سماع

سماع

سماع

سماع

سماع

سماع: لفظ سماع عربي لفظ ’سمع‘ مان ورتل آهي، جنهن جي معنى ’ٻڌو‘ يا ’ٻڌڻ‘ آهي. جامع سنڌي لغات- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ موجب سماع جي معنى آهي ’ذڪر جي نموني وارو راڳ‘ يا ’روحاني ڪيفيت وارو راڳ‘. تصوف جي راھہ ۾ سماع عبادت ۽ رياضت جو روحاني ۽ وجداني ڪيفيت وارو صوفياڻو طريقو آهي، جيڪو صرف سوز ۽ گداز واري راڳ کي ٻڌڻ سان منسلڪ ڪري سگهجي ٿو. هن طريقي جي عبادت ۾ صوفي، درويش، ولي الله، مريد، معتقد، فقير توڙي عام عقيدو رکندڙ ماڻهو ڌڻيءُ جي بارگاھہ ۾ (سواءِ مسجد جي)، صوفين جي درگاهن تي، ڪنهن خاص مقام ۽ خاص محفلن ۾ عبادت جي هن طريقي موجب ’ هو‘ جي ورد ۽ انداز سان، قوالي، بيتن، مولودن وغيرہ سان مطلق هستيءَ ۽ حق جي ياد ۾ سماع ڪندا آهن. اسلام جي ڪن فرقن ۾ موسيقي توڙي سماع کي ممنوع قرار ڏنو ويو آهي، پر صوفين سماع جو طريقو ڳولي، ان کي عبادت ۽ حقيقي معبود باري تعالى تائين پهچڻ جو ذريعو سمجهيو. هي طريقو تمام قديم آهي، پر پهريان ان کي سماع جو نالو نہ ڏنو ويو هو. جيئن سماع ’سمع‘ مان ماخوذ آهي تہ هي حق جي آواز کي ٻڌڻ جو عمل آهي. هن عمل ۾ حق جو نالو اهڙي تہ سريلي، مڌر، خوش الحان ۽ درد واري ڪيفيت ۾ پڪاريـو وڃـي ٿو، جو سمـاعتـي/ ٻڌنـدڙ حـق جـي آواز تـي بي اختيار ٿي، پنھنجي سڌ ٻڌ وڃائي، انهيءَ مطلق هستيءَ ۾ پنهنجو وجود جذب ڪري ڇڏيندو آهي. صوفين جي مختلف طريقن ۽ حلقن ۾ سماع جا ٻہ مختلف طريقا آهن. ڪن طريقن ۾ سماعتي حق جو آواز پڙهندو ۽ پروڙيندو آهي، ڪن طريقن ۾ خاموشيءَ سان ذاڪر يا قوال کي ٻڌو ويندو آهي، ڪن طريقن ۾ ٻڌڻ ۽ چوڻ سان گڏوگڏ جسماني طور بہ سماعتي بي اختيار ٿي ويندا آهن، ڪن ملفوظات ۾ مؤرخن ان بي اختياري ۽ بيقراريءَ کي ناچ ۽ رقص بہ لکيو آهي، جنهن مان مراد صوفياڻو رقص وٺي سگهجي ٿي. سماع جي تشريح جا بيان: صوفين وٽ سماع جو مقصد قال جي تال تي ارتڪاب، فڪر ۽ حال جو دريافت ڪرڻ آهي. سماع بابت ڪيتريون ئي تشريحون ڪيون ويون آهن، جي سڌو سنئون لئي، ڍار، نغمگي، ترنم ۽ راڳ جي ناد کي ٻڌڻ تي منحصر آهن. تنهنڪري سماع ۽ راڳ جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي. ڪن عالمن سوز ۽ گداز واري راڳ کي ڪلاسيڪي قالب ۽ فڪر واري شاعريءَ جي قدامت ۾ سماع کي ان جو پهريون ذريعو سمجهيو آهي، جتان راڳ جون سوز واريون صنفون ۽ ڪلاسيڪل شاعريءَ جون روايتون توڙي تصوف جي بلند پايه فڪر جي آميزش سان ڀريل سنڌي، هندي، فارسي، اردو، سرائيڪي ۽ پنجابي ڪلام جو وجود پيو. راڳ ۽ سماع تي مختلف عالمن جا مختلف خيالات آهن، جيڪي راڳ ۽ سماع ٻنهي کي سمجهڻ بابت بنيادي مدد ڏين ٿا.
آغا سليم ’ڪشف المحجوب‘ مان حوالو ڏنو آهي تہ سماع لفظ ’سماعت‘ مان ٺهيو آهي، صوفين وٽ پنجن حواسن مان ٻڌڻ جي حواس کي پهريون درجو حاصل آهي، ڇاڪاڻ جو ٻڌڻ جي حواس جي معرفت انسان نبين کان خدا جو ذڪر، خدا جا حڪم ۽ خدا جي ديدار جون بشارتون ٻڌندو آهي. مٺي ۽ سريلي آواز کي صوفين ’نداءِ الاهي‘ چيو ۽ راڳ جي اجازت ڏني. حضرت نظام الدين اولياءَ فرمايو تہ ميثاق جي ڏينهن ’الست بربڪم‘ جي ندا پوربي راڳ ۾ منهنجي ڪنن تائين پهتي هئي. ڊاڪٽر تنوير عاسيءَ جي راءِ موجب سماع جو طريقو بر صغير کان رواج ۾ آيو، جنهن ۾ صوفين موسيقي ۽ وجداني ڪيفيت، بي اختياري ۽ سماع کي اسلامي نڪتہ نگاھہ کان ’تصوف‘ ۽ اسلامي پرچار لاءِ جائز قرار ڏنو. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي چواڻي اهو عالم آشڪار آهي تہ سماع جي انهن محفلن ۾ پاڪيزگي ۽ تزڪيہ نفس موجود آهي. جڏهن تہ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ بہ اها ڳالھہ هن طرح سان ڪئي آهي تہ صوفي بزرگن وٽ سماع جو سلسلو حق ۽ حقيقت ڏانهن مائل ڪندڙ پاڪيزہ احساسن ۽ قلبي سرور پيدا ڪرڻ لاءِ شروع ٿيو. امام غزالي (1058ع-1111ع)، اسلام جو وڏو عالم، داعي ۽ فلسفي ٿي گذريو آهي. هن پنھنجي ڪتاب ’احياءُ العلوم الدين‘ جي هڪ باب ۾ وجد ۽ سماع بابت گهڻو ڪجهه لکيو آهي، جنهن ۾ موسيقيءَ جي شرعي حيثيت تي بحث ڪيو ويو آهي ۽ سمجهڻ خاطر دليل ڏنا ويا آهن تہ موسيقي بذات خود مذموم يا ممنوع ناهي، پر راڳ تہ هڪ قسم جي ڪسوٽي آهي، جنهن سان هر شخص جي دلي جذبن ۽ احساسن کي پرکي سگهجي ٿو. بدڪار شخص جا جذبا بد هوندا تہ راڳ کيس برائيءَ ڏانهن ڇڪيندو، پر نيڪ شخص جي پاڪيزہ خيالن لاءِ روحاني تسڪين ۽ اطمينان قلب جي جي باعث ٿيندو. امام غزاليءَ جو نظريو آهي تہ انسان جي فطري احساسن ۽ جذبن جي مد نظر سماع يعني راڳ ممنوع ناهي. اڳتي لکي ٿو تہ: جنهن ماڻهوءَ تي راڳ جو اثر نہ ٿو ٿئي، اهو ناقص اعتدال کان هٽيل ۽ روحانيت کان وانجهيل آهي، اٺن، پکين ۽ ٻين حيوانن جي طبيعت کان وڌيڪ ڪثيف طبيعت وارو آهي. جنهن ماڻهوءَ تي بھار جي گونچن ۽ ستارن جي نغمن جو اثر نہ ٿئي، اهو خراب سڀاءَ جو ماڻهو چئبو ۽ هن جي ڪابہ اصطلاح ڪري نہ ٿي سگهجي. امام غزاليءَ جي زير بحث ذڪر مان انساني طبع تي اثر انداز ٿيندڙ راڳ جا چار قسم مقرر ڪري سگهجن ٿا. حرام، مڪروھہ، مباح ۽ مستحب. حرام انهن ماڻهن لاءِ، جن تي شهوت غالب هجي ۽ راڳ سببان انهن جا حيواني جذبا مشتعل ٿيندا هجن. مڪروھہ انهن ماڻهن لاءِ، جيڪي ان کي هر وقت شغل بڻائن ٿا. مباح انهن لاءِ، جن کي راڳ مان مزو ايندو هجي ۽ هو ان کي هڪ فن جي حيثيت ۾ ٻڌندا هجن ۽ انهيءَ کان علاوہ هو موسيقيءَ مان ٻيو ڪو بہ تاثر نہ وٺندا هجن. فقير غلام علي مسرور بدويءَ مطابق سماع جي معنى آهي ٻڌڻ، هي لفظ قرآن مجيد ۾ ڪونه آيو آهي، پر قديم عربيءَ ۾ ڳائڻ وڄائڻ جي معنى لاءِ ڪم اچي ٿو. سڀ کان زياده اصطلاحي معنى ۾ ان جو استعمال تصوف ۾ ٿئي ٿو ۽ ان جي معنى موسيقيءَ ۾ انهماڪ، ڳائڻ، جهونگارڻ ۽ مذهبي جوش ۽ وجد پيدا ڪرڻ لاءِ سرتار ۾ ڳائڻ آهي يا وري آواز ۽ ساز ۾ ڳائڻ وڄائڻ آهي.
پروفيسر سرفراز حسين قاضيءَ پنھنجي ڪتاب ’تصوف تي پنجابي دي صوفي شاعر‘ ۾ لکيو آهي تہ موسيقيءَ جي علم کي غير اسلامي چيو وڃي ٿو، ڇو تہ هي هڪ نشي آور شيءِ آهي، جيڪا شيءِ مستيءَ ۾ آڻي، اها شريعت ۾ غير قانوني قرار ڏنل آهي، پر صوفين جي نزديڪ مستي مستيءَ ۾ فرق نظر اچي ٿو. اها مستي جيڪا جذب جي ڪيفيت يا حالت پيدا ڪري تہ ان کي ’عين الايمان‘ چيو وڃي ٿو. چيو وڃي ٿو تہ هڪ ماڻهوءَ جي دل جي ڌڙڪن هڪ منٽ ۾ پنجهتر کان نوي ڀيرا ڌڙڪندي آهي، پر جڏهن هڪ ماڻهو پنھنجي رب سان موسيقيءَ ۽ سماع جي ذريعي ملڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تہ ان جي دل جي ڌڙڪن سان گڏ جسماني ڏڪڻي بہ پيدا ٿئي ٿي، هن مقام تي پهچڻ کانپوءِ فطرت سان يڪ رنگي بہ پيدا ٿئي ٿي ۽ مٿس وجد يا حال ظاهر ٿئي ٿو، اهڙو صوفي هر وقت جي ذات مان عرفان حاصل ڪندو آهي. سيد نصير احمد جامعي پنھنجي اردو تصنيف ’حضرت بابا فريد گـنـج شڪــر‘ ۾ لکيو آهي تہ: شيخ حضرت فريدالدين مسعود گنج شـڪـر (1157ع-1265ع) جو سماع سان بيحد شغف هو. هن ماع کي دل جي راحت قرار ڏنو آهي، جو اهو اهل محبت جي دل ۾ حرڪت پيدا ڪري ٿو. سماع جي حرمت تي هڪ ڏينهن گفتگو ٿي رهي هئي تہ فرمايائون: سبحان سماع انهن ماڻهن لاءِ جائز قرار ڏنو ويو آهي، جيڪي ان ۾ اهڙا تہ مستغرق ٿين جو هڪ لک تلوارون سندن سر تي هنيون وڃن يا هڪ هزار فرشتا سندن ڪن ۾ ڪجهه چون، پوءِ بہ کين ڪنهن ڳالھہ جي خبر نہ پوي. هڪ ڏينهن سماع جي محفل ۾ هڪ فارسي غزل پيش ڪيو ويو: ملامت کردن اندر عاشقي راست، ملامت کي کند آنکس که بنياست نہ هرز دامني راعشق زيد، نشانِ عاشقي ازدرد پيداست نظامي تاتواني پارسا باش که نورِ پارسائي شمع دلهاست. هن غزل حضرت فريدالدين تي ايتري تہ بيقراري ۽ عجيب ڪيفيت طاري ڪئي، جو مٿس ست ڏينهن ۽ ست راتيون وجد جو عالم رهيو، بي چين ٿي ڪنهن محفل ۾ رقص بہ ڪندو هو، نماز جي وقت هوش ۾ اچي نماز جا فرض بجا آڻيندو هو ۽ وري مٿس بي هوشي طاري ٿي ويندي هئي. حضرت خواجہ نظام الدين کان روايت آهي تہ: حضرت فريدالدين کي سماع مان حظ حاصل ٿيندو هو، هڪ ڏينهن جڏهن سندس سماع ٻڌڻ تي دل ٿي تہ قوال موجود ڪو نہ هو. ساڳئي وقت بدرالدين اسحاق چيو تہ حضرت قاضي حميدالدين ناگوريءَ اوهان ڏانهن خط موڪليو آهي، پاڻ فرمايائون تہ سندس خط اٿي بيهي پڙهيو وڃي، جڏهن بدرالدين خط پڙهڻ شروع ڪيو تہ ان ۾ هيءَ روايت لکيل هئي: ”فقير حقير نحيف ضعيف محمد عطا که بندہ درويشان است واز سرِ ديدہ خاک قدم ايشان“ جڏهن حضرت فريدالدين ايترو ٻڌو تہ مٿس وجد طاري ٿي ويو. پوءِ ان خط مان هيءَ رباعي پڙهائي وئي. آن عقل کجاکه در کمال تورسد وآن روح کجا که در جلال تورسد گيرم که تو پردہ برگر خطي زجمال آل ديدہ کجا که در جمالِ تورسد. وجد جي ڪيفيت ۽ سماع لاءِ هڪ ٻي بہ روايت مشھور آهي تہ هڪ ڀيري حضرت نظام الدين اولياءَ وجد جي حالت ۾ نچڻ لڳو، ان محفل ۾ حضرت رڪن عالم بہ موجود هو. هن حضرت نظام الدين کي دامن کان جهليو ۽ ڇڪي ويهاري ڇڏيائين. ٻيو دفعو وري حضرت نظام الدين اٿي نچڻ لڳو، حضرت رڪن عالم وري کيس ويهاري ڇڏيو. ٽيون دفعو جڏهن حضرت نظام الدين اٿي نچڻ لڳو تہ هن ڀيري هن کي دامن کان ڇڪي ويهارڻ جي بدران حضرت رڪن عالم نفل پڙهڻ ۾ مشغول ٿي ويو، نفل پڙهي جڏهن واندو ٿيو تہ ڪنهن ماڻهوءَ کانئس پڇيو تہ پهريان ٻہ دفعا جڏهن حضرت نظام الدين رقص لاءِ اٿيو تہ اوهان کيس ويهاري ڇڏيو، پر ٽيون ڀيرو جڏهن پاڻ رقص لاءِ اٿيو، تہ اوهان نفل پڙهڻ شروع ڪري ڏنا، ان جو ڪهڙو سبب آهي؟ حضرت رڪن الدين جواب ڏنو تہ پهريون دفعو جڏهن حضرت نظام الدين اٿيو ۽ رقص لاءِ پير کنيائين تہ سندس پير پهرئين آسمان تي پيو، مون هن جي دامن کي ڇڪي ويهاري ڇڏيو. ٻيو دفعو جڏهن اٿيو تہ سندس پير ستين آسمان تي پيو، منهنجو هٿ ستين آسمان تائين پهچي ٿي سگهيو ۽ مون هٿ وڌائي، سندس دامن کي جهلي کيس ويهاري ڇڏيو. پر جڏهن ٽيون ڀيرو هو رقص لاءِ اٿيو تہ هو ساري ڪائنات ۾ مون کي ڪٿي بہ نظر نہ ٿي آيو ۽ مان نفل پڙهڻ لڳس. صوفي هميشہ تمثيلي ۽ علامتي انداز ۾ گفتگو ڪندا آهن. حضرت رڪن عالم جو جواب بہ تمثيلي ۽ علامتي هو تہ پهرين دفعي حضرت نظام الدين اولياءَ کي پهرين آسمان واريون روحاني بلنديون حاصل هيون، ٻيو ڀيرو کيس ستين آسمان واريون بلنديون حاصل ٿيون ۽ ٽيون دفعو سندس هستي ميٽجي هيڪڙائيءَ سان اهڙيءَ طرح هڪ ٿي وئي هئي، جو هو ڪٿي بہ نظر نہ ٿي آيو. اهي سڀ حالتون سماع ۾ صوفين جي وجداني ڪيفيت ۽ حال کي ظاهر ڪن ٿيون. آغا سليم لکيو آهي تہ مٺي ۽ سريلي آواز جي تاثير جي باري ۾ صوفين پنھنجي ڪتابن ۾ ڏاڍا عجيب ۽ غريب ۽ ويساھہ ۾ نہ اچڻ جھڙا واقعا ڏنا آهن. سريلي آواز سان رڙيون ڪندا هئا، نچندا هئا ۽ مري بہ پوندا هئا. حضرت دائود عليہ السلام جڏهن زبور پڙهندو هو تہ انسان، جن ۽ حيوان سندس قراءت ٻڌندا هئا ۽ ڪي مري بہ پوندا هئا. صوفين خوش الحان آواز جي بيان ۽ سماع کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ قرآن پاڪ ۽ پاڻ سڳورن صلي عليہ وآله وسلم جي حديثن جا ڪيترائي دليل ڏنا آهن. صوفين جو چوڻ آهي تہ پاڻ ڪريم صلي عليہ وسلم جن سريلي آواز کي پسند ڪندا هئا ۽ قرآن مجيد کي خوش الحانيءَ سان پڙهڻ جي تلقين ڪندا هئا. پاڻ سڳورن فرمايو تہ: قرآن کي پنھنجي آواز سان سھڻو ٺاهيندا ڪريو، ڇاڪان تہ سٺي آواز سان قرآن مجيد جي خوبي وڌندي آهي. سٺي آواز جي فضيلت بيان ڪندي فرمايائون: هر شيءِ جو زيور هوندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح قرآن مجيد جو زيور مٺڙو آواز آهي. پاڪ ڪنهن شيءِ کي ايڏي غور سان نہ ٻڌندو آهي، جيترو قرآن مجيد کي ٻڌندو آهي. جڏهن ڪو قرآن مجيد کي خوش الحانيءَ سان پڙهندو هجي. حضرت خواجہ معين الدين چشتي (1192ع) کي سماع جو ڏاڍو ذوق هو ۽ سماع جي محفلن ۾ مٿس غير معمولي ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. هڪ ڀيري پاڻ حضرت خواجہ ابو يوسف چشتيءَ جي خانقاھہ ۾ ترسيل هو، اتي محفلِ سماع ۾ قوالن هي شعر پڙهيو: عاشق بهوائي دوست بيهوش بود، وازياءِ محبوب خويش مدهوش بود، فرد آيه بہ حشر خلق حيران ماند، نام تودرون سينه و گوش بود، خواجہ صاحب تي ان جو ايڏو اثر ٿيو، جو ڪيترائي ڏينهن بيهوش رهيو. حضرت نصيرالدين چراغ دهلوي ’منقاع العاشقين‘ ۾ ٻڌايو آهي تہ شيخ الاسلام خواجہ معين الدين سماع بابت فرمايو آهي تہ سماع حق جا اسرار معلوم ڪرڻ جو ذريعو آهي. سندس وفات بہ سماع ٻڌندي ٿي. حضرت خواجہ حسن بصريءَ سماع سان پيدا ٿيندڙ ڪيفيت لاءِ فرمايو تہ وجد هڪ راز آهي، جڏهن ان جي تحريڪ ٿيندي آهي، تڏهن وجد طاري ٿي ويندو آهي. سماع ورد الاهي آهي. جنهن سماع کي سچائيءَ سان ٻڌو، اهو حق تائين پهچي ويو ۽ جنهن ان کي نفس جي خوشيءَ لاءِ ٻڌو، اهو بي دين ٿي ويو. سماع جا ساز سرود ۽ شاعريءَ جون صنفون: سماع جي روايت هر صوفي سلسلي ۾ عليحده عليحده آهي. ڪن طريقن ۾ صرف سرود کي اهميت ڏنل آهي تہ ڪن ۾ ساز کي بہ اهميت ڏني وئي آهي. صوفين وٽ ساز سرود مان مراد صرف نيت جي سچائيءَ سان ٻڌڻ ۽ ذات حقيقي ۾ مستغرق ٿيڻ ڄاڻايو آهي. انهيءَ لاءِ صوفين ڪيترائي دليل ڏنا آهن. جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي تہ خوش الحان ۾ قرآن شريف جي تلاوت کي نبي ڪريم صلي عليہ وسلم جن پسند فرمائيندا هئا، اصحابي سڳورا پڻ مٺي آواز کي پسند ڪندا هئا. حضرت شيخ فريد الدين مسعود گنج شڪر کي جڏهن بدرالدين اسحاق حضرت قاضي حميد الدين ناگوريءَ جو خط پڙهي ٻڌايو تہ مٿس وجد طاري ٿي ويو. آغا سليم مطابق شايد امام غزاليءَ جي ڏينهن ۾ سماع ۾ ساز بہ شامل ٿي ويا هئا، جو امام غزالي سماع جي باري ۾ بحث ڪندي ڪن سازن کي حرام ۽ ڪن سازن کي جائز قرار ڏنو آهي. مثال مرزا مير عراقيءَ، تارن جي ساز عود، چنگ، رباب ۽ سارنگيءَ کي ناجائز قرار ڏنو آهي، جڏهن تہ دهل، نغاري ۽ دف وغيرہ کي جائز قرار ڏنو آهي. بهرحال اهي شرعي يا مسلڪي مسئلا آهن، ڪن صوفين سازن جي وڄت کي سماع جي لحاظ کان جائز قرار ڏنو تہ ڪن وري ناجائز قرار ڏنو آهي. پر جيئن موسيقي سماع جو حصو آهي، تيئن سمجهڻ گهرجي تہ هي لفظ موسيقي انگريزي لفظ Music وانگر ڪيتريون ئي معنائون ڏئي ٿو. مثلاً شاعري، ساز، گائيڪي ۽ رقص. اهي چارئي فن هڪ لفظ موسيقيءَ ۾ سمائي سگهجن ٿا، پر سماع ۾ صرف ڪن جائز سازن جو استعمال ٿئي ٿو ۽ سماع جي شرطن جو خاص خيال رکڻو پوي ٿو. سهرورديه سلسلي جي مشهورصوفي حضرت بهاؤ الدين ذڪريا جي باري ۾ چيو وڃي ٿو تہ پاڻ موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو هو، کيس موسيقيءَ جو وڏو علم هو ۽ موسيقيءَ ۾ رهنمائي پڻ ڪندو هو. ’راڳ درپن‘ جي مصنف فقرالله لکيو آهي تہ مخدوم صاحب ڪن مصرعن جو نالو ’ڇند‘ رکيو، جن ۾ پاڪ جي حمد، عاجزي، انڪساري ۽ ٻيا مضمون شامل هئا. مخدوم صاحب ڌناسري ۽ ملتاني راڳن کي ملائي ملتاني ڌناسري ايجاد ڪئي. چشتيه سلسلي جي محفل سماع ۾ گهڻو ڪري قوالي ڳائي ويندي هئي ۽ قواليءَ جي محفل کي چوندا ئي محفل سماع آهن. عام طور تي چيو وڃي ٿو تہ امير خسرو قواليءَ جو موجد آهي. پر محققن ان ڳالھہ کي رد ڪيو آهي تہ امير خسرو کان اڳ قوالن ۽ قواليءَ جو ذڪر ملي ٿو. ٻي روايت مطابق امير خسرو قواليءَ جي فڪر ۽ فن جي نسبت سان سازن ۾ نواڻ آندي، تنهنڪري کيس موجودہ قواليءَ جو باني چيو وڃي ٿو. محمد اڪرم خان ’معدن الموسيقي‘ ۾ قواليءَ جا ڪيئي نمونا ڏنا آهن. امير خسرو لاءِ چيو وڃي ٿو تہ هن قول، قلباڻو ۽ ترانو ايجاد ڪيا، قول ۾ جيڪڏهن قواليءَ جو ٺيڪو وڄي تہ قول کي قوالي چئبو ۽ جيڪڏهن قول ۾ تراني جو ميلاپ ڪيو وڃي تہ اهو قلباڻو ٿيندو آهي. عرب سلسلي جي موسيقيءَ ۾ ’النو‘ يعني نوبت جو آڳاٽو ذڪر مصنف ابو الفرج اصفهاني (وفات: 967ع) جي ڪتاب ’الاغاني‘ ۾ ملي ٿو. نوبه جي لفظي معنى آهي: ڳائيندڙن جي ٽولي ۾ واري واري سان ڳائڻ. عبدالقادر ابن غيبي (وفات: 1435ع) جي وقت ۾ نوبت جا چار ’حلقا‘ يا ’وارا‘ بيان ڪيا ويا آهن. قول، غزل، ترانه ۽ فرواشت، انهن تي هن پاڻ پنجين حلقي مستزاد ۾ اضافو ڪيو. اٺين صدي عيسويءَ ۾ عربن سنڌ فتح ڪئي، ان وقت سنڌ ۾ عربي شاعريءَ جو رواج شروع ٿيو، ڪي شاعر عرب مان سنڌ آيا هئا تہ ڪن سنڌي شاعرن عربيءَ ۾ شاعري ڪري داد حاصل ڪيـو. ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق موجب سنڌ ۾ مولود ڳائڻ يا پڙهڻ جو انداز عرب موسيقيءَ جي گائيڪيءَ وارو آهي. سماع جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ سمن جي آخري دور 13 صدي عيسويءَ ۾ مولود اصل سماع جو جز هئا، ان ڪري شروع کان ئي مولودن کي سازن سرودن تي نہ ڳايو ويو، بلڪہ انهن کي قرآت وسيلي صحيح، مٺي ۽ چٽي آواز سان پڙهيو ويو ۽ انشاد جي اصول مطابق آلاپيو ويو. انڪري ئي مولودن، مداحن ڳائڻ جي بدران مولودن جو اصطلاح رائج ٿيو. ابودلف عجلي ۽ رودڪي لاءِ چيو وڃي ٿو تہ انهن رباعي ايجاد ڪئي، موسيقيءَ جا مشھور استاد هئا، پهريائين قول کي رباعيءَ ۾ درج ڪري تراني ۾ ڳايو ويو. اميـر خـسـرو جي وقت ۾ هندستاني موسيقيءَ جو هڪ قـسم پرٻنـڌ هو، ان جا ڇھہ ڌاتو هئا، جن مان هڪ ٽناڪا ۽ ٻيو پڌم هو. پرٻنـڌ جي انهن ٻن ڌاتن جو تراني تي ايترو تہ اثر پيو، جو تراني جي شڪل ئي بدلجي وئي. هاڻي هي موجودہ موسيقيءَ جو حصو آهي. ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيقات موجب سنڌ ۾ سماع جو سلسلو تيرهين صديءَ کان وٺي شروع ٿيو، ايندڙ ٽي سو سالن تائين اهو اوج ۽ عروج کي پهتو. سنڌ جي قوالن ۽ ذاڪرن سنڌي منظوم صنفن بيت ۽ ڪافي توڙي سنڌي موسيقيءَ جي نغمن ۾ ڪافي راڳ کي سماع جي محفلن ذريعي سنڌ ۽ ملتان واري مرڪزي خطي توڙي مٿئين پنجاب تائين مشھور ڪيو، امير خسرو پڻ سنڌي قوالن جي ڳايل ڪافي راڳ کان متاثر ٿيو. جڏهن هو شيخ فريدالدين جي وقت ۾ 5 سال ملتان ۾ اچي رهيو هو. 15/16 صدي عيسويءَ ۾ شيخ عبدالجليل ۽ سندس جانشين جي حلقن ۾ سماع جون محفلون مچايون ويون ۽ فارسيءَ سان گڏوگڏ سنڌي ڪلام پڻ ڳايو ويندو هو. ساڳئي دور ۾ ڪن سنڌي بزرگن ۽ درويشن اوڀر هندوستان ۽ برهانپور کي وسايو هو، جتي بہ سماع جو سلسلو قائم ڪيو. اتي جو ذاڪر ’لاڏ‘ يا ’لڌو‘ سنڌي (1523ع-1598) سنڌي ڪافيون اهڙي تہ درد ۽ سوز سان ڳائيندو هو، جو نہ فقط پاڻ مست ٿي ويندو هو، پر ٻڌندڙ پڻ محو ۽ مسرور ٿي ويندا هئا. هن دور ۾ قاضي قادن جا ست بيت سنڌ کان ٻاهر ويندي برهانپور تائين مشھور ٿيا، ’ذخيرة الخوانين‘ 1650ع جي مصنف شيخ فريد بکريءَ لکيو آهي تہ مير محمد فاضل سنڌي ٻوليءَ ۾ شعر ۽ ڪافي نهايت ئي سھڻي انداز ۾ ڳائيندو هو ۽ کيس ان ۾ مقبوليت حاصل هئي. 13 صديءَ کان 17 صدي عيسويءَ تائين جي بيت، ڪافي ۽ نظم توڙي سنڌ جو ڪافي راڳ سنڌ ۽ ملتان کان ٻاهر اتر طرف پنجاب ۾ لاهور تائين، اوڀر طرف برهانپور تائين ۽ وچ آگري ۾ دهلي هندستان تائين مشھور ٿيا. آئين اڪبريءَ ۾ ابوالفضل بہ لکيو آهي تہ ڪافي خاص سنڌ جو راڳ آهي، جنهن ۾ مھر ۽ محبت جو جادو سمايل آهي. ڪافي راڳ جو اثر ايترو ٿيو جو لاهور جي هڪ درويش شاھہ حسين (1539ع-1593ع) پنھنجي جذبن ۽ خيالن جو اظهار ڪافيءَ ذريعي ڪيو، تہ ٻئي طرف سک پنٿ جي ابي بابا گرونانڪ پنھنجي ڪلام ۾ ڪافي نظم ۽ راڳ کي آندو ۽ سنڌ جي روايت موجب ان نظم کي سنڌي محاورن ۾ رچڻ جي ڪوشش ڪيائين. نہ صرف ايترو بلڪہ سکن جي ڪيترن ئي گـُرن جي ڪلام ۾ سنڌي لفظ ۽ فقرا ملن ٿا. سماع جا شرط: حضرت نظام الدين اولياءَ سماع جا چار شرط مقرر ڪيا آهن:
(1) مسمع: ان جي معنى قوال آهي، جنهن لاءِ ضروري آهي تہ هو مرد ڪامل هجي، ڪوئي ڇوڪرو يا عورت نہ هجي.
(2) مسنمع: ان جي معنى قوالي ٻڌڻ وارو آهي، جنهن لاءِ ضروري آهي تہ هو ياد الاهي کان غافل نہ هجي.
(3) مسموع: ان جي معنى اهو ڪلام آهي، جيڪو قوال ڳائيندا آهن، ان ڪلام لاءِ ضروري آهي تہ اهو فحش نہ هجي.
(4) چوٿون شرط اهو آهي تہ سماع ۾ ساز جا آلات موجود نہ هئڻ گهرجن. سماع جي روايت جو تاريخي پس منظر ۽ سنڌ تائين پهچڻ: صوفين ۽ عالمن سماع جي روايت جي سلسلي کي اسلام جي شاندار دور ۽ حضور ڪريم صلي عليہ وسلم جن جي فرمانن ۽ قرآن شريف ۾ آيل ارشادن تائين وڃي ملايو آهي، جنهن جو ذڪر مٿي آيل آهي، پر حقيقت اها آهي تہ اها ٻڌڻ جي هڪ ڪيفيت هئي، جو خوش الحان ۽ مٺي آواز جي ٻڌڻ ڪري ماڻهن تي غشي، بيهوشي، موت، وجد يا حال جي صورت ۾ طاري ٿيندي هئي. اول اها سماع جي صوفياڻي رسم يا روايت نہ هئي، بلڪہ اهو ٻڌڻ جو ذوق ۽ عالم هو، ان جي پويان هڪ سوجهي ۽ سمجهه هئي، جنهن سماع جي روايت کي جنم ڏنو. آغا سليم سماع جي ابتدا بابت ڄاڻائيندي لکيو آهي تہ سماع جي روايت صوفين ۾ ڪڏهن شروع ٿي، ان بابت ڪجهه چئي نہ ٿو سگهجي، باقي ايترو سو چئي سگهجي ٿو تہ خلفاءِ راشدين ۽ اصحاب ڪرام جي دور ۾ سماع ۽ وجد جو ذڪر ڪٿي بہ نہ ٿو ملي. عربن ۾ سريلي آواز سان شعر پڙهڻ جو رواج هو ۽ تمثيلن وارا شعر ۽ قول ڳايا ويا هجن، جن هنن تي وڏو روحاني اثر ڪيو هجي ۽ ائين سماع جي روايت شروع ٿي هجي. خواجہ حسن بصريءَ بابت چيو وڃي ٿو تہ سندس محلفن ۾ رڳو درس ٿيندو هو ۽ پاڻ درس ڏيندي زاروقطار روئندا هئا. پروفيسر سرفراز حسين قاضي پنھنجي پنجابي ڪتاب ’تصوف تي پنجابي دي صوفي شاعر‘ ۾ لکيو آهي تہ: سفينة الاولياءَ ۾ درج آهي تہ حضرت شيخ شبلي، حضرت ذوالنون مصري ۽ حضرت ابوالحسن سماع جا شوقين هوندا هئا ۽ انهن سماع ٻڌڻ جي اجازت پڻ ڏني هئي. آغا سليم موجب محققن جو چوڻ آهي تہ ايران جي مشھور صوفي شاعر ابو سعيد ابو الخير پهريون صوفي هو، جنهن وحدت الوجود جي نظريي سان گڏ قول ۽ سماع کي رواج ڏنو ۽ مولانا رومي عارفاڻي ڪلام سان گڏ رقص کي بہ سماع ۾ شامل ڪيو. ننڍي کنڊ ۾ سماع جو باقاعدہ رواج وجهڻ وارا صوفين جا ٻہ سلسلا آهن، هڪ چشتيه ۽ ٻيو سهرورديه سلسلو، چشتي سلسلي جو اڳواڻ حضرت خواجہ معين الدين چشتي اجميري (1192ع) ۽ سهرورديه سلسلي جو اڳواڻ حضرت بھاؤالدين زڪريا ملتاني آهن، جنهن کان پوءِ صوفين جا باقاعدہ سلسلا شروع ٿيا، انهن ۾ حضرت بختيار ڪاڪي، حضرت شيخ جلال ٿانيسري، حضرت شيخ ابوالحسين وراح، حضرت شيخ سيدي احمد بن ابوالحسن الرفائي، حضرت خواجہ شمس الدين محمد الڪوسري الحامي ۽ ٻيا ڪيترائي صوفي بزرگ ٿي گذريا آهن. انهن بزرگن تہ سماع جي حالت ۾ رحلت بہ ڪئي. سماع جي سلسلي ۾ حضرت شيخ فريدالدين مسعود گنج شڪر (1157ع- 1265ع) جو بہ سماع سان نهايت شغف هو. سماع جي روايت جو سنڌ تائين پهچڻ: جيئن مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون تہ سنڌ ۾ سماع جي روايت جو سلسلو سومرن جي دور ۾ 7 صدي هجري مطابق تيرهين صدي عيسويءَ کان وٺي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. (ممڪن آهي تہ ان کان اڳي بہ اهو هجي) ۽ ايندڙ ٽن سؤ سالن ۾ اهو اوج ۽ عروج کي پهتو. سماع جي تاريخ جي ڪڙيءَ ۾ پهريان تہ سنڌي ذاڪرن ۽ قـوالـن جو ذڪر ملي ٿو، جنهن جي معرفت سنڌي منظوم صنفن بيت ۽ ڪافين توڙي سنڌي موسيقيءَ جي نغمن ۾ ڪافي راڳ کي سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر ملتان ۽ پنجاب تائين مشھور ڪيو ۽ پوءِ ملتان کان اوڀر طرف برهانپور ۽ وچ هندوستان ۾ دهلي ۽ آگري تائين مشھور ڪيو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيقات موجب سنڌ ۾ سماع جي روايت صوفي سلسلن ۾ چشتيه ۽ سهرورديه کان اڳ سنڌ ۾ اويسي طريقي جي سماع وارو رواج موجود هو، مولودن جي محفلن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ سنڌ ۾ سماع جي روايت تمام پراڻي آهي، سنڌ جي مختلف درگاهن تي جيڪو سماع يا راڳ ٿيندو آهي، تنهن مان خبر پئي ٿي تہ سنڌ ۾ سماع ۽ ذڪر جي روايت پاڻ ۾ ملي سماع جي هڪ نئين روايت کي جنم ڏنو آهي ۽ ذڪر جي روايت نہ رڳو سماع کي، پر سنڌي راڳ کي بہ متاثر ڪيو ۽ سنڌي ڪافي ڳائڻ ۾ ’الا‘، ’الو‘ ۽ ’الوميان‘ جا الاپ شروع ٿيا، جيڪي ذڪر جي روايت جي نشاندهي ڪن ٿا. ڪن صوفين تہ سماع جي راڳ کي بہ ذڪر سڏيو آهي ۽ ذڪر ئي راڳ ۽ شاعريءَ جي هڪ صنف بڻجي وئي. سنڌ ۾ سماع جي روايت اتر طرف ملتان کان بہ آيل ڀانئجي ٿي. ڊاڪٽر صاحب انهن هستين ۾ غؤث بھاؤالدين ذڪريا ملتاني، پاڪ پتن جي بابا فريدالدين گنج شڪر، اچ جي سيد جلال بخاري، سنڌ ۾ حضرت لال شھباز قلندر ۽ شيخ حسين عرف پير پٺي جو خصوصي ذڪر ڪيو آهي. سنڌ ۾ انهن جي تربيت ۾ ذڪر توڙي سماع جا سلسلا هليا، ڪيترائي سنڌي ملتان جي انهن بزرگن جا مريد ٿيا ۽ طريقت جو سلسلو پڻ رکيائون. قلندر لال شھباز سومرن جي دور ۾ سنڌ ۾ آيو، جنهن بابت چيو وڃي ٿو تہ مٿس جڏهن وجد يا حال جي ڪيفيت طاري ٿيندي هئي تہ رقص ڪندو هو، پاڻ فارسيءَ جو بھترين ۽ بلند پايه شاعر هو، فارسيءَ ۾ سندس غزل بہ رقص جي عنوان تي ملن ٿا. موجودہ وقت ۾ سندس ميلي واري ڏينهن تي سنڌ، هند توڙي پنجاب جي علائقن مان ايندڙ مريد ۽ معتقد ’ڌمال‘ تي رقص ڪندا آهن. ان دور ۾ اسماعيلي داعين بہ پنھنجي پرچار ۽ تبليغ جو ڳڙھہ ملتان کي ڪيو هو، انهيءَ سلسلي ۾ سڀ کان پهريون داعي پير نورالدين ايران کان 1079ع ۾ پهريان هندستان ۽ پوءِ سنڌ ۾ آيو. کيس ’ست گر نور‘ بہ چيو ويندو هو. ائين پير حسن ڪبيرالدين، پير شھاب الدين، پير صدرالدين، (جنم: 1409ع) بہ ملتان ۾ آيا، انهن جي هٿان ڪيترا لوهاڻا ۽ برهمڻ مسلمان ٿيا، کين ’خواجہ‘ جو لقب ڏنو ويو. سندن ڪلام کي ’گنان‘ چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ هندي، گجراتي، سنڌي ۽ ڪڇي زبان، لاڙي ۽ ملتاني محاورا سمايل آهن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي موجب پير صدرالدين اسماعيلي فڪر جي دعوت ڏيڻ لاءِ هند ۽ سنڌ ۾ آيو ۽ لاڙ ۾ ڪوٽڙي رکئي شاھہ ۾ مرڪز قائم ڪيائين. تبليغ ۽ دعوت جي سلسلي ۾ ويدانيت جي اصولن کي مدنظر رکي، هندن تي اثر انداز ٿيو. گنانن سان گڏ هيئت ۽ گائيڪيءَ جي لحاظ کان هڪ صنف ’وينتي‘ بہ آهي. برصغير وانگر سنڌ ۾ بہ مذهب اسلام جي تبليغ لاءِ پهريان صوفين جا اهي ٽي سلسلا آهن، چشتيه، سهرورديه ۽ اسماعيلي، انهن سلسلن جي صوفين جي پرچار جو مقصد اهو ئي هو تہ دين اسلام جي دعوت ڏجي. جيئن حضرت خواجہ معين الدين ۽ حضرت نظام الدين اولياءَ هندوستان ۾ سماع جو باقاعدہ رواج وڌو، تيئن اسماعيلي داعين بہ گنان جي شاعريءَ ۾ اسلام جي پرچار ڪئي. ڇو تہ انهن بزرگن کي اها ڄاڻ هئي تہ هندن جي عبادت توڙي عقيدي ۾ اڳيئي لطيف فن موجود آهن، تنهنڪري صوفين سماع جي موسيقي ۽ شاعريءَ ۾ ويدانيت جو ٻج پوکي، دين اسلام جي دعوت کي عام ڪيو، جنهنڪري ڪيترائي هندو سندس مريد بہ ٿيا ۽ ڪيترن ئي اسلام جي دعوت کي قبو ل ڪيو. ملتان سان سنڌ جي ڪيترن ئي ماڻهن عقيدت جو سلسلو رکيو. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اهڙا ٻہ ٽي نالا ملن ٿا، جن بابت ڪي ڳالهيون مشھور ٿيون. شيخ جيو يالا ڏيو (مڪليءَ جو ڏيو) حضرت غؤث بھاؤالدين ذڪريا ملتانيءَ جو مريد هو، جنهن کي ’لاکيٽا‘ ۽ ’نورسيا‘ قوم وارن شھيد ڪيو. ان موقعي کان متاثر ٿي پير پٺي چيو:
نورسيا نہ رسيا، لٿو ليکو لاکاٽين،
مدي رکي من ۾، جيئو ڪٺو جن،
توڙئون لڳو تن، بجو بھاؤالدين جو.
آغا سليم موجب سماع جي روايت جڏهن سنڌ ۾ پهتي، تڏهن سماع کي سنڌي اچار موجب ’سمھہ‘ چيو ويو ۽ سماع ٿيڻ جي بدران سنڌ ۾ سمھہ ٿيندي هئي يا سمھہ لڳندي چوندا هئا. سمھہ هئڻ انڪري چيو ويندو آهي، جو سمھہ ۾ ذڪر واريون ضربون هنيون وينديون آهن، يعني سمھہ جي اوٺاڻيءَ کي تال جي ضربن واري انداز ۾ادا ڪيو ويندو آهي ۽ پڻ حلقو هنيو ويندو آهي. سمھہ ۾ ڳائن ۽ نچڻ ٻئي شامل آهن، سمھہ وارا حلقي ۾ شامل ٿيندا، هڪڙو اوٺاڻي ۽ بيت چوڻ ۾ اڳواڻي ڪندو آهي، حلقي وارا اوٺاڻيءَ ۾ شريڪ ٿي ٽي ضربون هڻندا آهن، يعني تہ حلقي وارا اوٺاڻيءَ جا اکر تال واري لئي ۾ ادا ڪندا آهن. مير معصوم شاھہ جي تاريخ ۾ سنڌي سماع جو طريقو هن ريت ڏنل آهي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي واري نسخي موجب ڳچ جيترا آدمي هڪ هنڌ گڏ ٿيندا آهن، انهن مان ڪي پنھنجي زبان ۾ سر سان بيت پڙهندا آهن ۽ ٻيا ان سر جي موافق سماع ڪندا آهن، پوءِ ڪن کي حال بہ اچي ويندو آهي، جن کي حال پوندو آهي، سي گهوڙي وانگر پڙ ڪڍندا آهن ۽ مست ٿي پوندا آهن. بيٺلن مان هر هڪ انهن کي چيلھہ کان قابو جهلي بيهندو آهي، پوءِ اهي نچندا آهن ۽ وات سان بلند آواز ڪندا آهن. ٻن ٽن سون سماعين جو آواز هڪڙي هنڌان اچڻ عجيب پڙاڏو وجهي ڇڏيندو آهي ۽ ميل يا وڌيڪ مفاصلي تي ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. مخدوم عبدالله (1736ع-1763ع) پنھنجي ڪتاب ’ڪنزالعبرت‘ ۾ سماع جي تشريح ۾ هي نظم لکيو آهي:
سماع مثل سرود جي، پڻ آهي حراما،
هئي حلال جن کي، سي سوار لڏئا،
حلال تن جو ھہڙو، لکئو ڪتابن آھہ،
تہ نہ عادت ان سماع هئي، نہ ڪا عبادتا،
مگر جڏهن منجهان محبت رب جي، هر ڪنهن ايندو ساءُ،
تڏهن پان هڻندا هئا پٽ تي، گهڻي خوف منجهان،
مست ڪندا هئا پاڻ کي، منجهہ محبت مولى،
جاهل سماع تن کي، هئا ڀائيندا،
۽ ان تي ايندو اهڙو، وقت تہ ويرا،
جيئن موت حياتيءَ جي هئي پوندي خبر نہ ڪا،
جي پيا ڪري پاڻيءَ ۾، ڪ ڄميري ڄراٽيا،
ڪ لڳين تراڙڪ ڪاتي، تہ پڻ ڪين ڏکويا،
اڄ پڻ جنهن تي اي وقت، اچي تہ مباح آھہ،
۽ ٻيا جي ريسون ڪيو ان سين، اي پر ڪرين ٿا،
ڄڻ ٿا مست ٿين ڄاڻيو ٻجهيو، ٽپا ڏين ٿا،
۽ پڻ ڀلي عبادت فرض، ڪندا ايهي ڄاڻن ٿا،
۽ اوڏائي والله سين، ٿا طلبين ان منجهان،
۽ پڻ ڪيڻن خبر نہ ايندي ڪئن ڪجهه طهارتا،
آهي مثل ان جو، چرپن مثالا،
جن چريو ڪيو ڍءُ گهڻو، تڏهن وڏا ڏي ٽپا.
