سماع

سماع

سماع

سماع

سماع

سماع: لفظ سماع عربي لفظ ’سمع‘ مان ورتل آهي، جنهن جي معنى ’ٻڌو‘ يا ’ٻڌڻ‘ آهي. جامع سنڌي لغات- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ موجب سماع جي معنى آهي ’ذڪر جي نموني وارو راڳ‘ يا ’روحاني ڪيفيت وارو راڳ‘. تصوف جي راهه ۾ سماع عبادت ۽ رياضت جو روحاني ۽ وجداني ڪيفيت وارو صوفياڻو طريقو آهي، جيڪو صرف سوز ۽ گداز واري راڳ کي ٻڌڻ سان منسلڪ ڪري سگھجي ٿو. هن طريقي جي عبادت ۾ صوفي، درويش، ولي الله، مريد، معتقد، فقير توڙي عام عقيدو رکندڙ ماڻهو ڌڻيءُ جي بارگاهه ۾ (سواءِ مسجد جي)، صوفين جي درگاهن تي، ڪنهن خاص مقام ۽ خاص محفلن ۾ عبادت جي هن طريقي موجب ’الله هو‘ جي ورد ۽ انداز سان، قوالي، بيتن، مولودن وغيره سان مطلق هستيءَ ۽ حق جي ياد ۾ سماع ڪندا آهن. اسلام جي ڪن فرقن ۾ موسيقي توڙي سماع کي ممنوع قرار ڏنو ويو آهي، پر صوفين سماع جو طريقو ڳولي، ان کي عبادت ۽ حقيقي معبود باري تعالى تائين پهچڻ جو ذريعو سمجھيو. هي طريقو تمام قديم آهي، پر پهريان ان کي سماع جو نالو نه ڏنو ويو هو. جيئن سماع ’سمع‘ مان ماخوذ آهي ته هي حق جي آواز کي ٻڌڻ جو عمل آهي. هن عمل ۾ حق جو نالو اهڙي ته سريلي، مڌر، خوش الحان ۽ درد واري ڪيفيت ۾ پڪاريـو وڃـي ٿو، جو سمـاعتـي/ ٻڌنـدڙ حـق جـي آواز تـي بي اختيار ٿي، پنهنجي سڌ ٻڌ وڃائي، انهيءَ مطلق هستيءَ ۾ پنهنجو وجود جذب ڪري ڇڏيندو آهي. صوفين جي مختلف طريقن ۽ حلقن ۾ سماع جا ٻه مختلف طريقا آهن. ڪن طريقن ۾ سماعتي حق جو آواز پڙهندو ۽ پروڙيندو آهي، ڪن طريقن ۾ خاموشيءَ سان ذاڪر يا قوال کي ٻڌو ويندو آهي، ڪن طريقن ۾ ٻڌڻ ۽ چوڻ سان گڏوگڏ جسماني طور به سماعتي بي اختيار ٿي ويندا آهن، ڪن ملفوظات ۾ مؤرخن ان بي اختياري ۽ بيقراريءَ کي ناچ ۽ رقص به لکيو آهي، جنهن مان مراد صوفياڻو رقص وٺي سگھجي ٿي. سماع جي تشريح جا بيان: صوفين وٽ سماع جو مقصد قال جي تال تي ارتڪاب، فڪر ۽ حال جو دريافت ڪرڻ آهي. سماع بابت ڪيتريون ئي تشريحون ڪيون ويون آهن، جي سڌو سنئون لئي، ڍار، نغمگي، ترنم ۽ راڳ جي ناد کي ٻڌڻ تي منحصر آهن. تنهنڪري سماع ۽ راڳ جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي. ڪن عالمن سوز ۽ گداز واري راڳ کي ڪلاسيڪي قالب ۽ فڪر واري شاعريءَ جي قدامت ۾ سماع کي ان جو پهريون ذريعو سمجھيو آهي، جتان راڳ جون سوز واريون صنفون ۽ ڪلاسيڪل شاعريءَ جون روايتون توڙي تصوف جي بلند پايه فڪر جي آميزش سان ڀريل سنڌي، هندي، فارسي، اردو، سرائيڪي ۽ پنجابي ڪلام جو وجود پيو. راڳ ۽ سماع تي مختلف عالمن جا مختلف خيالات آهن، جيڪي راڳ ۽ سماع ٻنهي کي سمجھڻ بابت بنيادي مدد ڏين ٿا.
آغا سليم ’ڪشف المحجوب‘ مان حوالو ڏنو آهي ته سماع لفظ ’سماعت‘ مان ٺهيو آهي، صوفين وٽ پنجن حواسن مان ٻڌڻ جي حواس کي پهريون درجو حاصل آهي، ڇاڪاڻ جو ٻڌڻ جي حواس جي معرفت انسان نبين کان خدا جو ذڪر، خدا جا حڪم ۽ خدا جي ديدار جون بشارتون ٻڌندو آهي. مٺي ۽ سريلي آواز کي صوفين ’نداءِ الاهي‘ چيو ۽ راڳ جي اجازت ڏني. حضرت نظام الدين اولياءَ فرمايو ته ميثاق جي ڏينهن ’الست بربڪم‘ جي ندا پوربي راڳ ۾ منهنجي ڪنن تائين پهتي هئي. ڊاڪٽر تنوير عاسيءَ جي راءِ موجب سماع جو طريقو بر صغير کان رواج ۾ آيو، جنهن ۾ صوفين موسيقي ۽ وجداني ڪيفيت، بي اختياري ۽ سماع کي اسلامي نڪته نگاهه کان ’تصوف‘ ۽ اسلامي پرچار لاءِ جائز قرار ڏنو. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي چواڻي اهو عالم آشڪار آهي ته سماع جي انهن محفلن ۾ پاڪيزگي ۽ تزڪيه نفس موجود آهي. جڏهن ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به اها ڳالهه هن طرح سان ڪئي آهي ته صوفي بزرگن وٽ سماع جو سلسلو حق ۽ حقيقت ڏانهن مائل ڪندڙ پاڪيزه احساسن ۽ قلبي سرور پيدا ڪرڻ لاءِ شروع ٿيو. امام غزالي (1058ع-1111ع)، اسلام جو وڏو عالم، داعي ۽ فلسفي ٿي گذريو آهي. هن پنهنجي ڪتاب ’احياءُ العلوم الدين‘ جي هڪ باب ۾ وجد ۽ سماع بابت گھڻو ڪجھه لکيو آهي، جنهن ۾ موسيقيءَ جي شرعي حيثيت تي بحث ڪيو ويو آهي ۽ سمجھڻ خاطر دليل ڏنا ويا آهن ته موسيقي بذات خود مذموم يا ممنوع ناهي، پر راڳ ته هڪ قسم جي ڪسوٽي آهي، جنهن سان هر شخص جي دلي جذبن ۽ احساسن کي پرکي سگھجي ٿو. بدڪار شخص جا جذبا بد هوندا ته راڳ کيس برائيءَ ڏانهن ڇڪيندو، پر نيڪ شخص جي پاڪيزه خيالن لاءِ روحاني تسڪين ۽ اطمينان قلب جي جي باعث ٿيندو. امام غزاليءَ جو نظريو آهي ته انسان جي فطري احساسن ۽ جذبن جي مد نظر سماع يعني راڳ ممنوع ناهي. اڳتي لکي ٿو ته: جنهن ماڻهوءَ تي راڳ جو اثر نه ٿو ٿئي، اهو ناقص اعتدال کان هٽيل ۽ روحانيت کان وانجھيل آهي، اٺن، پکين ۽ ٻين حيوانن جي طبيعت کان وڌيڪ ڪثيف طبيعت وارو آهي. جنهن ماڻهوءَ تي بهار جي گونچن ۽ ستارن جي نغمن جو اثر نه ٿئي، اهو خراب سڀاءَ جو ماڻهو چئبو ۽ هن جي ڪابه اصطلاح ڪري نه ٿي سگھجي. امام غزاليءَ جي زير بحث ذڪر مان انساني طبع تي اثر انداز ٿيندڙ راڳ جا چار قسم مقرر ڪري سگھجن ٿا. حرام، مڪروهه، مباح ۽ مستحب. حرام انهن ماڻهن لاءِ، جن تي شهوت غالب هجي ۽ راڳ سببان انهن جا حيواني جذبا مشتعل ٿيندا هجن. مڪروهه انهن ماڻهن لاءِ، جيڪي ان کي هر وقت شغل بڻائن ٿا. مباح انهن لاءِ، جن کي راڳ مان مزو ايندو هجي ۽ هو ان کي هڪ فن جي حيثيت ۾ ٻڌندا هجن ۽ انهيءَ کان علاوه هو موسيقيءَ مان ٻيو ڪو به تاثر نه وٺندا هجن. فقير غلام علي مسرور بدويءَ مطابق سماع جي معنى آهي ٻڌڻ، هي لفظ قرآن مجيد ۾ ڪونه آيو آهي، پر قديم عربيءَ ۾ ڳائڻ وڄائڻ جي معنى لاءِ ڪم اچي ٿو. سڀ کان زياده اصطلاحي معنى ۾ ان جو استعمال تصوف ۾ ٿئي ٿو ۽ ان جي معنى موسيقيءَ ۾ انهماڪ، ڳائڻ، جھونگارڻ ۽ مذهبي جوش ۽ وجد پيدا ڪرڻ لاءِ سرتار ۾ ڳائڻ آهي يا وري آواز ۽ ساز ۾ ڳائڻ وڄائڻ آهي.
پروفيسر سرفراز حسين قاضيءَ پنهنجي ڪتاب ’تصوف تي پنجابي دي صوفي شاعر‘ ۾ لکيو آهي ته موسيقيءَ جي علم کي غير اسلامي چيو وڃي ٿو، ڇو ته هي هڪ نشي آور شيءِ آهي، جيڪا شيءِ مستيءَ ۾ آڻي، اها شريعت ۾ غير قانوني قرار ڏنل آهي، پر صوفين جي نزديڪ مستي مستيءَ ۾ فرق نظر اچي ٿو. اها مستي جيڪا جذب جي ڪيفيت يا حالت پيدا ڪري ته ان کي ’عين الايمان‘ چيو وڃي ٿو. چيو وڃي ٿو ته هڪ ماڻهوءَ جي دل جي ڌڙڪن هڪ منٽ ۾ پنجهتر کان نوي ڀيرا ڌڙڪندي آهي، پر جڏهن هڪ ماڻهو پنهنجي رب سان موسيقيءَ ۽ سماع جي ذريعي ملڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ان جي دل جي ڌڙڪن سان گڏ جسماني ڏڪڻي به پيدا ٿئي ٿي، هن مقام تي پهچڻ کانپوءِ فطرت سان يڪ رنگي به پيدا ٿئي ٿي ۽ مٿس وجد يا حال ظاهر ٿئي ٿو، اهڙو صوفي هر وقت الله جي ذات مان عرفان حاصل ڪندو آهي. سيد نصير احمد جامعي پنهنجي اردو تصنيف ’حضرت بابا فريد گـنـج شڪــر‘ ۾ لکيو آهي ته: شيخ حضرت فريدالدين مسعود گنج شـڪـر (1157ع-1265ع) جو سماع سان بيحد شغف هو. هن ماع کي دل جي راحت قرار ڏنو آهي، جو اهو اهل محبت جي دل ۾ حرڪت پيدا ڪري ٿو. سماع جي حرمت تي هڪ ڏينهن گفتگو ٿي رهي هئي ته فرمايائون: سبحان الله سماع انهن ماڻهن لاءِ جائز قرار ڏنو ويو آهي، جيڪي ان ۾ اهڙا ته مستغرق ٿين جو هڪ لک تلوارون سندن سر تي هنيون وڃن يا هڪ هزار فرشتا سندن ڪن ۾ ڪجھه چون، پوءِ به کين ڪنهن ڳالهه جي خبر نه پوي. هڪ ڏينهن سماع جي محفل ۾ هڪ فارسي غزل پيش ڪيو ويو: ملامت کردن اندر عاشقي راست، ملامت کي کند آنکس که بنياست نه هرز دامني راعشق زيد، نشانِ عاشقي ازدرد پيداست نظامي تاتواني پارسا باش که نورِ پارسائي شمع دلهاست. هن غزل حضرت فريدالدين تي ايتري ته بيقراري ۽ عجيب ڪيفيت طاري ڪئي، جو مٿس ست ڏينهن ۽ ست راتيون وجد جو عالم رهيو، بي چين ٿي ڪنهن محفل ۾ رقص به ڪندو هو، نماز جي وقت هوش ۾ اچي نماز جا فرض بجا آڻيندو هو ۽ وري مٿس بي هوشي طاري ٿي ويندي هئي. حضرت خواجه نظام الدين کان روايت آهي ته: حضرت فريدالدين کي سماع مان حظ حاصل ٿيندو هو، هڪ ڏينهن جڏهن سندس سماع ٻڌڻ تي دل ٿي ته قوال موجود ڪو نه هو. ساڳئي وقت بدرالدين اسحاق چيو ته حضرت قاضي حميدالدين ناگوريءَ اوهان ڏانهن خط موڪليو آهي، پاڻ فرمايائون ته سندس خط اٿي بيهي پڙهيو وڃي، جڏهن بدرالدين خط پڙهڻ شروع ڪيو ته ان ۾ هيءَ روايت لکيل هئي: ”فقير حقير نحيف ضعيف محمد عطا که بنده درويشان است واز سرِ ديده خاک قدم ايشان“ جڏهن حضرت فريدالدين ايترو ٻڌو ته مٿس وجد طاري ٿي ويو. پوءِ ان خط مان هيءَ رباعي پڙهائي وئي. آن عقل کجاکه در کمال تورسد وآن روح کجا که در جلال تورسد گيرم که تو پرده برگر خطي زجمال آل ديده کجا که در جمالِ تورسد. وجد جي ڪيفيت ۽ سماع لاءِ هڪ ٻي به روايت مشهور آهي ته هڪ ڀيري حضرت نظام الدين اولياءَ وجد جي حالت ۾ نچڻ لڳو، ان محفل ۾ حضرت رڪن عالم به موجود هو. هن حضرت نظام الدين کي دامن کان جھليو ۽ ڇڪي ويهاري ڇڏيائين. ٻيو دفعو وري حضرت نظام الدين اٿي نچڻ لڳو، حضرت رڪن عالم وري کيس ويهاري ڇڏيو. ٽيون دفعو جڏهن حضرت نظام الدين اٿي نچڻ لڳو ته هن ڀيري هن کي دامن کان ڇڪي ويهارڻ جي بدران حضرت رڪن عالم نفل پڙهڻ ۾ مشغول ٿي ويو، نفل پڙهي جڏهن واندو ٿيو ته ڪنهن ماڻهوءَ کانئس پڇيو ته پهريان ٻه دفعا جڏهن حضرت نظام الدين رقص لاءِ اٿيو ته اوهان کيس ويهاري ڇڏيو، پر ٽيون ڀيرو جڏهن پاڻ رقص لاءِ اٿيو، ته اوهان نفل پڙهڻ شروع ڪري ڏنا، ان جو ڪهڙو سبب آهي؟ حضرت رڪن الدين جواب ڏنو ته پهريون دفعو جڏهن حضرت نظام الدين اٿيو ۽ رقص لاءِ پير کنيائين ته سندس پير پهرئين آسمان تي پيو، مون هن جي دامن کي ڇڪي ويهاري ڇڏيو. ٻيو دفعو جڏهن اٿيو ته سندس پير ستين آسمان تي پيو، منهنجو هٿ ستين آسمان تائين پهچي ٿي سگھيو ۽ مون هٿ وڌائي، سندس دامن کي جھلي کيس ويهاري ڇڏيو. پر جڏهن ٽيون ڀيرو هو رقص لاءِ اٿيو ته هو ساري ڪائنات ۾ مون کي ڪٿي به نظر نه ٿي آيو ۽ مان نفل پڙهڻ لڳس. صوفي هميشه تمثيلي ۽ علامتي انداز ۾ گفتگو ڪندا آهن. حضرت رڪن عالم جو جواب به تمثيلي ۽ علامتي هو ته پهرين دفعي حضرت نظام الدين اولياءَ کي پهرين آسمان واريون روحاني بلنديون حاصل هيون، ٻيو ڀيرو کيس ستين آسمان واريون بلنديون حاصل ٿيون ۽ ٽيون دفعو سندس هستي ميٽجي هيڪڙائيءَ سان اهڙيءَ طرح هڪ ٿي وئي هئي، جو هو ڪٿي به نظر نه ٿي آيو. اهي سڀ حالتون سماع ۾ صوفين جي وجداني ڪيفيت ۽ حال کي ظاهر ڪن ٿيون. آغا سليم لکيو آهي ته مٺي ۽ سريلي آواز جي تاثير جي باري ۾ صوفين پنهنجي ڪتابن ۾ ڏاڍا عجيب ۽ غريب ۽ ويساهه ۾ نه اچڻ جهڙا واقعا ڏنا آهن. سريلي آواز سان رڙيون ڪندا هئا، نچندا هئا ۽ مري به پوندا هئا. حضرت دائود عليه السلام جڏهن زبور پڙهندو هو ته انسان، جن ۽ حيوان سندس قراءت ٻڌندا هئا ۽ ڪي مري به پوندا هئا. صوفين خوش الحان آواز جي بيان ۽ سماع کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ قرآن پاڪ ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جي حديثن جا ڪيترائي دليل ڏنا آهن. صوفين جو چوڻ آهي ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن سريلي آواز کي پسند ڪندا هئا ۽ قرآن مجيد کي خوش الحانيءَ سان پڙهڻ جي تلقين ڪندا هئا. پاڻ سڳورن فرمايو ته: قرآن کي پنهنجي آواز سان سهڻو ٺاهيندا ڪريو، ڇاڪان ته سٺي آواز سان قرآن مجيد جي خوبي وڌندي آهي. سٺي آواز جي فضيلت بيان ڪندي فرمايائون: هر شيءِ جو زيور هوندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح قرآن مجيد جو زيور مٺڙو آواز آهي. الله پاڪ ڪنهن شيءِ کي ايڏي غور سان نه ٻڌندو آهي، جيترو قرآن مجيد کي ٻڌندو آهي. جڏهن ڪو قرآن مجيد کي خوش الحانيءَ سان پڙهندو هجي. حضرت خواجه معين الدين چشتي (1192ع) کي سماع جو ڏاڍو ذوق هو ۽ سماع جي محفلن ۾ مٿس غير معمولي ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. هڪ ڀيري پاڻ حضرت خواجه ابو يوسف چشتيءَ جي خانقاهه ۾ ترسيل هو، اتي محفلِ سماع ۾ قوالن هي شعر پڙهيو: عاشق بهوائي دوست بيهوش بود، وازياءِ محبوب خويش مدهوش بود، فرد آيه به حشر خلق حيران ماند، نام تودرون سينه و گوش بود، خواجه صاحب تي ان جو ايڏو اثر ٿيو، جو ڪيترائي ڏينهن بيهوش رهيو. حضرت نصيرالدين چراغ دهلوي ’منقاع العاشقين‘ ۾ ٻڌايو آهي ته شيخ الاسلام خواجه معين الدين سماع بابت فرمايو آهي ته سماع حق جا اسرار معلوم ڪرڻ جو ذريعو آهي. سندس وفات به سماع ٻڌندي ٿي. حضرت خواجه حسن بصريءَ سماع سان پيدا ٿيندڙ ڪيفيت لاءِ فرمايو ته وجد هڪ راز آهي، جڏهن ان جي تحريڪ ٿيندي آهي، تڏهن وجد طاري ٿي ويندو آهي. سماع ورد الاهي آهي. جنهن سماع کي سچائيءَ سان ٻڌو، اهو حق تائين پهچي ويو ۽ جنهن ان کي نفس جي خوشيءَ لاءِ ٻڌو، اهو بي دين ٿي ويو. سماع جا ساز سرود ۽ شاعريءَ جون صنفون: سماع جي روايت هر صوفي سلسلي ۾ عليحده عليحده آهي. ڪن طريقن ۾ صرف سرود کي اهميت ڏنل آهي ته ڪن ۾ ساز کي به اهميت ڏني وئي آهي. صوفين وٽ ساز سرود مان مراد صرف نيت جي سچائيءَ سان ٻڌڻ ۽ ذات حقيقي ۾ مستغرق ٿيڻ ڄاڻايو آهي. انهيءَ لاءِ صوفين ڪيترائي دليل ڏنا آهن. جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته خوش الحان ۾ قرآن شريف جي تلاوت کي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن پسند فرمائيندا هئا، اصحابي سڳورا پڻ مٺي آواز کي پسند ڪندا هئا. حضرت شيخ فريد الدين مسعود گنج شڪر کي جڏهن بدرالدين اسحاق حضرت قاضي حميد الدين ناگوريءَ جو خط پڙهي ٻڌايو ته مٿس وجد طاري ٿي ويو. آغا سليم مطابق شايد امام غزاليءَ جي ڏينهن ۾ سماع ۾ ساز به شامل ٿي ويا هئا، جو امام غزالي سماع جي باري ۾ بحث ڪندي ڪن سازن کي حرام ۽ ڪن سازن کي جائز قرار ڏنو آهي. مثال مرزا مير عراقيءَ، تارن جي ساز عود، چنگ، رباب ۽ سارنگيءَ کي ناجائز قرار ڏنو آهي، جڏهن ته دهل، نغاري ۽ دف وغيره کي جائز قرار ڏنو آهي. بهرحال اهي شرعي يا مسلڪي مسئلا آهن، ڪن صوفين سازن جي وڄت کي سماع جي لحاظ کان جائز قرار ڏنو ته ڪن وري ناجائز قرار ڏنو آهي. پر جيئن موسيقي سماع جو حصو آهي، تيئن سمجھڻ گھرجي ته هي لفظ موسيقي انگريزي لفظ Music وانگر ڪيتريون ئي معنائون ڏئي ٿو. مثلاً شاعري، ساز، گائيڪي ۽ رقص. اهي چارئي فن هڪ لفظ موسيقيءَ ۾ سمائي سگھجن ٿا، پر سماع ۾ صرف ڪن جائز سازن جو استعمال ٿئي ٿو ۽ سماع جي شرطن جو خاص خيال رکڻو پوي ٿو. سهرورديه سلسلي جي مشهورصوفي حضرت بهاؤ الدين ذڪريا جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته پاڻ موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو هو، کيس موسيقيءَ جو وڏو علم هو ۽ موسيقيءَ ۾ رهنمائي پڻ ڪندو هو. ’راڳ درپن‘ جي مصنف فقرالله لکيو آهي ته مخدوم صاحب ڪن مصرعن جو نالو ’ڇند‘ رکيو، جن ۾ الله پاڪ جي حمد، عاجزي، انڪساري ۽ ٻيا مضمون شامل هئا. مخدوم صاحب ڌناسري ۽ ملتاني راڳن کي ملائي ملتاني ڌناسري ايجاد ڪئي. چشتيه سلسلي جي محفل سماع ۾ گھڻو ڪري قوالي ڳائي ويندي هئي ۽ قواليءَ جي محفل کي چوندا ئي محفل سماع آهن. عام طور تي چيو وڃي ٿو ته امير خسرو قواليءَ جو موجد آهي. پر محققن ان ڳالهه کي رد ڪيو آهي ته امير خسرو کان اڳ قوالن ۽ قواليءَ جو ذڪر ملي ٿو. ٻي روايت مطابق امير خسرو قواليءَ جي فڪر ۽ فن جي نسبت سان سازن ۾ نواڻ آندي، تنهنڪري کيس موجوده قواليءَ جو باني چيو وڃي ٿو. محمد اڪرم خان ’معدن الموسيقي‘ ۾ قواليءَ جا ڪيئي نمونا ڏنا آهن. امير خسرو لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن قول، قلباڻو ۽ ترانو ايجاد ڪيا، قول ۾ جيڪڏهن قواليءَ جو ٺيڪو وڄي ته قول کي قوالي چئبو ۽ جيڪڏهن قول ۾ تراني جو ميلاپ ڪيو وڃي ته اهو قلباڻو ٿيندو آهي. عرب سلسلي جي موسيقيءَ ۾ ’النو‘ يعني نوبت جو آڳاٽو ذڪر مصنف ابو الفرج اصفهاني (وفات: 967ع) جي ڪتاب ’الاغاني‘ ۾ ملي ٿو. نوبه جي لفظي معنى آهي: ڳائيندڙن جي ٽولي ۾ واري واري سان ڳائڻ. عبدالقادر ابن غيبي (وفات: 1435ع) جي وقت ۾ نوبت جا چار ’حلقا‘ يا ’وارا‘ بيان ڪيا ويا آهن. قول، غزل، ترانه ۽ فرواشت، انهن تي هن پاڻ پنجين حلقي مستزاد ۾ اضافو ڪيو. اٺين صدي عيسويءَ ۾ عربن سنڌ فتح ڪئي، ان وقت سنڌ ۾ عربي شاعريءَ جو رواج شروع ٿيو، ڪي شاعر عرب مان سنڌ آيا هئا ته ڪن سنڌي شاعرن عربيءَ ۾ شاعري ڪري داد حاصل ڪيـو. ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق موجب سنڌ ۾ مولود ڳائڻ يا پڙهڻ جو انداز عرب موسيقيءَ جي گائيڪيءَ وارو آهي. سماع جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ سمن جي آخري دور 13 صدي عيسويءَ ۾ مولود اصل سماع جو جز هئا، ان ڪري شروع کان ئي مولودن کي سازن سرودن تي نه ڳايو ويو، بلڪه انهن کي قرآت وسيلي صحيح، مٺي ۽ چٽي آواز سان پڙهيو ويو ۽ انشاد جي اصول مطابق آلاپيو ويو. انڪري ئي مولودن، مداحن ڳائڻ جي بدران مولودن جو اصطلاح رائج ٿيو. ابودلف عجلي ۽ رودڪي لاءِ چيو وڃي ٿو ته انهن رباعي ايجاد ڪئي، موسيقيءَ جا مشهور استاد هئا، پهريائين قول کي رباعيءَ ۾ درج ڪري تراني ۾ ڳايو ويو. اميـر خـسـرو جي وقت ۾ هندستاني موسيقيءَ جو هڪ قـسم پرٻنـڌ هو، ان جا ڇهه ڌاتو هئا، جن مان هڪ ٽناڪا ۽ ٻيو پڌم هو. پرٻنـڌ جي انهن ٻن ڌاتن جو تراني تي ايترو ته اثر پيو، جو تراني جي شڪل ئي بدلجي وئي. هاڻي هي موجوده موسيقيءَ جو حصو آهي. ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيقات موجب سنڌ ۾ سماع جو سلسلو تيرهين صديءَ کان وٺي شروع ٿيو، ايندڙ ٽي سو سالن تائين اهو اوج ۽ عروج کي پهتو. سنڌ جي قوالن ۽ ذاڪرن سنڌي منظوم صنفن بيت ۽ ڪافي توڙي سنڌي موسيقيءَ جي نغمن ۾ ڪافي راڳ کي سماع جي محفلن ذريعي سنڌ ۽ ملتان واري مرڪزي خطي توڙي مٿئين پنجاب تائين مشهور ڪيو، امير خسرو پڻ سنڌي قوالن جي ڳايل ڪافي راڳ کان متاثر ٿيو. جڏهن هو شيخ فريدالدين جي وقت ۾ 5 سال ملتان ۾ اچي رهيو هو. 15/16 صدي عيسويءَ ۾ شيخ عبدالجليل ۽ سندس جانشين جي حلقن ۾ سماع جون محفلون مچايون ويون ۽ فارسيءَ سان گڏوگڏ سنڌي ڪلام پڻ ڳايو ويندو هو. ساڳئي دور ۾ ڪن سنڌي بزرگن ۽ درويشن اوڀر هندوستان ۽ برهانپور کي وسايو هو، جتي به سماع جو سلسلو قائم ڪيو. اتي جو ذاڪر ’لاڏ‘ يا ’لڌو‘ سنڌي (1523ع-1598) سنڌي ڪافيون اهڙي ته درد ۽ سوز سان ڳائيندو هو، جو نه فقط پاڻ مست ٿي ويندو هو، پر ٻڌندڙ پڻ محو ۽ مسرور ٿي ويندا هئا. هن دور ۾ قاضي قادن جا ست بيت سنڌ کان ٻاهر ويندي برهانپور تائين مشهور ٿيا، ’ذخيرة الخوانين‘ 1650ع جي مصنف شيخ فريد بکريءَ لکيو آهي ته مير محمد فاضل سنڌي ٻوليءَ ۾ شعر ۽ ڪافي نهايت ئي سهڻي انداز ۾ ڳائيندو هو ۽ کيس ان ۾ مقبوليت حاصل هئي. 13 صديءَ کان 17 صدي عيسويءَ تائين جي بيت، ڪافي ۽ نظم توڙي سنڌ جو ڪافي راڳ سنڌ ۽ ملتان کان ٻاهر اتر طرف پنجاب ۾ لاهور تائين، اوڀر طرف برهانپور تائين ۽ وچ آگري ۾ دهلي هندستان تائين مشهور ٿيا. آئين اڪبريءَ ۾ ابوالفضل به لکيو آهي ته ڪافي خاص سنڌ جو راڳ آهي، جنهن ۾ مهر ۽ محبت جو جادو سمايل آهي. ڪافي راڳ جو اثر ايترو ٿيو جو لاهور جي هڪ درويش شاهه حسين (1539ع-1593ع) پنهنجي جذبن ۽ خيالن جو اظهار ڪافيءَ ذريعي ڪيو، ته ٻئي طرف سک پنٿ جي ابي بابا گرونانڪ پنهنجي ڪلام ۾ ڪافي نظم ۽ راڳ کي آندو ۽ سنڌ جي روايت موجب ان نظم کي سنڌي محاورن ۾ رچڻ جي ڪوشش ڪيائين. نه صرف ايترو بلڪه سکن جي ڪيترن ئي گـُرن جي ڪلام ۾ سنڌي لفظ ۽ فقرا ملن ٿا. سماع جا شرط: حضرت نظام الدين اولياءَ سماع جا چار شرط مقرر ڪيا آهن:
(1) مسمع: ان جي معنى قوال آهي، جنهن لاءِ ضروري آهي ته هو مرد ڪامل هجي، ڪوئي ڇوڪرو يا عورت نه هجي.
(2) مسنمع: ان جي معنى قوالي ٻڌڻ وارو آهي، جنهن لاءِ ضروري آهي ته هو ياد الاهي کان غافل نه هجي.
(3) مسموع: ان جي معنى اهو ڪلام آهي، جيڪو قوال ڳائيندا آهن، ان ڪلام لاءِ ضروري آهي ته اهو فحش نه هجي.
(4) چوٿون شرط اهو آهي ته سماع ۾ ساز جا آلات موجود نه هئڻ گھرجن. سماع جي روايت جو تاريخي پس منظر ۽ سنڌ تائين پهچڻ: صوفين ۽ عالمن سماع جي روايت جي سلسلي کي اسلام جي شاندار دور ۽ حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي فرمانن ۽ قرآن شريف ۾ آيل ارشادن تائين وڃي ملايو آهي، جنهن جو ذڪر مٿي آيل آهي، پر حقيقت اها آهي ته اها ٻڌڻ جي هڪ ڪيفيت هئي، جو خوش الحان ۽ مٺي آواز جي ٻڌڻ ڪري ماڻهن تي غشي، بيهوشي، موت، وجد يا حال جي صورت ۾ طاري ٿيندي هئي. اول اها سماع جي صوفياڻي رسم يا روايت نه هئي، بلڪه اهو ٻڌڻ جو ذوق ۽ عالم هو، ان جي پويان هڪ سوجھي ۽ سمجھه هئي، جنهن سماع جي روايت کي جنم ڏنو. آغا سليم سماع جي ابتدا بابت ڄاڻائيندي لکيو آهي ته سماع جي روايت صوفين ۾ ڪڏهن شروع ٿي، ان بابت ڪجھه چئي نه ٿو سگھجي، باقي ايترو سو چئي سگھجي ٿو ته خلفاءِ راشدين ۽ اصحاب ڪرام جي دور ۾ سماع ۽ وجد جو ذڪر ڪٿي به نه ٿو ملي. عربن ۾ سريلي آواز سان شعر پڙهڻ جو رواج هو ۽ تمثيلن وارا شعر ۽ قول ڳايا ويا هجن، جن هنن تي وڏو روحاني اثر ڪيو هجي ۽ ائين سماع جي روايت شروع ٿي هجي. خواجه حسن بصريءَ بابت چيو وڃي ٿو ته سندس محلفن ۾ رڳو درس ٿيندو هو ۽ پاڻ درس ڏيندي زاروقطار روئندا هئا. پروفيسر سرفراز حسين قاضي پنهنجي پنجابي ڪتاب ’تصوف تي پنجابي دي صوفي شاعر‘ ۾ لکيو آهي ته: سفينة الاولياءَ ۾ درج آهي ته حضرت شيخ شبلي، حضرت ذوالنون مصري ۽ حضرت ابوالحسن سماع جا شوقين هوندا هئا ۽ انهن سماع ٻڌڻ جي اجازت پڻ ڏني هئي. آغا سليم موجب محققن جو چوڻ آهي ته ايران جي مشهور صوفي شاعر ابو سعيد ابو الخير پهريون صوفي هو، جنهن وحدت الوجود جي نظريي سان گڏ قول ۽ سماع کي رواج ڏنو ۽ مولانا رومي عارفاڻي ڪلام سان گڏ رقص کي به سماع ۾ شامل ڪيو. ننڍي کنڊ ۾ سماع جو باقاعده رواج وجھڻ وارا صوفين جا ٻه سلسلا آهن، هڪ چشتيه ۽ ٻيو سهرورديه سلسلو، چشتي سلسلي جو اڳواڻ حضرت خواجه معين الدين چشتي اجميري (1192ع) ۽ سهرورديه سلسلي جو اڳواڻ حضرت بهاؤالدين زڪريا ملتاني آهن، جنهن کان پوءِ صوفين جا باقاعده سلسلا شروع ٿيا، انهن ۾ حضرت بختيار ڪاڪي، حضرت شيخ جلال ٿانيسري، حضرت شيخ ابوالحسين وراح، حضرت شيخ سيدي احمد بن ابوالحسن الرفائي، حضرت خواجه شمس الدين محمد الڪوسري الحامي ۽ ٻيا ڪيترائي صوفي بزرگ ٿي گذريا آهن. انهن بزرگن ته سماع جي حالت ۾ رحلت به ڪئي. سماع جي سلسلي ۾ حضرت شيخ فريدالدين مسعود گنج شڪر (1157ع- 1265ع) جو به سماع سان نهايت شغف هو. سماع جي روايت جو سنڌ تائين پهچڻ: جيئن مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته سنڌ ۾ سماع جي روايت جو سلسلو سومرن جي دور ۾ 7 صدي هجري مطابق تيرهين صدي عيسويءَ کان وٺي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. (ممڪن آهي ته ان کان اڳي به اهو هجي) ۽ ايندڙ ٽن سؤ سالن ۾ اهو اوج ۽ عروج کي پهتو. سماع جي تاريخ جي ڪڙيءَ ۾ پهريان ته سنڌي ذاڪرن ۽ قـوالـن جو ذڪر ملي ٿو، جنهن جي معرفت سنڌي منظوم صنفن بيت ۽ ڪافين توڙي سنڌي موسيقيءَ جي نغمن ۾ ڪافي راڳ کي سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر ملتان ۽ پنجاب تائين مشهور ڪيو ۽ پوءِ ملتان کان اوڀر طرف برهانپور ۽ وچ هندوستان ۾ دهلي ۽ آگري تائين مشهور ڪيو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيقات موجب سنڌ ۾ سماع جي روايت صوفي سلسلن ۾ چشتيه ۽ سهرورديه کان اڳ سنڌ ۾ اويسي طريقي جي سماع وارو رواج موجود هو، مولودن جي محفلن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته سنڌ ۾ سماع جي روايت تمام پراڻي آهي، سنڌ جي مختلف درگاهن تي جيڪو سماع يا راڳ ٿيندو آهي، تنهن مان خبر پئي ٿي ته سنڌ ۾ سماع ۽ ذڪر جي روايت پاڻ ۾ ملي سماع جي هڪ نئين روايت کي جنم ڏنو آهي ۽ ذڪر جي روايت نه رڳو سماع کي، پر سنڌي راڳ کي به متاثر ڪيو ۽ سنڌي ڪافي ڳائڻ ۾ ’الا‘، ’الو‘ ۽ ’الوميان‘ جا الاپ شروع ٿيا، جيڪي ذڪر جي روايت جي نشاندهي ڪن ٿا. ڪن صوفين ته سماع جي راڳ کي به ذڪر سڏيو آهي ۽ ذڪر ئي راڳ ۽ شاعريءَ جي هڪ صنف بڻجي وئي. سنڌ ۾ سماع جي روايت اتر طرف ملتان کان به آيل ڀانئجي ٿي. ڊاڪٽر صاحب انهن هستين ۾ غؤث بهاؤالدين ذڪريا ملتاني، پاڪ پتن جي بابا فريدالدين گنج شڪر، اچ جي سيد جلال بخاري، سنڌ ۾ حضرت لال شهباز قلندر ۽ شيخ حسين عرف پير پٺي جو خصوصي ذڪر ڪيو آهي. سنڌ ۾ انهن جي تربيت ۾ ذڪر توڙي سماع جا سلسلا هليا، ڪيترائي سنڌي ملتان جي انهن بزرگن جا مريد ٿيا ۽ طريقت جو سلسلو پڻ رکيائون. قلندر لال شهباز سومرن جي دور ۾ سنڌ ۾ آيو، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته مٿس جڏهن وجد يا حال جي ڪيفيت طاري ٿيندي هئي ته رقص ڪندو هو، پاڻ فارسيءَ جو بهترين ۽ بلند پايه شاعر هو، فارسيءَ ۾ سندس غزل به رقص جي عنوان تي ملن ٿا. موجوده وقت ۾ سندس ميلي واري ڏينهن تي سنڌ، هند توڙي پنجاب جي علائقن مان ايندڙ مريد ۽ معتقد ’ڌمال‘ تي رقص ڪندا آهن. ان دور ۾ اسماعيلي داعين به پنهنجي پرچار ۽ تبليغ جو ڳڙهه ملتان کي ڪيو هو، انهيءَ سلسلي ۾ سڀ کان پهريون داعي پير نورالدين ايران کان 1079ع ۾ پهريان هندستان ۽ پوءِ سنڌ ۾ آيو. کيس ’ست گر نور‘ به چيو ويندو هو. ائين پير حسن ڪبيرالدين، پير شهاب الدين، پير صدرالدين، (جنم: 1409ع) به ملتان ۾ آيا، انهن جي هٿان ڪيترا لوهاڻا ۽ برهمڻ مسلمان ٿيا، کين ’خواجه‘ جو لقب ڏنو ويو. سندن ڪلام کي ’گنان‘ چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ هندي، گجراتي، سنڌي ۽ ڪڇي زبان، لاڙي ۽ ملتاني محاورا سمايل آهن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي موجب پير صدرالدين اسماعيلي فڪر جي دعوت ڏيڻ لاءِ هند ۽ سنڌ ۾ آيو ۽ لاڙ ۾ ڪوٽڙي الله رکئي شاهه ۾ مرڪز قائم ڪيائين. تبليغ ۽ دعوت جي سلسلي ۾ ويدانيت جي اصولن کي مدنظر رکي، هندن تي اثر انداز ٿيو. گنانن سان گڏ هيئت ۽ گائيڪيءَ جي لحاظ کان هڪ صنف ’وينتي‘ به آهي. برصغير وانگر سنڌ ۾ به مذهب اسلام جي تبليغ لاءِ پهريان صوفين جا اهي ٽي سلسلا آهن، چشتيه، سهرورديه ۽ اسماعيلي، انهن سلسلن جي صوفين جي پرچار جو مقصد اهو ئي هو ته دين اسلام جي دعوت ڏجي. جيئن حضرت خواجه معين الدين ۽ حضرت نظام الدين اولياءَ هندوستان ۾ سماع جو باقاعده رواج وڌو، تيئن اسماعيلي داعين به گنان جي شاعريءَ ۾ اسلام جي پرچار ڪئي. ڇو ته انهن بزرگن کي اها ڄاڻ هئي ته هندن جي عبادت توڙي عقيدي ۾ اڳيئي لطيف فن موجود آهن، تنهنڪري صوفين سماع جي موسيقي ۽ شاعريءَ ۾ ويدانيت جو ٻج پوکي، دين اسلام جي دعوت کي عام ڪيو، جنهنڪري ڪيترائي هندو سندس مريد به ٿيا ۽ ڪيترن ئي اسلام جي دعوت کي قبو ل ڪيو. ملتان سان سنڌ جي ڪيترن ئي ماڻهن عقيدت جو سلسلو رکيو. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اهڙا ٻه ٽي نالا ملن ٿا، جن بابت ڪي ڳالهيون مشهور ٿيون. شيخ جيو يالا ڏيو (مڪليءَ جو ڏيو) حضرت غؤث بهاؤالدين ذڪريا ملتانيءَ جو مريد هو، جنهن کي ’لاکيٽا‘ ۽ ’نورسيا‘ قوم وارن شهيد ڪيو. ان موقعي کان متاثر ٿي پير پٺي چيو:
نورسيا نه رسيا، لٿو ليکو لاکاٽين،
مدي رکي من ۾، جيئو ڪٺو جن،
توڙئون لڳو تن، بجو بهاؤالدين جو.
آغا سليم موجب سماع جي روايت جڏهن سنڌ ۾ پهتي، تڏهن سماع کي سنڌي اچار موجب ’سمهه‘ چيو ويو ۽ سماع ٿيڻ جي بدران سنڌ ۾ سمهه ٿيندي هئي يا سمهه لڳندي چوندا هئا. سمهه هئڻ انڪري چيو ويندو آهي، جو سمهه ۾ ذڪر واريون ضربون هنيون وينديون آهن، يعني سمهه جي اوٺاڻيءَ کي تال جي ضربن واري انداز ۾ادا ڪيو ويندو آهي ۽ پڻ حلقو هنيو ويندو آهي. سمهه ۾ ڳائن ۽ نچڻ ٻئي شامل آهن، سمهه وارا حلقي ۾ شامل ٿيندا، هڪڙو اوٺاڻي ۽ بيت چوڻ ۾ اڳواڻي ڪندو آهي، حلقي وارا اوٺاڻيءَ ۾ شريڪ ٿي ٽي ضربون هڻندا آهن، يعني ته حلقي وارا اوٺاڻيءَ جا اکر تال واري لئي ۾ ادا ڪندا آهن. مير معصوم شاهه جي تاريخ ۾ سنڌي سماع جو طريقو هن ريت ڏنل آهي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي واري نسخي موجب ڳچ جيترا آدمي هڪ هنڌ گڏ ٿيندا آهن، انهن مان ڪي پنهنجي زبان ۾ سر سان بيت پڙهندا آهن ۽ ٻيا ان سر جي موافق سماع ڪندا آهن، پوءِ ڪن کي حال به اچي ويندو آهي، جن کي حال پوندو آهي، سي گھوڙي وانگر پڙ ڪڍندا آهن ۽ مست ٿي پوندا آهن. بيٺلن مان هر هڪ انهن کي چيلهه کان قابو جھلي بيهندو آهي، پوءِ اهي نچندا آهن ۽ وات سان بلند آواز ڪندا آهن. ٻن ٽن سون سماعين جو آواز هڪڙي هنڌان اچڻ عجيب پڙاڏو وجھي ڇڏيندو آهي ۽ ميل يا وڌيڪ مفاصلي تي ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. مخدوم عبدالله (1736ع-1763ع) پنهنجي ڪتاب ’ڪنزالعبرت‘ ۾ سماع جي تشريح ۾ هي نظم لکيو آهي:
سماع مثل سرود جي، پڻ آهي حراما،
هئي حلال جن کي، سي سوار لڏئا،
حلال تن جو ههڙو، لکئو ڪتابن آهه،
ته نه عادت ان سماع هئي، نه ڪا عبادتا،
مگر جڏهن منجھان محبت رب جي، هر ڪنهن ايندو ساءُ،
تڏهن پان هڻندا هئا پٽ تي، گھڻي خوف منجھان،
مست ڪندا هئا پاڻ کي، منجھه محبت مولى،
جاهل سماع تن کي، هئا ڀائيندا،
۽ ان تي ايندو اهڙو، وقت ته ويرا،
جيئن موت حياتيءَ جي هئي پوندي خبر نه ڪا،
جي پيا ڪري پاڻيءَ ۾، ڪ ڄميري ڄراٽيا،
ڪ لڳين تراڙڪ ڪاتي، ته پڻ ڪين ڏکويا،
اڄ پڻ جنهن تي اي وقت، اچي ته مباح آهه،
۽ ٻيا جي ريسون ڪيو ان سين، اي پر ڪرين ٿا،
ڄڻ ٿا مست ٿين ڄاڻيو ٻجھيو، ٽپا ڏين ٿا،
۽ پڻ ڀلي عبادت فرض، ڪندا ايهي ڄاڻن ٿا،
۽ اوڏائي والله سين، ٿا طلبين ان منجھان،
۽ پڻ ڪيڻن خبر نه ايندي ڪئن ڪجھه طهارتا،
آهي مثل ان جو، چرپن مثالا،
جن چريو ڪيو ڍءُ گھڻو، تڏهن وڏا ڏي ٽپا.
سنڌي موسيقي، پوءِ اها عام موسيقي هجي، ڪافي ڪلام هجي يا ڪلاسيڪي موسيقي هجي، جو مزاج ۽ ان جي اندر جي ڪيفيت صوفياڻي آهي. ايسيتائين جو عورت ۽ مرد جي احساساتي تعلق واري جمالياتي شاعري يا جنگ و جدل واري رزميه شاعريءَ کي به ائين ڳايو ويندو آهي، جو ان مان صوفياڻو رنگ پيو جھلڪندو آهي. ان جو سبب سنڌ جي مٽيءَ جو صوفياڻو سڀاءُ آهي. سماع جي سلسلي ۾ سمن جي حڪمرانيءَ جي پوئين دور ۾ شيخ عبدالجليل چوهڙ جو نالو اهم آهي، عام طرح شيخ چوهڙ جي نالي سان مشهور هو ۽ روحاني فيض سببان سندس لقب ’قطب العالم‘ هو. سو 9 صدي هجريءَ ۾ ضلعي رحيم يار خان بهاولپور ڊويزن جي قديم شهر ’موء مبارڪ‘ جو هڪ وڏو صوفي درويش ٿي گذريو آهي، شيخ چوهڙ سلطان بهلول لوڌي (1451ع-1489ع) جو ناٺي هو. حسب نسب جي لحاظ کان هو ’موء مبارڪ‘ جو مشهور ولي شيخ حميدالدين حاڪم جي پنجين پشت مان هو. حضرت حاڪم جي غؤث بهاؤالدين زڪريا جي ڌيءَ سان شادي ٿي هئي، جنهنڪري حضرت حاڪم جي خاندان ۽ اولاد جو غؤث بهاؤالدين زڪريا جي خاندان ۽ اولاد سان عزازت توڙي طريقت جو گھاٽو رستو هو. انهيءَ ڪري حضرت غؤث بهاؤالدين جي سنڌي مريدن ۽ معتقدن جو حضرت حاڪم جي اولاد سان پڻ تعلق وڌيو. شيخ عبدالجليل چوهڙ جي درٻار ۾ سماع جون محفلون ٿينديون هيون، جن ۾ سنڌ جا خوش الحان ذاڪر فارسي توڙي سنڌي ڪلام وڏي لئي ۽ سوز سان ڳائيندا هئا. انهن سماع جي محفلن جو ذڪر شيخ عبدالجليل جي سوانح عمري ۽ ملفوظات جي ڪتاب ’تذڪره قطبيه‘ ۾ پڻ موجود آهي. اهو ڪتاب سندس مريد جمال الدين ابوبڪر الله آباديءَ 1540ع ڌاري لکيو. هن ڪتاب جي حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته غؤث صاحب جا راڳيندڙ اڳواڻ سنڌي هئا، جن ملتان، پنجاب ۽ دهليءَ تائين سماع جي محفلن کي مشهور ڪيو ۽ سنڌي توڙي فارسي ڪلام کي ڳايو. حضرت رڪن الدين جي سماع جي محفلن ۾ ’مير حسن سنڌي‘ راڳيندڙ جو نالو پڻ ڪتاب ۾ آيل آهي. حضرت نظام الدين اولياءَ وٽ ’حسين سنڌي‘ نالي قوال ايندو هو، جيڪو اهڙو ته سرود ڪندو هو جو نظام الدين اولياءَ تي وجد جي ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. ان دور کان اڍائي سو سال پوءِ شيخ عبدالجليل جي وقت ۾ سنڌ ۾ سماع ڪندڙن جو سلسلو پوري
اوج ۽ عروج تي هو ۽ سنڌي قوالن، ذاڪرن، صوفين ۽ بزرگن لاهور ۽ پنجاب جي مختلف علائقن کان ويندي ڪوهستان، ڪانگڙه جا علائقا پڻ ورسيا، شيخ چوهڙ انهن علائقن ۾ به ويندو هو ۽ ڪن روايتن موجب سنڌ جو به سفر ڪيائين. شيخ عبدالجليل چوهڙ سان هڪ وڏي روايت منسوب هي آهي ته هڪ ڀيري شيخ گجر، حضرت شيخ عبدالجليل کي دعوت ڏئي سندس ڳوٺ ’هانڊي گجر‘ ۾ وٺي آيو، اتي سماع جي محفل ٿي، جنهن ۾ سماع ڪندڙ ذاڪرن فارسي شاعري تراني ۾ ڳائي ۽ ان سان گڏوگڏ هڪ ڏوهيڙو ٿي ڏنائين، جنهن ڏوهيڙي لاءِ بلوچ صاحب چيو آهي ته سنڌيءَ ۾ ٿي سگھي ٿو. حضرت شيخ عبدالجليل تي حال پئجي ويو ۽ انهيءَ جذبي واري حالت ۾ سندس فيض جي نظر سان ٽي سؤ ماڻهن اسلام قبول ڪيو. ’تذڪره قطبيه‘ ۾ آيل آهي ته شيخ عبدالجليل چوهڙ سنڌي ڄاڻندو هو ۽ سنڌيءَ ۾ بيت به چيو اٿائين. سندس ٻولي سرائيڪي هئي، پر بعضي ڪي سرائيڪي بيت سنڌيءَ ۾ به ڳائيندو هو. ’تذڪره قطبيه‘ ۾ اهڙا چار بيت آيل آهن. جيڪي بلوچ صاحب جي تحقيق موجب سنڌي سرائيڪي گاڏڙ آهن، پر سنڌي ٻوليءَ جو اثر منجھس گھڻو آهي. جمال الدين ابوبڪر الله آباديءَ لکيو آهي ته شيخ عبدالجليل چوهڙ جو ڀائيٽيو شيخ علي بري، جيڪو سماع جي وجد واري حالت ۾ اڏامندو هو، شيخ عبدالجليل جي وفات کانپوءِ سندس روضي تي سماع جون محفلون ٿينديون رهنديون هيون. روايت آهي ته هڪ ڏينهن سماع جي محفل ۾ درويش نچيا پئي، انهن مان هڪ درويش اچي ذاڪرن کي چيو ته ڪا لئي ٻڌاءِ ته درويش خوش ٿين. ذاڪر عرض ڪيو ته عزيزو هي فقير فقط انهيءَ جماعت ۾ ڳائيندو، جنهن ۾ شيخ بري هوندو، ڇاڪاڻ ته منهنجي هن سان سچي دل آهي، تنهن تي هڪ درويش چيس ته شيخ ازخود اچي ويندو، تڏهن انهيءَ ذاڪر ‘حسيني مقام‘ جي لئي ۾ هي سنڌي ڏوهيڙا ڳايا:
چران ته چڪن چاڪ، وهان ته وه سنجري
ماءُ منهنجي ڏيل سين، سورن ڪئي اوطاق
جيئن تون جا ناپاڪ، آسا بند اڙين جي.
-
من کي لوچ فراق، اسان هيئون نه ڌار ٿئي،
سڪون پريان ساک، رب ڏکائي ڪڏهين. سنڌ ۾ سماع جي سلسلن ۾ مخدوم احمد ڀٽيءَ جو به وڏو نالو آهي، هي بزرگ ۽ درويش هالاڪنڊيءَ (پراڻن هالن) جي درويش مخدوم اسحاق ڀٽيءَ جو فرزند هو. مخدوم اسحاق ڀٽي غؤث بهاؤالدين زڪريا جي سلسلي جو مريد ٿيو هو، مخدوم احمد به زماني جو قطب ۽ وڏو ولي الله هو، کيس سماع سان چاهه هوندو هو. روايت آهي ته ڪو عالم وڏي حب سان ملڻ آيس، پر جيئن ٻڌائين ته مخدوم صاحب کي سماع جو ذوق آهي، تنهنڪري دل سوڙهي ڪيائين. مخدوم احمد کيس چيو ته هي سماع نفساني خوشيءَ لاءِ ناهي، پر سوز ۽ درد کي جاڳائڻ لاءِ آهي. ان بعد مخدوم صاحب عالم کي پنهنجي سماع جي حلقي ۾ وٺي ويو، جتي ان عالم کي ايترو ته سوز ۽ درد جاڳيو، جو انهيءَ حالت ۾ کانئس نماز به قضا ٿي وئي، ان بعد چون ٿا ته اهو عالم هميشه لاءِ صاحبِ حال ۽ صوفي ٿي ويو. مخدوم احمد ڀٽي سماع جي محفلن ۾ شريڪ ٿيندو هو، جتي مٿس تمام گھڻو وجد طاري ٿي ويندو هو، چون ٿا ته مخدوم صاحب وصال به انهيءَ حالت ۾ ڪيو. هڪ ڀيري مخدوم احمد نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) ۾ سماع جي مجلس ۾مشغول هو، انهيءَ موقعي تي ذاڪر سنڌي بيت اهڙي ته سوز واري آواز ۾ ڳايا، جو ان ٻڌڻ سان مخدوم هن درويش دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. اها تاريخ 936 هه/1529ع يا 1530ع ٻڌائي وڃي ٿي.
حديقة الاولياءَ جي مصنف سيد عبدالقادر اهي بيت ڏنا آهن، جيڪي هي آهن:
سڏ سڃاڻي پرينءَ جو، وانگي جي نه ورن،
ڪوڙي دعوى دوست جي، ڪڄاڙي کي ڪن.
هي بيت ٻڌڻ کانپوءِ مخدوم صاحب جي روح پرواز ڪيو، ان بعد ذاڪر ٻيو بيت چيو:
سر ڏيئي سٽ جوڙ، ڪنهن پر ڪلالن سين،
مرڻا منهن مَ موڙ، اڄ وٽي ٿي وڌ لهي.
’حديقة الاولياءَ‘ جو مصنف سيد عبدالقادر لکي ٿو ته مان شيخ پرئي ويرداس سان ملڻ لاءِ ويس، جيڪو اصل ۾ هندو هو، بعد ۾ مسلمان ٿيو ۽ سندس آخري عمر جي وقت ۾ گنجي ٽڪر جي ڀرسان رهڻ پسند ڪيو هئائين. شيخ صاحب ان وقت سلوڪ جي معنى وارو سنڌي بيت خوش الحان سان پئي پڙهيو، منهنجي دل ۾ خيال پيدا ٿيو ته هيءُ بيت سندس آهي يا ڪنهن ٻئي جو! اڃامنهنجي دل ۾ اهو خيال پيدا مس ٿيو ته هن درويش مون ڏانهن منهن ڪري چيو ته هي بيت اسحاق آهنگر جو آهي. انهن ڳالهين مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جا صوفي ڪشف ۽ ڪرامت جا مالڪ هئا، انهن وٽ سماع جون روايتون اوج تي هيون ۽ وجد جي حالت ۾ ڪي ڪرامتون پڻ ٿينديون هيون، ان سان گڏوگڏ اسلام جي تبليغ ۽ پرچار به هلندي هئي. جنهنڪري ڪيترائي غير مسلم مسلمان ٿيا ۽ خلافت جو خرقو ڍڪيائون. سماع ۽ تصوف جي سلسلن ۾ صوفين اعلى پايي جو ڪلام چيو ۽ ڳايو، اسحاق آهنگر جو سنڌي بيت: ٿيان مان جھرڪ، ويهان پرينءَ جي سُپَ تي، ڪرن مان ڊرڪ، ٻولي ٻاجھاريءَ سين. سنڌ ۾ سماع جي اوائلي سلسلن ۾ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري (1538ع-1623ع) جو به وڏو نالو آهي. هيءُ خدا جو پرتل ٻانهو وڏو صوفي بزرگ هو. سندس نالو سنڌي ٻوليءَ جي اساسي شاعريءَ ۾ پهرين شاعرن ۾ شامل آهي. هي بلند پايه شاعر ۽ وڏو صوفي بزرگ هو، سنڌ جو عظيم شاعر شاهه لطيف سندس تڙپوٽو هو. شاهه عبدالڪريم کي ننڍپڻ کان سماع جو تمام گھڻو ذوق هو، جنهن تان هڪ دفعو پنهنجي وڏي ڀاءُ سيد جلال شاهه کان مار پڻ کاڌائين، پر ننڍپڻ کان ئي سندس دل حق ڏانهن مائل هئي، منجھس درويشيءَ جو رنگ پيو جرڪندو هو، تنهنڪري اهڙا اهڃاڻ سيد جلال شاهه بعد ۾ شاهه ڪريم ۾ محسوس ڪيا، جنهن بعد هو کيس ڪجھه به ڪونه چوندو هو. شاهه عبدالڪريم بهار جي رمتي بزرگ سلطان ابراهيم کان فيض حاصل ڪيو، جيئن ته اهو ’اويسي‘ سلسلي جو بزرگ هو، جنهنڪري شاهه ڪريم به پاڻ کي ’اويسي‘ سڏرائيندو هو. سماع، وجد ۽ حال جي ڪيفيت بابت سندس ڪيتريون ئي روايتون مشهور آهن، پاڻ اڪثر اهڙيءَ حالت ۾ اکين مان آب هاريندو هو. انهن مان هڪڙي روايت جو هتي ذڪر ڪرڻ مناسب ٿيندو ته هڪ ڏينهن شاهه عبدالڪريم سماع جي حالت ۾ هو ته اوچتو هڪ قوال مٺڙي آواز ۾ هي بيت چيو:
اکڙيون ملير ۾، جنين راتو ڏينهن،
عمر آسائن سين، هاڻي ڪندي ڪينءَ.
شاهه عبدالڪريم بيت ٻڌڻ شرط زمين تي ڪري پيو، سڀني ائين ڀانيو ته شاهه صاحب جو روح هن فاني دنيا مان پرواز ڪري ويو، پوءِ به سماع جاري رهيو، ڳچ مدت کانپوءِ قوال هڪ ٻيو بيت ڏنو، جڏهن شاهه ڪريم جي ڪن تي آواز پيو، تڏهن کيس هوش آيو ۽ وري سماع ۾ مشغول ٿي ويو. روايت آهي ته انهيءَ بيت تي حضرت شاهه عبدالڪريم کي ايتريقدر وجد ۽ شوق جاڳيو، جو کيس جيڪو لباس مٿي ۽ ڪلهن ۾ هو، اهو پيرن جي جتيءَ سميت لاهي قوال کي ڏنائين ۽ پاڻ پٺا اگھاڙا ڪري حجري ۾ داخل ٿيو ۽ مراقبي ۾ ويهي رهيو. قوال چادر آڻي اڳيان رکي ته جيئن لڱ ڍڪي، پاڻ فرمايائين ته موٽائي هرگز نه وٺنداسون، بلڪ ڏهه ڪاسا نانگليءَ جا گھر ۾ هئا، سي پڻ ڏنائينس ۽ چيائين ته ٻيو ڪجھه گھر ۾ پيل هجي ها ته اهو به توکي ڏيون ها، پر رڳو ايترو حاضر آهي. تاريخي احوالن مان ظاهر ٿئي ٿو ته شاهه عبدالڪريم جي هڪ ٻئي همعصر ميين سيد علي شيرازي به ٺٽيءَ ۾ سماع جون محفلون مچايون هيون. ان وقت هالا جي مخدومن وٽ به سماع جو سلسلو هلندو پئي آيو، جيئن مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته مخدوم احمد ڀٽي هالاڪنڊيءَ ۾ سماع جو وڏو ذوق رکندو هو ۽ اها روايت کانئس پوءِ به برقرار رهندي اچي. هالا ۾ مخدوم نوح سرور هالائي به تمام وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي، ڪن روايتن موجب شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري کانئس فيض به حاصل ڪيو آهي، مخدوم نوح جي درگاهه تي به سماع جون محفلون ٿينديون رهنديون آهن ۽ سندس سماع جي سلسلي کي ’ڏهر‘ سڏجي ٿو. انهيءَ دور ۾ راڳ، سماع ۽ شاعريءَ جو مقام بلند هو. تڏهن ته شاهه عنات نصرپوريءَ (وفات: 14/1713ع) پنهنجي ڪلام کي راڳن ۾ ترتيب ڏيڻ جي روايت جي ابتدا ڪئي. ڪن روايتن موجب شاهه لطيف شاعريءَ ۾ کانئس ترغيب حاصل ڪئي. روايت آهي ته شاهه لطيف شاعري بنسبت سوال ڪيو ته: دنيا ته سموري کيڙي پئي آهي، ته شاهه عنات وراڻيو ته: ابا تون وڃي سمنڊ کيڙ. اهڙي قسم جون ٻيون به ڪيتريون ئي روايتون آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو سمورو رسالو ڪلاسيڪي قالب وارن راڳن ۽ مقامي ڌنن ۽ قصن جي روايت ۾ ورهايل آهي. حضرت سچل سرمست به پنهنجي راڳ ۽ ڪلام لاءِ ڪي سُر مقرر ڪيا. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ لکيو آهي ته شاهه لطيف ۽ سچل سرمست قادري طريقي جا هئا ۽ ان طريقي ۾ راڳ منع ٿيل آهي، پر شاهه عبداللطيف مسجد ۾ به سماع شروع ڪيو. سنڌ جا صوفي چاهي ڪهڙي به طريقي جا ڇو نه هجن، پر عمل ۾ چشتي آهن ۽ راڳ هر درگاهه جو معمول آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي (1690ع-1752ع) مسجد ۾ سماع ڪيو هو يا نه، پر شاهه صاحب جي سماع ۽ راڳ رهاڻ سان تمام گهري دلچسپي ضرور هئي. سندس آستاني ڀٽ تي هر روز، هميشه ۽ معمول مطابق راڳ ۽ تنبوري جي تنوار هوندي هئي، جنهن جا پاڻ موجد هئا. چيو وڃي ٿو ته راڳ ٻڌڻ سان سندس طبيعت ۾ مجذوبيت ۽ وجد واري حالت هوندي هئي، ٿي سگھي ٿو ته پاڻ انهيءَ حالت ۾ بيت به چيا هجن. جيئن ته شاعري الهام آهي، تيئن الهام بي قراري ۽ بي اختياري واري حالت مان ئي پيدا ٿئي ٿو ۽ شاهه صاحب کي ته زماني جو پورو علم حاصل هو، راڳ ٻڌڻ ۽ ڳائڻ سان مٿس وجد ۽ حال جو طاري ٿيڻ ممڪن ڳالهه آهي. آخري وقت ۾ کيس ڪربلامعلى جي زيارت ڪرڻ جو وڏو چاهه هو، پر ڪن سببن جي ڪري رستي تان ئي موٽي آيو. واپس پهچندي ئي ڪارو ويس ڍڪيائين ۽ ڪربلا جي شهيدن جي ماتم ۾ ’سر ڪيڏارو‘ چيائين. چون ٿا ته شاهه صاحب جو اهو آخري ڪلام آهي. پورا ايڪيهه ڏينهن خلوت اندر رهيا، انهيءَ ساري عرصي ۾ ٻن ويلن جي ماني مس کاڌائين. جڏهن ٻاهر نڪتو، تڏهن غسل ڪري، چادر اوڍي، مراقبي ۾ ويهي رهيو ۽ پنهنجي رب سان رهاڻ ۾ مشغول ٿي ويو. فقيرن کي سماع ۽ سرود جو اشارو ڏنائين، چون ٿا ته ٽي ڏينهن اهو چهچٽو لڳو پيو هو. چوڌاري چپ چپاتي ۽ سانت جو ماحول هو، سڀ ڪو سماع جي سوز ۽ ساز ۾ محو هو، آخر راڳ بند ٿيو، فقير شاهه صاحب جي ويجھو وڃي ڇا ڏسن ته شاهه صاحب جو روح ڪڏهن جو عالم جاوداني ۽ عالم ارواح ۾ پهتو. اهڙي طريقي شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ کان ظاهري ۽ جسماني طور وصال ڪيو، پر سندس روح جا ناتا اڄ به سنڌ ۽ سنڌين سان تعلق رکن ٿا. اها صفر مهيني جي چوڏهين تاريخ هئي ۽ انهيءَ تاريخ تي سندس عرس ملهايو وڃي ٿو. سندس روضي منور تي فقيرن جون مختلف جماعتون ڏينهن رات سماع ۽ سرود جون محفلون جاري رکندا اچن ۽ تنبوري جي ساز ۽ لطيفي راڳ جو هر هميشه چهچٽو لڳو پيو هوندو آهي. حضرت سچل سرمست (1739ع-1829ع)، شاهه لطيف کانپوءِ وڏو عالم، شاعر ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. سنڌي ٻوليءَ کي هڪ وڏو اعزاز اهو به حاصل آهي ته صوفين سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌ جي تاريخ کي پنهنجي ڪلام ۾ هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. سچل سرمست هفت زبان شاعر هو. سندس ڪلام سنڌي، سرائيڪي، اردو، فارسي، پنجابي ۽ هندي ٻولين ۾ چيل آهي. ننڍپڻ کان ئي بزرگيءَ ۽ الله جي عبادت ڏانهن لاڙو هوندو هئس، شاهه لطيف ننڍپڻ ۾ کيس ڏسي چيو هو ته، اسان جيڪا ڪني چاڙهي آهي، تنهن جو ڍڪڻ هي ڇوڪرو لاهيندو.“ سو ٿيو به ائين، هو بيشڪ اعلى پايي جو شاعر ۽ صوفي ٿي گذريو آهي. سارو ڏينهن عبادت ۽ ورد وظيفي ۾ مصروف رهندو هو، پر جڏهن دهل تي ڌڪ لڳندو هو، سارنگيءَ جا سڏ ٿيندا هئا ته پاڻ بيتاب ٿي ويندو هو، نيڻ ٽهه ٽهه ڪري ٽمندا هئس، ڪڏهن ته بيتابيءَ منجھان ڀڙڪو ڏئي اٿندو هو ۽ يڪتارو کڻي وچ ميدان ۾ نچندو هو ۽ ڳائيندو هو. آغا سليم لکي ٿو ته اها سچ جي سر مستي ۽ سرمستيءَ وارو سچ هو، جنهن سچل جي صورت اختيار ڪئي هئي. وجد واري حالت ۾ ڪيل ناچ کي صوفين انساني عضون جي گفتگو به سڏيو آهي. هيءَ اها ڪيفيت آهي، جڏهن زبان اظهار کان عاجز ٿي ويندي آهي ۽ انسان جو هر هڪ سنڌ زبان بڻجي مستي ۽ سرشاريءَ واريءَ ٻوليءَ ۾ گفتگو ڪندو آهي. ان مستيءَ ۽ سرشاريءَ ۾ صوفي ساري ڪائنات کي لتاڙي، حضرت نظام الدين اولياءَ وانگر نچندي نچندي ستين آسمان تي پير رکندو آهي. وقت ۽ فاصلي جا سڀ ويڇا ختم ٿي ويندا آهن ۽ صوفي احديت، هيڪڙائي ۽ حق جي ذات سان هڪ ٿي ويندو آهي، بقول شاهه لطيف جي:
وحدتان ڪثرت ٿئي، ڪثرت وحدت ڪل،
حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻي مَ ڀل،
هو هلاچو هل، بالله سندو سڄڻين.
سنڌ جي درگاهن تي سماع جا طريقا: سنڌ ۾ تقريباً سڀني صوفين جي سلسلن جي درگاهن تي راڳ ۽ سماع جون مجلسون ٿينديون رهنديون آهن، ڪجھه صوفي بزرگن جو ذڪر ۽ سماع جو طريقو مٿي ڄاڻائي آيا آهيون، انهن بزرگن جي درگاهن تي اڄ به سماع جو سلسلو هلندو رهي ٿو، جتي صوفي، بزرگ، مريد ۽ فقير سماع جون ڪچهريون ڪندا آهن. راڳ هر درگاهه جو حصو آهي، پر ڪٿي ڪٿي راڳ کانسواءِ بيتن، ڏهرن ۽ مولودن چوڻ سان به سماع ٿيندو آهي. اهو ڄڻ سنڌي سماج جي ثقافت توڙي سنڌي ماڻهن جي نفسيات جو حصو آهي. صوفين جيڪو فڪر ۽ نظريو ڏنو، اهو ازلي ۽ ابدي آهي، اها حق سچ جي راهه آهي. سنڌ ۾ صوفياڻي سماع جا مختلف طريقا آهن، جن جا رواج آڳاٽا وڌل آهن، اهي باقاعده رواج ۽ روايت طور هر درگاهه جي جانشينن جي سلسلي ۾ منعقد ٿيندا رهن ٿا، انهن مان هتي ڪجھه درگاهن تي ٿيندڙ سماع جو مختصر احوال درج ڪجي ٿو. مخدوم نوح هالائيءَ جي درگاهه جي سماع جو سلسلو ’ڏهر‘ سڏجي ٿو. پير سائين پاڳاري جي درگاهه تي سماع جو سلسلو ’جماعتي راڳ‘ سڏجي ٿو، جيڪو بنا ساز سرود جي هوندو آهي. شاهه عنايت شهيد جھوڪ شريف واري درگاهه تي هر مهيني جي سترهين تاريخ ۽ ميلي جي موقعي تي هر ڏينهن ۽ رات جو سماع جي محفل ٿيندي آهي. سجاده نشين مريدن جي وچ ۾ ويهندو آهي، سندس سامهون ذاڪر فقيرن جي ٽولي ويهندي آهي، ذاڪر فقير ٻن ٽولين ۾ ويهندا آهن ۽ داستان وار پهريان بيت ۽ پوءِ وايون چوندا آهن. پهرئين ٽوليءَ مان هڪ ڄڻو بيت چوندو آهي ۽ ٻي ٽوليءَ مان هڪ فقير ساڳيو بيت چوندو آهي. بيتن کانپوءِ وايون چوندا آهن. وائيءَ ۾ به پهرئين ٽوليءَ مان سڀئي گڏجي مصرع چوندا آهن، ان کانپوءِ ٻي ٽوليءَ وارا به ساڳئي مصرع چوندا آهن. محفل جي پڄاڻيءَ تي ذڪر جي تسبيح ڪڍيندا آهن. انهيءَ ذڪر جي محفل ۾ سڀئي شريڪ ٿيندڙ بلند آواز سان الله الله پڙهندا آهن، ان کانپوءِ دعا گھري گادي ڌڻي پنهنجي حجري ڏانهن اندر ويندو آهي ۽ سڀئي فقير کيس حجري تائين ڇڏي ويندا آهن. اهڙيءَ طرح جھوڪ شريف جي درگاهه تي سماع جي محفل پڄاڻيءَ تي پهچندي آهي. شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي درگاهه تي هر مهيني جي پهرئين سومر جي رات، 17 رمضان جي رات، حج جي رات ۽ ميلي واري رات ۽ ڏينهن جو سماع ٿيندو آهي، سومهڻيءَ جي نماز کانپوءِ خليفو پير صاحب کان سماع جي اجازت گھرندو آهي، اجازت ملڻ کانپوءِ فقير سياري جي مند ۾ باهه جي مچ جي چؤڌاري حلقو هڻي ويهندا آهن، بيٺلن مان هڪ فقير شاهه ڪريم جي بيت جي هڪ مصرع پڙهندو آهي، ٻيا سڀ فقير اشهد آڱر مٿي آسمان ڏانهن کڻي ’القارعة ۽ مالقارعة‘ چئي هيٺ ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح سان بيت پڙهندا رهندا آهن، جيسيتائين سجاده نشين يا ان جي غير حاضريءَ ۾ سندس ولي عهد اچي ويهي، بيت گھڻو ڪري مارئي ۽ سسئيءَ جي سرن مان پڙهيا ويندا آهن. پير صاحب مٿي ٿلهي تي ويهندو آهي ۽ سندس منهن قبلي طرف هوندو آهي، سماع ۾ شامل ٿيندڙ فقير ۽ مريد حلقي وار پير صاحب ڏانهن منهن ڪري ڦرندا آهن، پر اهڙيءَ طرح، جيئن پير صاحب جي نظر مچ کان پري نه ٿئي. ڏهن، پندرهن منٽن کانپوءِ پير صاحب اندر ايندو آهي ۽ فقير کيس وڪوڙي ويندا آهن. ڪجھه وقت کانپوءِ پير صاحب وري ٿلهي تي ويهندو آهي ۽ ڳچ وقت ويهڻ کانپوءِ سجاده نشين هلندڙ سماع مان اٿي هليو ويندو آهي، سجاده نشين جي وڃڻ کانپوءِ فقير هو هو ۽ الله هو الله هو جو ورد شروع ڪندا آهن. شيخ ڪرهيي ڀانڊاريءَ جو ميلو سنڌي مهيني پوهه جي پهرئين آچر کان شروع ٿيندو آهي، هن درگاهه تي سماع سومر جي رات ۽ سومر جي ڏينهن ڪيو ويندو آهي. هن سماع ۾ ڪرهيي پوٽا شيخ، شاهه گھريئي پوٽا، وجهه الدين پوٽا ۽ جميعل شاهه گرناريءَ جي سجاده جي اولاد مان به ڪي بزرگ سماع ۾ شريڪ ٿيندا آهن، هن سماع ۾ دهل وارو اڳ ۾ ٿيندو آهي، ان جي پويان شيخ ڳچيءَ ۾ گنديون، گراهيءَ وانگر وجھي، ادب سان درگاهه تي ايندا آهن، سڀ کان پهريائين درگاهه جي الهندي طرف کان، ڏکڻ طرف ڦري، اوڀر طرف کان ايندا آهن ۽ درگاهه جو ادب سان جھڪي سلام ڀريندا آهن، ڪجھه وقت کانپوءِ سڀ شيخ سماع واري مچ تي ايندا آهن. سماع واري جاءِ ۽ چلهي ۾ گھڙڻ کانپوءِ سڀئي شيخ زور سان ’الله الو‘ چوندا آهن. درگاهه کي نمي سلام ڪندا آهن، ان کانپوءِ جميعل شاهه گرناريءَ جي درگاهه ڏانهن به ادب سان سلام ڪندا آهن، جنهن کانپوءِ ’الله الو‘ چوندا باهه جي چؤڌاري ڦرندا آهن، سڀئي شيخ اڀا ٿيندا، جھڪندا، ’الله الو‘ پڪاريندا تيز گھمندا آهن، ڪجھه وقت کانپوءِ پهريان پنج ڀيرا ڏئي ڏاتار پير کي ختمو ڏيندا آهن ۽ پوءِ چار ڦيرا ڏئي، گوڏا ڀڃي پير جميعل شاهه گرناريءَ کي ختمو ڏيندا آهن. ائين سماع جي روايت سنڌ ۾ ڪيترن ئي درگاهن تي مختلف نمونن سان ادا ڪئي ويندي آهي.جھوڪ شريف صوفي شاهه عنايت جي درگاهه ته ٿيندڙ سماع بابت تازو ئي ڪراچي يونيورسٽي جي پاڪستان اسٽيڊي سينٽر مان نوجوان محقق ظفر سيال ٿيسز لکي ايم فل جي ڊگري حاصل ڪئي آهي.


لفظ سماعھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو