انساني جيوگھرڙو
خُليو /جيوگهرڙو (Cell)
خُليو /جيوگهرڙو (Cell): جيوگهرڙو زندگيءَ جو بنيادي ايڪو آهي. اهو بنيادي ايڪو عمل (ڪم) ۽ بڻاوت جي حوالي سان هر جاندار ۾ موجود آهي. جيئن مادي يا غير جاندار شين جو بنيادي جزو/ايڪو ائٽم آهي، ائين ئي هر جاندار، جيوگهرڙي سبب وجود ۾ اچي ٿو. هڪ ننڍڙي مثال وسيلي جيوگهرڙي کي ائين به سمجهائي سگهجي ٿو ته جيئن هزارين سرون گڏجي هڪ وڏي عمارت کي شڪل ڏين ٿيون، تيئن ئي ائٽم ڪنهن مادي ۽ جيوگهرڙو ڪنهن جاندار کي شڪل ڏئي ٿو. جيوگهرڙو، زندگي/حيات يا جيوت جو سادو ۽ بنيادي ايڪو/جزو آهي. کوڙ سارا جيوگهرڙا گڏجي هڪڙو تاندورو (Tissue) ٺاهين ٿا، جڏهن ته کوڙا سارا تاندورا (Tissues) ملي/گڏجي هڪڙو عضوو (Organ) جوڙين/تشڪيل ڏين ٿا، ۽ کوڙ سارا عضوا (Organs) گڏجي هڪڙي سرشتي (System) جي تڪميل ڪن ٿا ۽ ائين کوڙ سارا عضوا ۽ سرشتا گڏجي هڪ جسم (Body) ٺاهن ٿا. 1965ع ۾ برطانيه جي سائنسدان رابرٽ هُڪ (Robert Hook) پهريون ڀيرو خوردبيني وسيلي جيوگهرڙي جو ڏس ڏنو دريافت ڪيو ۽ اُن جو نالو سيل (Cell) يعني جيوگهرڙو رکيو. رابرٽ هُڪ جي انڪشاف کانپوءِ تحقيق اهو ثابت ڪيو ته سمورا ٻوٽا ۽ جانور انيڪ جيوگهرڙن جا ٺهيل آهن. اڳتي هلي جڏهن طاقتور خوردبينيءَ جي ايجاد ٿي ته جرمنيءَ جي ٻن سائنسدانن، ايم جي شيلڊن (M.J Scheleiden) 1838ع ۽ ٽي شوان (T. Schwann) 1839ع ۾وڌيڪ تحقيق ڪري جيوگهرڙي بابت نظريو (Cell Theory) پيش ڪيو. هن نظريي موجب:
(1) سڀني جاندار جا عضوا (Organs) جيوگهرڙن تي مشتمل آهن.
(2) جيوگهرڙو هر جاندار جي بناوت ۽ ڪم جو بنيادي ايڪو آهي.
(3) نوان جيوگهرڙا اڳ کان موجود جيوگهرڙن جي ورهاست مان ئي حاصل ٿين ٿا.
جيوگهرڙا پنهنجي اندروني بناوت ۽ ڪم جي لحاظ کان ڪيترن ئي قسمن جا هوندا آهن ۽ اُهي حالتن پٽاندڙ پنهنجو پاڻ کي بدلائي سگهندا آهن. هن سنسار ۾ ڪي جاندار اهڙا به آهن جيڪي هڪ جيوگهرڙي (Unicellular) تي مبني هوندا آهن، اهڙن جاندارن ۾ بيڪٽيريا (Bacteria) اموبيا (Amoeba) پيراميشيم (Paramecium) شامل آهي، جيڪو پنهنجي بڻاوت جي لحاظ کان هڪ جيوگهرڙي جا ٺهيل آهن. جڏهن ته ٻيا جاندار جهڙوڪ انسان ۽ شاهه بلوط جو وڻ لکين ڪروڙين جيوگهرڙن جو ٺهيل آهي.
هڪ جيوگهرڙي (Cell) توڙي جيوگهرڙن وارن جاندارن ۾ خليي جي شڪل هڪجهڙي نه هوندي آهي. جئين بيڪٽيريا ڪي گول ته ڪي ڊگها ۽ ڏنگا ڦڏا هوندا آهن، ائين وري اموبيا تارن وانگي هوندا آهن. ڊائيٽم وري ٽِڪنڊي واري شڪل ۾ هوندا آهن. ائين ٿي وڏن جاندارن يا گهڻن جيوگهرڙن وارن جاندارن ۾ جيوگهرڙن جون شِڪليون ضرورت ۽ ڪم پٽاندڙ مختلف هوندي آهي. جيئن انساني مَشڪن جا جيوگهرڙا ڊگها ۽ نوڪ دار هوندا آهن، جيوگهرڙن جي شِڪل سان گڏوگڏ سندسن قد بُت به ڪم ۽ بڻاوت تي مبني هوندو آهي، مطلب ته اُنهن جي ڊيگهه، ويڪڙ يا ٿولهه به سندس ڪم ۽ بڻاوت موجب هوندي آهي. اهڙو طرح ننڍي ۾ ننڍڙو جيـوگهـرڙو بيڪـٽيـريا جو آهي، ۽ وڏي ۾ وڏو جيوگهـرڙو اُٺ پکيءَ جو آنو (Egg) آهي، جنهن جي ماپ اٽڪل 6 انچ ٿئي ٿي. جڏهن ته بيڪٽيريا جو جيوگهرڙو ڏهائي ٻه (0.2) مائيڪران جي برابر ٿئي ٿو. هڪ انسان جي شروعات هڪ جيوگهرڙي کان ٿئي ٿي، جيڪا سندس ڄم وقت 20 کرب جيوگهرڙن تائين پهچي ٿي، ۽ جوان ٿيڻ تائين اُهو تعداد ڪيئي ڀيرا وڌي وڃي ٿو. جيوگهرڙو يا سيل جي بناوت مختلف هوندي به بنيادي طور اُهو ٽن اهم شين جو ٺهيل هوندو آهي، جيتوڻيڪ جانورن ۽ ٻوٽن (نباتات) جي جيوگهرڙن ۾ فرق آهي، جيوگهرڙن جن بنيادي شين جو ٺهيل هوندو آهي، انهن ۾ پهرئين جيوگهرڙي جي ڀت يا پردو آهي. جيوگهرڙي جي ڀت (Cell Wall) ٻوٽن ۾ هوندي آهي، جڏهن ته جانورن جي جيوگهرڙي ۾ اُن کي جيوگهرڙي جي پردي (Cell Membrane) چئبو آهي. ٻيو جيوگهرڙي جو اندريون مادو آهي، جيڪو جانورن ۾ سائٽو پلازم (Cytoplasm) ۽ ٻوٽن ۾ پروٽوپلازم (Protoplasm) سڏبو آهي، ۽ ٽيون آهي مرڪز يا مُک (Nucleus) جنهن کي جيوگهرڙي جو دماغ چئي سگهجي ٿو. ائين جاندارن جي جيوگهرڙي جي بڻاوت هن ريت ٿيندي:
1. جيوگهرڙي جي ڀت/پردي Cell-Wall or Membrane
2. جيوگهرڙي جو مادو يا ماس Cytoplasm or Protoplasm
3. جيوگهرڙي جو مرڪز يا مُک Nucleus
4. خال Vacoule
5. سينٽرو زوم Centro zooms
جيوگهرڙي جي ڀت/پردي: ٻوٽن يا نباتات جي جيوگهرڙي جي ٻاهران هڪ ٿُلهي ڀِت هوندي آهي، ۽ جانورن جي جيوگهرڙي ۾ وري هڪ سنهڙي پردي يا پردو هوندو آهي. اصل ۾ اُها ڀت يا پردي جيوگهرڙي کي شڪل ڏئي ۽ قائم رکي ٿي. ٻوٽن جي جيوگهرڙي واري ڀت هڪڙي مُرڪب سيليولوز (Cellulose) جي ٺهيل هوندي آهي. جاندارن جي جيوگهرڙن جون ڀتون ڪٿي سنهڙيون ته ڪٿي ٿُلهيون، ڪٿي نرم ته ڪٿي سخت ٿينديون آهن. جڏهن ته جانورن جي جيوگهرڙي ۾ پردو ٿيندو آهي، جيڪو هڪ ئي ساخت جو هوندو آهي.
جيوگهرڙي جو ماس يا مادو: جانــدارن جـي جيـوگهـرڙي جي ڀت يا پـردي انــدر هــڪـڙو مــاس يــا مـادو هـونـدو آهـــي، جـنـهـن کـي زندگيءَ جو مادو (Physical Basis of Life) چيو ويندو آهي. اهو مادو نرم جيليءَ جيان لچڪدار هوندو آهي. هن مادي جا ڪيترائي ڪم آهن، جهڙوڪ چرٻي ۽ نشاستو گڏ ڪرڻ، آڪسيجن ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي مٽا سٽا ڪرڻ، ٻوٽن ۾ زندگيءَ جي اهڙي مادي کي پروٽو پلازم (Protoplasm) چئبو آهي، جنهن جي هڪ ننڍڙي صورت کي ڪلوروپلاسٽ (Chloroplast) پڻ چئبو آهي، جيڪو سائي مادي ڪلوروفِل جوٺهيل هوندو آهي ۽ کاڌو ٺاهڻ جي ڪم ايندو آهي.
جيوگهرڙي جو مُک يا مرڪز: جاندارن جي جيوگهرڙن جي وچ ۾ هڪڙو ڪارو گول جسم نظر ايندو آهي، جنهن کي جيوگهرڙي جو وِت، مرڪز دماغ يا مُک چئبو آهي. جيوگهرڙي جو مُک هڪ سنهڙي پردي سان ڍڪيل هوندو آهي جنهن کي مُک جو پردو (Nucler membrane) چئبو آهي. هي پردو لاپئيس ۽ پروٽين جو ٺهيل هوندو آهي. جيوگهرڙي جي مُک ۾ اندر هڪڙو سنهڙو ڄار پکڙيل هوندو آهي، جنهن کي (Chromatin) سڏبو آهي. اها ڄاري سنهڙن ڌاڳن جي ٺهيل هوندي اهي، جيوگهرڙي جي ورهائجڻ وقت اُن مان ڪروموسومز (Chromosomes) ٺهندا آهن. اصل ۾ جينس (Genes) يا DNA جا ننڍڙا انهن ڪروموسومز ۾ ئي موجود هوندا آهن، جيڪي نسلي ورهاست ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. ان کانسواءِ ڪروموسومز ۾ RNA، هِسٽون (Histone) ۽ ڪامپليڪس پروٽين (Complex Protein) موجود هونديون آهن، جيڪي زندگيءَ لاءِ تمام اهم آهن. جيوگهرڙي جو مُک مرڪز، جيوگهرڙي جي هر ڪارڪردگي ۽ سرگرمي کي سنڀاليندو آهي.
خال Vacuole: سمورن جاندارن جي جيوگهرڙن ۾ خال (Vacuoles’) موجود هوندا آهن، جيڪي جيوگهرڙي ۾ اهم ڪم سرانجام ڏيندا آهن. جانورن جي جيوگهرڙن ۾ اُهي خال ننڍڙا ۽ گهڻا هوندا آهن جڏهن ته ٻوٽن جي جيوگهرڙن ۾ صرف هڪڙو خال وڏي شڪل ۾ موجود هوندو آهي.
سينٽروسومز (Centrosomes): سينٽروسومز مرڪز جي ويجهو ئي هوندا آهن، جيڪي جيوگهرڙي جي ورهائجڻ وقت ڌاڳا ٺاهيندا آهن. اُن کان سواءِ جيوگهرڙي جا مائٽوڪونڊريا (Mitochondria) ۽ گالجي جسم (Golgi bodies) به حصا هوندا آهن. جيوگهرڙي جي جسماني ڀڃ ڊاهه به ٿيندي آهي، جنهن کي (Cell Metabolism) چئبو آهي، جيوگهرڙي جا ڪيترائي حصا ڪيميائي مادن جا ٺهيل هوندا آهن، جنهن ڪري جيوگهرڙي جو حالت برقرار رکڻ لاءِ ڪيترائي ڪيميائي عمل ٿيندا رهندا آهن. اهڙا عمل هڪ ته توانائي پيدا ڪرڻ لاءِ ٿيندا آهن ته ٻيا وري رطوبت پيدا ڪرڻ لاءِ ٿيندا آهن. جيوگهرڙي ڀڃ ڊاهه ۾ هڪڙا تعميري عمل هوندا آهن ته ٻيا وري غير تعميري عمل هوندا آهن. پروٽين، کنڊ ۽ چرٻي ٺهڻ واري عمل کي تعميري عمل چئبو آهي، جڏهن ته گڏ ٿيل خوراڪ جي ڀڃ ڊاهه واري عمل کي غير تعميري عمل چئبو آهي. جاندارن جي جيوگهرڙن ۾ ورهاست پڻ ٿيندي آهي، جنهن کي (Cell Division) چئبو آهي. جانورن توڙي ٻوٽن جا جيوگهرڙا جڏهن آخري حد تائين پنهنجي جسامت ۾ وڌي وڏا ٿي ويندا آهن ته اُنهن ۾ ورهاست جو عمل شروع ٿيندو آهي ۽ نتيجي ۾ هر جيوگهرڙو ٻن برابر حصن ۾ ورهائجي ويندو آهي. ورهاست جو اهو عمل جيوگهرڙي جي مُک يا مرڪز کان شروع ٿيندو آهي، يعني پهرين جيوگهرڙوي جو مُک يا مرڪز ٻن حصن ۾ ورهائبو آهي ۽ پوءِ ٻيو مادو ورهائبو آهي. جيوگهرڙن جي ورهاست ٻن قسمن جي ٿيندي آهي، هڪڙي مائٽوسس (Mitosis) ۽ ٻيو مياسس (Meiosis).