
سعودي عرب

مڪو شريف: ڪعبة الله

مدينو شريف: مسجدنبوي

مڪي شريف ۾ ٺاهيل عاليشان ٽاور جو ڏيک

سعودي آئل انڊسٽري جوهڪ ڏيک

سعودي عرب جو موجوده بادشاهه
سعودي عرب: اسلامي دنيا جي هن مشھور ملڪ جو سرڪاري نالو ’الملڪة السعودية‘ (Kingdom of Saudi Arabia) آهي. هن ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ رياض آهي. هن ملڪ جو پراڻو نالو نجد ۽ حجاز هو، جاگرافيءَ جي لحاظ کان هي ڏکڻ- اولھہ ايشيا جو ملڪ آهي، هن جي اتر ۾ اردن، عراق، ڪويت، اوڀر ۾ فارس نار، بحرين، قطر ۽ گڏيل عرب امارتون، ڏکڻ اوڀر ۾ عمان، ڏکڻ ۾ يمن ۽ اولھہ ۾ ڳاڙهو سمنڊ واقع آهي. سعودي عرب، ٻيٽ نما هڪ وڏي حصي تي ٻڌل آهي. هن جي اوڀر کان اولھہ طرف ڊيگهہ 2076 ڪلوميٽر (1290 ميل) ۽ اتر کان ڏکڻ طرف ويڪر 1843 ڪلوميٽر (1145 ميل) آهي. هن ملڪ جي 60 سيڪڙو ايراضي ريگستاني آهي، ڳاڙهو سمنڊ هن کي مصر، سوڊان ۽ حبش کان ڌار ڪري ٿو. ڳاڙهي سمنڊ سان گڏوگڏ اوڀر ۾ ڪناري وارو پٽ آهي. انهيءَ ڪناري واري پٽ جي اوڀر ۾ اتر کان ڏکڻ تائين جابلو سلسلو آهي، جنهن کي حجاز چوندا آهن، اولهندي حصي ۾ اهو جابلو سلسلو هڪ ڀت وانگر آهي. جيڪا اولھہ جي ڪناري واري پٽ کي ملڪ جي ٻين حصن کان ڌار ڪري ٿي، جدي ۽ مڪي ۾ ان جابلو سلسلي جي بلندي گهٽ آهي. پر مڪي جي ڏکڻ پاسي ڪجهہ چوٽين جي بلندي سمنڊ جي سطح کان 2650 ميٽر اوچي آهي. هن ملڪ جي پکيڙ 2331000 چورس ڪلوميٽر 899766 چورس ميل آهي ۽ آبادي 3 ڪروڙن جي لڳ ڀڳ آهي.
50ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن سعودي عرب مان قدرتي تيل ۽ گئس دريافت ٿي تہ ان معدني دولت سان هي ملڪ نهايت شاهوڪار بڻجي ويو. هن ملڪ ۾ بادشاهت جو بنياد 1932ع ۾ عبدالعزيز ابن سعود رکيو، جنهن بعد سندس ئي اولاد مان حڪمران ٿيندا رهن ٿا.
هن ملڪ جو ذڪر سڀ کان اڳ ۾ 1000 ق. م ۾ حضرت سليمانعه جي دور ۾ ملي ٿو. پوءِ جاگرافيدانن هن کي 5 حصن، حجاز، يمن، تهاما، نجد ۽ عروض ۾ ورهايو. ان کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي زماني ۾ اهو حجاز، نجد، يمن ۽ بحرين تي ٻڌل چئن حصن ۾ ورهايل هو. جيئن تہ هي ويران ۽ واريءَ تي ٻڌل علائقو هو. ان ڪري هتان جا ماڻهو چوپايو مال چارڻ ۽ واپار سان لاڳاپيل هئا.
هن ئي سرزمين تي آخري پيغمبر حضرت محمد صلي عليہ وسلم، 570ع ۾ مڪي شريف ۾ جنم ورتو. ان وقت هتان جا ماڻهو ڪيترن ئي خدائن جا پوڄاري هئا. صدين کان مختلف قبيلن ۽ خاندانن ۾ ورهايل اهو ٻيٽ نما عربستان 7 صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ اسلام جي روشنيءَ سان منور ٿيو. 632ع ۾ جڏهن پاڻ سڳورن صلي ﷲ عليہ وسلم جـو وصـال ٿيـو تہ سڄـو عـرب اسـلام جـي دائـري ۾ داخـل ٿي چڪـو هـو. 7 صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري خلفاءِ راشدين جي عھد ۾ عرب جي اوڀر، اولھہ ۽ اتر پاسي وارا علائقا فتح ٿي چڪا هئا. 660ع ۾ امير معاويه پنھنجي گاديءَ جو هنڌ مديني مان دمشق منتقل ڪيو. 750ع جي شروعات ۾ مسلم سلطنت مختلف رياستن ۾ ورهائجي وئي. خلافت راشده کانپوءِ عرب وچئين دور جا ڪيترائي حڪمران ڏٺا.جن ۾ اموي، عباسي، قرمطي، فاطمي، سلجوق ۽ مصر جا مملوڪ سلطان هڪ ٻئي پٺيان هتي حڪمراني ڪندا رهيا.
1517ع ۾ عثماني سلطان سليم پهرئين مصر ۽ حجاز کي فتح ڪيو ۽ ’خادم الحرمين‘ جو لقب اختيار ڪيو، آل سعود جي تاريخ 18 صديءَ کان شروع ٿئي ٿي. ان وقت عرب جي رهواسين تي جھالت ڇانيل هئي ۽ هو ڪيترن ئي خرابين ۾ مبتلا هئا. اهڙي ماحول ۾ 1741ع ۾ شيخ محمد بن عدالوهاب جي وهابي تحريڪ شروع ٿي، ڪجهہ عرصي کانپوءِ امير محد بن سعود جيڪو درعيه جو حاڪم هو، ان عبدالوهاب جي تحريڪ ۾ شموليت اختيار ڪئي. هن حڪومت جي گاديءَ جو هنڌ درعيه بجاءِ رياض کي قرار ڏنو. محمد بن سعود جي انتقال کانپوءِ سندس پٽ عبدالعزيز پهرئين (1720ع-1803ع) دريه جي ننڍڙي عمارت کان
آل سعود جي حڪومت جي شروعات ڪئي. 1744ع ۾ عبدالوهاب ۽ محمد بن سعود اهو فيصلو ڪيو هو تہ اهي ٻئي ملي اهڙي رياست قائم ڪندا، جتي صرف ۽ صرف اسلامي شريعت تي عمل ٿيندو.
1801ع ۾ آل سعود ۽ وهابي فوج ملي ڪري ڪربلا سميت اوڀر عراق جي ڪجهہ علائقن تي قبضو ڪري ورتو. ان کانسواءِ طائف ۽ بحرين بہ سندس هٿ وس ٿي ويا. 1803ع ۾ امير عبدالعزيز کي نماز دوران قتل ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ سندس پٽ سعود، حڪومت جي واڳ سنڀاليندي 1805ع ۾ مڪو ۽ مدينو فتح ڪيو. 1810ع ۾ هن شام تي قبضو ڪيو، پر پوءِ مصر جي سلطان محمد علي پاشا جي پٽ طوسون پاشا 1813ع ۾ مدينو ۽ مڪو فتح ڪري ورتو. ائين ترڪن جي عثماني حڪومت قائم ٿي، جنهن 1818ع ۾ سعود خاندان جي حڪومت جو خاتمو آندو. 1820ع ۾ امير عبدالله کي قاهره جي ميدان ابا صوفيا تي ڦاهي ڏني وئي، ال سعود جو ٻيو دور 1824ع کان شروع ٿئي ٿو. جڏهن عبدالله بن محمد جي پٽ ترڪي بن عبدالله ’رياض‘ تي قبضو ڪيو ۽ پوءِ نجد جا سڀ شھر محمد علي پاشا کان آزاد ڪرايا.
ان کانپوءِ امير فيصل، امير عبدالرحمان الفصيل ابن سعود (عبدالعزيز ٻيو) حڪومت جي واڳ سنڀالي، جنهن 9 ڊسمبر تي 1925ع ۾ مديني جي حڪومت بہ حاصل ڪندي 19 ڊسمبر تي جدہ تي بہ قبضو ڪيو ۽ 8 جنوري 1926ع تي فاتح جي حيثيت سان مڪي شريف ۾ داخل ٿيو. 20 مئي 1927ع تي برطانيا، جدہ ٺاھہ تي صحيح ڪري سعودي علائقي جي آزادي ۽ خودمختياري تسليم ڪري ورتي ۽ 23 سيپٽمبر 1934ع تي چئن علائقن کي متحد ڪري سعودي عربيه جي پيڙھہ وڌي وئي. 17 جون 1934ع تي سعوديه ۽ يمن جي حڪمرانن امن ٺاھہ تي صحيحون ڪري ’جنگ صحرا‘ جو خاتمو آندو. 1957ع ۾ اردن ۽ عراق سان اتحاد ٿيو. 1969ع تي مسجد اقصيٰ کي باھہ ڏيڻ جي واقعي کانپوءِ شاھہ فيصل، پهرين اسلامي سربراهي ڪانفرنس مراڪش جي شھر رباط ۾ ڪوٺائي. 1970ع ۾ ٿيل ٺاھہ موجب يمن سان جنگ ختم ٿي ۽ سعوديه عرب يمن کي تسليم ڪيو. 22 فبروري 1974ع تي لاهور (پاڪستان) ۾ ٻي اسلامي سربراهي ڪانفرنس شاھہ فيصل ۽ پاڪستان جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي منعقد ڪرائي. شاھہ فيصل، يورپ کي تيل ڏيڻ بند ڪيو. 25 مارچ 1975ع تي شاھہ فيصل کي سندس ڀائٽي قتل ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ شاھہ خالدکي بادشاھہ مقرر ڪيو ويو.
20 نومبر 1979ع تي 250 هٿياربند انتهاپسند نوجوانن جي هڪ گروپ ’بيت ﷲ‘ تي قبضو ڪيو. ان قبضي کي ختم ڪرائڻ لاءِ سعودي حڪومت جي مدد پاڪستان جي فوج ڪئي ۽ حفاظتي فوجن ۽ پاڪستاني ڪمانڊوز، 17 ڏينهن جي ويڙھہ کانپوءِ انهن جو خاتمو آندو. 13 جون 1983ع ۾ شاھہ خالد جي وفات کانپوءِ شھزادي فھد کي ’شاھہ‘ ڪيو ويو جنهن ’جلالة الملڪ‘ جو خطاب ڪري خادم الحرمين الشريفين جو لقب اختيار ڪيو. 14 نومبر 1983ع تي دنيا جي سڀ کان وڏي هوائي اڏي ’شاھہ خالد انٽرنيشنل‘ ايئرپورٽ رياض جو افتتاح ٿيو. اپريل 1988ع ۾ ڪجهہ ايراني حاجين جي فساد ڪري سعوديه، ايران سان هر قسم جا لاڳاپا ٽوڙي ڇڏيا. 2 آگسٽ 1990ع ۾ ڪويت تي عراق قبضو ڪيو ته، عراق تي حملي لاءِ آمريڪا ۽ اتحادي ملڪن جي سعوديه مدد ڪندي سڀ اڏا حوالي ڪري ڇڏيا. 21 جولاءِ 1990ع ۾ هن ملڪ جا چين سان سفارتي لاڳاپا قائم ٿيا. 26 مارچ 1991ع تي ايران سان ٻيهر لاڳاپا بحال ٿيال 1994ع ۾ سعودي مملڪت جا 14 صوبا ڪيا ويا ۽ 9 سالن کانپوءِ سعودي عرب عراق سان پنھنجي سرحد کولي ڇڏي.
هن وقت سعوديه ۾ موروثي بادشاهت آهي، بادشاھہ رياست جو مملڪتي اڳواڻ چيف ايگزيڪيوٽو سڀني مطلق العنان اختيارن جو مالڪ، وزير اعظم ۽ هٿياربند فوج جو سپريم ڪمانڊر آهي. وليعهد کي نائب وزيراعظم جو درجو حاصل آهي.
هن ملڪ ۾ ڪو بہ آئين، اسيمبلي يا سياسي جماعت ناهي، سڀني ملڪي قانونن جو بنياد اسلامي شريعت آهي. بادشاھہ ڪابينا جي چونڊ پاڻ ڪندو آهي.
سعودي عرب جـي سرڪاري ٻولـي عربـي ۽ انگريزي آهي، جـڏهـن تہ سڪـو ريال آهي.
سعودي عرب جي مکيہ زرعي پيداوار کجي، ڪڻڪ ڀاڄيون وغيرہ آهن. هتان جي اهم صنعتن ۾ ٽيڪسٽائل، سيمنٽ جا ڪارخانا، آئل ريفائنري شامل آهن ۽ هن ملڪ جي اهم معدنيات ۾ تيل، قدرتي گئس، سون، ٽامو، لوھہ، چاندي ۽ شيهو وغيرہ شامل آهن.
سعودي عرب 24 آڪٽوبر 1945ع تي گڏيل قومن جي اداري جو ميمبر ٿيو ۽ 23 سيپٽمبر 1932ع کي آزاديءَ جو ڏهاڙو ڪري ملهايو ويندو آهي.
سعودي عرب جي مشھور بادشاهن ۾ شاھہ عبدالعزيز بن سعود، شــاھہ ســعــود، شــاھہ فيصل، شاھہ خالد، شاھہ فهد، شاھہ عبدالله، شيخ زيد بن سلطان وغيرہ قابل ذڪر آهن.
هن ملڪ جي مکيہ پيداوار تيل آهي. تيل جي پيداوار کان اڳ هيءُ ملڪ غريب ملڪن ۾ شمار ٿيندو هو. پر تيل جي 50ع ۾ دريافت بعد هي ملڪ ترقيءَ طرف گامزن ٿيو.
سعودي عرب جي شھر حجاز، مڪي، مديني ۽ جدہ جي ماڻهن جي آمدني هر سال حج جي زيارت لاءِ ايندڙ حاجين جي آمد سبب ٿئي ٿي. هر سال ويھہ لک کان وڌيڪ مسلمان حج لاءِ اچن ٿا. تازو اخباري خبرن موجب سعودي انتظاميا حاجين جي سهولت لاءِ ترقياتي ڪم شروع ڪرايا آهن، جنهن بعد هر سال چاليھہ لک مسلمانن کي حج جي اجازت ملي سگهندي.