خيرپور

خيرپور

خيرپور

خيرپور

خيرپور اسٽيٽ جو مونوگرام

خيرپور اسٽيٽ جو مونوگرام

دستاويز

دستاويز

خيرپور

خيرپور

حضرت روضي ڌڻي جي درگاهه (پير ڳوٺ)

حضرت روضي ڌڻي جي درگاهه (پير ڳوٺ)

درگاهه حضرت سچل سرمست (درازا)

درگاهه حضرت سچل سرمست (درازا)

خيرپور جو مشهور فيض محل

خيرپور جو مشهور فيض محل

ڪوٽ ڏيجيءَ جو قلعو

ڪوٽ ڏيجيءَ جو قلعو

خيرپور ۾ قائم شاهه لطيف يونيورسٽي

خيرپور ۾ قائم شاهه لطيف يونيورسٽي

ڪوٽ ڏيجيءَ جو دڙو

ڪوٽ ڏيجيءَ جو دڙو

خيرپور 1

خيرپور: خيرپور، ٽالپر گهراڻي جي حڪومت دوران ’چؤياري‘ جي اهم رياست رهي آهي، جيڪا هن وقت سنڌ جو اهم ضلعو ۽ شهر آهي. هيءُ علائقو کجين ۽ پيرن جي ڪري گهڻو مشهور آهي. سڄي پاڪستان ۾ کجيءَ جي سڀ کان گهڻي پيداوار هن ضلعي ۾ ٿئي ٿي. هيءُ ضلعو سنڌو نديءَ جي ڪپ تي آهي. ڏکڻ سنڌ جو پاڻي ناري ۽ روهڙي ڪئنالن جي ذريعي خيرپور مان گذري ٿو. سنڌ تي عربن جي قبضي کان اڳ هيءُ ’بوئر‘ نالي سان هڪ ننڍي ڳوٺ جي صورت ۾ آباد هو، جيڪو اروڙ جي حدن ۾ راءِ گهراڻي ۽ برهمڻ گهراڻي جي حڪومتن هيٺ رهيو. ان کان پوءِ عربن، سمن، سومرن، مغلن، ارغونن، ترخانن ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ به هن ڳوٺ/ شهر جي موجودگي ملي ٿي.
ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي وچ ۾ هالاڻيءَ واري فيصلي ڪن جنگ، سال 1781ع ۾ لڳي، جنهن بعد ڪلهوڙن جي آخري شهنشاهه عبدالنبي ڪلهوڙي ۽ ان جي غير ملڪي اتحادي افغانين کي شڪست ملي ۽ سندس حڪومت ختم ٿي، نتيجي ۾ سنڌ تي ٽالپرن جي حڪومت قائم ٿي. هالاڻيءَ جي معرڪي ۾ مير فتح علي خان ٽالپر سان ٻه ساٿي: مير سهراب خان ٽالپر ۽ مير ٺارو خان ٽالپر گڏ هئا. هالاڻيءَ جي جنگ ۾ فتح کان پوءِ مير فتح علي خان ٽالپر حڪومت جون واڳون سنڀاليون. حڪومت کي ٿورو ئي عرصو گذريو ته ميرن جا پاڻ ۾ اختلاف ٿي پيا. مير فتح علي خان سنڌ کي ستن حصن ۾ ورهائي، چار حصا پاڻ کنيا، ٻه حصا مير سهراب خان کي ۽ هڪ حصو مير ٺاري خان کي ڏنائين. اهڙيءَ ريت سنڌ انتظامي طور ٽن رياستن ۾ ورهائجي وئي، جنهن تحت خيرپور رياست جي حڪمراني مير سهراب خان جي هٿ هيٺ آئي. مير سهراب خان خيرپور ۾ اچي پنهنجي رياست ۾ حڪومت ڪرڻ لڳو. خيرپور شهر 1783ع تائين هڪ ڳوٺ جي صورت ۾ موجود هو، جتي بوراوا ذات جا ماڻهو ڦلپوٽن جون ٻنيون آباد ڪندا هئا، جنهنڪري خيرپور کي بوراهڻ، ٻوراهن واري وانڍ ۽ ٻورن واري خيرپور به سڏيندا هئا. مير سهراب خان خيرپور کي 1786ع ۾ خيرپور کي پنهنجو تخت گاهه بنايو. جنهن کي پنهن جو جهنڊو، فوج ۽ ٽپال جون ٽڪليون هيون. مير سهراب خان کان پوءِ خيرپور تي مير رستم ٽالپر، مير علي مراد ٽالپر ۽ پوءِ مير فيض محمد ٽالپر ۽ مير امام بخش ٽالپر حڪمران ٿيا. مير سهراب خان رياست ’خيرپور‘ جون حدون، اتر ۾ ڪشمور ۽ ڪوٽ سبزل تائين، اولهه ۾ ڪچيءَ ۽ گنڌا واهه تائين، ڏکڻ ۾ نوشهري فيروز تائين ۽ اوڀر ۾ جيسلمير تائين پکڙيل هيون، 1843ع ۾ مياڻي جي جنگ ۾ برتري حاصل ڪرڻ کانپوءِ انگريزن خيرپور جي رياست جو حاڪم مير علي مراد خان کي رهڻ ڏنو. ڪجهه عرصي کانپوءِ انگريزن پنهنجي ئي وفادار مير علي مراد خان ٽالپر تي ڪميشن ويهاري کانئس سڄي رياست کسي کيس فقط موجوده خيرپور ضلعي وارو حصو رياست طور ڏنو ويو. 1938ع ڌاري خيرپور برطانيا شهنشاهيت جي اثر هيٺ اچي وئي ۽ هندستان جي ٻين راجائي رياست وانگر هڪ الڳ راجائي رياست PRINCELY STATE سڏجڻ لڳي. ورهاڱي وقت هر رياست جي حڪمران کي اهو حق ڏنو ويو ته هو پنهنجي مرضي موجب آزاد، خودمختيار رهي يا هندستان، پاڪستان مان ڪنهن به ملڪ ۾ شامل ٿئي. 1947ع کانپوءِ برصغير جون اڪثر شهنشاهي رياستون هندستان ۽ پاڪستان ۾ شامل ٿي ويون پر 3 آڪٽوبر 1947ع تي پاڪستان جي نئين گورنر جنرل محمد علي جناح ۽ مير علي مراد خان ٽالپر ثانيءَ جي وچ ۾ معاهدو ٿيو، جنهن کي (Instrument of Accession) سڏيو ويو. ان معاهدي تحت رياست جا پرڏيهي معاملن سميت دفاع ۽ رابطي ڪاري جا معاملا پاڪستان ۽ باقي رياستي معاملا رياست جي ٽالپر حڪمران وٽ رهڻ ڏنا ويا. جڏهن ته خيرپور رياست جي آزادي، خودمختياري جي پڻ ضمانت ڏني وئي. 1950ع ۾ خيرپور رياست جون پهريون ڀيرو جمهوري چونڊون ٿيون ۽ ’خيرپور ليجسليٽو اسيمبلي‘ قائم ٿي. جنهن جو افتتاح مير علي مراد خان جي ويجهي دوست ۽ پاڪستان جي پهرين وزير اعظم لياقت علي خان ڪيو. ان عرصي دوران خيرپور رياست اندر شهرين کي نئين ملڪ پاڪستان جي نسبت وڌيڪ سهولتون ميسر رهيون، جنهن ۾ طبي سهولتن کان ويندي مفت طبي مشورا، دوائون، کاڌو وغيره رياست پاران ڏنو ويندو هو. مقامي ڊاڪٽرن سان گڏ پرڏيهي ڊاڪٽرن کي رياست ۾ گهرائي ماڻهن جي علاج کي بهتر بنائڻ لاءِ قدم کنيا ويا. رياست جي مجموعي پيداوار مان 22 سيڪڙو رقم تعليم لاءِ مختص ڪئي وئي. خاص طور يورپ مان استادن جي تربيت لاءِ انسٽرڪٽر آندا ويا ۽ پرائمري کان ويندي مئٽرڪ تائين مفت تعليم ڏني ويندي رهي. ضرورتمند شاگردن کي راشن کان ويندي ڪتابن، ڪپڙن، رهڻ ڪرڻ جو خرچ رياست پاران ميسر ڪري ڏنو ويندو هو. ان کان علاوه تعليم بالغان لاءِ مخصوص اسڪول قائم ڪرڻ سميت عورتن جي تعليم لاءِ جرمني مان ليڊي ٽيچرز جي سرپرستي ۾ اسڪول کوليا ويا. ان دوران رياست ۾ امن امان رهيو ۽ مير علي مراد خان يورپ جا دورا ڪري صنعتڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مشينري جو انتظام ڪيو. جنهن سان خيرپور رياست معاشي طور مستحڪم ٿي. 1951ع جي عرصي کانپوءِ خيرپور رياست کي پاڪستان ۾ ضم ڪرڻ لاءِ زور وڌو ويو ۽ نيٺ 1955ع ۾ رياست جي والي مير علي مراد ٽالپر کي شاهي مراعتون ڏيڻ جي عهد نامي بعد خيرپور رياست جي ’آزاد رياست‘ واري حيثيت ختم ڪري ان کي پاڪستان ۾ ضم ڪيو ويو. ان کان پوءِ خيرپور سنڌ جو هڪ اهم شهر بڻجي ويو ۽ هن وقت خيرپور رياست کي ضلعي جي حيثيت حاصل آهي.
خيرپور جو اڌ کان وڌيڪ حصو ريگستاني/ وارياسو علائقو آهي، جتي واريءَ جون وڏيون ڀِٽون پکڙيل آهن. انهن ڀِٽن جو سلسلو بهاولپور رياست جي چولستان جي علائقي کان شروع ٿي سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي ۽ ڪڇ جي رڻ سان وڃي لڳي ٿو، هن وقت اهو سڄو علائقو هڪ غيرآباد ريگستان آهي، جيڪو هڪ پراڻي تهذيب جو گهَوارو آهي، ڇو جو انهن غيرآباد ڀٽن ۾ ڪيترا ٺڪراٺا نظر اچن ٿا، جيڪي پراڻي دور جي خوشحالي ۽ آسودگيءَ جي ساک ڀرين ٿا. خيرپور ضلعو، سنڌو نديءَ ۽ راجپوتانا جي رڻ جي وچ ۾آهي، جنهن کي اڀرندو نارو ۽ ٻيا واهه، سکر بئراج وٽان وهي آباد ڪن ٿا، هن خطي جي زمين جدا جدا جڳهين تي مختلف حالتن واري آهي ڪٿي ساوڪ آهي، ڪٿي واريءَ جا دڙا آهن، ڪٿي نوان شهر ۽ ڳوٺ آباد آهن، ته ڪٿي تاريخ کان اڳ واري دور جا دڙا موجود آهن.
جاگرافيائي بيهڪ: بيهڪ جي لحاظ کان خيرپور سنڌ جي دل آهي. خيرپور "60 '31 27 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ ۽ "00 46 68 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقعو آهي. موجوده خيرپور ضلعي جون حدون اتر ۾ سکر، اولهه ۾ لاڙڪاڻي ۽ ڏکڻ ۾ سانگهڙ ضلعن سان ملن ٿيون. هيءُ ضلعو اوڀر کان وري جوڌپور ۽ جيسلمير رياستن سان ملي ٿو ۽ هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ حد قائم ڪري ٿو. خيرپور جي اتر اولهه واري سرحد جي پاسي کان 80 ميلن تائين سنڌو نديءَ جو وهڪرو آهي، جنهن مان سکر وٽان خيرپور جي آباديءَ لاءِ ٻه واهه، مير واهه ۽ ابل واهه نڪرن ٿا. ڏکڻ کان روهڙيءَ ڏانهن ٽڪرن جي قطار ارڙهن ميلن تائين پکڙيل آهي، جنهن کي گهاڙ وارا ٽڪر سڏين ٿا. اهي ٽڪر سمنڊ جي سطح کان ساڍا چار سئو فوٽ مٿي آهن، جتي ڪنهن به قسم جي آبادي نه آهي. انهن مان ڪن ٽڪرن تي اوليائن جون درگاهون آهن.
ايراضي: ايراضيءَ جي لحاظ کان پاڪستان ۾ خيرپور ضلعو سورهين نمبر تي آهي. هن ضلعي جي ڊيگهه 120 ميل ۽ ويڪر 70 ميل آهي، پر ايراضي سنڌو نديءَ جي پائڻ سبب هميشه هڪ جهڙي نه رهندي آهي، جيڪا ڪڏهن وڌندي ته ڪڏهن گهٽبي رهي آهي. 1874ع ۾ 6109 ميل هئي؛ 1907ع ۾ 6050 ميل؛ 1947ع ۾ 6060 چورس ميل ۽ 1961ع کان وٺي اڄ تائين 6018 چورس ميل رهي آهي. اها سموري ايراضي 1220301 ايڪڙ آهي، جنهن مان 676902 ايڪڙ زمين آباديءَ جي لائق آهي ۽ باقي ايراضي شهرن، ڳوٺن، ٻيلن ۽ واريءَ جي غير آباد دڙن سان والاريل آهي.
انتظامي حصا: انتظامي لحاظ کان خيرپور ضلعو ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، خيرپور سب ڊويزن ۽ ميرواهه سب ڊويزن. خيرپور سب ڊويزن جو هيڊ ڪوارٽر خيرپور ۽ ميرواهه سب ڊويزن جو هيڊڪوارٽر ڪوٽڏيجيءَ ۾ آهي. اهي سب ڊويزنون جدا جدا تعلقن ۽ تپن ۾ ورهايل آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي.
(الف) خيرپور سب ڊويزن: هن سب ڊويزن ۾ خيرپور ۽ گنبٽ ٻه تعلقا آهن، ٻنهي تعلقن جي مشهور شهرن ۽ ڳوٺن جو احوال ڏجي ٿو:
(1) خيرپور تعلقو: هن تعلقي ۾ هيٺيان شهر ۽ ڳوٺ مشهور آهن.
ٻٻر لوءِ: هيءُ هڪ پراڻو شهر آهي ۽ کجيءَ جي باغات کان مشهور آهي. هن شهر جي ٻاهران دونهين ۾ موٽڻ شاهه ۽ ابراهيم شاهه جون درگاهون آهن.
ٺيڙهي: هيءُ شهر خيرپور جي اتر اوڀر کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي آهي. هن ۾ رياست جو وڏي ۾ وڏو ديني مدرسو دارالهديٰ آهي، جيڪو سڄي پاڪستان ۾ مشهور آهي. هتي کارڪن جو لکين رپين جو واپار ٿيندو آهي. ناليوارو قومي راڳي سرمد سنڌي ۽ احمد مغل به هتان جا آهن.
پريالوءِ: هيءُ هڪ قديم شهر آهي، جيڪو باغات ۽ سبزي کان گهڻو مشهور آهي. هتي سنڌ جي مشهور بزرگن: پير صالح شاهه، سرائي ۽ مخدوم محمد اسماعيل پريالويءَ جون درگاهون آهن. سوسين جو چڱو واپار ٿيندو آهي.
پير جو ڳوٺ: هيءُ خيرپور کان اولهه طرف اٽڪل ٻارهن ميلن جي مفاصلي تي پير پاڳارن جو ڳوٺ آهي. هتي 27 رجب ۽ عيدن جي موقعن تي پير پاڳاري جي مريدن جا وڏا اجتماع ٿيندا اهن. واپار جو سٺو مرڪز آهي.
خيرپور شهر: هيءُ شهر خيرپور ضلعي جو هيڊڪوارٽر آهي ۽ شهر جي آدم شماري 25 لک ماڻهن تي مشتمل آهي. خيرپور مير واهه جي ٻنهي طرفن تي هڪ سهڻي شهر طور آباد آهي ۽ واپار جو وڏو مرڪز آهي. هن شهر ۾ ٽن بزرگن: پير رڪن الدين، ضياءِ الدين ۽ حاجي جعفر شهيد جون مزارون آهن. هتي ريڊيو پاڪستان جي اسٽيشن قائم آهي. هتي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۽ ان جا مختلف ادارا سچل چيئر،شيخ اياز چيئر، روضي ڌڻي چيئر، تنوير عباسي ڪارنر موجود آهن. ان کان سواءِ هن شهر جي سڃاڻپ فيض محمد ٽالپر جو ٺهرايل شاندار فيض محل به آهي. خيرپور ۾ سپيريئر سائنس ڪاليج، ممتاز ڪاليج ۽ ٽيڪنيڪل ڪاليج موجود آهن.
لقمان: هيءُ خيرپور کان ٻن ميلن جي پنڌ تي هڪ ننڍڙو شهر آهي، جنهن جو بنياد نواب مير لقمان خان رکيو هو. هتي جنڊيءَ جو سامان تمام سٺو ٺهندو آهي. هن وقت خيرپور جو ئي حصو آهي. ٻنهي حصن کي ريلوي لائين ڌار ڪري ٿي.
(2) گنبٽ تعلقو: هن تعلقي ۾ هيٺيان شهر ۽ ڳوٺ مشهور آهن:
درازا: هيءُ شهر فاروقي بزرگن جي ڪري مشهور آهي، هتي سنڌ جي منصور ثاني، صوفي شاعر حضرت سچل سرمست جي مزار آهي، جتي هر سال رمضان شريف جي چوڏهين تاريخ تي عرس ۽ ميلو وڏي ڌام ڌوم سان ٿيندو آهي. سچل سرمست جي روضي جي سامهون واري پڌر سندس والد جي مزار به آهي.
راڻيپور: هيءُ هڪ پراڻو شهر آهي ۽ جيلاني پيرن جي درگاهه کان مشهور آهي، جتي هر سال ربيع الثاني مهيني جي ٻارهين جو ميلو لڳندو آهي. هتي جون ٺهندڙ چاندنيون مشهور آهن.
کهڙا: هيءُ هڪ قديم شهر آهي، جتي کهڙائي مخدومن ۽ اُڄڻ فقيرن جون مشهور خانقاهون آهن. هي شهر قديم زماني کان وٺي ديني مرڪز رهيو آهي. هتي تمام سٺيون ٽوپيون ٺهنديون آهن.
ڪمال ديرو: کهڙا کان ڪجهه مفاصلي تي ڳوٺ ڪمال ديري ۾ وقت جي وڏي عالم ۽ بزرگ حضرت غلام محمد مهيسر رح جي خانقاهه واقع آهي.
گنبٽ: هيءُ تعلقي جو هيڊڪوارٽر آهي. هتي جيلاني پيرن جي وڏي درگاهه آهي. جتي ربيع الثاني مهيني جي يارهين تاريخ تي ميلو لڳندو آهي. هن شهر ۾ اوائل کان وٺي بهترين کيس ٺهندا آهن.
هنڱورجا: هيءُ هڪ قديم شهر آهي، جتي لڪياري سادات جي درگاهه آهي. هتي تمام گهڻا کنڊرات ۽ پراڻا آثار آهن. هن وقت واپار جو سٺو مرڪز آهي.
(ب) مير واهه سب ڊويزن: هن ۾ ڪوٽڏيجي، ميرواهه، فيض گنج ۽ نارو تعلقا اچي وڃن ٿا. انهن تعلقن جي مشهور شهرن ۽ ڳوٺن جو احوال ڏجي ٿو:
(1) ڪوٽڏيجي تعلقو: هن تعلقي ۾ هيٺيان شهر ۽ ڳوٺ مشهور آهن.
بنگلو: ڪوٽڏيجي شهر کان هڪ ميل پنڌ تي هڪ ننڍڙو شهر ۽ واپار جو سٺو مرڪز آهي. جتي به ميرن جي رهائش جون جايون آهن.
جسڪاڻي: هيءُ شاهي رستي تي هڪ ننڍو ڳوٺ آهي، جيڪو ميرن جي صاحبيءَ ۾ خان جسڪاڻي'>دريا خان جسڪاڻي ٻَڌايو هو. هتي هڪ پوليس جي چونڪي به قائم آهي.
ڪوٽڏيجي: قديم زماني ۾ هي شهر پراڻي تهذيب جو مرڪز رهيو آهي. هن وقت به چڱو شهر آهي، جتي ميرن جا رهائشي بنگلا ڏسڻ جهڙا آهن. انهن کان سواءِ ڪوٽڏيجيءَ جا قديم آثار ۽ ڪوٽڏيجيءَ جو جنگي قلعو بهترين يادگار آهن.
ڪنب: هي به هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو آهي، جيڪو ڪراچيءَ واري شاهراهه ٺهڻ کان پوءِ جلدي اُسريو آهي ۽ واپار جو چڱو مرڪز بڻجي ويو آهي.
(2) مير واهه تعلقو: هن تعلقي ۾ هيٺيان شهر ۽ ڳوٺ مشهور آهن:
بوزدار وڏا: هتي هڪ پراڻو ڳوٺ آباد آهي. هتي جا ماڙيچا، انگوڇا ۽ ٻيو چڱو ڪپڙو ٺاهيندا آهن.
ٺري: هي تعلقي جو هيڊڪوارٽر آهي. اناج جي چڱي منڊي آهي.
پڪا چانگ: هي چانگن جو هڪ پراڻو ڳوٺ ۽ تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر آهي. ڀريا روڊ اسٽيشن تائين پڪي رستي ٺهڻ کانپوءِ چڱي ترقي ڪري ويو آهي.
سيٺارجا: ٺري ۽هنگورجا شهرن جي وچ تي هڪ پراڻو شهر آهي. هن وقت هتي اناج جو سٺو مرڪز آهي. رئيس عطا محمد خان لنڊ (مرحوم) مشهور پي. ٽي. وي پروڊيوسر سميع بلوچ ۽ نثار احمد لنڊ هتان جا آهن.
(3) فيض گنج تعلقو: هن تعلقي ۾ هيٺيان شهر ۽ ڳوٺ مشهور آهن.
ڀنگو بهڻ: پڪا چانگ جي اولهه طرف پنجن ميلن جي مفاصلي تي ٻه ڳوٺ ڀنگو ۽ بهڻ آهن، جيڪي گڏجي هڪ چڱو ڳوٺ بنجي ويا آهن. هتي هاءِ اسڪول هجڻ ڪري فيض گنج تعلقي جا ڪافي ماڻهو تعليم يافته ٿي چڪا آهن. هتي جي آدمشماري 795 آهي.
ڪرونڊي: پڪا چانگ جي اوڀر ۾ پنجن ڇهن ميلن جي مفاصلي تي هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي. هتي اناج جي سٺي مارڪيٽ آهي.
(4) نارو تعلقو: هن تعلقي ۾ هيٺيان شهر ۽ ڳوٺ مشهور آهن:
تجل: اڀرندي ناري جي پرئين پاسي ڏيڍ ميل کن جي مفاصلي تي هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو آهي ۽ هي ڳوٺ شاهه عنايت شهيد جي فرزند مخدوم سلام الله عرف ٿر ڌڻيءَ جي درگاهه کان مشهور آهي. هتي هر سال ذوالحج مهيني ۾ هڪ فقيراڻو ميلو لڳندو آهي. هتان جو فاقيرو تيل سنڌن جي سُور جو بهترين علاج آهي.
چونڊڪو: هيءُ ناري تعلقي جو وڏي ۾ وڏو ۽ هندڪو ڳوٺ آهي، هتي جا هندو واپاري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ واپار ڪندا آهن. هتي واڻ ۽ گيهه جو چڱو واپار ٿيندو آهي.
سوراهه: هيءُ مشهور ڳوٺ آهي جتي ڪي سرڪاري آفيسون آهن، هتان ڪيترن ئي قديم ماڳن تي رستا نڪرن ٿا.
ڦاڙهيارو: هيءُ لغاري بلوچن جو ننڍڙو ڳوٺ آهي، ناري تعلقي جو ٻيو نمبر شهر ليکيو وڃي ٿو. واڻ ۽ گيهه جو چڱو مرڪز آهي.
(پ) ميراڻا يادگار: هونئن ته ميرن جا خيرپور شهر ۽ ٻين جڳهن تي ڪيترا باغ ۽ تفريح گاهه هئا، جتي سير، شڪار ۽ ٻين مشغلن سان دل وندرائي ويندي هئي، پر هيٺيون پنج جڳهيون ذڪر ڪرڻ جي قابل آهن:
آزاد منزل: ديهه حسين آباد، تعلقي ڪوٽڏيجي ۾ واريءَ جي دڙن جي وچ ۾ هڪ عاليشان بنگلو ۽ ان جي چوڌاري هڪ وڏو باغ لڳل هو. اهو بنگلو ۽ باغ مير علي نواز خان ’ناز‘ ٺهرايو هو. انهيءَ بنگلي جي ڀتين تي بهترين قسم جي چٽسالي ۽ گلڪاري ٿيل هئي. مير صاحب ڪڏهن ڪڏهن اتي اچي آزاد فضا ۾ ڪئمپ ڪندو هو. هن وقت اهو بنگلو ڊهي ويو آهي ۽ باغ به اُجڙ ٿي ويو آهي.
دوباغو: خيرپور شهر جي ٻاهران، ميرواهه جي ڀرسان هڪ بهترين قسم جو باغ هو، جنهن کي دوباغو سڏيندا هئا. هن باغ ۾ هر قسم جا ميويدار وڻ ۽ گل ٻوٽا هوندا هئا. باغ جي لڳ هڪ بهترين بنگلو ٺهيل هوندو هو، جتي انگريزن جو ريزيڊنٽ آفيسر رهندو هو. مير علي مراد خان گهڻو ڪري اتي ڪئمپ ڪندو هو.
ربوءَ جي کڏ: خيرپور شهر جي اوڀر واري پاسي کان هڪ وڏو تلاءَ هوندو هو، جنهن ۾ خيرپور جا شهزادا بتيلن تي چڙهي تفريح ڪندا هئا. تلاءَ جي ٻاهران هڪ وڏو باغ هوندو هو، جنهن کي لکي باغ سڏيندا هئا. ان ۾ هر قسم جا رنگا رنگي گل ۽ ٻوٽا هوندا هئا. هتي عام ماڻهو به سير ۽ تفريح لاءِ ايندا هئا. اتي مير علي مراد خان جي هڪ سهري ميان ربنواز خان لوڌيال جو گهر به هوندو هو. ربوءَ جي کڏ تي سنڌ جي مشهور ڪهاڻيڪار نسيم کرل جو شاندار مضمون لکيل آهي.
ڪالهوڙي: خيرپور شهر کان ٻه ٽي ميل اوڀر تي هڪ وڏي ڍنڍ هوندي هئي، جنهن مان بي انداز بهه، مڇي ۽ لوڙهه نڪرندا هئا ۽ پکين جو بهترين شڪار به ٿيندو هو. ڍنڍ جي ڀرسان لاڳيتو هڪ مهاڙي هوندي هئي، جيڪا هاڻي ختم ٿي چڪي آهي.
ڪاناڻي: هيءُ گنبٽ تعلقي جي شهر راڻيپور کان چئن ميلن جي مفاصلي تي هڪ وڏي ڍنڍ هوندي هئي، جتي بهترين قسم جو شڪار ٿيندو هو. مير علي مراد خان هن ڍنڍ تي گهڻيون منزلون ڪندو هو.
(ج) هاڻوڪيون تفريح گاهون: خيرپور ۾ ماڻهن لاءِ تفريح گاهون تمام گهٽ آهن، تڏهن به هيٺين جڳهين جو ذڪر دلچسپيءَ کان خالي ٿيندو.
هز هائينس جا باغيچا: خيرپور شهر جي فيض محل، لال بنگلي ۽ ڪوٽڏيجيءَ جي شاهي محل جي لڳ هز هائينس جا باغيچا آهن، جن ۾ هر قسم جا گل ۽ بهترين ڇٻر جا ٻارا ٺهيل آهن، هتي شاهي خاندان جا ماڻهو ۽ سندن مهمان تفريح حاصل ڪندا آهن.
وڏيري الهداد خان جو باغ: فيض گنج تعلقي جي ڪرونڊي شهر ۾ الهداد خان راڄپر، لاهور واري شاليمار جي نموني تي هڪ ننڍو باغيچو ٺهرايو هو، جنهن ۾ هر قسم جا ديسي ۽ ولايتي گل بهترين چهچٽو پيش ڪن ٿا. هڪ ننڍڙي وستيءَ ۾ اهڙو باغيچو هجڻ هڪ وڏي ڳالهه آهي.
ڦول باغ: هيءُ خيرپور جي وچ ۾ ميونسپالٽيءَ جي طرفان هڪ ننڍڙو باغيچو ٺهيل هوندو آهي، جتي سياسي ۽ مذهبي جلسا ٿيندا رهندا آهن. شام جو عام ماڻهو اچي تفريح ڪندا آهن. هن باغيچي جي وچ ۾ هڪ ننڍڙي لئبرري به آهي.
جيمخانو: هي خيرپور شهر ۾ رياست جي ڪامورن لاءِ هڪ ڪلب آهي، جتي هر قسم جي گهريلو راندين (Indoor Games) جو بندوبست ٿيل آهي. هتي مختلف موقعن تي دعوتون ۽ ادبي تقريبون ٿينديون رهنديون آهن.
اسٽيڊيم ۽ ممتاز گرائونڊ: خيرپور شهر جي اترئين پاسي تي ٻه وڏا کليل ميدان آهن، جتي شهر جا ماڻهو هاڪي، فوٽ بال، ڪرڪيٽ ۽ ٻيون رانديون ڪري دل وندرائيندا آهن. وڏيون مئچون يا وڏا جلسا به انهن ميدانن تي ٿيندا رهندا آهن. سچل اڪيڊمي، سچل سرمست لائبرري ۽ ريڊيو پاڪستان جون عمارتون به يادگار آهن.
زبان: خيرپور ۾ سنڌي، سرائڪي، بلوچي ۽ اردو زبانون رائج آهن. ڪثرت سنڌي ۽ سرائيڪي ڳالهائڻ وارن جي آهي. مير فيض محمد خان اول جي زماني تائين هتي سرڪاري زبان فارسي هئي. ان کان پوءِ اڄ تائين سنڌي آهي.
(ر) قديم آثار: خيرپور ۾ تاريخ کان اڳ جي دور جا ڪيترائي يادگار موجود آهن، جن ۾ هيٺيان اهم مقام آهن:
ابل ويسر وارو دڙو: هي جڳهه ٺريءَ جي ڳوٺ کان ڏيڍ ميل کن جي مفاصلي تي ابل ويسر جي ڳوٺ جي ڀرسان آهي. هيءَ هڪ وڏو دڙو آهي، جيڪو ٺڪراٺي سان ڀريل آهي. اهو دڙو تعلقي ميرواهه ۾ آهي.
اڻراهه جي پٽي: هيءَ جڳهه محراب پور جي شهر ۽ ٽنڊي مير عاليءَ جي وچ تي آهي، جتي ٻن ٽن ميلن ۾ هڪ وڏو ٺڪراٺو آهي، جنهن کي اِڻراهه جي پٽي سڏيندا آهن. اها پٽي ديهه محمد اصحابي، تعلقي ميرواهه ۾ آهي.
باغو ڍوري وارو دڙو: هيءُ دڙو ديهه باغو ڍوري، تعلقي ميرواهه ۾ ٺريءَ جي شهر کان پنجن ميرلن جي مفاصلي تي آهي. اتي ڪافي ٺڪراٺو موجود آهي. هن دڙي جي هيٺان ڪيڻ وهائيندي، ٽي پراڻا کوهه هٿ آيا آهن. هي دڙو ۽ کوهه شرف الدين پنجابيءَ جي ڳوٺ جي ڀرسان آهن.
ٻوهي وارو ڀڙو: هيءُ ڀڙو ديهه عثمان ملي، تعلقي فيض گنج ۾ ٻوهي ريسٽ هائوس جي ڀرسان آهي. هتي ڪافي انداز ۾ ٺڪريون نظر اچن ٿيون ۽ ڪجهه عمارتن جا نشان ملن ٿا.
ترائيءَ وارو دڙو: هيءُ دڙو ديهه تارئي تعلقي فيض گنج ۾ آهي. هتي ڳاڙهي واري ۽ ٺڪراٺو آهي. هتي برسات جي موسم ۾ وڏا کنڀ ڦٽندا آهن ۽ موقعي سان ڪجهه پڪل مٽي ۽ پٿر جا رانديڪا به هٿ ڪندا آهن.
ٽاريءَ وارو ٺڪراٺو: هيءُ ٺڪراٺو علي اصحابي جي تربت کان ڏيڍ ميل کن جي مفاصلي تي ديهه بصيرو ۾ آهي. اتان جي ماڻهن پنهنجن وڏن کان ٻڌل روايت موجب ڳالهه ڪئي ته ڪنهن زماني ۾ اتان درياهه وهندو هو ۽ اتي هڪ مياڻي هوندي هئي. اڄڪلهه ان جڳهه کي ٽاريءَ وارو ٺڪراٺو سڏيندا آهن.
ٺاروءَ وارو دڙو: هيءَ جڳهه ٽنڊي مستي خان ۽ ڪوٽڏيجيءَ جي رستي جي ڀرسان، ڪوٽڏيجيءَ کان ستن ميلن جي مفاصلي تي آهي. هيءُ هڪ واريءَ جو دڙو آهي، جنهن جي ڊيگهه پنجويهه سئو فوٽ، ويڪر پندرهن سئو فوٽ ۽ اوچائي پنجويهه فوٽ آهي. هن تي ڪافي ٺڪراٺو آهي. هتان ڌنارن جي هٿان لڌل ٺڪريون ۽ ڪجهه ٺڪر جا ٿانوَ پراڻي تهذيب جي نشاندهي ڪن ٿا. سن 1935ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ جي هڪ پروفيسر ڊاڪٽر گهوري (Ghury) هي دڙو ڏسي ٻڌايو هو، هيءُ دڙو ۽ ڪوٽڏيجيءَ جو دڙو ٻئي همعصر ۽ پراڻي تهذيب جا يادگار آهن ۽ اتان هٿ آيل ٺڪريون ۽ برتن موهن جي دڙي مان لڌل شين سان مشابهت رکن ٿا.
پاڻيءَ وارو ڀڙو: هيءُ ڀڙو به فيض گنج، تعلقي جي سرحد تي ناري تعلقي ۾ آهي. اڳ هن جي چوڌاري هيٺاهينءَ ۾ برسات جو پاڻي ڪافي وقت تائين بيٺو هوندو هو ۽ مير هن دڙي تي کڏڻا ٺاهي، هرڻن جو شڪار ڪندا هئا. هي دڙو به اڌ ميل کن جي ايراضي والاري ٿو، جيڪا ٺڪراٺي سان ڀريل آهي.
پٽ وارو ڀڙو: هيءُ ڀڙو ديهه بصيرو تعلقي فيض گنج ۾ پَٽ واري ويري ۾ آهي، چئن پنجن ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ ڪافي ٺڪراٺو آهي. اتان جي ماڻهن جي روايت موجب اتي به ڪنهن زماني ۾ هڪ وڏي مياڻي هوندي هئي. اهو دڙو حاجي معلوم خان راڄپر جي ڳوٺ جي ڀرسان آهي.
درگا جو دڙو: هيءُ ديهه اڪڙيءَ ۾ محمد طفيل پنجابيءَ جي زمين ۾ هڪ وڏو دڙو آهي، جتان ڪجهه رنگين ٺڪريون ۽ ٽامي جا سڪا ماڻهن کي هٿ آيا هئا. اتان جي ماڻهن جو وهم آهي ته انهيءَ دڙي ۾ دنيا پوريل آهي، جنهن جي حفاظت هڪ وڏو نانگ ۽ ڪجهه ديو ڪري رهيا آهن. انهيءَ دڙي کي سڌو ڪري پوک ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي آهي، پر اتفاق اهڙو ٿيو آهي، جو هڪ ٻه دفعا ٽرئڪٽر جي چين ٽٽي پئي آهي، تنهنڪري ماڻهن جي وهم ۾ ويتر اضافو آيو آهي.
درن جي پير وارو دڙو: هيءُ دڙو ديهه جلباڻي، تعلقي ميرواهه ۾ آهي. هيءَ هڪ وڏي ڀٽ آهي، جنهن جي ڀرسان هڪ پراڻو قبرستان آهي، جنهن کي درن واري پير جو مقام سڏيندا آهن. اتي ڪافي ٺڪراٺو موجود آهي.
سانٺ وارو دڙو: هيءُ دڙو فيض گنج، تعلقي جي سرحد سان ناري تعلقي ۾ آهي. هن جي پاسن کان ترائيءَ ۾ ڪافي گاهه ڦٽندو آهي. سڄو دڙو ٺڪراٺي سان ڀريل آهي.s
ستهه وارو دڙو: هيءُ ديهه کنياري، تعلقي فيض گنج ۾ ستهه واري ويري ۾ هڪ وڏو ڀڙو هوندو هو، جنهن جو گهڻو حصو ماڻهن آباديءَ هيٺ آڻي ڇڏيو آهي. هاڻي به پنجن ڇهن ايڪڙن ۾ هڪ وڏو ٺڪراٺو موجود آهي. ڏهه سال کن اڳ هن ڀڙي جي ڀرسان وڏيري سوڀاري خان ٻانڀڻ جي هارين هر ڪاهيندي، هڪ هڏائون پڃرو لڌو هو، جيڪو ان جڳهه جي ڀرسان ٻيهر دفن ڪري ڇڏيائون. ماڻهن چواڻي لاش جا هڏا عام ماڻهن جي هڏن کان وڏا ۽ مضبوط هئا. هن دڙي مان به ڪجهه رنگين ٺڪريون هٿ ڪري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ محفوظ ڪيون ويون آهن. هتان ڪجهه ماڙيچن ٺڪر جا وڏا مٽ به لڌا هئا، جيڪي هنن ڀڃي ڀوري ڇڏيا.
سيراج جي ٽڪري: هيءَ جڳهه ڪوٽڏيجيءَ کان چئن ميلن جي مفاصلي تي اڀن شاهه جي سامهون آهي. هن کي سيراج جي ٽڪري سڏيندا آهن. اتي به ڌنارن جي هٿان لڌل شيون ڏسي مير علي نواز خان ’ناز‘ 1935ع ۾ کوٽائيءَ جو ڪم شروع ڪرايو هو، پر ان وقت پئسي جي تنگيءَ ۽ مهارت رکندڙ عملي جي ڪميءَ سبب اهو ڪم ڪنهن نتيجي نڪرڻ کانسواءِ رڪجي ويو.
1 سيپٽمبر 1955ع تي قديم آثارن جي محڪمي وارن هن دڙي جو معائنو ڪيو هو. هنن ڪجهه کوٽائي ڪري اندازو لڳايو هو ته اهو ٺڪراٺو صرف ڇهن انچن اندر آهي. هن مان ڪجهه ٺڪر جا ٿانوَ به لڌا ويا هئا، جيڪي هڙپا واري تهذيب سان مشاهبت رکن ٿا. هن دڙي ۾ ڪي عمارتون وغيره نه آهن.
ماهرن جو خيال اهي ته هتي هڙپا وارن عارضي طور تي ڪجهه وقت رهائش ڪئي هوندي.
شهيدن وارو ٺڪراٺو: هيءُ شير بيگ خان مري ۽ ڏيرو ڳوٺن جي وچ تي، فيض گنج تعلقي ۾ هڪ دڙو آهي. جنهن جي ڀرسان ٻه پراڻيون تربتون آهن، جن جي متعلق اتان جا ماڻهو چون ٿا ته سيد علي تقي ۽ سيد محمد شفيع جون آهن. ان دڙي تي ٺڪراٺي سان گڏ هڪ کوهي ۽ جاين جا ڪجهه نشان به موجود آهن.
شير شاهه جا مسافرخانا: ديهه سيٺارجا، تعلقي ميرواهه ۾ ڀنڀرن جي ڳوٺ ڏانهن ويندي هڪ پراڻو پپر نظر ايندو، جنهن متعلق چيو وڃي ٿو ته ان جي هيٺيان نادر شاهه ايراني منزل ڪئي هئي. ان ڏينهن کان وٺي انهيءَ پپر کي سماج وارو پپر سڏيندا آهن. ان پپر جي اتر ۾ سڏ کن پنڌ تي هڪ دڙو آهي، جنهن کي شير شاهه جا مسافرخانا سڏيو وڃي ٿو. اهو دڙو پراڻي شاهراهه عرف تار واري سڙڪ جي ڪناري تي آهي.
علي اصحابو وارو دڙو: هيءُ دڙو ديهه جاکيري، تعلقي فيض گنج ۾ سهڻ واري ويري ۾ آهي. علي اصحابي نالي هڪ بزرگ جي تربت به آهي. انهيءَ جي ڀرسان هڪ جڳهه تان کوٽائي ٿيل آهي ۽ ڪنهن نڪتل ديڳ جا نشان اچي رهيا آهن. ان جاءِ تي ڪچين سرن جي اوساري ٿيل آهي. انهن سرن تي چيڪي مٽيءَ جا وڏا تهه چڙهيل آهن. انهيءَ جاءِ جي سامهون هڪ وڏي ڀِت ميل کن جي ايراضيءَ ۾ آهي، جنهن تي ڪافي انداز ۾ ٺڪراٺو موجود آهي. اتان به ڪجهه رنگين چٽن واريون ٺڪريون هٿ ڪري سنڌالاجيءَ ۾ محفوظ ڪيون ويون آهن.
ڪوٽڏيجيءَ جو دڙو: هيءُ دڙو ڪوٽڏيجيءَ جي قلعي جي اتر طرف کان ڪراچيءَ واري شاهراهه جي ڀرسان آهي. هن دڙي ۾ دفن ٿيل تهذيب جي نشاندهي 1935ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ جي هڪ اسڪالر ماڌو سروپ ڪئي هئي. سندس خيال موجب اها تهذيب تاريخ کان اڳ واري زماني جي هئي. ان کان پوءِ 1955ع ۾ قديم آثار جي محڪمي، نومبر مهيني ۾ کوٽائيءَ جو ڪم شروع ڪيو. وري سال 1957ع ۾ آڪٽوبر، نومبر ۽ ڊسمبر جا ٽي مهينا ٻيهر کوٽائيءَ ڪرائي وئي. انهيءَ کوٽائيءَ جي ڪم لاءِ مير علي مراد خان ثانيءَ جي طرفان ويهه هزار روپين جو عطيو ڏنو ويو.
کوٽائيءَ مان جيڪي شيون هٿ آيون، تن کي ڏسي قديم آثار جي ماهرن اندازو لڳايو ته ڪوٽڏيجيءَ جي تهذيب موهن جي دڙي واري تهذيب کان 700 سال پراڻي آهي. انهيءَ دڙي جي ڊيگهه اوڀر کان اولهه طرف تي ڇهه سئو فوٽ، ويڪر چار سئو فوٽ ۽ اوچائي چاليهه فوٽ آهي.
هي شهر ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ حصي ۾ عام ماڻهو رهندا هئا ۽ ٻئي حصي ۾ هڪ عاليشان قلعو آهي، جنهن ۾ حڪمران طبقي جي رهڻ جون جايون آهن. انهيءَ قلعي مان شهر جي حفاظت به ڪئي ويندي هئي. قلعي جي ٻاهران هڪ وڏي ۽ ويڪري ڀِت نڪتل آهي.
هن دڙي مان ظاهر ٿيل قلعو شهر جون جايون پٿر جا اوزار، هٿيار ۽ مٽيءَ جا ٿانوَ هڪ محقق جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائين ٿا. انهن جي بناوت مان ماهرن اندازو لڳايو آهي ته هيءُ شهر سنڌ جي انهن ابتدائي شهرن مان آهي، جتي مهذب زندگيءَ جو آغاز ٿيو هوندو. هن شهر جي تباهيءَ متعلق به ماهرن جو خيال آهي ته ڪن ٻاهران آيل ماڻهن ان شهر تي حملو ڪري باهه ڏني هجي ڇا ڪاڻ ته شهر جي قديم آثارن ۾ سڙيل خاڪ جا تهه ڄميل نظر اچن ٿا.
دڙي جي کوٽائيءَ مان هن ڳالهه جو پڪو ثبوت مليو آهي ته هتان جا ماڻهو امن امان جي زندگي بسر ڪندا هئا ۽ مختلف ڌنڌن ۾ مشغول رهندا هئا. ڪنڀارڪو ڪم ڪمال ترقيءَ تي پهچي چڪو هو. برتن چيڪي مٽيءَ مان چڪ ٺاهيندا هئا. پٿر جا اوزار ۽ هٿيار به وڏيءَ مهارت سان تيار ڪندا هئا.
گرهڙ جو ڪوٽ: هيءُ هڪ تمام پراڻو ۽ ڦِٽل ڪوٽ، ناري تعلقي ۾ هڪ دڙي تي آهي، جنهن لاءِ اتي جا ماڻهو هن ڪوٽ متعلق هيٺيون بيت پنهنجن وڏن کان ٻڌندا رهيا آهن:
ماڻهن جي مٽي، سرنهن جو گارو،
هيءُ ڪوٽ تڏهن ٺهيو، جڏهن سڪندر جو وارو.
ڳاڙو ڀڙو: هيءُ ڀڙو ديهه ڪرم خان راڄپر، تعلقي فيض گنج ۾ بهڻن واري ويري ۾، خير محمد بهڻ جي ڳوٺ جي ڀرسان آهي. ڳاڙهي رنگ جي واريءَ جو هڪ وڏو دڙي اڌ ميل کن ايراضيءَ ۾ آهي. هتي به ڪافي ٺڪراٺو آهي ۽ برسات جي موسم ۾ ڌنار مٽي ۽ پٿر جا انيڪ رانديڪا هٿ ڪندا آهن.
لاکرنڊ: هيءُ به هڪ وڏو ڀڙو آهي، جيڪو فيض گنج تعلقي جي ديهه گتيري ۾ ڳوٺ ”مامتر جو بنگلو“ جي ڀرسان واقع آهي. هن ڀڙي کي لاکرنڊ سڏيندا آهن، جيڪو ميل کن جي ايراضيءَ ۾ آهي ۽ ٺڪرين سان ڀريل آهي.
لهيري وارو دڙو: هيءُ دڙو ديهه نئون لهيرو، تعلقي فيض گنج ۾ آهي. هن دري جي ايراضي تقريباً ميل کن ٿيندي. هتان ماڻهن کي ڪافي سرون ۽ سڪا هٿ آيا آهن. ڪجهه سال اڳ ماڻهن کوٽائي ڪندي هڪ جڳهه لڌي هئي، جنهن ۾ ٻه ڏاند جوٽيا بيٺا هئا ۽ ان جڳهه جي هڪ جاري ۾ هڪ لڪڻ رکيو هو، پر جڏهن انهن شين کي هٿ لاٿو ويو، تڏهن هڪدم ڀُري ۽ مٽي ٿي ويون. انهيءَ دڙي مان امير بخش پاتي نالي هڪ ماڻهو سرون ڪڍي، پنهنجي جاءِ تعمير ڪرائي آهي، جيڪا اڃا تائين سلامت بيٺي آهي.
ليلا جا آتڻ: هي جڳهه ديهه اڪڙي، تعلقي فيض گنج ۾ آهي۽ اڪڙيءَ جي ڳوٺ کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي آهي. هتي ٻن ميلن کن جي ايراضيءَ ۾ هڪ وڏو ٺڪراٺو آهي، جنهن جو ڪجهه حصو نوابشاهه ضلعي جي حد اندر اقبال اسٽيٽ ۾ واقع آهي. هتان ڪجهه ٺڪريون ۽ هڪ ٺڪر جي مورتي هٿ آئي آهي. اهي شيون سنڌالاجيءَ ۾ محفوظ آهن. هن جڳهه کي ليلا جا آتڻ سڏيندا آهن.
مامڙي ۽ ڪرنجڙي جا ڪوٽ: هي به ناري تعلقي ۾ وڏا ڀڙا آهن. اُتان جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي ستن اٺن پيڙهين کان ٻڌندا آيا آهن ته تمام اوائلي زماني جا آهن. هن ڪوٽن بنسبت هيءَ بيت به مشهور آهي:
گرهڙ ڪئي گوڙ، مامڙي ڏني مام،
وچئون پئي سام، ڪرنجڙي ڪوٽ اڏايو.
ننڍا آتڻ: هيءَ جڳهه اڪڙيءَ جي ڳوٺ کان ڏيڍ ميل کن پنڌ تي ديهه تيلاهو، تعلقي ميرواهه ۾ آهي. اتي ٻن ويسن جي ايراضيءَ ۾ هڪ دڙو آهي، جيڪو پراڻين ٺڪرين ۽ پڪين سرن سان ڀريل آهي. انهيءَ جڳهه کي ليلا جا ننڍا آتڻ سڏيندا آهن.
وستڙن جي ڀٽ: هيءَ ڀٽ ديهه حسين پاتي، تعلقي فيض گنج ۾ آهي، مٿس ڪافي ٺڪراٺو موجود آهي. هتان جي ماڻهن ڪجهه سرون به هٿ ڪيون آهن، جيڪي هڪ وڏيءَ کٽ جيڏيون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو