍڙي لئبرري بہ آهي.
جيمخانو: هي خيرپور شھر ۾ رياست جي ڪامورن لاءِ هڪ ڪلب آهي، جتي هر قسم جي گهريلو راندين (Indoor Games) جو بندوبست ٿيل آهي. هتي مختلف موقعن تي دعوتون ۽ ادبي تقريبون ٿينديون رهنديون آهن.
اسٽيڊيم ۽ ممتاز گرائونڊ: خيرپور شھر جي اترئين پاسي تي ٻہ وڏا کليل ميدان آهن، جتي شھر جا ماڻهو هاڪي، فوٽ بال، ڪرڪيٽ ۽ ٻيون رانديون ڪري دل وندرائيندا آهن. وڏيون مئچون يا وڏا جلسا بہ انهن ميدانن تي ٿيندا رهندا آهن. سچل اڪيڊمي، سچل سرمست لائبرري ۽ ريڊيو پاڪستان جون عمارتون بہ يادگار آهن.
زبان: خيرپور ۾ سنڌي، سرائڪي، بلوچي ۽ اردو زبانون رائج آهن. ڪثرت سنڌي ۽ سرائيڪي ڳالهائڻ وارن جي آهي. مير فيض محمد خان اول جي زماني تائين هتي سرڪاري زبان فارسي هئي. ان کان پوءِ اڄ تائين سنڌي آهي.
(ر) قديم آثار: خيرپور ۾ تاريخ کان اڳ جي دور جا ڪيترائي يادگار موجود آهن، جن ۾ هيٺيان اهم مقام آهن:
ابل ويسر وارو دڙو: هي جڳھہ ٺريءَ جي ڳوٺ کان ڏيڍ ميل کن جي مفاصلي تي ابل ويسر جي ڳوٺ جي ڀرسان آهي. هيءَ هڪ وڏو دڙو آهي، جيڪو ٺڪراٺي سان ڀريل آهي. اهو دڙو تعلقي ميرواھہ ۾ آهي.
اڻراھہ جي پٽي: هيءَ جڳھہ محراب پور جي شھر ۽ ٽنڊي مير عاليءَ جي وچ تي آهي، جتي ٻن ٽن ميلن ۾ هڪ وڏو ٺڪراٺو آهي، جنهن کي اِڻراھہ جي پٽي سڏيندا آهن. اها پٽي ديھہ محمد اصحابي، تعلقي ميرواھہ ۾ آهي.
باغو ڍوري وارو دڙو: هيءُ دڙو ديھہ باغو ڍوري، تعلقي ميرواھہ ۾ ٺريءَ جي شھر کان پنجن ميرلن جي مفاصلي تي آهي. اتي ڪافي ٺڪراٺو موجود آهي. هن دڙي جي هيٺان ڪيڻ وهائيندي، ٽي پراڻا کوھہ هٿ آيا آهن. هي دڙو ۽ کوھہ شرف الدين پنجابيءَ جي ڳوٺ جي ڀرسان آهن.
ٻوهي وارو ڀڙو: هيءُ ڀڙو ديھہ عثمان ملي، تعلقي فيض گنج ۾ ٻوهي ريسٽ هائوس جي ڀرسان آهي. هتي ڪافي انداز ۾ ٺڪريون نظر اچن ٿيون ۽ ڪجهہ عمارتن جا نشان ملن ٿا.
ترائيءَ وارو دڙو: هيءُ دڙو ديھہ تارئي تعلقي فيض گنج ۾ آهي. هتي ڳاڙهي واري ۽ ٺڪراٺو آهي. هتي برسات جي موسم ۾ وڏا کنڀ ڦٽندا آهن ۽ موقعي سان ڪجهہ پڪل مٽي ۽ پٿر جا رانديڪا بہ هٿ ڪندا آهن.
ٽاريءَ وارو ٺڪراٺو: هيءُ ٺڪراٺو علي اصحابي جي تربت کان ڏيڍ ميل کن جي مفاصلي تي ديھہ بصيرو ۾ آهي. اتان جي ماڻهن پنهنجن وڏن کان ٻڌل روايت موجب ڳالھہ ڪئي تہ ڪنهن زماني ۾ اتان درياھہ وهندو هو ۽ اتي هڪ مياڻي هوندي هئي. اڄڪلھہ ان جڳھہ کي ٽاريءَ وارو ٺڪراٺو سڏيندا آهن.
ٺاروءَ وارو دڙو: هيءَ جڳھہ ٽنڊي مستي خان ۽ ڪوٽڏيجيءَ جي رستي جي ڀرسان، ڪوٽڏيجيءَ کان ستن ميلن جي مفاصلي تي آهي. هيءُ هڪ واريءَ جو دڙو آهي، جنهن جي ڊيگهہ پنجويھہ سئو فوٽ، ويڪر پندرهن سئو فوٽ ۽ اوچائي پنجويھہ فوٽ آهي. هن تي ڪافي ٺڪراٺو آهي. هتان ڌنارن جي هٿان لڌل ٺڪريون ۽ ڪجهہ ٺڪر جا ٿانوَ پراڻي تھذيب جي نشاندهي ڪن ٿا. سن 1935ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ جي هڪ پروفيسر ڊاڪٽر گهوري (Ghury) هي دڙو ڏسي ٻڌايو هو، هيءُ دڙو ۽ ڪوٽڏيجيءَ جو دڙو ٻئي همعصر ۽ پراڻي تھذيب جا يادگار آهن ۽ اتان هٿ آيل ٺڪريون ۽ برتن موهن جي دڙي مان لڌل شين سان مشابهت رکن ٿا.
پاڻيءَ وارو ڀڙو: هيءُ ڀڙو بہ فيض گنج، تعلقي جي سرحد تي ناري تعلقي ۾ آهي. اڳ هن جي چوڌاري هيٺاهينءَ ۾ برسات جو پاڻي ڪافي وقت تائين بيٺو هوندو هو ۽ مير هن دڙي تي کڏڻا ٺاهي، هرڻن جو شڪار ڪندا هئا. هي دڙو بہ اڌ ميل کن جي ايراضي والاري ٿو، جيڪا ٺڪراٺي سان ڀريل آهي.
پٽ وارو ڀڙو: هيءُ ڀڙو ديھہ بصيرو تعلقي فيض گنج ۾ پَٽ واري ويري ۾ آهي، چئن پنجن ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ ڪافي ٺڪراٺو آهي. اتان جي ماڻهن جي روايت موجب اتي بہ ڪنهن زماني ۾ هڪ وڏي مياڻي هوندي هئي. اهو دڙو حاجي معلوم خان راڄپر جي ڳوٺ جي ڀرسان آهي.
درگا جو دڙو: هيءُ ديھہ اڪڙيءَ ۾ محمد طفيل پنجابيءَ جي زمين ۾ هڪ وڏو دڙو آهي، جتان ڪجهہ رنگين ٺڪريون ۽ ٽامي جا سڪا ماڻهن کي هٿ آيا هئا. اتان جي ماڻهن جو وهم آهي تہ انهيءَ دڙي ۾ دنيا پوريل آهي، جنهن جي حفاظت هڪ وڏو نانگ ۽ ڪجهہ ديو ڪري رهيا آهن. انهيءَ دڙي کي سڌو ڪري پوک ڪرڻ جي ڪوشش بہ ڪئي وئي آهي، پر اتفاق اهڙو ٿيو آهي، جو هڪ ٻہ دفعا ٽرئڪٽر جي چين ٽٽي پئي آهي، تنهنڪري ماڻهن جي وهم ۾ ويتر اضافو آيو آهي.
درن جي پير وارو دڙو: هيءُ دڙو ديھہ جلباڻي، تعلقي ميرواھہ ۾ آهي. هيءَ هڪ وڏي ڀٽ آهي، جنهن جي ڀرسان هڪ پراڻو قبرستان آهي، جنهن کي درن واري پير جو مقام سڏيندا آهن. اتي ڪافي ٺڪراٺو موجود آهي.
