سنڌي ڪهاڻي :
افسانو يا ڪهاڻي هڪ اهڙي نثري صنف آهي، جنهن ۾ آکاڻي، واقعو، ڪردار، ماحول ۽ وقت فرضي هوندا آهن، پر انهن ۾ موجود موضوع ۽ زندگيءَ جو فلسفو حقيقت جي عڪاسي ڪندا آهن.
افسانو يا ڪهاڻي انساني معاشري جي حالتن ۽ واقعن، امنگن ۽ احساسن جي عڪاسي ڪري ٿي، جيڪا زندگيءَ جي حقيقتن جي قريب تر آهي. سنڌي ادب جي اوائل ۾ جيڪڏهن نظر وجهبي ته اٽڪل اڌ صدي اڳ ۾ افساني تي خاص توجھه ڏنو ويو. جديد سنڌي ادب ۾ افساني بدران ڪهاڻيءَ جو نالو پختو ٿي چڪو آهي.
ڪهاڻي ڇا کي ٿي چئجي؟ اهو هڪ ڊگهو بحث آهي. ڪن جو خيال آهي ته انسان جي زندگي بذات خود هڪ ڪهاڻي آهي. صدين کان انسان جڏهن پنهنجي شعور جي اک کولي آهي ته هن پنهنجي چوگرد ڪهاڻيءَ کي ڏٺو آهي. انسان جي چوگرد، ننڍن وڏن حادثن، واقعن، خوابن، حقيقتن، لاهين ۽ چاڙهين، مختلف رشتن ۽ ناتن ڪهاڻيءَ جا ڀرپور رنگ پيش ڪيا آهن. ان ڪري مختلف اديبن ۽ ڏاهن جي نقطه نظر موجب ڪهاڻيءَ کي انسان جي زندگي، هن جي تهذيب ۽ تمدن توڙي ترقي، عروج ۽ زوال کان ڪنهن به طرح جدا نه ٿو ڪري سگهجي.
مشهور آمريڪي ڪهاڻيڪار ‘ايڊگر ايلن پو’ چوي ٿو ته “ڪهاڻي اها آهي، جنهن ۾ هڪ مرغوب خيال يا واقعو هجي، مادي يا روحاني، جيڪا هڪ ويهڪ ۾ پوري ڪري سگهجي. جيڪا اصلوڪي هجي، جيڪا ماڻهوءَ کي جنبش ۾ آڻي، مٿس اثر ڇڏي ۽ مکيه ڳالهه ۾ ان ۾ ڪجهه غير ضروري نه هجي ۽ اها ڪلا جو هڪ ڳڻ ڳوت ڪيل حصو هجي.”
ڪيترن نقادن وري ڪهاڻيءَ جي فن کي فوٽوگرافيءَ جي ويجهو محسوس ڪندي، ان کي ساڻس ويهي ڀيٽيو آهي ۽ ڪيترن کي وري ڪهاڻي چترڪاري يا مصوري لڳي آهي. جيتوڻيڪ ڪهاڻي هڪ فن آهي، جنهن ۾ تخليقڪار جي تخيل جي ڪارفرمائي گهڻي هوندي آهي.
دنيا جي ٻين ملڪن وانگر سنڌي ڪهاڻيءَ جي شروعات به واقعاتي ڪهاڻيءَ کان ٿي، جنهن ۾ خاص زور ڪنهن واقعي يا حادثي تي ڏنل هوندو هو. داستان، قصا، آکاڻيون، اُن جا اوائلي نمونا هئا.
1853ع ۾ سنڌي [عربي- سنڌي] آئيوٽيا ٺهڻ سان سنڌي نثر لکڻ توڙي ڇپائڻ کي وڏي هٿي ملي ۽ اوائلي ڪتاب، جيڪي نڪتا، سي آکاڻين جا هئا. جن آکاڻين کي ‘قصا يا ڳالهيون’ چيو ويندو هو. انهن ۾ ساديون سوديون ڳوٺاڻيون يا گهرو ڪهاڻيون بيان ڪيل هونديون هيون، ۽ منجهن اخلاقي نصيحتن تي زور ڏنو ويندو هو. اهڙيءَ طرح پهرين نثري آکاڻي ‘آڪاڻي راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي’ منشي اڌارام ٿانورداس جي لکيل هئي، جيڪا ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي ‘سنڌي گرامر’ [ديوناگري لپي] 1849ع ۾، ضميمي طور ڏني وئي هئي. 1853ع ۾ سنڌي آئيوٽيا ٺهڻ بعد جيڪا پهرين ڪهاڻي، 1954ع ۾ ڇپي هئي، سا غلام حسين قريشيءَ جي لکيل ‘ڀنڀي زميندار جي ڳالهه’، جيڪا پنڊت بنسي ڌر جي هندي قصي تان ورتل هئي، ۽ سنڌي ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ بيهاريل هئي. تنهن کانپوءِ سيد ميران محمد شاهه (اول) ‘سڌاتوري ۽ ڪڌاتوري جي ڳالهه’ [1855ع ۾] ساڳئي پنڊت بنسي ڌر جي هندي قصي ‘ڪيڌي سيڌي’ تان سنڌيءَ ۾ اُلٿو ڪئي هئي. [جيڪا بعد ۾ مهراڻ رسالي ۾ 1959ع جي پهرين شماري ۾ پڻ شايع ٿي] 1854ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ٻئي بنيادي نثر نويس منشي ننديرام ميراڻيءَ، ايلس صاحب جي شراڪت ۾ انگريزيءَ تان سنڌيءَ ۾ ‘ايسپ جون آکاڻيون’ ترجمو ڪيون. 1860ع ڌاري منشي اڌارام جو ‘طوطي نامو’ آکاڻين جو ڳٽڪو پڌرو ٿيو، جيڪو اصل سنسڪرت تان ورتل هو ۽ اڌارام فارسيءَ تان ترجمو ڪيو هو. 1861ع ۾ سيد ميران محمد شاهه (اول) جو ٻارن لاءِ جهونين آکاڻين جو هنديءَ تان ترجمو ڪيل ڪتاب ‘مفيد الصبيان’ ڇپيو. ديوان ڪيولرام سلامت راءِ حڪمت آميز آکاڻين جو ڪتاب ‘سوکڙي’ 1864ع ۾ شايع ٿيو. 1890ع ۾ مرزا قليچ بيگ مشهور ‘Lamb’s Tales From Shakespeare’ جو ترجمو ‘دلپسند قصا’ نالي سان ٻن ڀاڱن ۾ ڇپايو. صديءَ جي آخر ۾ ساڳئي ئي نالي سان ‘دلپسند قصا’ هڪ ٻيو ٻاراڻو وندرائيندڙ ڪتاب روچيرام گجومل ڪرپالاڻيءَ جو پڻ پڌرو ٿيو. مرزا صاحب زندگيءَ جي آخر تائين ڪيتريون طبعزاد ۽ ترجمو ڪهاڻيون ڇپايون. جهڙوڪ: شيطان جي ناني، دل جو آرام ۽ عجيب دوا (1916)، دل وندرائيندڙ ڳالهيون (1918ع)، گلابي جوڙو، حسينا ۽ ساوتري (1926ع) وغيره.
1890ع ۾ ساڌو هيرانند جي جاري ڪيل پهرين سنڌي مخزن ‘سرسوتيءَ’ ۾ ديوان ديارام ۽ بولچند ڪوڏو مل جون ڪهاڻيون شايع ٿينديون رهيون. بولچند ڪوڏو مل جون Grimm’s Fairy Tales تان ترجمو ڪيل ڪهاڻيون ڇپيون. هن مخزن تان ساڌو هيرانند ۽ ٻين جون ڪهاڻيون کڻي ڀيرومل مهرچند آڏاواڻيءَ ‘هيري جون ڪڻيون’ نالي ڪتاب 1926ع ۾ ڇپرايو. 1890ع ڌاري گرداس مل ڪرپالاڻيءَ مشهور هندي آکاڻين جو ڪتاب ‘بيتال پڇيس’ مان 125 آکاڻيون ‘الف ليليٰ ’ جي طرز تي لکيل ترجمو ڪري ڇپايون. انهيءَ سال هيرانند کيمسنگھه جي مهاڀارت تان ورتل ڪهاڻي ‘ساوتري’ به پڌري ٿي. 1891ع ۾ ديوان ڪوڙيمل چندن مل سنڌيءَ ۾ پهريون اصلوڪيون ‘ٻاراڻيون آکاڻيون’ لکيون. ان کانسواءِ ٻارن جي روحاني ۽ ڪرامتي آکاڻين جو هڪڙو ڪتاب ‘واندڪائيءَ جي وندر’ ٽهلرام لوڪومل پنواڻيءَ لکيو. 1895ع ۾ هڪڙو ٻيو اخلاقي ڪهاڻين جو ڪتاب ‘عجيب نقطا’ روچيرام گجو مل جو ڇپيو. 1902ع ۾ ديوان ڪوڙي مل ‘ڦول مالا’ لکيو، جنهن ۾ سکيا ڀريل آکاڻيون ڏنل هيون. 1905ع ۾ هڪ اخلاقي آکاڻي ‘رڀوتي’ لکيائين ۽ 1906ع ۾ هڪڙي ڌرمي آکاڻي ‘سريتي ۽ سنيتي’ لکيائين.
19 صديءَ جي آخر ۾ ساڌو هيرانند سان گڏ ديوان ڪوڙي مل چندن مل کلناڻيءَ، بنگال جي سماجي ۽ ادبي سجاڳيءَ واري تحريڪ برهمو سماج جو اثر قبوليو. اها تحريڪ راجا رام موهن راءِ، بنگال ۾ سال 1828ع ۾ شروع ڪئي هئي. وڏي ڄمار ۾ بنگالي ٻولي سکي ديوان ڪوڙي مل ‘بنڪم چندر چئٽرجي’ جون سماجي آکاڻيون ‘راڌا راڻي ’ (1914ع)، ‘انڌيرا’، ‘ٻه منڊيون’ (1916ع)، شريمتي گھوشال (ٽئگور جي ڀيڻ) جو ناول ‘Fatal Garland’ آکاڻيءَ جي روپ ۾ ‘ندورو هار’ جي نالي سان سنڌيءَ ۾ آندائين. ان کان سواءِ [ٿياسافيڪل تحريڪ جي باني] مئڊم بلئوٽسڪيءَ جي انگريزيءَ تان ورتل آکاڻي ‘کير جو کير، پاڻيءَ جو پاڻي’ 1915ع جي ‘سنڌي ساهت سوسائٽيءَ’ جي ماهوار رسالي ۾ ڇپي [جيڪا ڪهاڻي پوءِ 1945ع ۾ ديوان ڪوڙيمل ساهتيه منڊل ‘ڪرم ڦل’ جي نالي سان ڇپائي]. اوائلي آکاڻين جي دور وارا ٻيا به ڪي دلچسپ ڪتاب نڪتا، جن ۾ هاسارام ۽ سوڀراج ڏاسواڻيءَ جو ‘سڀا جو سينگار’ 1894ع ۾ ڇپيو، جيڪو سنسڪرت ڪتاب ‘پنج تنتر’ تان ورتل هو. ان ئي دور ۾، جهمٽ مل نارو مل، پنڊت نارائڻ سواميءَ جي ‘هتو پديش’ جو ترجمو ڪيو، جنهن ۾ پڻ اخلاقي آکاڻيون هيون. پنج تنتر جي فارسي ترجمي ‘انوار سهيليءَ’ تان ڪجهه آکاڻيون، محمد بخش واصف ‘گلزار چنبيليءَ’ جي نالي سان 1914ع ۾ ترجمو ڪري ڇپايون.
هن دور جا آخري ڪتاب پرمانند ميوارام جا ‘دل بهار’ (1912ع) جا چار ڀاڱا، نانڪرام ڌرمداس جون اخلاقي ڪهاڻيون ‘ڌرمراءِ جي وهي’ ۽ ‘جيوت جو حس’ (1915ع) ۽ ڏيئو مل محبوبراءِ جو ڪتابڙو ‘اخلاقي تعليم’ (1921ع) هئا.
سنڌي آکاڻيءَ جو ٻيو دؤر لعلچند امرڏنيمل جڳتياڻيءَ جي برپا ڪل سنڌي ساهت سوسائٽيءَ جي ماهوار رسالي سان 1914ع ۾ شروع ٿيو. هي رسالو آکاڻين/ ڪهاڻين جي اوسر ۾ حد نشان هو. هن رسالي جي شروعاتي شاهڪار ڪهاڻي، لعلچند امرڏنيمل جي ‘حر مکيءَ جا’ (1914ع) هئي، جيڪا پهرين ‘سنڌ ڪاليج مسلنيءَ’ ۾ ڇپي هئي، جنهن ۾ ‘حر تحريڪ’ جو ذڪر آهي ۽ ان کي پهرين جديد ڪهاڻي قرار ڏنو ويو آهي. لعلچند صاحب بنگالي جيوت جي پسمنظر ۾ هڪ ننڍي ڪهاڻي ‘ڏکن ڏڌي زندگي ’ (1925ع)، پنهنجي بدليل نالي ‘آوتراءِ روپچند منچديءَ’ جي نالي سان لکي، جيڪا ڏاڍي پسند ڪئي وئي. ان کانپوءِ لعلچند امرڏنيمل 1923ع ۾ ‘نو ورنيءَ جو خون’ ۽ ‘ننڍڙي نئنا’ لکي [جيڪا گھڻو اڳتي هلي 1946ع ۾ ‘مهراڻ’ ۾ ڇپي]. لالچند امرڏنيمل جي هڪڙي بهترين آکاڻي ‘مون به سنگتيءَ ۾ ڪي ته ڏٺو هو’ 1947ع ۾ ‘مهراڻ’ ۾ ڇپي هئي.
ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ 1916ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ روزاني اخبار ‘هند واسي’ جاري ڪئي هئي. ان ۾ هو سماجي پسمنظر ۾ لکيل ڪهاڻيون لکندو هو، جنهن ۾ سندس مشهور ڪهاڻي ڪلجڳي ٻانڀڻ تمام گهڻي مشهور ٿي هئي. بعد ۾ هن سال 1923ع ۾ انهن ڪهاڻين کي ڪتاب جي شڪل ۾ آڻي، ان جو نالو ‘چمڙا پوش جون آکاڻيون’ رکيو. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪهاڻين جو اهو پهريون مجموعو هو. بنگالي جيوت جي پسمنظر ۾ ننڍي آکاڻي ‘ڏکن ڏُڌي زندگي ’ 1925ع ۾ لکيائين.
ڀيرو مل مهرچند جي 1914ع ۾ هڪ اخلاقي آکاڻي ‘پريم جو مهاتم’، ‘سنڌي ساهت سوسائٽيءَ’ واري رسالي ۾ ڇپي. 1915ع ۾ ‘سنڌي ساهت سوسائٽيءَ’ جيڪي ڪهاڻيون ڇپيون، تن ۾ پرمانند ميوارام جي مصري تاريخي آکاڻي ‘يوسف مصري’، ٽيجو مل شاهاڻيءَ جي فرانسيسي تاريخي آکاڻي ‘جيني’ (Joan of Arc)، پروفيسر موٽو مل گدواڻيءَ جي راجپوت تاريخي آکاڻي ‘ستيوتي’، کيئلداس ليکراج جي آکاڻي ‘اندرا ۽ چندرا’، محمد صديق ‘مسافر’ جون تاريخي آکاڻيون ‘زيب النساءِ’ (1914ع) ۽ ‘چاند بيبي’ 1920ع ۾ ڇپيون. 1914ع
۾ ٽهلرام نارائڻي جي ترجمو ڪيل آکاڻي ‘نل دمينتي’ نانڪ ڌرمداس جي تاريخي ڪهاڻي ‘لـڪـل لـعـل’ (1918ع)، لـيـلارام ولايـت راءِ جي ‘سمن موچيءَ جي ڳالهه’ (1920ع)، آسانند مامتورا جي شريمتي گهوشال جي ڪهاڻيءَ جو ترجمو (بلوو) ۽ طبعزاد ڪهاڻي ‘فيلسوف’ جهمٽ مل ڀاوناڻيءَ جون طبعزاد ڪهاڻيون (1920ع) ۽ پوتر پريم (1925ع) وغيره شامل آهن.
1930ع ۾ لطف الله بدويءَ جي آکاڻين جو ننڍو مجموعو ‘دسته گل’ به هن سوسائٽيءَ ڇپايو. لطف الله بدويءَ جون هي آکاڻيون اصلوڪيون هيون. ڄيٺمل پرسرام پنهنجي هفتيوار اخبار ‘ڀارت واسي’ ۾، 1924ع ۾ منگھارام ملڪاڻيءَ جون به ترجمو ٿيل ڪهاڻيون ڇپايون. ٽئگور جي ‘گونگي ڪنوار’ (جيڪا Sudha تان ورتي وئي هئي) ۽ ‘بن ديوي’ ٽئگور جي ڀيڻ سؤرنا ديوي گھوشال جي Spirit of The Place تان ورتي وئي هئي. 1927ع ۾ منوهر داس ڪوڙيمل ‘من جا مڻيا’ ۽ ‘اخلاقي ڪهاڻيون’ ٻه مجموعا ڇپيا. 1928ع ۾ ٽهلرام پنواڻيءَ ‘واندڪائيءَ جي وندر’ نالي ڪهاڻين جو مجموعو ڇپرايو.
ڄيٺمل پرسرام، ناٽڪ ڪار ’ميٽر لنڪ‘ جي ناٽڪ تان ڪهاڻي ‘مونا وانا’ (1926ع) ۽ ٽالسٽاءِ جي ناٽڪ Power of Darkness تان ورتل ‘ٻال هتيا’ ڪهاڻي ڇپائي. مرزا قليچ بيگ جون آکاڻيون ‘وامق ۽ عذرا’، ‘ليليٰ مجنون’ (عربيءَ تان ورتل)، ‘ليا خان درزي ۽ خليفو ڪهنگ’ ۽ ‘نيلو پکي’ (انگريزيءَ تان ورتل)، ‘طلسمي گڏي’، ‘جاڙا ڀائر'>ٻه جاڙا ڀائر’ ۽ ‘ديو يا راڪاس’ به ڇپيون. ان کان سواءِ نئين سنڌي لائبرريءَ، پروفيسر نارائڻداس ملڪاڻيءَ جو ‘ٻاراڻيون ٻوليون’ (1926ع)، گرڌاري ڪرپالاڻيءَ جو ‘رابندرناٿ جون آکاڻيون’ (1927ع) ڇپايا. شيوارام لالا جو ‘ٽالسٽاءِ جون آکاڻيون ۽ جيون چرتر’ جا ٽي ڀاڱا (1935ع) سنڌو ساهت منڊل ڇاپيا. 1934ع ۾ ‘ڪوڙو مل ساهتيه منڊل’، پرمانند ميوارام جون اخلاقي آکاڻيون ڇاپيون، جن ۾ ‘هيري جي منڊي’ ۽ ‘ڌرم مورتي’ شامل هيون. 1940ع ۾ پروفيسر نارائڻ داس ملڪاڻيءَ جون ’مها ڀارت جون آکاڻيون’ ڪهاڻي مندر ۾ شايع ڪيون ويون. 1941ع ۾ پنڊت ليلارام شرما ‘جئه گرنٿ’ ڇپايو، جنهن ۾ مهاڀارت جي لڙائيءَ جو احوال ڏنو ويو هو. غلام محمد شهواڻيءَ شيخ سعدي جي فارسي مشهور آکاڻين کي ‘گلستان’ جو ‘گلشنِ بهار’ جي عنوان سان ترجمو ڪيو. 1944ع ۾ سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ پاران عثمان علي انصاريءَ جو ادبي انتخاب ‘پنج’ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ عثمان علي انصاريءَ عربي، انگريزي، فرينچ ۽ آمريڪي ادب جا نمونا ڪهاڻين جي صورت ۾ ڏنا هئا.
ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ جي وچ واري دور ۾ ترجمو ڪيل آکاڻين کان سواءِ ڪي طبعزاد ڪهاڻين جا ڪتاب پڻ پڌرا ٿيا، جن ۾ سماجي ۽ اقتصادي شعور ظاهر ٿيو.
ڄيٺمل پرسرام جي ڪهاڻين جي مجموعي ‘چمڙا پوش جون آکاڻيون’ (1923ع) ۾ سنڌ جي سرمائيدارن جي ڏوهن/ گناهن تي سخت نڪته چيني ٿيل هئي ۽ ڪيترين ئي معاشرتي/ سماجي اوڻائين جهڙوڪ: زوري شادي، هوس، بيواهن وغيره تي وڏي بيباڪ نموني سان لکيو ويو هو. ڀيرومل مهرچند جو پٽ پرڀداس ڀيرومل جون پنهنجن ذاتي آزمودن، تجربن ۽ مشاهدن جي آڌار تي گھرو جيوت وارين آکاڻين (‘جوت’ ۾ ڇپيل) ۾ ڏکن جي ڪٿا ڀرپور هئي. اهي آکاڻيون ‘سِک ٽرئڪٽ’ وارن بعد ۾ ‘اندر جا اڌما’ نالي سان 1932ع ۾ ڇپرايون. انهن ڪهاڻين مان ‘ماٽيجي سس’ هڪڙي ڀرپور آکاڻي هئي. هن سنڌيءَ ۾ سماجي ڪهاڻيون لکيون، جيڪي ‘سِک ٽرئڪٽ’ سوسائٽيءَ ‘هيرا جواهر’ جي نالي سان 1931ع ۾ ڇپرايون. ان کان سواءِ سندس اصلوڪا ڪتاب ‘مکڙيون’، ‘موتين جو مهراڻ’ ۽ ‘ملهه رتن’ سک سوسائٽيءَ وارن ڇپرائي پڌرا ڪيا.
جديد ۽ حقيقت نگاريءَ واري دور جو سرفهرست ۽ پهريون ڪهاڻيڪار ‘امر لعل هنگوراڻي’ هو. سندس ڪهاڻيون سندس ئي جاري ڪيل مخزن ‘ڦلواڙيءَ’ ۾ 1930ع ۾ شايع ٿيون. امر لعل کي حقيقت نگاريءَ تي ٻڌل جديد ڪهاڻي نويسيءَ جي فن جو باني ڪوٺيو وڃي ٿو. سندس ڪهاڻي ‘ادو عبـدالرحـمـٰن’ 1940ع ڌاري ٻيهر سندس رسالي ۾ ڇپي. هيءَ ڪهاڻي ڪردارنگاريءَ جي شاهڪار ڪهاڻي هئي. ان کان سواءِ ‘ڏس ڏيـو ته ڪـٿان لـڀـندي’، ‘رانجھـوءَ سـنـدي رمـز’، ‘رام ۽ رحـيـم’، ‘گولـيءَ جـو گـنـاهه’، ‘لـکيـو ڪـين ٽـريـو’ مـشهـور ڪهـاڻيـون هـيـون.
امر لعل هنڱوراڻيءَ جون ڪهاڻيون سنڌي ادب جون جديد ڪهاڻيون آهن. امر لعل هنڱوراڻي سنڌيءَ جو پهريون جديد ڪهاڻيڪار هو.
مرزا نادر بيگ ان دور جي مشهور ادبي مخزن ‘سنڌو’ ۾ 1932ع کان 1936ع تائين درجن کن سماجي اوڻاين بابت ڪهاڻيون ڇپايون، جن ۾ ‘پاڪ محبت’، ‘موهنيءَ جي ڊائري’، ‘ماءُ جو قهر’، ‘انقلاب’، ‘اجوت’، ‘گھر جي ڇڪ’ ۽ مزاحيه ڪهاڻي ‘عينڪ جو آواز’ شامل آهن. نادر بيگ جي ڪهاڻين ۾ عام زندگيءَ کانسواءِ هندو، مسلم ۽ پارسي لوڪن جي رهڻي ڪهڻي به ڏيکاريل آهي.
آسانند مامتورا، حقيقت نگاريءَ واري جديد دور جو ٽيون قابل ۽ برک ڪهاڻيڪار هو. هن جي ڪهاڻين ۾ جنسي مسئلن ۽ مونجھارن جي نفسياتي ڇنڊڇاڻ آهي. سندس پهرين بيباڪ سماجي ڪهاڻي ‘هي پريم’ هئي، جيڪا 1932ع ۾ ‘سنڌو’ مخزن ۾ شايع ٿي. ان کانسواءِ سندس ڪهاڻين جو مجموعو ‘جيوت: پريم ۽ پاپ جون ڪهاڻيون’ جي نالي سان ڪهاڻي ساهت منڊل 1939ع ۾ ڇپرايو هو.
عثمان علي انصاري، حقيقت نگاريءَ واري جديد دور جو چوٿون وڏو ڪهاڻيڪار هو. وٽس جديد ڪهاڻي نويسيءَ جو هنر هو، عثمان علي انصاري ڳوٺاڻي مسلم زندگيءَ تي پنجن ڪهاڻين جو مجموعو ‘پنج’ ڇپايو، جنهن ۾ ‘ململ جو چولو’، ‘مقام’ داد لائق ڪهاڻيون هيون.
سنڌي ٻوليءَ ۾ اصلوڪين اقتصادي آکاڻين جو آخري دور 1942ع واري ڪئٽ انڊيا هلچل سان شروع ٿيو. ان وقت سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ سياسي ۽ سماجي مسئلا بهتر نموني اجاگر ٿيڻ لڳا، هي اهو دور هو، جـنهـن ۾ سـنڌي ادب ۾ ڪـهاڻيءَ کـي اهـم ۽ لوڪ پـسند درجـو مليو. هن دور ۾ نوجوان ڪهاڻيڪار روسي انقلاب جي اثر هيٺ سامهون آيا. ‘سرد آهون’ هن دور جو پهريون ڪهاڻين جو مجموعو هو، جيڪو 1942ع ۾ ‘نئين دنيا ڪتاب گھر شڪارپور’ ڇپيو. هي مجموعو گوبند پنجابيءَ جي ڪهاڻين جو هو. هنن ڪهاڻين ۾ پورهيت ۽ عام ماڻهوءَ جو بيان ۽ سرمائيدار سماج ۾ انقلاب آڻڻ جي للڪار هئي.
سنڌي ڪهاڻي نويسيءَ ۾ انقلاب آڻيندڙ پهريون ڪتاب ‘ريگستاني ڦول’ هو، جيڪو 1944ع ۾ نئين دنيا ڪتاب گھر شڪارپور طرفان گوبند مالهيءَ ڇپرايو. هن ڪتاب ۾ نون ليکڪن جي ڪهاڻين ۾ سماجي ۽ اقتصادي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن جو ڇيد ڪري ڀرپور نموني سان ٿيل هو. ڪتاب جا ڪهاڻيڪار هئا: ڀڳوان لعلواڻي، شيخ عبدالستار، آنند گولاڻي ۽ سوڀو گيانچنداڻي. 1945ع ۾ نئين دنيا ڪتاب گھر طرفان ‘پرهه ڦٽي’ نالي هڪڙو مجموعو ڇپرايو ويو، جنهن ۾ گوبند مالهيءَ جي ‘هاري حقدار’، گوبند پنجابيءَ جي ‘نيلو’، رام امرلعل جي ‘انساني مرغي’، ‘ڀڳوان بي چين ’ ، ‘جي رام’، ‘راڄ’، جيوت نرياڻيءَ جي ‘بي نڪو’ ۽ ڪرشن کٽواڻيءَ جي ‘ڪتي جو موت’ ڪهاڻيون شامل هيون. ان کانپوءِ آنند گولاڻيءَ جي طرفان ‘ڦڙڪ’ نالي ڪتاب آندو ويو، جنهن ۾ ڀڳوان لعلواڻيءَ جي بهترين آکاڻي ‘ليلا’ هئي. ماهوار رسالي ‘آشا’ ۾ پڻ ڪيتريون ئي اصلوڪيون ڪهاڻيون ڇپيون هيون.
پروفيـسـر رام پنجـواڻـيءَ جي ادارت هيٺ ڪـراچـي ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مان سنڌي سرڪل جو هڪ رسالو 1946ع ۾ نڪرندو هو، جنهن جو نالو ‘لهرون’ هو. انهيءَ رسالي ۾ پروفيسر ڊي ڪي منشاراماڻيءَ جي هڪڙي بهترين سماجڪ ڪهاڻي ‘گھوٽ راجا’ ڇپي هئي، ان کان سواءِ هڪ دلڪش ڪردارنگاريءَ واري هرومل سدارنگاڻيءَ جي ڪهاڻي ‘بيمو ٿري’ پڻ ڇپي. انهيءَ زماني ۾ ‘هند واسي’ اخبار ۾ پڻ سٺيون قومي ڪهاڻيون ڇپيون، جن ۾ حشو ڪيولراماڻيءَ جي ‘پدما’، ڀڳونتي ديالاڻيءَ جي ‘ڀارتي’ ۽ ڪرشنا ڪيولراماڻيءَ جي ‘ديش دروهي’ بهترين ڪهاڻيون ثابت ٿيون، جيڪي 1945ع ۽ 1946ع ڌاري ڇپيون. ‘سنڌو’ مخزن ۾ پڻ ڪيتريون سنڌي اصلوڪيون ڪهاڻيون ڇپبيون رهيون، جن ۾ نادر بيگ مرزا جي ڪهاڻين کانسواءِ تيرٿ بسنت جي ‘نيلم’، حشو ڪيولراماڻيءَ جي ‘هڪ ٻه ٽي’ جون 1945ع ۾، حبيب ڀٽيءَ جي ‘غلط فهمي’ سيپٽمبر 1945ع ۾ ۽ امر لعل هنگوراڻيءَ جي ‘لالي’ 1946ع ۾ ڇپي. 1945ع ۾ پروفيسر جھامنداس ڀاٽيا پنهنجي ننڍين/ مختصر ۽ طويل ڪهاڻين جو مجموعو ‘مرڪندڙ مکڙيون’ ڇپرايو. هن مجموعي ۽ اهي ڪهاڻيون شامل ڪيون ويون هيون، جيڪي ‘سنڌو’ مخزن ۾ شايع ٿيل هيون. 1945ع ۾ ايم. آر. مائيداساڻيءَ آکاڻين جو هڪ مجموعو ‘بکايل’ ڇپرايو، جنهن ۾ ڀارتي (هندي) ٻوليءَ تان ترجمو ڪيل سماجي ڪهاڻيون ڏنل هيون. انهيءَ سال ايم. آر. مائيداساڻيءَ ڪهاڻي رسالي ۾ ڇپيل پنهنجون ڪهاڻيون کڻي ‘خوشبو’ نالي مجموعو آندو ۽ 1947ع ۾ ‘هيسٽنگس جا ڪارناما’ ۽ ٻيون آکاڻيون ڇپرايائين. اهي تاريخي ڪهاڻيون ‘ديوت شرما’ جي هندي ڪتاب تان ترجمو ٿيل هيون. 1947ع ۾ محمد عيسيٰ نظاماڻيءَ جو ڪتاب ‘شهيد وفا’ شايع ٿيو، جنهن ۾ هندستاني تاريخ تي ٻڌل افسانا شامل هئا. سنڌي ادب جي صلاحڪار بورڊ جي مخزن ‘مهراڻ’ جي 1947ع واري شماري ۾ محمد حسن ڪروڙپتيءَ جي مزاحيه ڪهـاڻـي ‘عـاشـق مـعشـوق’ ۽ سـندس ٻي ڪهاڻـي ‘بخـشـش’ (آمريڪي سپاهي سنڌي ٻارن کي ڪيئن بخشش ڏين ٿا، ان پسمنظر ۾ لکيل) جولاءِ 1947ع واري پرچي ۾ ڇپيون. نجم عباسيءَ جي ڪهاڻي ‘همت ۽ ڪوشش’ به هن دور ۾ ڇپيون. ساڳئي مخزن ۾ ساڳئي سال ڊسمبر واري شماري ۾ سائينداد سولنگيءَ جي ڪهاڻي ‘ملاقات’ ڇپي، جيڪا بهترين آکاڻي هئي. هن ڪهاڻيءَ ۾ عشق جي تڙپ ۽ ٻهراڙيءَ وارا اصطلاح بهترين نموني آندا ويا هئا. ان کان سواءِ نجم عباسيءَ جي حقيقت تي ٻڌل ڪهاڻي ‘کنڊ جي چوري’ چڱي ڪهاڻي هئي.
1947ع ۾ زندگي پبليڪيشن جي بانيڪار بهاري ڇاٻڙيا ‘سنڌي ڪهاڻيون ’ مجموعو ڇپرايو، جنهن ۾ ليکو تلسياڻيءَ جي ڪهاڻي‘منجري ڪولهڻ’ ان دور جي هڪ شاهڪار ۽ عاليشان ڪهاڻي هئي.ان کانسواءِ هن مجموعي ۾ ڀون پنجواڻيءَ جي ڪهاڻي ‘ڀيڻ’، ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي ڪهاڻي ‘هوءَ’ به هن مجموعي جون سٺيون ڪهاڻيون هيون. لڇمڻ راڄپال جي ‘نئون زمانو’ هڪڙي جوشيلي آکاڻي هئي، جنهن ۾ انڌي عقيدت، ڌرم ۽ خون خرابي واري انقلاب کي کنيو ويو هو. سال 1947ع ۾ ‘سنڌي ڪهاڻيون ’ جي نالي سان باغي منڊل جي بانيڪار شيخ اياز هڪ مجموعو ڇپرايو، جنهن ۾ آنند گولاڻيءَ جي بهترين ڪهاڻي ‘سومان’ ڇپي هئي، جيڪا هڪ ڪنواري ماءُ جي مسئلي تي طويل آکاڻي هئي. ساڳئي سال ‘باغي منڊل’ جي طرفان ٻيو رسالو ‘سوشلسٽ پاڪستان’ ڇاپيو ويو، جنهن ۾ جيوت نرياڻيءَ جي بهترين آکاڻي ‘هٿ نه لاهه’ ڇپي. باغي منڊل پاران ساڳئي سال هڪ ٻئي مجموعي ‘سفيد وحشي’ ۾ شيخ اياز جي ڪهاڻي ‘رولو’ ڇپي، جيڪا حسن پرستيءَ تي لکيل هڪ بهترين آکاڻي هئي. 1947ع ۾ شايع ٿيل رسالي ‘اڳتي قدم’ ۾ شيخ اياز جي هڪ ٻي بهترين ڪهاڻي ‘کلڻي’ ڇپي. سنڌيءَ ۾ اصلوڪين اقتصادي ڪهاڻين جو دور شيخ اياز جي هن ڪهاڻيءَ سان ختم ٿيو، جيڪا ان دور جي آخري شاهڪار ڪهاڻي هئي. ساڳئي سال ۾ شيخ اياز جي مشهور ڪهاڻي ‘پاڙيسري’ به شايع ٿي. ڪهاڻي ‘سفيد وحشي’ ۾ اياز، ڌارين جي ظلم ۽ قبضي کان آگاهه ڪيو آهي. ان سان گڏ عورت جي محبت ۽ لاچاريءَ کي اهڙي نموني آندو آهي، جو ڪهاڻيءَ جو هيرو ان جي محبت ۽ مجبوريءَ کي محسوس ڪري ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ وچولي طبقي ۽ هيٺين طبقي جي هلت کي حقيقي نموني آندو اٿس. هڪ عورت سان جيڪو بي رحميءَ وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ کيس پير جي جُتي سمجهيو وڃي ٿو، ان رويي کي نهايت جرئت سان بحث هيٺ آندو اٿس ۽ سماج ۾ مروج ٿيل ان فرسوده رجحان کي عوام جي سامهون آڻي ننديو اٿس. عورت کي خريد ڪرڻ ۽ ٻيا ڪيترائي رنگ سندس ڪهاڻيءَ ۾ نظر اچن ٿا. ان ڪهاڻيءَ جو مثال ‘نظيران’ آهي، جنهن ۾ عورت جي خواهشن ۽ تمنائن جا گل مرجهايل نظر اچن ٿا. اياز جون ٻه ڪهاڻيون ‘ڪارو رنگ’ ۽ ‘شرابي’ surrealism يا حقيقت کان دوريءَ جي لاڙي هيٺ لکيون ويون آهن، جنهن جو اعتراف اياز پاڻ ‘سفيد وحشي’ ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڪيو آهي. هن ۾ شخصيتن جي ورتاءَ انساني ڪردار جي ان نموني جو مطالعو ڪري سگهجي ٿو، جنهن ۾ حقيقت ۽ نيم حقيقت ۾ تفاوت ڪري سگهجي. ‘ڪارو رنگ’ ۾ ڪهاڻيءَ جي سورمي ڪاري رنگ هئڻ جي ذهني مونجهاري جو شڪار آهي ۽ سندس نفسيات تي گهرو اثر ٿئي ٿو. آخر ۾ هوءَ ڪاري رنگ مان ڦري اڇي رنگ جي ٿي پوي ٿي ۽ موت جو شڪار ٿي وڃي ٿي. دراصل ڪهاڻي ‘ڪارو رنگ’ هڪ subnormal انسان جي طبيعت جي ڦيرگهير جو هڪ عڪس آهي. ڪهاڻي ‘شرابي’ ۾ سونهن جي احساس کي جڏهن ڌڪ پهچي ٿو ته ڪردار وئشيا ڏانهن وڃي ٿو. ‘شرابي’ هڪ غير معمولي شخصيت جي سڀاءَ جو ڏيک آهي، جيڪو دنيا جي اونداهين جو ڳولائو ۽ روشنيءَ کان ڀڄندڙ آهي. ڪهاڻيءَ ۾ زندگيءَ جي اهڙن پهلوئن کي به آندو ويو، جيڪي روشن نه اونداها هئا.
هن دور ۾ سنڌي ڪهاڻي نون لاڙن ۽ رجحانن سان گڏ نمودار ٿي، جن ۾ Stream of Consciousness and Existentialism جي جديد نقطه نگاهه سان تعلق رکندڙ ڪهاڻيڪارن جو تعلق آهي، جنهن جو ذڪر آزاديءَ کانپوءِ واري دور ۾ اچي ٿو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ادب تي ڪجهه ماٺار ڇانئجي وئي. مقامي هندو اديبن مان اڪثريت وطن ڇڏي وڃي ٻيو ديس وسايو. جڏهن ٿورو ساهه ۾ ساهه آيو ته ڪهاڻيءَ جو سلو وري اڀريو ۽ ان کي نروار ٿيڻ جو موقعو مليو. سنڌي ڪهاڻيءَ شعور جي لاٽ کي روشن ڪيو ۽ پڙهندڙ کي سماج جو آئينو ڏيکاريو، جنهن ۾ سنڌي سماج جي ڳولا ۽ سڃاڻپ جو احساس اجاگر ٿيل محسوس ٿئي ٿو، جنهن ۾ حقيقت پسنديءَ جي روپ کي ڀوائتي نموني ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ڪهاڻي ’آکيري جو ٽُٽڻ‘ ۾ ٻهراڙيءَ جي آباديءَ جو شهرن ڏانهن منتقل ٿيڻ کانپوءِ پيدا ٿيل مايوسيءَ واري ڪيفيتن ۽ حالتن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ سيڪيولرزم واري ڪردار ادا ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. ڪهاڻيءَ ۾ آزاديءَ جي تلخ تجربي جو ڪڙو سواد به آهي.
ع. ق. شيخ جي ‘حيدرآباد ’ پهرين ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ استحصالي طبقي جو رويو ظاهر ڪيو ويو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ لساني نفرت ابتدا کان ئي محسوس ڪري سگهجي ٿي. ڪهاڻيءَ ۾ حيدرآباد شهر جي رونقن ۽ خوبصورتيءَ جي بيان سان گڏ سنڌين جي خريداريءَ تي ٻاهران آيل دڪاندار جي نفرت جي انتها جو اُڀار (climax) به ڏيکاريو ويو آهي. ڪپڙي جي قيمت پڇڻ تي پناهگير دڪاندار جي ذهنيت جو اندازو بخوبي ڪري سگهجي ٿو: “جائو جائو، بڙي آئي ليني والي، دو روپيي مين تو بوري نهين ملتي، جا جا، تمهاري باپ دادا ني ڀي ڪپڙا پهنا تها.” هن جو آواز پنهنجي چهري وانگر ڦري ذري گهٽ جانور جهڙو ٿي ويو. هو ويچارا هڪا ٻڪا ٿي دڪان ڇڏي پاڻ ۾ گڏجي بيٺا.
ورهاڱي بعد 1949ع ۾ ڪراچيءَ مان ‘خلافت‘ اخبار نڪتي، جنهن جو ايڊيٽر قادربخش نظاماڻي هو. هن اخبار ۾ ڪجھه اديبن، خاص ڪري ڪهاڻيڪارن جا نالا اخباري صفحن جي زينت بڻيا. جن ۾ جمال ابڙو ۽ ع. ق شيخ شامل آهن. ‘مسلم ادبي سوسائٽي’ جيڪا سنڌ ۾ اڳ ئي قائم هئي. ان سوسائٽيءَ جي اڳوڻن خدمت گذارن طرفان 1951ع ۾ هڪ ماهوار ‘جريدو’ سنڌي ادبي رسالو ڪيو ويو، جنهن جو روح روان صديق ميمڻ'>خانبهادر محمد صديق ميمڻ هو. هن حيدرآباد ۾ پنهنجن ادبي دوستن جي ساٿ سان رسالو جاري ڪيو، جنهن جي اشاعت ۾ ڪن غير معروف ڪهاڻيڪارن جون ڪوششون ۽ سهڪار پڻ نظر آيو، پر اهو رسالو جلد ئي پڙهندڙن جي سرد مهريءَ جو شڪار ٿي ويو.
1950ع کان 1960ع تائين سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيئي رسالا نڪتا، جن جو ڪهاڻين جي ڦهلاءَ ۾ اهم ڪردار رهيو. ڪراچيءَ مان ماهوار ‘نئين زندگي ’ ، حيدرآباد مان ٽه ماهي ‘مهراڻ’، ماهوار ‘روح ادب’، ماهوار ‘فلمي دنيا’، هفتيوار ‘وطن’، ٽه ماهي ‘شاعر’، ماهوار ايڊيشن ‘هلال پاڪستان’، ماهوار ايڊيشن ‘عبرت’، ‘پرهه ڦٽي’، ‘مارئي’، هالا کان ماهوار ‘فردوس’، نوابشاهه کان ماهوار ‘ادا’، ماهوار ‘رهنما ’ ، دادوءَ کان ‘اسان جي منزل’، ٽنڊي محمد خان کان هفتيوار ‘ميراث’ ۽ ‘روشني’، سکر کان ماهوار ‘تقاضا’ ۽ ‘اڳتي قدم’ وغيره شامل رهيا. ان کان سواءِ ٻيا ادارا، جن ۾ ان وقت افسانوي ادب جو وڏو حصو ڇپجي پڌرو ٿيو. انهن ادارن طرفان نه صرف رسالا ئي ڇپيا ويا، پر گڏوگڏ ڪيترائي ادبي ڪتاب به شايع ٿيا. جيتوڻيڪ انهن ادارن جو تعداد گھڻو آهي، پر انهن مان آر. ايڇ. احمد برادرس هڪ وڏو پبلشنگ ادارو هو، جنهن ڪثير انداز ۾ سنڌي ڪتاب ڇپرايا، جن ۾ ڪهاڻي، ناول ۽ داستان شامل هئا. پبلشنگ اداري گنج بخش پڻ افسانوي ادب جا ڪيترائي ڪتاب شايع ڪيا. انهيءَ عرصي ۾ اشاعت جو هڪ ناليوارو ادارو ‘اداراه آوازِ ادب ’ قائم ٿيو، جنهن
ادب جي سمورن موضوعن تي تمام گھڻا ڪتاب ڇپرايا ۽ ڏهن سالن تائين باقاعدگيءَ سان اشاعتي سلسلو جاري رهيو. انهن سڀني مان ‘حبيب پبليڪيشن سکر’ جو نالو اهم آهي، جنهن مختصر ڪهاڻيءَ جي اشاعت ڏانهن خاص ڌيان ڏنو ۽ ڪجھه ناميارن ڪهاڻيڪارن جا مجموعا پڻ شايع ڪيا، جن کي سنڌي ادب ۾ مستقل طور اهميت حاصل ٿي. ورهاڱي کان اڳ مشهور اديب محمد عثمان ڏيپلائيءَ
‘اداره عبرت’، ‘اداره انسانيت’ ۽ ‘هفتيوار انسان’ جهڙا سلسلا ۽ رسالا جاري ڪيا، جن ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ نئين ذهن ۽ روح سان نروار ٿيو ۽ پنهنجي مخصوص انداز واريون ڪهاڻيون سنڌي ادب کي ڏنيون. ‘هاري حقدار’ پريس مان پڻ ڪهاڻين جا ٻه مجموعا شايع ٿيا، جن جو ليکڪ نامور هاري اڳواڻ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي هو.
1950ع کان 1960ع تائين واري ادبي دور کي ‘ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ جو شروعاتي دور’ پڻ چئي سگھجي ٿو، ڇاڪاڻ ته
هن دور ۾ ڪيترائي اهڙا ڪهاڻيڪار هئا، جيڪي ڪهاڻيون لکڻ لڳا هئا، پر انهن مان ڪجهه پوءِ اوچتو ادبي پسمنظر تان گم ٿي ويا. هن زماني ۾ جن ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون سامهون آيون، تن ۾ محمد بخش جي ‘چيخون ۽ رڙيون’، ‘ٻه پاءُ مال’، ‘جڏهن نور جهان کي گرفتار ڪيو ويو’، حسيني محمد حافظ ٽکڙائيءَ جون ‘باقيدار’، ‘نسيم’، ‘تباهي’، ‘في سبيل الله فساد’، شمشيرالحيدريءَ جون ‘مهراڻ جي ڌيءَ’ ۽ ‘پورس جا هاٿي’، نجم عباسيءَ جون ‘شرط’، ‘امين گل’، ‘شاهه دولي جو ڪوئو’ (ترجمو)، عبدالجبار شام(عبدالجبار جوڻيجي) جي ‘اباڻو گھر’، ‘ٻچن جو ماس’، شيخ حفيظ جي ‘ٻه پاڇا’، نور عباسيءَ جون ‘انڌن جي حڪومت’، ‘انڌو عاشق’، ڪريم ڏني راڄپر جي ‘خواب جي حقيقت’، احسان ڀُٽي جي ‘بيوس راهي’، نسيم فردوس جي ‘بد حواسي’، ممتاز مرزا جي ‘اڄ پڻ اکڙين’، شير علي خواجه جون ‘مهمان’ ۽ ‘دل’، علي احمد بروهيءَ جون ‘نماڻي نوران’ ۽ ‘واسينگن جي ويس’ شامل آهن. ان کان سواءِ ثميره زرين، رشيده حجاب، بيگم زينت چنا، امينه هاليپوٽو، ابن حيات پنهور، رعنا حيدرآبادي، قاضي اختر مورائي، ساقي سجاولي، شيخ عبدالرزاق ‘راز’، ابن الياس سومري جا نالا پڻ سنڌي ڪهاڻيءَ جي آغاز واري زماني ۾ نظر اچن ٿا.
ابتدائي ڪهاڻيون گھڻو ڪري سماجي حقيقتن جي سنگين واقعن تي ٻڌل هيون. انهن ڪهاڻين جي جائزي مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ڪهاڻي نويسيءَ جي فن کي مڪمل طور پذيرائي نه ملي هئي، پر اهي تڪميل جي مرحلن ۾ هيون. انهن مان ڪي ڪهاڻيون بيانيه ۽ ساديون هيون ته ڪن ۾ وري واعظانه انداز هو. ان وقت جي ڪهاڻين مان اها ڳالهه پڻ پڌري هئي ته ڪهاڻيڪار فني راهه اختيار ڪرڻ بدران صرف جذبات جي رستي مسئلن جي حل تائين پهچڻ چاهيو ٿي. جيتوڻيڪ انهيءَ دور ۾ ڪجھه ڪهاڻيڪار اهڙا به هئا، جن ڪهاڻيءَ ۾ انفرادي تجربا به ڪيا ۽ اڳتي هلي سندن نالو سٺن ڪهاڻيڪارن جي ڳڻپ ۾ ٿيڻ لڳو. انهن ۾ ثميره زرين، نجم عباسي، شيخ حفيظ، علي احمد بروهي وغيره اچي وڃن ٿا. پر حقيقت ۾ سنڌي ڪهاڻي جن نالن سان سڃاپجڻ ۾ آئي، اُهي ٻيا هئا. ان کان اڳ ۾ ڄڻ سنڌي ڪهاڻي آزمائش ۽ ابتدا واري ڪيفيت ۾ ڦاٿل هئي، جيڪا انهن ڪهاڻيڪارن جي فني نڪته نظر سبب آزمائشي مرحلي مان گذري عبوري منزل ۾ داخل ٿي، انهن ۾ جمال ابڙي ۽ غلام رباني آگري جا نالا سر فهرست آهن.
سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ اؤج 50 واري ڏهاڪي کان پيدا ٿيو. محمد ابراهيم جويي جي ادارت ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ٽماهي ‘مهراڻ’ جاري ٿيو ۽ ماهوار ‘نئين زندگي ’ جي اشاعت جي شروعات پڻ ٿي چڪي هئي. انهن سرڪاري ۽ نيم سرڪاري رسالن سبب سنڌي ڪهاڻيءَ کي اوج مليو ۽ سنڌي ڪهاڻي اوجهڙ مان نڪري سڌي راهه کي رسي. انهيءَ حوالي سان شيخ اياز جي شخصيت ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ ڇانيل رهي. عبوري دؤر ۾ سندس ڪهاڻين جو هڪڙو مجموعو ‘پنهل کانپوءِ’ ڇپيو، جنهن جي ٽائٽل ڪهاڻيءَ کان سواءِ سموريون ڪهاڻيون ورهاڱي کان اڳ به ڇپيل هيون. جيتوڻيڪ هن مجموعي ۾ ‘ٻه ايڪڙ ٻني’، ‘نوران’ ۽ ‘ڪارو رنگ’ کان سواءِ ‘ڳجھه’ هندو مسلم فساد واري موضوع تي لکيل ڀرپور ڪهاڻي آهي. ان کانپوءِ محمد عثمان ڏيپلائي افسانه نگاريءَ ۾ پنهنجي انفرادي حيثيت رکي ٿو. ڏيپلائي پڻ ورهاڱي کان اڳ قلمي زندگيءَ جو آغاز ڪيو ۽ 1960ع تائين ڀرپور انداز ۾ لکندو رهيو.
‘اداره انسانيت’ ۽ ‘اداره عبرت’ ۾ سندس ڪيتريون ڪهاڻيون شايع ٿيون. سندس ڪهاڻيون عوام لاءِ خوش طبعي ۽ مزاح جو سامان پيدا ڪندڙ هيون. هن ادبي اظهار توڙي سياسي جدوجهد واري عمل ۾ هڪ خالص قومپرستاڻو نقطه نظر اپنايو. محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون ڪهاڻيون بنيادي طور سماجي بدعتن خلاف لکيل هيون. ڏيپلائيءَ پنهنجي ٽيڪنڪ ۽ بيانيه انداز بدران مڪالمي وارو انداز اپنايو. هن ڪهاڻين ۾ شروع کان آخر تائين مڪالمن (ڊائلاگن) ذريعي واقعا دهرايا. ‘ڪونڍير’ سندس هڪڙي لاجواب ڪهاڻي آهي، جيڪا طبقاتي موضوع تي لکيل آهي. ان کانسواءِ ‘سُڃي جو سر’، ‘مهربان خوني’ جهڙيون ڪهاڻيون شاهوڪار شاهي ۽ زمينداري ظلمن جي واقعن تي ٻَڌل آهن. ‘مرشد جي ٿڪ’ ۽ ‘ابتدا’ پڻ مزاح وارو نوع رکندڙ ڪهاڻيون آهن.
سـنـڌي ڪـهـاڻـيءَ ۾ ڪـردار کـي جـمـال ابـڙي، اياز قـادري ۽ غلام رباني آگري اُڀاريو. سراج الحق ميمڻ ۽ شيخ حفيظ جي ڪهاڻين تي عبدالڪريم لغاري هفتيوار ‘آزاد ’ ۾ تنقيد ڪئي، جيڪا 53 قسطن تي مشتمل هئي. بلو دادا (اياز قادري)، شيدو ڌاڙيل (رباني) ۽ بدمعاش (جمال ابڙو) جهڙا ڪردار تخليق ٿيا، جيڪي ماحول ۽ حالت جي پيداوار آهن ۽ حالتن جو ئي شڪار ٿي ختم ٿي وڃن ٿا ۽ تبديليءَ جي ڪا راهه نٿي سُجهي. انهن ڪردارن کان پوءِ ‘پشو پاشا’ جهڙو ڪردار سامهون اچي ٿو ۽ جدوجهد ڪندي حالتن جو شڪار ٿي وڃي ٿو. غلام ربانيءَ جي ڪهاڻيءَ ‘بري هن ڀنڀور ۾’ ۾ عيسو لاچاريءَ جي تصوير بڻجي سامهون اچي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ پيش ٿيل ماحول ۾ ڪي خاميون به آهن ته به هنن ڪردارن جي پرورش جهڙي ماحول ۾ ٿئي ٿي. ان مان سنڌي سماج جي عڪاسي ٿئي ٿي.
‘شاهه جو ڦر’ (جمال ابڙو) ڪهاڻيءَ ۾ هڪ معصوم ڇوڪري، گُل وانگر کلندي، مور وانگر ٽلندي، شاهه جي اڳيان اچي سندس ظلم جو شڪار ٿي وڃي ٿي. ڪهاڻيءَ جي آخر ۾ سـندس پيءُ جنهن نموني ‘شـاهه جو ڦـر’ جملو چئي پيرن جي مڪروهه ڪردار کي وائکو ڪيو آهي، ان جو ڪو جواب نه آهي. جمال ابڙي پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ جاگيرداري نظام خلاف، سماج جي عيبن کي باريڪ بينيءَ سان پرکي ٿو. ڪهاڻي ‘پيراڻيءَ’ ۾ هو ننڍين ڇوڪرين جي خريد ۽ فروخت تي برهم آهي، جتي پيراڻي پنهنجي ڪٽنب کان ڌار ٿي زندگي گهاري ٿي، اُتي سندس ماءُ جي دلي ڏک وارين ڪيفيتن کي دردناڪ لفظن ۾ اجاگر ڪيو ويو آهي ۽ پيراڻيءَ جو ماءُ کان ڌار ٿيڻ جو نظارو اجهو هن ريت چٽيو ويو آهي:
“پڻس ڏڪندڙ هٿن سان پيراڻيءَ جي ٻانهن کي ڇڏايو، ماءُ جو هنيانءُ ڦسي پيو، آنڊا وڍجي پيا، دل دانهن ڪئي، اڙي منهنجو پيراڻي ننڍڙو، ڇوڪريءَ هنيان ڦاڙي دانهن ڪئي، پکي ڀڙڪو ڏئي اُڏاميا، ‘منهنجو پيراڻي ننڍڙو، او ٽڪر کي باهه لڳي. سنڌ وسي، منهنجو پيراڻي ننڍڙو’، هن وار پئي پٽيا.”
انهن جذباتي ڪيفيتن کي پڙهندڙن پنهنجيءَ دل ۾ محسوس ڪيو. ڪهاڻيءَ جي آخر ۾ ‘پيراڻي اڄ به زندهه آهي’ زندگيءَ جا آثار پيدا ڪري ٿي. جمال وٽ جذبي جي فراواني آهي، جذبات جي لاهه چاڙهه ۾ جمال پاڻ کي منفرد رکيو. سندس ڪهاڻين ۾ احتجاج آهي. هن لاڙي تحت محمد عثمان ڏيپلائي پڻ لکيو. هي اهو نظريو آهي، جنهن تحت مذهب جي وجود جي خلاف نه، پر ان جي نام نهاد دعويدارن خلاف لکيو ويو آهي. هن لاڙي کي ‘احتجاجيت’ چيو وڃي ٿو. ‘منهن ڪارو’ ڪهاڻيءَ ۾ ان نظريي کي پرکي سگهجي ٿو.
اياز قادريءَ جون ‘بلو دادا’ ۽ ‘فرشتو’ ڪهاڻيون موضوع جي لحاظ کان منفرد آهن. سندس ڪردار ‘بلو دادا’ سماجي براين جي خلاف وڙهي ٿو ۽ نتيجي ۾ کيس غنڊو چيو وڃي ٿو. هتي هي سوال اُڀري ٿو ته ڇا
بلو دادا وانگر روش اختيار ڪرڻ گهرجي؟ اهڙا ڪردار ٿي ته سگهن ٿا، پر کين ساراهيو ڪونه ٿو وڃي. سندن شخصيت متنازعه بڻجي سامهون اچي ٿي. تنهن هوندي به اياز قادري پهريون افسانه نگار آهي، جنهن کي فن تي عبور حاصل آهي ۽ جنهن جو اعتراف موهن ڪلپنا پنهنجي هڪ مقالي ۾ ڪيو آهي، جيڪو ‘آرسي’ رسالي ۾ ڇپيو آهي. اياز قادري ۽ جمال ابڙي، ٻنهي کي فن تي گرفت آهي، جنهن ۾ ‘پيراڻي’ ڪهاڻي اهم آهي. ‘فرشتو’ ۾ سرمائيداريءَ جي موضوع تي لکيو ويو آهي، جنهن ۾ هن نظام تحت ٿيندڙ ناانصافين جي تصوير پيش ڪئي وئي آهي.
پٽ ماءُ کي دوا جي جاءِ تي زهر ڏئي ٿو ۽ هوءَ ان کي زندگي سمجهي قبول ڪري ٿي.
ڪهاڻين ۾ ملڪ جي آزاديءَ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل حالتن
۽ بي انصافين کي به آڏو رکيو ويو، جنهن ۾ سراج جي ڪهاڻي ‘ٻُهڻي’
به هڪ آهي.
“زماني جي انقلابن حقيقتن جو چهرو کرڙي رت ڪري ڇڏيو آهي. آزادي آئي ۽ هلي به وئي. وقت جي چهري جا زخم اونها ٿيندا ويا، پرڏيهي آيا ۽ ڏيهي وطن جا وڻ ڇڏي ويا، لڏپلاڻ ۾ سندس ساٿين پنهنجا گهر کڻي ڀريا، پر هو سڪي پگهار آڻيندو رهيو.”
مٿيون سٽون سنڌ جي سماجي ۽ معاشي ناانصافين کي ظاهر ڪن ٿيون. ‘هوندا سي حيات’ ۾ غلام ربانيءَ انهن ئي حالتن تي روشني وڌي آهي، جنهن جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:
“هندو ويا ته سندن سموريون جايون ڊهرائي وڃي مٿي چڙهيو، سڄو ڳوٺ سڃ ڪرائي پنهنجو پنجويهن ڪمرن وارو رنگ محل جوڙايائين. مفت جو مال. سرون ۽ لوهه هندن جو، پورهيو تنهنجو ۽ منهنجو، هاڻي ويٺو مزا ڪري.”
بشير مورياڻيءَ جي ‘ٽڪري’ ۽ سراج جي ڪهاڻي ‘ٻهڻي’ ۾ موضوع جي هڪجهڙائي آهي. ڪهاڻيءَ جا ڪردار سچ جي راهه تي هلندي هلندي غلط پيچري تي اچن ٿا ۽ زندگيءَ جي خوشين کي، جن تي هر انسان جو بنيادي حق آهي، حاصل نٿا ڪري سگهن. هي ٻئي ڪهاڻيون absurd ادب جو مثال آهن. زندگي جيئن آهي تيئن ان کي پيش ڪن ٿا. سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ انسان کي ٽٽل ڀڳل ڏسي سگهجي ٿو. هو پنهنجي ذات جي ان انا کي قائم نٿو رکي سگهي، جنهن جي ڪري انسان جي عزت ۽ وقار ۾ اضافو ٿئي ٿو. هن دور ۾ ڪي جزوي رومانوي ڪهاڻيون به ملن ٿيون، جن ۾ رومانوي ادب جون مکيه خاصيتون نظر اچن ٿيون. رومانوي ادب جو خاص رويو انفراديت ۽ سورهيائي آهي، جنهن ۾ ڪردار پاڻ تي ويساهه قائم رکي ٿو ۽ حالتن مٿان فتح پائيندو اچي ٿو. رومانوي ادب فطري طور انسان جي امنگن ۽ جذبن جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ زندگيءَ جي هر پهلوءَ کي هڪ اتساهه وارو رخ ڏئي ٿو.
محمد ابراهيم جويي جي لکيل ڪهاڻي ‘روزي جي ماني’ زندگيءَ جي اونداهن رستن کي روشن ڪري ٿي ۽ شعور جون نيون واٽون ڏسي ٿي. سندس هڪ ئي ڪهاڻي آهي، جنهن جو سنڌي ادب ۾ هڪ سهڻو مثال آهي. هيءَ ڪهاڻي هڪ نئون خيال ڏيندڙ ڪهاڻي آهي ته بک، مذهب ڪانه ٿي ڏسي. نجم عباسي شروع کان ئي لکندو پئي آيو. سندس لکڻين ۾ مختلف رنگ ۽ موضوع آهن. ‘دعا ۽ تاڙيون’ ۾ هڪ ائبنارمل ڪردار کي ڏسي سگهجي ٿو، جيڪو هڪ مخصوص ماحول ۾ تربيت حاصل ڪري ٿو ۽ جنسي خواهشن کي دٻائڻ ۾ پنهنجو ڇوٽڪارو سمجهي ٿو.
جنسياتي نظريي کي غلام ربانيءَ پنهنجي ڪهاڻيءَ ‘اکڙيون اجايون’ ۾ پيش ڪيو آهي، پر ڪهاڻيءَ جي پيشڪش فني نموني مضبوط نظر نٿي اچي. فرائڊ جي نظريي جو اثر سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ نظر اچي ٿو، جن ۾ دٻيل جنسي جذبن جو اظهار نمايان آهي. شيخ حفيظ جون ڪهاڻيون مقصديت جي لحاظ کان ڪو اثر نه ٿيون ڇڏين. پر ان هوندي به سندس ٻه ڪهاڻيون ‘ٻه ڳوڙها’ ۽ ‘امان مان اسڪول ڪونه ويندس’ اهم آهن. ڪهاڻين ۾ حفيظ جي ننڍپڻ کي ڏسي سگهجي ٿو، جو سندس زندگيءَ جو هڪ خاص پس منظر آهي. ڪهاڻين ۾ معصوم ٻار جي نفسيات کي آندو اٿس ۽ ماستر جي ان روايتي ڪردار کي ننديو اٿس، جيڪو مار ۽ تشدد جي ذريعي ٻار کي تربيت ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ‘ٻه ڳوڙها’ ۾ هوتل تي ڪم ڪندڙ ٻارن جي زندگي ۽ ان ۾ اٿاريل سوال هينئن بيان ڪري ٿو:
“هتي هوٽل ۾ نوڪري ڇو ڪئي اٿس. پڙهي ڇو ڪين ٿو. هن جيترا ٻيا ڇوڪرا ته اسڪول ۾ علم ... يڪايڪ هن جي خيالن جي زنجير ٽٽي پئي.”
هن ڪهاڻيءَ ۾ اخلاقيات جو پڙاڏو آهي ۽ سماج ۾ مڪروهه روين تي تنقيد ڪئي وئي آهي. هي حقيقت پسنديءَ جو هڪ مثال آهي.
سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ طبقاتي تفاوت ۽ تضاد تي پڻ لکيو ويو. ان سلسلي جي ڪهاڻي ‘مٺي’ (زينت چنا) ۾ هڪ سرمائيدار گهر جي هلت چلت کي ڏيکاريو ويو آهي. رشيده حجاب به ڪهاڻيون لکيون، جن ۾ ‘ڪنڊن جي سيج’ ۾ عورت جي مايوسيءَ ۽ محروميءَ جو احساس اجاگر ٿيل آهي. عورت جي داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي پيش ڪيو اٿس. عورت جي مٿان ٿيل ظلم ۽ ستم سندس موضوع آهن. ثميره زرين جي ‘وطن’ ڪهاڻيءَ ۾ ٻاهران آيل هڪ هندوءَ جو پنهنجي اصل گهر ۾ اچي اجنبيت جو شڪار ٿيڻ بيان ٿيل آهي. مجموعي طور سنڌي ڪهاڻي مختلف لاڙن ڏانهن مائل نظر اچي ٿي، جنهن ۾ حقيقت پسنديءَ جو لاڙو نمايان آهي ۽ اڪثر ڪردار فراريت ڏانهن راغب آهن، جو حقيقت پسنديءَ جو خاص جز آهي. مثال طور: ‘منهن ڪارو’ (جمال ابڙو) ۾ دين محمد پنهنجن مسئلن سان منهن نٿو ڏئي سگهي، هو حالتن سان ٽڪر نٿو کائي سگهي ۽ پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿاري نٿو سگهي. ‘ٻُهڻي’ (سراج) ۾ خانو ڪو رستو چونڊي نٿو سگهي ۽ کيس روشني ملڻ بجاءِ اونداهي ملي ٿي. ان کان سواءِ به ڪيترائي ڪردار ڪهاڻين ۾ ڏسي سگهجن ٿا.
سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ سماجي عيبن کي، جيڪي ثقافت جو جز بڻجي چڪا آهن. ليکڪن اهڙي نموني پيش ڪيو آهي، جن کي پڙهڻ سان انسان جي انهن لڪل پهلوئن کي ڏسي سگهجي ٿو، جن کي عام زندگيءَ ۾ محسوس نٿو ڪري سگهجي. طبقاتي ۽ جاگيرداري نظام کي ليکڪن پنهنجي ڪهاڻيءَ جو خاص موضوع بڻايو، جنهن ۾ جاگيردار ۽ سندس ظلم کي ننديو ويو، جنهن ۾ حالتون اتفاق جو منصوبو گهڙين ٿيون ۽ ڪردار ان جو شڪار ٿين ٿا. ‘بڻ’ ڪهاڻيءَ (رشيد ڀٽي) ۾ هڪ وڏيرو غير اخلاقي ڪم ۾ رڌل آهي، جيڪو انسان جي تڪليف ۽ درد کي محسوس نٿو ڪري، پر سوئر ۽ ڪتي جي زخمي ٿيڻ جو کيس وڏو الڪو آهي. انسان جي نسل جو قاتل وڏيرو ان غريب جي ڳالهه نٿو ڪري، جنهن جي هڪ ننڍڙي دنيا آهي، جنهن جو سپنو ميهل ۽ سندس بيمار ماءُ ڏٺو آهي. هن کي ته صرف شغل کپي. سوئر ۽ ڪتن جي ويڙهه ۾ ميهل موت جو شڪار ٿئي ٿو. هن ڪهاڻيءَ ۾ انسان کي، ڪتي جي موت کان به گهٽ اهميت ڏني وئي آهي ۽ اها اشاريت ڪهاڻيءَ کي اهم بڻائي ٿي ۽ فني طور تي نئون ڏيک ڏئي ٿي. هن ڪهاڻيءَ تي تبصرو ڪندي موهن ڪلپنا لکي ٿو:
“سنڌي ڪهاڻي ڪردار نگاريءَ جي دور کان پاسو ڪري نون نون ماڻهن تي اچي موڙ کائي ٿي، جتي مختلف ڪردارن جا زندگيءَ طرف مختلف رخ ظاهر ٿين ٿا ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ جو مزاج ٻاهر مکيءَ [خارجي] کان انتر مکي [داخلي] ٿيڻ لڳي ٿو.”
طبقاتي نظام ۾ هڪ ساهه واري کي انسان به نٿو سمجهيو وڃي. هي سرشتو جيڪو اڻ برابريءَ جي بنياد تي بيٺل آهي، تنهن جي نشاندهي ڪري ٿو. ان سرشتي جي عيبن کي اجاگر ‘چهڙي’ ڪهاڻي ڪري ٿي. بشير مورياڻيءَ جي هن ڪهاڻيءَ ۾ سماج جي ڇوت ڇات جو پراڻو مسئلو کنيو ويو آهي، جنهن ۾ ڇيمي چهڙي هڪ گهر جي ٻار کي بچائيندي پاڻ زخمي ٿئي ٿي، پر سڀني جون اکيون ان ٻار ۾ آهن ۽ هن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ سندس وجود جي نه هجڻ جو ڀرپور احساس ملي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ سنڌي ثقافت ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جي اهميت ڏني وئي آهي. ‘لوئي’ (تنوير عباسي) ۾ ان نقطي بابت سهڻي نموني ڌيان ڇڪايو ويو آهي. لوئي، جيڪا تقدس جي علامت آهي، تنهن کي نمايان ڪندي چترڪار پنهنجا چتر عريان ڪري پيش ڪري ٿو ته اهي وڪامجڻ لڳن ٿا. هن ڪهاڻيءَ ۾ واويلا نه آهي. هن ۾ ليکڪ نشاندهي ڪري ٿو ته اسين لکون ٿا ۽ سوچڻ توهان جو ڪم آهي. سجاڳ اوهين ٿيو.
هن دور ۾ ڪهاڻيءَ ۾ عورت جي تقدس ۽ مان کي اهميت ڏني وئي ۽ سندس شخصيت جي پهلوئن کي مختلف انداز ۾ پرکيو ويو. ‘مارئي’ (قمر شهباز) انسانيت جي عقيدي ۾ اعتماد کي ورجائي ٿي. مارئي سنڌ جي هجي يا يورپ جي، سندس هڪ ئي روپ آهي، جيڪو ازل کان سندس لاءِ قدرت چونڊيو آهي. قربانيءَ ۽ قرب لاءِ کنيل وکون هن ڪهاڻيءَ ۾ عورت جي تقدس ۽ مان کي وڌائين ٿيون. آغا سليم ‘چنڊ جا تمنائي’ ڪهاڻيءَ ۾ محبت کي مختلف خانن ۾ رکيو آهي ۽ نفسياتي ڇنڊڇاڻ ڪئي اٿس. پهرين محبت کي مقدس ڄاڻايو اٿس ۽ ٻيون محبتون زندگي گذارڻ جو بهانو آهن. محبت کي آغا سليم ازل کان انساني مزاج جو ورثو قرار ڏئي ٿو. ڪائنات جي تخليق کانپوءِ محبت هڪ اهم جذبو هو ۽ محبت کي حاصل ڪرڻ جي تمنا ڪئي وئي.
بيگم زينت چنا ورهاڱي کانپوءِ پهرين عورت ڪهاڻيڪاره آهي، جنهن جون ڪجھه ڪهاڻيون ‘نئين زندگي ’ ، ‘مارئي’ ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيون. زينت چنا جيتوڻيڪ ورهاڱي بعد سنڌ جي هڪ پڙهيل لکيل سجاڳ خاتون هئي. سندس ادارت ۾ نڪرندڙ عورتن جي ماهوار مخزن ‘مارئي’ تمام گھڻي مقبوليت حاصل ڪئي. زينت چنا جي ڪهاڻين جو تعداد ٿورو آهي، جن ۾ ‘اونداهي’، ‘رانديڪو’، ‘مِٺي’، ‘ڏاڏيءَ جو وٽو’ کي پنهنجي دور جي سٺين ڪهاڻين ۾ شامل ڪري سگھجي ٿو. سنڌي ڪهاڻين ۾ ٻارن جي سادي فطرت جا ڪردار چٽيا ويا آهن. جمال ابڙي جي ‘شاهه جو ڦر’، بشير مورياڻيءَ جي ‘چهڙي’ ۽ زينت چنا جي ‘مٺي’ انهن ۾ شامل آهن. ڪهاڻين ۾ کنيل اهي ٽئي ڪردار، اسان جي سماج جا جيئرا جاڳندا ڪردار ۽ تصويرون آهن، جن کي ڪهاڻيءَ جي موضوع هيٺ ڏاڍي سهڻي پيرايي سان کنيو ويو آهي.
ع. ق. شيخ پڻ ان دور جو ڪهاڻيڪار آهي، سندس ڪهاڻين ۾ ‘پريشان انسان’ هڪ چڱي ڪهاڻي آهي، جڏهن ته ‘حيدرآباد ’ ۽ ‘ريل ۽ زندگي ’ پڻ سندس خوبصورت ڪهاڻيون آهن. ان کان سواءِ سندس ڪهاڻي ‘مڪو مست’ پڻ مشهوري ماڻي.
شيخ عبدالرزاق ‘راز’ به ادب جي ٻين صنفن سان گڏ ڪهاڻيءَ تي به طبع آزمائي ڪئي. ورهاڱي کان هڪ ٻه سال اڳ ۾ ترقي پسند اديبن جي جماعت تحريڪ شروع ڪئي، جنهن ۾ ڪيترائي اديب شرڪت ڪندا هئا. شيخ راز جي ذهني ۽ ادبي تربيت انهن ميڙاڪن ۾ ٿي. سنڌي ڪهاڻيءَ جي شروعاتي دور ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ جي فني تعمير ۽ واڌاري ۾ شيخ راز جون تجرباتي ڪوششون به شامل آهن. ‘ڊاڪ بنگلو’ سندس ڪهاڻين جو مجموعو آهي، شيخ عبدالرزاق ‘راز’ داستانوي انداز ۾ لکيو، جنهن ۾ واقعات نگاري پڻ شامل هئي. سندس ڪهاڻيءَ جي فضا ۾ پر سراريت ڇانيل ملي ٿي. سندس ڪهاڻين ۾ ‘ڊاڪ بنگلو’، ‘ناڪام محبت’ ۽ ‘گريجوئيٽ’ چڱيون ڪهاڻيون آهن.
ان دور ۾ ابن الياس سومري به سٺيون ڪهاڻيون لکيون، جن ۾ ‘ڪنارو’، ‘انجام’، ‘نئون شڪار’ ۽ ‘اختيار’ شامل آهن. سندس ڪهاڻيون ٽماهي مهراڻ جي 1955ع وارن پرچن ۾ به شايع ٿيون. رشيد آخوند جو شمار به سنڌي ادب جي انهن بنيادي ترقي پسند ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو، جن ورهاڱي کانپوءِ جديد ڪهاڻيءَ کي زندگيءَ سان ڀرپور قدر ۽ لاڙا ڏنا. سندس ڪهاڻين ۾ ‘ڍونگ’، ‘ڪارو هسو’، ‘موٽندڙ ڇولي’ جديد ڪهاڻيءَ جو سُراغ ڏيندڙ ڪهاڻيون آهن.
علي احمد بروهي سنڌي ٻوليءَ جو هڪ سٺو مزاح نگار آهي، سندس تخليق ڪيل ڪردار اڄ به ماڻهن جي ذهن تي نقش ٿيل آهن. علي احمد بروهي ورهاڱي کانپوءِ لکڻ شروع ڪيو. هن انگريزيءَ جي مقبول عام مزاح نگار جيرو هم ڊبليو جيڪب جي هڪ ڪردار تان چاچي جيوڻي جو هڪ ڪردار خلقيو ۽ ان تي چوڏهن کن ڪهاڻيون لکيائين، جيڪي روزاني اخبارن ۾ شايع ٿينديون هيون. جيتوڻيڪ سندس تخليق ڪيل ڪردار انگريزي ادب تان ورتل هو، پر علي احمد بروهيءَ مزاح توڙي واقعات جو مواد سنڌي ماحول تان کنيو. ‘عثمان حجم جو روزو رکڻ’، ‘ڀڳا ڏار اڏاڻا ڳيرا’، ‘چاچي جيوڻيءَ جو ڦوٽو ٽنگڻ’، مزاحيه ڪهاڻين سان گڏوگڏ پلاٽ جي رٿا ۽ ٽيڪنڪ جي بيهڪ واريون ڪهاڻيون آهن، جن ۾ ڪوبه اوپرو ماحول ڪونهي.
عثمان ڇلگري پڻ هن دور جو هڪ اهم ڪهاڻيڪار آهي، جنهن ظرافت ۽ مزاح سان پنهنجن ڪهاڻين ۾ رنگ ڀريا. هن جا ڪردار به
علي احمد بروهيءَ جي ڪهاڻين جي ڪردارن جيان تماشاگر آهن.
‘چاچو سڪيلڌو خان’ سندس ڪهاڻين جو مکيه ڪردار ۽ عنوان آهي.
هن ڪهاڻيڪار جي ٽيڪنڪ بلڪل سادي سودي ڪهاوت واري انداز ۾ آهي، جنهن ۾ ڪو به ڦندڦير ڪونهي. صرف ٻن ٽن واقعن سان ڪهاڻيءَ جو ڍانچو يا پلاٽ تيار ڪيو ويو آهي.
محمد حسين ڪروڙپتي پڻ شروعاتي دور جو اهم ڪهاڻيڪار آهي. جيتوڻيڪ هن ورهاڱي کان اڳ لکڻ شروع ڪيو هو ۽ مزاحيه افسانه نگاريءَ ۾ نالو ڪڍيائين. محمد حسين ‘ڪروڙ پتيءَ’ جي ڪهاڻين جي ڪردارن جي جبلت مختلف آهي، اهي هلت چلت ۾ بيوقوفن جهڙا ناهن، نه وري ساده لوح آهن، پر اهي هر ڪنهن روش ۾ حد کان وڌيڪ دلير آهن. ‘نبض شناسي’ ۽ ‘منشي’، ڪروڙ پتيءَ جون بهترين مزاحيه ڪهاڻيون آهن. هن جي ڪهاڻين ۾ هڪ باقاعده گھڙيل پلاٽ آهي، جنهن جي ٽيڪنڪ ۽ فني تربيت ۾ وحدت عمل، وحدت زمان ۽ وحدت تاثر جا ٽئي جزا ٺهڪي بيهن ٿا. سندس ڪردار صرف تماشه گر نه پر هڪ اصلاحي نڪتو به پيدا ڪن ٿا ۽ معاشري جي جھرندڙ ديوار طرف به اشارو ڪن ٿا.
1956ع ۾ ون يونٽ جي نفاذ، سنڌي ماڻهن ۾ گهٽ ٻوسٽ جو احساس پيدا ڪيو. زندگيءَ جي هن بدلجندڙ روپ، ڪهاڻيءَ کي ڪيترائي ڍنگ ۽ رنگ ڏنا، جنهنڪري ڪهاڻي/ افساني کي نوان موضوع مليا. سنڌي ليکڪن پنهنجين ڪهاڻين ۾ جيون جي اونداهين کي پيش ڪيو. سنڌي قوم سان جيڪو مخصوص رويو رکيو ويو، تنهن جي ڀرپور اپٽار ٿيل آهي. سنڌ جي حقن جي گهر ڪئي وئي ۽ عوام ۾ سماجي ۽ سياسي شعور پيدا ڪيو ويو. سماج هڪ متحرڪ شيءِ آهي ۽ ڪهاڻي ان بدلجندڙ ڪيفيتن جي آئينه دار آهي. مجموعي طور ڪهاڻيءَ ۾ جاگيرداري نظام، ون يونٽ خلاف جدوجهد ۽ سماجي برائين جي نشاندهي ۽ عام ماڻهوءَ جي ڳالهه ڪئي وئي.
انهيءَ دور ۾ ڪيترين عورتن پڻ ڪهاڻيون لکيون، جيڪي ان دور ۾ شايع ٿيون. عورتن جي لکيل ڪهاڻين جو وڏو حصو ماهوار ‘نئين زندگي ’ ۽ ‘مهراڻ’ ۾ شايع ٿيو. بيگم زينت چنا کانسواءِ ثميره زرين پڻ ڪيتريون ڪهاڻيون لکيون. رشيده حجاب جون: ‘راهه’، ‘ڪنڊن جي سيج’، ‘نو ڏهه گناهه’، ‘ڪونه ايندو’، ‘مس زيڊ اي شيخ’ جون ڪهاڻيون ‘نازلي’، ‘ڀولي’، ‘سفارش’، ‘پرينءَ سندو پيار’، جميلا نرگس جون ڪهاڻيون ‘راحيلا’، ‘ضدي’، ‘ائين به ٿيندو آهي’، جميله تبسم جي ڪهاڻي ‘اٺ وال ڪفن’، ثريا ياسمين جون ڪهاڻيون ‘جي توڙ نڀائي ڄاڻن’، ‘داغن جي روشني’، ‘اندر ۾ اونداهه’ ڇپيون. ان دور جي عورت ڪهاڻيڪارائن جي ڪهاڻين ۾ مرڪزي خيال جي يڪسانيت هئي، سندن ڪهاڻين ۾ نه پلاٽ جي نواڻ هئي، نه وري پيشڪش جي انداز ۾ ڪو نئون تجربو شامل ڪيو ويو هو ۽ فني حوالي سان پڻ انهن ڪهاڻين ۾ ڪافي ڪميون پيشيون نظر اچن ٿيون. ان کان سواءِ مس مهتاب عباسي، نور افشان بيگم، ارشاد بيگم، مس اقبال پروين سومرو، مس اقبال شيخ ۽ ٻيا ڪجھه نالا پڻ شامل آهن، جن جون ڪهاڻيون پڻ ايتريون سگھاريون نه هيون، البت ماهتاب محبوب ۽ ثميره زرين اڳتي هلي سٺيون ڪهاڻيڪاره ثابت ٿيون، جيڪي لاڳيتو لکنديون رهيون.
1970ع ۾ وڏي احتجاج کانپوءِ ون يونٽ کي ٽوڙيو ويو. 1965ع ۽ 1971ع وارين جنگين جي نتيجي ۾ اوڀر پاڪستان جو جدا ٿيڻ ڄڻ ته انهن سڀني نظرين کي ڪاپاري ڌڪ لڳو، خاص طرح هن ملڪ کي حاصل ڪرڻ لاءِ برابري ۽ خودمختياري واري اصول کي اوليت ڏني وئي هئي. خانه جنگي، قتل عام ۽ سنڌي عوام سان ٿيل ڏاڍاين ۽ زبان بندي ۽ معاشرتي گهٽ ۽ ٻوسٽ جي نتيجي ۾ جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جنم ورتو. انهن ڪهاڻين ۾ نوجوان طبقي جي ناراضگيءَ ۽ دٻاءَ جو اندازو بخوبي لڳائي سگهجي ٿو. 1972ع ۾ ڪهاڻيڪار منير احمد ميمڻ، ‘ماڻڪ’ جي نالي سان ماهوار اڳتي قدم، حيدرآباد ۾ ‘بگهڙن جي راڄ ۾’ ڪهاڻي لکي. اها ڪهاڻي 1971ع جي حالتن جي پسمنظر ۾ هڪ جديد ڪهاڻي هئي. ساڳئي سال ۾ ماڻڪ جو ناوليٽ ‘لڙهندڙ نسل’ به حالتن جي پسمنظر ۾ لکيل پهريون ناوليٽ آهي.
هونئن اها حقيقت آهي ته ليکڪ جيئن ته پهريون اثر پنهنجي ذات جو ظاهر ڪري ٿو ۽ ٻيو وڏو اثر هن جي سماجي گروهه جي مجموعي ڪردار جو ٿئي ٿو. جنهن کي هو پنهنجي لکڻين ۾ آڻي سماج کي ننڊ مان جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ان سلسلي ۾ امر جليل، نجم عباسي، نسيم کرل، آغا سليم، علي بابا ۽ غلام نبي مغل پڻ اهم آهن. سندن تحريرن مڊل ڪلاس جي طبقي ۾ سجاڳي ۽ شعور پيدا ڪيو ۽ درپيش مسئلن کي واضح طور بيان ڪيو. جديد ڪهاڻيءَ ۾ قدرن جو ٽٽڻ ۽ انسان جي اندر جي اڪيلائپ کي بيان ڪيو ويو ۽ انسان جيڪو ڊپ، هراس ۽ نااميديءَ جو شڪار ٿيل هو، تنهن جي احساسن ۽ جذبن کي ڪهاڻيءَ ۾ آندو ويو. جديد ڪهاڻيءَ ۾ عوام دشمن ۽ غير آئيني قدمن خلاف ڪٿي ڪٿي بي زور ۽ ڪٿي پُرزور احتجاج ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جيئن ته ساهت جو ڪارج زندگي آهي ۽ ساهت ان جو اڀياس ۽ تجزيو ڪري ٿو. جيون لاءِ اتساهه پيدا ڪري ٿو. ان جي عڪاسي جديد ڪهاڻيءَ ۾ ڀرپور ملي ٿي.
منير احمد ماڻڪ، شوڪت شورو، مشتاق شورو ان سلسلي ۾ اهم ڪهاڻيڪار آهن. نسيم کرل جي ‘مساوات’، غلام نبي مغل جي ‘اکيان بيوس لڳيان’ ۽ آغا سليم جي ڪهاڻي ‘اونداهي ڌرتي روشن هٿ’ نعري بازيءَ کان پري سنڌي سماج جي ڳالهه ڪن ٿيون. حميد سنڌي ۽ عبدالقادر جوڻيجي ڳوٺاڻي، نفسياتي ۽ رومانوي موضوعن تي لکيو. ‘مان ۽ سمنڊ’ ۽ ‘سونو روپو سج’ مٿين موضوعن تي لکيل ڪهاڻيون آهن. عبدالقادر جي ڪهاڻيءَ ۾ رومانس سان گڏ هڪ گهٽ ذات واري سماج جي به ڳالهه ٿيل آهي. هيءَ ڪهاڻي فن توڙي موضوع جي لحاظ کان بهترين آهي. سهڻا لفظ ۽ تشبيهون ڪهاڻيءَ جي روپ کي وڌيڪ اجاگر ڪن ٿيون. ڪهاڻي پڙهڻ سان اهڙو منظر اکين آڏو اچي ٿو.
امر جليل خاص قومي شعور کي نيون سوچون ۽ گس ڏيکاريا. سندس ڪهاڻيون ٻرندڙ مشعلون آهن. سندس ڪهاڻين ‘ڪپيل ٻانهن جو وارث’، ‘ساڻو ساڻو ساهه’، ‘سرد لاش جو سفر’ جو سنڌي ادب ۾ هڪ خاص مقام آهي. اهي ڪهاڻيون ان وقت جي سماج ۽ حالتن جي نمائندگي ڪن ٿيون. سندس ڪهاڻيون سماج ۽ حالتن جي گهري مطالعي جو ثبوت آهن. سندس مشاهدو ۽ جذبات سان پر هجڻ وارو انداز منفرد آهي. ڪهاڻيءَ ۾ زندگيءَ جي بي حسي ۽ سماجي جبر خلاف لکيو ويو، مذهبي تضادن جي نشاندهي ڪئي وئي، جنهن ۾ ‘ڪافر’ (نسيم کرل) ۽ ‘بري هن ڀنڀور ۾’ (عبدالحق عالماڻي) ۾ ماڻهن جي ظاهري هلت چلت ۽ انساني باطن جي متضاد عڪسن کي سچائيءَ سان چٽيو ويو. زميندارن، پيرن ۽ سيدن جي ظلم ۽ ڪردار جي خلاف جرئت سان لکيو ويو، جيڪو سنڌي سماج ۾ هڪ طاقتور طبقو آهي. ماڻڪ جي ‘حويلي جا راز’ ان سلسلي ۾ اهم ڪهاڻي آهي. هيءَ ڪهاڻي سماج جي ان پهلوءَ کي اگهاڙو ڪري ٿي، جنهن کان عام ماڻهو ناواقف هو. اهڙي قسم جا موضوع نورالهديٰ شاهه پڻ پنهنجين ڪهاڻين ۾ آندا. سندس ڪهاڻين ۾ جذباتي لاهه چاڙهه ۽ سماجي براين کي نهايت اهميت آهي. هوءَ عورت جي مسئلن کي خاص نظر ۽ زاويي سان ڏسي ٿي. ‘پاروٿو گوشت’ ۽ ‘شريف زادي’ ان سلسلي جون اهم ڪهاڻيون آهن. وچولي طبقي ۽ هيٺئين طبقي جي مسئلن کي اهميت ڏني وئي، جنهن ۾ غلام نبي مغل جنس کي خاص طرح سان پنهنجو موضوع بڻايو. ‘ريشمي وار’ هڪ اهڙي مسئلي تي لکيل آهي، جنهن کي پڙهي عورت جي بي حسي ۽ ان خاص ماحول جي تصوير ڏسي سگهجي ٿي. زندگيءَ جي عام واقعن ۽ ٻهراڙين جي هلت ۽ مسئلن کي خوبصورتيءَ سان پيش ڪيو ويو آهي.
عبدالجبار جوڻيجي جون ڪهاڻيون زندگيءَ جي سچ ۽ ڪوڙ جون تصويرون آهن، جنهن ۾ عورت ۽ مرد جي مختلف روين ۽ هلت جا پهلو ڪهاڻين جا موضوع آهن. ‘ٽڪنڊو’ ۽ ‘نه ڪر هار سينگار سکي’ ۽ ٻيون موضوع جي لحاظ کان چڀندڙ ڪهاڻيون آهن. هو زندگيءَ جي ٻئي پهلو پڙهندڙ جي اڳيان آڻي ٿو، جيڪي انسان جي اندروني ڪيفيتن ۽ سوچن کي ظاهر ڪن ٿا. سندس مشاهدو اڇاترو نه، پر گهرو نظر اچي ٿو.
نجم عباسي زندگيءَ جي مختلف رنگن ۽ روپن جي ڳالهه ڪري ٿو، جنهن ۾ قومي شعور ۽ سنڌيت واري جذبي جي سچائي ۽ اورچائيءَ کي بلند ڪرڻ لاءِ عوام کي سجاڳ ڪري ٿو. سندس موضوع وسيع آهن. طبقاتي نظام خلاف ۽ فردن سان ٿيندڙ ظلم کي نهايت کليل نموني پيش ڪري ٿو. هو پيرن ۽ انڌي اعتقاد خلاف عوام کي آگاهه ڪري ٿو. ‘ڇوڏو’ ۽ ‘قدم چمڻ لاءِ’ ان سلسلي جون اهم ڪهاڻيون آهن. ڪهاڻين ۾ فردن جي هڪٻئي سان رشتن ۽ لهه وچڙ جي ڪري انسان جي ذهني حالتن تي جيڪو اثر ٿئي ٿو، تنهن کي پڻ ڪهاڻيءَ ۾ آندو ويو. ذهني مريضن جي حالتن کي پيش ڪيو ويو، جيڪي سماجي قدرن جي ٽڪراءَ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل حالتن جو شڪار ٿيا. ‘عبرت ڪده’ ۾ ابراهيم خليل انهن ذهني مريضن جي جذبن ۽ حالتن کي بيان ڪري ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ زندگيءَ جو تلخ ۽ حقيقي چهرو ڏسي سگهجي ٿو. سنڌي سماج جي سٽاءَ کي ڄاڻندي به ڪي اهڙيون تحريرون ملن ٿيون، جن ۾ مرڪزي خيال اهو آهي ته ‘جو ڏاڍو سو گابو’ ۽ جيڪو هيڻو آهي، تنهن کي زندگي ماڻڻ جو ڪو به حق نه آهي. ماڻڪ جي ڇهن ڪهاڻين ۾ پهرين ۽ ٻي ڪهاڻيءَ جو مرڪزي خيال ان تصور کي اجاگر ڪري ٿو. سوچن ۽ ويچارن ۽ انهن جي اظهار ۽ ظاهر ڪرڻ جي طريقن ۾ پڻ ليکڪ اڳتي نظر اچن ٿا. ‘ڪجهه گهڙين جو ائبنارمل’ ۾ مشتاق شوري اڪيلائي ۽ خوف هراس جي ڳالهه ڪئي آهي. ڪهاڻي نئين هيئت ۽ ٽيڪنڪ سان لکيل آهي. هن ۾ ڏکن ۽ سورن جي شدت انفرادي طور محسوس ڪري سگهجي ٿي. مثال طور: ڪهاڻيءَ جون هي سٽون ان جذبي جي عڪاسي ڪن ٿيون: “اهو جو ڪجهه ٿئي پيو، رڳو هن سان پئي ٿيو، اهڙو ٻئي سان به ٿيندو هوندو يا نه.”
علي بابا، هن دور جو اهم ڪهاڻيڪار ٿي گذريو آهي، جنهن سنڌ جي تاريخي ۽ قومي پس منظر ۾ ڪيتريون ڪهاڻيون لکيون. سندس ‘نوان پيغمبر’ ڪهاڻي تاريخي شعور جي عڪاس آهي. ‘ٻاليشاهي’ ڪهاڻي هيٺين ڪلاس جي پوئتي ڌڪاريل طبقي جا ڏک درد کڻي اچي ٿي ۽ مٿئين ڪلاس جي منهن تان نقاب لاهي ٿي. ‘ڌرتيءَ ڌڪاڻا’، ‘آيل ڙي اولاڻا’ ۽ ‘علي بابا جون ڪهاڻيون’ سندس ڪهاڻين جا مجموعا آهن. علي بابا هن دور جو تمام اهم ۽ مقبول ڪهاڻيڪار هو. تازو آگسٽ 2016ع ۾ لاڏاڻو ڪيائين.
سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ معاشي ڇڪتاڻ، نفسيات، جنس ۽ مڊل ڪلاس جي بيچينيءَ کي سموئڻ جي ڪوشش ٿيل آهي. ويهين صديءَ جي ڪهاڻيءَ ۾ سڀاڻي جي صورتحال جا پاڇا به ڏسي سگهجن ٿا. چار خاص مقصد ڪهاڻيءَ ۾ ڏسي سگهجن ٿا. پهريون سيڪيولرزم جو ڪردار ادا ڪرڻ جو پرچار، ٻيو قوميت، ٽيون سماجي براين جي خلاف ۽ چوٿون جاگيرداراڻي ۽ سرمائيداراڻي نظام جي ڀرپور مخالفت، هنن ڪهاڻين ۾ سنڌي عوام جي خواهشن ۽ مستقبل جي اميدن کي ڏسي سگهجي ٿو.
ون يونٽ کانپوءِ ڪهاڻيءَ جي موضوع ۾ تبديلي آئي. سياسي سماجي منافقي (social evil) جي خلاف لکيو ويو. ابن حيات جي
‘زن طلاق’ سماجي برائين، نسيم کرل جي ‘مساوات’، ملڪي نظام جي ڪارڪردگي ۽ زميندارن جي رويي ۽ ذهنيت تي لکيل ڪهاڻيون آهن. ‘زماني جي گردش’، ‘زر ۽ زور’ ۽ ‘گٽس’ به سندس اهم ڪهاڻيون آهن.
دنيا جو گهڻو ادب مختلف خيال ۽ تصور رکي ٿو. اهڙيءَ طرح سنڌي ادب ۾ قومي ادب، نظرياتي ادب ۽ تصوراتي ادب جهڙن عنوان سان ادب پيدا ٿيو. فن ماڻهن جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن کان متاثر ٿيندو آهي. ڏانءُ تي جن حالتن جو اثر پوي ٿو، انهن ۾ مقامي ڀرم ۽ سنسيا مقامي ضرورتون، ڊپ، خوف جا لاڙا ۽ روايتون خاص حيثيت رکن ٿيون. جنهن سماجي گروهه (social group) ۾ لکندڙ رهي ٿو، ان جي مجموعي ڪردار جو اثر مٿس ٿئي ٿو. ان سان گڏ پنهنجي ذاتيت جو گهرو اثر پڻ ڏيکاري ٿو. جيتوڻيڪ سنڌي سماج پنهنجو مزاج رکي ٿو ۽ ان جي برقرار رکڻ لاءِ ان کي صدين جي ارتقائي مرحلن مان لنگهڻو پيو آهي. حاصل ڪيل تجربن مان ڪي قانون ۽ قاعدا سماج ۾ رهندڙ گروهن جي زندگيءَ ۾ ائين شامل ٿي ويا، جو انهن جي فائدي ۽ هاڃيڪار هجڻ جو احساس به کسجي ويو. سنڌي ڪهاڻيءَ اهڙن ئي سماجي ڀرمن، وسوسن ۽ سنڌي سماج کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پنهنجي ثقافتي ورثي ۽ جديد دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين کي آڏو رکي اهڙي سماج کي خوشگوار زندگيءَ جو تصور ڏنو آهي. مثال طور: ‘کڙندا کٽڻهار’ (آغا سليم) ۾ ڪهاڻيءَ جون هي سٽون مٿي ڏنل خيال کي وڌيڪ واضح ڪن ٿيون:
“ان ڏينهن جو انتظار ڪري رهيو آهيان، جڏهن اسان جو ڪو نه ڪو نسل هٿن ۾ مشعلون کڻي، جهومندو، نچندو، ڪڏندو ايندو. سندن مشعلن سان سارو جهان روشن ٿي ويندو ۽ جتي اسان جا لڙڪ ڪريا آهن، اتان کان کٽڻهار کڙندا.”
سنڌي ڪهاڻيءَ معاشي ڇڪتاڻ ۽ هن نظام جي تحت ٿيندڙ ناانصافين کي منظرعام تي آندو. ويهين صديءَ جي ستين ڏهاڪي وارو دور سماجي اعتبار کان اهميت رکي ٿو. هن دور ۾ مسلم مملڪت جو تصور، اسلامي مساوات، سوشلزم ۽ نظام مصطفيٰ جا سياسي تصور اڀريا. هن دور ۾ ئي اديبن تي پابندي پئي ۽ سزائون مليون. سنڌي زبان جي تحفظ لاءِ آئيني جدوجهد ڪئي وئي. انساني حقن جي جمهوري تصور وارو خيال پڻ سامهون آيو. ٻيون ڪيتريون ئي ڳالهيون هن دور جو هڪ پس منظر بڻائي رهيون هيون. هن ئي دور ۾ جبر، محرومي، مستقل آمريت ۽ اذيت پسنديءَ کان عام ماڻهو متاثر ٿيو ۽ ڪرب ۾ مبتلا ٿيو. انهن سڀني حالتن جي پسمنظر ۾ جيڪا ڪهاڻي تخليق ٿي. ان ۾ سماج کي هر قسم جي آلائش ۽ برائيءَ کان پاڪ انصاف تي مبني سماج قائم ڪرڻ جي گهرج هئي. سنڌ آڏو زندگيءَ جو تصور حقيقت جي ويجهو رهيو. اهڙي ڪهاڻي ‘سرد لاش جو سفر’ (امر جليل) مذهب جي نالي تي ٿيل استحصال کي بيان ڪري ٿي. هن ڪهاڻيءَ تي گهڻي واويلا ٿي. هن ڪهاڻيءَ سماج جي نام نهاد مذهبي رويي کي ظاهر ڪيو آهي. سنڌ جي سياسي ۽ سماجي ڍانچي جي انهن ڪمزورين ڏانهن واضح اشارو آهي. ‘سرد لاش جو سفر’ ڪهاڻيءَ ۾ عام پڙهندڙن کي ڪي ڳالهيون اعتراض جوڳيون لڳيون. ان ڪري هن ڪهاڻيءَ تي پابندي لڳي. تخليقي اوچائيءَ جو ڪاٿو ان وقت واري دور جي حوالي سان ڪرڻ گهرجي ۽ انهيءَ ڪري ئي ڪهاڻيءَ جي سماجي ڪارج کي اهم سڏي سگهجي ٿو. سندس ڪهاڻيون ‘ساڻو ساڻو ساهه’ ۽ ‘زندگي ۽ زهر ’ سماج ۾ پيدا ٿيل ناسور کي پيش ڪن ٿيون. ٻيا به ڪيترائي لکندڙ سامهون آيا، جن ۾ ممتاز مهر، مهتاب محبوب، ڪيهر شوڪت، طارق عالم ابڙو وغيره اچي وڃن ٿا.
خـلـيـل قـاضـيءَ گهـٽ لکـيـو آهـي، پـر ان جـي هـڪ ڪـهاڻـي ‘جمهوريت جو سج’ حڪمران طبقي جي مفادپرستيءَ واري سيٽ تي لکيل آهي. ان قسم جي ڪهاڻين، سياسي شعوري حقن کان واقفيت ۽ سماج ۾ حڪمران طبقي جي خودغرضيءَ واري رويي کان روشناس ڪرايو. اهڙي قسم جي ڪهاڻين جو تخليق ٿيڻ جو سبب سنڌ ۾ مخصوص سياسي ۽ سماجي حالتون آهن، جنهن جي ڪري رومانيت گهڻو جٽاءُ نه ڪري سگهي. ‘جمهوريت جو سج’ ڪهاڻيءَ جون چند سٽون اکين جي اڳيان پيل پردي کي چاڪ ڪن ٿيون:
“ڪمان آهستي آهستي ورندي پورو گول ٺاهي زمين کان جدا ٿي وئي. چمڪندڙ گولو جڏهن آسمان ڏانهن وڌڻ لڳو ته سنهري ڪرڻا بصر جي قدمن ۾ اچي پيا. سنهري ڪرڻا ڏسي بصر خوشيءَ ۾ ديوانو ٿي ويو. تاڙيون وڄائي ڦيريون پائڻ لڳو. بصر جي اها حرڪت ڏسي منهنجو اندر اڌ ٿي پيو. پنهنجي دل کي گول ڦيٿي جي وچ ۾ گاهه وانگر وڍيو محسوس ڪيم. ٻانهن کان جهلي چيومانس، “ديوانو نه ٿي بصر، ٿوري دير کانپوءِ سج تان اهو سنهري ڇاپو لهي ويندو. پوءِ اهو سج پاڻ کي هميشه جيان وري جلائيندو.”
خليل جون ٻيون ڪهاڻيون ‘عظيم مفاد خاطر’ ۽ ‘ٻيو رستو’ اهم آهن. سندس ڪهاڻين تي بندش پئي ۽ ايڊيٽر کي جيل وڃڻو پيو.
سنڌي ڪهاڻيءَ وچولي طبقي، هاري، مزدور جي شعور کي جاڳايو، هاري، پورهيت ۽ شاگرد کي هڪ رستو ٻڌايو. اوائل ۾ حيدر بخش جـتـوئـي، مـذهـب کـي وچ ۾ نـه آڻـيـنـدي، هـاريـن لاءِ تـحـريـري تـوڙي
عملي ڪوششون ڪيون. سندس ڪتاب ‘ڪمدار جا ڪارناما’ ان سلسلي جو اهم ڪتاب آهي. انهن ڪهاڻين سنڌي سماج کي نئين جاڳرتا ڏني.
جديد حسيت (Modern Sensibility) جي نمائندگي ڪندڙ ليکڪن پڻ اڪيلائپ ۽ ڪرب جا مسئلا پيش ڪيا. تنهائي ۽ خوف کي جيڪي ادب جا انفرادي مسئلا ناهن، بلڪ ان سماجي سرشتي سان لاڳاپيل آهن، جتي آزادي ۽ آزاد انسان ۽ ان جي سوچ جو تصور ختم ٿي وڃي ٿو. سرمائيدار ملڪن جي هڪ هٽي ۽ صنعتڪاريءَ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل استحصالي نظام عام ماڻهوءَ کي مشيني پرزو بڻائي ڇڏيو آهي. مادي حاصلات لاءِ ڊوڙ انسان کي بي حس بڻائي ڇڏيو. انسان، جنهن کي روحاني ۽ مادي ترقي ڪرڻي هئي، حقيقت ۾ پوئتي پوڻ لڳو.
انهن مڙني ڳالهين مغرب ۾ جديد هيئت کي جنم ڏنو ۽ اها حسيت
ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ يورپ ۾ شروع ٿي ۽ سنڌ اندر مخصوص سياسي ۽ سماجي حالتن ۽ ٻين مسئلن جديد هيئت کي جنم ڏنو. خاندان ۽ فرد جي وچ ۾ بي حسيءَ ۽ بيزريءَ جو عنصر انهن حالتن پيدا ڪيو. انهن ليکڪن انساني مسئلن کي هڪ اهڙي تناظر (Perspective) ۾ پيش ڪيو، جيڪو حقيقت جي تمام ويجهو آهي. جنسي مسئلن کي ڪٿي غير مناسب ۽ اڻ وڻندڙ طريقي سان بيان ڪيل آهي.
1977ع جي مارشل لا کانپوءِ ڪهاڻيءَ ۾ تشدد ۽ سنڌين سان ٿيل ظلم جي اپٽار آهي. ‘اٺون ماڻهو’ (سراج) هڪ ناڪرده جرم جي سزا ڀوڳي ٿو ۽ هي ڪردار اڏول آهي ۽ جرئت سان ڀريل آهي. ڪهاڻي ‘عاشق ۽ شهيد موٽي ايندا آهن’ (امر جليل) پڻ ان قسم جو مواد رکي ٿي. اهڙي قسم جي ڪهاڻين ڪنهن حد تائين رومانوي عنصر کي زندهه ڪيو. هنن ڪهاڻين ۾ زندگيءَ جي اصل حقيقت کي فلسفياڻي نموني پيش ڪيو ويو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ روحانيت ۽ پراسراريت پڻ ملي ٿي. سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ اڻ برابري، طبقاتي ۽ لساني ۽ ظالماڻي سياسي نظام تي تنقيد شامل ٿي.
ماڻڪ جون تخليقون به جديد حسيت جون نمائنده ڪهاڻيون آهن. سندس ڪهاڻين ۾ سماجي شعور جو احساس نمايان آهي. ‘شاهه لطيف، هٿڪڙيون ۽ وارنٽ’ ۽ ‘انام’ ڪهاڻين مان پهرين ڪهاڻي، سياسي ۽ سنڌ جي ماحول کي ظاهر ڪري ٿي. ‘حويليءَ جا راز’ سندس ابتدائي دور واري ڪهاڻي آهي، جنهن تي گهڻائي اعتراض ڪيا ويا. هيءَ ڪهاڻي پيرن ۽ سيدن جي ڪرتوتن جي باري ۾ لکي وئي آهي. سنڌ ۾ هيءُ طبقو طاقتور آهي ۽ سندن پاڙون گهريون آهن. هن طبقي جو سنڌي عوام جي رهڻي ڪهڻيءَ ۽ زندگيءَ تي گهرو اثر آهي. ان ڪري ئي عام ماڻهوءَ جي سماجي زندگيءَ ۾ ڪا تبديلي نه ٿي آهي. موهن ڪلپنا پنهنجي مقالي ‘سنڌي ڪهاڻيءَ جو اڀياس’ ۾ لکي ٿو ته، “منير احمد ماڻڪ ٻئي ۽ ٽئين دور ۾ لکيو، پر هو سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ هڪ صوفي فنڪار آهي، جنهن جي ڪهاڻين ۾ حقيقت واد ترقي پسندي ۽ جدت پسنديءَ جي اصلاحي وجوديت ۽ ائبسٽرٽي ادب جا تلخ اهڃاڻ ملن ٿا. سندس ڪهاڻين ۾ حقيقت نگاري ۽ جدت پسنديءَ جا اهڃاڻ نمايان آهن. هن جنهن نموني زندگيءَ کي پرکيو، تنهن نموني ئي ڪهاڻيءَ ۾ پيش ڪيو. سماج ۾ ٿيندڙ سمورن مونجهارن ۽ آدرشن جي ٽٽڻ کي سنڌي ڪهاڻيءَ پنهنجو پاڻ ۾ سمايو آهي. ستر واري ڏهاڪي ۾ انفراديت ۽ سماجي حقيقت نگاريءَ جا لاڙا نمايان آهن.”
1960ع کان 1975ع تائين سنڌي مختصر ڪهاڻيءَ جي ترقي تمام تيزيءَ سان جاري رهي. ورهاڱي کان اڳ مختصر ڪهاڻيون سون جي تعداد ۾ ڇپيون هيون، پر انهن مان اڪثريت ترجمن جي هئي. پر هي زمانو حقيقت ۾ سنڌي مختصر ڪهاڻيءَ جو طبعزاد ۽ اصلي زمانو هو، جنهن ۾ پنهنجي دور جي خيالن ۽ امنگن جون سڀئي ڌارائون سميٽجي آيون. ذهني ڪشمڪش ۽ نفسياتي پيڙا جي ان دور ۾ صرف اهائي صنف ڪهاڻي هئي، جنهن کي ماڻهو گھڻي انداز ۾ پڙهندا ۽ لطف اندوز ٿيندا هئا.
هن زماني ۾ اڳ ۾ ذڪر ڪيل ادبي ادارن کانسواءِ ٻيا به ڪي ادبي ادارا وجود ۾ آيا، جن ۾ ‘اداره آواز ادب ’ ، ‘اداره ادب نو’ شامل آهن. 1960ع جي ڏهاڪي ۾ انهن ٻنهي ادارن خاص ڪري ‘اداره آواز ادب ’ تمام گهڻا ڪهاڻين جا ڪتاب شايع ڪيا. سنڌي عوامي ڪتاب گھر، نيو فيلڊس پبليڪيشن، اداره سهڻي، زيب ادبي مرڪز، سنڌي اڪيڊمي، رائل پبليڪيشن، رهبر پبليڪيشن، زندگي پبليڪيشن، سنڌ يونيورسٽي رائيٽرس ڪلب، سـنڌالاجـي وغيره شامل آهن، جن مختصر سنڌي ڪهاڻيءَ کي وڌ ۾ وڌ ڇاپيو ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ جا چونڊ مجموعا پڻ ڇپرايا.
هن دور ۾مختلف ادارن پاران منظر عام تي آيل ڪهاڻيءَ جي مجموعن ۾ نجم عباسيءَ جا ‘طوفان جي تمنا’، ‘پٿر تي ليڪو’، ‘ناچڻي’ ۽ ‘جيڪي منهنجي من ۾’؛ ثميره زرين جو ڪتاب ‘گيت اڃايل مورن جا’؛
غلام نبي مغل جا ‘نئون شهر’، ‘رات جا نيڻ’ ۽ ‘رات منهنجي روح ۾’؛ عبدالقادر جوڻيجي جو ‘واٽون، راتيون ۽ رول’؛ امر جليل جا ‘دل جي دنيا’ ۽ ‘جڏهن مان نه هوندس’؛ نسيم کرل جا ‘شبنم شبنم ڪنول ڪنول’، ‘چوٽيهون در’؛ عبدالحق عالماڻيءَ جو ‘ڪارو ڪارونڀار’؛ تبسم مهتاب جـو ‘تلاش’؛ حـميـد سـنـڌيءَ جـا ‘اداس واديـون’، ‘سـيـمي’؛ آغا سليم جا
‘اڻ پورو انسان’؛ ڊاڪٽر ابراهيم خليل جو ڪتاب ‘عبرت ڪده’ (ٽي ڀاڱا)، علي بابا جا ‘ڌرتيءَ ڌڪاڻا’، ‘آيل ڙي اولاڻا’ ۽ ‘علي بابا جون ڪهاڻيون’ (گڏيل مجموعو) قابل ذڪر آهن.
ڪن ادارن پاران ڪهاڻين جا اهڙا مجموعا پڻ شايع ٿيا، جن ۾ گڏيل طور تي ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون شامل ڪيون ويون. هنن پندرهن سالن جي عرصي ۾ ٽيڪنڪ جي حوالي سان سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ وڏا تجربا پڻ ڪيا ويا. عبوري دور کان هن دور جي ڪهاڻين ۾ زندگيءَ جو تيز مشاهدو ۽ فنڪاراڻيون صلاحيتون بهتر نموني اڀريل نظر آيون.
رسول بخش پليجي به سنڌي ماحول تي ٻَڌل ڪهاڻيون سرجيون آهن. رسول بخش پليجي لاڙ جي علائقي جي مقامي زندگيءَ تي ڪهاڻيون لکيون. سندس پهرين ڪهاڻي ‘پسي ڳاڙها گل’ 1966ع ۾ ڇپي. ان کان سواءِ سندس ٻيون ٽي ڪهاڻيون ‘اڄ آڳڙيا آيا’، ‘جتي باهه ٻري’ ۽ ‘وڍيو هيئين ته ويهه’ آهن، جن ۾ مشاهدي جي گهرائي ملي ٿي.
حميد سنڌي، سنڌي ادب جو برجستو اديب ۽ ڪهاڻيڪار آهي. هن ماهوار روح رهاڻ ۽ زندگي پبليڪيشن قائم ڪيون. حميد سنڌيءَ ڪيتريون ڪهاڻيون لکيون آهن. سندس ڪهاڻين جا مجموعا ‘سيمي’ (1958ع)، ‘اداس واديون’ (1965ع)، ‘ويريون’ (1981ع)، ‘راڻا جي رجپوت’ (1984ع)، ‘جاڳ به تنهنجي جيءَ سان’ (1996ع) ۽ ‘درد ونديءَ جو ديس’ (2002ع) ڇپيو.
طـارق اشـرف ‘سـهـڻـي’ رسـالـي جو ايـڊيـٽـر ۽ ‘اداره ادب نـو’ جـو بانيڪار هو. طارق اشرف پڻ 1962ع کان مختصر ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون، سندس ڪهاڻين جا ٻه مجموعا شايع ٿيا، جن ۾ ‘سونهن، پٿر ۽ پيار’ 1964ع ۾ ۽ ‘زندگيءَ جو تنها مسافر’ ڇپيو. سندس ڪهاڻيون فني حساب سان غريب انسان جي حالتن جي عڪاسي ڪن ٿيون. 1964ع کان 1975ع دوران سندس جيڪي به ڪهاڻيون ڇپيون، انهن ۾ ڪافي پختگي ۽ رس هو. سندس ڪهاڻين ۾ ‘رهزن’ ۽ ‘چنڊ چور تارا ٺڳ’ سٺيون ڪهاڻيون هيون. نور عباسي پڻ مزاح تي لکيو. سندس ڪهاڻين جو مجموعو ‘چمڙي جا واپاري ’ 1964ع ڌاري شايع ٿيو. نور عباسيءَ جي ڪهاڻين ۾ پنهنجائپ وارو ماحول، روزمره جي زندگيءَ جو مشاهدو ۽ هڪ پختو سماجي شعور پڻ نظر اچي. مزاحيه ڪهاڻين جي موضوع تي ‘هڪڙو مجموعو مزاحيه ڪهاڻيون’ 2000ع ۾ ڪاوش گروپ ڇپايو، جنهن ۾ علي احمد بروهي، نور عباسي، ڊاڪٽر نواز علي شوق ۽ ٻين جون مزاحيه ڪهاڻيون شامل هيون.
زيب ڀٽيءَ پڻ ڪجهه ڪهاڻيون لکيون، سندس ڪهاڻين جي پلاٽن ۾ حقيقت نگاريءَ جو رجحان عيان هوندو هو.
عـبـدالحق عـالمـاڻيءَ 1965ع کان لکـڻ جي شروعات ڪئي، جڏهن سنڌ ۾ ون يونٽ ٽوڙائڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي قومي زبان بڻائڻ جون تحريڪون عروج تي پهچي چڪيون هيون. عالماڻيءَ پنهنجي قومي امنگن جي اظهار جو وسيلو مختصر ڪهاڻين کي بڻايو ۽ ڪن ڪهاڻين ۾ قومي بيداري آڻڻ لاءِ هن آئيڊيل ڪردار تخليق ڪيا. رسول بخش پليجي ۽ عبدالقادر جوڻيجي کانپوءِ عبدالحق عالماڻيءَ جي فن ۾
نج ڳوٺاڻو ماحول نظر اچي ٿو. سندس اوچتي موت سنڌي افسانوي ادب کي گهڻو نقصان رسايو. سندس مختصر ڪهاڻين جو مجموعو ‘ڪارو ڪارونڀار’ سنڌي اڪيڊميءَ جي طرفان شايع ڪرايو ويو. ان کان سواءِ سندس اڻپورو ناول جيڪو ڳوٺاڻي پسمنظر ۾ لکيل هو. اهو 1973ع جي اڳتي قدم ۾ قسطوار شايع ٿيو.
ان کان سواءِ تعميري دور ۾ محمد دائود بلوچ ڪيتريون سهڻيون ڪهاڻيون لکيون، جيڪي ان دور جي سڀني ننڍن وڏن رسالن ۾ ڇپيون. رسول بخش خمار جي ‘اداره آواز ادب ’ الهداد چند جي ڳوٺ حيدرآباد طرفان سندس ڪهاڻين جا ٻه مجموعا ‘اکڙيون اڃايون’ ۽ ‘انصاف ڪٿي آهي’ شايع ٿيا.
ناصر مورائي پڻ 1958ع کان لکڻ شروع ڪيو. ڪجھه سالن تائين سندس ڪهاڻيون ڇپجنديون رهيون. ڪجھه وقت هي ڪهاڻي کيتر مان گم رهيو ۽ وري 1975ع ۾ سندس ٻه ٽي سٺيون ڪهاڻيون شايع ٿيون، جن ۾ موهن جي دڙي جو خزانو، ۽ ڪارو چنڊ شامل آهن.
جمال رند 1959ع کان لکڻ شروع ڪيو، پر ڪجهه ئي ڪهاڻيون لکيائين. فئنٽسي جي انداز ۾ لکيل سندس ٻه ڪهاڻيون انهيءَ زماني ۾ تمام گھڻيون مشهور ٿيون. جن ۾ ‘ماني ڳڀو’ ۽ ‘پوءِ اڏامي ويا’ شامل آهن. ‘مائٽ بچو’ سندس سٺي ڪرداري ڪهاڻي آهي.
1960ع کان 1975ع واري دور کي سنڌي ڪهاڻيءَ جو تعميري دور چئي سگھجي ٿو. هن دور ۾ ڪي ڪهاڻيڪار اهڙا به هئا، جن لکڻ جي شروعات تمام اڳ ۾ ڪئي هئي. عبوري دور ۾ به سندن ڪافي ڪهاڻيون شايع ٿيون هيون. جنهنڪري سندن ادبي ناموس ۾ واڌارو آيو ۽ سندن نالو نامور ڪهاڻيڪارن ۾ ڳڻجڻ لڳو. هن عرصي ۾ جيڪي ڪهـاڻيڪـار اُڀـري عــروج تـي رسـيـا، تـن ۾ آغـا سلـيـم، نسـيم کرل، امر جليل ۽ علي بابا اهڙا نالا آهن، جن سنڌي ڪهاڻين کي شهرت ڏيـاري. هـن دور ۾ سينيئر ڪهاڻيڪارن سراج ۽ غلام ربانيءَ پڻ سنڌي ڪهاڻيءَ کي جديد تقاضائن جي آڌار نه فقط عروج تي رسايو، پر حقيقت نگاري، مقاميت نگاريءَ سان گڏوگڏ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ رومانوي رنگ پڻ ڀريو.
هن عرصي ۾ غلام رباني، نسيم کرل، امر جليل، آغا سليم ۽ سراج کان سواءِ جن ڪهاڻيڪارن ڪهاڻيءَ کي پنهنجي خوبصورت طرز ۽ بامقصد لکڻيءَ سان سينگاريو، تن ۾ طارق اشرف، فضل احمد بچاڻي، غلام نبي مغل، خواجه سليم، ذوالفقار راشدي قمر شهباز، غياث جوڻيجو، فدا حسين بلوچ، محمد بخش مجنون، ماهتاب محبوب، محمد نواز محزون، نور الدين سرڪي، ثميره زرين، عبدالرحيم جوڻيجو،رسول بخش پليجو'> رسول بخش پليجو، عـبدالقادر جـوڻيجـو، عـلـي بـابـا، شوڪت حسين شورو، مشتاق شورو، بيدل مسرور، جميلا نرگس، عبدالحق عالماڻي، نور عباسي، زيب ڀٽي، منظـور قـريشـي، ايـاز بلوچ، ٺاڪر شرما، ارباب سنڌي، گل محمد چنا، فتح محمد قريشي، ظـهـور انصاري، دادا سنڌي، عبدالقيوم صائب، محس ڪڪـڙائـي، سرور علي سرور، فتاح عابد، اسماعيل بن واصف، ناصر مورائي، بيدل ناز، گلزار علي چنا، نعيم دريشاڻي، محمد يوسف شاڪر، منير گوزائي، محمد دائود بلوچ، مدد علي سنڌي، نظير انصاري، نثار حسيني شامل آهن.
هن دور ۾ نظير شيخ به چند ڪهاڻيون لکيون. سندس هڪ مجموعو ‘اجنبي '>پاڪستان ۾ هڪ اجنبي ’ ڇپيل آهي. خواجه سليم ۽ غالب لطيف به پنهنجي تخليقي قوت سان سنڌي ڪهاڻين ۾ ڪجھه اضافو ڪيو. غالب لطيف جو مجموعو ‘سندي سڪ پرين’ شايع ٿيو.
هن دور ۾ غياث جوڻيجو، الطاف شيخ، رشيده حجاب، ذوالفقار راشـدي، قاضـي خـادم، هـدايت پريم، الله بچـايو لغاري، ايـاز بـلـوچ، غلام علي عارباڻي، نسيم ٿيٻو، اقبال جتوئي ۽ ظفر حسن وغيره جون پڻ ڪهاڻيون شايع ٿيون. پر انهن ڪهاڻين جو هڪ ته تعداد ٿورو هو ۽ ٻيو ته انهن مان ڪي چند ڪهاڻيون فني طور نمايان هيون. انهن نوجوانن ۾ ڪي ٻيا به لکندڙ شامل هئا، جيئن علي بابا ۽ منير احمد ميمڻ (ماڻڪ). پر هنن جلدي پنهنجي الڳ فني راهه منتخب ڪئي، خاص ڪري مشتاق شوري، شوڪت حسين شوري ۽ ماڻڪ ڪهاڻيءَ جي فن ۾ وڏن تجربن جو اظهار ڪيو ۽ نئين نسل جي جديد ڪهاڻيڪارن ۾ اهم ڪهاڻيڪار ثابت ٿيا.
عبوري تعميري دور ۾ جديد افساني جي تحريڪ جو سڀ کان نمايان رجحان سوشل ريئلزم يعني سماجي حقيقت نگاري هو.
1983ع جي جمهوري تحريڪ ۽ ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ ڪهاڻيءَ جو لاڙو وڌيڪ حقيقت پسنديءَ ڏانهن نظر اچي ٿو. ٻيا لاڙا جيڪي نوان شروع ٿيا هئا، سي وري هڪ وڏي وهڪري ۾ شامل ٿي ويا. اهو وهڪرو سماجي حقيقت نگاريءَ جو آهي. 1983ع واري تحريڪ جي اتساهه ڪري سراج جي ڪهاڻي ‘اٺون ماڻهو’، ‘ڪانسٽيٽوشن جي اوينيو تي موت’ ۽ رشيد ڀٽيءَ جي ڪهاڻي ‘تاريخ جو آواز’ انهيءَ ڳڻپ ۾ اچن ٿيون.
80 جي ڏهاڪي ۾ انساني روين جي بدلجڻ جو پڙلاءُ ڳوٺن ۽ شـهـرن جـي زندگـيءَ ۾ لاڳاپـو وڌي وڃـڻ ڪـري، نـون ۽ پـراڻـن قـدرن
جي ڇڪتاڻ جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. غلام نبي مغل جي ڪهاڻي ‘ٽينا، محمد بخش ۽ سندس زال’ هڪ اهڙي جوڙي جي ڪهاڻي آهي، جيڪو شهر ۾ اچڻ کان پهريان روايتي سوچ ۽ خيال جو هو. تنهن بابت مجموعي طور ڪهاڻيءَ ۾ اهي مسئلا ۽ خيال ملن ٿا، جيڪي سنڌي سماج ۾ موجود آهن. وڏيرو، جاگيردار ۽ اهي سياسي گروپ (جن جو نوجوان تي اثر آهي) به ڪهاڻيءَ ۾ چٽيا ويا آهن. اهڙي قسم جي ڪشمڪش کي انور ابڙي پنهنجي ڪهاڻي ’بيروزگار‘ ۾ چٽيو آهي. فرد جي احساساتي مسئلن کي پڻ زير بحث آندو ويو آهي. عابد مظهر جي مجموعي ‘گم ٿيل محبتون’ جي ڪهاڻين ۾ ‘ڌٻڻ مان نڪتل ماڻهو’ ۽ ‘الميو’ جا ڪردار ڌرتيءَ جي محبت سان ٽڪراءَ جو منظر پيش ڪن ٿا. سندس ڪهاڻين ۾ ڳوٺاڻين عورتن سان نباهه نه ٿيڻ ڪري نوجوان نتيجي ۾ ڀوڳين ٿا. تعليم ۽ شعور هڪ ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ سک بدران ڏک، زهر ۽ بي آرامي پيدا ڪئي آهي. انور ابڙي جي ڪهاڻي ‘ساعتون، سڪ، سونهن، سنگهرون’ ۾ هڪ اهڙي نوجوان جي ذهني حالت ۽ ناپختگيءَ کي ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو بس ۾ ويٺل ڇوڪريءَ جي سونهن کان متائتر ٿئي ٿو. هيءَ ڪهاڻي نوجوانن جي ذهني سطح کي ظاهر ڪري ٿي. سنڌي ڪهاڻي سنڌ جي سونهن کي پڻ پنهنجي اندر سموئڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ف. م. لاشاريءَ جي ڪهاڻي ‘ٽنگيل وقت’، شڪور نظاماڻيءَ جي ڪهاڻي ‘قتل گاهه مان ڀڳل ماڻهو’ ۾ انسانيت جي جياپي لاءِ کنيل قدم جي خيال کي ڪهاڻيءَ جي روپ ۾ آندو ويو آهي. جان خاصخيليءَ جي ڪهاڻي ‘سڀاڻي جو خواب’ سنڌ جي سياسي تحريڪن جي ڏيوالپڻي ۽ غير مؤثر هجڻ تي هڪ ڀرپور ٽوڪ آهي.
1986ع کانپوءِ سنڌ جنهن نسلي ۽ لساني نفرت جي طوفان ۾ گهيرجي وئي، تنهن کي سنڌي اديبن پنهنجو موضوع بڻايو. اياز قادريءَ جي ‘ڪلاچيءَ جو ڪُن’ ۽ شوڪت شوري جي ‘خوف جو موت’ ۾ سنڌين جي هڪٻئي سان رويي ۽ ورتاءُ سان گڏ هڪ جوڙي کي خوفزده ڏيکاريو ويو آهي ۽ نيٺ هڪ فيصلي تي پهچڻ واري ڪيفيت کي ڪهاڻيءَ ۾ بيان ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ دهشتگرديءَ وارو جيڪو ماحول اسريو ۽ ان ڪرب ۾ عام ماڻهوءَ ڀوڳيو، پنهنجي روح ۽ شعور ۾ جيڪا بي چيني محسوس ڪئي. ان سلسلي ۾ غلام نبي مغل جي ‘گڊ باءِ انڪل’ مـختـلـف رنـگ رچـيل ڪهـاڻـي آهـي. مـغـل پنهنجي مخصوص انداز، موضوعن ۽ مسئلن جي حوالي سان مجموعي طور ڳالهائي ٿو. نسلي فسادن جي ڪري پيدا ٿيل صورتحال کي ڪهاڻيءَ ۾ آندو ويو، جنهن
۾ تـقريـباً هـر نـقـطـي کي پنهـنجـي سـوچ ۽ انـداز مـوجب ڪـردار ذريعي زنـدهه ڪـيـو ويـو. انـسانـي قـدرن کـي مـان ڏنـو ويـو. مٿـي ڏنل ڪهاڻين
مـان نـورالـهـديٰ شـاهه جـون ڪهاڻيـون هـڪ خـاص حيـثيـت رکـن ٿيون. ‘منظر جنهن جو ڪو انت ڪونهي’ ۾ لساني جهڳڙن ۽ ڪرفيو جي ڪري پيدا ٿيل صورتحال کي هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ خوفزده انسان جي ڪيفيت ۽ احساس کي بيان ڪيو آهي. جنهن ۾ حالتن انسان کي غير انساني دڳ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي. ‘رڻ ۽ رڃ جو اتهاس’ مجموعي جون ڪهاڻيون، سنڌي سماج جنهن سياسي سماجي ڪرب مان گذري رهيو هو، تنهن کي چٽي نموني پيش ڪن ٿيون. هنن ڪهاڻين ۾ داخليت جو عنصر پڻ واضح آهي. ‘ڪيڏارو’ نورالهديٰ شاهه جي هڪ گهري تاثر واري ڪهاڻي آهي. ڪهاڻي پاڻ نورالهديٰ پڻ هڪ ادبي محفل ۾ پڙهي ۽ اُن تي اعتراض پڻ ٿيو. هن ڪهاڻيءَ کي سياسي ڪوٺيو ويو. هيءَ ڪهاڻي ڪنهن حد تائين سنڌ جي تاريخي سياسي، سماجي ۽ لساني حالتن جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. اها ڳالهه هن ڪهاڻيءَ جي اهميت کي وڌائي ٿي. احساسن جي شدت، انساني وجود جو ڪرب، ان جي بيوسي ڪيترائي سوال اٿاري ٿي. پنهنجي تاريخ جو ورجاءُ ۽ ان سان اجنبيت جو هانوَ کائيندڙ تاثر پڙهندڙن کي ان موڙ تي کڻي اچي ٿو، جتي حالتون موت ۽ زندگي، عزت ۽ ذلت جي چوواٽي تي انسانيت کي وائکو ڪرڻ لاءِ موجود آهن. هيءَ ڪهاڻي سنڌين تي ٿيندڙ ڏاڍ جي ڪهاڻي آهي. ماضيءَ سان گهرو رشتو ۽ حال جي بي انصافيءَ جو روڳ کڻي جيون گهاريندڙ انسانن جي ڪهاڻي آهي. ان موضوع تي ٻين به ڪيترن ئي لکيو آهي، جنهن ۾ اياز قادري، غلام نبي مغل ۽ شوڪت شورو وغيره شامل آهن. سندن ڪهاڻيون مسئلن جي نشاندهي ڪن ٿيون. ان جي برعڪس هيءَ ڪهاڻي هنن ڪهاڻين مان نمائنده ڪهاڻي چئي سگهجي ٿي. هن ڪهاڻيءَ ۾ جيڪي نقطا ۽ سوال اٿاريا ويا آهن، اهي هن موضوع جي اهميت ۽ ڪارج کي اجاگر ڪن ٿا. ڪهاڻيءَ جو اهم ڪردار سنڌ جي خمير مان ڳوهي ٺاهيو ويو آهي. ڪهاڻيءَ جون هي چند سٽون احساسن کي جاڳائن ٿيون:
“شاهه مڪيءَ جي مزار واري ڪوٺيءَ جي روشندان تي ويٺل پاريل، اکيون مچڪائي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کي ڏٺو، ڄڻ ڪو
اڻ چٽو ساروڻو هانوَ تي هُريو هجيس. گلاب جون ڪومايل ڪليون قبرستان تان ترڪي رت ڦُڙن جيان ميان صاحب جي گهاٽيءَ ڏاڙهيءَ جي وارن ۾ اٽڪي پون ٿيون. هن جا سڏڪا بي آواز سيد محمد مڪيءَ جي تربت جي چوڌاري طواف ڪن ٿا. اڪيلو ٿي پيو آهي. پنهنجي قوم سان رهندي به پنهنجي ٻاٻاڻي ڏيهه جي ڌرتيءَ مٿان جيئندي به.”
جديد نظريي جي تحت ڪهاڻي/ افساني جو سماجي ڪارج اهو آهي ته ان مان حياتيءَ کي آسودو ۽ سولو بڻائڻو آهي. انساني مفاد کي آڏو رکيو وڃي ۽ زندگيءَ جي روحاني ۽ مادي زندگيءَ ۾ ٿيندڙ واقعن ۽ اڀرندڙ مسئلن جو بنياد ڳولڻ گهرجي.
ائين سنڌي ڪهاڻي مختلف مرحلن مان گذري ترقي ڪري رهي آهي. انـهـيءَ دؤر ۾ ڪـيترين عـورت ڪهاڻيڪـارائن پڻ ڪـهاڻـيءَ
۾ طبع آزمائي ڪئي، جن ۾ ثريا سنڌي، فهميده ميمڻ، شبنم موتي، سلطانه وقاصي، تنوير جوڻيجو، ليليٰ بانا، تبسم ۽ مهتاب قريشي شامل آهن.
فهميده حسين جو نالو سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ اهميت وارو آهي. هـن تسـنيـم يـعـقـوب، فـهمـيـده تسنيـم، فهمـيده حسـين جي نالن سان
لـکـيو. سـندس ڪهاڻيون شـروع شـروع ۾ ٻارن جي رسالن ۾ ڇپيون. سندس پهرين ڪهاڻي ‘ڪـنـد ذهـن’ 1958ع ۾ هڪ ٻاراڻي رسالي ۾ ڇپي. 1967ع ۽ 1968ع ۾ ڊي. جي سائنس ڪاليج ميگزين ۾ سندس ٻه ڪهاڻيون ‘پاڇولا ۽ پڙلاءَ’ ۽ ‘روشني’ ڇپيون. ان کانپوءِ 68-1969ع ۾ ‘بادل’ رسالي ۾ ڪهاڻيون لکيون. فهميده حسين 70 واري ڏهاڪي ۾ هلال پاڪستان جي صفحي ‘سگھڙين سٿ ’ ۾ ڪهاڻيون لکيون. ان کان سواءِ هن ‘سوجھري’ ۽ ٻين رسالن ۾ ڪهاڻيون لکيون. سندس ڪهاڻين جا ڪردار گهڻو ڪري مڊل ڪلاس جي پڙهيل لکيل، نوڪري ڪندڙ ڇوڪرين ۽ عورتن جا آهن. سندس ڪهاڻين جو مجموعو ‘هڪ حوا ڪئين ڪهاڻيون’ ڇپيل آهي.
هن دور ۾ ٻن ڪهاڻيڪارائن خيرالنساءِ جعفري ۽ نورالهديٰ شاهه سنڌي ڪهاڻيءَ کي تجرباتي عملي موڙ ڏئي اڳتي وڌايو. خيرالنساءِ جعفري سنڌي ڪهاڻيءَ کي فني بلندين جي اتاهين تي رسايو، جنهن ۾ فڪر جي لطافت ۽ سماجي شعور ٻئي شامل آهن. سنڌي ڪهاڻيءَ جون هي ڪهاڻيڪارائون مشتاق شوري ۽ ماڻڪ واري مختصر ڪهاڻيءَ کي اڳتي وٺي آيون. خيرالنساءِ جعفريءَ جي ڪهاڻي ‘حويليءَ کان هاسٽل تائين’ ۾ هڪ اهڙي مسئلي ڏانهن ڌيان ڇڪايو ويو آهي، جيڪو هڪ وڏي عرصي اسانجي سماج جي رڳن ۾ سرايت ڪري ويو آهي. هن عورت جي مظلوميت، ڪمتري ۽ مجبوريءَ جو عڪس بيباڪ انداز ۾ پيش ڪيو آهي. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ‘تخليق جو موت’ جنوري 1978ع ۾ شايع ٿيو، جڏهن ته سندس گڏيل تخليقن جو مجموعو ‘منهنجو تخليقي سفر’ 1992ع ۾ شايع ٿيو.
نورالهديٰ شاهه موجوده دور جي برک ڪهاڻيڪاره آهي، جنهن ڪيترائي ڇرڪائيندڙ موضوع کڻي وڏي همت ۽ بهادريءَ سان لکڻ شروع ڪيو. سندس لکيل ڪهاڻيون بينظير تخليقي اسلوب ۽ زبان رکن ٿيون، جنهن جي جملن جو مڌر ترنم پڙهندڙ اندر جي اونهاين ۾ لهندو محسوس ڪري ٿو. سندس ڇپيل ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب ‘جلاوطن’ 1979ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جا بعد ۾ ڪيترائي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. سندس ٻين ڪهاڻي ڪتابن ۾ ‘ڪربلا’ (1981ع)، ‘رڻ ۽ رڃ جو اتهاس’ (1988ع) ۽ گڏيل سڀني ڪهاڻي ڪتابن جو مجموعو ‘ڪربلا’ شايع ٿيل آهي. سندس مشهور ڪهاڻين ۾ ‘پاروٿو گوشت’، ‘حويليءَ کي کاٽ’ وغيره مشهور آهن.
الله بخش انيس انصاري شروع کان ڪهاڻيون لکندو رهيو، جيڪي ڇپبيون گھٽ هيون. 1983ع کان هن باقاعده ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون، جيڪي گھڻو ڪري ٽماهي مهراڻ ۾ ڇپيون هيون. سندس ڪهاڻين ۾ ‘اڃان نه اڃان به’، ‘مٽي’، ‘پينشنر’، ‘ويراني’، ‘چانڊوڪيءَ جو زهر ’ سٺيون ڪهاڻيون آهن. سندس ڪهاڻين جو مجموعو انيس جا افسانا جي عنوان سان ڇپيل آهي.
ڪيهر شوڪت سنڌي ڪهاڻي کيتر جو بهترين ڪهاڻيڪار آهي. فن ۽ فڪر توڙي سهڻي ٻوليءَ جو استعمال سندس ڪهاڻين جون خاص خوبيون آهن. سندس ڪهاڻين جو مجموعو ‘پل تي ويٺل هڪ انسان’ جـي نـالـي سـان ڇپـيـل آهـي. رزاق مـهـر پڻ سـٺو ڪهاڻيڪـار آهي، جيـتـوڻيـڪ سـندس لاڙو گھڻـي قـدر ڊرامي طرف رهيو، باوجود ان جي سـنـدس ڪهـاڻيـون مـختلـف رسـالـن ۾ ڇـپبيـون رهيـون آهن. سندس ڪـهاڻيـن جو مجمـوعـو ‘سڪون ڪٿي آهي؟’ ڇپيل آهي. بادل جـمـالي انـهن ڪـهـاڻيـڪـارن مـان آهـي، جـنهـن ٽيـڪـنـڪ ۽ فـنـي پـخـتگـيءَ جي بنياد تي ڪهاڻيون لکيون. ‘خفتي’ ۽ ‘نئين ڪربلا’ سندس شاهڪار ڪهاڻيون آهن. سندس ڪهاڻين جو مجموعو ‘پاڙي ناهي پروڙ’ ڇپيل آهي.
ڊاڪٽر قاضي خادم گھڻي قدر بيانيه انداز واريون ڪهاڻيون لکيون آهن. ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ڪهاڻيون مڪالمن واريون اٿس. سندس ڪهاڻين جا مجموعا ‘سمنڊ اپسمنڊ’ ۽ ‘مٽيءَ ۾ ملاوٽ’ ڇپيل آهن.
رسول ميمڻ، سنڌيءَ ۾ سٺيون ڪهاڻيون لکيون. سندس پهرين ڪهاڻي 1976ع ۾ مارو پبليڪيشن ۾ ڇپي. جنهن کانپوءِ هو مسلسل ڪهاڻيون لکندو رهيو. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ‘امن جي نالي’ 1977ع ۾ منظرعام تي آيو، جنهن کانپوءِ سندس ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو ‘ابابيل جي آخري اڏام’ ۽ آخر ۾ ‘ڪافر ديوتا’ ڇپيو.
طارق عالم ابڙو نئين ٽهيءَ جي وچين دؤر جو ڪهاڻيڪار آهي، طارق عالم جيتوڻيڪ شاعري، ناول ۽ مصوريءَ تي طبع آزمائي ڪئي، پر هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ پڻ سندس سڃاڻپ باقي رهي. هن سنڌيءَ ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون، جيڪي مختلف رسالن ۾ ڇپبيون رهيون. سندس ڪهاڻين جو مجموعو ‘رات، سانت ۽ سوچون’ 1981ع ۾ ڇپيا، جڏهن ته سندس ڪهاڻين جو مجموعو ‘سڃاڻپ جي ڳولا’ (ترجمو) 1998ع ۾ ڇپيو.
نئين ٽهيءَ ۾ ڪيترائي نوجوان ڪهاڻيڪار سامهون آيا، جن سٺيون ۽ فني لحاظ کان پختيون ڪهاڻيون لکيون. انهن ۾ لياقت رضوي، زيب سنڌي، زينت ڀٽي، نور گھلو، رفيق سومرو، غلام حسين رنگريز، شرجيل، ظفر عباسي، طارق قريشي، ممتاز بخاري، رسول ميمڻ،
بدر ڌامراهو، انور ابڙو، عزيز ڪنگراڻي، ايوب عمراڻي، محمد صديق مڱيو، اختر جانوري، ضراب حيدر، الله ماڃوٺي'>رحمت الله ماڃوٺي، ملڪ آگاڻي، منظور ڪوهيار، مقصود گل، روشن علي تنيو، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ابراهيم کرل، حفيظ ڪنڀر، عابد مظهر، ماڪن شاهه رضوي، اختر رند، در محمد پٺاڻ، محمد علي پٺاڻ، سليم ڪورائي، ڪرم الاهي چنا، عبدالستار شيخ، منظور جوکيو، منور سراج، يار محمد چانڊيو، مصور حسين، عبدالغفور عابد، نديم قاضي، يوسف جمالي، طارق صديقي، علي گل عباسي، بلاول پرديسي، نياز جلباڻي، محمود يوسفاڻي، امان الله ٻگھيو، رشيد صابر، شيخ عزيز، مشتاق باگائي، سليم چنا، فيروز احمد، ممتاز عباسي،
عابد لغاري، ابراهيم خشڪ، نذير شورو، رهبر ڀٽي، محمد صالح شيخ، محمد يوسف شيخ، فاروق سولنگي، عزيز قاسماڻي، محبوب علي جوکيو، اياز کتري، حسين کتري، سليم کرل، نبي بخش کوسو، عاشق حسين، ابراهيم سمون، مشتاق احمد پٺاڻ، فيصل ارسلاڻي، سڪندر چانڊيو، غلام قادر جتوئي، عبدالواحد هاليپوٽو، مختيار جانوري، موسيٰ سومرو، غلام نبي ڏيپر، ارباب عبدالمالڪ انيس، قبول ابڙو، جبار ڪيهر، غلام نبي گل، مٺل چانڊيو، دلبر چانڊيو، رضوان گل، سجاد مهر،
احمد علي صابر، ادا قاضي، ضيا شاهه، احسان دانش، انور شيخ ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن.
سنڌي ڪهاڻيءَ جي صنف ۾ جتي ڪهاڻيڪارن پاڻ موکيو، اتي سنڌ جون ڪهاڻيڪارائون به پوئتي نه رهيون. گذريل 64 سالن ۾ سنڌي ڪهاڻيڪارائن به ڪيئي شاهڪار افسانا/ ڪهاڻيون لکيون، جيڪي سنڌي ادب جو سرمايو آهن. انهن ۾ بيگم زينت چنا، زيڊ اي شيخ، رشـيـده حـجـاب، بـادام نـاتـوان خـاتـون، ثـميـره زريـن، ماهتاب محبوب، جميلا نرگس، ثريا ياسمين، فهميده حسين، روشن مغل، اقبال شيخ، ثريا ڀٽي، فريده، آفتاب بانو، ارشاد بيگم، فريحا خانم دائودپوٽو، مهرالنساءِ، نذير ناز، نيلم، نسيمه ناز، رضيه سلطانه، اخترپروين، نذير سلطانه، شمع سيد، نسرين سحر، زاهده ناريجو، جميلا پروين، ياسمين خواجه، عابده الطاف قادري، رضيه صديقي، ممتاز کوکر، سلطانه منور، شمشاد لاڙڪ، ممتاز زرين، نسيم ٿيٻو، بلقيس سيد، غزاله شاهين، زرين شورو، انيس ميمڻ، نور شاهين، تبسم مهتاب، خورشيد ميمڻ، نيلوفر جويو، پروين جبين، فرحانه زرين، ثمينه عندليب، روبينه جبين، ثريا سوز، زرنگار شيخ، سلميٰ صديق قاضي، رضيه کوکر، سحر امداد، نورالهديٰ شاهه، خيرالنساءِ جعفري، سيما، ليليٰ بانو، شميم گل شيخ، شهناز ڪوثر ميمڻ، فردوس سحر، مـهـر زريـن بلـوچ، جـهـان آرا سـومـرو، سيـما عـباسـي، نـسـريـن جوڻيجو، ثريا سنڌي، حميده ميتلو، زبيده ميتلو، شبنم گل، ناهيد مغل، فـردوس مـزمـاڻي، بـانـو محبـوب جـوکيو، شـبانه سـنڌي، صنـوبر سيـد، نسـرين سـيـد، سـاجـده جبـيـن مشـهـور آهن، جـڏهن ته هـنـد ۾ پوپٽـي هيـراننـداڻي، تارا ميرچنداڻي، سندري اتم چنداڻي، ڪلا پرڪاش، اندرا هريش واسواڻي، ريٽا شهاڻي ۽ ٻيون ليکڪائون قابل ذڪر آهن.
هندستاني ڪهاڻيڪار: ورهاڱي کانپوءِ جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ڪهاڻيءَ جو سفر ته هلندو رهيو، پر هندستان ۾ سنڌي ليکڪن ڪهاڻيءَ واري کيتر ۾ پڻ پاڻ ملهايو آهي. ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ سوين ڪهاڻيون لکيون ويون. مطلب ته سنڌي ڪهاڻيءَ جي صنف ۾ جيترو ڪم هند ۾ ٿيو، اوترو ڪم ادب جي ڪنهن ٻيءَ صنف ۾ نه ٿيو. ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ سنڌي ڪهاڻي معيار ۽ مقدار جي لحاظ کان تمام گھڻي ترقي ڪئي. هندستان ۾ ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ڪهاڻيِءَ جي حوالي سان ٽي دور آيا، جن ۾: (1) ترقي پسند دور، (2) غير ترقي پسند دور/ رومانوي دور، (3) جديد ڪهاڻيءَ وارو دور.
هندستان ۾ ورهاڱي کانپوءِ جي تنگ حالتن ۽ مشڪلات جي پيش نظر اهو دؤر ردعمل طور سامهون آيو. هن دور جي شروعاتي ٻن ٽن سالن تائين نعريبازي سنڌي ڪهاڻيءَ تي ڇانيل رهي. ڪهاڻيون اڪثر خارجي نظريو ڌيان ۾ رکي لکيون ويون، جن ۾ سماجي ۽ سياسي مسئلن تي زور ڏنو ويندو هو، داخلي موضوع کي نظر انداز ڪيو ويو، ان دور جي ليکڪن تي ڪارل مارڪس ۽ مئڪسم گورڪيءَ جو اثر حاوي رهيو، ڪهاڻين ۾ گھڻو ڪري لال جھنڊي، خونريزي ۽ انقلاب جا بيان هوندا هئا.
انهيءَ دور ۾ جن ڪهاڻيڪارن ڪهاڻيون لکيون، تن ۾ گوبند مـالهـي، گـوبـند پنجابي، اي. جـي. اتـم، ڪيرت ٻاٻاڻي، آنـند گـولاڻـي،
ڪي. ايس. ٻالاڻي، گورڌن محبوباڻي، هري همٿاڻي، ڄيٺانندتاب، ڪرشن کٽواڻي، ڪرشن راهي، نارائڻ ڀارتي، ڪلا پرڪاش، ڦتن پرسواڻي، سندري اتمچنداڻي ۽ ايشور آنچل شامل هئا. ان دور جي شروعاتي ڪهاڻين ۾ انساني رشتن، ناتي جي اندروني ڪشمڪش نه ڏيکاريل هئي، پر آهستي آهستي هيٺينءَ سطح تي ڪميونزم، جيڪا تبديلي آندي، ان جي ڳري اثر سبب هندستاني ڪهاڻيڪارن پنهنجي ڪهاڻين ۾ داخلي مسئلا نه کنيا، جيتوڻيڪ پوءِ به گھڻو زور بک، بدحالي، مزدور هاري جي مسئلن تي ڏنل هوندو هو. مطلب ته اهڙن ڪردارن جي صرف مسئلن کي اڪاگر ڪيو ويندو هو. سندن اندروني ڪيفيتن/ جذبن کي نظرانداز ڪيو ويندو هو. هندستان ۾ ان اثر هيٺ ترقي پسند ڪهاڻيڪارن جي ٽمورتيءَ ڪجھه داخلي ڪهاڻيون لکيون، جن ۾ گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ اُتم شامل آهن. گوبند مالهي جيئن ته اڳ ۾ ئي گھڻو حالتن جي ڪري تتل هو، سو انهيءَ تي تبديليءَ جلد اثر ڪيو. ڪيرت ٻاٻاڻي هڪ رومانوي ڪهاڻي ‘ليليٰ مجنون’ لکي. اي. جي. اتم ڪردارنگاريءَ واري ڪهاڻي ‘روشني موٽي آئي’ لکي.
سندري اتمچنداڻيءَ کي پڻ نيم ترقي پسند ڪهاڻيڪار سمجھيو وڃي ٿو. هن پڻ انهيءَ دور جي اثر هيٺ ‘اڇا وار، ڳاڙها گل’ ڪهاڻي لکي، جنهن ۾ اندر جي دنيا جا نازڪ مرحلا ڏيکاريا ويا آهن.
ان کان سواءِ سندس ڪهاڻي ‘ڀوري’ به لاجواب ڪهاڻي آهي، ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي ‘چنو ۽ مني’، اتم جي ‘او چري’، ڪرشن راهيءَ جي ‘شيشي جي ديوار’، آنند گولاڻيءَ جي ‘مان نئون جنم وٺندس’، گوبند پنجابيءَ جي ‘انسان جو گوشت’ ۽ ‘مڪائيءَ جو سنگ’ جهڙيون ڪهاڻيون لکيون ويون. جيئن ته هندستان لڏي ويل سنڌي ڪهاڻيڪار سنڌ جي پيدائش هئا، هنن سنڌوءَ جو پاڻي پيتو ۽ سنڌ ڌرتيءَ جو اَن کاڌو، تنهنڪري اهي پنهنجي سنڌ کي ڪڏهن به وساري نه سگھيا.
ورهاڱي کانپوءِ هندستان جي سنڌي ڪهاڻيڪارن: آنند گولاڻي، لـوڪـنـاٿ جيـٽـلـي، ڪـلا پرڪـاش، نـارائـڻ ڀارتـي، رام پـنجـواڻـي،
رام ڪڪڙيجا، ڪيرت ٻاٻاڻي، گورڌن ڀارتي ۽ ٻين پنهنجين ڪهاڻين ۾ سنڌ جو سهڻو عڪس چٽيو آهي. آنند گولاڻيءَ جون ‘گامڙو’، ‘سـنـڌڙيءَ جـا شـل ڳـوٺ وسـن’ ۽ ‘سـنـڌو’ مـشـهـور ڪـهـاڻيـون آهـن. ڪلا پرڪاش جي ‘خانواهڻ’، نارائڻ ڀارتيءَ جون ‘ڪليم’ ۽ ‘دستاويز’ سٺيون ڪهاڻيون آهن. رام پنجواڻيءَ جي ‘انوکا آزمودا’، ‘محمد گاڏي وارو’ ۽ ‘ٻروچ’ لاجوب فني ۽ ڪرداري ڪهاڻيون آهن.
ڪيرت ٻاٻاڻي هڪ برجستو اديب ۽ ڪهاڻيڪار آهي. سندس مشهور ڪهاڻيون ‘چنو ۽ مني’، ‘بمبئي آ مچي’، ‘چمڙا ۽ چٻرا’، ‘درد جو دل ۾ سمائجي نه سگھيو’، ‘تون پڇين ٿو مان اداس ڇو آهيان’ آهن. ڪرشن کٽواڻيءَ جي ‘پنهنجو گھر’، رام ڪڪڙيجا جون ‘اُٺ ماما گوگڙو’ ۽ ‘ڏاچي واليان’، گورڌن محبوباڻيءَ جي ‘پنهنجو پاراتو’؛ سندري اتمچنداڻيءَ جي ‘تو جنين تات’، لوڪناٿ جيٽلي جون ‘گام جي عزت’ ۽ ‘وساريان نه وسرن’ بهترين ڪهاڻيون ثابت ٿيون. لوڪناٿ جيٽلي جي ڪهاڻين جو مجموعو ‘وساريان نه وسرن’ 1957ع ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ ‘ڦندن مل’ ۽ ‘لاري ڊرائيور’ وغيره ڪهاڻيون شامل آهن.
ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ جي دؤر کي جيتوڻيڪ سست رفتار دور چيو وڃي ٿو ۽ اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته ترقي پسنديءَ واري ڌارا ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ جو سرجڻ سست رهيو ۽ جيڪڏهن ڪهاڻيون لکيون به ويون ته اهي سماجي ڪارج کان وانجھيل هيون. ترقي پسند دؤر جي ڌارا ۾ گوبند مالهي شروعاتي ڪهاڻيڪارن ۾ هڪ اهم نالو آهي. هن پهرين ڪهاڻي ‘هاري حقدار’ لکي، جيڪا ورهاڱي کان اڳ ۾ ‘پرهه ڦٽي’ رسالي ۾ شايع ٿي هئي. جيئن ته گوبند مالهي ورهاڱي کان اڳ ۾ لکڻ شروع ڪيو هو، پر ورهاڱي کانپوءِ هندستان وڃڻ بعد سندس ڪهاڻين لکڻ وارو سلسلو جاري رهيو. هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ مسئلن کي فني پيرايي سان کنيو. سندس مشهور ڪهاڻين ۾ ‘همدرديءَ جو احساس’، ‘ناناڻي مجلس’، ‘عاشق جو جنازو آ’، ‘پاپ جو گھڙو’ ۽ ‘اها به ڪا ڪهاڻي آ’ شامل آهن. سندس ڪهاڻين جا مجموعا ‘اڳتي قدم’ ۽ ‘اها به ڪا ڪهاڻي آ’ ڇپيل آهن. ورهاڱي کان اڳ گوبند پنجابيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو ‘سرد آهون’ 1942ع ۾ شايع ٿي چڪو هو. سندس ڪهاڻيون سماجي مسئلن تي لکيل بهترين ڪهاڻيون آهن. ورهاڱي کانپوءِ سندس ڪيتريون ڪهاڻيون مختلف رسالن: ‘تخت يا تختو’، ‘قانون’، ‘مڪائيءَ جو سنگ’، ‘انسان جو گوشت’، ‘کلمک’، ‘وشمبرناٿ ۽ انڌير نگري’، ‘آرمي’ ۽ ‘ڪٿا’ وغيره ۾ شايع ٿيون.
آنند گولاڻيءَ به ورهاڱي کان اڳ لکڻ شروع ڪيو. ‘گامڙو’، ‘چريو’، ‘نراشا’، ‘مان نئون جنم وٺندس’، ‘مان جيڪر سنڌي هجان ها’ سندس بهترين ڪهاڻيون آهن.
سڳن آهوجا جو به هندستان جي سنڌي ڪهاڻيڪارن ۾ هڪ خاص درجو ۽ نالو آهي. مقدار جي حوالي سان سندس ڪي ٿوريون ڪهاڻيون آهن، پر معيار جي لحاظ کان سڳن آهوجا سنڌي ڪهاڻين جي تاريخ ۾ اهميت واري جاءِ جوڙي آهي. سندس مشهور ڪهاڻين ۾ ‘عيش جي قميت’، ‘پتني صرف پتني’، ‘مان سوچيندو آهيان’ ۽ ‘بسڪيٽ’ شامل آهن. سندس ڪهاڻين جو مجموعو ‘بي آگ جلن ٿا پروانا’ سنڌي ساهت منڊل بمبئيءَ طرفان ڇپيل آهي. ڪرشن کٽواڻي، اتم، ڪرشن راهي ۽ ڦتن پرسواڻيءَ تمام سٺيون ڪهاڻيون لکيون. ٻوليءَ جي سلاست، ويچارن جي گهرائي، انوکو طرز بيان ڪرشن کٽواڻيءَ جي ڪهاڻين جون اهم خصوصيتون آهن. سندس ڪهاڻيون ‘ٽٽل زنجيرون’، ‘ڀاڀي’، ‘وندري’ ۽ ٻيون مشهور آهن. سندس ڪهاڻين جا اٺ مجموعا ‘ٽٽل تارون’، ‘وندري ۽ ٻيون ڪهاڻيون’، ‘مٺڙي تو نه سڃاتو’، ‘اڪيلي’، ‘پرديسڻ’، ‘جياپي جو ساڌن’، ‘ٻپهري’، ‘منهنجا ماروئڙا’ ۽ ‘ڌنڌلا چهرا’ ڇپيل آهن. ڪرشن راهيءَ جون ڪهاڻيون وري ناٽڪ ۽ ڪهاڻيءَ جو عجيب ميلاپ لڳنديون آهن. هو گفتگوءَ جي سندر ڍنگ سان ڪردارن جي چرپر تي روشني وجھندو آهي. ان ڪري ئي ڪرشن راهيءَ جون ڪهاڻيون تمام گھڻيون جاندار لڳنديون آهن. سندس ڪهاڻيون ‘امن جي راهه’، ‘ڪٻڙي جي ڪرامت’، ‘صوبيدار’، ‘لڙڪ’ ۽ ‘مرڪ’ مشهور آهن. ڦتن پرسواڻيءَ جون ڪهاڻيون به سٺيون سرجيل آهن، جن ۾ لکڻ جي نئين طرز ۽ موضوع وڻندڙ هوندا آهن. سندس ڪردارن جي ٻولي حقيقت تي مبني آهي. مطلب ته سندس ڪهاڻين ۾ اها ٻولي استعمال ٿيل آهي، جيڪا روزمرهه جي زندگيءَ ۾ ڳالهائي ويندي آهي. سندس ڪهاڻيون ‘خانه بدوش’، ‘انقلاب اچي ويو’، ‘هندي روسي ڀائي ڀائي’ ۽
‘راءِ صاحب’ بهترين ڪهاڻيون آهن. اي. جي. اُتم پڻ ڪيتريون ڪلا ۽ ڏات واريون ڪهاڻيون لکيون آهن، جن ۾ هن سياسي موضوعن کي بلڪل به نه ڇُهيو آهي. سندس ڪهاڻيون ‘او چري’ ۽ ‘راجا’ مشهور آهن.
ٻيا ليکڪ، جن هن دور ۾ ڪهاڻيون لکيون، تن ۾ ليکو تلسياڻي، پـوپٽـي هيـراننـداڻـي، ڪـلا پـرڪـاش، تـارا ميـرچـنـداڻي، گـورڌن ڀارتي ۽ رام پنجواڻي آهن. انهن ۾ ليکي تلسياڻيءَ جي ڪهاڻي ‘منجري ڪولهڻ’ سنڌي ٻوليءَ جي هڪ شاندار ڪهاڻي آهي. انهن کان سواءِ لوڪناٿ جيٽلي جي ‘ڦندڻ مل’، ڪرشن راهيءَ جي ‘ڊولو’، نارائڻ ڀارتيءَ جي ‘اهو وقت جلد ايندو’، لعل پشپ جي ’ڏيون ۽ گونگو‘، ايشور چندر جي ‘ڇميا’، وشنو ڀاٽيا جي ‘برهم گياني’، پوپٽي هيراننداڻيءَ جي ‘ڪانتا’، گورڌن محبوباڻيءَ جي ‘سوني’، ڀارت ۾ سرجندڙ سنڌي ادب جون صاف سٿريون ڪهاڻيون آهن. ان کان سواءِ رام پنجواڻيءَ جون ڪهاڻيون به فن جي لحاظ کان الڳ حيثيت رکن ٿيون، جيڪي شخصي ۽ بيوسين تي ٻڌل آهن.
2. رومانوري دور: ورهاڱي کانپوءِ هندستان جا سنڌي ليکڪ/ ڪهاڻيڪار جيئن جيئن ٿانئيڪا ٿيندا ويا ۽ سندن اٽي، لٽي ۽ اجھي جا مسئلا گھڻي قدر حل ٿيندا ويا، تيئن تيئن زمين ۽ دنيوي سهوليتن جي حاصلات بعد ساهتڪارن ڀارت ۾ ٻين ٻولين ۾ شروع ٿيل ادبي تبديلين ۾ چاهه وٺڻ شروع ڪيو. سنڌي ليکڪ سماجوادي ويچارن جي باوجود نون رجهانن کي ويجھو ايندا ويا. هن دور ۾ ترقي پسند خيال پنهنجي ڪشش وڃائڻ لڳا، ۽ ڏيهي ۽ پرڏيهي ٻولين ۾ ادب ۽ ڪلا جون نيون ڌارائون نمودار ٿيڻ لڳيون، ايتري قدر جو روس جهڙي سماجوادي ملڪ ۾ به ادب جي لاڙن ۾ تبديلي اچڻ لڳي، جنهن جو ذڪر اليا اهرنبرگ جي Writer and His Craft مضمون ۾ به ٿيل آهي. ان جو نتيجو اهو نڪتو، جو 1958ع ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ هڪ نئون موڙ اچڻ لڳو. جنهنڪري هنديءَ سان گڏ ٻين ڀارتي ٻولين ۾ ترقي پسند ڪهاڻيءَ جي ابتڙ هڪ نئون رد عمل شروع ٿيو، ان ريت ترقي پسند ڪهاڻيءَ جو سفر سُست پئجي ويو، جنهن سان سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيو، انهيءَ خال کي ڀرڻ لاءِ سنڌي ادب ۾ رومانوي ڌارا شروع ٿي. ترقي پسند ڌارا ۾ جتي سماج جي مجموعي روپ کي ترجيع ڏني ويندي هئي، اتي هن نئين لاڙي هيٺ ڪهاڻيڪارن جو ڌيان فرد طرف ڇڪجي ويو، جنهنڪري اهي ڪهاڻيءَ ۾ فرد کي اڀاري ان دور جي سماج جي تصوير پيش ڪرڻ لڳا، هن دور ۾ سنڌي ڪهاڻي ٻاهر کان اندر هلي وئي، فرد کي اهميت ملڻ ڪري سندس خوديت ۽ اظهاريت کي اهميت ملي. مرد ۽ عورت جي تعلقاتن جا انيڪ پهلو اجاگر ٿيا، نون تشبيهن ۽ استعارن کان ڪم ورتو ويو، فن ۽ ٽيڪنڪ جا نوان تجربا ڪيا ويا. انهيءَ ڏس ۾ ايشور آنچل جي ڪهاڻيءَ ڇهاءُ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ هڪ نئون رخ آندو. 1956ع ۾ اها ڪهاڻي رومانوي دور جي ڪهاڻين جي پهرين ڪڙي آهي. ان کانپوءِ جن ڪهاڻيڪارن رومانوي ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيو، تن ۾ موهن ڪلپنا، گُنو سامتاڻي ۽ لعل پشپ هئا. هنن پنهنجي ڪهاڻين ۾ انساني وجود جي زمين دوز پاڙن کي ڦولڻ شروع ڪيو ويو. انساني رشتن جي فارمولائي (فارمل) سرشتن اڳيان سوال جون نشانيون اڀريون، ڪن اڇوتن موضوعن کي ڇڏي، ڪهاڻيءَ ۾ موضوعاتي رستو چونڊيو ويو. من جي پيچيدگين سان گڏ مذهبي اختلافن کي سڃاتو ويو ۽ اهڙا ڪردار اڀريا، جن انفراديت کي مڃرايو.
جيتوڻيڪ موهن ڪلپنا، گني سامتاڻي ۽ لعل پشپ گھڻو اڳ ۾ لکڻ شروع ڪيو هو، اهي ترقي پسند دور ۾ به لکندا رهيا، پر پوءِ هنن پنهنجو رستو بدلايو ۽ انسان جي نازڪ ۽ نفيس جذبن ۽ اندر جي ڪيفيتن جي ڇيد تي زور ڏنو. موهن ڪلپنا انهن سڀني کان اڳرو رهيو. هن لکڻ جي شروعات 1948ع کان ڪئي هئي ۽ پنهنجي پهرين ڪهاڻيءَ کي سطحي حقيقت نگاريءَ کان نجات ڏياري هئي، هن دور ۾ هن فرد جي اندر ۽ ذهني عڪاسيءَ جو واهڻ بڻايو. موهن ڪلپنا جي ڪهاڻين جا ڪيترائي مجموعا شايع ٿيا. هو هڪ رومانوي ۽ انفراديت پسند ڪهاڻيڪار رهيو، هن ڪنهن ٻئي نظريي جي دائري کي قبول نه ڪيو، سندس ڪن ڪهاڻين ۾ انسان جي بيوسيءَ جا دل ڏاريندڙ واقعا آهن ته ڪي وري زندگيءَ جي ٺوس حقيقتن کان ڀڄڻ ۽ بچڻ جو جذبو رکن ٿيون. ڪي ڪهاڻيون اميدن سان ڀريل آهن، ته ڪن ڪهاڻين ۾ جنسيات تي زور ڏنل آهي. سندس ڪهاڻيون: ‘هڪ شريف ماڻهو گاڏي ۾’، ‘پٿر جو دشمن’ ۽ ‘فيصلو’ نئين ڪهاڻيءَ جي تمام ويجھو آهن.
لعل پشپ رومانوي دور جو هڪ ٻيو اهم ڪهاڻيڪار آهي. سندس ڪهاڻيون انسان جي اندر جي دنيا جو آئينو آهن. انساني رشتن ناتن ۾ ڪجھه ٻاهران نظر ايندو آهي، پر ان کان گھڻو ڪجھه وڌيڪ من جي اندرئين تهن ۾ لڪل هوندو آهي. لعل پشپ انهن تهن ۾ لهي ڪهاڻيون لکيون آهن. سندس ڪهاڻيون ‘بوريت جو احساس’، ‘قرض جي درخواست’، ‘هڪ پڇاڙي’، ‘مشين جو هڪ پرزو’، ‘خال ئي خال’ ۽ ‘جواب جو موت’ سٺيون ڪهاڻيون آهن.
گُنو سامتاڻي رومانوي دؤر جو ٽيون اهم ڪهاڻيڪار آهي، جنهن جي ڪهاڻين تي ڪافي بحث ٿيا. گنو ڪلاسيڪي ۽ رومانوي ڪهاڻيڪار آهي، جنهن وٽ هڪڙو آدرشي رنگ آهي. سندس ڪردار حقيقي گھٽ ۽ خيالي وڌيڪ آهن. زندگيءَ کان ڏور ڏور من جي دنيا ۽ يادگيرين جي زنجير ۾ جڪڙيل. سندس ڪردار هڪ ٻيءَ دنيا جو سير ڪندي نظر ايندا آهن. گنو، خوبصورت فني نڪتن، سهڻن جملن، ڪومل ۽ من موهڻي ٻولي ۽ پنهنجي اظهار جي غضب شڪتيءَ سان پنهنجي موضوع ۽ ڪهاڻيءَ کي اڀاري ٿو. سندس ڪهاڻين جا ٻه مجموعا ڇپيل آهن، جن ۾ ‘اڀمان’ ۽ ‘اپراجتا’ شامل آهن. هتي هن حقيقت تان انڪار ممڪن ڪونهي ته رومانويت جي موضوع تي گني سامتاڻيءَ جون ڪهاڻيون سنڌي ادب جون لازوال ڪهاڻيون آهن. هن تمام گهٽ لکيو، پر هند ۽ سنڌ ۾ سندس پڙهندڙ وڏي تعداد ۾ رهيا. سندس ڪهاڻين جا ٻئي مجموعا ‘اڀمان’ ۽ ‘اپراجنا’ سنڌي ٻوليءَ جا اڻ وسرندڙ مجموعا آهن. سندس ڪهاڻي ‘وقت جي سيما’ هِن پار ۽ هُن پار هڪ شاندار ڪهاڻي آهي.
هندستان ۾ رومانوي ڪهاڻيءَ واري دؤر جا ٻيا ڪهاڻيڪار گورڌن ڀارتي، پوپٽي هيراننداڻي، ڪي ايس ٻالاڻي، ڪرشن کٽواڻي آهن. گورڌن ڀارتيءَ جي ڪهاڻي سوني تمام مشهور ڪهاڻي آهي، سندس ڪهاڻين جا مجموعا ‘پيلو چنڊ- لال داغ’، ‘پانڌي پراڻو’ ۽ ‘واٽ نئين’ آهن. پوپٽي هيراننداڻيءَ جي ‘ڪانتا’، ڪي ايس ٻالاڻيءَ جي ‘پريا ۽ ڪرانتي’ اڻ وسرندڙ ڪهاڻيون آهن. ڪرشن کٽواڻيءَ جي رومانوي ڪهاڻي ‘ٻڌو’ هڪ شاهڪار ڪهاڻي آهي. پوپٽيءَ جي ڪهاڻين جا ڪيترا مجموعا ڇپيل آهن، جن ۾ رنگين زماني جون غمگين ڪهاڻيون، پڪار (1953ع)، ڪلي گلاب جي، ساغر شراب جو (1967ع)، مون تو کي پيار ڪيو (1973)، خزان جو دور پورو ٿيو (1976ع)، زندگي نه ڪوتا نه ڪهاڻي (1985ع)، هِت توهين هُت اسين (1988)، زندگيءَ جي ڦوٽڙي (1993) ۽ سُرهي مشڪ (1996ع) شامل آهن.
نئين ڪهاڻي/جديد دؤر: سال 1965ع ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ٻين ڀارتي ٻولين جي ڪهاڻين جيان غير سماجي جذبا، جنسيات، نا اميدين، ڪشش، گڻواد ۽ مقرر جيون ڌارائن ڏانهن غير يقينيءَ جو اظهار ٿيڻ لڳو، ٻن عالمي جنگين جي زير اثر جيڪي حالتون پيدا ٿيون، تن ماڻهوءَ کي ڏکائي ڇڏيو، مشيني دور آيو، جنهن جذباتي شخص ماڻهوءَ کي سماج کان ڪٽي بيگانو ۽ اجنبي بڻائي ڇڏيو، جذباتي ماڻهو اڪيلائيءَ جو احساس سبب مري ۽ جي رهيو هو، اهڙين ڪيفيتن کي کڻي لکي ويندڙ ڪهاڻيءَ کي ’نئين ڪهاڻيءَ‘ جو نالو ڏنو ويو. مطلب ته 1965ع واري دور ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ اهڙو موڙ آيو، جنهنڪري جديد ڪهاڻي پنهنجي روپ ۾ اڳئين ڪهاڻيءَ کان الڳ ٿي وئي.
19هين صديءَ جي انگلنڊ جي هنري انقلاب دنيا ۾ تڪڙو هنري ڦيرو آندو، آهستي آهستي سماجي رخ بدلجڻ لڳا، ننڍا ڳوٺ خالي ٿيڻ لڳا، وڏا شهر وسڻ لڳا، گڏيل ڪٽنب وارو رواج ٽٽڻ لڳو، ماڻهوءَ جو مستقبل مان وشواس ختم ٿيڻ لڳو. جڏهن سماج ۽ سياست ۾ نيون حالتون پيدا ٿيون، تڏهن ادب به نئون رخ اختيار ڪرڻ شروع ڪيو. نئين نموني لکيل انهن ڪهاڻين کي ‘نئين ڪهاڻي’ يا ‘اڪهاڻي’ سڏيو ويو. هن زماني ۾ ڪهاڻيڪار جو تاريخ، ڌرم، سياست، ڪٽنب، خاندان، ريتن رسمن ۽ پراڻن جيون ملهن ۽ رواجن مان يقين نڪرندو ويو، اهي رشتن ناتن جي کوکلائپ، راڄنيتيءَ جي فريبي چالبازين، نعرن جي آڙ ۾ ٿيندڙ مفادن سرڪاري غلط پاليسن کي محسوس ڪرڻ لڳا، نئين دؤر جو ڪهاڻيڪار پنهنجي تشخص جي تلاش ۾ ڀٽڪڻ لڳو. جديد دؤر جو ڪهاڻيڪار ڪنهن کي ڪهاڻي ٻڌائڻ بدران پنهنجو پاڻ کي سمجھڻ جي ڪوشش ۾ سرگردان ٿي ويو. جديد زماني ۾ گيان ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي اچڻ ڪري انسان جي ٻاهرين پسگردائيءَ ۾ جيڪي تڪڙيون تبديليون آيون، تن ۾ ڪهاڻيڪارن جي ويچار ۽ وهنوار ۾ به ڪافي ڦيرو آيو. هندستان جي سماج ۾ ٽيڪنالاجي جي ٻهروپي ۽ زبردست ترقيءَ واري دؤر ۾ ماڻهو جتي پنهنجي ماضيءَ کان ڪٽجي ويو، اتي مستقبل به سندس وس کان ٻاهر جي شيءِ بڻجي پيو. ان ڪري هو حال ۾ ئي جيئڻ لڳو. شين کي ڏسڻ، سمجھڻ ۽ زندگيءَ کي جيئڻ جا بنيادي طور طريقا ئي بدلجي ويا. نئين ڪهاڻي/ اڪهاڻي غير سماجي ڀاؤنائن، جنس جي آزادي ڏانهن لاڙو، ڪٽنب جي بدليل معنيٰ، شادي شده زندگيءَ جو نئون روپ، نا اميدي، ريتن جي مخالفت، شهري زندگيءَ ۾ دهراءَ جي بوريت، بي سلامتي ۽ ٻيا ڪيترائي عنصر هئا، جن کي ڪهاڻيڪارن ڇهڻ جي ڪوشش ڪئي. نئين ڪهاڻي ۾ موهن ڪلپنا، گني سامتياڻي ۽ لعل پشپ جي جاءِ تي ايشور چندر، وشنو ڀاٽيا ۽ شيام جئسنگهاڻيءَ ڪهاڻيون لکيون ۽ سندن ڪهاڻين جو چرچو ٿيڻ لڳو. ائين جديد ڪهاڻيءَ تي هستي واد فلسفي جو به ڪجهه وقت اثر رهيو.
جديد ڪهاڻيڪار لال پشپ جو چوڻ آهي ته نئين ڪهاڻيءَ جي نسبت ڪي غلط ڳالهيون ڄمي ويون آهن ۽ نئين ۽ پراڻي ليکڪ ۾ جديد ۽ سم ڪالين (همعصر) ڪهاڻين ۾ ڪو فرق نه ٿو رکيو وڃي. حقيقت اها آهي ته جهونو ليکڪ به نئين ڪهاڻي لکي سگهي ٿو، ۽ نئون ڪهاڻي نويس به جهوني ڪهاڻي لکي سگهي ٿو. جهوني ۽ نئين پيڙهيءَ جو عمر سان ڪو واسطو ڪونهي.
ان حوالي سان شيام جئسنگھاڻيءَ جو چوڻ آهي ته 80 واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ فن ۽ مواد جي لحاظ کان روايت کان هٽي ڪنارا ٽوڙيندي، نيون علامتون، نوان اميجز، نوان ميٽفرس (استعارا)، نيون ٽيڪنڪس اپنائيندي، بدليل ڌارائن کان واقف ڪهاڻيڪارن سنڌي ڪهاڻيءَ کي بلڪل بدلائي ڇڏيو.
ايشور چندر، وشنو ڀاٽيا، شيام جئسنگهاڻي، آنند کيماڻي، هريش واسواڻي، لعل پشپ، شيام جئسنگهاڻي پنهنجي پوين ڪهاڻين ۾ نئين ڪهاڻيءَ کي پڻ هنڊايو ۽ اَڪهاڻي لکي. ان کانسواءِ پريم پرڪاش، موهن ديپ، برج موهن، گورڌن تنواڻي، نند لعل، موتي لعل جوتواڻي، تيرٿ چانڊواڻي، پرم ابيچنداڻي، ناري ڀرم وغيره نئين ڪهاڻي ۽ اڪهاڻيءَ جا ڳڻپ ۾ ايندڙ نالا آهن. موتي لعل جي ڪهاڻين جي مجموعن ۾ ‘سڃاڻپ جو سنڪٽ’، ‘نئين سري کان’، ‘ڪجهه آپ بيتي ڪجهه جڳ بيتي’ شامل آهن. ان کانسواءِ اڳئين دور جي ڪهاڻيڪارن به نئين ڪهاڻي لکي، جن ۾ سندري اتمچنداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، پوپٽي هيراننداڻي، ڪرشن کٽواڻي، موهن ڪلپنا، گنو سامتاڻي شامل آهن. هن دور ۾ آنند ٽهلراماڻي، هري همٿاڻي، ريٽا شاهاڻي، هوندراج بلواڻي، ڀڳوان ٽلواڻي، جينت ريلواڻي، ستيش روهڙا ۽ لڇمڻ ڀمڀاڻيءَ جهڙن ڪهاڻيڪارن ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ڏنيون.
ايشور چندر نئين پيڙهيءَ جو هڪ اهم ڪهاڻيڪار آهي. سندس ڪهاڻيون ‘ريلوي پليٽ فارم تي مئل ماڪوڙو’، ‘ڪجھه به نه’، ‘نه مرڻ جو ڏک’، ‘پنهنجي ئي گھر ۾’ مشهور ڪهاڻيون آهن. وشنو ڀاٽيا 1959ع کان ڪهاڻيون لکندو آيو، سندس ڪهاڻين جا مجموعا ‘دل جي بستي’، ‘سمرتين جو صبح’، ‘چندر مکي’، ‘ٽٽل عڪسن جو جوڙ’، ‘سج جا ٽڪرا’ مشهور آهن.
وشنو ڀاٽيا جنسي موضوعن تي ڪافي ڪهاڻيون لکيون آهن. سندس ڪهاڻين ۾ ‘ويچارو’، ‘ٽٽل عڪس جو جوڙ’، ‘آئينو ۽ جهرڪي’، ‘اڪيلائپ’ اهم آهن، جڏهن ته سنگ مرمر ۽ ريشمي ڪپهه جهڙي لاجواب ڪهاڻي لکي اڪهاڻيءَ جي شروعات ڪئي.
شيام جئسنگھاڻي پنهنجي فن جي پختگي، سهڻي عبارت ۽ ماحول جي ڪامياب عڪاسي سبب نئين پيڙهيءَ جي ڪهاڻيڪارن ۾ چڱو درجو حاصل ڪيو. سندس ڪهاڻين جا ٻه مجموعا ‘ننگو آسمان’ 1968ع ۾ ۽ ‘ٺونگو’ 1970ع ۾ شايع ٿيا. ان کان سواءِ ‘زندهه مڇي’ به سندس ڪهاڻين جو مجموعو ڇپيل آهي. تنهن کان سواءِ سندس ڪهاڻين جو گڏيل ڪتاب ‘شيام جئسنگهاڻيءَ جون ڪهاڻيون’ به شايع ٿيل آهن. نئين ڪهاڻيءَ ۾ سندس ڪهاڻي ‘ويچار’ سٺي ڪهاڻي آهي. ان کان سواءِ ‘وڇوٽيءَ ۾ ڇلانگ’، ‘ارادو’، ‘جڏهن ۽ جيئڻ ڏيو’، ‘پنهنجي ئي ڪنهن حصي جي ڳولا’ سٺيون ڪهاڻيون آهن.
آنند کيماڻي نئين ڪهاڻيءَ جو اهو ڪهاڻيڪار آهي، جنهن نئين دور کي سمجھڻ، پرکڻ ۽ ڪهاڻين ذريعي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس ڪهاڻين ۾ ‘ديوتا’، ‘ٽڪرا ٽڪرا’، ‘هڪ اليڪٽرڪ سلام’، ‘نومبر جي آخري رات’، ‘هڪ نئين شروعات’، ‘احساس جو موت’ ۽ ‘پيلي ماس جو ٽڪر’ شامل آهن. سندس ڪهاڻيون پڻ جنسيت جي ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ ڪهاڻيون آهن.
هريش واسواڻي به نئين ڪهاڻيءَ جي حوالي سان اهم نالو آهي. سندس ڪهاڻين جو مجموعو ‘40-80’ شايع ٿيل آهي. سندس شروعاتي ڪهاڻين ۾ ڇيد واريون ڪهاڻيون آهن. وٽس نئين ڍنگ سان چوڻ جو ڏانءُ آهي ۽ وٽس موزون تشبيهن جو استعمال آهي. سندس ساراهيل ڪهاڻين ۾ ‘هڪ جذبي ۽ ڏينهن جو موت’، ‘آوي آف لائيف’، ‘هڪ عدد عورت’ ۽ ‘ساکياتڪار’ وغيره شامل آهن.
ان کانسواءِ هيري شيوڪاڻيءَ جي ‘هڪ پيءُ جو پورٽيٽ’، برج موهن جي ‘ڳيچ’، موهن ديپ جي ‘رڍون’، نندلعل جي ‘سهيوڳي’، پريم پرڪاش جي ‘ولين’، گورڌن تنواڻيءَ جي ‘روز’ به نئين دور جي ڪهاڻيءَ جي لحاظ کان قابل ذڪر ڪهاڻيون آهن. ان کان سواءِ لکمي کلاڻيءَ جون ڪهاڻيون به سنڌي ٻوليءَ جون منفرد ڪهاڻيون آهن.
نئين دور جي ڪهاڻين ۾ ڪجھه ڪهاڻيڪارن ڪهاڻي ڪلا جي نون ماڻن جو اظهار ڪهاڻيءَ ذريعي ڪيو. انهن ۾ موتي لعل جوتواڻي، تيرٿ چانڊواڻي، پرم اڀيچنداڻي، نامديو تاراچنداڻي، ستيش روهڙا، هوندراج بلواڻي شامل آهن. پر هڪ ڳالهه تنقيد ڪندڙن جي وزنائتي محسوس ٿئي ٿي ته هند ۾ هريش واسواڻيءَ کان پريم پرڪاش تائين لکڻ جو ڍنگ ۽ انداز ساڳيو رهيو. برک ليکڪ هريش واسواڻي چواڻي ته، “سنڌيءَ ۾ ڪن نون ليکڪن هڪ قسم جي ٻولي گهڙي ورتي ۽ هڪ لهجو جاري ڪيو آهي، جيڪو اَڪهاڻيءَ جي آتما بدران ان جي جسم جو اظهار بنجي پيو آهي.”
سنڌي ڪهاڻيءَ جا مجموعا وڏي تعداد ۾ ڇپجندا رهيا آهن، انهن مان ڪي اهڙا مجموعا به آهن، جيڪي ڪيترا ڀيرا شايع ٿيا آهن.
سنڌي ڪهاڻين جي ڇپيل ڪتابن جو وچور ورهاڱي کان اڳ کان وٺي اڄ تائين هيٺ ڏجي ٿو [مليل معلومات موجب هي لسٽ ڏني وئي آهي، ڪافي ڪتاب رهجي ويا هوندا]:
1. حر مکيءَ جا، لالچند امرڏنو مل: 1914ع
2. چمڙا پوش جون آکاڻيون، ڄيٺمل پرسرام: 1923ع
3. پنج، عثمان علي انصاري، 1937ع
4. ناسُور، چوهڙ مل هندوجا، 1941ع
5. سرد آهون، گوبند پنجابي: 1942ع
6. ريگستاني ڦول (ڪهاڻيون)، ترتيب: گوبند مالهي: 1944ع
7. پرهه ڦٽي (ڪهاڻيون)، ترتيب: گوبند مالهي: 1945ع
8. بنگالي ڪهاڻيون، ترجمو: ڀڳوان آءِ شهاڻي: 1946ع
9. ڦڙڪ (ڪهاڻيون)، ترتيب: آنند گولاڻي: 1946ع
10. سنڌي ڪهاڻيون (ترتيب): بهاري لال ڇاٻڙيا، 1947ع
11. اسان جي سنڌ، ڪهاڻيون: مرتب: شيخ اياز: 1947ع
12. شهيد وفا: محمد عيسيٰ نظاماڻي، 1947ع
13. سفيد وحشي: شيخ اياز، 1947ع
14. انجامِ الفت، رضا حيدرآبادي، 1947ع
15. چـرتـر هـيـڻ، بي. ايل هنڱوراڻي، 1947ع
16. ڪاري، اسير ڪلياڻي، 1947ع
17. مجموعه درد، الطاف قادري، 1947ع
18. کيهه کٿوري، ع. ق شيخ، 1950ع
19. هاري، حيدر بخش جتوئي/ الهداد خان، 1950ع
20. چار داڻا (ترجمو)، ابن حيات پنهور، 1951ع
21. جديد ڪهاڻيون، مقبول صديقي، 1952ع
22. پنهل کانپوءِ، شيخ اياز، 1952ع
23. ڊاڪ بنگلو، شيخ عبدالرزاق راز، 1952ع
24. بک ۽ بيماري، راز بلڙائي، 1952ع
25. شادي، غلام حيدر گبول، 1952ع
26. اوڇنگارون، فيض محمد فيض، 1952ع
27. شيرين، فدا سرهيو، 1952ع
28. موت وڇوڙو نٿو آڻي، گوپالداس واڌومل، 1952ع
29. چـور، غلام علي الانا، 1952ع
30. ڪروڙ پتي، ابن حيات پنهور، 1952ع
31. بي وفا دوست، رسول بخش ‘خمار’، 1952ع
32. اجنبي، بشير احمد مورياڻي، 1952ع
33. هڪ غريب خدا جي درٻار ۾، جوهر، 1952ع
34. قيمتي آنسو، عبدالحئي قريشي، 1952ع
35. پڪار، پوپٽي هيراننداڻي، 1953ع
36. رنگين زماني جون رنگين ڪهاڻيون، پوپٽي هيراننداڻي، 1953ع
37. بلو دادا، اياز قادري، 1956ع
38. هوءَ، ڪيرت ٻاٻاڻي، 1956ع
39. اباڻو گهر، عبدالجبار شام، 1956ع
40. شڪست، پريتم هنڱوراڻي، 1957ع
41. نازان، جيوت چاولا، 1958ع
42. وشواس اَوشواس، لعل پشپ: 1958ع
43. شڪسته حال شهزاديون، احمد خان آصف، 1958ع
44. سيمي، حميد سنڌي، 1958ع
45. چونڊ آمريڪي افسانا (ترجمو)، سراج الحق ميمڻ، 1958ع
46. آمريڪي لوڪ ڪهاڻيون، علي بخش ميمڻ، 1958ع
47. پشو پاشا، جمال ابڙو، 1959ع
48. آرزو ۽ دل، احمد خان آصف، 1959ع
49. پهريون قدم، طارق اشرف، 1960ع
50. آب حيات، غلام رباني آگرو، 1960ع
51. چريو، ڪشنچند ڀارواڻي، 1960ع
52. سورج مکي، گوبند پنجابي، 1960ع
53. خط جو جواب، عبدالستار لغاري، 1960ع
54. ست سال قيد، قاضي غلام رسول، 1960ع
55. ٽٽل تارون، قمرالدين مجذوب، 1960ع
56. عبرت ڪده (ڀاڱو پهريون)، ابراهيم خليل، 1961ع
57. اي درد هلي آءٌ، سراج ميمڻ، 1961ع
58. موهي نر موهي: موهن ڪلپنا، 1961ع
59. لاٽ ٻرندي رهي، نثار حسيني، 1961ع
60. ٽٽل تارون: ڪرشن کٽواڻي، 1961ع
61. تنهنجون منهنجون ڳالهيون (ترتيب)، شمشير الحيدري، 1961ع
62. محصور، ڪاظم علي، 1961ع
63. راحت، غلام حسين شاد، 1961ع
64. عبرت ڪده (ڀاڱو ٻيو)، ابراهيم خليل: 1962ع
65. مهراڻ جون ڇوليون (ترتيب)، ثميره زرين، 1962ع
66. اي درد هلي آءُ، سراج، 1962ع
67. چنڊ جا تمنائي، آغا سليم، 1962ع
68. هڪ تصوير ٻه پاسا، جڳديش لڇاڻي، 1962ع
69. گهڙي گهڙي هڪ گهاءُ، رشيد ڀٽي، 1963ع
70. ننگا کيت- هڪ رات، نند جويري، 1963ع
71. اکڙيون اڃايون، محمد دائود بلوچ، 1963ع
72. بانو، عبدالرحيم ابڙو، 1963ع
73. پيرن سنديون پاٽيون، عبدالقيوم صائب، 1963ع
74. ڦوڳ ڦلاريا، عبدالقيوم صائب، 1963ع
75. توکي ساري ساهه، ابن حيات پنهور، 1964ع
76. چاندني ۽ زهر، موهن ڪلپنا: 1964ع
77. اداس واديون، حميد سنڌي، 1964ع
78. انصاف ڪٿي آهي؟، محمد دائود بلوچ: 1964ع
79. سپنا ۽ سڏڪا، لڇمڻ ڀمڀاڻي، 1964ع
80. نئون شهر، غلام علي مغل: 1964ع
81. وندري ۽ ٻيون ڪهاڻيون، ڪرشن کٽواڻي: 1964ع
82. ساگر سپون، نذير انصاري، 1964ع
83. پانڌي، منير گوزائي، 1964ع
84. چمڙي جا واپاري (افسانا): نور عباسي: 1964ع
85. آليون پلڪون اداس نيڻ، جينت ريلواڻي، 1965ع
86. ٻنڌن ۽ نرماڻ، لعل پشپ: 1965ع
87. دل جي بستي، وشنو ڀاٽيا، 1965ع
88. آئينو ۽ عڪس، تارا ميرچنداڻي، 1965ع
89. اڇا وار ڳاڙها گل: سندري اتمچنداڻي، 1965ع
90. چانڊوڪي ۽ زهر، موهن ڪلپنا، 1965ع
91. اڀمان، وشنو ڀاٽيا، 1965ع
92. چندر مکي، وشنو ڀاٽيا، 1965ع
93. جو درد دل ۾ سمائجي نه سگهيو، ڪيرت ٻاٻاڻي، 1966ع
94. دنيا جا عظيم افسانا (ترجمو: پهريون ڀاڱو)، رشيد ڀٽي، 1966ع
95. فرشتن جي دنيا، موهن ڪلپنا: 1966ع
96. شبنم شبنم ڪنول ڪنول، نسيم کرل، 1966ع
97. رات جا نيڻ، غلام نبي مغل، 1966ع
98. ڏٺل عڪس جو جوڙ، وشنو ڀاٽيا، 1966ع
99. ديس ديس جون ڪهاڻيون (ترتيب)، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، 1966ع
100. مئل ماڪوڙو، ايشور چندر، 1966ع
101. واريءَ جا محل، لعل پشپ: 1966ع
102. دائرو: لعل پشپ، 1966ع
103. پنر ملن، لعل پشپ: 1966ع
104. رٻڙ جي گڏي، تارا ميرچنداڻي، 1966ع
105. ننگو آسمان، شيام جئسنگاڻي، 1967ع
106. ڪلي گلاب جي، ساغر شراب جو: پوپٽي هيراننداڻي، 1967ع
107. برساتي بوندون، عبدالرحيم ابڙو، 1967ع
108. سندي سڪ پرين، غالب لطيف، 1967ع
109. جوانيءَ جا چار ڏينهن، چترو ناگپال، 1967ع
110. حويليءَ جا راز: منير احمد ماڻڪ، 1967ع
111. کنڊهر (ترتيب)، شيام جئسنگهاڻي، 1968ع
112. پاپ جي مايا (ڪهاڻيون)، سنتداس جهانگياڻي، 1968ع
113. زميندار (افسانا): حيدر شاهه حيدر: 1968ع
114. دنيا جا عظيم افسانا: مراد علي مرزا، 1968ع
115. دل ۾ درد هزار، ثميره زرين، 1968ع
116. دل جي دنيا، امر جليل، 1969ع
117. طوفان جي تمنا، نجم عباسي، 1969ع
118. پنڌن جا پيچرا، جينت ريلواڻي، 1969ع
119. سمرتين جو سج، وشنو ڀاٽيا، 1969ع
120. ڇويهه ماڻهو هڪ ڇوڪري (ترجمو)، اي. جي. اتم، 1969ع
121. ويرون ۽ لهرون، غلام رسول ڪلهوڙو، 1969ع
122. طوفان جي تمنا، نجم عباسي، 1969ع
123. رات جا نيڻ، غلام نبي مغل: 1969ع
124. لهندڙ سج جي لام، عبدالحق عالماڻي، 1970ع
125. خال ئي خال، لعل پشپ: 1970ع
126. ٺونگو: شيام جئسنگاڻي، 1970ع
127. چاندي جون تارون، ماهتاب محبوب، 1970ع
128. تو جنين جي تات، سندري اتمچنداڻي، 1970ع
129. اپراجتا، گنو سامتاڻي: 1970ع
130. چند هنگاما، بيدل مسرور، 1970ع
131. آخري ڳوڙهي ڳاڙڻ لاءِ، ليليٰ بانو، 1970ع
132. ڏوراپو، نديم قاضي، 1970ع
133. انڀؤ کان ٻاهر، لڇمڻ ڀمڀاڻي، 1970ع
134. جڏهن مان نه هوندس، امر جليل، 1971ع
135. ڪشمڪش، اي. جي. اتم، 1971ع
136. جيئي سنڌ (سنڌي ڪهاڻيون)، مرتب: اي. جي. اتم: 1971ع
137. گيت اڃايل مورن جا، ثميره زرين، 1971ع
138. ڪاٺ جي سانچي ۾، ڪي. ايس ٻالاڻي: 1971ع
139. سمرتين جي زنجير، ڀڳوان ٽلواڻي، 1971ع
140. رت جا ڳوڙها: منصور ويراڳي، 1971ع
141. مرڪ ۽ ممتا، ڪلا پرڪاش، 1972ع
142. پيار جي گهُٽ، الطاف شيخ، 1972ع
143. ڪاڪ محل (ترتيب)، بيدل مسرور، 1972ع
144. سنڌ جون پراسرار ڪهاڻيون، شيخ عزيز، 1972ع
145. پاڪستان ۾ هڪ اجنبي، نظير شيخ، 1972ع
146. چوٽيهون در، نسيم کرل، 1973ع
147. مٺڙي تو نه سڃاتو، ڪرشن کٽواڻي: 1973ع
148. پنهنجي ئي گهر ۾: ايشور چندر، 1973ع
149. واٽون، راتيون ۽ رول، عبدالقادر جوڻيجو، 1973ع
150. پٿر تي ليڪو، نجم عباسي 1973ع
151. اجهاڻل آس: مشتاق باگاڻي: 1973ع
152. پرهه کان پهرين، ماهتاب محبوب، 1973ع
153. سرحد پار جون آکاڻيون، مرتب: نبي بخش کوسو، 1973ع
154. سنڌي قومي ڪهاڻيون، مرتب: امداد محمد شاهه، 1973ع
155. امر سنڌي ڪهاڻيون، مرتب: نبي بخش کوسو، 1973ع
156. سج جا ٽڪرا، وشنو ڀاٽيا، 1973ع
157. شهناز، پوپٽي هيراننداڻي، 1973ع
158. سنڌو ديش جون ڪهاڻيون، مرتب: اي. جي. اتم، 1973ع
159. دونهاٽيل زندگي، سليم ڪورائي، 1974ع
160. ... ۽ سنڌو وهندو رهيو: قبول ابڙو، 1974ع
161. مون توکي پيار ڪيو، پوپٽي هيراننداڻي، 1975ع
162. سڄڻ، سڪ ۽ سُور، رشيد آخوند، 1975ع
163. زندگي ۽ ڪئڪٽس، هيرو شيوڪاڻي، 1975ع
164. پشو پاشا: جمال ابڙو، 1976ع
165. روپ انوپ، رحمان جعفري، 1976ع
166. قرض جي درخواست، لعل پشپ، 1976ع
167. ساگر جي لهرين تي، حفيظ شيخ، 1976ع
168. خزان جو دور پورو ٿيو، پوپٽي هيراننداڻي، 1976ع
169. چونڊ سنڌي افسانا (ترتيب)، غلام علي الانا، 1976ع
170. ماضيءَ جا ڌنڌلا عڪس، ڄيٺو لالواڻي، 1976ع
171. تنهنجا منهنجا تجربا: پروفيسر رام پنجواڻي، 1976ع
172. ڪارو ڪارونڀار، عبدالحق عالماڻي، 1976ع
173. رڃ ۽ پڙاڏو، ماڻڪ، 1976ع
174. ساگر جي لهرن تي، حفيظ شيخ، 1976ع
175. ڪشمڪش، سليم ڪورائي، 1976ع
176. حليم شو، عبدالحليم بروهي، 1976ع
177. چونڊ افسانا ۽ ڪهاڻيون، اسدالله ڀٽو، 1976ع
178. نڪور ڪهاڻيون، اسلم لغاري، 1977ع
179. ارچنا رچنا: هري همٿاڻي، 1977ع
180. حليما: آسانند مامتورا: 1977ع
181. بلو دادا، اياز قادري: 1977ع
182. ولين، پريم پرڪاش: 1977ع
183. افق جي دوري (ترتيب)، شيام جئسنگاڻي: 1977ع
184. انڊلٺ ريکا، مرتب: سراج جوکيو، 1977ع
185. هڪ ٻيو ورهاڱو، جهمون ڇڳاڻي، 1977ع
186. گهٽيل خواهشون، زيب سنڌي، 1977ع
187. زندگيءَ جو وهڪرو، ممتاز مهر، 1977ع
188. انسان جي ڳولا، رفيق سومرو، 1977ع
189. ٽيهن سالن جون چونڊ ڪهاڻيون (ترتيب)، طارق اشرف، 1977ع
190. امن جي نالي: رسول ميمڻ، 1977ع
191. ڳنوارڻ: آسا نند مامتورا، 1978ع
192. ٿڪل جذبن جو موت، مشتاق شورو، 1978ع
193. سانجهيءَ جا پاڇولا، آنند ٽهلراماڻي: 1978ع
194. ٿڌا چپ، ايشور چندر، 1979ع
195. ٽٽل انسان، مرتب: عزيز راهي: 1980ع
196. امرت منجهه ڪڙاڻ، تنوير جوڻيجو: 1978ع
197. ڦهلجندڙ ريگستان، هيرڪانت، 1978ع
198. سُڻي تنهنجو سڏ، علي محمد پرويز، 1978ع
199. ناچڻي، نجم عباسي، 1978ع
200. تخليق جو موت، خير النساءَ جعفري، 1978ع
201. زندگي جو تنها مسافر، طارق اشرف، 1978ع
202. رات منهنجي روح ۾، غلام نبي مغل، 1978ع
203. همعصر ادب (ڪهاڻيون، شاعري ۽ مضمون)، طارق اشرف، 1978ع
204. اکڙيون آسر وند، فتاح عابد، 1978ع
205. ڦهلجندڙ ريگستان، هريڪانت، 1978ع
206. هن ديس جون ڪهاڻيون، نظام عباسي، 1978ع
207. مون کي مڙس نه کپي، قبول ابڙو، 1978ع
208. پرڏيهي ڪهاڻيون (ترتيب)، پريم نانڪ رام، 1978ع
209. بهترين ڪهاڻيڪارن جون بهترين ڪهاڻيون (ترتيب)، طارق اشرف ۽ جهانگير، 1978ع
210. ٽيهن سالن جون چونڊ ڪهاڻيون (ڀاڱو ٻيو)، طارق اشرف، 1978ع
211. گهرا گهرا گهاؤ، ظفر عباسي، 1979ع
212. دوکو، نجم عباسي: 1979ع
213. چورايل خوشيءَ جو سک، گوپ ڪمل: 1979ع
214. ڀوري، سندري اتمچنداڻي، 1979ع
215. نئين زماني ۾ ڪوئو، ايشور چندر، 1979ع
216. هڪ دور جو ماتم، انور جوکيو، 1979ع
217. لڙڪ ۽ سپنا، مقبول انجم ميمڻ، 1979ع
218. اکيون ميگهه ملهار، خديجه شيخ، 1979ع
219. تنهنجو ڀاڳ منهنجو ڀاڳ، محمد دائود بلوچ، 1979ع
220. وري شل ٻيڙي ٻڏي، محمد دائود بلوچ، 1979ع
221. پل تي ويٺل هڪ نوجوان، ڪيهر شوڪت، 1979ع
222. ڪافر ديوتا، رسول ميمڻ، 1979ع
223. حياتي هوتن ري، ڪلا پرڪاش: 1979ع
224. مٺي مراد، ماهتاب محبوب، 1979ع
225. پن ڇڻ کانپوءِ، شرجيل، 1979ع
226. سامائي ته سک ويا، نيلوفر جويو، 1980ع
227. چوٽيهون در (ٻيو ڇاپو)، نسيم کرل، 1980ع
228. هوءَ موٽي آئي، گوبند پنجابي، 1980ع
229. رات، سانت ۽ سوچون، طارق عالم ابڙو، 1980ع
230. ڪهاڻي نمبر (ترتيب)، محمد دائود بلوچ، 1980ع
231. هوءَ موٽي آئي، گوبند پنجابي، 1980ع
232. يادگار ڪهاڻيون (ترتيب)، طارق اشرف، 1980ع
233. ٽين دنيا جون ڪهاڻيون، ترتيب: ولي رام ولڀ، 1980ع
234. ماڻهوءَ جو ڀاڳ، محمد ابراهيم جويو، 1980ع
235. پکيئڙا پرڏيهه ۾، ڀڳوان ٽلواڻي، 1980ع
236. اڪيلي، ڪرشن کٽواڻي: 1980ع
237. پرديسڻ، ڪرشن کٽواڻي: 1980ع
238. سنڌي چونڊ ڪهاڻيون (ڀاڱو ٻيو) مرتب: ڪرشن کٽواڻي، گنو سامتاڻي ۽ هريش واسواڻي: 1980ع
239. سميتا، ڪيرت مهرچنداڻي، 1980ع
240. دل اندر درياوَ، مدد علي سنڌي، 1980ع
241. جلاوطن، نورالهديٰ شاهه، 1980ع
242. پاڙي ناهي پروڙ، بادل جمالي، 1980ع
243. ڏٺم اڻ ڏٺل، نجم عباسي، 1980ع
244. سهائيءَ جي سوڀ:رسول بخش درس'> رسول بخش درس، 1980ع
245. ... ۽ شباب لٽجندو رهيو: عزيز مگسي، 1980ع
246. 40- 80 (ڪهاڻيون): هريش واسواڻي، 1980ع
247. گونگي ڌرتي ٻوڙو آڪاس، شوڪت شورو، 1981ع
248. آءٌ اهائي مارئي: ثميره زرين: 1981ع
249. ويريون: حميد سنڌي، 1981ع
250. رات، سانت ۽ سوچون، طارق عالم ابڙو، 1981ع
251. ماڻهو، تيرٿ وسنت: 1981ع
252. چونڊ سنڌي ڪهاڻيون (ترتيب)، بادل جمالي، 1981ع
253. ڇهه انام ڪهاڻيون: ماڻڪ، 1981ع
254. ادو عبدالرحمان، امر لعل هڱوراڻي، 1981ع
255. پئي جن پروڙ، ابن حيات پنهور، 1981ع
256. زندگي درد جي ٻانهن ۾، زيب سنڌي، 1981ع
257. سمنڊ اپسمنڊ، قاضي خادم، 1981ع
258. چچريل زندگين جا قافلا، رسول ميمڻ، 1981ع
259. اها شام، موهن ڪلپنا، 1981ع
260. بند دروازو، لکمي کلاڻي: 1981ع
261. نه ڪر هار سينگار سکي، عبدالجبار جوڻيجو، 1981ع
262. موٽي آيل ماضي، ايشور چندر، 1981ع
263. پيار جو آئينو، وشنو ڀاٽيا: 1981ع
264. رهيل قرض، ظفر حسن، 1981ع
265. ڪربلا، نورالهديٰ شاهه، 1981ع
266. ٽٽل شيشا ۽ آڱريون، نور گهلو، 1981ع
267. رشتا ناتا، نجم عباسي، 1981ع
268. چونڊ شاهڪار ڪهاڻيون (ترتيب)، ڊاڪٽر عاشق حسين، 1981ع
269. ويرون، حميد سنڌي، 1981ع
270. موهن جي دڙي جو خزانو (ترجمو ۽ ترتيب)، زيب سنڌي، 1981ع
271. عيبن هاڻي، تنوير جوڻيجو: 1981ع
272. ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون، محمود مغل، 1982ع
273. پوسٽ مارٽم، ڄيٺو لالواڻي، 1982ع
274. ڪهاڻي نمبر، محمد دائود بلوچ، 1982ع
275. پولار، رعنا شفيق، 1982ع
276. درد جا ڏينهن درد جون راتيون، طارق اشرف، 1982ع
277. اڪيلا نه آهيون، نجم عباسي، 1982ع
278. سورج هوندي مرجهايل، نجم عباسي، 1982ع
279. طوفان جي تمنا (ٻيو ڇاپو)، نجم عباسي، 1982ع
280. خدا ڏي خط (ترجمو)، الطاف شيخ، 1982ع
281. روم ۾ هڪ رات، چترو ناگپال، 1982ع
282. ارپنا: آفتاب نظاماڻي، 1982ع
283. کليل آڪاس ۽ اڪيلو ماڻهو: لائق سنڌي، اشرف نانهيون، منظور مگسي، 1982ع
284. ٻنڌڻ، سندر اتمچنداڻي، 1982ع
285. قلندر (قرة العين جون ڪهاڻيون)، مترجم: مدد علي سنڌي: 1982ع
286. دي گيم، وشنو ڀاٽيا، 1982ع
287. سڀاڻي ڇا ٿيندو؟، نواز علي سمون: 1982ع
288. پوسٽ مارٽم، ڄيٺو لالواڻي، 1982ع
289. سڪون ڪٿي آهي، رزاق مهر، 1983ع
290. ڌرتيءَ ڌڪاڻا، علي بابا: 1983ع
291. ٿڪل سُريت (ترجمو)، البرٽو موراويا/ ولي رام ولڀ، 1983ع
292. پٿر دل (ترتيب): زيب سنڌي، 1983ع
293. سامائيءَ تان سُک ويا: نيلوفر جويو، 1983ع
294. ميلن جو سفر، شيام جئسنگاڻي، 1983ع
295. منهنجو ڏَس آسمان کان پڇو، امر جليل: 1983ع
296. تاريخ جو ڪفن، امر جليل، 1983ع
297. قمر شهباز جون چونڊ ڪهاڻيون، قمر شهباز، 1983ع
298. للڪار، نجم عباسي، 1983ع
299. اکين ۾ ٽنگيل سپنا، شوڪت شورو: 1983ع
300. پٿر تي ليڪو، نجم عباسي: 1983ع
301. ايشور چندر جون ست ڪهاڻيون: ايشور چندر، 1983ع
302. کير جهڙي ڪاري، سرور سيف، 1983ع
303. چار ڪهاڻيڪار چار نقاد، مرتب: محمد دائود بلوچ: 1983ع
304. ڌرتي: هري موٽواڻي، 1983ع
305. درد، الطاف قادري: 1983ع
306. اڏام، رضيه کوکر: 1983ع
307. منزل، ممتاز مهر: 1983ع
308. هر دل اندر هڪ ڪربلا، خالد سنڌي: 1984ع
309. راڻا جي رجپوت، حميد سنڌي، 1984ع
310. نئين روشني: بي. سي. موٽواڻي: 1984ع
311. ساڳيو ئي سوال، ايشور چندر، 1984ع
312. سهڻا ٽوهه، غلام قادر سومرو، 1984ع
313. ڏهين جو نوٽ (ترجمو)، محمد دائود بلوچ، 1984ع
314. زندگي ڏي موٽ (ترجمو)، مقصود گل قاضي، 1984ع
315. منهنجو ڏس آسمان کان پڇو، امر جليل، 1984ع
316. پروفيسر، نجم عباسي، 1984ع
317. پهاڙن ۾ پڪار (خليل جبران جي ڪهاڻين جو ترجمو)، نجم عباسي: 1984ع
318. اٺون سر (ترتيب)، شيام جئسنگاڻي، 1984ع
319. اڌوري اڏام، بشير مورياڻي، 1984ع
320. پگهريل هٿ، هري همٿاڻي، 1984ع
321. اندر جو ڄامڙو: ايشور چندر، 1984ع
322. حادثي کان پوءِ، ڪملا گوڪلاڻي: 1984ع
323. سنڌو ڪناري: مس امير صديقي، 1984ع
324. اوهين سڀ ننگا نڪتا آهيو: ڪيرت ٻاٻاڻي: 1984ع
325. من جي هن پار، اڪبر سومرو: 1984ع
326. ويندڙ وهي لهندڙ سج، عبدالقادر جوڻيجو، 1984ع
327. ٻار سنڌي ڪهاڻيءَ ۾، مرتب: ولي رام ولڀ، 1984ع
328. ترقي پسند ادب (ڪهاڻيون: ترتيب)، خادم امام مغل، 1985ع
329. جياپي جو ساڌن: ڪرشن کٽواڻي، 1985ع
330. ڪنڊن جا ٻج، ڀڳوان اٽلاڻي، 1985ع
331. اٺون ماڻهو، سراج: 1985ع
332. ديس ستا، دل وارا جاڳيا، رشيد ڀٽي، 1985ع
333. سياري جي رات، رشيد ڀٽي: 1985ع
334. ڪجهه ٽٽل ٽٽل: هري همٿاڻي، 1985ع
335. دارون هن ديواني جو، نجم عباسي، 1985ع
336. درد جو آواز، رڪمڻي سندر چئناڻي، 1985ع
337. گوري، گهاگهر ۽ گوندر (ترجمو)، ڀون سنڌي، 1985ع
338. تو سنگ تو بن ڏينهڙا، محمود مغل، 1984ع
339. لهر لهر زندگي، ماهتاب محبوب، 1985ع
340. پسي ڳاڙها گل،رسول بخش پليجو'> رسول بخش پليجو، 1985ع
341. زندگي نه ڪوتا نه ڪهاڻي، پوپٽي هيراننداڻي، 1985ع
342. ڌرتي روشن آهي: آغا سليم، 1985ع
343. نه مرڻ جو دک: ايشور چندر، 1985ع
344. جر ۾ سپون جيئن، نديم قاضي: 1985ع
345. فسلطيني ڪهاڻيون (ترجمو)، زيب سنڌي: 1985ع
346. سونو روپو سج، عبدالقادر جوڻيجو، 1986ع
347. الجهيل تندون ريشم جون: تارا مير چنداڻي، 1986ع
348. چنڊ جا تمنائي، آغا سليم، 1986ع
349. فيصلو ٿيڻ تائين، ڪملا گوڪلاڻي: 1986ع
350. ڪشميري آکاڻيون، اختر معين الدين/ ايشور چندر، 1986ع
351. سندر ناري، آزاد بخاري، 1986ع
352. شمع جلندي رهي: منوهر نهالاڻي: 1986ع
353. رٿ، ايشور چندر، 1986ع
354. ٽيون وجود، امر جليل، 1986ع
355. بيگار ڪئمپ، رحمت ماڃوٺي: 1986ع
356. يوگوسلاوي آکاڻيون، جڳت آڏواڻي، 1986ع
357. نه ليليٰ نه مجنو: ڪيرت ٻاٻاڻي، 1987ع
358. وقت جي رفتار: لعل پشپ: 1987ع
359. وارن جي سنوار تائين: زيب ڀٽي، 1987ع
360. ٿڪل جذبن جو موت، مشٽاق احمد شورو، 1987ع
361. سنگرام، بادل جمالي: 1987ع
362. رڃ ۾ رابيل، اخلاق انصاري: 1987ع
363. سهائيءَ جي سوڀ،رسول بخش درس'> رسول بخش درس: 1987ع
364. اوهيرا، آفتاب نظاماڻي: 1987ع
365. سڪل ٺوٺ وڻ: آنند ٽهلراماڻي: 1987ع
366. محبت جو مينهن، مايا راهي: 1987ع
367. گهٽنائن جو چڪر، هري همٿاڻي: 1987ع
368. وقت جي رفتار، لعل پشپ: 1987ع
369. منع ٿيل ميوو، ريٽا شهاڻي، 1988ع
370. مٿي سنڌ سڪار، نجم عباسي: 1988ع
371. رڻ ۽ رڃ جو اتهاس، نورالهديٰ شاهه، 1988ع
372. هت توهين، هت اسين: پوپٽي هيراننداڻي، 1988ع
373. ڀوڳنا جو سفر، بيدل مسرور، 1988ع
374. وڇوڙو، سندري اتمچنداڻي، 1988ع
375. هڪ ٻيو ڏينهن، شيام جئسنگاڻي، 1988ع
376. مٽيءَ جي قيمت، گوتم سنڌي: 1988ع
377. روشن ڇانورو، ثميره زرين، 1989ع
378. رحيم راجسٿاني، پدم رام شرما، 1989ع
379. قسم پيار جو، رڪمڻي سندرچئناڻي، 1989ع
380. سٺ ستر اسي: غلام نبي مغل: 1989ع
381. اٺون گهر، قمر شهباز، 1989ع
382. رت جا ڦڙا، علي محمد پرويز، 1989ع
383. چونڊ سنڌي ڪهاڻيون (ترتيب)، ڪيرت ٻاٻاڻي، 1989ع
384. يگانتر، سندري اتمچنداڻي، 1989ع
385. گم ٿيل پاڇو، شوڪت حسين شورو، 1989ع
386. موهن جي دڙي جي مهر، لڇمڻ ڪڪڙيجا: 1989ع
387. انگن چڙهيو انگ، ضراب حيدر، 1989ع
388. اٺين ڪٿا، موهن ڪلپنا، 1990ع
389. چيني انقلاب جون ڪهاڻيون، يوسف سنڌي، 1989ع
390. ويٽنامي ڪهاڻيون (حصو ٽيون)، آدرش/ يوسف سنڌي، 1989ع
391. زندگيءَ جا روپ انيڪ، گوپي موٽواڻي، 1990ع
392. ٻپهري، ڪرشن کٽواڻي: 1990ع
393. سنگسار، انور بلوچ، 1990ع
394. ڌرتيءَ جو قرض، يوسف سنڌي، 1990ع
395. هو جهان، هي جهان: اي. جي اتم، 1991ع
396. زندگي هڪ مرڪ (مزاحيه ڪهاڻيون)، غلام رسول ڪلهوڙو، 1991ع
397. ڪپيل هٿ، محمد انور بلوچ، 1991ع
398. آزادي خاطر، فيروز احمد ميمڻ، 1991ع
399. پچڻ کي پچاءِ، ريٽا شهاڻي: 1991ع
400. غيرت: منصور ويراڳي، 1991ع
401. رشتن جي خوشبوءِ، گوپال ٺڪر: 1991ع
402. ڀوَ- اڀوَ، پرم ابيچنداڻي، 1991ع
403. خوددار، هري موٽواڻي: 1991ع
404. درد، تارا ميرچنداڻي، 1991ع
405. اڄ جو آدم (چئن ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون): 1991ع
406. انيس جا افسانا، انيس انصاري، 1992ع
407. تنهنجي ڳولا، تنهنجون ڳالهيون: زرينه بلوچ، 1992ع
408. منهنجا ماروئڙا، ڪرشن کٽواڻي: 1992ع
409. بنگالي ڪهاڻيون، ڀڳوان شاهاڻي، 1992ع
410. مرڪ تي منع، سندري اتمچنداڻي، 1992ع
411. کيڙيل ڌرتي، سندري اتمچنداڻي، 1992ع
412. سڃاڻپ جو سنڪت، موتي لال جوتواڻي، 1992ع
413. پچڻ کي پچاءِ، ريٽا شهاڻي، 1992ع
414. گم ٿيل محبتون، عابد مظهر: 1992ع
415. تون خدا آهين، ممتاز بخاري، 1992ع
416. روپ ٻهروپ (پنجن ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون)، مرتب: اختر ٽانوري، 1992ع
417. شڪست، ناري پدم: 1992ع
418. ست سنڌي ڪهاڻيون: اتم، 1992ع
419. مٺا ڳنا جوئر جا، ريلو مل چوڌري ‘جوڳي’: 1992ع
420. روپ ٻهروپ، اختر ٽانوري، 1992ع
421. محمود مغل جون ڪهاڻيون، محمود مغل، 1992ع
422. منهنجون ڪهاڻيون، علي بابا، 1992ع
423. بند اکين ۾ ڪجهه يادون ۽ سپنا، طارق اشرف، 1992ع
424. ٽٽل شيشا ۽ آڱريون، نور گهلو: 1992ع
425. منهنجو تخليقي سفر، خيرالنساءِ جعفري: 1992ع
426. ڪڏهن بهار ايندو، سوڀو گيانچنداڻي: 1993ع
427. اوهين سڀ ننگا آهيو، ڪيرت ٻاٻاڻي: 1993ع
428. پاڇا پوئين پهر جا، محمد انور بلوچ: 1993ع
429. زندگيءَ جي ڦوٽڙي، پوپٽي هيراننداڻي: 1993ع
430. ڪهاڻي نمبر، مرتب: محمد دائود بلوچ: 1993ع
431. جنم (ترتيب)، زيب سنڌي ۽ تاج جويو: 1993ع
432. ابابيل جي اڏام (علامتي ڪهاڻيون)، رسول ميمڻ: 1993ع
433. پنجين موسم کانپوءِ، طارق قريشي: 1993ع
434. مون کي چنڊ کپي، رُڪمڻي سندرچئناڻي: 1993ع
435. اُوچا ڳاٽ پهاڙن جا: نجم عباسي: 1993ع
436. چونڊ سنڌي ڪهاڻيون (ترتيب) ٽيون ڀاڱو، پريم پرڪاش، 1993ع
437. ڌنڌلا چهرا، ڪرشن کٽواڻي، 1993ع
438. وارن ۾ گل، ڪلا پرڪاش: 1993ع
439. ڌرتيءَ تي وکريل ٽانڊا، مظهر ابڙو، 1993ع
440. ڏکن سکن جي سونهن، گل ڪونڌر: 1993ع
441. جيون اڌوري ڪهاڻي، ساحر پريمي: 1993ع
442. اڇا وار ڪارا وار، هري موٽواڻي: 1994ع
443. رني ڪوٽ جو خزانو، امر جليل، 1994ع
444. پلصراط تي هڪ وک، انور بلوچ، 1994ع
445. ڪايا پلٽ، پرم ابيچنداڻي، 1994ع
446. مونجهارن ۾ ڦاٿل هڪ شخص، ڊاڪٽر صالح ميمڻ: 1994ع
447. ڌنڌلا چهرا، ڪرشن کٽواڻي: 1994ع
448. ماڻڪ موتي لعل: غلام سڪينه شيخ، 1994ع
449. شهر جي ڳالهه، اڪبر سومرو: 1994ع
450. سرها ساهه پرينءَ جا، طارق عزيز شيخ، 1994ع
451. صديءَ جو سفر: طارق قريشي، 1994ع
452. ويهه (ڪهاڻيون)، پريم پرڪاش، 1994ع
453. سخت چهري وارو ماڻهو، ايشور چندر: 1994ع
454. پيار جي ڪهاڻي، رياضت ٻرڙو: 1994ع
455. پيرن جي ڳولا ۾ نڪتل بوٽ، مجيب بڙدي: 1994ع
456. موهن جي دڙي جو خزانو (ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون)، مرتب: زيب سنڌي: 1994ع
457. سندي لار ماکيءَ، گل ڪونڌر، 1994ع
458. ڪو ڪو جيون سواليه نشان، ناهيد مغل: 1994ع
459. شاديءَ جي پهرين رات، ٺاڪر چاولا: 1995ع
460. اڻڄاتل شهر جو نقشو، شبنم گل، 1995ع
461. مٽيءَ سندو مامرو، رفيق سومرو، 1995ع
462. سج لهڻ کان پوءِ به: منظور ڪوهيار: 1995ع
463. درد جي تلاش، موهن ڪلپنا: 1995ع
464. سج منهنجي هٿن ۾، سليم چنا، 1995ع
465. هڪ ڪانئر جو موت، امير ابڙو، 1995ع
466. ٽين دنيا، ظفر عباسي: 1995ع
467. ممتا جو موت، لڇمڻ ڀمڀاڻي، 1995ع
468. جاڳ به تنهنجي جيءَ سان، حميد سنڌي، 1996ع
469. سرهي مشڪ: پوپٽي هيراننداڻي، 1996ع
470. سرهي مشڪ: پوپٽي هيراننداڻي: 1996ع
471. زندگي، سليم چنا، 1996ع
472. دريءَ وٽ بيٺل هڪ ڇوڪري، ذوالفقار ڪانڌڙو، 1996ع
473. انيس جا افسانا: انيس انصاري، 1996ع
474. ٽين اک، طارق قريشي، 1996ع
475. مون کي محبت آهي، خليل جبران، 1996ع
476. وساريان نه وسرن: تارا ميرچنداڻي، 1996ع
477. امنگن جا آبشار، ايشوري جوتواڻي، 1996ع
478. منجري، اندرا واسواڻي: 1996ع
479. اڇو پکي واءَ ۾ (شيخ حفيظ جون ڪهاڻيون ۽ مطالعو)، مرتب: نصير مرزا: 1997ع
480. سرحدن کان اڳتي، ضراب حيدر، 1997ع
481. هڪ ٻيو ورهاڱو، جهمون ڇڳاڻي: 1997ع
482. روشني، سليم چنا، 1997ع
483. منهنجا مارو ڪٿي ۽ ٻيون ڪهاڻيون: مرتب: اي. جــي. اتم: 1997ع
484. اوندهه جو سچ، ستيش روهڙا، 1997ع
485. زيبرا ڪراسنگ تي: هريڪانت، 1997ع
486. نئين سري کان، موتي لال جوتواڻي، 1997ع
487. سڃاڻپ جي ڳولا، طارق عالم ابڙو، 1998ع
488. صحرا جو چنڊ، سليم چنا، 1998ع
489. ڪارو پاڻي، انور بلوچ، 1998ع
490. ڪال گرل، اختر رند، 1998ع
491. سوال ئي سوال، ريٽا شاهاڻي، 1998ع
492. چونڊ نوبل ڪهاڻيون (ترجمو)، ممتاز بخاري، 1998ع
493. هڪ ڇوڪري هئي: ڪرشن کٽواڻي: 1998ع
494. جـي تــنـد برابـر تـوريـان: شيخ اياز (ترتيب: انور فگار هڪڙو)، 1998ع
495. پيٽ تي گرڀ: پرم ابيچنداڻي، 1998ع
496. اوسيئڙو: کيمن مولاڻي، 1998ع
497. ڪهاڻيون هنس جون: هولارام هنس، 1998ع
498. سام: ادا قاضي: 1998ع
499. ڪمري ۾ لڳل تصوير: اعجاز سمون، 1998ع
500. سنڌو منهنجي ساهه ۾: امر جليل، 1999ع
501. چانديءَ جون تارون ۽ پرهه کان پهرين، ماهتاب محبوب، 1999ع
502. انامڪا: الطاف شيخ، 1999ع
503. پاڇي، مشتاق ڀرڳڙي، 1999ع
504. ڪارو چشمو، رجب آزاد: 1999ع
505. آتم وشواس، سندري اتمچنداڻي، 1999ع
506. اوڻيهه سئو ٽياسي، ڪليم لاشاري 1999ع
507. وري ورندو واءُ، غلام نبي ناشاد: 1999ع
508. آزاد فضائن ۾، هري موٽواڻي: 1999ع
509. يرودا جيل جون ڪهاڻيون، ريٽا شهاڻي: 1999ع
510. مٽي جي مهڪ، لکمي کلاڻي: 1999ع
511. تصوير جو درد، عنايت لغاري: 1999ع
512. پٿرن ٿي رُنو: رتنا گوديا ‘رولاڪ’، 1999ع
513. موتيءَ داڻا: ڪلاڌر متوا، 1999ع
514. عبادت: اندرا شبنم پوناوالا: 1999ع
515. نسيم کرل جون ڪهاڻيون: نسيم کرل، 2000ع
516. زندگي هڪ مُرڪ: غلام رسول ڪلهوڙو، 2000ع
517. هن پار مان: ڪرشن کٽواڻي: 2000ع
518. ميرو پاڻي سنڌؤ جو: انور بلوچ، 2000ع
519. ڪاوش ڪهاڻي (ترتيب)، ڪاوش پبليڪيشن، 2000ع
520. ريشمي ڌاڳا، راج ڏاسواڻي، 2000ع
521. مند جو ٽڙيل پهريون گلاب: لکمي کلاڻي: 2000ع
522. ڪهاڻي نمبر (ترتيب): سيد زوار نقوي، 2000ع
523. ڀونءِ مان نڪتل ماڻهو (ترجمو)، ظفر ، 2000ع
524. دنيا رنگ رنگيلي، هرڪشن سامتاڻي، 2000ع
525. ردي، ڄيٺو لعلواڻي، 2000ع
526. سرد هوائون، فاروق سولنگي، 2000ع
527. اڄ جون ڪهاڻيون، ٺاڪر چاولا: 2000ع
528. سرد خاني ۾ رکيل خواب، مظهر ابڙو، 2000ع
529. ڪنوارا چَپ، اختر رند، 2000ع
530. انڊس ڪهاڻيون، رجب آزاد سولنگي، 2000ع
531. دل وارن جي دنيا، نجم عباسي، 2001ع
532. چونڊ سنڌي ڪهاڻيون (ترتيب)، پوپٽي/هيرو شيوڪاڻي، 2001ع
533. خودڪشي جو رومانس، انور ابڙو، 2001ع
534. ڌنڌ ۾ گم ٿيل منظر، زيب سنڌي، 2001ع
535. رشتن جو انت، وشنو ڀاٽيا، 2001ع
536. نخريليون، سندري اتمچنداڻي، 2001ع
537. اڌ وهي: رزاق سهتو، 2001ع
538. پياسي سِپ سمنڊ ۾: احمد علي صابر چانڊيو، 2001ع
539. مرڪ واري ڇوڪري: طارق خشڪ: 2001ع
540. اداس سانجهي، شبانا سنڌي: 2001ع
541. ڀڳل چُوڙيون: هري پنکج، 2001ع
542. درد وندي جو ديس: حميد سنڌي، 2002ع
543. سنڌيت جو ٻنڌن (ترتيب): اي. جي. اتم: 2002ع
544. ڪهاڻيون: ادل سومرو، 2002ع
545. ڪوجهي چنڊ جو غم: سڪندر عباسي، 2002ع
546. گئلري مان ڪِريل وهه: راز شر، 2002ع
547. روين جو چهرو، راجن مڱريو، 2002ع
548. دعا جا پَير: غلام نبي مغل، 2002ع
549. ٽياس، ادا قاضي، 2002ع
550. حويليءَ ۾ گم ٿيل وجود، نسرين سيد، 2002ع
551. زندهه مڇي، شيام جئسنگاڻي، 2002ع
552. ٿڙ: اندرا واسواڻي: 2002ع
553. منڇر ٻڏي ويو: روشن علي تنيو، 2002ع
554. جيون، پيڙا ۽ پيار (ترتيب): ڊاڪٽر بشير احمد شاد، 2002ع
555. پنهنجا پراوا، ڪرشن کٽواڻي: 2002ع
556. رشتن جو انت، وشنو ڀاٽيا، 2002ع
557. سنڌ رنگ ڊائجسٽ طرفان ڇپيل ڪهاڻي نمبر، اپريل 2002ع
558. سنڌي ادبي سنگت جو ڪهاڻي نمبر، 1993/ 2002ع
559. درياءَ جي هُن پار، ابراهيم کرل، 2003ع
560. هڪ حوا ڪئين ڪهاڻيون، فهميده حسين، 2003ع
561. حويليءَ جا راز، ماڻڪ، 2003ع
562. ٽٽل، ڊٺل، ڊهندڙ پاڇولا، مشتاق احمد شورو، 2003ع
563. سج لهڻ کانپوءِ، منظور ڪوهيار، 2003ع
564. مان ڪائنات آهيان، اخلاق انصاري، 2003ع
565. اڻ پورو اظهار، ثريا سرهاڻ سومرو، 2003ع
566. سائو گاهه، ڪملا گوڪلاڻي: 2003ع
567. مشعل ٻرندي رهندي، صنوبر سيد، 2003ع
568. جذبن جهوريو جيءُ، ساجده جبين، 2003ع
569. گم ٿيل ماڻهوءَ جو سفر نامو، جان خاصخيلي، 2003ع
570. اک- ڀوري، هوندراج بلواڻي، 2003ع
571. لوڻ جو قرض، ڪلاڌر متوا، 2003ع
572. آزادي ۽ اسير، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، 2003ع
573. خواب، کوٽا سڪا، مظهر ابڙو، 2003ع
574. فائيل ۾ بند ٿيل هڪ ڇوڪري، اعجاز سمون، 2003ع
575. داغ بي داغ، رتنا گوديا رولاڪ، 2003ع
576. موڪش، ڪلا پرڪاش: 2003ع
577. رنگ وکرڻ کانپوءِ، منور سراج، 2004ع
578. سنڌي ٻوليءَ امر آهي: لعل پشپ، 2004ع
579. منهنجو ڀڳوان، ڪويتا انيل سکيجا: 2004ع
580. مان ڪير آهيان، غلام نبي گل، 2004ع
581. بـهشـت ۽ دوزخ (پـرڏيهـي ڪهاڻيـون: ترجمو): ولـي رام ولـڀ، 2004ع
582. خيال، خوشبوءِ ۽ ستارا، منطور جوکيو، 2004ع
583. سفر، مشتاق ڀرڳڙي، 2004ع
584. حسن جو سجدو، نظير ملڪاڻي، 2004ع
585. جهڄان پسو جهوڪ، تاجل بيوس، 2004ع
586. اک ڇنڀ جو ڦهلاءُ، امير بخاري، 2004ع
587. ماڻڪ مِٽ سندوم، مرتب: ناز سنائي، 2004ع
588. اسان جي ڳلين ۾ اوهان جا حوالا، نسرين سيد، 2004ع
589. جيءَ اندر جهاتيون (ڪالمي ڪهاڻيون): موتي پرڪاش، 2004ع
590. ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون، مراد علي مرزا، 2005ع
591. روڳ، عزيز ڪنگراڻي، 2005ع
592. رشتن جو رقص، ريٽا شهاڻي، 2005ع
593. ساٿ جي موسم،رسول بخش درس'> رسول بخش درس، 2005ع
594. حياتيءَ جي ڦاٽل ورقن جون ڪٿائون، اصغر گگو/ ذوالفقار ڪانڌڙو/ يوسف سنڌي، 2005ع
595. بي ساها خواب، رئوف عباسي، 2005ع
596. ڪونج، غلام علي چنه، 2005ع
597. اڌورا خواب، سليم چنا، 2005ع
598. اداس سانجهي، شبانه سنڌي، 2005ع
599. پنج ڏينهن (ترجمو)، رضوان گل، 2005ع
600. هر ديڳي چمچا، گوبند خوشحالاڻي: 2005ع
601. اداس موسمن جو شهر، جمن احمداڻي، 2005ع
602. ڪارو پاڻي، سائين بخش رند، 2005ع
603. منزل کان اورتي، مٺل چانڊيو، 2005ع
604. ڪارو چشمو، رجب آزاد، 2005ع
605. مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون، سهيڙ: حميد سنڌي، 2005ع
606. وڃايل مُرڪ، پرويز، 2005ع
607. ٿي تند وڙهي تلوارن سان: ڊاڪٽر حاجي خان ڪيريو، 2005ع
608. جديد نانيءَ جي جديد ڪهاڻي: رمضان دلدار چڍڙ، 2005ع
609. چنڊ پيرن هيٺ: عباس ڪوريجو، 2005ع
610. 32: انور ڪليم، 2005ع
611. پکي اڏاڻا پيار جا، عباس سارنگ، 2005ع
612. پکين جو وطن، محمد صديق منڱيو، 2005ع
613. بي سڪون خواب جو سچ، احسان دانش، 2005ع
614. شبنم ڪهاڻي، الحاج آغا غلام محمد، 2005ع
615. حياتيءَ جي ڦانگ ورقن جون ڪٿائون (متفرقه)، 2005ع
616. وري ورندو واءُ، سومرو شبير احمد، 2005ع
617. ڏينهن ڏٺي جا سپنا، پاويل جوڻيجو، 2005ع
618. پاڻيءَ تي پهرو، راشد مورائي، 2006ع
619. آئيندو، منظور جوکيو، 2006ع
620. استمراري ۽ ٻيون ڪهاڻيون، گوبند خوشحالاڻي، 2006ع
621. ٻه واٽي تي بيٺل ڇوڪري، رمضان دلدار چڍڙ، 2006ع
622. وڇوڙي جي پن ڇڻ ۾، فتاح ابڙو، 2006ع
623. دل ڪليسا جي اڪيلي ڪنڊ آهي، مراد قريشي، 2006ع
624. وجود جا عذاب، صديق منڱيو، 2006ع
625. کيرٿر تان اُڏار (سهيڙ): سعيد سومرو، 2006ع
626. تحفو، حسن علي هڪڙو، 2006ع
627. زائفان ذات، حميرا نور، 2006ع
628. جيون تنهنجي نانءِ، وفا اسلم شيخ، 2006ع
629. ڍال، مايا راهي: 2006ع
630. ڪجهه آپ بيتي، ڪجهه جڳ بيتي: موتي لال جوتواڻي، 2006ع
631. ياد: هري همٿاڻي، 2006ع
632. ردي: ڄيٺو لالواڻي، 2006ع
633. اڻانگيون راهون: هرڪشن سامتاڻي، 2006ع
634. سنڌي ڪهاڻيون، ٺاڪر چاولا، 2006ع
635. ڏاچي واليان، رام ڪڪڙيجا منوهر لال: 2006ع
636. سو مون سڀ ڄمار، حميد سنڌي، 2007ع
637. ڪهاڻيون ساروڻيون، سليم نور حسين، 2007ع
638. ردي پنا، ماڻڪ ڪنگراڻي، 2007ع
639. بوتيڪ کان بيڊ روم تائين، اڪبر سومرو، 2007ع
640. فراق جي منزل (ڪهاڻيون)، منظور ڪوهيار: 2007ع
641. پوپٽ جهڙو پيار (سهيڙ): يوسف سنڌي، 2007ع
642. ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون، پير عبيد راشدي، 2007ع
643. مٺڙا ڀاءُ (پرڏيهي ڪهاڻيون)، ولي رام ولڀ، 2007ع
644. منهنجو پاڻي بند نه ڪجانءِ، پرويز، 2007ع
645. ماڃر جي حور، پرويز، 2007ع
646. اوندهه ۾ رکيل آئينو، لياقت رضوي، 2007ع
647. ڪٿا اپ ڪٿا، تهمينه مفتي، 2007ع
648. کيرٿر تي صبح، سهيڙ: سعيد سومرو، 2007ع
649. ڪجهه به نه، عزيز قاسماڻي، 2007ع
650. ناريءَ جي جيون ياترا، وينا شرنگي: 2007ع
651. رشتن جي سياست، آنند کيماڻي، 2007ع
652. ڪولاج ٿيل شخص جو پورٽريٽ، نسيم پارس گاد، 2007ع
653. جيجل منهنجي ماءُ، امر جليل، 2008ع
654. دل اندر درياوَ (مضمونن، شاعري ۽ ڪهاڻين جو ڪليات)، مدد علي سنڌي، 2008ع
655. مٽيءَ ۾ ملاوٽ، قاضي خادم، 2008ع
656. ڪهاڻي هر دور جي: اياز قادري، 2008ع
657. زندگيءَ جو رستو، بهادر ٽالپر، 2008ع
658. دل جي دري، پرويز، 2008ع
659. ڪارڻ جي تلاش، هيرو شيوڪاڻي: 2008ع
660. اجهاميو ٻرن، ماڪن شاهه رضوي، 2008ع
661. خوابن جي سرحد، منور سراج، 2008ع
662. پياسو درياهه، پياسا ماڻهو: سليم مگسي، 2008ع
663. رشتن جو رقص، ريٽا شهاڻي، 2008ع
664. انتظار، ڪلا پرڪاش: 2008ع
665. اڌوري تصوير (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)، شوڪت چاچڙ، 2008ع
666. شيام جئسنگهاڻيءَ جون ڪهاڻيون، ترتيب: صاحب بجاڻي، 2008ع
667. سرد لاش جو سفر: امر جليل، 2009ع
668. اندرا، امر جليل، 2009ع
669. چنڊ وسامي ويو، امر جليل، 2009ع
670. رات جو رنگ، شوڪت حسين شورو، 2009ع
671. ڊهندڙ ليڪا، رزاق مهر، 2009ع
672. سفر، مشتاق ڀرڳڙي، 2009ع
673. اوندهه ۾ رکيل آئينو، لياقت رضوي، 2009ع
674. منهنجو چنڊ مارجي ويو، انور ابڙو، 2009ع
675. فونو، رسول ميمڻ، 2009ع
676. لهر لهر اچار، عدنان هاليپوٽو، 2009ع
677. مقدس مٽي: عباس سارنگ، 2009ع
678. سچا ڪوڙا رشتا: منظور ڪوهيار، 2009ع
679. سون ورنيون سوڍيون (سهيڙ): پروين موسيٰ ميمڻ، 2009ع
680. ادب ۽ سياست، امر جليل، 2010ع
681. ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون (ترجمو): هيرو ٺڪر: 2010ع
682. جي پيار هجي ها پاڇولو: قمر شهباز، 2010ع
683. سنڌي چونڊ ڪهاڻيون (1991-2000)، محمود مغل، 2000ع
684. چونڊ سنڌي ڪهاڻيون (ترتيب)، محمد صالح کهڙو، 2010ع
685. حيدرآباد 47 ڪلوميٽر: زيب سنڌي، 2010ع
686. جيون آ مڌوبن: وليرام ڪشنائي، 2010ع
687. وارياسا وجود: نصير ڪنڀار، 2010ع
688. زندگيءَ جي ٻي تصوير: بيوس مجرم لغاري، 2010ع
689. اڏوهي کاڌل وجود: سيف الحق سيف، 2010ع
690. مان اوهان مان ناهيان، عزيز قاسماڻي، 2010ع
691. تنهنجي دل ۾ هوندي اڪيلا: ڊاڪٽر اعجاز سمون، 2010ع
692. جڏهن مان چوهٺ جو هوندس: ممتاز مهر، 2010ع
693. فرشتن جي دنيا، شهاب سومرو، 2010ع
694. انگن جي راند، هوش ڀٽي، 2010ع
695. شيدو، محمد رفيق سپيو، 2010ع
696. جيئڻ جو حق، رمضان دلدار چڍڙ، 2010ع
697. چيني ۽ چرٻٽ جون ڪهاڻيون: امر جليل، 2011ع
698. پيار جي هڪ ٻي صدي، رفيق احمد سومرو، 2011ع
699. بهارن کي چئجو، قمر شهباز، 2011ع
700. آب حيات، غلام رباني آگرو، 2011ع
701. ٻه ڪتاب: ممتاز مهر، 2011ع
702. ڊائريءَ ۾ رکيل گلاب، منصور ٻرڙو، 2011ع
703. ڏکيو ڏيهه، سندر سپنا، آزاد جتوئي، 2011ع
704. ٻرندڙ لِڱ (متفرقه ڪهاڻيڪار)، 2011ع
705. خوابن جي خودڪشي، شگفته جبين، 2011ع
706. آسماني تارو، سليم چنا، 2011ع
707. شينهن بنا ٻيلو، سليم چنا، 2011ع
708. بند ٿي ويل دروازو، ذوالفقار ڪانڌڙو، 2011ع
709. ٽيٽيهه سئو ٽيهه، لياقت رضوي، 2011ع
710. نه وڃڻ جو پڇتاءُ، يوسف سنڌي، 2011ع
711. ڪپيل نڪ، عباس سارنگ، 2011ع
712. ڳوڙهن جا ڪبوتر، پرويز، 2011ع
713. مٽيءَ هاڻا ماڻهو، اڪبر اديب، 2011ع
714. امر جليل جي سنڌو، امر جليل، 2012ع
715. سنڌو بقا، مان فنا آهيان: امر جليل، 2012ع
716. لهندڙ سج جي لام: امر جليل، 2012ع
717. سنڌي ڪهاڻي (سهيڙ): اسحاق انصاري، 2012ع
718. عجب اکڙيون (قرة العين حيدر/ مدد علي سنڌي): 2012ع
719. سونو ڏند، رسول ميمڻ، 2012ع
720. اوڻويهه عورتون، رسول ميمڻ، 2012ع
721. هڪ شام جو الميو، علي محمد سولنگي، 2012ع
722. جنم جنم الميو، يار محمد چانڊيو، 2012ع
723. زندگي مرجهي ويل گل جهڙي، مصور حسين، 2012ع
724. ڀونئرن جي انتظار ۾، منظور ڪوهيار، 2012ع
725. اوجاڳن جو سوڳ، بيوس محرم مغيري، 2012ع
726. اڪيلو ماڻهو، جمن احمداڻي، 2012ع
727. عجب اکڙيون، امرتا پريتم/ مدد علي سنڌي، 2012ع
728. وڇوڙي جا وڍ، امرتا پريتم/ پرويز، 2012ع
729. ڊسٽ بن، اڪبر سومرو، 2012ع
730. ٿڳڙ، ڪلاڌر متوا، 2012ع
731. جمنا سان ٽي ڏينهن، فتاح ملڪ، 2012ع
732. برسات کانپوءِ، اختر حفيظ، 2012ع
733. قيديءَ جي عيد، ستار ڀٽي، 2012ع
734. چونڊ، سيد عرفان علي شاهه، 2013ع
735. جمود، امر جليل، 2013ع
736. فيس بوڪ، منصور قادر، 2013ع
737. مان هِت جنم نه وٺندس: امداد ڪانهيو، 2013ع
738. اُڀر چنڊ، پَس پرين: نسيم ٿيٻو (سهيڙ: دين محمد)، 2013ع
739. درد جو انگاس، انور شيخ، 2013ع
740. کريل گهڙيال، الله ماڃوٺي'>رحمت الله ماڃوٺي، 2013ع
741. مٽيءَ جو عشق، محمد صديق منڱيو، 2013ع
742. حليمان، رسول ميمڻ، 2013ع
743. اوسيئڙي ۾ اجڙيل آس: عبدالسلام ٿهيم، 2013ع
744. ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون: حميد سنڌي، 2013ع
745. سانول جا سُور: اقبال بلوچ، 2013ع
746. اڻپورا وجود: ممتاز لوهار، 2013ع
747. ڪهاڻيون ئي ڪهاڻيون: محمد انور بلوچ، 2013ع
748. اوسيئيڙي ۾ جڙيل آس: عبدالسلام ٿهيم، 2013ع
749. زندگيءَ جي ويڙهه ۾: ناياب کوکر، 2013ع
750. خواب نگر: سليم چنا، 2013ع
751. ڌرتي، دريا، سمنڊ: سليم چنا، 2013ع
752. ڏينهن ڏٺي ڏيئو: سليم چنا، 2013ع
753. ڪرشنچندر جون ڪهاڻيون: زيب سنڌي، 2013ع
754. آرسي ڪهاڻيون: ولي رام ولڀ/ ظفر حسن، 2013ع
755. ستين آسمان جا فرشتا، ماڻڪ ڪنگراڻي، 2014ع
756. پَسي ڳاڙها گُل ۽ ڪورٽ ڪهاڻيون:رسول بخش پليجو'> رسول بخش پليجو، 2014ع
757. ڪيڏارو، نورالهديٰ شاهه، 2014ع
758. درد ڪهاڻيون، سراج، 2014ع
759. پرين ياد پيام، رئوف عباسي، 2014ع
760. ستين آسمان جا فرشتا، ماڻڪ ڪنگراڻي، 2014ع
761. نئون جهان جوڙجي، اختر ملاح، 2014ع
762. درد ڪهاڻيون ۽ اٺون ماڻهو، سراج، 2014ع
763. پنهنجي ڌرتي، عباس ڪوريجو، 2014ع
764. اکين ۾ رهجي ويل عڪس، پرويز، 2014ع
765. سپنن جو انت، رضوان گل، 2014ع
766. احساس جا رنگ، فاطمه ڀرڳڙي، 2014ع
767. مان سنڌ نه ويندس، عبدالواحد سومرو، 2014ع
768. تخليق جو انت، عابده گهانگهرو، 2014ع
769. لکمي کلاڻيءَ جون چونڊ ڪهاڻيون: 2014ع
770. آزاديءَ جو صبح، پرويز، 2015ع
771. جيجل منهنجي قسمت، دلبر چانڊيو، 2015ع
772. ڪراڙو گدڙ، امر جليل، 2015ع
773. گل وزيران، پرويز، 2015ع
774. پشو پاشا ۽ ٻيون ڪهاڻيون (نئون ڇاپو)، جمال ابڙو، 2015ع
775. مئل مک، عباس سارنگ، 2015ع
776. تون منهنجي ساهه ۾ آهين، طارق خشڪ، 2015ع
777. ويٽنامي ڪهاڻيون (ٻيون ڇاپو)،رسول بخش پليجو'> رسول بخش پليجو، 2015ع
778. هوءَ ڀڄي وئي (سهيڙ)، مختلف ڪهاڻيڪار، 2015ع
779. درد جي پاڇي ۾، نسرين سيد، 2015ع
780. سنڌو، زاهد ميراڻي، 2015ع
781. محبوب ڳولي ڏس، نظير ملڪاڻي، 2015ع
782. ستارن پويان ڊوڙندڙ شخص (پرڏيهي ڪهاڻيون/ ترجمو)، ڀون سنڌي، 2015ع
783. ناد وارو، امر لغاري، 2015ع
784. هوبهو، جميلا هاشمي/ شبير سومرو، 2015ع
785. نسيم کرل جون ڪهاڻيون (مرتب: دانش نواز)، 2015ع
786. نڙيءَ ۾ اٽڪيل سج، انور ڪاڪا، 2015ع
787. نجومي، رسول ميمڻ، 2015ع
788. سوچن جي سانوڻيءَ ۾، بهادر ٽالپر، 2015ع
789. زيب النساءِ (طويل ڪهاڻيون)، محمود مغل، 2016ع
790. جبران جا افسانا (ترجمو)، غلام جعفر سومرو، 2016ع
791. عشق جي آخري سرحد، يار محمد چانڊيو، 2016ع