
دليپ ڪمار
دليپ ڪمار: برصغير جي فلمي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ چمڪندڙ ستاري دليپ ڪمار، 11 ڊسمبر 1922ع تي پشاور جي قصہ خواني بازار ۾ رهائش پذير هڪ پٺاڻ خاندان جي فرد لالا غلام سرور جي گهر ۾ جنم ورتو، جنهن وٽ پشاور ۾ ميون جا باغ هئا. هن ئي ساڳئي شھر ۾ فلمي دنيا جي هڪ ٻئي ستاري راجڪپور (جنم 14 ڊسمبر 1924) بہ جنم ورتو هو. دليپ ڪمار جو اصل نالو محمد يوسف هو. سندس ڪٽنب 1920ع ۾ پشاور مان لڏي وڃي بمبئيءَ ۾ ٿانئيڪو ٿيو، جتي ناسڪ جي ويجهو ديولائيءَ ۾ سندس والد کي ميوي جا باغ هئا. 18 سالن جي عمر ۾ يوسف خان پوني ۾ ملٽري ڪئنٽين سپلائر طور اچي ڪم کي لڳو. ان وقت جي مشھور ائڪٽريس ديوڪا راڻيءَ جي مڙس همائشو راءِ باسيءَ، بمبئي ٽاڪيز فلم اسٽوڊيو قائم ڪيو هو. دليپ ڪمار کي فلم لائين ۾ آڻڻ جو شرف ديوڪا راڻيءَ جي ٻئي مڙس روسي چترڪار سويتو سالوَرورڪ کي آهي، جنهن جي نظر دليپ ڪمار تي پوني جي ملٽري ڪئنٽين ۾ ميوي جي فراهميءَ جو ڪم ڪندي پئي. کيس 1944ع ۾ بمبئي ٽاڪيز جي فلم ’جوار ڀاٽا‘ ۾ هيري جي رول لاءِ چونڊيو ويو. هنديءَ جي مشھور ليکڪ ڀڳوتي چرڻ ورما، يوسف خان کي سونهري پردي لاءِ ’دليپ ڪمار‘ جو نئون نالو ڏنو. ’جوار ڀاٽا‘ کان پوءِ دليپ ڪمار کي ’مان‘ فلم ۾ هيري جو ڪردار ڏنو ويو، جيڪو ٽئگور جي ڪهاڻي ’نؤڪا ڊوبي‘ تي آڌاريل هو ۽ اُن فلم جو ڊائريڪٽر نتن بوس هو، جنهن اڳتي هلي دليپ ڪمار جي پنھنجي فلم ’گنگا جمنا‘ ڊائريڪٽ ڪئي. دليپ ڪمار جي پهرين ڪامياب فلم ’جگنو‘ (1947ع) هئي، جنهن جي هيروئن نورجھان هئي ۽ ان فلم لاءِ محمد رفيع جو ڳايل گانو ’يهان بدله وفا ڪا بي وفائي ڪي سوا ڪيا هي‘ بيحد مقبول ٿيو. 1948ع ۾ دليپ ڪمار جي ’گهر ڪي عزت‘ فلم رليز ٿي، جيڪا سنڌي ڊائريڪٽر خانچند درياڻيءَ تيار ڪئي هئي ۽ ان فلم جي هيروئن اُن وقت جي چوٽيءَ جي اداڪارہ ممتاز شانتي هئي. دليپ ڪمار جون سڀ هيروئينون مردلا، نورجھان ۽ ممتاز شانتي کانئس عمر ۾ وڏيون ۽ تجربيڪار هيون ۽ دليپ سندن آڏو اڃا سيکڙاٽ هو.
برصغير جي ورهاڱي کان پوءِ دليپ ڪمار جون هڪ ٻئي پٺيان ٽي فلمون: فلمستان جي ’شھيد‘ (1947)، ايس. يو. سُني جي ’ميلا‘ (1948) ۽ محبوب خان جي ’انداز‘ (1949) سُپر هٽ ثابت ٿيون. انهن فلمن ۾ دليپ ڪمار جون همعصر هيروئينون-ڪامني ڪوشل ۽ نرگس ساڻس گڏ هيون، جن سان هن جي ڪامياب جوڙي ٺھي هئي.
دليپ ڪمار، مختلف فلمن ۾ جواهر لال نهروءَ، مغل شھزادي سليم، پرٿوي راج، شهنشاھہ اڪبر، مڌو بالا، انارڪلي، درگا کوٽي، جوڌا ٻائيءَ جي رول ۾ پنھنجي اداڪاريءَ جو ساڳيو جلوو ڏيکاري، هندي سئنيما جي تاريخ ۾ اڄ تائين سڀ کان وڌيڪ شھرت ۽ مقبوليت حاصل ڪئي آهي. محبوب خان جي ڊائريڪٽ ڪيل فلم ’انداز‘ ۾ دليپ ڪمار، نرگس ۽ راجڪپور جي پيار جي ٽڪنڊي جي نفسياتي ڪشمڪش جي عڪاسي جنهن نزاڪت سان ڪئي وئي آهي، اها وري اڄ تائين ڏسڻ ۾ نہ آئي آهي.
ورهاڱي کان پوءِ ’انداز‘ فلم ’جديد حسيت‘ (Modern Sensibility) واري پهرين ’هاءِ سوسائٽي فلم‘ هئي. دليپ ڪمار ۽ ڪامني ڪوشل چئن سالن ۾ چئن فلمن: شهيد، نديا ڪي پار، شبنم ۽ آرزوءَ ۾ گڏ ڪم ڪري ڏسندڙن جي دلين تي راڄ ڪيو.
دليپ ۽ نرگس جي جوڙي بہ بيحد ڪامياب وئي. ’ميلا‘ ۽ ’انداز‘ کان پوءِ ’جوگن‘، ’بادل‘ ۽ ’ديدار‘ جهڙين ڪامياب فلمن ۾ نرگس، راجڪپور طرف ڇڪجي وئي. دليپ ۽ نرگس جي ’جوگن‘ فلم، ڪيدار شرما ڊائريڪٽ ڪئي هئي ۽ ان ۾ موسيقي سنڌي موسيقارَ بليو. سي. راڻي ڏني هئي.
1955ع ۾ رليز ٿيل دليپ ڪمار جي فلم ’ديوداس‘ سندس اداڪاريءَ کي چار چنڊ لڳائي، کيس هندي فلمي دنيا جو ’ٽرئجڊي ڪنگ‘ بنائي ڇڏيو. هن فلم لاءِ کيس فلم فيئر جو بيسٽ ائڪٽر اوارڊ مليو. اهو اوارڊ دليپ ڪمار کي هيٺين فلمن تي اٺ ڀيرا مليو آهي: ’داغ‘ (1952ع)، ’ديوداس‘ (1955ع)، ’آزاد‘ (1959ع)، ’نيا دؤر‘ (1957ع)، ’ڪوهنور‘ (1960ع)، ’ليڊر‘ (1964ع)، ’رام ۽ شيام‘ (1967ع) ۽ ’شڪتي‘ (1982ع).
ڪامني ڪوشل ۽ نرگس کان پوءِ دليپ ڪمار جي مڌوبالا، وجنتي مالا ۽ نميءَ سان جوڙي پسند ڪئي وئي. مڌو بالا سان دليپ ڪمار جون ڪامياب فلمون ’ترانه‘ ۽ ’مغل اعظم‘ هيون. بمل راءِ دليپ ڪمار ۽ وجنتي مالا کي فلم ’مڌومتي‘ لاءِ چونڊيو ۽ بمل راءِ جي اها فلم باڪس آفيس تي سڀ کان وڌيڪ ڪامياب فلم هئي. هن جوڙي جي ٻي ڪامياب فلم ’نيا دؤر‘ هئي. مڌو بالا جي انڪار تي اهو رول آر. چوپڙا، وجنتي مالا کي سونپيو هو. دليپ ڪمار پنھنجي فلم ’گنگا جمنا‘ لاءِ پڻ وجنتي مالا کي چونڊيو. وجنتي مالا سان دليپ جون هن وقت تائين آيل سموريون فلمون ڪامياب ويون آهن. دليپ ڪمار جا نمي ۽ نامور فنڪار لتا منگيشڪر سان پنهنجائپ وارا رشتا رهيا. لتا منگيشڪر هر سال ’راکي ٻنڌڻ‘ تهوار تي دليپ ڪمار کي ڀيڻ بنجي راکي/ رکڙي ٻڌندي آهي. نمي دليپ ڪمار سان ’داغ‘، ’آن‘، ’امر‘ ۽ ’اڙن کٽولا‘ فلمن ۾ هيروئن جو رول نڀايو.
