سنڌ جا پرڏيهي تذڪره نگار
(قديم دور کان موجودہ دور تائين)
سنڌ بابت تاريخي ماخذن کان سواءِ ڪيترائي ٻيا احوال اهڙا موجود آهن، جن سان آڳاٽي دورن ۾ ان جي تاريخ، ثقافت، ٻوليءَ، ادب ۽ سياسي، سماجي حالتن جي روشني پوي ٿي. انهن جو مختصر احوال هتي الف ب وار پيش ڪجي ٿو:
آرٿر ڪانولي (Arthur Conolly): سنڌ جي هن تذڪره نگار، لنڊن ۾،
2 جولاءِ 1807ع تي جنم ورتو ۽ بخارا ۾ 1842ع ۾ وفات ڪيائين. هن روسي سلطنت ۽ برطانوي سلطنت ۾ ڇڪتاڻ جي حوالي سان هڪ اصطلاح گهڙيو هو ‘The Great game’، تہ جيئن سينٽرل ايشيا تي انگريزن جو ڪنٽرول ٿي سگهي، پر نتيجي ۾ اهو سندس لاءِ موت کڻي آيو. 1838ع ۾ لنڊن مان جيڪو سندس ڪتاب ڇپيو، اُن جو نالو آهي: Journey to the North of India, Russia, Persia and Afghanistan، جنهن ۾ هن هند سنڌ جو احوال ڏنو آهي.
شروع ۾ هي 6 بنگال رجمينٽ ۾ ملازم هو، پر پوءِ بيماريءَ سبب واپس هليو ويو. ٻيهر هندستان اچڻ لاءِ هن سال ڏيڍ کانپوءِ خشڪيءَ وارو رستو ورتو. روس، فارس جي رستي، خراسان ۽ افغانستان مان ٿيندو سنڌ آيو. هن پنهنجو روپ ۽ نالو مٽائي ’خان علي‘ (ڪانوليءَ سان ملندڙ جلندڙ) رکيو، ڪن هنڌن هن جو نالو مرزا صادق بہ ڄاڻايل آهي. هتي هو گهوڙن جي واپاريءَ جي صورت ۾ آيو، ڇاڪاڻ تہ ميرَ ڀلا گهوڙا خريد ڪرڻ جا شوقين هئا، ائين آرٿر ڪانوليءَ سنڌ بابت معلومات گڏ ڪري انگريزن کي پهچائي. ميرن جي دور ۾ شڪارپور جي زوال بابت لکي ٿو ته، ”پنج سال اڳ شڪارپور تي ٽالپرن جي قبضي کانپوءِ ان جي واپاري اهميت کي ڌڪ لڳو آهي. جڏهن شڪارپور افغانستان جي قبضي هيٺ هو، تڏهن شھر جو وصول ٿيندڙ محصول ساليانو 8 لک روپيا هو، ڪسٽم ۾ هڪ لک روپيا ملندا هئا. هاڻي ٽالپرن جي دور ۾ محصول گهٽجي، 3 لک روپين تي ۽ ڪسٽم اڌ لک روپين تي پهتو آهي.“ شڪارپور جي هندو سيٺين کي تمام شاهوڪار، ڏاڙهيءَ بنا خوشحال آمريڪين جهڙو سڏيو اٿس، جيڪي مهذب ۽ ڳالهائڻ ۽ ٻوليءَ جي معاملي ۾ هوشيار هئا. هن لکيو آهي تہ ”شڪارپور جا رهواسي خوش پوشاڪ ۽ مهذب آهن.“
سنڌ جي زمينن کي زرخيز ۽ ڪيترن قيمتي فصلن جھڙوڪ: ڪمند، وونئڻ، ڪڻڪ، جوَ، جوئر، ٻاجهريءَ جي پوک لاءِ بھترين سڏيو اٿس. حڪمرانن لاءِ لکي ٿو ته، ”اهي فقط پنھنجي لاءِ جيئن ٿا ۽ ماڻهن جي فلاح ۽ بھبود ۽ ملڪ جي ترقيءَ جو کين ڪو بہ اونو ڪونهي. زرخيز زمين غيرآباد پئي آهي. درياھہ جي ٻنهي ڪپن جي قيمتي زمينن کي شڪارگاهن جي صورت ۾ قائم رکيو ويو آهي، جيئن حڪمران شڪار ڪن.“ هن سنڌو درياھہ جي انگريزن لاءِ اهميت تي بہ گهڻو ڪجهہ لکيو، جنهن جي ذريعي واپار سان گهڻو فائدو ٿيڻ جو امڪان ڏيکاريائين. 1842ع ۾ برطانوي حڪومت جي سينٽرل ايشيا بابت غلط پاليسيءَ سبب افغانستان ۾ مداخلت جي ڪري ۽ ’گريٽ گيم‘ ذريعي سينٽرل ايشيا تي برتري حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيل حرڪتن جي ڪري ان وقت بخارا ۾ انگريزن جي ايلچيءَ طور ويل آرٿر ڪانوليءَ جو سندس هڪ ساٿيءَ چارلس اسٽوڊارٿ سان گڏ سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو.
ابراهيم الفزاري، ابو اسحاق ابراهيم ابن حبيب ابن سليمان ابن سمورا ابن جُندب الفزاري: هي فارس (ايران) جو مشھور ماهر فلڪيات ۽ رياضيدان هو، جيڪو 777ع يعني 8 صديءَ ۾ ٿي گذريو آهي. هيءُ هارون الرشيد جي دور ۾ عباسي درٻار جو علم نجوم جو ماهر هو. خليفي هن کي ۽ سندس پٽ محمد ابن ابراهيم الفزاريءَ کي حڪم ڪيو هو تہ اهي سنڌ مان آندل ڪتاب ’سنڌ هند‘ Sindhind)، جنهن کي ڪن عالمن غلط صورتخطيءَ سان ’سنڌ اند‘ بہ لکيو آهي) کي يعقوب ابن طارق سان گڏجي ترجمو ڪن، جيڪو بغداد ۾ 750ع ۾ مرتب ڪيو ويو هو. هي اهو ئي ڪتاب هو، جنهن جي ذريعي ’هندو انگ‘ يا ’هندسه‘ هتان کان ايران ۽ پوءِ عرب دنيا پهتا، هن ڪتاب جو پورو نالو آهي: ’زيج محلول في السند هند لدرجة درجة‘ معنيٰ (Astronomical tables in the Sindhind resolve for each degree). ان کي Indian Planetar Theory يا گرهن جو سنڌي هندي نظريو بہ چون. هي ڪتاب اصل ۾ 770ع ۾ هڪ سنڌي عالم ڪنڪھہ (Kankah) نالي لکيو هو (سنڌ جي ٿر واري ڀاڱي ۾ ڪَنڪھہ/ ڪانڪھہ نالي وڻ ٿيندو آهي. سنڌ ۾ وڻن ۽ ٻوٽن جا نالا ماڻهن تي رکڻ جو رواج رهيو آهي. ان ڪري ممڪن آهي تہ اهو نالو بہ ائين ڏنل هجي)، جيڪو ’ماهر فلڪيات‘ (Astronomer) ۽ رياضيدان هو ۽ اهو خليفي المنصوره باالله الفاطميءَ جي درٻار ۾ سنڌ کان پهتو هو. هن جو حوالو البيرونيءَ بہ پنھنجي ’ڪتاب الهند‘ ۾ ڏنو آهي. ساڳئي نالي ’زج السند هند‘ سان هڪ ڪتاب الخوارزميءَ (780- 850) جو بہ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’هند ۽ سنڌ جون فلڪياتي جدولون‘ (Astronomical Tables of Hind and Sindh)، جن جي ذريعي قديم دور ۾ ڪئلينڊر ٺاهڻ جو علم بہ ايجاد ٿيو. هن ۾ سج ۽ چنڊ کان سواءِ مختلف گرهن يا سيارن جي گردش جا خاڪا پيش ڪيل آهن. اهڙيءَ ريت چئي سگهجي ٿو تہ مختلف تذڪري نگارن جي احوال پڙهڻ سان سنڌ جا ٻيا بہ ڪيترائي حوالا ملي پون ٿا. ابراهيم الفزاريءَ جي وفات جو سال نہ ملي سگهيو آهي.
ابن بطوطه، ابو عبدالله محمد بن عبدلاله اللواتي الطنجي: هي مشھور سياح، جيڪو 25 فبروري 1304ع ۾ ڄائو. سندس تعلق مراڪش جي بربر خاندان سان هو. هو هڪ ئي وقت اسلامي اسڪالر، قانوندان ۽ جاگرافيدان بہ هو، پر سياحت جي دنيا ۾ گهڻو مشھور ٿيو. سنڌ ۾ هو 734 ھہ (1333ع) ۾ پهتو ۽ هتان جو احوال پنھنجي ڪتاب ’تحفة النظار في غرائبه الابصار‘ ۾ لکيائين، جنهن ۾ سنڌ جي شهرن، مشھور عالمن ۽ سنڌ جي رهڻي ڪهڻيءَ تي تفصيل سان لکيائين. هڪ هنڌ لکيو اٿس ته، ”اسين سنڌو درياھہ تي پهتاسين، جنهن کي ’پنج آب‘ سڏين ٿا. هي درياھہ دنيا جي وڏين ندين ۾ شمار ٿيندو آهي. سنڌ جي ماڻهن جو هن درياھہ تي گذران آهي، هتان سلطان محمد شاھہ تغلق جي حڪومت جي حد شروع ٿئي ٿي. وقت جو امير سرتيز هو، جيڪو سيوستان شھر ۾ رهندو هو. سيوستان يا سيوهڻ هتان جو هڪ وڏو شھر آهي، هتي ٻٻر کانسواءِ ڪو ٻيو وڻ نہ آهي. شھر جا ماڻهو جوئر جي ماني کائين ٿا. مڇي جام ٿئي ٿي، مينهن جو کير بہ جام آهي. هت گرمي ڏاڍي آهي، ماڻهو ڪپڙو پسائي گوڏ ٻڌندا آهن ۽ پوتڙو پسائي ڪلهي تي رکندا آهن ... لاهري بندر سنڌ جو خوبصورت شھر سمنڊ جي ڪناري تي آهي، جتي سنڌو درياھہ ڇوڙ ڪري ٿو. هن شھر ۾ يمن ۽ فارس جا ڪيترائي واپاري رهن ٿا. شھر بہ نهايت مالدار آهي، شھر جو محصول سٺ لک دينار آهي.“ اهڙيءَ ريت ابن بطوطه، بکر، جوڻ، ملتان ۽ ڪجهہ ٻين شهرن جو ذڪر بہ ڪيو آهي. هن هتي هڪ سڱي گينڊي کي ڏٺو. ابن بطوطه خاص طور سنڌ جي تجارت ۽ سامونڊي جهازن جو بہ ذڪر ڪيو آهي، جيڪي ٻہ ماڙ، گهڻن ڪمرن وارا هئا. هتان جي ماڻهن جي کاڌي پيتي بابت بہ لکيو اٿس. کيس تمام اعليٰ قسم جو کاڌو پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻڪريءَ جو ڀڳل گوشت، تريل اڦراٽا، قيمي ڀريل سموسا، گيھہ وارا چانور ۽ ڪڪڙ جو گوشت شامل هئا. مٿان پيئڻ لاءِ سون، چانديءَ ۽ شيشي جي گلاسن ۾ مصري ۽ گلاب جو شربت پياريو ويو هو. 1354ع ۾ ابن بطوطه واپس مراڪش ويو، جتي اهو سفرنامو لکيائين. ابن بطوطه جو سفرنامو سنڌ جي ان دور جي هڪ تمام خوشحال ۽ سکي ستابي ملڪ وارو نقشو چٽي ٿو. ابن بطوطه 69-1368ع ۾ وفات ڪئي.
ابن حوقل، ابو القاسم: هيءُ ڏهين صديءَ جو مشھور عرب سياح ۽ جاگرافيدان هو. نصبس (Nisbis) ۾ 943ع ۾ ڄائو هو، جيڪو ترڪي ۽ شام جي سرحد تي هڪ شھر آهي. هن سياحت سان گڏ ڪيترن ملڪن جا نقشا بہ ٺاهيا. هن جو سنڌ جو نقشو پهريون نقشو آهي، جنهن ۾ هن هند ۽ سنڌ جي ڊيگهہ ۽ ويڪر ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن هڪ ڪتاب ’صورت الارض‘ 977ع ۾ لکيو، جنهن ۾ سنڌوندي، سنڌ ۽ ان جي ڀر وارن علائقن بابت ڌار باب لکيو اٿس، جنهن ۾ ان جي جاگرافي ۽ ثقافت جو احوال ڏنو اٿس. ماهرن جو خيال آهي تہ هن اهو نقشو الاستخري جي ذريعي حاصل ڪيو هو.
هن سنڌ، ٿٻيٽ ۽ ڪشمير کي ڌار ڌار ملڪ سڏيو آهي. سنڌ جي سرزمين جي ڊيگهہ مڪران کان منصوره تائين ۽ سنڌ پرڳڻي کان قنوج تائين لکي اٿس. سندس اچڻ وقت سنڌ ٽن انتظامي حصن ۾ ورهايل هئي. مڪران، طوران ۽ منصوره. مڪران جي ماڻهن کي اڻ سڌريل لکي ٿو ۽ سموري دنيا ڏانهن کنڊ هتان وڃڻ جي ڳالھہ بہ ڪري ٿو.
سنڌ بابت لکي ٿو ته، ”هن جو گاديءَ جو هنڌ منصوره آهي ۽ هن جا مشھور شھر ديبل، نيرون، ڪلري، بلري، مسوڙي، ڀرج بانيه، سيستان، اروڙ ۽ چندرور آهن. منصوره لاءِ هن لکيو آهي تہ ان کي هڪ چورس ميل ڊيگهہ ۽ ويڪر آهي، جنهن کي سنڌو نديءَ جي هڪ شاخ گهيرو ڪريو بيٺي آهي ... منصوره ۾ کجي گهڻي آهي. انب هڪ ميوو آهي، جيڪو کائڻ ۾ ڏاڍو مزيدار ٿئي ٿو. هتي سڪار ۽ خوشحالي آهي، هتان جو سڪو قنڌاري آهي، پر دينار واپاري حلقن ۾ هلي ٿو. هتان جا ماڻهو ڊگها وار رکائيندا آهن ۽ ڪنن ۾ والا پائيندا آهن.“ ديبل جي شھر لاءِ لکي ٿو تہ ”ديبل سنڌو دريا جي اتر طرف سمنڊ جي ڪناري تي آباد آهي، جتي وڏي تجارتي منڊي آهي. هي شھر هن ملڪ جو بندرگاھہ آهي. اناج گهڻو ٿئي ٿو. اروڙ سنڌ جي وڏن شهرن مان هڪ، جنهن کي چوڌاري ڪوٽ ڏنل آهي. سنڌو درياھہ جي ڪناري نهايت سرسبز شاداب واپاري منڊي آهي.“
هُو لکي ٿو تہ هتان جي شهرن ۾ منصوره، ملتان ۽ انهن جي پسگردائيءَ ۾ عربي ۽ سنڌي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. ابن حوقل جي ڪتاب مان سنڌ سان لاڳاپيل ڀاڱو ميجر اينڊرسن ’بڪ آف روڊس اينڊ ڪنگڊم‘ جي نالي سان ترجمو ڪيو هو. اندازي موجب ابن حوقل
سن 979ع ۽ 988ع جي وچ ڌاري وفات ڪئي.
ابو دلف، مسعد بن مهلهل ينبوعي: هن عرب سياح، ڏهين صديءَ ۾ 942ع کان 987ع جي وچ واري حصي ۾ سنڌ آيو هو. هيءُ پهريون سياح آهي، جيڪو خشڪيءَ رستي سنڌ ۽ هند ۾ داخل ٿيو. هو پهرين چين ويو، اتان کان ٿيندو ترڪستان، ڪابل، ٿٻيٽ، ڪشمير کان ملتان ۽ سنڌ ۾ داخل ٿيو. سندس ڪتاب جا ڪجهہ حصا ابن نديم جي ڪتاب ’الفهرست‘ ۽ ياقوت حمويءَ جي ڪتاب ’معجم البلدان‘ وغيرہ ۾ بہ شامل آهن. هن پنھنجي سفرنامي ۾ ملتان جو گهڻو ذڪر ڪيو آهي. ملتان جي حاڪم يحييٰ بن محمد امديءَ لاءِ لکي ٿو تہ اهو منصوره ۽ سڄي سنڌ جو بہ حڪمران آهي ۽ سڄو انتظام سندس حوالي آهي. هو پنھنجي نالي جو خطبو بہ پڙهي ٿو ۽ شرعي حدون بہ جاري ڪري ٿو ۽ سنڌ جي سموري اڇي ڪاري جو مالڪ آهي.“ هن هند ۽ سنڌ جي زراعت ۽ صنعت جو بہ گڏيل ذڪر ڪيو آهي. هتان جي ٿانون لاءِ لکي ٿو تہ ”هتي مٽيءَ جا اهڙا خوشبودار ٿانوَ ٺھن ٿا، جيڪي اسان جي ملڪ ۾ چيني ڪري وڪامجن ٿا، پر اصل ۾ چيني نہ آهن، ڇو تہ چين جي مٽي هتان جي مٽيءَ کان سخت ٿئي ٿي ۽ باھہ ۾ گهڻي وقت تائين پچائي نہ ٿي سگهجي. هتان جي مٽيءَ جو رنگ ٿورو ميرو ٿئي ٿو ۽ چيني مٽيءَ جو رنگ اڇو ۽ ٻين رنگن وارو بہ ٿئي ٿو.“ هو هتان جي ساڳ جي ڪاٺي، بيد ۽ نيزي جي ڪاٺيءَ جو بہ ذڪر ڪري ٿو.
الاستخري، ابو اسحاق ابراهيم بن محمد فارسي: هن جو جنم استخر ۾ ٿيو، جنهن کي عربي ماخذن ۾ ’اصطخر‘ لکيو وڃي ٿو. هي فارس جو رهاڪو ۽ جاگرافيدان سياح هو، جنهن 951ع ۾ سنڌ ۽ هند جو سفر ڪيو. مشھور سياح ۽ جاگرافيدان ابن حوقل سان سندس ملاقات جو ذڪر حوقل پنھنجي ڪتاب ۾ ڪيو آهي. استخريءَ جي ڪتابن مان هڪ ’مسالڪ الممالڪ‘ ۾ سنڌ جو احوال آهي. هن دنيا جي نقشي کانسواءِ سنڌ جو نقشو بہ تيار ڪيو هو. سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن جو ذڪر ڪري ٿو، جن ۾ منصوره، ديبل، نيرون، ڪلري، انري، بلري، مسوهي، لهرج، بانيته، پنجاتري، سدوسان ۽ رور شامل آهن. رور (اروڙ) کي هو ملتان جيڏو شھر سڏي ٿو، جنهن ۾ هن ڪجهہ فصل بہ ڏٺا. ديبل لاءِ هو لکي ٿو تہ اهو سنڌو نديءَ جي اولھہ ۾ سمنڊ جي ڪناري تي آهي، جيڪو وڏو واپاري مرڪز ۽ وڏو بندرگاھہ پڻ آهي. ماڻهو گهڻو ڪري واپار ڪن ٿا. نيرون ڪوٽ، ديبل ۽ منصوره جي وچ ۾ آهي. هو لکي ٿو ته، ”منصوره سنڌ جو مرڪزي شھر آهي، جيڪو هڪ چورس ميل تي پکڙيل آهي، جنهن جي چوڌاري هڪ نھر آهي. هتان جا رهاڪو مسلمان آهن. سندن امير قريشي آهي، جيڪو هبارين جي آڪھہ مان آهي. هي علائقو ڏاڍو گرم آهي، هتي کارڪون ۽ ڪمند ٿئي ٿو. استخريءَ هتي ليمي ۽ انب جي باري ۾ بہ لکيو آهي. ان کانسواءِ هن ملتان جو بہ تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي، جيڪو ان وقت سنڌ جو ئي هڪ شھر هو. سنڌ جي ماڻهن جي باري ۾ لکي ٿو تہ اهي هندستاني راجائن سان هڪجهڙائي رکن ٿا. سندن وار ڊگها آهن ۽ ڪڙتا پائين ٿا. هتي هڪ قوم ’ميد‘ نالي مشھور آهي.
استخريءَ مڪران جو بہ ذڪر ڪيو آهي، جتي بندرگاھہ ڏٺو اٿس. اهڙيءَ طرح استخريءَ سنڌ بابت چڱي معلومات مهيا ڪئي آهي. سندس تيار ڪيل نقشي جو عنوان ئي آهي ’صورة ديار سند‘ جنهن ۾ ’بلاد السند‘ ۽ ’بلاد الهند‘ ۽ ’بلاد المڪران‘ جا لفظ نظر اچن ٿا ۽ ’منصوره‘ جو شھر گول اندر آهي. هن جي ڪتاب ’مسالڪ الممالڪ‘ ۾ سنڌ جو مڪمل سفري نقشو ڏنل آهي. هن نقشي ۾ الرور بہ پڙهڻ ۾ اچي ٿو. سنڌونديءَ ۽ مهراڻ جا وهڪرا ’سنڌ رود‘ ۽ ’رود مهراڻ‘ جي نالي سان نمايان طور نقشي جي وچ مان لنگهندي ڏيکاريل آهن. استخريءَ جو دنيا جو نقشو پڻ سنڌ ملڪ ڏيکاري ٿو. هن 957ع ڌاري وفات ڪئي.
البيروني، ابو ريحان محمد بن احمد: هي مشھور سياح ۽ عالم، سن 3-972ع ڌاري خوارزم ۾ ڄائو هو، جنهن دور ۾ 1017ع ۾ محمود غزنويءَ خوارزم فتح ڪيو تہ هي غزنيءَ هليو ويو، جتي گهڻو وقت رهيو، جتي درٻاري نجوميءَ جو درجو حاصل هئس. ان کانپوءِ هو هند ۽ سنڌ ۾ آيو ۽ ڪيترو وقت هتي رهي پيو. هتان جي علمن ۽ فنن جو اڀياس ڪيائين. 1030ع ۾ انهن بابت پنهنجو مشھور ڪتاب ’تاريخ الهند‘ لکيائين.
هو هڪ ئي وقت تاريخ، لسانيات، مذهب، فزڪس، رياضي، ايسٽرانامي، اينٿراپالاجي، جاگرافي ۽ فطري سائنس وارن علمن جو ماهر هو. هن کي عربي، فارسي، سنسڪرت ۽ خوارزمي ٻولين ۾ مهارت کانسواءِ يوناني، عبراني ۽ شامي ٻولين جي بہ ڄاڻ هئي. البيرونيءَ کي Father of Indology يعني ’هند شناسيءَ جو ابو‘ سڏيو ويندو آهي. هن پنھنجي زندگيءَ ۾ پاڻ 103 ڪتابن کي 12 موضوعن ۾ ورهائي فهرست ٺاهي، جيڪي گهڻو ڪري سڀئي عربيءَ ۾ هئا. صرف هڪ ڪتاب فارسيءَ ۾ لکيائين، جنهن جو نالو آهي ’التفهيم‘، جنهن ۾ هن حساب (رياضي)، جاميٽري، موسيقي ۽ ايسٽراناميءَ بابت لکيو آهي.
البيرونيءَ هند ۽ سنڌ ۾ 40 سال گذاريا ۽ هتان جي علمن کي عربن ۽ ايرانين تائين پھچايو ۽ اتان جا علم هتي آندائين. هن قديم سنڌ کي ’سپت سنڌو‘ وارو ملڪ سڏيو آهي، جنهن کي ستن حصن ۾ ورهايو اٿس. هن لکيو آهي تہ ’سنڌ ۾ نيمروز‘ (سجستان) کان روانو ٿيڻو پوندو آهي، جڏهن تہ هند لاءِ ڪابل کان هلڻو پوندو. جبلن ۾ جيڪي هند جي اولھہ سرحد تي آهن، اتي رهندڙ قبيلا جهنگلي ۽ جهيڙاڪ آهن، انهلواڙ جي ڏکڻ طرف هلي لاڙ ديش پهچبو، بزاند کان ڏکڻ اولھہ طرف
15 فرسخن تي الور آهي، سنڌوندي، سنڌ جي شهرن وٽان لنگهي ٿي.“ ٻئي طرف ديبل لاءِ لکي ٿو ته، ”سنڌ جو قديم شھر ديبل اصل ۾ برهم جي پٽ ديوبل (ديو جي طاقت) جي نالي تي آهي . . . منصوره ۾ جيڪا زبان رائج هئي، ان کي ’سيندب‘ (سنڌي) چوندا آهن. هن سنڌين جي علميت بابت لکيو آهي تہ ”سنڌ جي عالمن جي خاص تصنيف ’سوڌانت/ سڌانت‘ آهي. هي ڪتاب 154 ھہ ۾ هڪ سنڌي عالم بغداد کڻي ويو هو، جيڪو علم هيئت ۽ علم رياضيءَ بابت هئڻ سبب خليفي جي درٻار ۾ هڪ رياضيدان ابراهيم فزاريءَ جي مدد سان عربيءَ ۾ ترجمو ڪرايو ويو. (هن ڪتاب جو اصل نالو ’سنڌ هند‘ سمجهيو ويو آهي، جنهن بابت فزاريءَ واري احوال ۾ تفصيل ڏنل آهي.) هي علم رياضيءَ جو بنيادي ڪتاب آهي، ان ڪري عربن جو چوڻ آهي تہ هنن 9 تائين انگن لکڻ جو طريقو سنڌين کان سکيو. ان ڪري ئي مؤرخ هنن انگن کي ’حساب هندي‘ يا ’ارفام هنديه‘ سڏيندا آهن. انگن لاءِ لفظ ’هندسه‘ جو پسمنظر بہ اهو ئي آهي.
ان کان سواءِ البيرونيءَ، سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان بہ گهڻو مواد ڏنو آهي، جن ۾ دوائن، جڙين ٻوٽين ۽ ٻين وکرن جا سنڌي نالا عربي رسم الخط ۾ لکيا آهن. البيرونيءَ جا ڪتاب، سنڌ جي تاريخ، ثقافت، ٻوليءَ ۽ علمن جي حوالي سان سٺا حوالاجاتي ماخذ رهيا آهن. البيرونيءَ 1048ع ۾ غزنيءَ ۾ وفات ڪئي.
المسعودي ابو الحسن علي بن حسين بن علي: مشھور عرب سياح ۽ جاگرافيدان، جيڪو 896ع ۾ بغداد ۾ ڄائو. سندس نسب جو سلسلو اصحابي عبدالله بن مسعود سان ملي ٿو. هن جوانيءَ ۾ سياحت شروع ڪئي، ٻين ڪيترن ملڪن سان گڏوگڏ هند ۽ سنڌ جو سير بہ ڪيو. هو پهرين ملتان پهتو. انهيءَ دور ۾ سنڌ جو حاڪم بن عبدالعزيز هباري'>عمر بن عبدالعزيز هباري هو. پنهنجو سفر پورو ڪرڻ کانپوءِ هن هڪ ڪتاب ’مروج الذهب معادن الجواهر‘ نالي لکيو هو. ان ڪتاب جي مقدمي ۾ هن هند ۽ سنڌ جو ذڪر ڪيو آهي. هن ڪتاب جو ترجمو هڪ کان وڌيڪ ٻولين ۾ ٿيل آهي. المسعودي پهريون مسلمان تاريخدان آهي، جنهن جاگرافيائي حوالي سان تاريخ کي بيان ڪيو. هو تجارتي رستن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته، ”خراسان کان چين تائين زميني رستو آهي، جيڪو هندستان کي خراسان سان ملائي ٿو ۽ سنڌ ۾ هڪ پاسي ملتان ۽ ٻئي پاسي منصوره آهي ۽ واپاري قافلا خراسان کان پهرين سنڌ ۽ پوءِ هند ڏانهن وڃن ٿا.“ مسعوديءَ سنڌي سمنڊ جو بہ ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ سمنڊ جي وِير جي لھڻ ۽ چڙهڻ مان وقت جو تعين ڪري واپارين جهازن جي اچڻ وڃڻ جا مهينا مقرر ڪيا.
سنڌ جي واپاري وکر ۾ ناريل، بڪم جو ڪاٺ، بيد، سون، خوشبودار شيون ۽ مصالحا جھڙوڪ: ڪافور، عود، لونگ، جائفل، دالچيني وغيرہ عرب تاجر وٺي ويندا هئا. ان کانسواءِ ڪمند، ڪيلو، نارنگي، ليمو ۽ ٻيون شيون هتان ٽين صديءَ ۾ عرب ڏانهن ويون. مسعودي سنڌ حڪومت جي ٻن شهرن ملتان ۽ منصوره جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. هن منصوره لاءِ لکيو آهي تہ اهو سنڌونديءَ جي ڪناري تي آباد هو، جيڪو سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو، جنهن جي ضابطي هيٺ ٽي لک ڳوٺ ۽ شھر آهن.“ هتان جي زمينن کي تمام زرخيز، سرسبز چيو اٿس. هن پهريون ڀيرو هاٿي منصوره ۾ ڏٺا. سنڌ جي ٻوليءَ بابت مسعوديءَ لکيو آهي ته، ”سنڌ جي هڪ خاص ٻولي آهي، جيڪا هندستان کان الڳ آهي.“ هو سنڌ جا مور، عراق وٺي وڃڻ جي ڳالھہ بہ ڪري ٿو، جن جي اتي افزائش ڪئي وئي. سنڌين جي هنري ۽ علمي قابليت بابت لکي ٿو ته، ”هنر، فن ۽ عمارت سازيءَ ۾ ترقي ٿي ۽ نجوم ۽ حسابن جي علم ۾ بہ وڏو واڌارو ٿيو. بادشاھہ ’برهمڻ‘ حڪيم ۽ فيلسوف گڏ ڪيا، جن ’سند هند‘ (Sindhind) نالي هڪ ڪتاب لکيو، جنهن جي روشنيءَ ۾ ٻيا ڪتاب بہ لکيا ويا.“ ائين المسعوديءَ پنھنجي ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ جو ڪجهہ حصو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. هن 957ع ۾ فساط ۾ وفات ڪئي.
اليعقوبي، احمد بن ابي يعقوب بن جعفر وهب بن واضح اليعقوبي: نائين صديءَ جو هي مؤرخ ۽ جاگرافيدان، 873ع تائين آرمينيا ۽ خراسان ۾ رهيو. طاهري درٻار سان وابستہ رهيو. عباسي سلطنت ۾ انشاء جي آفيس جو علمدار هو، جنهن سڄي دنيا جي تاريخ پهريون ڀيرو عربيءَ ۾ لکي، جنهن ۾ مسلمانن جي فتوحات جو بہ ذڪر آهي. انهيءَ حوالي سان تاريخ ۾ سنڌ تي عربن جي ڪيل حملن جو بہ ذڪر آهي. سندس ڪتاب جو نالو ’ڪتاب التاريخ‘، جنهن کي ’تاريخ اليعقوبي‘ بہ سڏيو وڃي ٿو، جيڪو 1883ع ۾ ٻن جلدن ۾ لنڊن مان ڇپيو. هن ڪتاب ۾ هند ۽ سنڌ جي انهن ڪتابن جو ذڪر بہ آهي، جيڪي هند ۽ سنڌ جي عالمن جا هئا ۽ پوءِ عربيءَ ۾ ترجمو ٿيا. سندس ٻيا ڪتاب آهن: ’تاريخ ابن واضح‘ ۽ ’ڪتاب البلدان‘ (ملڪن جو ڪتاب). هي پهريون سياح هو، جنهن هند ۽ سنڌ جي فلسفي، حڪمت، طب، ادب ۽ علم نجوم بابت تفصيل سان لکيو آهي. هو لکي ٿو ته، ”هند ۽ سنڌ جا ماڻهو عقل وارا، سوچ ويچار جا ڪوڏيا آهن، جنهن ڳالھہ ۾ قومن ۾ اڳرا آهن، جوتش ۽ نجوم ۾ سندن ڳالهيون سڀ کان وڌيڪ صحيح ٿيون نڪرن. ’سڌانت‘ (علم هيئت بابت ڪتاب جنهن جو البيرونيءَ بہ ذڪر ڪيو آهي) سندن ذهانت جو نتيجو آهي، جنهن مان يونانين ۽ ايرانين بہ فائدو ورتو آهي. طب ۾ سندن ڄاڻ سڀني کان وڌيڪ آهي. طب، منطق ۽ فلسفي ۾ سندن ڪيتريون ئي لکڻيون آهن. هنن ٻيا بہ ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن. هو لکي ٿو ته، ”سندباد جهازيءَ جا ڪتاب بہ هتان جي رهاڪن جا لکيل آهن. اليعقوبيءَ سنڌ جي شهرن جو بہ ذڪر ڪيو آهي، جن مان ’منصوره‘ بابت لکي ٿو ته، هتان جون جايون ڪاٺ سان ٺهيل آهن، پر جامع مسجد پٿر جي ٺهيل آهي، ان جي ڀرسان حمام ۽ مسافرخانو بہ ٺهيل هو. منصوره جي شاهي بازار ڊگهي ۽ ڪشادي هئي. شھر جي چوڌاري وڏي ڀت ڏنل هئي، جنهن جا چار دروازا هئا، جيڪي دشمن جي حملي وقت بند ڪيا ويندا هئا. سنڌ ۾ سون ۽ معدنيات ۽ ساڳ جي ڪاٺي تمام گهڻي ٿيندي هئي. هن اهو بہ لکيو آهي تہ هتي ڪن هنڌن تي عورتن جي بہ حڪومت آهي.“ اليعقوبيءَ 8-897ع ۾ مصر ۾ وفات ڪئي.
اليگزينڊر برنس (Sir Alexander Burnes): اسڪاٽش کوجناڪار ۽ سنڌ جو هيءُ تذڪره نگار، 16 مئي 1805ع تي انگلنڊ ۾ ڄائو. پهرين ملازمت ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ ڪيائين، جن 1823ع ۾ کيس سورت بندر موڪليو. 1825ع ۾ سنڌ جي (ان وقت) علائقي ڪڇ ۾ آيو ۽ 1830ع ۾ راجا رنجيت سنگهہ جي درٻار ۾ پنجاب ويو. بعد ۾ کيس سنڌ جي ايراضيءَ جي اڀياس ۽ تحقيق لاءِ مقرر ڪيو ويو. هن هندي ۽ فارسي زبانون سکيون. برنس پهرين 1829ع ۾ سنڌو ماٿريءَ جي مھم لاءِ رٿ پيش ڪئي، پر کيس لاهور وڃڻو پيو. سبب اهو ڄاڻايو ويو تہ بادشاھہ وليم چوٿين مهاراج رنجيت سنگهہ لاءِ گهوڙا سوکڙيءَ طور موڪليا آهن. اهي زميني رستي جي سختي سگهي نہ سگهندا. ان ڪري کين سنڌو درياھہ جي رستي اوڏانهن وٺي وڃڻو هو، پر دراصل ان بهاني هنن کي لڪچوريءَ ۾ سنڌو درياھہ جو سروي ڪرڻو هو، جيڪو هن پورو ڪيو. سندس ان حوالي سان ڇپيل ڪتاب 1834ع ۾ ڇپيو، جنهن هن کي وڏي شھرت ۽ عهدا ڏياريا ۽ 1835ع ۾ کيس سنڌ جي درٻار ۾ سنڌو درياھہ جي رستن جي جانچ ڪرڻ لاءِ معاهدو ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو.
افغانستان ۾ شاھہ شجاع جي حڪومت جي بحالي 1839ع ۾ ٿي، ان وقت برنس اتي پوليٽيڪل ايجنٽ طور خدمتون سرانجام ڏنيون، تان جو 1841ع ۾ کيس اتي قتل ڪيو ويو. چيو وڃي ٿو تہ قتل ۾ انهن افغان عورتن جي ڀائرن ۽ مڙسن جو هٿ هو، جن سان اليگزينڊر برنس زنا ڪئي هئي. هڪ ڏينهن هن جي گهر کي باھہ ڏني وئي ۽ هُو فارسي ٻوليءَ جي مهارت سبب پاڻ کي افغان ظاهر ڪري گهران نڪتو تہ هجوم ڇرن سان ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيس. ساڻس گڏ سندس ڀاءُ جو بہ ساڳيو حشر ٿيو.
اليگزينڊر برنس جي ڪتابن مان ان دور ۾ سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جي ڄاڻ ملي ٿي.
سنڌ جي احوال ۾ هن شڪارپور جي شاهوڪاريءَ ۽ آسودگيءَ بابت لکيو آهي، جتي هن ڪامياب بينڪر/ صراف ڏٺا. ڏيتي ليتيءَ جا وڏا ادارا ڏٺا، جن جا گماشتا پري پري تائين واپار لاءِ ويندا هئا. سنڌ جي ٻين شهرن کان هتي سستائي هئي. سنڌ جي تجارتي مال بابت لکي ٿو ته، ”سنڌ جي مال جو دهليءَ جي شهنشاهن جي دور ۾ گهڻو مان هوندو هو. جڏهن سنڌ ۾ نادرشاھہ داخل ٿيو، ان وقت سنڌ جو واپار عروج تي هو.“ هن ان وقت جي سنڌ جي ڪل آدمشماري ٻہ لک لکي آهي.
اليگزينڊر هيملٽن (Alexender Hamilton): اسڪاٽ لينڊ جو سيلاني سوداگر ۽ بحري ڪپتان، جنهن جي سفرنامي ’نيو اڪائونٽ آف ايسٽ انڊيز‘ ۾ مغل دور واري سنڌ جو ذڪر آهي. هن ٿوري وقت لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ بہ ملازمت ڪئي هئي ۽ پوءِ سورت بندر تي پنهنجو ڪاروبار بہ ڪيائين. هو سنڌ ۾ تجارت جي مقصد سان 1669ع ۾ مالابار کان آيو هو ۽ ٺٽي جي نواب حفيظ ﷲ خان ساڻس ملاقات ڪئي ۽ مهماني ڪئي. هيملٽن موٽ ۾ کيس هڪ آرسي، بندوق، ٻہ پستول ۽ هڪڙو خنجر تحفي طور ڏنا. هيملٽن انهيءَ دور ۾ سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي آزار بابت لکيو آهي تہ ”ملڪ ۾ چوطرف ڌاڙيلن جا ٽولا تجارتي قافلن جي تلاش ڪندي گهمندا وتندا هئا. مغل عملدار رستن کي سلامت رکڻ کان قاصر هئا. انگلنڊ، فرانس ۽ جرمنيءَ ۾ بہ ساڳي حالت هئي، لاهري بندر جي الهندي ڪپ تي مڪراني بلوچن جو راڄ هو ۽ اڀرندي ۾ ڪڪرالي جي ڄامن رڻ ٻاري ڏنو هو... هر قافلي جي بچاءِ لاءِ سؤ يا ٻن سؤ سپاهين جي ضرورت هوندي هئي.“ لاهري بندر بابت لکيو اٿس تہ ”ان زماني ۾ لاهري بندر ۾ هڪ سؤ ڪاٺ ۽ مٽيءَ جا جڙيل گهر هئا. شھر جي وچ تي هڪڙو پٿر جو قلعو هو، جنهن تي بلوچن جي ڪاهن کي روڪڻ لاءِ توپون رکيل هيون. ٺٽو لاهري بندر کان چاليھہ ميل پري هو.“ ٺٽي لاءِ لکيو اٿس تہ ”هيءُ شھر ملڪ جي مارڪيٽ آهي ۽ تمام وڏو ۽ آسودو شھر آهي، اٽڪل ٽي ميل ڊگهو ۽ ٽي ميل ويڪرو آهي. هيءُ شھر سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ آهي، مذهبيات، علم لغت ۽ علم سياست جي ڪري سڄيءَ دنيا ۾ مشھور آهي، منجهس چار سؤ کان بہ مٿي ڪاليج آهن، جن ۾ نوجوانن کي علمن جي تعليم ۽ تربيت ڏني وڃي ٿي. ٺٽي ۾ هڪڙو قلعو آهي، جنهن ۾ نواب جو محل آهي، جنهن ۾ پنج هزار لشڪر بہ رهندو آهي.“
هتان جي اپت جي باري ۾ لکي ٿو ته، ”ٺٽي ۾ تازا ميوا جام هئا. هتي هڪ روپئي جا سؤ صوف وڪامندا هئا. خاص ڪري هتي ڏاڙهون ڏاڍا بھترين ملندا هئا. هت بھترين قسم جو سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙو ٺهندو هو. سوٽي ڪپڙو سادي ڊزائين سان، ڏاڍي لسائيءَ سان اُڻيل هوندو هو ۽ سندن جوڙيون نہ رڳو نرم ۽ نفيس هيون، پر ٻين هنڌن جي جوڙين کان وڌيڪ جٽادار بہ هيون. هتي ڪپڙن تي ڀرت بہ سٺو ڀريو وڃي ٿو، منهنجي اچڻ کان ٽي سال اڳ هتي هڪ اهڙي پليگ پئي هئي، جنهن ٺٽي جي شھر ۽ ان جي پسگردائيءَ تي ايڏو تہ اثر ڪيو، جو رڳو ٺٽي جي شھر جا اسي هزار ڪاريگر مري ويا ۽ اڌ کان مٿي شھر ويران ۽ خالي ٿي ويو.“
هيملٽن سنڌ جي چوپائي مال جو بہ ذڪر ڪيو آهي تہ مڇيءَ جو به، هن پلي جي تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي. هنرن مان جنڊيءَ جي هنر جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته، ”سنڌي عاليشان قسم جا ڪٻٽ، ڪاٺ جون ٿالهيون ۽ جنڊيءَ جون ميزون تيار ڪن ٿا. ڪٻٽن تي عاج جو ڪم ٿيل هوندو آهي. زالن ۾ بہ عاج جا زيور پائڻ جو شوق آهي. هو ڪُلهن کان ٺونٺين تائين ۽ ٺونٺين کان ڪرائين تائين عاج جون ٻانهيون ٻنهي ٻانهن ۾ پائين ٿيون.“ هو سنڌ جي ماڻهن کي آسودو سڏي ٿو، جن ڪڏهن ڏڪر ڪونه ڏٺو.
ايڊورڊ آرچر لئنگلي (Edward Archer Langly): هي خيرپور رياست ۾ مير علي مراد خان اول جي درٻار ۾ اهم عهدي تي فائز هو. اتي رهڻ دوران روزانو پيش ايندڙ واقعن، پنهنجن مشاهدن ۽ تجربن بابت لکندو رهيو، جنهن کي لنڊن مان 1960ع ۾ ڇپرايو ويو، جن مان هڪ هو: Narrative of Residence at the Court of Mir Ali Moorad.
هن ڪتاب جا ٻہ جلد، 2005ع ۾ پاڪستان ۾ بہ ڇپيا آهن. لئنگلي جا مشاهدا ۽ تجربا سندس ذاتي جذبن سبب ڪٿي هاڪاري تہ ڪٿي ناڪاري محسوس ٿين ٿا. هن اڪثر انگريز آفيسرن جيان سنڌ تي انگريزن جي قبضي کي درست سمجهيو ۽ سنڌين کي سست ۽ ڪاهل قرار ڏنو. هن ڪتاب ۾ ڪراچيءَ جي تجارتي اهميت ڏيندي لکيو آهي تہ مستقبل ۾ ڪراچي ايشيا لاءِ تجارتي مرڪز ٿي سگهي ٿو. حيدرآباد ۽ ڪوٽڙيءَ جي ريلوي لائين بابت لکيائين، سنڌ جي واپاري تاريخ سيوهڻ جي تهذيبي تاريخ، سنڌ جي آبهوا، منڇر ڍنڍ جي سونهن، سکر شھر جو احوال وغيرہ ان ڪتاب ۾ شامل آهن. ان کانسواءِ سر بارٽل فريئر جي ڪمشنريءَ واري دور ۾ پوليس جو نظام، شڪارپور جي تاريخ، تجارت ۽ خيرپور ۽ ميرن جي باري ۾ پڻ حڪومتي ڪاروهنوار ۽ ٻين پهلوئن تي لکيو اٿس. ڪتاب جي ٻئي جلد ۾ سنڌ جي چوپائي مال، خيرپور جي روينيو نظام، دل جو طريقو، ماپ تور جو اهتمام بہ مثالن سان پيش ڪيا اٿس. هن سنڌ جي موسيقيءَ جي سازن تي بہ لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ لئنگلي سنڌ جي ڪيترين شخصيتن، شهرن ۽ جانورن جون تصويرون بہ ڏنيون آهن.
ايسٽوڪ، ايڊورڊ بيڪ هائوس: سنڌ جي هن تذڪري نگار، 16 جولاءِ 1814ع تي هڪ اينگلو انڊين گهراڻي ۾ جنم ورتو. آڪسفورڊ جي ڪاليجن مان تعليم حاصل ڪيائين. 1836ع ۾ انڊين آرميءَ جي بمبئي انفينٽريءَ ۾ ملازمت مليس، پر ٻولين سان دلچسپي هئڻ سبب جلد ئي کيس سياسي عهدو ڏنو ويو. 1843ع ۾ هن هڪ ڪتاب ’Kessahi Sanjan‘ نالي ترجمو ڪيو، جيڪو هندستان ۾ پارسين جي اچڻ جي تاريخ بابت هو ۽ زرتشت جي زندگيءَ تي هڪ ڪتاب لکڻ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي هڪ لفظي فهرست (Vocabulary) ۽ ڪجهہ ٻيا ڪتاب لکيا. هن ڪجهہ وقت جرمنيءَ ۾ رهي جرمن ٻولي سکي باپ (Bopp) جو گرامر ترجمو ڪيو. ان کان سواءِ کيس 1845ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪاليج ۾ ’هندستاني‘ ٻوليءَ جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو، جتي ٻن سالن کان پوءِ هن هندستاني گرامر تيار ڪيو ۽ لفظي فهرست بہ ٺاهي.
ان کانپوءِ ’سعديءَ جي گلستان‘ جو ترجمي (منظوم ۽ نثري) سان نئون ايڊيشن مرتب ڪيائين. ٻيا هندستاني ڪتاب جيڪي هن ترجمو ڪيا، تن ۾ ’باغ و بھار‘، ’انوار سهيلي‘ وغيرہ شامل آهن.
ايسٽوڪ، سنڌ ۾ ٽي سال رهيو ۽ ايمانداريءَ سان هتان جو احوال پنھنجي هڪ ڪتاب A Glance at Sind Before Napier or Dry Leaves from Young Egypt (1844) ۾ لکيو، جنهن جو سنڌي ترجمو محترم حنيف صديقيءَ ڪيو، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ، 1973ع ۾ ڇپرايو. هن ڪتاب ۾ هُن ميرن جي دور ۾ سنڌي ماڻهن جي حالت کي بهتر سڏيو آهي. هن لکيو تہ ”ميرن جي وقت ۾ سنڌ جدا جدا پرڳڻن يا حصن ۾ ورهايل هئي، جيڪي وري تپن ۽ ضلعن ۾ ورهايل هئا. هر هڪ پرڳڻي تي هڪ سزا- وال مقرر ڪيل هو، جنهن کي هڪ خزانچي ۽ اٺن ڏهن گماشتن ۽ سپاهين جي مدد ڏني ويندي هئي. تپي تي وري ڪاردار رکيل هو، جنهن کي پڻ زيردستن جو هڪ ننڍو عملو ڏنل هو...“
سنڌ جي معاشي صورتحال جو اندازو ايسٽوڪ جي هن احوال مان لڳائي ٿو سگهجي: ”سنڌ ۾ چئن پئسن ۾ هڪ ڪڪڙ ملي ٿي. ڪڻڪ رپئي ۾ اٺ پاٽيون وڪامي ٿي، جيڪا چاليهن پئسن جي تور ۾ سورنهن سير آهي...“ هتي پلو جام ٿئي ٿو، پر ٻي سوادي مڇي گهٽ آهي... شڪارپور جي ڀرسان ڪيترن ئي ميلن ۾ جوئر جو فصل بيٺو هو. دنيا جي ٻئي ڪنهن بہ ملڪ ۾ اهو فصل ايڏي قد جو نہ ٿيندو آهي. ڏڪر وڌائڻ ۾ ملڪ جي واپارين جو وڏو هٿ آهي، جيڪي سڪار جي وقت ان خريد ڪري زمين جي هيٺان تهخانن ۾ وڃيو گڏ ڪن.“
ڪيپٽن ايسٽوڪ جو سنڌي گرامر ۽ لغت تي بنيادي ڪم بہ اهم آهي. هن ڪتاب ۾ هن انهن جو ذڪر ڪيو آهي. تاريخي حوالن سان ڏٺو وڃي تہ ميرن جي دور ۾ هڪ ٻئي بہ ڪيپٽن ايسٽوڪ جو ذڪر آهي، جنهن جو پورو نالو وليم جوزف ايسٽوڪ (William Joseph Eastwick) هو. هن جي جنوري 1844ع جي انڊيا هائوس ۾ ڪيل هڪ تقرير جو عنوان آهي: Speech of Captain William Eastwick on the Case of Ameers of Sindh، جنهن کي لنڊن مان ڇپايو ويو هو. اهو ڪتاب انٽرنيٽ تي موجود آهي.
بزرگ بن شھريار: هيءُ هڪ عرب جهازران هو، جيڪو عراق کان سنڌ هند جي بندرگاهن وچ ۾ سامونڊي سفر ڪندو هو، جنهن بابت هن پنھنجي سفرنامي ’عجائب الهند‘ ۾ احوال ڏنو آهي. سندس ڪتاب پهرين فرينچ ۾، پوءِ انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپيو. سنڌ جي حوالي سان هن لکيو آهي تہ سنڌو درياھہ ۾ اونهاري ۾ دجله ۽ فرات وانگر گهڻو چاڙھہ هوندو آهي. هن پنھنجي ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن شريف جي ترجمي جو بہ ذڪر ڪيو آهي. هو لکي ٿو تہ 720 ھہ ۾ سنڌ جي هڪ هندو راجا مهروڪ بن رامڪ، جيڪو اروڙ جو حاڪم هو، تنهن منصوره جي امير عبدالله بن بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز هباريءَ ڏانهن لکي موڪليو تہ ڪنهن اهڙي شخص کي مون ڏانهن موڪليو، جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ مون کي اسلام سيکاري. منصوره ۾ عراق جو هڪ مسلمان عالم هو، جيڪو سنڌ ۾ پليو نپنو هو، تنهنڪري سنڌ جون مختلف زبانون ڄاڻندو هو. امير جي چوڻ سان هو تيار ٿيو، هن راجا جي زبان ۾ هڪ قصيدو لکي راجا ڏانهن اماڻيو، راجا اهو قصيدو پسند ڪيو ۽ سفر جو خرچ موڪلي گهرايائينس. هو راجا جي درٻار ۾ ٽي سال رهيو ۽ سندس خواهش مطابق هن قرآن شريف جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو، راجا روزانو ترجمو ٻڌندو هو ۽ بيحد متاثر ٿيندو هو ...“ عالمن جو خيال آهي تہ سڄيءَ دنيا ۾ قرآن شريف جو اهو ئي پهريون ترجمو هو.
سنڌ بابت سندس قلم مان ٻيو احوال هتان جي چورن ۽ ڌاڙيلن جو ملي ٿو، جيڪي دولتمند ماڻهن کي ڊيڄاري کانئن ڦرون ڪندا هئا. حالانڪ هتي چوريءَ کي وڏو جرم ليکيو ويندو هو.
بزرگ بن شھريار سنڌ جي واپار کي تمام نفعي وارو ۽ لاڀائتو سڏي ٿو، جنهن سان ثابت ٿئي ٿو تہ هتان جا ماڻهو واپار ڪري ڄاڻندا هئا، ان ڪري واپاري طبقو سکيو ستابو هو. بن شھريار'>بزرگ بن شھريار جو ڪتاب ’عجائب الهند‘ 1886ع ۾ لنڊن مان ڇپيو.
بشاري المقدسي، شمس الدين ابو عبدالله محمد بن احمد: هي ڏهين صديءَ جو عرب جاگرافيدان ۽ سياح هو، جيڪو بيت المقدس ۾ ڄائو. هن کي سير ۽ سفر جو شوق اڪثر مسلمان ملڪن ۾ وٺي ويو ۽ ويهن سالن تائين سياحت ڪيائين، جنهن جو احوال پنھنجي هڪ ڪتاب ’احسن التقاسيم معرفة الاقاليم‘ ۾ لکيائين، جيڪو سڀ کان پهرين 1877ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جو آخري باب سنڌ متعلق لکيل آهي، جيڪو 14 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جو نقشو بہ ڏنو آهي. بشاريءَ سنڌ ۽ ان سان مليل علائقن کي اقليم سڏيو آهي، جيڪا ڇھن صوبن ۾ ورهائي اٿس، جن ۾ مڪران، طوران ۽ مرڪزي صوبو منصوره شامل آهن، جتي سندس چوڻ مطابق عربي ۽ سنڌي ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون. منصوره لاءِ لکي ٿو تہ ”هيءَ هڪ مستقل ۽ مرڪزي رياست آهي، اڳ سڄي اقليم سنڌ ان جي ماتحت هئي. اهو سڀ کان وڏو شھر آهي، هتي جون سجايون مٽيءَ ۽ ڪاٺ جون ٺهيل آهن. هتان جي مسجد نهايت ڪشادي، سھڻي ۽ شاندار آهي. منجهس ڪِٺ جي ڪاٺيءَ جا چٽيل ٿنڀا جڙيل آهن.“
سنڌ جي هن شھر جي ماڻهن بابت لکي ٿو ته، ”هتان جا ماڻهو علم دوست، سمجهو، بامروت، مسافر نواز ۽ ديندار آهن. هي شھر علم ۽ واپار جو مرڪز آهي. هتي جون مينهون سهڻيون آهن ۽ کير گهڻو ڏينديون آهن. هتان جي هوا هلڪي آهي ۽ سيءُ گهٽ پوندو آهي.“
ديبل شھر لاءِ لکي ٿو ته، ”ديبل هڪ وڏو رونق وارو بندرگاھہ آهي، جنهن جي چوڌاري سون جي تعداد ۾ ننڍا وڏا ڳوٺ آهن. هن بندرگاھہ جي وڏي اپت آهي، هتان جا ماڻهو خوش خوراڪ، خوش پوشاڪ ۽ خوش مزاج آهن. اقليم سنڌ جو چوٿون صوبو ’ويهند‘ لکيو اٿس، جيڪو منصوره کان بہ وڏو، ساون باغن سان ڀريل هو، جتان جا ماڻهو سکيا ستابا ۽ کاڌي پيتي جون شيون سستيون ٻڌايون اٿس. سنڌ اقليم جو پنجون صوبو قنوج کي سڏيو اٿس، ڇهون صوبو ملتان واپار جو وڏو مرڪز ڄاڻايو اٿس. انهن صوبن جي ڌار ڌار احوال کانپوءِ لکي ٿو ته، ”سنڌ سون، دوائن، اوزارن، مصري ۽ ٻين سهڻين شين جو مرڪز آهي. هتي چانور، ڪيلو ۽ ٻيون شيون ٿين ٿيون، جن ۾ کجيون ۽ کارڪون گهڻيون ٿين ٿيون. عدل، انصاف ۽ سياست بہ سنڌ ۾ گهڻي هلي ٿي.“ بشاريءَ، سنڌي سمنڊ ۽ سنڌو درياھہ جو ذڪر بہ ڪيو آهي، جيڪو وچ مان لنگهي ٿو، جيڪو برڪت وارو ۽ فيض جو سرچشمو سمجهيو وڃي ٿو. هُو لکي ٿو تہ اقليم سنڌ جا ماڻهو سٿڻ ۽ چولو پائيندا آهن ۽ وار ڊگها رکندا آهن، ڪي شوقين ڪنن ۾ واليون بہ پائيندا آهن، مٿي جو لباس عام طرح پٽڪو آهي. صنعتن جي حوالي سان هن فراسين، پٿراڻين ۽ غاليچن کان سواءِ عمدي ڪپڙي جو بہ ذڪر ڪيو آهي، جيڪو ٻاهر موڪليو ويندو هو. منصوره مان کنڀاتي جتيون بہ ٻاهر وينديون هيون.
بشاري المقدسيءَ سنڌ بابت تمام اهم معلومات ڏني آهي. سندس ڪتاب جو اردو ترجمو ’اسلامي دنيا دسوين عيسوي مين‘ خورشيد فاروقيءَ ڪيو، جيڪو 1962ع ۾ دهليءَ مان ڇپيو، بشاري المقدسيءَ 956ع ۾ وفات ڪئي.
ٽي. جي. ڪارليس (T. G. Carless): هي انڊين نيويءَ جو آفيسر هو ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ ترقي ڪندو ڪموڊور ٿيو. سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ملازمت ڪيائين. سکر ۾ سپرنٽينڊنٽ نيويگيشن رهيو. ڪراچيءَ ۾ سرويئر جي عهدي تي ۽ حيدرآباد ۾ ڊرافٽ مين رهيو ۽ ڪيترائي نقشا ٺاهيائين. هن ڪراچيءَ ۽ ان جي چوگرد علائقن بابت رپورٽون لکيون، جن مان منگهي پير جي علائقي، لسٻيلي ۽ انڊس ڊيلٽا بابت رپورٽن کانسواءِ ڪراچي بندر جي واپار بابت پڻ رپورٽ لکي. ڪراچيءَ بابت رپورٽ ۾ هن ان جي بيهڪ، تجارت، آباديءَ، جاگرافي ۽ فوجي اهميت تي روشني وڌي. هن ان وقت ڪراچيءَ جي آبادي چوڏهن هزار لکي آهي، جنهن ۾ سنڌي هندو، بلوچ، لوکائي، موودان ۽ جت شامل هئا. هندو واپارين جو سڄيءَ سنڌ ۾ زبردست اثر هو، ڇو تہ حڪمرانن ڪراچي بندر مان واپاري سرگرمين سبب ملندڙ روينيو جي ڪري ائين ٿي چاهيو. سندس ان رپورٽ جو عنوان: Memoirs of the Bay, Harbour and Trade of Karachi آهي، جيڪا هن 1838ع ۾ بمبئي سرڪار وٽ جمع ڪرائي هئي.
جارج بوئسٽ (George Bouist): هي اينگلو انڊين صحافي هو، جيڪو 1805ع ۾ فورا شائر ۾ ڄائو. 1846ع ۾ بامبئي ٽائيمس سان وابستہ ٿيو ۽ سڄي عمر لکڻ پڙهڻ ۾ گذاريائين. سندس ڪالمن جو ڪتاب: Outline of Operation of the British Troops in Scinde and Afghanistan نالي ڇپيو. جارج بوئسٽ سر چارلس نيپيئر جي سرواڻيءَ ۾ سنڌ ۾ ٿيندڙ آپريشن جو مخالف هو ۽ ان لاءِ اخبار ۾ ڪالم لکندو رهيو. هي ميجر آئوٽرام کي بہ ويجهو هو ۽ ٻنهي گڏجي سنڌ سان ٿيل ناانصافيءَ کي وائکو ڪيو، جنهن جي حمايت ڪيترن انصاف پسند انگريزن پڻ ڪئي. ڊاڪٽر بوئسٽ ان مسئلي تي ڀرپور نموني لکيو ۽ سنڌ ۾ هر برطانوي خراب عمل جي مخالفت ڪئي ۽ اخبارن ۾ پنھنجي راءِ جو اظهار ڪيو.
جنرل جيمس آئوٽرام (James Outram): سر چارلس نيپيئر جي سنڌ فتح ڪرڻ جي جواز ۾ جيڪي ڪتاب لکيا ويا، انهن ۾ سندس ڀاءُ وليم نيپيئر جا ڪتاب بہ هئا، جنهن نيپيئر جي بچاءَ ۾ گهڻو وڌاءَ کان ڪم وٺي لکيو. سندس اهڙين ڳالهين جي جواب ۾ جنرل جيمس آئوٽرام پڻ هڪ ڪتاب The Conquest of Scinde- a Commentary لکيو، جنهن ۾ هن سر چارلس نيپئر جي پاليسين جي مخالفت ۾ لکيو. هي 1803ع ۾ ڊربي شاير ۾ ڄائو هو. هو 1819ع ۾ بمبئيءَ آيو ۽ برطانيا طرفان مختلف محاذن تي وڙهيو. 1839ع ۾ کيس ميجر جي عهدي تي ترقي ڏئي ’لاڙ سنڌ‘ ۾ سياسي نمائندو يا پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ڪيو ويو، جتان پوءِ وري ’اتر سنڌ‘ ۾ بہ رکيو ويو. هو سر چارلس نيپئر جي پاليسين جو مخالف هو، جنهن ۾ سنڌ تي حملي جي حڪمت عملي بہ شامل هئي، پر تڏهن بہ جنگ ۾ هن برطانوي سالار جي حفاظت ڪرڻ لاءِ اٺ هزار بلوچن جي حملي کي منهن ڏنو. کيس ان جي ڪري ليفٽيننٽ جي عهدي تي ترقي ڏني وئي.
آئوٽرام پنھنجي ڪتاب ۾ انهيءَ جنگ ۽ فتح ۾ نيپيئر طرفان ڪيل غلطيون ۽ حرڪتون پڌريون ڪيون، سندس ڀاءُ جي ڪتابن تي تنقيد ڪئي ۽ ٽالپرن خلاف وڙهندڙ فوجين ۾ دوکي ۽ بي ايمانيءَ سان مقامي ماڻهن کي شامل ڪرڻ جي سازش کي پڌرو ڪيو ۽ ٻڌايو تہ ڪيئن نيپيئر معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪئي. سندس ڪتاب جي ٻئي جلد ۾ هن دليلن سان ثابت ڪيو تہ ميرن کي انگريزن جنگ ڪرڻ لاءِ هر طرح مجبور ڪري وڌو هو ۽ هن ٽالپرن تي لڳل الزامن بابت سندن وڪالت ڪئي. آئوٽرام پنھنجي ڪردار سبب اهم تذڪري نگار چئي سگهجي ٿو. ڪراچيءَ ۾ سندس نالي هڪ روڊ پڻ آهي. هن 11 مارچ 1863ع تي لنڊن ۾ وفات ڪئي.
جوزف سالبئنڪ (Joseph Salbank): هي مشھور برطانوي واپاري ۽ سياح هو، جيڪو سنڌ ۾ 1619ع ڌاري آيو هو. هو واپار لاءِ سيوهڻ شھر ۾ رهائش پذير هو. هن پنھنجي احوال ۾ سنڌ ۾ واپار، صنعت ۽ زراعت جي لحاظ کان گهڻي خوشحاليءَ جو ذڪر ڪيو آهي. سالبئنڪ بابت ڊاڪٽر سورلي ۽ ڊاڪٽر ڇٻلاڻيءَ گهڻائي حوالا پنهنجن ڪتابن ۾ ڏنا آهن. هن سنڌ جي جن شين جي ساراھہ ڪئي آهي انهن ۾ اوچو سوٽي ڪپڙو، عاليشان پٿراڻيون، غاليچا ۽ ريشم اهم آهن، جن جو سٺو واپار ٿيندو هو. هو هتان جي سوٽي ڪپڙي جي اوچي معيار جي ساک ڏي ٿو ۽ لکي ٿو تہ: ”هتي سوٽي ڪپڙو ڪيترن ئي قسمن جو ٺھي ٿو، جن مان هرک، سادو ڇريل، سنهو ۽ ٿلهو بافتو، عاليشان ڇيٽ، تسر، ململ، سوسي، لونگي، گيگم، حلواڻ، کيس، چـُني، اجرڪ ۽ ٻيو سادو ڪپڙو ٺهندو آهي. انهيءَ صنعت جي ڪري ڪپھہ جي پيدائش بہ پوري ڪانہ پوندي هئي، ان ڪري ئي گهڻي انداز ۾ ڪپھہ ڪڇ ۽ نگنا مان بہ گهرائي ويندي هئي.
سالبئنڪ جي لکڻ موجب ان وقت سنڌ جي هر ڳوٺ، هر واهڻ، هر وستيءَ ۽ هر شھر صنعت ۽ حرفت جو مرڪز هو. سنڌ جو ڪو بہ ماڻهو بيڪار ۽ واندو ڪونه ويهندو هو ۽ مرد، عورتون سڀئي ڪنهن نہ ڪنهن ڪرت ۾ رڌل هوندا هئا. هن سنڌ ۾ چمڙو، تلوارون ۽ ٻيا هٿيار ٺاهڻ جي صنعت جو بہ ذڪر ڪيو آهي. هتان جي ماڻهن کي هو شريف، ايماندار ۽ سھڻي روش وارا سڏي ٿو. سنڌو درياھہ ذريعي واپار جو ذڪر ڪندي لکي ٿو تہ: ”سنڌو درياھہ ۾ چاليھہ پنجاھہ ٽنن جون ٻيڙيون هلن ٿيون، جن جي مدد سان هندستان جي مختلف هنڌن سان رابطو رهي ٿو ۽ هن سنڌوءَ ۾ هلندڙ ٻيڙين ۽ انهن جو جيڪو نقشو چٽيو آهي، اهو ڪنهن جديد جھاز کان گهٽ ڪونهي.“
هو لکي ٿو ته، ”اهي ٻيڙيون سنئين ۽ تراکڙي تري سان آهن ۽ منجهن هر هڪ پاسي تي ڪوٺيون ٺهيل آهن. هر هڪ ڪوٺيءَ ۾ رڌڻو ۽ آرام ڪرڻ جي جاءِ آهي. اهي ڪوٺيون مسافرن يا واپارين کي مسواڙ تي ڏنيون وينديون آهن ۽ هر هڪ پنھنجي پنھنجي ڪوٺيءَ ۽ آرامگاھہ کي تالي سان بند ڪري سگهي ٿو. جتي جتي بہ کين مارڪيٽ ملي ٿي، اتي نيڪال ڪرڻ لاءِ انهن وٽ مال تيار رکيو هوندو ۽ سچ پچ مون اهڙيون سهولتون ڪڏهن بہ نہ ڏٺيون.“ جوزف سالبئنڪ سنڌ جي روانگي ۽ آمدني واپار بابت گهڻو ڪجهہ لکيو آهي. سندس لکيل ڪتاب:
Mr. Salbank’s Journey Through India, Persia and Part of Turkey and Arabia A.D 1609، جيڪو دراصل 1705ع ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ اهڙي معلومات ملي ٿي.
جيمس ميڪمردو (James Mc Murdo): هن تذڪري نگار جو جنم اسڪاٽلينڊ ۾ 30 نومبر 1785ع ۾ ٿيو. سندس والد فوج ۾ هو ۽ هن کي بہ فوج ۾ ڀرتي ڪرايائين. هن گڏيل هندستان ۾ مختلف هنڌن تي خدمتون ڪيون. 1812ع ۾ هو هندستان ۾ ڪڇ جو پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ هن ڪڇ، سنڌ ۽ مڪران جا سامونڊي ڪنارا گهمي اهم معلومات گڏ ڪئي ۽ سنڌ بابت فارسي ڪتاب بہ گڏ ڪيائين. سنڌ ۾ رهڻ دوران هن سنڌي، فارسي ۽ اردو ٻوليون سکيون ۽ سنڌ جي جاگرافي تاريخ ۽ ملڪي حالتن جو ڪافي مطالعو ڪيائين ۽ ٻن جلدن ۾ سنڌ بابت معلومات کي لکيو جيڪي بعد ۾ رائل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ پاران 1834ع ۾ ڇپيا. ان ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ هن سنڌ جا ڳوٺ ۽ شهر، واپار ۽ پيداوار، جانور ۽ آدمشماري، ڪلچر ۽ ريتون رسمون ۽ ٻوليءَ بابت لکيو ۽ ٻئي حصي ۾ سنڌو درياھہ جي تاريخي اهميت ۽ مختلف دورن ۾ بدلجندڙ وهڪرن جي ڄاڻ سان گڏ انگريزن لاءِ ان جي اهميت جو بہ لکيو.
ميڪمردو عام تاريخن جي ابتڙ بادشاهن ۽ حاڪمن ۽ سندن درٻارن بابت لکڻ بدران عام ماڻهن، ملڪ ۽ ملڪي آبهوا ۽ پيداوار وغيرہ تي ڌيان ڏنو. هن ٺٽي بابت لکيو آهي تہ ان شھر جو بنياد 900ھہ/1495ع ۾ ڄام نطام الدين سمي جي زماني ۾ پيو، جنهن کي عام طور ڄام نندو سڏيو ويندو هو. ان کان اڳ لاڙ جي راڄڌاني سمه نگر هئي، جيڪا ٺٽي کان ٽي ميل اتر اولھہ طرف ٻڌائي وڃي ٿي. هن سنڌين جي سستي ۽ ڪاهليءَ جو ذڪر بہ ڪيو آهي. ميڪمردو سنڌي ٻوليءَ بابت لکيو تہ: ”سنڌ ۾ عام طور ٻہ ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، انهن مان هڪ سنڌي آهي جيڪا سنڌ جي اصلوڪي ۽ بنيادي ٻولي آهي، ٻي ٻاروچي ٻولي آهي، جيڪا لکيل صورت ۾ ڪا نہ ٿي ملي، پر ڪٿي ڪٿي عربي رسم الخط ۾ لکيل ڏٺي وئي آهي، پر سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطي موجود آهي ۽ ان کي پنھنجي ’الف. ب‘ آهي، جيڪا ڄڻ تہ سنسڪرت جي شاخ آهي، جنهن هندستان کي گهڻئي ٻوليون ڏنيون آهن.“ ميڪمردو جو احوال سماجي تاريخ جي حوالي سان ڪافي اهم آهي. هن 28 اپريل 1820ع تي وفات ڪئي.
چارلس مئسن (Charles Mason): هي هڪ واپاري هو ۽ سياحت جي خيال کان هندستان آيو ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ 1822ع ۾ نوڪري ڪيائين. ان کانپوءِ 1827ع ۾ فقيري ويس ڪري سنڌ، هند ۽ افغانستان جو سير ڪرڻ نڪري پيو. سنڌ جي مختلف شهرن جو دورو ڪيائين. قنڌار کان ڪوئيٽا، پوءِ شڪارپور، اتان سکر پوءِ روهڙي گهمي لاهور هليو ويو. وري ٻيو ڀيرو لاهور کان سکر، لاڙڪاڻي، حيدرآباد کان ٺٽي ۽ پوءِ ڪراچيءَ پهتو. اتان ڪجهہ وقت لاءِ بصري ويو وري واپس ڪراچيءَ موٽي آيو. آخر ۾ ڪي اهم دستاويز آڻي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي ڏنائين، جنهن سندس وظيفو مقرر ڪيو. چارلس مئسن جي سفرنامي جا ٻہ ڀاڱا ڇپيل آهن، جن ۾ پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخوا، بلوچستان ۽ افغانستان جو احوال آهي.
چارلس مئسن، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڌاڙيلن جي آزار بابت لکيو آهي تہ انهن تي وقت جي حڪومت ڪو ضابطو نہ ٿي رکيو ۽ ماڻهو سخت پريشان هئا. شڪارپور جي خوشحالي ۽ شاهوڪاريءَ جو ذڪر ڪندي دنيا سان ان جي تجارتي ناتن جو احوال ڏئي ٿو. هنن جي ايمانداريءَ جي هاڪ سبب هندستان کان وچ ۽ اولھہ ايشيا ۾ سندن هنڊين جي وڏي ساک هئي. پر وري جڏهن هو ڪجهہ سالن کانپوءِ ٻيهر آيو تہ ڏٺائين تہ شھر اجڙي چڪو هو ۽ پسگردائيءَ وارن شهرن مان گهڻا ماڻهو لڏي چڪا هئا. سکر جو بہ ساڳيو حال هو ۽ ملڪ ۾ ڦرون ۽ ڌاڙا وڌي ويا هئا. اهڙيءَ ريت چارلس مئسن جو لکيل احوال سنڌ جي سماجي سياسي تاريخ کان بہ وڌ اقتصادي صورتحال تي روشني وجهي ٿو.
دئارت باربوسا (Duarte Barbosa): 1480ع ۾ پرتگال ۾ ڄائو. هي هڪ پورچوگيزي ليکڪ ۽ کوجناڪار هو، جيڪو 1500ع کان 17-1516ع ۾ انڊيا ۾ هڪ فيڪٽريءَ جو ملازم بہ هو تہ ملايالم ٻوليءَ جو ڄاڻو هئڻ ڪري ترجمان بہ هو. سنڌ ۾ پورچوگيزن جي ڪوٺي هئي جتي سندن ايجنٽ رهندا هئا، جيڪي تجارتي مال سنڌ جي ننڍن شهرن مان خريد ڪري، ٺٽي ۾ پنھنجي تجارتي مرڪز کي موڪليندا هئا.
مقامي حڪومت کي هن تجارت مان ساليانو هڪ لک روپيا فائدو ٿيندو هو، ان ڪري اها سندن دٻاءَ ۾ رهندي هئي. باربوسا 1516ع ڌاري لاهري بندر اچي اتان سنڌ ۾ گهڙيو ۽ گهڻو وقت ٺٽي ۾ رهيو ۽ ٻيا شھر بہ گهميو ۽ درياھہ ذريعي سفر ڪري سنڌ جي باري ۾ معلومات حاصل ڪيائين. هو هتان جي شهرن کي آسودا خوشحال شھر سڏي ٿو ۽ زمين کي ڀلي ۽ زرخيز چوي ٿو، جنهن ۾ ڪڻڪ ۽ جَوَ جي گهڻائيءَ جو ذڪر ڪري ٿو. هو لکي ٿو تہ: ”هندستان جي باقي حصن ۽ ٻين ملڪن سان سنڌ جو گهڻو واپار هلي ٿو. خاص ڪري هتي ڪپڙو ايترو تہ تيار ٿيندو هو جو واپار لاءِ جيڪي جھاز ايندا هئا انهن کي پـُر ڪرڻ لاءِ اهو ڪافي هو. انهن تي جيڪو محصول پوندو هو سو بہ هڪ لک روپيا هوندو هو.“ ان وقت جي لحاظ کان اها تمام وڏي رقم هئي. باربوسا سنڌ ۾ مڇيءَ جي گهڻائي ۾ مرڻ ۽ انهن کي لوڻي ٻاهرين ملڪن ڏانهن برآمد ڪرڻ جو احوال بہ لکيو آهي، جنهن مان سٺي اپت ٿيندي هئي.
باربوسا چڱو وقت ٺٽي ۾ گذاريو، جنهن ۾ هن موجب ان وقت ڏيڍ لک گهر هئا ۽ هر هڪ گهر ۾ گهڻا ئي ڪٽنب رهندا هئا. سندس وقت ۾ ٺٽو مغلن جي هٿ هيٺ هو. هن سنڌ جي گهوڙن جي بہ گهڻي تعريف ڪئي آهي. سندس ڪيل ڪن ڳالهين جي تصديق نہ ٿي سگهي آهي. 1521ع ۾ فلپائين ۾ وفات ڪيائين.
ڊاڪٽر جيمس برنس (Dr. James Burnes): 1827ع ۾ سنڌ جي بيمار حاڪم مير مراد علي ٽالپر جو علاج ڪرڻ لاءِ آيل ڊاڪٽر جميس برنس، طب کانسواءِ علم ۽ ادب جو بہ شوقين هو. هو سنڌ ۾ ٽي مهينا رهيو ۽ سندس علاج سان مير صاحب صحتمند ٿيو. هو جيترو وقت بہ سنڌ ۾ رهيو. ان دوران جيمس برنس، سنڌ جي سياسي سماجي ۽ اقتصادي حالتن جو جائزو ورتو ۽ انهن بابت هڪ خاص ڪتاب لکيو، جنهن ۾ ميرن جي اندروني معاملن، مسئلن، سنڌ جي طبعي حالتن ۽ سنڌونديءَ جي وهڪرن سان گڏ ڪڇ جو احوال بہ لکيو، جيڪو 1831ع ۾ ڇپيو:
A Narrative of A Visit to the Court of Sindh: A Sketch of the History of Katchh. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو محترم حنيف صديقيءَ ڪيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ 1964ع ۾ شايع ڪيو.
جيمس برنس سنڌ جي درٻار جو ذڪر ڪندي ٻڌايو آهي ته، اتي قلعي ۾ ڪيتريون سوڙهيون گهٽيون هيون، جن مان لنگهي درٻار جي اڱڻ ۾ پهچبو هو. اتي سھڻي پوشاڪ وارا سنڌي موجود هئا. اڱڻ ۾ ٻنهي پاسن کان ڀتين تي نقاشي ٿيل هئي ۽ زمين تي خوبصورت ايراني غاليچا وڇايل هئا... اهو منظر کيس ننڍي هوندي مشرقي آکاڻين ۾ پڙهيل ماحول جهڙو لڳو هو. ميرن جي پوشاڪ جي بہ تمام گهڻي ساراھہ ڪئي اٿس. سنڌ جي خوشحاليءَ جو پڻ ذڪر ڪيو اٿس: ”قدرت ان کي سنڌو نديءَ جهڙي پائدار ۽ مستقل نعمت عطا ڪئي آهي، جيڪا واپار ۽ زراعت جو اهڙو ذريعو آهي، جنهن کي ڪو ظالم بند نہ ٿو ڪري سگهي. حاڪمن جي مخالفت هوندي بہ زمين جي ذرخيزيءَ ڪري سنڌ ۾ مزدوريءَ ۽ کاڌي پيتي جون شيون ڪڇ کان سستيون آهن. ڪڇ جا ماڻهو هميشہ جنگين جي وقت ۾ پيٽ قوت ۽ گذران لاءِ سنڌ ڏانهن ايندا آهن، تنهنڪري هن ملڪ ۾ ماڻهو سکيا ستابا نظر ايندا آهن.“
جيمس برنس جو هي ڪتاب سنڌ جي سياسي حالتن تي بہ روشني وجهي ٿو. ان ڏس ۾ رابرٽ هچنبئڪ پنھنجي ڪتاب:
British Relations with Sind 1799-1843-An Anatomy of Imperialism جي صفحي 18 تي لکيو آهي ته، ”انهيءَ ڪتاب جي مثبت رپورٽنگ جي ڪري انگريزن کي پنھنجي مستقبل واري پاليسي ٺاهڻ ۾ وڏي مدد ملي ۽ پهريون ڀيرو سنڌونديءَ بابت امڪانن کي ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ ان کي اندرون ايشيا ۽ هندستاني اپٻيٽ جي وچ ۾ تعلق جو بھترين ذريعو بنائي فائدو وٺڻ جو خيال پختو ٿيو.“
انٽرنيٽ جي ڪن ذريعن موجب ڊاڪٽر جيمس برنس، سر اليگزينڊر برنس جو ڀاءُ هو، پر ان جي تصديق نہ ٿي سگهي آهي. ڪراچيءَ ۾ برنس روڊ سندس نالي تي آهي.
ڊاڪٽر رچرڊ هارٽلي ڪينيڊي (Dr. Richard Hartley Kennedy): هي صاحب بمبئي آرمي ڊويزن جو سنڌ لاءِ ميڊيڪل اسٽاف رهيو. 1831ع کان 1836ع دوران سنڌ ۽ افغانستان ۾ فوجي مهمن جو حصو رهيو ۽ پوءِ ٻن جلدن ۾ پنهنجو سفرنامو لکيائين: Narrative of Campaign of Arms of the Indus in Sind and Kabool، جيڪي لنڊن مان ڇپيا. هن هڪ فوجي ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ ڪراچيءَ ۾ وقت گذاريو. ان ڪري ڪراچيءَ جي ڪنارن، نظارن ۽ سياحتي مرڪزن سان گڏ ان جي اهميت بابت لکيو. هن پڻ سنڌ جي حڪمرانن جي گِلا ڪئي آهي ۽ کين نااهل ۽ منافق سڏيو آهي، جن جي انگريزن سان قول ۽ فعل ۾ فرق هو. سنڌ جي بزرگن مان پير پٺي جي مزار تي روحانيت جو حوالو بہ ڏنو آهي. هو ٺٽي جا مقبرا، مزارون، مسجدون، تاريخي جايون گهميو ۽ اتي ٿيل ڪاشيگيريءَ جي ساراھہ بہ ڪيائين. هن جي ڪتاب ۾ گهڻي قدر سنڌ جي تاريخ، تهذيب، قديم آثارن ۽ درويشن جي مزارن تي بحث آهي. هن شڪارپور، لاڙڪاڻي، سکر، جهرڪ، سيوهڻ، راڌڻ ۽ ٻين شهرن جو بہ ذڪر ڪيو آهي. هن لاڙڪاڻي سان منسوب اڙل واھہ جي ڊيگهہ، ويڪر ۽ لنگهہ بابت پڻ احوال ڏنو آهي ته، ”اڙل جيڪو 5 ميل ڏکڻ طرف آهي ۽ سيوهڻ واري علائقي جي ڏکڻ اولھہ وارو طرف ڏئي اڳتي وڃي ٿو.“
هن ڪتاب جي هڪ باب ۾ تذڪري نگار تهذيبن جي اوج ۽ زوال تي سائنسي انداز ۾ بحث ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌو درياھہ تي آباد تهذيبن ۽ ٺٽي جي قديم ترين تاريخ تي ۽ سنڌ ۾ سڪندراعظم جي سفر کان ويندي انگريز فوجن ۽ مهمن جو سنڌو درياھہ جي حوالي سان گهڻو ذڪر ڪيو آهي. ڊاڪٽر ڪينيڊيءَ، 24 جولاءِ 1865ع ۾ لنڊن ۾ وفات ڪئي.
ڊبليو. ايڇ. مورلينڊ (W.H Mooreland): ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ کي واپاري دنيا ۾ اهم مقام حاصل هو، جنهن ۾ اناج، کير، ڪپري، نير، قلمي شوري ۽ چمڙي جي سامان ٺاهڻ جي ڪري مشھور هئي ۽ ان ۾ ڪيئي صنعتون موجود هيون. مورلينڊ پنهنجن ٽن ڪتابن ۾ سنڌ جي تجارت ۽ معيشت جو ذڪر بہ ڪيو آهي. سندس ڪتابن جا نالا آهن:
(1) India at the Death of Akber (1920)
(2) From Akber to Aurangzeb (1923)
(3) Agrarian System in India (1929)
هو لکي ٿو تہ: ”سنڌ ۾ صنعت جا خاص مرڪز ٺٽو ۽ نصرپور هئا. قلمي شورو روانگي واپار واري مال ۾ اهم حيثيت رکندڙ هو.“ هن واپاري ماڻهن مان شڪارپورين جي واپاري ساک جو ذڪر ڪيو آهي، جن لاءِ لکي ٿو تہ: ”شڪارپور جي واپارين جو مکيہ ڌنڌو هـُنڊين تي پئسا ڏيڻ ۽ ڏيتي ليتي ڪرڻ آهي ۽ اهو ڌنڌو پيڙهين کان هلندو اچي. ان وقت جا واپاري ڏيتي ليتيءَ ۽ واپاري ساک ۽ ديانتداريءَ ۾ نهايت بلند درجي تي پهتل هئا.“ معاشي حوالي سان ڏٺو وڃي تہ ان وقت هڪ ڪارخاني جي مزدور جو پگهار ماهوار ٻہ روپيا ڏسيو اٿس. هو لکي ٿو تہ: ”اڪبر ۽ جھانگير جي ڏينهن ۾ هڪ بي هنر پورهيت کي چاليهن ڏينهن جي مهيني لاءِ ٽن کان چار روپيا ملندا هئا ۽ هنرمند پورهيت کي روزانو پنجن کان ڇھہ ٽڪا ملندا هئا. اهڙيءَ طرح هو پاڻ کي ايڏو بلند ۽ طاقتور سمجهندو هو، جو نوڪريءَ جي آڇ ٿيندي هئس تہ ٿڏي ڇڏيندو هو، ڇاڪاڻ تہ هن وٽ سڀڪي ججهو هو، جنهن مان بہ ڪجهہ بچت ٿيندي هئس.“
ڊبليو. ايڇ. واٿن (W. H. Wathen): هن جو پورو نالو وليم هينري واٿن هو. سندس جنم 1802ع ۾ وينچيسٽر ۾ ٿيو. سول سروس جو امتحان پاس ڪري هندستان ۾ مختلف عهدن تي رهيو. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ طرفان بمبئي سرڪار ۾ چيف سيڪريٽريءَ جي عهدي تي ڪم ڪندڙ عملدار هو، جنهن سنڌونديءَ جي ٻنهي ڪپن تي ڳالهائجندڙ ٻوليءَ جي يورپي عملدارن کي ڄاڻ ڏيڻ خاطر گرامر جو ڪتاب لکيو. هن سنڌي ٻوليءَ کي سنسڪرت مان نڪتل ۽ ڪن صورتن ۾ ان جي پالي ٻوليءَ سان هڪجهڙائيءَ جو بہ ذڪر ڪيو ۽ ان جي پکيڙ سنڌ کانسوءِ بھاول پور، ديره جات، ملتان، ڪڇ ۽ بلوچستان تائين ٻڌائي. هن سنڌي ٻوليءَ بابت جيڪي ڪتاب لکيا، جن مان پهريون هو A Grammar of Sindhi Language، جنهن جو پهريون ڇاپو 1836ع ۾ بمبئيءَ مان ڇپيو، ان کانپوءِ ان جا چار ايڊيشن ٻيا بہ ڇپيا. سندس ٻيو ڪتاب ساڳئي ڪتاب ۾ واڌارن سان ڇپيو A Grammar of Sindhi Language (Vocabulary English and Sindhi- Sindhi and English)، جنهن جو صرف هڪ ايڊيشن ساڳئي سال ڇپيو. ان کان سواءِ برطانيا جي رائل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ طرفان سندس ٻہ اهم مقالا پڻ ڇپيل آهن، جن ۾ هن سنسڪرت ٻوليءَ جي هڪ قديم لکت ٽن ٽامي جي ٿالهين تي لکيل پڙهي شايع ڪرائي، جيڪي ڪرناٽڪ مان مليون هيون ۽ ڪنڙ جي پرواڙ هالا (Parvada Halla) اکرن ۾ لکيل هيون، جڏهن تہ ٻي لکت پڻ ساڳئي قسم جي پڙهي (decipher ڪئي) هئائين، اهي ٻئي مقالا 1837ع ۽ 1839ع ۾ شايع ٿيا.
هو هندستاني ٻولين سان لڳاءَ سبب اهي سکيو ۽ هندستان جي قديم رسم الخط تي پڻ تحقيق ڪيائين ۽ گرامر جا ڪتاب لکيائين. گرامر جي ڪتاب ۾ هن سنڌي ٻوليءَ جو مختصر تاريخي جائزو بہ ڏنو تہ گرامر جا قاعدا بہ بيا ڪيا. هن ڪتاب ۾ 3000 سنڌي لفظن جون انگريزي سنڌي معنائون الف ب وار ڏنل آهن ۽ ساڳيءَ ريت انگريزي لفظن جون سنڌي معنائون پڻ ساڳئي طريقي ڏنل آهن. سنڌي ٻوليءَ لاءِ رومن لپي استعمال ڪيائين. هن سنڌي ٻوليءَ کي آريائي ٻولي سمجهيو ۽ لکيو.
ڊبليو. ايڇ. واٿن جي لکيل گرامر کي بنياد بنائي ڪيپٽن جارج اسٽئڪ پنهنجو گرامر جوڙيو هو. ٻئي طرف ڊاڪٽر ٽرمپ واٿن جي گرامر کي نحوي حوالي سان کٽل ڄاڻائي ٿو، ٻيءَ صورت ۾ ان کي پهريون باقاعدي گرامر جو ڪتاب مڃيو ويو آهي. ڊبليو. ايڇ. واٿن جي زندگيءَ جو باقاعدي احوال نہ ٿو ملي. سندس والدہ جو نالو ايلزبيٿ واٿن هو ۽ هي اولھہ هندستان جي ڪن ٻولين جو ماهر هو ۽ 1826ع ڌاري بمبئيءَ جي گورنر جو پرشين سيڪريٽري (فارسيءَ لاءِ سيڪريٽري) بہ رهيو هو. هينري واٿن، 28 جون 1866ع تي وفات ڪئي.
رابرٽ ارسڪن: هي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي 1758ع ۾ سنڌ ۾ ٻي ڪوٺي قائم ڪرڻ وقت قلمي شوري جي صنعت کي وڌائڻ لاءِ شاهي فرمان حاصل ڪري هتي آيو. هن جا بمبئي مرڪزي سرڪار ڏانهن لکيل احوال ۽ رپورٽون سنڌ جي ذڪر سان ڀريل آهن. هن دور ۾ سنڌ جو حاڪم ميان غلام شاھہ ڪلهوڙو هو، جنهن جي درٻار ۾ پهچڻ سان رابرٽ ارسڪن کيس هڪ اشرفي، هڪڙو بخمل جو ٿان ۽ ڪجهہ آرسيون ڪمپنيءَ طرفان سوکڙيءَ طور ڏنيون، جنهن جي موٽ ۾
غلام شاھہ کيس هڪ ڪيمخواب جو چوغو، هڪڙي شال، هڪ پٽڪو، هڪ خنجر، هڪ سون سان مڙهيل تلوار، چانديءَ جي سنجن سان سينگاريل هڪ ايراني گهوڙو ڏنو ۽ اهو پروانو بہ ڏنو تہ انگريزن کانسواءِ ٻيءَ ڪنهن بہ قوم کي سنڌ ۾ قلمي شوري جي خريد ڪرڻ جي اجازت حاصل نہ هوندي ۽ گڏوگڏ کين محصول کان بہ ڇوٽ حاصل هوندي. رابرٽ ارسڪن سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو ريزيڊنٽ مقرر هو. ڊاڪٽر سورلي سندس رپورٽن کي سنڌ جي تجارتي ۽ اقتصادي حالتن تي بھترين رپورٽ ڪوٺيو آهي. ارسڪن ان وقت جي سنڌ جي باري ۾ لکيو آهي تہ: ”سنڌ چڱي امن پرور حڪومت جي هٿ هيٺ آهي، هتي اناج ۽ زندگيءَ جي ٻين ڪيترين ئي شين جي گهڻائي هميشہ رهي آهي. هتي ذهين ۽ تجربيڪار مزدور گهٽ آهن. شاهبندر جي هوا غير صحتمند آهي، جنهن ڪري ڪمپنيءَ جي اسٽاف جا ماڻهو بيمار رهن ٿا.“ هن حڪمرانن وٽ گهڻن هاٿين هئڻ جو ذڪر بہ ڪيو آهي تہ ٺٽي ۾ هوليءَ جو ڏڻ شاندار نموني ملهائجڻ جي ڳالھہ بہ ڪري ٿو.
رابرٽ ليچ (Robert Leach): هيءُ انگريز تذڪري نگار، 7 ڊسمبر 1813ع ۾ ڄائو. سنڌ ۽ افغانستان ۾ درياهي رستن تي مهمون سر ڪيائين. هي ٻولين ۽ گرامر جو ماهر هو. سنڌ ۾ سندس ڪيل خدمتن جو ذڪر اليگزينڊر برنس ڪيو آهي. رابرٽ ليچ پنھنجي تحريرن ۾ سنڌ بابت گهڻو لکيو آهي. هن جو ٻولين بابت ڪتاب Vocabularies of the Seven Languages Spoken in the Countries of West of India لفظن جي ڀنڊار يا نام مالهائن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سنڌي لفظ بہ آهن. ان کي ڪيترن سنڌي محققن ۽ لسانيات جي ماهرن استعمال ڪيو آهي. هن جي اها لفظي فهرست مسٽر واٿن، پرنسيپ ۽ ڪيپٽن اسٽيڪ جي گرامرن ۽ لغتن کان بہ اڳ جي آهي، جنهن مان ڏيهي ۽ پرڏيهي عالم استفادو ڪندا رهيا آهن.
رچرڊ برٽن (Sir Richard Burton): سر رچرڊ فرئنسسز برٽن، 19 مارچ 1821ع تي هرفرڊ شائر، انگلنڊ ۾ ڄائو ۽ اتي ئي پڙهيو. ڪجهہ وقت فرانس ۾ بہ تعليم حاصل ڪيائين. هو 1842ع ۾ هندستان آيو، جتي هن هتان جون ٻوليون بہ سکيون. هي شاعر، مترجم، لسانيات جو ڄاڻو هو. هن کي دنيا ۾ موجود آثار قديمہ ۽ عجائبات سان دلچسپي هئي. هن
40 کان مٿي ڪتاب لکيا. هن سنڌ ۾ وڏو عرصو گذاريو ۽ هتان جي ٻوليءَ، ادب ۽ سماج جو گهرو مشاهدو ڪيو. سنڌ بابت هن چار ڪتاب لکيا، انهن مان هڪ ڪتاب جو ترجمو ’سنڌ ۽ سنڌو ماٿر ۾ وسندڙ قومون‘ سنڌي ادبي بورڊ 1971ع ڇپايو. سندس ٻئي ڪتاب جو ترجمو ’سنڌ يا ڏکويل ماٿري‘ عنوان سان روشني پبليڪيشن ڪنڊياري، 2005ع ۾ ڇپايو آهي.
برٽن، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ بہ بيان ڪئي تہ ان جون خوبيون بہ لکيون. سنڌيءَ بابت هن لکيو تہ: ”سنڌي هڪ خاص جدا زبان آهي، جيڪا ڪنهن بہ ٻي هندستاني ٻوليءَ مان نڪتل نہ آهي. هيءَ زبان ڪاٺياواڙ جي حدن کان بھاولپور تائين ۽ بروهين جي پهاڙن کان هندستان جي اولھہ ريگستان تائين ڳالهائي ويندي آهي.“
هن سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ شيءِ لاءِ گهڻن نالن هئڻ جي بہ ڳالھہ ڪئي، جنهن جو مثال ’اُٺ‘ لاءِ 12 لفظ هئڻ جو مثال ڏنائين. سنڌي ماڻهن بابت عمومي رايو ڏيندي عورتن جي اخلاق ۽ ڪردار جي ساراھہ ڪندي لکي ٿو تہ: ”سنڌي عورتون هندستان جي هلڪي طبيعت وارين چلولين عورتن جي مقابلي ۾ ڳنڀير نظر اينديون آهن. سونهن جي نقطہ نگاھہ کان سنڌ جون زالون رنگ، روش ۽ جسم ۾ اولھہ هندستان جي زالن کان سرس آهن. سندن اٿڻ ويهڻ جو نمونو سنجيدگيءَ ۽ فضيلت وارو هوندو آهي.“
سنڌ جي پرڏيهي تذڪره نگارن مان رچرڊ برٽن، سنڌ، سنڌي ٻوليءَ، ادب، سماج ۽ تعليم بابت سڀ کان وڌيڪ لکڻ وارن مان هڪ هو ۽ ان سلسلي جا چار ڪتاب لکيائين، جن مان ڪي سنڌيءَ ۾ ترجمو بہ ٿيا. سر رچرڊ فرئنسسز برٽن 20 آڪٽوبر 1890ع ۾ وفات ڪئي.
سر آئزڪ نڪولسن ايلن (Sir Isaac Nicholson Allen): هي تذڪري نگار ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ عهديدار هو. افغانستان کان ٿيندو هندستان آيو ۽ سنڌ ۾ 1843ع ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. هو بنيادي طرح پادري هو ۽ گهڻو پڙهيل لکيل هو ۽ تبليغ جو ڪم بہ ڪندو هو. هن جي عادت هئي تہ انهن سمورين روزانہ سرگرمين جي ڊائري لکندو هو. اها ڊائري بعد ۾ ڪتاب جي صورت ۾ 1843ع ۾ لنڊن مان ڇپي، جنهن جو نالو هو: Diary of A March Through Sinde and Afghanistan.
هو بمبئيءَ کان ڪراچيءَ آيو هو، ان ڪري هن ڪراچيءَ ۾ پهچڻ ۽ رهڻ بابت دلچسپ انداز ۾ لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ بابت ٽي باب آهن. پهريون باب لاڙ سنڌ (Lower Sind) بابت آهي، جنهن جو مرڪز ڪراچي ۽ ٺٽو ڄاڻايا اٿس، جتي فوجي تربيتي ڪيمپون ۽ فوجي آفيسرن جي سرگرمين جا مرڪز هئا. هن مڪليءَ جي مزارن ۽ حڪمرانن جي صورتحال ۽ ٺٽي ۾ تجارتي ڪوٺيءَ بابت بہ جائزو ورتو آهي. ٻئي باب ۾ سنڌو درياھہ ذريعي ڪيل سير جو ذڪر آهي ۽ انگريزن جي واپار جو بہ احوال آهي، جڏهن تہ ٽئين باب ۾ اتر سنڌ جي سکر، شڪارپور، لکي ۽ بکر بابت لکيو اٿس. مجموعي طرح هن سنڌ جي خوبصورت منظرن، جانورن، ٻوٽن، پهاڙن، شڪارگاهن، جي ساراھہ سان گڏ ماڻهن جي سادي رهڻي ڪهڻيءَ ۽ اٺن جي سواريءَ کي پسند ڪري ٿو. هيءَ سفر ڊائري ان دور جي سنڌ جي سماجي ۽ سياسي حالتن تي روشني وجهي ٿي.
سر هينري ايلس (Sir Henry Ellis): هي 1788ع ۾ بڪنگ هيمشائر ۾ ڄائو. اتي ئي تعليم حاصل ڪيائين. هن 1805ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ ملازمت اختيار ڪئي. هن کي 1809ع ۾ هڪ مشن تي سنڌ اماڻيو ويو ۽ هو تقريباً هڪ سال سنڌ ۾ رهيو ۽ ميرن جي حڪومت جو چالاڪيءَ سان جائزو ورتو ۽ واپس وڃڻ کانپوءِ سنڌ جي سفر تي ٻڌل ڪتاب لکيو. هن ٻين بہ ڪيترن ملڪن ۾ ذميواريون نڀايون ۽ انهن بابت پڻ لکيو. سنڌ بابت سندس رپورٽ 1810ع ۾ شايع ٿي، جنهن جو عنوان هو: ‘Memories on the State and Resources of Sindh and Correspondence with Ghulam Ali Talpur (May-June 1809)’.
هي سنڌ ۾ مذهبي رواداريءَ جي ساراھہ ڪندي چوي ٿو تہ: ”هتي سنڌ ۾ هندو مسلم رواداري غير معمولي نوعيت جي آهي، مسلمان ۽ برهمڻ برابريءَ جي بنياد تي پنھنجي اميرن جو اعتماد رکن ٿا ۽ سڀني کي مذهبي آزادي آهي. ميرن جو تعلق شيعه فرقي سان آهي، پر عوام جي اڪثريت سني مسلڪ سان واسطو رکي ٿي.“
هينري ايلس ٽالپرن جي سخت خلاف لکيو آهي، جيڪا راءِ عموماً سمورن انگريزن ڏني آهي. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي ڀيٽ ڪندي لکيو اٿس تہ ”ڪلهوڙا خاندان جي حڪومت جي دوران سنڌ جي آمدني 80 لک روپين تائين پهچي وئي هئي، پر هاڻي موجودہ حڪمرانن جي سستي ۽ غفلت جي ڪري گهٽجي 42 لک اڻهتر هزار يوميه رهجي وئي آهي. اها رقم ٽالپر خاندان جي ماڻهن ۾ تقسيم ڪئي ويندي آهي. ان رقم مان 12 لک روپيا ڪڍي ڪابل جي بادشاھہ کي سالياني خراج طور ڏيندا آهن.“
ايلس ٺٽي جي ڏينهون ڏينهن ابتر ٿيندڙ حالت بابت لکيو آهي جيڪو اڳ ۾ هتان جو تجارتي شھر هو. هن ڪتاب مان ٽالپرن جي دور جي سياسي سماجي ماحول تي روشني پوي ٿي. هن 28 سيپٽمبر 1855ع ۾ وفات ڪئي. (هي سنڌي ٻوليءَ جي نئين آئيوٽا جي سلسلي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ سر بي ايس ايلس کان جدا ماڻهو آهي.)
سر هينري ايليٽ (Sir Henry Elliot): هي هڪ اديب ۽ تاريخدان هو. ونچسٽر ۾ ڄائو ۽ اعليٰ تعليم آڪسفورڊ مان ورتائين، بعد ۾ انڊين سول سروس ۾ شامل ٿيو. سندس اهم ڪارنامو گڏيل هندستان جي تاريخ اٺن جلدن ۾ شايع ٿي: History of India as Told by Its Own Historians. هي ڪتاب سموري هندستان سان گڏ سنڌ ۾ بہ ساڳي اهميت رکي ٿو. ڪتاب جو پهريون جلد تعارف وارو سنڌ جي حوالي سان آهي، جنهن جو عنوان آهي ”اوائلي عرب ۽ سنڌ جا تاريخدان“، جيتوڻيڪ ايليٽ مقامي هندستاني مؤرخن جي تصنيفن کي بيڪار ۽ نقصن سان ڀريل ٿو ڄاڻائي، پر تڏهن بہ هن سنڌ جي حوالي سان ’مڪمل التواريخ‘، ’چچنامي‘، ’تاريخ معصومي‘، ’تاريخ ناصري‘، ’ترخان نامہ‘، ’تحفة الڪرام‘
۽ ٻين ڪتابن مان گهڻو فائدو ورتو آهي. هن ڪتاب ۾ عربن کانپوءِ سنڌ ۾ سومرن، غورين ۽ غزنوين جي حڪومتن جو بہ احوال ڏنو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي سياسي تاريخ، وسيلن، زراعت، بندرن، روڊن رستن، کنڊرن، شهرن، ڳوٺن بابت معلومات ملي ٿي. ديبل، ڪراچي، ٺٽي ۽ لاهري بندر جو ذڪر اهميت سان آهي. برهمڻ آباد ۽ منصوره جي اهميت بہ بيان ٿيل آهي. سنڌ جي تاريخ جو هي هڪ اهم دستاويز آهي.
سر هينري ايليٽ، 45 سالن جي عمر ۾ 1853ع ۾ وفات ڪئي.
سر هينري پاٽنجر (Sir Henry Pottinger): ليفٽيننٽ جنرل سر هينري پاٽنجر هڪ اينگلو آئرش فوجي ۽ نو آبادياتي عهديدار هو، جيڪو
03 آڪٽوبر 1789ع ۾ آئرلينڊ ۾ ڄائو. هو مختلف دورن ۾ مختلف عهدن تي رهيو. هو پهريون ڀيرو هڪ فوجيءَ جي حيثيت ۾ 1804ع ۾ هندستان ويو، جتي هن سنڌوءَ ۽ ايران جي وچ وارن علائقن بابت کوجنا ڪئي ۽ هڪڙي مسلمان تاجر جي ٻهروپ ۾ مقامي ٻوليون سکي معلومات گڏ ڪئي. 1806ع ۾ هن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ ملازمت شروع ڪئي. هن 1810ع ۾ نوشڪي (بلوچستان) ۾ مھم جوئي ڪئي. 1820ع ۾ هو سنڌ جو ريزيڊنٽ ائڊمنسٽريٽر (منتظم) مقرر ٿيو. هن سنڌ ۽ بلوچستان جو ويجهو مشاهدو ڪيو ۽ ان بابت هڪ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ، ثقافت، جاگرافي، زبان ۽ ادب بابت ڪافي ڳالهيون لکيون آهن. هن ڪتاب جو ترجمو جناب حنيف صديقيءَ ’بلوچستان جو سير سفر'>سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر‘ نالي ڪيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي.
سنڌ جي جاگرافيائي بيهڪ بابت لکي ٿو ته، ”سنڌ جي اتر طرف ڪڇ گنداوا جو صوبو، شڪارپور ضلعو ۽ بھاول خان جا علائقا آهن، جنهن کي عام طور دائودپوٽو چيو ويندو آهي. ڏکڻ طرف هندي سمنڊ ۽ ڪڇ ڀُڄ جو ڪجهہ حصو آهي، اوڀر طرف هڪ وسيع ريگستان آهي، جيڪو ان کي اجمير، مارواڙ، اڌيپور، جوڌپور ۽ بيڪانير کان ڌار ڪري ٿو ۽ الهندي طرف لس ۽ جهالاوان جا صوبا واقع آهن. هن سنڌو درياھہ کي شاندار درياھہ لکيو آهي، جيڪو ٻنهي ڪنارن وارن علائقن کي سائو ۽ آباد ڪري ٿو. هن ڪراچيءَ جي اهم بندرگاھہ طور اڀرڻ واري ڳالھہ پڻ لکي آهي، جنهن جي انگريزن لاءِ وڏي اهميت هئي. ان لاءِ لکي ٿو ته، ”هن بندر جي جاگرافيائي بيهڪ مان حاصل ٿيندڙ فائدا اهي آهن، جيڪي ان کي هندستان ۽ ڪابل جي بادشاھہ جي سڀني علائقن سان گڏوگڏ، ايران، خراسان، بلخ بخارا وغيرہ جي وچ ۾ هئڻ ڪري حاصل ٿي رهيا آهن.“ ٻئي طرف ٺٽي لاءِ لکيو اٿس ته، ”ٺٽو جڏهن گاديءَ جو هنڌ بڻيو تہ اهو شھر جلد ئي ايشيا جي انتهائي دولتمند ۽ خوشحال شهرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو ۽ انهيءَ سڄي وڻج واپار جو مرڪز ٿي پيو، جيڪو هندستان واري اپٻيٽ ۽ ايشيا کنڊ جي انهيءَ حصي جي درميان هلندو هو، جيڪو ان جي اتر ۽ اولھہ پاسي هلندڙ هو. سنڌ جي ماڻهن بابت لکي ٿو ته، ”سنڌ جا ماڻهو رنگ جا پڪا آهن، پر مجموعي طور انهن کي بيحد خوبصورت چئي سگهجي ٿو. سندن زالن جي سونهن پهاڪي مثل آهي. زالن جو لباس مرداڻي ويس ٽوپي ۽ پٽڪي کانسواءِ ذري گهٽ ساڳيو آهي.“ حيدرآباد جي قلعي بابت مثبت راءِ ڪانہ ڏني آهي، سندس چوڻ موجب ”اهو قلعو يورپي دشمن جي باقاعدي حملن خلاف ڪو خاص بچاءُ ڪري نہ سگهندو.“
هينري پاٽنجر محنت ۽ چالاڪيءَ سان تمام گهڻي ترقي ڪئي. 1843ع ۾ هانگ ڪانگ جو گورنر بہ ٿيو. سندس دور ۾ اهو چين جو آفيم جو سڀ کان وڏو واپاري بندر بڻيو. 1848ع کان 1854ع تائين هندستان ۾ مدراس جو گورنر بہ رهيو. هن 18 مارچ 1856ع ۾ برٽش مالٽا ۾ وفات ڪئي.
سليمان تاجر: هي نائين صدي عيسويءَ جو هڪ عـرب واپاري هـو، جنهن پنھنجي واپاري سفرن دوران عراق جي بندرگاھہ بصري کان چين ويندي هند ۽ سنڌ جي سامونڊي ڪناري جو مشاهدو ڪيو. ان کانپوءِ پنهنجو سفرنامو ’سلسله التواريخ‘ نالي 851ع ۾ لکيو، جنهن کي پهريون ڀيرو 1845ع ۾ فرينچ ۾ ترجمو ڪري ڇپايو ويو، جنهن جو مقدمو رينو (Reinow) لکيو، جيڪو هڪ فرينچ عالم هو. هن سفرنامي ۾ سليمان تاجر، سنڌ ۽ هند جي تھذيب ۽ تمدن، سياست ۽ سماجي حالتون، راجائن ۽ حڪمرانن بابت احوال وغيرہ ڏئي ٻنهي جي ڀيٽ ڪري سنڌ کي هند تي فوقيت ڏني آهي ۽ ان کي مٿانهون مقام ڏئي گهڻو ساراهيو آهي. ان سفرنامي جي احوال جي وڏي تاريخي اهميت آهي. جيئن تہ هي هڪ تاجر هو، ان ڪري هن هتان جي تجارتي شين جو ذڪر ڪيو آهي، ان ڏس ۾ لکي ٿو ته، ”هتي عنبر ۽ ناريل عام آهي، سوٽي ڪپڙو ٺھي ٿو، جنهن جهڙو ٻي جاءِ تي ڪڏهن بہ نہ ملندو. . . سنڌ جي ڪاريگريءَ جو اهو ڪمال آهي جو هو اهڙو پهراڻ تيار ڪن ٿا، جنهن ۾ ٻئي ٻانهون، ڪليون ۽ کيسا اڻيل هوندا آهن، جن ۾ سلائيءَ جي ضرورت ڪانہ هوندي آهي. . . . هت اهڙو تہ سنهو ڪپڙو ٺهندو آهي، جو سڄو ٿان هڪ منڊيءَ مان لنگهي وڃي... سنڌ ۾ ٺهيل ڪاٺ ۽ چمڙي جون پيتيون ٻاهر وينديون هيون، انهن جي مٿان روغن جو ڪم تمام سٺو ٿيل هوندو هو. ان ڪري اهي دنيا ۾ مشھور هيون.“
هتان جي سماجي رسمن بابت هو لکي ٿو ته، ”سنڌ ۽ هند وارا شادي ڪرڻ وقت کيڪارڻ ۽ سلام دعا کانپوءِ هڪٻئي کي سوکڙيون پاکڙيون ڏيندا آهن ۽ پوءِ ساز وڄائي اعلان ڪندا آهن.“ سليمان تاجر هتان جي سامونڊي رستن جو بہ تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.
سيدي علي رئيس: ائڊمرل سيدي علي رئيس جي والد جو نالو سيدي حسين رئيس هو. هي 1498ع ۾ ڄائو. سندس پيءُ ۽ ڏاڏو عثمانيه سلطنت جا جهازران هئا. 961ھہ (1554ع) ۾ هو هندي سمنڊ ۾ عثمانيه سلطنت جو ڪمانڊر بنجي حلب کان بصري روانو ٿيو ۽ گهمندو ڦرندو هندستان جي سورت بندر پهتو، جتان گجرات ۽ پارڪر ذريعي سنڌ ۾ 962ھہ (1555ع) ۾ پهتو، تڏهن ارغونن ترخانن جو دور هو. اتي ڪجهہ وقت گذاري افغانستان کان قسطنطنيه تائين ويو. سيد علي رئيس ديبل پهچي ارغونن ترخانن جي پاڻ ۾ نااتفاقي بہ ڏٺي ۽ پنھنجي سامهون پيش آيل حالتن جو ذڪر سفرنامي ’مراة الممالڪ‘ ۾ ڪيو اٿس، جيڪو 1557ع ۾ لکيائين. هن شيخ عبدالوهاب پوراني ۽ شيخ حماد جماليءَ ۽ شيخ مير محمد جي مقبرن جي زيارت بابت بہ لکيو آهي. هن ڪتاب جي ٻن بابن ۾ سنڌ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن بابت دادا سنڌيءَ سيد سليمان نديءَ کان روايتون ورتيون آهن. هن پنھنجي سفر وقت ٺٽي کي سنڌ جي گاديءَ وارو شھر لکيو آهي، جتي عيسيٰ خان ترخان جو زور ۽ قبضو هو، جنهن سنڌ جي حاڪم شاھہ حسين جي اميرن کي قتل ڪري اهو قبضو ڪيو هو. ان کان سواءِ بہ ڪيتريون ئي تاريخي حقيقتون هن ڪتاب ۾ بيان ڪيل آهن. سفر دوران هن درياھہ ۾ مانگرمڇ بہ ڏٺو تہ ڪناري تي ڪيهر شينهن بہ ڏٺا. واٽ تي سمن ۽ ماڇين سان مقابلا بہ ڪرڻا پيس. اتان پوءِ ملتان ويو ۽ آخرڪار دهليءَ ۾ وڃي رهيو ۽ جڏهن اڪبر بادشاھہ هند جو بادشاھہ ٿيو تہ هي لاهور موٽيو ۽ اتان ڪابل رستي واپسيءَ جو رستو ورتائين. سيد عليءَ جو سفرنامو پير حسام الدين راشديءَ هڪ مضمون جي صورت ۾ ’مهراڻ‘ ۾ 1971ع ۾ شايع ڪرايو هو. سندس ٻيا بہ ڪيترائي ڪتاب لکيل آهي، جيڪي ادبي اهميت رکن ٿا. سيدي علي رئيس سن 1572ع ۾ وفات ڪئي. ڪن ٻين ذريعن اهو سن 1563ع لکيو آهي.
فري سباسٽن منريق (Fray Sebastien Manrique): هي هڪ پورچوگيز سياح هو، جيڪو اٽڪل 1640ع ۾ مغل دور ۾ سنڌ آيو. سندس مقصد مذهبي تبليغ هو. هندستان ۽ سنڌ جو گڏيل ذڪر هڪ سفرنامي ۾ 1653ع ۾ پورچوگيز ٻوليءَ ۾ ڪيائين، جيڪو ٻن جلدن ۾ 1827ع ۽ 1828ع ۾ انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي ‘Travels of Sebastien Manrique’ جي نالي سان ڇپيو. هيءُ سفرنامو ڪافي دلچسپ آهي. سنڌ واري ڀاڱي ۾ هن ٺٽي جي گهڻي تعريف ڪئي آهي، جيڪو ان دور ۾ وڏو شھر هو. سندس مطابق ان جي زمين زرخيز هئڻ ڪري تمام گهڻا فصل پيدا ٿيندا هئا، جن ۾ ڪڻڪ ۽ چانور اهم هئا. هن سنڌ ۾ ڪپھہ جي پيداوار سبب ڌاڳي جي ۽ ڪپڙي جي صنعت جو احوال ڏنو آهي ۽ لکيو آهي تہ: ”هتي جا عمدا ڪپڙا پوري ايشيا سميت پرتگال برآمد ڪيا ويندا هئا. ٻين شهرن مان هن سيوهڻ، سکر، روهڙي ۽ بکر جو بہ ذڪر ڪيو آهي.“ هتان جي هنرن بابت لکي ٿو تہ: ”سنڌ وارا چمڙي جي کلن مٿان رنگين ۽ سھڻو ڀرت ڀريندا آهن، جنهن جا نمونا اعلى ۽ شاندار هوندا آهن.“
هو سنڌ جي لاءِ لکي ٿو تہ: ”سيوهڻ کان مٿي ملڪ جي ٿوري حصي کانسواءِ سمورو ملڪ زرعي طرح نهايت آباد ۽ آدمشماريءَ جي لحاظ کان وسيل هو. بکر کان سفر شروع ڪيوسين ۽ جتان جتان لنگهياسين، اتي ڳوٺ آباد هئا.“
منريق جي ڪتاب مان مغلن جي دور واري سنڌ جي معاشي ۽ سماجي حالتن تي روشني پوي ٿي. هن سنڌ ۾ سستائي ۽ زرخيزيءَ جي ذڪر سان گڏوگڏ هتان جي ماڻهن جون ڪي خاميون بہ لکيون آهن، جن ۾ ڪي اخلاقي برايون کيس نظر آيون تہ ساڳئي وقت حڪمرانن جي ناانصافين ۽ غلط پاليسين جو بہ جائزو ورتو اٿس. آخري عمر ۾ ڪجهہ وقت روم ۾ رهيو، ان کانپوءِ 1669ع ۾ برطانيا هليو ويو. ان وقت سندس عمر 70 سال هئي. ان کانپوءِ جو احوال المناڪ آهي، جو هن کي مذهبي ڇڪتاڻ جي دور ۾ سندس ئي هڪ ملازم 1694ع ۾ قتل ڪري ڇڏيو.
ڪرنل وليم هينري ڊيني (Col. William Henry Dennie): هي برطانوي فوجي هو، جنهن 1783ع ۾ برطانيا ۾ جنم ورتو. 1802ع ۾ هندستان ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. هي سنڌ، بلوچستان، افغانستان ۽ هندستان جي ڪيترن محاذن تي برطانوي فوج جو حصو رهيو. انهيءَ حوالي سان هن هڪ ڪتاب لکيو هو:
Personal Narrative of the Campaigns in Afghanistan, Scinde, Balochistan etc.
هيءُ ڪتاب 1843ع ۾ لنڊن مان شايع ٿيو. هن ڪتاب جو مکيہ موضوع تہ افغانستان آهي، پر ان ۾ سنڌ جو پڻ جوڳو ذڪر آهي، ڇو تہ ان وقت افغاني شڪارپور تي قابض هئا ۽ ٽالپر مير افغانستان جي حاڪمن کي پنھنجي حڪومت بچائڻ لاءِ ڏن ۽ خراج ڏيندا هئا. هن جو لکڻ آهي تہ شاھہ شجاع، جيڪو انگريزن سان وڙهي رهيو هو، ان وٽ سپاهين کي ڏيڻ لاءِ پئسا بنھہ ڪونه هئا. اهو سمورو خرچ سنڌ جا حڪمران خراج جي صورت ۾ ڀريندا هئا. سنڌ ۾ حالت اها هئي، جو جڏهن شاھہ شجاع کي ڪابل مان ڌڪي ڊوڙائي ڪڍيو ويو تہ هو سڌو حيدرآباد پهتو، جتي ميرن سندس آجيان ڪئي ۽ وڏي شان و شوڪت سان کيس رهايو. جڏهن مير علي مراد خان گذاري ويو تڏهن شاھہ شجاع جيڪو شڪارپور ۾ ميرن جو مهمان ٿي رهيو پيو هو، تنهن شڪارپور تي قبضو ڪري ورتو ۽ ميرن کان 12 لک ٽالپري سڪا خراج ۾ ورتائين. انگريزن جي سياست جو ڳڙھہ جڏهن شڪارپور بڻيو تہ وليم ڊيني بہ اتي رهيو ۽ برطانوي فوج جي اڳواڻي ڪئي. وليم ڊيمي، شڪارپور لاءِ لکي ٿو تہ ان وقت تجارت جو مرڪز هو، جتان ايران، عراق، بلوچستان، پنجاب ۽ وچ ايشيائي ملڪن لاءِ مال درآمد ۽ برآمد ڪيو ويندو هو.
وليم ڊيمي 7 اپريل 1842ع ۾ جلال آباد ۾ وڙهندي زخمي ٿي گذاري ويو.
ڪيپٽن ٽي. پوسٽنس: هي سنڌ ۽ بلوچستان جي پوليٽيڪل ايجنٽ
سر هينري پاٽنجر جو اسسٽنٽ هو. هي 1808ع ۾ لنڊن ۾ ڄائو. بمبئيءَ جي فوج ۾ 1829ع ۾ ڀرتي ٿيو. پوسٽنس 1839ع کان 1846ع (وفات) تائين سنڌ ۾ رهيو. سنڌ جو هيءُ اهو تذڪري نگار آهي، جنهن پنھنجي ڪتاب ‘Personal Observations of Sind’ (1843ع) ۾ سنڌ جي تاريخي واقعن، رسمن رواجن، زراعت ۽ آباديءَ متعلق چڱو احوال ڏنو آهي.
هن خاص ڪري سنڌ ۾ آبپاشيءَ جي طريقن تي بہ روشني وڌي آهي ۽ فصلن بابت لکي ٿو تہ: ”ڏکڻ سنڌ ۾ چانور ايتري انداز ۾ اپايا وڃن ٿا جو ان مان ڪافي بچت ٿئي ٿي. اتر سنڌ ۾ خريف ۽ ربيع جا مکيہ فصل جوئر ۽ ڪڻڪ هئا. اهي ٻئي فصل گهڻي انداز ۾ پوکبا هئا ۽ اهي اهڙي تہ اعلى درجي جا هوندا هئا، جو مصر جي بھترين قسمن سان مقابلو ڪري ٿي سگهيا.“
ٻين فصلن مان ڪپھہ جي تجارتي اهميت تي پڻ لکيو اٿس. هن روهڙيءَ ۽ حيدرآباد ۾ موجود عاليشان باغن جو بہ ذڪر ڪيو آهي. سنڌ جي معاشي نظام بابت لکندي هو ڍل جي سرشتي تي پڻ لکي ٿو تہ: ”زمين جي ڍل گهڻو ڪري جنس جي صورت ۾ وصول ڪئي ويندي هئي. سرڪار کي ڍلن مان 80 لک روپيا ملندا هئا.“ صنعتن مان هو سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙي جي صنعت کانسواءِ اوني ڪپڙي جي صنعت کي بہ قديم صنعت ڪوٺي ٿو، جن ۾ ٿرپارڪر جا اڇا ڪمبل (کٿا) مکيہ اقتصادي وکر سڏي ٿو. هن ٺٽي واري پاسي قبرن ۽ مقبرن جي چٽسالي ۽ اڪر جي ڪم کي بہ ساراهيو آهي.
هن مجموعي طور سنڌ جي باري ۾ پنهنجن ذاتي مشاهدن کي بيان ڪيو آهي. هن 20 جولاءِ 1846ع تي وفات ڪئي.
ڪيپٽن ليوپولڊ وون آرلچ (Captain Leopold Von Orlich): جرمن ليکڪ ۽ مؤرخ، جيڪو 1804ع ۾ جرمنيءَ ۾ ڄائو. هو افغانستان سان جنگ واري وقت برطانوي فوج سان هندستان آيو هو. جنگ کانپوءِ هن هند ۽ سنڌ جو سفر ڪيو ۽ 1842ع ۾ بمبئيءَ کان ڪراچيءَ پهتو. ان کانپوءِ حيدرآباد، سيوهڻ ۽ سکر مان ٿيندو پنجاب ويو. سندس جرمن ٻوليءَ ۾ لکيل سفرنامي جو انگريزيءَ ۾ ترجمو 1845ع ۾ لنڊن مان ڇپيو، جنهن جو نالو Travels in India including Sinde هو. هن ڪتاب ۾ هن سنڌي ٻولي، ان جي رسم الخط، ثقافت، واپار، شھر ۽ ڳوٺن ۽ حڪمرانن جي مهمان نوازيءَ بابت لکيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي لکت جي نموني کي ’خدا وادي‘ سڏيو اٿس، جيڪا واپاري ڪتب آڻيندا هئا. هن سنڌي ٻوليءَ جا ٻہ لهجا ڄاڻايا آهن، حيدرآباد ۽ ان جي اوسي پاسي ’لاڙي‘ ۽ اترئين حصي ۾ سريلي لهجي جي استعمال بابت ڄاڻايو اٿس. ٺٽي بابت هن لکيو ته، ”هتي هاڻي وسيع تر تجارت جو نشان نظر نہ ٿو اچي، جيڪو اڳي هوندو هو. ريشم، سٽ جون لونگيون ۽ سون ۽ چانديءَ جا ٺهيل زيور دنيا جھان ۾ موڪليا ويندا هئا ۽ انهن شين جي ملتان ۾ ٺهندڙ شين سان ڀيٽ ڪئي ويندي هئي. هتي جا ماڻهو ڊگهو لباس، سنڌي ٽوپيون ۽ پڳون پهريندا آهن. عورتون پڻ ڊگها لباس پهرينديون آهن. هاڻي هر هنڌ غربت ۽ گندگي آهي.“
ڪيپٽن آرلچ 1848ع ۾ ميجر ٿي رٽائر ٿيڻ کانپوءِ انگلنڊ ۾ وڃي رهيو، جتي 1860ع ۾ وفات ڪيائين.
لطف ﷲ سورتي: هيءُ اصل مالوه جو رهاڪو هو، جيڪو گجرات ۾ رهندڙ انگريز عملدارن کي فارسي پڙهائيندو هو. سن 1838ع ۾ ڪيپٽن ايسٽوڪ کيس انگريز ريزيڊنٽ ڪرنل سر هينري پاٽنجر جو نائب مقرر ڪيو ۽ پاڻ سان سنڌ وٺي آيو. بعد ۾ هُن کيس پنهنجو منشي ۽ فارسيءَ جو استاد مقرر ڪيو.
لطف ﷲ سورتي، سنڌ ۾ رهڻ دوران جيڪي ڪجهہ ڏٺو ۽ محسوس ڪيو، ان بابت هن تاثرات پنھنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾
لکيا، جيڪي پوءِ ڪيپٽن ايسٽوڪ درست ڪري انگريزيءَ ۾ Autobiography of Lutufullah جي نالي سان شايع ڪرايا. ساڳئي ڪتاب جو هڪ حصو سنڌيءَ ۾ قادربخش نظاماڻيءَ، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو. هن ڪتاب ۾ ان دور جي سنڌ بابت ڪن بابن ۾ احوال ڏنو ويو آهي. هڪ هنڌ لکي ٿو ته، ”هاڻي آءٌ سنڌين سان لھہ وچڙ ۾ آيس ۽ ساڻن ڳالهائڻ ٻولهائڻ وسيلي سندن ٻوليءَ جا محاورا سکيس. سُستي ۽ بيڪاري سنڌين جي مکيہ عادتن ۾ آهي.“ حيدرآباد ۾ انگريزن سان ميرن جي درٻار ۾ پهچي جڏهن مير
نور محمد ٽالپر سان نئين معاهدي جي ڳالھہ ڪيائون تہ ان وقت سندس لکڻ موجب ”مير پنھنجي ٻن ساٿين کي بلوچي ٻوليءَ ۾ چيو ”جيڪو فرنگين جي وعدي تي اعتبار ڪري ان تي لعنت هجي،“ پوءِ نهايت ڳنڀير ٿي انگريز نمائندن کي مخاطب ٿي فارسيءَ ۾ چيائين ”مان سمجهان ٿو تہ اوهان جا عهدناما ۽ معاهدا، اوهان جي سهولت ۽ مرضيءَ موجب ڦري سگهن ٿا. ڇا پنهنجن دوستن ۽ مخلصن سان ھہڙي قسم جو سلوڪ ڪيو ويندو آهي؟“ هن ڪتاب جي بابن ۾ لطف ﷲ سورتيءَ سنڌ جي مختلف شهرن: ٺٽي، حيدرآباد، سکر، بکر ۽ شڪارپور جو تاريخي ۽ سماجي جائزو بہ پيش ڪيو آهي.
لوئس پيلي (Louis Pelly): سنڌ جي باري ۾ رپورٽون تيار ڪندڙ ۽ تذڪري نگار لوئس پيلي، 14 نومبر 1825ع تي برطانيا ۾، منچنهيمٽن ۾ ڄائو هو. 1840ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ نوڪري شروع ڪيائين ۽ سنڌ ۾ مقرر ڪيو ويو، 1843ع ۾ خيرپور ۾ بہ مقرر رهيو ۽ مجموعي طرح 1858ع تائين سنڌ ۾ رهيو. هن چارلس نيپيئر، ميجر آئوٽرام ۽ جان جيڪب سان رهيو ۽ ڪيتريون تاريخي اهميت واريون رپورٽون تيار ڪيائين، جيڪي ڪتابي صورت ۾ پڻ ڇپيون. هن جان جيڪب جي باري ۾ بہ هڪ ڪتاب لکيو: Views and Opinions of John Jacob، جنهن ۾ هن جان جيڪب جا ذاتي مشاهدا ۽ رايا گڏ ڪيا هئا. خيرپور رياست بابت سندس رپورٽ The Khyrpoor State in Upper Sind ٺاهي، 1854ع ۾ جمع ڪرائي. ان رپورٽ ۾ هن سياسي رپورٽ ۾ خيرپور رياست جي حڪمرانن، سندن اولاد، چڱن مڙسن ۽ رياست جي روينيو حدن، زراعت، آبي رستن، روڊن، فن ۽ هنر، صنعت، آبهوا ۽ آدمشماريءَ وغيرہ جو تفصيلي بيان ڪيو آهي. لوئس پيلي، 22 اپريل 1892ع تي وفات ڪئي.
محمود بلخي: شـاعـر، اديـب، صـوفي ۽ سـيـاح، محـمـود ولـد اميـر ولـي، 1595ع ۾ بلخ ۾ ڄائو ۽ اعليٰ تعليم بخارا ۾ ورتائين. شاعريءَ جا سندس ڇھہ ڪتاب آهن ۽ تصوف بابت هڪ ڪتاب ’روح الطيبه‘ لکيل اٿس.
ان کانسواءِ ستن جلدن ۾ هڪ فارسي ڪتاب ’بحر الاسرار في الاخبار‘ پڻ لکيائين، جنهن جي ڇهين جلد جي آخر ۾ سنڌ جي سفر جو احوال ڏنل آهي. هن ڪتاب لکڻ کان اڳ هو 1624ع ۾ بلخ کان نڪري سيلون (سريلنڪا) سوماترا، اوڙيسا ۽ پوءِ آگري پهتو ۽ اتي هڪ سال رهڻ کانپوءِ بکر جي فوجدار مرزا حسينيءَ سان گڏ سنڌ ۾ آيو هو، جتي هو ٻہ سال رهيو، جنهن کانپوءِ 1631ع ۾ واپس بلخ موٽي ويو. محمود بلخيءَ جي انهيءَ ڪتاب جا بچيل ڪجهہ حصا ڊاڪٽر رياض الاسلام ايڊٽ ڪري انگريزي مقدمي سان 1980ع ۾ ڪتاب جي صورت ۾ ڇپرائي پڌرا ڪيا.
محمود بلخي، بکر شھر لاءِ لکي ٿو ته، ”هي شھر سنڌو درياھہ جي وچ ۾ هڪ ٻيٽ وانگر آهي، هن کي هڪ زبردست قلعو آهي ۽ ڪيترائي مدرسا ۽ مسجدون بہ آهن. اهي سڀ پٿر سان ٺهيل ۽ ڪاشيءَ سان سينگاريل آهن. بکر کي ڪيئي تابع علائقا ۽ مضافات آهن، جن ۾ روهڙي ۽ سکر، نديءَ جي ٻنهي پاسن تي آهن، جن مان روهڙي کاٻي ۽ سکر ساڄي پاسي آهي. بکر ۾ کجي، ڊاک، ڏاڙهون، گدرا، ڇانهيون ۽ انب پيدا ٿيندا آهن. هن شھر ڪيئي عالم ۽ سٺين خوبين وارا ماڻهو پيدا ڪيا آهن، هتي جا ماڻهو شريف، حيادار ۽ قناعتي آهن. مهمانن ۽ مسافرن لاءِ مهمان نواز آهن.“ ٺٽي شھر لاءِ لکي ٿو تہ ”هي سنڌ جي شهرن مان هڪ آهي ۽ پهرين ولايت ۾ آهي. اهو ڪيچ ۽ مڪران جي ڀر ۾ آهي، جيڪو ايران ۽ هندستان کي ملائي ٿو. شروع ۾ هن جاءِ کي بيبل ۽ پوءِ ديبل سڏيو ويو، پر پوءِ گرم آبهوا جي ڪري ٺٽو سڏيو ويو. هي هندي (سنڌي) سمنڊ جي ڪناري تي واقع مشھور بندرگاهن مان هڪ آهي. جتان فارس، عراق ۽ عراقي بندرن جا واپاري وڏي تعداد ۾ لنگهن ٿا. ان کانپوءِ هو ملتان جو ذڪر بہ سنڌ جي هڪ شھر جي حيثيت ۾ ڪري ٿو.“
محمود بلخيءَ جي بيان مان سترهين صديءَ جي سنڌ جي سماجي حالتن، جاگرافيائي پکيڙ، انتظامي حدن ۽ ارغونن خلاف سنڌي ماڻهن جي جدوجھد بابت ڄاڻ ملي ٿي. هن لکيو آهي ته، ”جيسلمير ۾ 14 ڏينهن رهڻ کانپوءِ ستن ڏينهن ۾ الرور پهتاسين، جيڪو بکر جي هٿ هيٺ آهي. هڪ ڏينهن اتي خوشي ۽ مزي سان گذاري ٻئي ڏينهن سنڌو درياھہ ٽپي سکر شھر ۾ اچي رهياسون.“ اتان وري جڏهن هو بکر پهتو تہ اتي ڇھہ مهينا رهيو، جتي هن کي ’واري جو تپ‘ تي پيو (ان مان ثابت ٿئي ٿو تہ ان وقت سنڌ ۾ مليريا بيماري موجود هئي)، جنهن مان هن کي جلندر جو عارضو ٿي پيو، انهيءَ حوالي سان محمود بلخي سنڌ جي هڪ حاذق حڪيم ۽ طبيب مولانا صلاح الدين سيوهاڻيءَ جو ذڪر ڪري ٿو، جنهن سندس علاج ڪيو ۽ ڇھن ڏينهن اندر هن کي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيائين.
ميجر جنرل ملڪم رابرٽ هيگ (Major General Malcom Robert Haig): هن جو جنم لنڊن ۾ ٿيو ۽ تعليم بہ اتي پرايائين. ان کانپوءِ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ آفيسر مقرر ٿيو ۽ 1858ع ۾ سنڌ موڪليو ويو، جتي هو سروي ۽ سيٽلمينٽ کاتي جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، جتي 1869ع ۾ گورنر جنرل کيس سرڪاري اگهہ تي زمين واري ڪم لاءِ مقرر ڪيو، جنهن ۾ غير آباد زمينن کي آباديءَ لائق بنائڻ لاءِ انتظام ڪرڻ جو چيو ويو. هو سڄيءَ سنڌ گهميو ۽ پنهنجا مشاهدا قلمبند ڪيائين. هو سنڌي ۽ فارسي زبانون سکيو. هن سنڌ جي مختلف خطن جي تاريخ، جاگرافيائي حدن، آبپاشي نظام، روينيو جي حساب سان ورڇ ڪري نقشا تيار ڪرايا ۽ تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي ڪيترن ماخذن ۽ ذاتي مشاهدن جي بنياد تي هڪ مختصر تاريخ لکي The Indus Delta Country، جنهن ۾ صدين کان سنڌو درياھہ جي وهڪرن ۽ ان جي دوآٻي جي واڌاري جو خاص احوال ڏنو. هن سنڌ جي عام معلومات تي هڪ ڏھہ سالا سروي رپورٽ بہ جاري ڪئي ۽ ٻيون بہ ڪيتريون رپورٽون تيار ڪيون، جيڪي تمام اهم رڪارڊ پيش ڪن ٿيون. سندس سنڌ متعلق ٻيا ڪتاب آهن:
1. Ibn Batutta in Sind (1887)
2. On the Sites of the Brahmonabad and Mansurah in Sind (1884)
هنن ڪتابن مان انڊس ڊيلٽا ڪنٽري تمام اهم ڪتاب آهي، هنن ڪتابن جي وڏي تاريخي اهميت آهي.
ميجر هيوگو جيمس (Major Hugo James): ميجر هيوگو ۽ سندس ڀاءُ ميجر هيورف جيمس بنگال آرميءَ جا ملازم هئا، جن سنڌ ۾ بہ خدمتون سرانجام ڏنيون. ميجر هيوگو جيمس جي ڪتاب جو نالو آهي: A Volunteer’s Scramble Through Sind, The Punjab, Hindustan and the Himalyan Mountains، جيڪو ٻن جلدن ۾ لنڊن مان 1854ع ۾ ڇپيو، جڏهن تہ ميجر هيورف جي لاڙڪاڻي پرڳڻي بابت رپورٽ هئي: “A Report on Chandoka in Upper Sindh”.
ميجر هيوگو جيمس جي ڪتاب جو پهريون جلد سنڌ بابت آهي. هن سنڌ ۽ سنڌين بابت هيءَ راءِ ڏني آهي، ”جيتوڻيڪ هي ملڪ تمام گهڻو زرخيز آهي ۽ هتي سبزيون بہ تيزيءَ سان ڦٽن ٿيون. هي ملڪ سنڌين جي اثر هيٺ آهي، پر زمين تي انهن کان وڌيڪ ڪاهل ۽ سست نسل ٻيو ڪوئي نہ هوندو. ڪجهہ ماڻهن جو خيال آهي تہ هنن جي سُستيءَ جو سبب هتان جي آبهوا آهي، پر لڳي ائين ٿو تہ غريب طبقو بہ نشي آور ڀنگ ۽ حقي جو عام استعمال ڪري ٿو، جيڪو سندن ڪاهليءَ جو سبب ٿي سگهي ٿو.“ ان لاءِ هو ذميدار انهن ماڻهن کي قرار ڏي ٿو، جيڪي کين ائين رکڻ جا ذميوار آهن. ساڳيءَ ريت هو ٺٽي جي تاريخي اهميت ۽ عظمت کي مڃڻ باوجود ان وقت جي حڪمرانن ۽ مقامي ماڻهن کي عياش سڏي ٿو.ان کان سواءِ هن روهڙيءَ، سکر ۽ خيرپور جو پڻ ذڪر ڪيو آهي، جن بابت پڻ هن جا رايا مثبت ڪونه آهن. لڳي ائين ٿو تہ هن کي سنڌ ۾ اهڙي پذيرائي نہ ملي جهڙي اهي گورا صاحب چاهيندا هئا، ان ڪري هن کي هر شيءِ ۾ نقص نظر آيا. ان ڏس ۾ هن پاڻ بہ لکيو آهي ته، ”ضروري نہ آهي تہ جيئن مان لکي رهيو آهيان اهو ئي صحيح هجي.“
ميجر اي. ڊلهوسٽي: هي 1805ع ۾ ڄائو هو ۽ 18 سالن جي عمر ۾ فوج ۾ ڀرتي ٿيو. هي هڪ انگريز سرويئر ۽ ڊرافٽس مئن هو، جيڪو 1829ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس طرفان ميرن سان ڳالهين لاءِ آيل وفد ۾ شامل هو. ڊلهوسٽي پنھنجي سفرنامي ۾ سنڌي سماج جو نقشو چٽيو آهي ۽ سنڌ جي جاگرافي، آبهوا، سنڌ جا ميوا وغيرہ بيان ڪيا آهن. هن 1831ع ۾ پنهنجو ڪتاب شايع ڪرايو، جيڪو هو: ‘A Journey from Mandvi to Hyderabad (Sind) and from Hyderabad to Khairpur Back’. هن لکيو تہ ان وقت ٺٽو تيزيءَ سان تباهيءَ ڏانهن وڌي رهيو هو. هتان جي مشھور صنعتن مان لنگيءَ جي صنعت ختم ٿي وئي هئي. حيدرآباد شھر لاءِ لکي ٿو تہ: ”هيءُ شھر هڪ ننڍي ٻيٽ تي آباد آهي، جيڪو سنڌو درياھہ ۽ ڦليليءَ جي وچ تي آهي، اهو درياھہ شھر کان اٽڪل ٽي ڪلوميٽر پري آهي. شھر ۽ قلعو ٻئي مٿانهينءَ تي آهن. قلعي جي اندروني حصي تي اميرن ۽ انهن جي خاندان جو قبضو آهي. هڪ پاسي کان ننڍڙي عمارت آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ ان ۾ سنڌ جو خزانو محفوظ آهي.“
ڊلهوسٽي دراصل خفيہ نموني سنڌ متعلق معلومات ڪٺي ڪئي ۽ انهيءَ کي پنھنجي لکت ۾ ظاهر ڪيو، جنهن ۾ ڪجهہ وڌاءُ ۽ ڪجهہ تعصب نظر اچي ٿو. ايڊورڊ ڊلهوسٽي 1856ع ۾ وفات ڪئي.
ناٿن ڪرو (Nathan Crowe): برٽش سول سروس جو عملدار، جيڪو ممبئيءَ ۾ مقرر ٿيل هو، جنهن سنڌ ۾ انگريز راڄ قائم ڪرڻ جي خاص مقصد سان مڪاري ۽ چالاڪيءَ سان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي پهرئين وفد جي سربراھہ جي حيثيت ۾ 1799ع ۾ سنڌ ۾ قدم رکيو. هن جو مقصد جيئن تہ سياست هو، ان ڪري هن ڪراچيءَ ۽ ٻين شهرن ۾ پنهنجا ايجنٽ مقرر ڪيا ۽ 17 مهينن تائين اتي رهي وڏي معلومات ڪَٺي ڪئي ۽ سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن جي ڄاڻ حاصل ڪري رپورٽ تيار ڪئي، جنهن ۾ هن هتان جي حڪومت، فوج، آبادي، پيداوار، شهر، بري ۽ بحري رستن جي ڄاڻ تفصيل سان لکي. هو بنيادي طرح ٽالپرن جي حڪومت جي خلاف هو. ان ڪري سندس تحرير ٿوري سخت آهي. هو هڪ هنڌ لکي ٿو ته، ”سنڌ هڪ زرخيز علائقو آهي، پر هتان جا ماڻهو جاهل، ڄٽ، مغرور، بي خبر، جهيڙاڪ ۽ پوئتي پيل آهن، جن ۾ نہ تھذيب جا گڻ آهن ، نہ وري ڪي وحشيپڻي جا اوصاف، هتان جا هاري ناري اڌ بکيا ۽ مظلوم آهن، جن پنھنجي حياتيءَ ۾ غلاميءَ ۽ مفلسيءَ کانسواءِ ڪي بہ ڪين ڏٺو آهي. ٻئي طرف هو ميرن لاءِ لکي ٿو تہ مير فتح خان حيدرآباد جي ڀرسان زرخيز ترين زمين جي ايراضين مان هڪ وڏو حصو خالي ڪرائي ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ جو منجهس هڪ خاص هرڻ جو قسم ’ڪوتا پاچ‘ رهي ٿو، جنهن کي شڪار ڪرڻ هن جي بھترين وندر آهي.“ واپار بابت لکي ٿو ته، ”سنڌ ۾ مال درآمد ڪرڻ مان ڪافي فائدو آهي، پر محصولن جي سختي ۽ هيسائڻ جي نيتي واپار کي تڪڙو تباھہ ڪري رهي آهي.“ هو حڪمرانن جي پاليسين تي گهڻي نڪتہ چيني ٿو ڪري جن کي پنھنجي عياشين مان فرصت ڪانہ هئي ۽ عام ماڻهو بددل ۽ مايوس ٿيل هئا. هو لکي ٿو ته، ”سنڌ جا شھزادا غير معمولي ويڪرا ۽ ٿلها مڙس هئا. ايتري قدر جو بلوچ سردارن ۽ ڪامورن مان ڪيترا يورپ جي ڪنهن ڪرسيءَ جي ماپ کان نهايت وڏا هئا. ٿولھہ کي عظمت جي نشاني ۽ امتياز سمجهيو ويندو هو.“ سنڌ ۾ راڳ ۽ موسيقيءَ سان ماڻهن جي دلچسپيءَ جو بيان بہ ڪيو اٿس تہ سٺن فنڪارن جي ساراھہ بہ ڪئي اٿس.
هن انگريزن جي مفاد ۾ مڪاريءَ سان سياست ۾ ڪردار ادا ڪندي لکيو ته، ”سنڌ هڪ اسلامي رياست آهي، جنهن سان دوستي رکڻ سان اسين آسانيءَ سان قنڌار تي فوج ڪشي ڪري سگهنداسين. افغان بادشاھہ سان جيڪڏهن ٽالپرن جي جنگ لڳندي تہ اسين هر حال ۾ فائدي ۾ رهنداسين“. ٻئي طرف سنڌ تي ڪاھہ ڪرڻ لاءِ بہ ڏس ڏئي ٿو تہ ”جيڪڏهن انگريز سنڌ تي ڪاھہ ڪرڻ چاهين تہ پهرين ڪراچيءَ کان ڏھہ ميلن جي فاصلي تي گسري (گذري) وٽ فوجون لاهڻ گهرجن. هت کاري جي ڏکڻ اڀرندي پريان وڏا جھاز لنگر انداز ٿين ٿا، ڪناري وٽ فوجون لاهن گهرجن ۽ حفاظت لاءِ مختصر توبخانا رکڻ جي ضرورت پوندي. ڪراچيءَ کان سڌو رستو ٺٽي وڃي ٿو، جتان آسانيءَ سان توبخانو لنگهي سگهندو. درياھہ رستي بہ ٺٽي پهچي سگهبو. سنڌونديءَ جي ٻيڙين تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ حيدرآباد جو قلعو ڪناري کان صرف 6 ميلن جي پنڌ تي آهي ... هتي جوکيا ۽ نومڙيا ٽالپرن جي خلاف آهن، اسين مٿن هٿڙو گهمائينداسون تہ حيدرآباد پهچڻ تائين هو اسان جا معاون ۽ مددگار ٿيندا، جيڪڏهن ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي پوين مان ڪو سنڌ لاءِ حقدار کڙو ڪنداسين تہ پوءِ ٽالپر سنڌ مان تڙجي ويندا.“ ناٿن ڪرو جي سازشن جي کڙڪ مير حاڪمن کي پئجي وئي هئي، ان ڪري سنڌ جي حاڪم مير فتح علي خان، 15 ڏينهن ۾ کيس سنڌ مان نڪري وڃڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو. پوءِ ناٿن ڪرو، 29 آڪٽوبر 1800ع تي ٺٽي مان نڪري وڃي بمبئي پهتو. بهرحال بقول ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جي، هي هڪ سفارتڪار جي روپ ۾ جاسوسي ڪرڻ آيو هو.
نڪولس وٿنگٽن (Nicholas Withington): انگريز سياح، 14 فبروريءَ 1586ع تي انگلنڊ جي لنڪاشائر ۾ ليھہ (Leigh) نالي ڳوٺ ۾ ڄائو. هو ڪيپٽن ٿامس بيسٽ جي ملازم جي حيثيت ۾ ساڻس گڏ هندستان آيو هو، جنهن کانپوءِ 1613ع ۾ هن کي فيڪٽر (Factor) مقرر ڪيو ويو ۽ اتان جي ٻولي ڄاڻڻ جي ڪري کيس ’سورت‘ ۾ رکيو ويو، جتان پوءِ
هو هڪ ڪاروان سان گڏ راجپوتانا جي ريگستان ذريعي سنڌ پهتو.
ٺٽي کان پنجاھہ ميلن جي فاصلي تي باقي قافلو کيس چئن مقامي واپارين ۽ سندن نوڪرن سان ڇڏي ڌار ٿي ويو، جتي کين ڌاڙيلن اچي ورايو، جن سان هنن تير ڪمانن ذريعي تير هڻي مقابلو ڪري کين ڀڄائي ڪڍيو، پوءِ ڏاڍين تڪليفن سان هو پارڪر پهتو.
رام چندر پرشاد پنھنجي ڪتاب ‘Early Travelers in India’ جي صفحي نمبر 42-241 تي اها سموري روئداد لکي آهي، جڏهن تہ دادا سنڌيءَ پنھنجي ڪتاب ’سنڌ گهمندڙ سيلاني‘ جي ص 65 تي لکيو آهي تہ هن کي نير جي خريداريءَ لاءِ سنڌ موڪليو ويو هو، جتي هو ڪڇ جي رڻ مان ٿيندو ٺٽي ڏانهن ويو. نڪولس وٿنگٽن سنڌ جو احوال لکندي چوي ٿو ته، ”ننگرپارڪر هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي، پر هتي سياحن کي ضرورت جون سڀئي شيون ملن ٿيون، جنهن ٽڪريءَ تان اسين ٽپياسين، اتي جهنگلي گهوڙا، ڳاڙها هرڻ، لومڙيون ۽ مختلف جهنگلي جانور تمام گهڻا هئا، جنهن ڳوٺ ۾ اسين رهياسين، اهو مغل سرڪار کي ڍل ڏيندو هو. ان کان اڳ ’جوڻ‘ ڳوٺ تائين ڪو بہ ڍل ڪونه ڀريندو هو. هن دور ۾ مغلن جو سنڌ ۾ ڪنٽرول بنھہ گهٽ هو.“ هو هتان جي پاڻيءَ کي ميرانجهڙو ۽ ٻاڙو چوي ٿو، جنهن ۾ کيس ڏڌ يا ماکي ملائي پيئڻو پوندو هو، جنهن جي پيئڻ سان هو بيمار بہ ٿي پيو هو. مجموعي طرح هو سنڌ جي ماڻهن ۽ ٺٽي جي گورنر جي روين جي شڪايت ڪري ٿو ۽ ڌاڙيلن جي آزار بابت بہ لکي ٿو، پر ڪن هنڌن تي ٿوري تعريف بہ ڪئي اٿس.
ٺٽي شھر لاءِ لکي ٿو ته، ”سنڌ جي ٺٽي شھر جي مقابلي ۾ ٻيو شھر ڪونهي، ڏکڻ سنڌ جو تختگاھہ ٺٽو بيشڪ هندستان جو عظيم ترين واپاري مرڪز هو. سنڌ جو مکيہ بندر ’لاهري‘ ٺٽي کان ٽن ڏينهن جي پنڌ تي واقع هو. ٺٽي جي ويجهو سنڌو درياھہ ۾ چار هزار ٻيڙيون هونديون هيون ۽ بندرن ۽ رستن تي راهداريءَ جا محصول ۽ چونگيون قائم هونديون هيون. سنڌ جو چوپايو مال، سموري هندستان جي بھترين چوپائي مال مان ليکيو ويندو هو ۽ گهڻي گوشت ۽ عمدي کير کان مشھور هو.“
نڪولس وٿنگٽن، پنهنجن سفرنامن ۾ سنڌ جي ڳوٺاڻن مالوند ماڻهن جي مهمان نوازيءَ ۽ همدرديءَ جي تمام گهڻي تعريف ڪري ٿو. هن سياح جو ذڪر ڊبليو. فارسيٽ جي ڪتاب Early Travels of India ۾ ٻين سياحن سان گڏ ڪيل آهي، جيڪو 1921ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڇپرايو.
نڪولس هينڪي سمٿ (Nicholas Hankey Smith): نڪولس هينڪي سمٿ، 4 نومبر 1771ع ۾ ڄائو هو. 1809ع ۾ کيس سنڌ ۾ هڪ خاص مشن تحت موڪليو ويو هو تہ جيئن ٽالپر حڪمرانن سان نئون معاهدو ڪري سگهي، جيڪو هن 1809ع جي نومبر مهيني ۾ صحي ڪيو.
هن جو ٻيو اهم ڪم نقشا ٺاهڻ بہ هو. هن پنھنجي ڪتاب ‘Geographical Survey of the Route to Sind’ (1809ع) ۾ سنڌ جا نقشا ڏنا. هن ان وقت جي سنڌ جي حالتن جو احوال ڏنو آهي تہ ڪيئن افغان جنگ ۾ اها استعمال ٿي. هن آخري عمر برطانيا ۾ گذاري ۽
15 ڊسمبر 1837ع تي وفات ڪيائين.
نڪولو منوچي (Niccolo Manucci): اٽليءَ جو سياح، جنهن هندستان بابت اطالوي ٻوليءَ ۾ ڪتاب Storia Do Mogor لکيو، جنهن جو ترجمو ’مغل انڊيا- 1653- 1708‘ نالي سان ڪيو ويو، جيڪو 1906ع کانپوءِ گهڻائي ڀيرا ڇپجي چڪو آهي.سندس جنم 1639ع ڌاري ٿيو. هو سير سفر جي شوق ۾ پهرين ايران ۽ پوءِ 1656ع ۾ هندستان پهتو، جتي کيس دارا شڪوہ جي توپخاني ۾ نوڪري ملي ۽ پوءِ هميشہ ساڻس وفادار رهيو. دارا جي مرڻ کانپوءِ اورنگزيب کيس نوڪريءَ جي آڇ ڪئي، پر هن دارا جي دشمن وٽ نوڪري ڪرڻ گوارا نہ ڪئي ۽ حڪمت جو ڌنڌو شروع ڪيائين ۽ ان مان هن گهڻو ڪمايو. سندس ڪتاب ۾ سنڌ بابت مفيد معلومات موجود آهي. هن شاھجھان جي پٽن ۾ تخت ۽ تاج تان ٿيندڙ جنگين مان آخري جنگ سکر ۽ بکر جي مقام تي ڏٺي. هو دارا شڪوھہ جو ساٿي ۽ همدرد هو، ان ڪري سندس لاءِ ڏاڍي ڏک مان لکيو اٿس. هن شاھجھان بادشاھہ جي ان خط جو بہ احوال ڏنو، جيڪو هن دارا شڪوہ کي لکيو هو، جنهن ۾ هن اورنگزيب ۽ مراد بخش کي غدار، باغي ۽ بي ايمان لکيو آهي. بهرحال هي دارا شڪوہ سان لاهور ۽ ملتان کان ٿيندو بکر پهتو هو. ان شھر لاءِ لکي ٿو ته، ”بکر سنڌو درياھہ جي وچ ۾ پٿريلي دڙي تي آهي. ان جو قلعو 975 قدم ڊگهو ۽ 553 قدم ويڪرو آهي. وچ ۾ هڪ وڏو برج آهي، جنهن تان درياھہ جي ٻنهي ڪنارن تي نظر پوي ٿي. بکر جي اڀرندي ڪناري تي هڪ وڏو شھر سکر آهي، جنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ اورنگزيب واري ڌر زور سان حملو ڪري رهي آهي. درياھہ جي الهندي ڪناري تي روهڙي آهي. ان آستان تي هڪ درگاھہ آهي، جنهن جي مسلمان ڏاڍي عزت ڪندا آهن.“
اهڙيءَ ريت هو ان دور ۾ سکر بکر ۽ روهڙيءَ ۾ ٿيندڙ انهيءَ ويڙھہ جو احوال لکي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ اتي ڏڪار جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي هئي. ان طريقي هو سنڌ جي ان وقت جي سياسي ۽ معاشي حالت تي روشني وجهي ٿو. دارا شڪوہ جي شهادت کانپوءِ هو ملتان هليو ويو. هن 1717ع ۾ وفات ڪئي.
وليـم فـرمـليـئن: هي پهريون انگريز عملدار هو، جنهن ايـسـٽ انـڊيـا ڪمپنيءَ جي پهرين تجارتي ڪوٺي سنڌ ۾ کولي، جنهن جي مرڪزي آفيس ٺٽي ۾، شاخون نصرپور ۽ سيوهڻ ۾ هيون. هي 1635ع ڌاري انگريزن ۽ پورچوگيزن جي وچ ۾ ٿيل ٺاھہ جي نتيجي ۾ انگريزن طرفان موڪليو ويو هو، ان وقت هو سورت ۾ ڪمپنيءَ جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر هو. هتي تجارت شروع ڪرڻ کانپوءِ جيڪي ڏٺائين سو ڪمپنيءَ کي لکي موڪليندو هو، جنهن ۾ سنڌ جو تذڪرو تاريخ جو حصو آهي. هو جيئن تہ سنڌ ۾ نير جي تجارت تي مامور هو، ان ڪري سندس احوال ان تجارت تي روشني وجهي ٿو.
هن لکيو آهي ته، ”سنڌ ۾ سن ۽ بوبڪ ۾ نير تمام گهڻو ٿئي ٿو. اتان هڪ هزار مڻ ٺٽي پهچندو هو. ان وقت نير جي هڪ سير جي قيمت اٺ آنا هئي، لاهور جي نير جي قيمت في پائونڊ اٺ پئسا ۽ احمدآباد جي نير جي قيمت في پائونڊ نوَ پئسا هوندي هئي. ڪمپني انهن جي مقابلي ۾ سيوهڻ ۾ نير جي قيمت ٻارنهن پئسا في پائونڊ ڏيندي هئا. گورنر ڏانهن موڪليل نير تي محصول چار روپيا في مڻ هو. شھر ۾ اها شرح هڪ مڻ تي هڪ روپيو هئي ۽ ٺٽي ۾ پهچائڻ لاءِ اڌ روپيو في ڪسٽم جو محصول رائج هو.“
هن سنڌ بابت اهو بہ لکيو آهي ته، ”انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو مال ڏاڍو مقبول هو. هالا ۽ سيوهڻ جي وچ ۾ سميجن وٽ تاجرن لاءِ خطرو هو ڇو تہ سواءِ حفاظتي دستي جي سفر ڪندڙ قافلا اڪثر ڌاڙيلن کان ڦرجي ويندا هئا.“ هن جو خيال هو تہ ڇاڪاڻ جو ماڻهو مغل گورنر جي خلاف هئا، ان ڪري سنڌ جي اندر امن امان جي صورتحال ڏاڍي خراب هئي. فرمليئن جو بيان تجارتي لحاظ کان سنڌ جي صورتحال تي چڱي روشني وجهي ٿو.
وليم نيپيئر (William Napier): هي برطانوي فوج ۾ آفيسر هو ۽
سر چارلس نيپيئر جو ننڍو ڀاءُ هو. هن 7 ڊسمبر 1785ع تي سيلبرج ۾ جنم ورتو. هن برطانوي فوج ۾ رهندي گهڻن ئي ملڪن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. سن 1843ع ۾ سر چارلس نيپيئر سنڌ فتح ڪئي تہ هن سنڌ بابت کانئس سموري معلومات ورتي. هن سنڌ متعلق پيش ڪيل رپورٽن وغيرہ مان بہ ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ پوءِ جڏهن سنڌ جي فتح جي غلط يا صحيح هئڻ بابت بحث هليا تہ هن ان کي حق بجانب ثابت ڪرڻ لاءِ سنڌ جي تاريخ تي ڪتاب لکڻ شروع ڪيا، جن مان هڪ ڪتاب History of the Conquest of Sindh، 1845ع ۾ شايع ڪرايائين. ان کانپوءِ بہ هو پنھنجي ڀاءُ جي ڪيل عمل کي جواز ڏيڻ لاءِ مضمون وغيرہ لکندو رهيو.
چارلس نيپيئر جي 1853ع ۾ وفات بعد هن وري هڪ ٻيو ڪتاب لکيو: History of General Charles Napiers’ Conquest of Sinde، جيڪو 1857ع ۾ شايع ٿيو. هنن ڪتابن ۾ هن مياڻيءَ ۽ دٻي جي جنگين، فوجي منصوبن، ميرن ۽ انگريزن جي آمهون سامهون لڙاين جي حڪمت عمليءَ بابت بہ لکيو آهي. ان کان سواءِ هي دليلن سان ثابت ڪري ٿو تہ چارلس نيپيئر جي دور ۾ سنڌ ۾ ڪيترا سڌارا ٿيا، روڊ رستا ٺهيا ۽ واھہ کوٽرايا ويا. آمدنيءَ ۾ پيدائش جا ذريعا وڌائڻ لاءِ بھترين اپاءَ ورتا ويا ۽ ڪيئي کاتا کوليا ويا، جن وسيلي سنڌ ۾ ترقي ۽ واڌاري جا ڪم ٿيا.
وليم نيپيئر پنھنجي ڀاءُ جو بچاءُ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانہ ڇڏي، ڇو جو عام تاثر اهو هو تہ چارلس نيپيئر، سنڌ فتح ڪري گناھہ ڪيو هو ۽ خود برطانيا ۾ اهڙا الزام اخبارن لڳايا هئا. بهرحال وليم نيپيئر جا لکيل ڪتاب انگريز دور جي تاريخ کي هڪ خاص عينڪ سان پيش ڪن ٿا. وليم نيپيئر 12 فبروري 1860ع ۾ گذاري ويو.
هينري بوائلو (Henry Boileau): هي 18 جنوري 1807ع ۾ لنڊن ۾ ڄائو ۽ اتان ئي تعليم حاصل ڪيائين. هن کي آرميءَ ۾ ملازمت ملي ۽ هندستان ۾ سروي ڊپارٽمينٽ ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين، جنهن دوران هن ٻين علائقن کانسواءِ 1835ع ڌاري سنڌ جو بہ سفر ڪيو ۽ ان جي رپورٽ تيار ڪئي، جنهن جو عنوان هو: Personal Narrative of a Tour Through the Western States of Rajwara in 1835.
هن رپورٽ ۾ هن جيسلمير، بيڪانير، جوڌپور ۽ رڻ پٽ جي سفر جو احوال لکيو ۽ سنڌ جي حوالي سان شمارياتي ۽ ٻوليءَ جي نسبت سان ڄاڻ ڏني. هن ڪتاب ۾ 100 کن سنڌي لفظن جون لڙيون بہ ڏنيون، جن جي هندي ۽ انگريزيءَ ۾ معنيٰ بہ ڄاڻائي. سنڌي لفظ رومن ۾ لکيائين. سفر دوران ايندڙ ماڳن، ماڻهن، حڪمرانن، اميرن غريبن جو بہ اڀياس ڪيائين. هن سنڌ جي زمين جي پيمائش، سنڌي ٻويلءَ بابت ويچار پڻ پيش ڪيا.
هينري لشنگٽن (Henry Lushington): سنڌ جو هي تذڪري نگار،
13 اپريل 1812ع ۾ لنڪاشائر ويجهو ڄائو. هي ماسٽرس ڪرڻ کانپوءِ 1836ع ۾ پنھنجي ئي ڪاليج ۾ فيلو مقرر ٿيو. هي تعليمدان، اديب، شاعر، سياسي ۽ ادبي نقاد هو ۽ هن شيڪسپيئر، ٽينسين جي تحريرن تي بہ تنقيد لکي بحث ڪيو. هن گهڻائي ڪتاب لکيا، جن مان هڪ ڪتاب ‘A Great Country's Little Wars, or England, Affghanistan, and Sinde’ (1844ع) پڻ آهي، جنهن ۾ انگلنڊ جهڙي وڏي ملڪ جون سنڌ ۽ افغانستان جي ملڪن سان ننڍڙيون بيان ڪيل آهن. هن ڪتاب ۾ ان ڳالھہ تي بحث ڪيو ويو آهي تہ سنڌ فتح ڪرڻ درست هو يا غلط قدم هو، جيڪا ڳالھہ سر چارلس نيپيئر جي سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ
هر زبان تي هئي. هن تاريخي حوالي سان سنڌ ۽ برطانيا جي لاڳاپن کي بيان ڪيو ۽ انهن سبب جي نشاندهي ڪئي، جنهن جي ڪري انهن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي سنڌ فتح ڪرڻ جو ڪم سونپيو.
هن ٽالپرن ۽ انگريزن جي وچ ۾ ٿيل معاهدي جي حوالي سان ڳالھہ شروع ڪئي، جنهن ۾ لکيل هو تہ سنڌ ۽ برطانوي حڪومتن جي وچ ۾ دائمي دوستيءَ جو رشتو هوندو.“ هو ان کي معاهدي جي ڀڃڪڙي تصور ڪري ٿو، جنهن جي ڪري انگريزن زور زبردستي سنڌ کي فتح ڪيو تہ اها دوستي ختم ٿي وئي. بهرحال پوءِ وري هر اهڙا جواز ڄاڻائي ٿو، جن جي ڪري ٽالپرن جي حڪومت جو هر حال ۾ خاتمو ضروري هو، جن ۾ هو کين غير سنڌي، قبيلائي سوچ رکندڙ، سياسي چالبازيون ڪندڙ، ڪمزور حاڪم ۽ ڪابل جي بادشاھہ جي سلامي ۽ خراج ڀريندڙ هئا. ان کانسواءِ هو ٽالپرن کي انگريزن سان حسد ڪندڙ ۽ کين سهولتون نہ ڏيندڙ سمجهي ٿو. ان کان سواءِ راجا رنجيت سنگهہ پاران حملي جي ڌمڪي ملڻ تي مير حاڪمن انگريزن کي مدد لاءِ چيو هو، جن هڪ مستقل برطانوي ايلچي مقرر ڪري معاهدو ڪيو هو، پر پوءِ مير درٻار واري واعدي تان ڦري ويا، ان ڪري سندس خيال هو تہ ”برطانوي تسلط حتمي هو“. انگريزن جا سنڌ فتح ڪرڻ جا اهي بهانا هئا. هن ڪتاب ۾ گهڻو ڪري ميرن جي سياست، دوستي، دشمني، معاهدا ۽ ڀڃڪڙين جو تذڪرو آهي.
هينري لشنگٽن جو 1853ع ۾ ڇپيل هڪ ٻئي انگريزي ڪتاب: ‘The Double Government, the Civil Service, and the Indian Reform Agitation’ ۾ سنڌ بابت مواد شامل آهي. هن 11 آگسٽ 1855ع ۾ وفات ڪئي ۽ کيس باڪسلي، ڪينٽ ۾ دفن ڪيو ويو.
هينري والٽر بيلو (Henry Walter Bellow): هي صاحب اينگلو انڊين هو، جيڪو 1834ع ۾ هندستان ۾ ڄائو ۽ ڊاڪٽري تعليم لنڊن مان ورتائين ۽ بنگال آرميءَ ۾ ميڊيڪل آفيسر مقرر ٿيو ۽ افغانستان واري جنگ دوران گهڻائي علائقا گهميو، جن ۾ سنڌ بہ شامل هئي.
هن بنيادي ڪم پشتو زبان ۽ ان خطي تي ڪيو، پر سندس سفرنامن ۾ سنڌ جو بہ گهڻو ذڪر ملي ٿو. هو ڊسمبر 1872ع ۾ ملتان کان درياھہ رستي سکر ۽ پوءِ شڪارپور ويو. ان کانپوءِ جيڪب آباد بہ گهميو. هن سکر کان شڪارپور وڃڻ لاءِ ٽانگي ۾ سفر ڪيو هو. ان رستي کي هي تمام سٺو، سرن سان ٻڌل پڪو رستو ڪوٺي ٿو، جنهن جي ٻنهي پاسن کان سنڌي زمين ۾ وڻڪاري ٿيل هئي ۽ چوڌاري فصل بيٺل هئا. هن خاص ڪري لکيءَ کان شڪارپور جي وچ ۾ گهڻي ساوڪ ڏٺي هئي ۽ واهن جو بہ نظارو ڪيو هو. هن شڪارپور شھر جي بہ گهڻي ساراھہ ڪئي آهي، جنهن ۾ چوڌاري باغ ۽ وڻڪار هئي، جتي نم، سرنهن، ٽالي، کجيءَ ۽ ٻيا ڪيترا گهاٽا وڻ موجود هئا. کيس هتان جا ماڻهو خوش پوشاڪ لڳا. هينري والٽر بيلو ٻين بہ ڪجهہ شهرن جو ذڪر ڪيو آهي. هن کي سنڌ جا ماڻهو صاف سٿرا لڳا. درياھہ ۾ سفر دوران جن ماڻهن سان مليو، انهن لاءِ لکيائين تہ ”اهي ماڻهو مڇي ماريندا هئا، ڪاٺيون ڪندا هئا ۽ پالتو جانور پاليندا هئا.“
هي لسانيات جو ماهر بہ هو. هن 1892ع ۾ وفات ڪئي، پر سنڌي ٻوليءَ بابت ڪا راءِ ڪانہ ڏني اٿس.
هيونسانگ (Xuanzang يا Huan- Tsang يا Yuan Chang): هن چيني سياح جو جنم 602 عيسويءَ ۾ چين جي هاڻوڪي هينان صوبي واري هنڌ ٿيو هو ۽ سندس شھرت هڪ عالم، سياح ۽ مترجم سان گڏوگڏ هڪ ٻوڌي ڀڪشو ۽ پروهت طور آهي. هن کي هندستاني اپکنڊ ۾ ٻوڌي ڌرم جي پوتر ڪتابن جي تلاش ۽ گوتم ٻڌ جي جنم ڀومي ڏسڻ جي شوق هن طرف سفر ڪرڻ جو سبب ڏنو ۽ هن سورهن سال هند سنڌ جي سياحت ۾ گذاريا. انهن ڏينهن ۾ چين تي تانگ گهراڻي جي حڪومت هئي ۽ ڪن ملڪن سان جنگ جي حالت ۾ هئڻ سبب ڪنهن کي بہ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڪانہ هئي. انڪري هو لڪ ڇپ ۾ شاهراھہ ريشم وارو رستو وٺي تاشقند، سمرقند، باميان ۽ قنڌار کان ٿيندو، ڪشمير پوءِ لاهور ۽ چنيوٽ کان سنڌونديءَ ذريعي سنڌ پار ڪري هندستان ويو. سنڌو درياھہ جي ٻنهي ڪپن تي ٻڌ ڌرم وارن جا جيڪي مندر ۽ پاٺشالائون موجود هيون، انهن مان ڦيرو ڏئي اڳتي وڌيو.
نامور محقق دادا سنڌيءَ ان سفر جو دور 628 کان 631 عيسوي لکيو آهي، جنهن ۾ هن اروڙ، سيوهڻ ۽ ڪجهہ ٻين شهرن جو سفر ڪيو. ان کان سواءِ سنڌ ۾ جتي جتي بہ ٻوڌي اسٽوپا هئا، اتي پڻ ويو، جن ۾ لئمبرڪ موجب موهن جي دڙي وارو اسٽوپا، جهرڪ، ٻميو، سيوهڻ، ٺل، مير رڪڻ، سن ۽ ديبل جا اسٽوپا شامل آهن.
هيونسانگ 138 ملڪن جي حڪومتن، ماڻهن، سندن رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن ۽ تهذيبي قدرن ۽ مذهبي حالتن جو ذڪر پنھنجي ضخيم ڪتاب/ سفرنامي ۾ ڪيو، جنهن مان ستين صدي عيسويءَ جي سنڌ جي سرسبزي، خوشحاليءَ ۽ مذهبي حالتن جي پروڙ پوي ٿي. هتي جي پوکن مان ڪپھہ، جوئر ۽ ٻاجهريءَ جي گهڻي مقدار ۾ هئڻ ۽ ڌاتن مان سون، چانديءَ ۽ ٽامي جي ججهي انداز ۾ ملڻ جو بہ ذڪر ڪيو ويو آهي.
هيونسانگ، سنڌ جي چوپائي مال ۾ ڍڳن، رڍن، اٺن ۽ خچرن جو پڻ احوال آهي. هن اڇي لوڻ، ڪاري ۽ جابلو لوڻ جي دوائن ۾ استعمال بابت بہ لکيو آهي. هتان جي رهواسين لاءِ هن لکيو آهي تہ سندن سڀاءُ پورالو آهي، پر سادا ۽ ايماندار آهن. البت پاڻ ۾ ڪونه ٺھن. هتان جي تعليم بابت لکيو اٿس تہ ”سنڌ جا ماڻهو پڙهن تہ ٿا، پر بي مقصد ۽ هتان جا ماڻهو ٻڌمت جا پوئلڳ آهن.“ هن لکيو تہ ”گوتم ٻڌ سنڌ ۾ بہ آيو هو ۽ هو جتي جتي بہ ويو، اُتي راجا اشوڪ اسٽوپا ٺهرائي ڇڏيا آهن.“ هن وڌيڪ اهو بہ لکيو آهي تہ ”هن ٻڌو تہ هتان جا ماڻهو اڳي سرڪش هئا، پر پوءِ مھا پروهت جي پوئلڳي ڪندي پنهنجا مٿا ڪوڙائي مذهبي زندگي گذارڻ لڳا.“
هيونسانگ، هند سنڌ مان 657 ٻوڌي مقدس لکتون کڻي چين واپس ويو، جتي هن انهن مان ڪجهہ جو ترجمو ڪيو، جن ۾ ڪي تمام اهم مهاين (Mahayan) لکتون هيون، باقي سنڌو درياھہ پار ڪندي هڪ هنڌ تيز هوائن جي ڪري درياھہ ۾ ڪِري ضايع ٿي ويون هيون. هن 664ع ۾ وفات ڪئي.
چين جا ڪي ٻيا بہ سياح ۽ ٻوڌي ڀڳت سنڌ مان لنگهيا هئا، جن ۾ فاهين (Fa Hien) وغيرہ آهن، پر انهن جا احوال ايترا اهم ڪونه آهن.