سنڌي موسيقي، پوءِ اها عام موسيقي هجي، ڪافي ڪلام هجي يا ڪلاسيڪي موسيقي هجي، جو مزاج ۽ ان جي اندر جي ڪيفيت صوفياڻي آهي. ايسيتائين جو عورت ۽ مرد جي احساساتي تعلق واري جمالياتي شاعري يا جنگ و جدل واري رزميه شاعريءَ کي بہ ائين ڳايو ويندو آهي، جو ان مان صوفياڻو رنگ پيو جهلڪندو آهي. ان جو سبب سنڌ جي مٽيءَ جو صوفياڻو سڀاءُ آهي. سماع جي سلسلي ۾ سمن جي حڪمرانيءَ جي پوئين دور ۾ شيخ عبدالجليل چوهڙ جو نالو اهم آهي، عام طرح شيخ چوهڙ جي نالي سان مشھور هو ۽ روحاني فيض سببان سندس لقب ’قطب العالم‘ هو. سو 9 صدي هجريءَ ۾ ضلعي رحيم يار خان بھاولپور ڊويزن جي قديم شھر ’موء مبارڪ‘ جو هڪ وڏو صوفي درويش ٿي گذريو آهي، شيخ چوهڙ سلطان بھلول لوڌي (1451ع-1489ع) جو ناٺي هو. حسب نسب جي لحاظ کان هو ’موء مبارڪ‘ جو مشھور ولي شيخ حميدالدين حاڪم جي پنجين پشت مان هو. حضرت حاڪم جي غؤث بھاؤالدين زڪريا جي ڌيءَ سان شادي ٿي هئي، جنهنڪري حضرت حاڪم جي خاندان ۽ اولاد جو غؤث بھاؤالدين زڪريا جي خاندان ۽ اولاد سان عزازت توڙي طريقت جو گهاٽو رستو هو. انهيءَ ڪري حضرت غؤث بھاؤالدين جي سنڌي مريدن ۽ معتقدن جو حضرت حاڪم جي اولاد سان پڻ تعلق وڌيو. شيخ عبدالجليل چوهڙ جي درٻار ۾ سماع جون محفلون ٿينديون هيون، جن ۾ سنڌ جا خوش الحان ذاڪر فارسي توڙي سنڌي ڪلام وڏي لئي ۽ سوز سان ڳائيندا هئا. انهن سماع جي محفلن جو ذڪر شيخ عبدالجليل جي سوانح عمري ۽ ملفوظات جي ڪتاب ’تذڪره قطبيه‘ ۾ پڻ موجود آهي. اهو ڪتاب سندس مريد جمال الدين ابوبڪر آباديءَ 1540ع ڌاري لکيو. هن ڪتاب جي حوالن مان معلوم ٿئي ٿو تہ غؤث صاحب جا راڳيندڙ اڳواڻ سنڌي هئا، جن ملتان، پنجاب ۽ دهليءَ تائين سماع جي محفلن کي مشھور ڪيو ۽ سنڌي توڙي فارسي ڪلام کي ڳايو. حضرت رڪن الدين جي سماع جي محفلن ۾ ’مير حسن سنڌي‘ راڳيندڙ جو نالو پڻ ڪتاب ۾ آيل آهي. حضرت نظام الدين اولياءَ وٽ ’حسين سنڌي‘ نالي قوال ايندو هو، جيڪو اهڙو تہ سرود ڪندو هو جو نظام الدين اولياءَ تي وجد جي ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. ان دور کان اڍائي سو سال پوءِ شيخ عبدالجليل جي وقت ۾ سنڌ ۾ سماع ڪندڙن جو سلسلو پوري
اوج ۽ عروج تي هو ۽ سنڌي قوالن، ذاڪرن، صوفين ۽ بزرگن لاهور ۽ پنجاب جي مختلف علائقن کان ويندي ڪوهستان، ڪانگڙه جا علائقا پڻ ورسيا، شيخ چوهڙ انهن علائقن ۾ بہ ويندو هو ۽ ڪن روايتن موجب سنڌ جو بہ سفر ڪيائين. شيخ عبدالجليل چوهڙ سان هڪ وڏي روايت منسوب هي آهي تہ هڪ ڀيري شيخ گجر، حضرت شيخ عبدالجليل کي دعوت ڏئي سندس ڳوٺ ’هانڊي گجر‘ ۾ وٺي آيو، اتي سماع جي محفل ٿي، جنهن ۾ سماع ڪندڙ ذاڪرن فارسي شاعري تراني ۾ ڳائي ۽ ان سان گڏوگڏ هڪ ڏوهيڙو ٿي ڏنائين، جنهن ڏوهيڙي لاءِ بلوچ صاحب چيو آهي تہ سنڌيءَ ۾ ٿي سگهي ٿو. حضرت شيخ عبدالجليل تي حال پئجي ويو ۽ انهيءَ جذبي واري حالت ۾ سندس فيض جي نظر سان ٽي سؤ ماڻهن اسلام قبول ڪيو. ’تذڪره قطبيه‘ ۾ آيل آهي تہ شيخ عبدالجليل چوهڙ سنڌي ڄاڻندو هو ۽ سنڌيءَ ۾ بيت بہ چيو اٿائين. سندس ٻولي سرائيڪي هئي، پر بعضي ڪي سرائيڪي بيت سنڌيءَ ۾ بہ ڳائيندو هو. ’تذڪره قطبيه‘ ۾ اهڙا چار بيت آيل آهن. جيڪي بلوچ صاحب جي تحقيق موجب سنڌي سرائيڪي گاڏڙ آهن، پر سنڌي ٻوليءَ جو اثر منجهس گهڻو آهي. جمال الدين ابوبڪر آباديءَ لکيو آهي تہ شيخ عبدالجليل چوهڙ جو ڀائيٽيو شيخ علي بري، جيڪو سماع جي وجد واري حالت ۾ اڏامندو هو، شيخ عبدالجليل جي وفات کانپوءِ سندس روضي تي سماع جون محفلون ٿينديون رهنديون هيون. روايت آهي تہ هڪ ڏينهن سماع جي محفل ۾ درويش نچيا پئي، انهن مان هڪ درويش اچي ذاڪرن کي چيو تہ ڪا لئي ٻڌاءِ تہ درويش خوش ٿين. ذاڪر عرض ڪيو تہ عزيزو هي فقير فقط انهيءَ جماعت ۾ ڳائيندو، جنهن ۾ شيخ بري هوندو، ڇاڪاڻ تہ منهنجي هن سان سچي دل آهي، تنهن تي هڪ درويش چيس تہ شيخ ازخود اچي ويندو، تڏهن انهيءَ ذاڪر ‘حسيني مقام‘ جي لئي ۾ هي سنڌي ڏوهيڙا ڳايا:
چران تہ چڪن چاڪ، وهان تہ وه سنجري
ماءُ منهنجي ڏيل سين، سورن ڪئي اوطاق
جيئن تون جا ناپاڪ، آسا بند اڙين جي.
-
من کي لوچ فراق، اسان هيئون نہ ڌار ٿئي،
سڪون پريان ساک، رب ڏکائي ڪڏهين. سنڌ ۾ سماع جي سلسلن ۾ مخدوم احمد ڀٽيءَ جو بہ وڏو نالو آهي، هي بزرگ ۽ درويش هالاڪنڊيءَ (پراڻن هالن) جي درويش مخدوم اسحاق ڀٽيءَ جو فرزند هو. مخدوم اسحاق ڀٽي غؤث بھاؤالدين زڪريا جي سلسلي جو مريد ٿيو هو، مخدوم احمد بہ زماني جو قطب ۽ وڏو ولي هو، کيس سماع سان چاھہ هوندو هو. روايت آهي تہ ڪو عالم وڏي حب سان ملڻ آيس، پر جيئن ٻڌائين تہ مخدوم صاحب کي سماع جو ذوق آهي، تنهنڪري دل سوڙهي ڪيائين. مخدوم احمد کيس چيو تہ هي سماع نفساني خوشيءَ لاءِ ناهي، پر سوز ۽ درد کي جاڳائڻ لاءِ آهي. ان بعد مخدوم صاحب عالم کي پنھنجي سماع جي حلقي ۾ وٺي ويو، جتي ان عالم کي ايترو تہ سوز ۽ درد جاڳيو، جو انهيءَ حالت ۾ کانئس نماز بہ قضا ٿي وئي، ان بعد چون ٿا تہ اهو عالم هميشہ لاءِ صاحبِ حال ۽ صوفي ٿي ويو. مخدوم احمد ڀٽي سماع جي محفلن ۾ شريڪ ٿيندو هو، جتي مٿس تمام گهڻو وجد طاري ٿي ويندو هو، چون ٿا تہ مخدوم صاحب وصال بہ انهيءَ حالت ۾ ڪيو. هڪ ڀيري مخدوم احمد نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) ۾ سماع جي مجلس ۾مشغول هو، انهيءَ موقعي تي ذاڪر سنڌي بيت اهڙي تہ سوز واري آواز ۾ ڳايا، جو ان ٻڌڻ سان مخدوم هن درويش دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. اها تاريخ 936 ھہ/1529ع يا 1530ع ٻڌائي وڃي ٿي.
حديقة الاولياءَ جي مصنف سيد عبدالقادر اهي بيت ڏنا آهن، جيڪي هي آهن:
سڏ سڃاڻي پرينءَ جو، وانگي جي نہ ورن،
ڪوڙي دعوى دوست جي، ڪڄاڙي کي ڪن.
هي بيت ٻڌڻ کانپوءِ مخدوم صاحب جي روح پرواز ڪيو، ان بعد ذاڪر ٻيو بيت چيو:
سر ڏيئي سٽ جوڙ، ڪنهن پر ڪلالن سين،
مرڻا منهن مَ موڙ، اڄ وٽي ٿي وڌ لھي.
’حديقة الاولياءَ‘ جو مصنف سيد عبدالقادر لکي ٿو تہ مان شيخ پرئي ويرداس سان ملڻ لاءِ ويس، جيڪو اصل ۾ هندو هو، بعد ۾ مسلمان ٿيو ۽ سندس آخري عمر جي وقت ۾ گنجي ٽڪر جي ڀرسان رهڻ پسند ڪيو هئائين. شيخ صاحب ان وقت سلوڪ جي معنى وارو سنڌي بيت خوش الحان سان پئي پڙهيو، منهنجي دل ۾ خيال پيدا ٿيو تہ هيءُ بيت سندس آهي يا ڪنهن ٻئي جو! اڃامنهنجي دل ۾ اهو خيال پيدا مس ٿيو تہ هن درويش مون ڏانهن منهن ڪري چيو تہ هي بيت اسحاق آهنگر جو آهي. انهن ڳالهين مان ظاهر ٿئي ٿو تہ سنڌ جا صوفي ڪشف ۽ ڪرامت جا مالڪ هئا، انهن وٽ سماع جون روايتون اوج تي هيون ۽ وجد جي حالت ۾ ڪي ڪرامتون پڻ ٿينديون هيون، ان سان گڏوگڏ اسلام جي تبليغ ۽ پرچار بہ هلندي هئي. جنهنڪري ڪيترائي غير مسلم مسلمان ٿيا ۽ خلافت جو خرقو ڍڪيائون. سماع ۽ تصوف جي سلسلن ۾ صوفين اعلى پايي جو ڪلام چيو ۽ ڳايو، اسحاق آهنگر جو سنڌي بيت: ٿيان مان جهرڪ، ويهان پرينءَ جي سُپَ تي، ڪرن مان ڊرڪ، ٻولي ٻاجهاريءَ سين. سنڌ ۾ سماع جي اوائلي سلسلن ۾ شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واري (1538ع-1623ع) جو بہ وڏو نالو آهي. هيءُ خدا جو پرتل ٻانهو وڏو صوفي بزرگ هو. سندس نالو سنڌي ٻوليءَ جي اساسي شاعريءَ ۾ پهرين شاعرن ۾ شامل آهي. هي بلند پايه شاعر ۽ وڏو صوفي بزرگ هو، سنڌ جو عظيم شاعر شاھہ لطيف سندس تڙپوٽو هو. شاھہ عبدالڪريم کي ننڍپڻ کان سماع جو تمام گهڻو ذوق هو، جنهن تان هڪ دفعو پنھنجي وڏي ڀاءُ سيد جلال شاھہ کان مار پڻ کاڌائين، پر ننڍپڻ کان ئي سندس دل حق ڏانهن مائل هئي، منجهس درويشيءَ جو رنگ پيو جرڪندو هو، تنهنڪري اهڙا اهڃاڻ سيد جلال شاھہ بعد ۾ شاھہ ڪريم ۾ محسوس ڪيا، جنهن بعد هو کيس ڪجهه بہ ڪونه چوندو هو. شاھہ عبدالڪريم بھار جي رمتي بزرگ سلطان ابراهيم کان فيض حاصل ڪيو، جيئن تہ اهو ’اويسي‘ سلسلي جو بزرگ هو، جنهنڪري شاھہ ڪريم بہ پاڻ کي ’اويسي‘ سڏرائيندو هو. سماع، وجد ۽ حال جي ڪيفيت بابت سندس ڪيتريون ئي روايتون مشھور آهن، پاڻ اڪثر اهڙيءَ حالت ۾ اکين مان آب هاريندو هو. انهن مان هڪڙي روايت جو هتي ذڪر ڪرڻ مناسب ٿيندو تہ هڪ ڏينهن شاھہ عبدالڪريم سماع جي حالت ۾ هو تہ اوچتو هڪ قوال مٺڙي آواز ۾ هي بيت چيو:
اکڙيون ملير ۾، جنين راتو ڏينهن،
عمر آسائن سين، هاڻي ڪندي ڪينءَ.
شاھہ عبدالڪريم بيت ٻڌڻ شرط زمين تي ڪري پيو، سڀني ائين ڀانيو تہ شاھہ صاحب جو روح هن فاني دنيا مان پرواز ڪري ويو، پوءِ بہ سماع جاري رهيو، ڳچ مدت کانپوءِ قوال هڪ ٻيو بيت ڏنو، جڏهن شاھہ ڪريم جي ڪن تي آواز پيو، تڏهن کيس هوش آيو ۽ وري سماع ۾ مشغول ٿي ويو. روايت آهي تہ انهيءَ بيت تي حضرت شاھہ عبدالڪريم کي ايتريقدر وجد ۽ شوق جاڳيو، جو کيس جيڪو لباس مٿي ۽ ڪلهن ۾ هو، اهو پيرن جي جتيءَ سميت لاهي قوال کي ڏنائين ۽ پاڻ پٺا اگهاڙا ڪري حجري ۾ داخل ٿيو ۽ مراقبي ۾ ويهي رهيو. قوال چادر آڻي اڳيان رکي تہ جيئن لڱ ڍڪي، پاڻ فرمايائين تہ موٽائي هرگز نہ وٺنداسون، بلڪ ڏھہ ڪاسا نانگليءَ جا گهر ۾ هئا، سي پڻ ڏنائينس ۽ چيائين تہ ٻيو ڪجهه گهر ۾ پيل هجي ها تہ اهو بہ توکي ڏيون ها، پر رڳو ايترو حاضر آهي. تاريخي احوالن مان ظاهر ٿئي ٿو تہ شاھہ عبدالڪريم جي هڪ ٻئي همعصر ميين سيد علي شيرازي بہ ٺٽيءَ ۾ سماع جون محفلون مچايون هيون. ان وقت هالا جي مخدومن وٽ بہ سماع جو سلسلو هلندو پئي آيو، جيئن مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون تہ مخدوم احمد ڀٽي هالاڪنڊيءَ ۾ سماع جو وڏو ذوق رکندو هو ۽ اها روايت کانئس پوءِ بہ برقرار رهندي اچي. هالا ۾ مخدوم نوح سرور هالائي بہ تمام وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي، ڪن روايتن موجب شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واري کانئس فيض بہ حاصل ڪيو آهي، مخدوم نوح جي درگاھہ تي بہ سماع جون محفلون ٿينديون رهنديون آهن ۽ سندس سماع جي سلسلي کي ’ڏهر‘ سڏجي ٿو. انهيءَ دور ۾ راڳ، سماع ۽ شاعريءَ جو مقام بلند هو. تڏهن تہ شاھہ عنات نصرپوريءَ (وفات: 14/1713ع) پنھنجي ڪلام کي راڳن ۾ ترتيب ڏيڻ جي روايت جي ابتدا ڪئي. ڪن روايتن موجب شاھہ لطيف شاعريءَ ۾ کانئس ترغيب حاصل ڪئي. روايت آهي تہ شاھہ لطيف شاعري بنسبت سوال ڪيو تہ: دنيا تہ سموري کيڙي پئي آهي، تہ شاھہ عنات وراڻيو تہ: ابا تون وڃي سمنڊ کيڙ. اهڙي قسم جون ٻيون بہ ڪيتريون ئي روايتون آهن. شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو سمورو رسالو ڪلاسيڪي قالب وارن راڳن ۽ مقامي ڌنن ۽ قصن جي روايت ۾ ورهايل آهي. حضرت سچل سرمست بہ پنھنجي راڳ ۽ ڪلام لاءِ ڪي سُر مقرر ڪيا. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ لکيو آهي تہ شاھہ لطيف ۽ سچل سرمست قادري طريقي جا هئا ۽ ان طريقي ۾ راڳ منع ٿيل آهي، پر شاھہ عبداللطيف مسجد ۾ بہ سماع شروع ڪيو. سنڌ جا صوفي چاهي ڪهڙي بہ طريقي جا ڇو نہ هجن، پر عمل ۾ چشتي آهن ۽ راڳ هر درگاھہ جو معمول آهي. شاھہ عبداللطيف ڀٽائي (1690ع-1752ع) مسجد ۾ سماع ڪيو هو يا نه، پر شاھہ صاحب جي سماع ۽ راڳ رهاڻ سان تمام گهري دلچسپي ضرور هئي. سندس آستاني ڀٽ تي هر روز، هميشہ ۽ معمول مطابق راڳ ۽ تنبوري جي تنوار هوندي هئي، جنهن جا پاڻ موجد هئا. چيو وڃي ٿو تہ راڳ ٻڌڻ سان سندس طبيعت ۾ مجذوبيت ۽ وجد واري حالت هوندي هئي، ٿي سگهي ٿو تہ پاڻ انهيءَ حالت ۾ بيت بہ چيا هجن. جيئن تہ شاعري الھام آهي، تيئن الھام بي قراري ۽ بي اختياري واري حالت مان ئي پيدا ٿئي ٿو ۽ شاھہ صاحب کي تہ زماني جو پورو علم حاصل هو، راڳ ٻڌڻ ۽ ڳائڻ سان مٿس وجد ۽ حال جو طاري ٿيڻ ممڪن ڳالھہ آهي. آخري وقت ۾ کيس ڪربلامعلى جي زيارت ڪرڻ جو وڏو چاھہ هو، پر ڪن سببن جي ڪري رستي تان ئي موٽي آيو. واپس پهچندي ئي ڪارو ويس ڍڪيائين ۽ ڪربلا جي شھيدن جي ماتم ۾ ’سر ڪيڏارو‘ چيائين. چون ٿا تہ شاھہ صاحب جو اهو آخري ڪلام آهي. پورا ايڪيھہ ڏينهن خلوت اندر رهيا، انهيءَ ساري عرصي ۾ ٻن ويلن جي ماني مس کاڌائين. جڏهن ٻاهر نڪتو، تڏهن غسل ڪري، چادر اوڍي، مراقبي ۾ ويهي رهيو ۽ پنھنجي رب سان رهاڻ ۾ مشغول ٿي ويو. فقيرن کي سماع ۽ سرود جو اشارو ڏنائين، چون ٿا تہ ٽي ڏينهن اهو چهچٽو لڳو پيو هو. چوڌاري چپ چپاتي ۽ سانت جو ماحول هو، سڀ ڪو سماع جي سوز ۽ ساز ۾ محو هو، آخر راڳ بند ٿيو، فقير شاھہ صاحب جي ويجهو وڃي ڇا ڏسن تہ شاھہ صاحب جو روح ڪڏهن جو عالم جاوداني ۽ عالم ارواح ۾ پهتو. اهڙي طريقي شاھہ عبداللطيف ڀٽائي سنڌ کان ظاهري ۽ جسماني طور وصال ڪيو، پر سندس روح جا ناتا اڄ بہ سنڌ ۽ سنڌين سان تعلق رکن ٿا. اها صفر مهيني جي چوڏهين تاريخ هئي ۽ انهيءَ تاريخ تي سندس عرس ملهايو وڃي ٿو. سندس روضي منور تي فقيرن جون مختلف جماعتون ڏينهن رات سماع ۽ سرود جون محفلون جاري رکندا اچن ۽ تنبوري جي ساز ۽ لطيفي راڳ جو هر هميشہ چهچٽو لڳو پيو هوندو آهي. حضرت سچل سرمست (1739ع-1829ع)، شاھہ لطيف کانپوءِ وڏو عالم، شاعر ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. سنڌي ٻوليءَ کي هڪ وڏو اعزاز اهو بہ حاصل آهي تہ صوفين سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌ جي تاريخ کي پنھنجي ڪلام ۾ هميشہ لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. سچل سرمست هفت زبان شاعر هو. سندس ڪلام سنڌي، سرائيڪي، اردو، فارسي، پنجابي ۽ هندي ٻولين ۾ چيل آهي. ننڍپڻ کان ئي بزرگيءَ ۽ جي عبادت ڏانهن لاڙو هوندو هئس، شاھہ لطيف ننڍپڻ ۾ کيس ڏسي چيو هو ته، اسان جيڪا ڪني چاڙهي آهي، تنهن جو ڍڪڻ هي ڇوڪرو لاهيندو.“ سو ٿيو بہ ائين، هو بيشڪ اعلى پايي جو شاعر ۽ صوفي ٿي گذريو آهي. سارو ڏينهن عبادت ۽ ورد وظيفي ۾ مصروف رهندو هو، پر جڏهن دهل تي ڌڪ لڳندو هو، سارنگيءَ جا سڏ ٿيندا هئا تہ پاڻ بيتاب ٿي ويندو هو، نيڻ ٽھہ ٽھہ ڪري ٽمندا هئس، ڪڏهن تہ بيتابيءَ منجهان ڀڙڪو ڏئي اٿندو هو ۽ يڪتارو کڻي وچ ميدان ۾ نچندو هو ۽ ڳائيندو هو. آغا سليم لکي ٿو تہ اها سچ جي سر مستي ۽ سرمستيءَ وارو سچ هو، جنهن سچل جي صورت اختيار ڪئي هئي. وجد واري حالت ۾ ڪيل ناچ کي صوفين انساني عضون جي گفتگو بہ سڏيو آهي. هيءَ اها ڪيفيت آهي، جڏهن زبان اظهار کان عاجز ٿي ويندي آهي ۽ انسان جو هر هڪ سنڌ زبان بڻجي مستي ۽ سرشاريءَ واريءَ ٻوليءَ ۾ گفتگو ڪندو آهي. ان مستيءَ ۽ سرشاريءَ ۾ صوفي ساري ڪائنات کي لتاڙي، حضرت نظام الدين اولياءَ وانگر نچندي نچندي ستين آسمان تي پير رکندو آهي. وقت ۽ فاصلي جا سڀ ويڇا ختم ٿي ويندا آهن ۽ صوفي احديت، هيڪڙائي ۽ حق جي ذات سان هڪ ٿي ويندو آهي، بقول شاھہ لطيف جي:
وحدتان ڪثرت ٿئي، ڪثرت وحدت ڪل،
حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻي مَ ڀل،
هو هلاچو هل، بالله سندو سڄڻين.
سنڌ جي درگاهن تي سماع جا طريقا: سنڌ ۾ تقريباً سڀني صوفين جي سلسلن جي درگاهن تي راڳ ۽ سماع جون مجلسون ٿينديون رهنديون آهن، ڪجهه صوفي بزرگن جو ذڪر ۽ سماع جو طريقو مٿي ڄاڻائي آيا آهيون، انهن بزرگن جي درگاهن تي اڄ بہ سماع جو سلسلو هلندو رهي ٿو، جتي صوفي، بزرگ، مريد ۽ فقير سماع جون ڪچهريون ڪندا آهن. راڳ هر درگاھہ جو حصو آهي، پر ڪٿي ڪٿي راڳ کانسواءِ بيتن، ڏهرن ۽ مولودن چوڻ سان بہ سماع ٿيندو آهي. اهو ڄڻ سنڌي سماج جي ثقافت توڙي سنڌي ماڻهن جي نفسيات جو حصو آهي. صوفين جيڪو فڪر ۽ نظريو ڏنو، اهو ازلي ۽ ابدي آهي، اها حق سچ جي راھہ آهي. سنڌ ۾ صوفياڻي سماع جا مختلف طريقا آهن، جن جا رواج آڳاٽا وڌل آهن، اهي باقاعدہ رواج ۽ روايت طور هر درگاھہ جي جانشينن جي سلسلي ۾ منعقد ٿيندا رهن ٿا، انهن مان هتي ڪجهه درگاهن تي ٿيندڙ سماع جو مختصر احوال درج ڪجي ٿو. مخدوم نوح هالائيءَ جي درگاھہ جي سماع جو سلسلو ’ڏهر‘ سڏجي ٿو. پير سائين پاڳاري جي درگاھہ تي سماع جو سلسلو ’جماعتي راڳ‘ سڏجي ٿو، جيڪو بنا ساز سرود جي هوندو آهي. شاھہ عنايت شھيد جهوڪ شريف واري درگاھہ تي هر مهيني جي سترهين تاريخ ۽ ميلي جي موقعي تي هر ڏينهن ۽ رات جو سماع جي محفل ٿيندي آهي. سجادہ نشين مريدن جي وچ ۾ ويهندو آهي، سندس سامهون ذاڪر فقيرن جي ٽولي ويهندي آهي، ذاڪر فقير ٻن ٽولين ۾ ويهندا آهن ۽ داستان وار پهريان بيت ۽ پوءِ وايون چوندا آهن. پهرئين ٽوليءَ مان هڪ ڄڻو بيت چوندو آهي ۽ ٻي ٽوليءَ مان هڪ فقير ساڳيو بيت چوندو آهي. بيتن کانپوءِ وايون چوندا آهن. وائيءَ ۾ بہ پهرئين ٽوليءَ مان سڀئي گڏجي مصرع چوندا آهن، ان کانپوءِ ٻي ٽوليءَ وارا بہ ساڳئي مصرع چوندا آهن. محفل جي پڄاڻيءَ تي ذڪر جي تسبيح ڪڍيندا آهن. انهيءَ ذڪر جي محفل ۾ سڀئي شريڪ ٿيندڙ بلند آواز سان ﷲ پڙهندا آهن، ان کانپوءِ دعا گهري گادي ڌڻي پنھنجي حجري ڏانهن اندر ويندو آهي ۽ سڀئي فقير کيس حجري تائين ڇڏي ويندا آهن. اهڙيءَ طرح جهوڪ شريف جي درگاھہ تي سماع جي محفل پڄاڻيءَ تي پهچندي آهي. شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي درگاھہ تي هر مهيني جي پهرئين سومر جي رات، 17 رمضان جي رات، حج جي رات ۽ ميلي واري رات ۽ ڏينهن جو سماع ٿيندو آهي، سومهڻيءَ جي نماز کانپوءِ خليفو پير صاحب کان سماع جي اجازت گهرندو آهي، اجازت ملڻ کانپوءِ فقير سياري جي مند ۾ باھہ جي مچ جي چؤڌاري حلقو هڻي ويهندا آهن، بيٺلن مان هڪ فقير شاھہ ڪريم جي بيت جي هڪ مصرع پڙهندو آهي، ٻيا سڀ فقير اشهد آڱر مٿي آسمان ڏانهن کڻي ’القارعة ۽ مالقارعة‘ چئي هيٺ ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح سان بيت پڙهندا رهندا آهن، جيسيتائين سجادہ نشين يا ان جي غير حاضريءَ ۾ سندس ولي عھد اچي ويهي، بيت گهڻو ڪري مارئي ۽ سسئيءَ جي سرن مان پڙهيا ويندا آهن. پير صاحب مٿي ٿلهي تي ويهندو آهي ۽ سندس منهن قبلي طرف هوندو آهي، سماع ۾ شامل ٿيندڙ فقير ۽ مريد حلقي وار پير صاحب ڏانهن منهن ڪري ڦرندا آهن، پر اهڙيءَ طرح، جيئن پير صاحب جي نظر مچ کان پري نہ ٿئي. ڏهن، پندرهن منٽن کانپوءِ پير صاحب اندر ايندو آهي ۽ فقير کيس وڪوڙي ويندا آهن. ڪجهه وقت کانپوءِ پير صاحب وري ٿلهي تي ويهندو آهي ۽ ڳچ وقت ويهڻ کانپوءِ سجادہ نشين هلندڙ سماع مان اٿي هليو ويندو آهي، سجادہ نشين جي وڃڻ کانپوءِ فقير هو هو ۽ هو هو جو ورد شروع ڪندا آهن. شيخ ڪرهيي ڀانڊاريءَ جو ميلو سنڌي مهيني پوھہ جي پهرئين آچر کان شروع ٿيندو آهي، هن درگاھہ تي سماع سومر جي رات ۽ سومر جي ڏينهن ڪيو ويندو آهي. هن سماع ۾ ڪرهيي پوٽا شيخ، شاھہ گهريئي پوٽا، وجهہ الدين پوٽا ۽ جميعل شاھہ گرناريءَ جي سجادہ جي اولاد مان بہ ڪي بزرگ سماع ۾ شريڪ ٿيندا آهن، هن سماع ۾ دهل وارو اڳ ۾ ٿيندو آهي، ان جي پويان شيخ ڳچيءَ ۾ گنديون، گراهيءَ وانگر وجهي، ادب سان درگاھہ تي ايندا آهن، سڀ کان پهريائين درگاھہ جي الهندي طرف کان، ڏکڻ طرف ڦري، اوڀر طرف کان ايندا آهن ۽ درگاھہ جو ادب سان جهڪي سلام ڀريندا آهن، ڪجهه وقت کانپوءِ سڀ شيخ سماع واري مچ تي ايندا آهن. سماع واري جاءِ ۽ چلهي ۾ گهڙڻ کانپوءِ سڀئي شيخ زور سان ’ الو‘ چوندا آهن. درگاھہ کي نمي سلام ڪندا آهن، ان کانپوءِ جميعل شاھہ گرناريءَ جي درگاھہ ڏانهن بہ ادب سان سلام ڪندا آهن، جنهن کانپوءِ ’ الو‘ چوندا باھہ جي چؤڌاري ڦرندا آهن، سڀئي شيخ اڀا ٿيندا، جهڪندا، ’ الو‘ پڪاريندا تيز گهمندا آهن، ڪجهه وقت کانپوءِ پهريان پنج ڀيرا ڏئي ڏاتار پير کي ختمو ڏيندا آهن ۽ پوءِ چار ڦيرا ڏئي، گوڏا ڀڃي پير جميعل شاھہ گرناريءَ کي ختمو ڏيندا آهن. ائين سماع جي روايت سنڌ ۾ ڪيترن ئي درگاهن تي مختلف نمونن سان ادا ڪئي ويندي آهي.جهوڪ شريف صوفي شاھہ عنايت جي درگاھہ تہ ٿيندڙ سماع بابت تازو ئي ڪراچي يونيورسٽي جي پاڪستان اسٽيڊي سينٽر مان نوجوان محقق ظفر سيال ٿيسز لکي ايم فل جي ڊگري حاصل ڪئي آهي.


لفظ سماعھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو