سماج: ’سماج‘ لفظ جي لغوي معنى قوم، برادري، جماعت، گروهه، ڌر يا ٽولو ڄاڻائي وئي آهي (جامع سنڌي لغات: ڊاڪٽر ن. ب). سماج کي لاطينيءَ ۾ Society (سوسائٽي) چيو ويندو آهي. آباديءَ جو اهو مجموعو، جيڪو قوم جي جوڙجڪ ۽ رياستي نظام عمل هيٺ آڻي ۽ اختيارين جي ماتحت رهي، تنهن کي سماج سڏيو ويندو آهي.
سماج جي اوائلي سادي تعريف اها آهي ته انسانن جي گروهه طرفان غير انساني خطرن کان بچڻ لاءِ، هڪٻئي سان گڏجي رهڻ جي ڪوشش جو نتيجو ’سماج‘ آهي. انسان کي شروع ۾ فطرت جي وحشي قوتن کان خطرا هئا. ان معنيٰ ۾ انساني سماج کي انساني وجود جي بچاءُ جو سڀ کان اهم ۽ بنيادي وسيلو سمجهيو ويو. سماج ۾ سماجي جوڙجڪ ۽ سماجي رويا جوڳي اهميت رکن ٿا.
اوائلي دور ۾ انسان جو تضاد فقط فطرت جي وحشي قوتن سان هو. سماج جا پنهنجا اندريان تضاد ان وقت پيدا ٿيا. جڏهن ملڪيت جو ذاتي تصور پيدا ٿيو. انساني سماج جو تضاد جيئن وڌيو، تيئن هزارين جهيڙا، تعصب، ڌربنديون پيدا ٿيون. ان تاريخي عمل ۾ سماجي دوستي ۽ سماجي دشمني هڪ ٻئي خلاف برسر پيڪار رهيون آهن. جتي سماجي دوستيءَ جو راڄ هوندو آهي، اُتي ماڻهن ۾ پيار، برابري ۽ آزادي رهي ٿي، پر جتي سماج دشمنيءَ وارو راڄ رهي ٿو. اتي ڏاڍ، جبر، منافتقي، ظلم، لالچ ۽ ٺڳيءَ جو اقتدار رهي ٿو.
اهڙا سمورا سماج جن جي ماڻهن جي گهڻائي، ماڻهن جي بهتر مفادن ۾ نه آهي ۽ ماڻهو اڪثريت جي مفادن جا دشمن آهن ته اهڙا سماج، نه ڪڏهن حقيقي ترقي ڪري سگهندا، ۽ نه انهن سازشن مان جان ڇڏائي سگهندا، جيڪي سماج دشمن عنصر سندن سماجي نظام کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاءِ ڪندا آهن. ان ڪري اندروني طور اهڙن سماجن جي مادي ۽ اخلاقي ڀڃ ڊاهه جو لاڳيتو جاري رهڻ انهن جو مقدر بڻجي ٿو.
موجوده دور ۾ سماج، جاگرافيائي حوالي سان مقرر حد جي اندر ڪنهن رياست جي دائري ۾ هوندا آهن، جڏهن ته ڪي حد بندين کان مٿاهين سطح تي هوندا آهن ۽ مختلف علائقن ۾ رياست تائين ڦهليل هجن ٿا. انساني سماج ۾ ماڻهن جي گروهن جي هڪٻئي سان مختلف شعبن ۾ واسطيدار هجڻ ڪري اهي هڪٻئي تي دارومدار رکن ٿا. جڏهن ته سماج اصطلاحي طور انسان ذات، ڪنهن مخصوص قوم يا گروهه جي لاءِ استعمال ڪيو آهي ۽ انهن سڀني حلقن جي وچ ۾ گڏيل رابطي جو سرشتو زبان، ثقافت، سماجي سهڪار يا حڪومتي تنظيم سازيءَ وسيلي جڙندو آهي، جڏهن ته ٻين سرشتن وانگر سماج به پنهنجي لاڳاپيل گروهه کي موقعو فراهم ڪندو آهي ۽ اهڙيون خواهشون، جن جي تڪميل انفرادي طرح ممڪن نه هجي، تن کي اجتماعي سهڪار سان پورو ڪيو ويندو آهي. سماج جو تصور انساني آباديءَ تي ٻَڌل هڪ اهڙي سرشتي تي مشتمل آهي، جيڪو معاشي، سماجي، سياسي ۽ ٻين معاملن ۾ تعاون ڪري سندس حاصلات ممڪن بڻائي ٿو. جڏهن ته سماج ڪنهن مخصوص نسلي گروهه تائين محدود ٿيڻ بجاءِ وسيع لحاظ کان ثقافتي بنيادن تي پکڙيل هوندو آهي. سماج جا مقصد مذهبي، ثقافتي، سائنسي ۽ سياسي به ٿي سگھن ٿا. جيڪي سماج معاشي حوالي سان سگھارا ۽ با اثر هجن ٿا ۽ ٻاهرين قوتن جي دستبرد کان پري ۽ خودمختيار هجن ٿا، تن جي ڀيٽ ۾ اهي معاشرا جيڪي معاشي لحاظ کان ڪمزور هوندا آهن، اهي ٻاهرين قوت جي آڏو شڪست کائيندا آهن ۽ کين ’ڀاڙيندڙ سماج‘ طور ڄاتو ويندو آهي.
مجموعي طور تي سماج اجتماعي زندگيءَ جي گڏيل مفادن، ٻولي، معيشيت، ثقافت ۽ روين جي جوڙجڪ جو نالو آهي، جنهن ۾ هڪ مخصوص آبادي پنهنجي ذاتي ۽ اجتماعي مفادن لاءِ محنت، مشقت ۽ تعميري ڪردار ادا ڪري ٿي.