سانٺ وارو دڙو: هيءُ دڙو فيض گنج، تعلقي جي سرحد سان ناري تعلقي ۾ آهي. هن جي پاسن کان ترائيءَ ۾ ڪافي گاھہ ڦٽندو آهي. سڄو دڙو ٺڪراٺي سان ڀريل آهي.s
ستھہ وارو دڙو: هيءُ ديھہ کنياري، تعلقي فيض گنج ۾ ستھہ واري ويري ۾ هڪ وڏو ڀڙو هوندو هو، جنهن جو گهڻو حصو ماڻهن آباديءَ هيٺ آڻي ڇڏيو آهي. هاڻي بہ پنجن ڇھن ايڪڙن ۾ هڪ وڏو ٺڪراٺو موجود آهي. ڏھہ سال کن اڳ هن ڀڙي جي ڀرسان وڏيري سوڀاري خان ٻانڀڻ جي هارين هر ڪاهيندي، هڪ هڏائون پڃرو لڌو هو، جيڪو ان جڳھہ جي ڀرسان ٻيهر دفن ڪري ڇڏيائون. ماڻهن چواڻي لاش جا هڏا عام ماڻهن جي هڏن کان وڏا ۽ مضبوط هئا. هن دڙي مان بہ ڪجهہ رنگين ٺڪريون هٿ ڪري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ محفوظ ڪيون ويون آهن. هتان ڪجهہ ماڙيچن ٺڪر جا وڏا مٽ بہ لڌا هئا، جيڪي هنن ڀڃي ڀوري ڇڏيا.
سيراج جي ٽڪري: هيءَ جڳھہ ڪوٽڏيجيءَ کان چئن ميلن جي مفاصلي تي اڀن شاھہ جي سامهون آهي. هن کي سيراج جي ٽڪري سڏيندا آهن. اتي بہ ڌنارن جي هٿان لڌل شيون ڏسي مير علي نواز خان ’ناز‘ 1935ع ۾ کوٽائيءَ جو ڪم شروع ڪرايو هو، پر ان وقت پئسي جي تنگيءَ ۽ مهارت رکندڙ عملي جي ڪميءَ سبب اهو ڪم ڪنهن نتيجي نڪرڻ کانسواءِ رڪجي ويو.
1 سيپٽمبر 1955ع تي قديم آثارن جي محڪمي وارن هن دڙي جو معائنو ڪيو هو. هنن ڪجهہ کوٽائي ڪري اندازو لڳايو هو تہ اهو ٺڪراٺو صرف ڇھن انچن اندر آهي. هن مان ڪجهہ ٺڪر جا ٿانوَ بہ لڌا ويا هئا، جيڪي هڙپا واري تھذيب سان مشاهبت رکن ٿا. هن دڙي ۾ ڪي عمارتون وغيرہ نہ آهن.
ماهرن جو خيال اهي تہ هتي هڙپا وارن عارضي طور تي ڪجهہ وقت رهائش ڪئي هوندي.
شھيدن وارو ٺڪراٺو: هيءُ شير بيگ خان مري ۽ ڏيرو ڳوٺن جي وچ تي، فيض گنج تعلقي ۾ هڪ دڙو آهي. جنهن جي ڀرسان ٻہ پراڻيون تربتون آهن، جن جي متعلق اتان جا ماڻهو چون ٿا تہ سيد علي تقي ۽ سيد محمد شفيع جون آهن. ان دڙي تي ٺڪراٺي سان گڏ هڪ کوهي ۽ جاين جا ڪجهہ نشان بہ موجود آهن.
شير شاھہ جا مسافرخانا: ديھہ سيٺارجا، تعلقي ميرواھہ ۾ ڀنڀرن جي ڳوٺ ڏانهن ويندي هڪ پراڻو پپر نظر ايندو، جنهن متعلق چيو وڃي ٿو تہ ان جي هيٺيان نادر شاھہ ايراني منزل ڪئي هئي. ان ڏينهن کان وٺي انهيءَ پپر کي سماج وارو پپر سڏيندا آهن. ان پپر جي اتر ۾ سڏ کن پنڌ تي هڪ دڙو آهي، جنهن کي شير شاھہ جا مسافرخانا سڏيو وڃي ٿو. اهو دڙو پراڻي شاهراھہ عرف تار واري سڙڪ جي ڪناري تي آهي.
علي اصحابو وارو دڙو: هيءُ دڙو ديھہ جاکيري، تعلقي فيض گنج ۾ سھڻ واري ويري ۾ آهي. علي اصحابي نالي هڪ بزرگ جي تربت بہ آهي. انهيءَ جي ڀرسان هڪ جڳھہ تان کوٽائي ٿيل آهي ۽ ڪنهن نڪتل ديڳ جا نشان اچي رهيا آهن. ان جاءِ تي ڪچين سرن جي اوساري ٿيل آهي. انهن سرن تي چيڪي مٽيءَ جا وڏا تھہ چڙهيل آهن. انهيءَ جاءِ جي سامهون هڪ وڏي ڀِت ميل کن جي ايراضيءَ ۾ آهي، جنهن تي ڪافي انداز ۾ ٺڪراٺو موجود آهي. اتان بہ ڪجهہ رنگين چٽن واريون ٺڪريون هٿ ڪري سنڌالاجيءَ ۾ محفوظ ڪيون ويون آهن.
ڪوٽڏيجيءَ جو دڙو: هيءُ دڙو ڪوٽڏيجيءَ جي قلعي جي اتر طرف کان ڪراچيءَ واري شاهراھہ جي ڀرسان آهي. هن دڙي ۾ دفن ٿيل تھذيب جي نشاندهي 1935ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ جي هڪ اسڪالر ماڌو سروپ ڪئي هئي. سندس خيال موجب اها تھذيب تاريخ کان اڳ واري زماني جي هئي. ان کان پوءِ 1955ع ۾ قديم آثار جي محڪمي، نومبر مهيني ۾ کوٽائيءَ جو ڪم شروع ڪيو. وري سال 1957ع ۾ آڪٽوبر، نومبر ۽ ڊسمبر جا ٽي مهينا ٻيهر کوٽائيءَ ڪرائي وئي. انهيءَ کوٽائيءَ جي ڪم لاءِ مير علي مراد خان ثانيءَ جي طرفان ويھہ هزار روپين جو عطيو ڏنو ويو.
کوٽائيءَ مان جيڪي شيون هٿ آيون، تن کي ڏسي قديم آثار جي ماهرن اندازو لڳايو تہ ڪوٽڏيجيءَ جي تھذيب موهن جي دڙي واري تھذيب کان 700 سال پراڻي آهي. انهيءَ دڙي جي ڊيگهہ اوڀر کان اولھہ طرف تي ڇھہ سئو فوٽ، ويڪر چار سئو فوٽ ۽ اوچائي چاليھہ فوٽ آهي.
هي شھر ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ حصي ۾ عام ماڻهو رهندا هئا ۽ ٻئي حصي ۾ هڪ عاليشان قلعو آهي، جنهن ۾ حڪمران طبقي جي رهڻ جون جايون آهن. انهيءَ قلعي مان شھر جي حفاظت بہ ڪئي ويندي هئي. قلعي جي ٻاهران هڪ وڏي ۽ ويڪري ڀِت نڪتل آهي.
هن دڙي مان ظاهر ٿيل قلعو شھر جون جايون پٿر جا اوزار، هٿيار ۽ مٽيءَ جا ٿانوَ هڪ محقق جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائين ٿا. انهن جي بناوت مان ماهرن اندازو لڳايو آهي تہ هيءُ شھر سنڌ جي انهن ابتدائي شهرن مان آهي، جتي مهذب زندگيءَ جو آغاز ٿيو هوندو. هن شھر جي تباهيءَ متعلق بہ ماهرن جو خيال آهي تہ ڪن ٻاهران آيل ماڻهن ان شھر تي حملو ڪري باھہ ڏني هجي ڇا ڪاڻ تہ شھر جي قديم آثارن ۾ سڙيل خاڪ جا تھہ ڄميل نظر اچن ٿا.
دڙي جي کوٽائيءَ مان هن ڳالھہ جو پڪو ثبوت مليو آهي تہ هتان جا ماڻهو امن امان جي زندگي بسر ڪندا هئا ۽ مختلف ڌنڌن ۾ مشغول رهندا هئا. ڪنڀارڪو ڪم ڪمال ترقيءَ تي پهچي چڪو هو. برتن چيڪي مٽيءَ مان چڪ ٺاهيندا هئا. پٿر جا اوزار ۽ هٿيار بہ وڏيءَ مهارت سان تيار ڪندا هئا.
گرهڙ جو ڪوٽ: هيءُ هڪ تمام پراڻو ۽ ڦِٽل ڪوٽ، ناري تعلقي ۾ هڪ دڙي تي آهي، جنهن لاءِ اتي جا ماڻهو هن ڪوٽ متعلق هيٺيون بيت پنهنجن وڏن کان ٻڌندا رهيا آهن:
ماڻهن جي مٽي، سرنهن جو گارو،
هيءُ ڪوٽ تڏهن ٺهيو، جڏهن سڪندر جو وارو.
ڳاڙو ڀڙو: هيءُ ڀڙو ديھہ ڪرم خان راڄپر، تعلقي فيض گنج ۾ بهڻن واري ويري ۾، خير محمد بھڻ جي ڳوٺ جي ڀرسان آهي. ڳاڙهي رنگ جي واريءَ جو هڪ وڏو دڙي اڌ ميل کن ايراضيءَ ۾ آهي. هتي بہ ڪافي ٺڪراٺو آهي ۽ برسات جي موسم ۾ ڌنار مٽي ۽ پٿر جا انيڪ رانديڪا هٿ ڪندا آهن.
لاکرنڊ: هيءُ بہ هڪ وڏو ڀڙو آهي، جيڪو فيض گنج تعلقي جي ديھہ گتيري ۾ ڳوٺ ”مامتر جو بنگلو“ جي ڀرسان واقع آهي. هن ڀڙي کي لاکرنڊ سڏيندا آهن، جيڪو ميل کن جي ايراضيءَ ۾ آهي ۽ ٺڪرين سان ڀريل آهي.
لهيري وارو دڙو: هيءُ دڙو ديھہ نئون لهيرو، تعلقي فيض گنج ۾ آهي. هن دري جي ايراضي تقريباً ميل کن ٿيندي. هتان ماڻهن کي ڪافي سرون ۽ سڪا هٿ آيا آهن. ڪجهہ سال اڳ ماڻهن کوٽائي ڪندي هڪ جڳھہ لڌي هئي، جنهن ۾ ٻہ ڏاند جوٽيا بيٺا هئا ۽ ان جڳھہ جي هڪ جاري ۾ هڪ لڪڻ رکيو هو، پر جڏهن انهن شين کي هٿ لاٿو ويو، تڏهن هڪدم ڀُري ۽ مٽي ٿي ويون. انهيءَ دڙي مان امير بخش پاتي نالي هڪ ماڻهو سرون ڪڍي، پنھنجي جاءِ تعمير ڪرائي آهي، جيڪا اڃا تائين سلامت بيٺي آهي.
ليلا جا آتڻ: هي جڳھہ ديھہ اڪڙي، تعلقي فيض گنج ۾ آهي۽ اڪڙيءَ جي ڳوٺ کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي آهي. هتي ٻن ميلن کن جي ايراضيءَ ۾ هڪ وڏو ٺڪراٺو آهي، جنهن جو ڪجهہ حصو نوابشاھہ ضلعي جي حد اندر اقبال اسٽيٽ ۾ واقع آهي. هتان ڪجهہ ٺڪريون ۽ هڪ ٺڪر جي مورتي هٿ آئي آهي. اهي شيون سنڌالاجيءَ ۾ محفوظ آهن. هن جڳھہ کي ليلا جا آتڻ سڏيندا آهن.
مامڙي ۽ ڪرنجڙي جا ڪوٽ: هي بہ ناري تعلقي ۾ وڏا ڀڙا آهن. اُتان جي ماڻهن جو چوڻ آهي تہ هو پنھنجي ستن اٺن پيڙهين کان ٻڌندا آيا آهن تہ تمام اوائلي زماني جا آهن. هن ڪوٽن بنسبت هيءَ بيت بہ مشھور آهي:
گرهڙ ڪئي گوڙ، مامڙي ڏني مام،
وچئون پئي سام، ڪرنجڙي ڪوٽ اڏايو.
ننڍا آتڻ: هيءَ جڳھہ اڪڙيءَ جي ڳوٺ کان ڏيڍ ميل کن پنڌ تي ديھہ تيلاهو، تعلقي ميرواھہ ۾ آهي. اتي ٻن ويسن جي ايراضيءَ ۾ هڪ دڙو آهي، جيڪو پراڻين ٺڪرين ۽ پڪين سرن سان ڀريل آهي. انهيءَ جڳھہ کي ليلا جا ننڍا آتڻ سڏيندا آهن.
وستڙن جي ڀٽ: هيءَ ڀٽ ديھہ حسين پاتي، تعلقي فيض گنج ۾ آهي، مٿس ڪافي ٺڪراٺو موجود آهي. هتان جي ماڻهن ڪجهہ سرون بہ هٿ ڪيون آهن، جيڪي هڪ وڏيءَ کٽ جيڏيون آهن.