ڏکڻ ڀارت جي فلم اسٽار رامللو تامل فلم ’ملائي ڪالن‘ جي هندي روپ ’آزاد‘ ۾ دليپ ڪمار کي سونپيو، جيڪا فلم باڪس آفيس تي هِٽ وئي، ان کان پوءِ هو ڪيترين فلمن ۾ ڪم ڪندي ’ڪاميڊي ڪنگ‘ بنجي ويو. سندس اداڪاريءَ جو هي ٻيو دؤر پڻ پهرئين دؤر جهڙو ئي ڪامياب رهيو.
1976ع کان پوءِ دليپ ڪمار پنجن سالن تائين ڪنهن بہ فلم ۾ نہ آيو. 1981ع ۾ هن جي سپر هٽ فلم ’ڪرانتي‘ کيس ٻيهر نمايان ڪيو. ان کان پوءِ شڪتي (1982ع)، ڪرما (1986ع) ۽ سوداگر (1991ع) جي ذريعي هڪ ڀيرو هُو ٻيهر مرڪزي ڌارا ۾ اچي ويو. دليپ ڪمار جو ننڍو ڀاءُ ناصر خان بہ اداڪار هو. دليپ ڪمار پنھنجي سوانح ۾ ڪامني ڪوشل کي پنھنجي پهرين محبت سڏيو آهي، جيڪا شادي شدہ هئي. اهو بہ چيو وڃي ٿو تہ دليپ ڪمار جي من جو لاڙو مڌوبالا طرف بہ هو، پر هن جي گهر وارن کيس شاديءَ جي اجازت نہ ڏني ۽ مڌوبالا جي پيءُ کيس دليپ ڪمار سان گڏ ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. 1966ع ۾ دليپ ڪمار ماضيءَ جي مشھور فلم اسٽار نمسي جي ڌيءَ سائره بانوءَ سان شادي ڪئي، جيڪا کانئس عمر ۾ ڪافي ننڍي هئي. 1980ع ۾ دليپ ڪمار عاصمه سان شادي ڪئي، جنهن سندس رشتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو هو، پر اها شادي جلد ئي ختم ٿي وئي.
دليپ ڪمار جي مشھور فلمن ۾: جوار ڀاٽا، ملن، جگنو، شهيد، ميلا، شبنم، انداز، بابل، آرزو، ترانه، ديدار، داغ، آن، امر، اڙن کٽولا، يهودي، مڌومتي، ڪوھہ نور، ليڊر، دل ديا، درد ليا، رام اور شيام، داستان، سڪينه، بيراگ، مشعل ۽ عزتدار آهن. دليپ ڪمار جو شمار ڀارت توڙي ايشيا جي وڏن اداڪارن ۾ ٿئي ٿو. کيس ڪيترا اوارڊ ۽ لائف ٽائيم اچيومنٽ اوارڊ مـليـا آهـن. پشـاور ۾ موجود دليـپ ڪـمار جي اصلوڪي گهر کي تازو خيبر پختونخوا حڪومت هڪ واپاريءَ کان خريد ڪري، ان کي يادگار جي حيثيت ڏني آهي.
1922.12.11 عيسوي
برصغير جي فلمي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ چمڪندڙ ستاري دليپ ڪمار، 11 ڊسمبر 1922ع تي پشاور جي قصه خواني بازار ۾ رهائش پذير هڪ پٺاڻ خاندان جي فرد لالا غلام سرور جي گهر ۾ جنم ورتو،