
سنڌ جي اقتصادي تاريخ

سنڌ جي اقتصادي تاريخ

چمڙي جو سامان

جنڊي جو ڪم

ڪاشيءَ جاٿانوَ

عاج جو ڪم
سنڌ جي اقتصادي تاريخ : انساني ارتقا جي پس پردہ محرڪن ۾ معيشت هڪ اهم محرڪ آهي. انسان جي ترقي، سماجي نظام، سماجي تبديلي، معاشي وسيلن جي تبديلي، ڏينهن رات اڳتي وڌڻ واري جنون انسان کي هن منزل تي پھچايو. دنيا جي ٻين ملڪن وانگر سنڌ بہ سماجي، تمدني ۽ سياسي پهلوئن ۾ پنھنجي مخصوص معاشي حالتن موجب انقلابي اثر قبول ڪندي رهي آهي ۽ اڄ، ورهين/ ايامن جي اٿل پٿل ۽ تبديلين جو نتيجو آهي.
اقتصادي حوالي سان سنڌ شروع کان وٺي هڪ خوشحال ملڪ رهيو آهي، جنهن جي شاهدي اڄ بہ ڪيترائي حوالا ۽ ماخذ ڏين ٿا، پر سنڌ جي مڪمل اقتصادي ترقي يا ڍانچي تي ڪو مستند مواد نہ سهيڙيو ويو آهي ۽ نہ ئي ڪا جامع تاريخ موجود آهي، جيتوڻيڪ تاريخ جا ماهر هر سماجي وارتا جو محرڪ معاشي مفاد ئي ڄاڻائين ٿا ۽ سنڌ تي ٿيندڙ مسلسل ڪاهون يا حملا بہ ان ڳالھہ جي گواهي آهن تہ سنڌ معاشي حوالي سان هڪ خوشحال ملڪ رهيو آهي. سنڌ جي معيشت جو مضبوط هئڻ ئي اهو واحد مفاد هو، جنهن جي لالچ ۾ طاقتور قومون سنڌ تي حملي آور ٿيون، انهن حملن ۽ ڪاهن عيوض سنڌ جي بقايا تاريخ وانگر سنڌ جي اقتصادي تاريخ بہ ڇڙوڇڙ واقعن تي مشتمل آهي. جنهن مان ڪجهہ نہ ڪجهہ ان دور جي اقتصادي حالتن جي عڪاسي ٿئي ٿي، جڏهن تہ دنيا جي قومن جي تاريخ، تهذيب، رسم رواج، هيئت ۽ سماجي جوڙجڪ، توڙي انهن جي جسماني ۽ دماغي ترقي، اعتقادن، صنعت ۽ حرفت ۽ جاگرافيائي حيثيت متعلق مواد سهيڙجي چڪو آهي. سنڌ ملڪ جي تھذيب ۽ ثقافت 5000 ورهيہ ق. م کان بہ جهوني آهي، جيڪا دنيا جي ٻين تهذيبن ۾ نروار آهي ۽ جنهن جي روشني مغربي ايشيا تائين پکڙيل نظر اچي ٿي. هتي جي رهاڪن جي هنر ۽ واپار جو اثر ٻي دنيا تي هر دور ۾ پوندو رهيو.
اقتصادي حوالي سان سنڌ جي قديم سنڌو سڀيتا، خاص ڪري موهن جي دڙي جي دور تي نظر وجهڻ سان اهڙا ڪيترائي ثبوت ملن ٿا، جيڪي ان وقت جي سنڌ جي اقتصادي حالتن تي روشني وجهن ٿا. ان دور جي اندر جڏهن اڄ جي ترقي يافتہ خطن تي نظر ڪجي ٿي تہ هن وقت جا ترقي يافتہ خطا يا تهذيبون يا تہ هيون ئي ڪونه، جيڪڏهن هيون بہ تہ سنڌ جي ڏيهي تھذيب جي ڀيٽ ۾ ترقيءَ جي اوسر ۾ ايتريون اڳتي وڌيل ڪو نہ هيون. سنڌ وارو خطو ان دور ۾ بہ هڪ ترقي يافتہ ملڪ هو، جنهن جو مدار معاشي ترقيءَ تي هو. موهن جي دڙي واري تھذيب مؤرخن مطابق ڪلديا/ ڪلداني، عراق ۽ مصر جي تمدن جي همعصر هئي ۽ 250 ورهيہ ق. م تائين جاري رهي. موهن جي دڙي جي دريافت ٿيڻ کان اڳ سنڌ جي قديم تاريخ بابت ڪو بہ مواد موجود نہ هو ۽ هن دڙي جي دريافت ٿيڻ سان سنڌ جي تاريخ جا ڪيترائي بند باب کلي پيا، جن ۾ هڪڙو رخ ان دور جي اقتصادي حالت جو بہ هو. موهن جي دڙي مان ڪيتريون ئي اهڙيون شيون مليون آهن، جيڪي ان دور جي صنعت، واپار، زراعت وغيرہ جي موجودگي ۽ ترقيءَ جي گواهي ڏين ٿيون ۽ تاريخ اهڙين ڪيترين شين جي نشاندهي ڪئي آهي، جيڪي ان دؤر ۾ خريد فروخت ٿينديون هيون. جيئن تہ موهن جي دڙي مان ڪاري رنگ جو سلاجيت ۽ ڦاڙهي جا سڱ بہ مليا آهن. نير ۽ ململ جو واپار وغيرہ ان ڳالھہ جي شاهدي ڏين ٿا تہ آڳاٽا سنڌي زراعت کانسواءِ صنعت ۽ حرفت ۾ بہ برک هئا. اهو واپار فنيقيا يا بابلي تهذيبن سان هلندڙ هو، جن جون ڌارين ملڪن ۾ تجارتي ڪوٺيون هيون. فنيقيا وارا سنڌين کي ٽين ۽ شيهو بہ اوزارن ۽ ٿانوَ ٺاهڻ لاءِ پهچائيندا هئا. اهڙي طرح سنڌ جي مٽيءَ جي ٿانوَن جي ساخت بہ فنيقيا ۽ ڪريٽ وارن سان هڪجهڙائي رکندڙ آهي، تنهن مان هنن ٻنهي قديم تهذيبن سان سنڌو تھذيب جي ماڻهن جي تجارتي تعلقات ۽ ڏيتي ليتيءَ جو پتو لڳائي سگهجي ٿو. موهن جي دڙي مان عاج جا ڍارا، سليٽ جهڙي شيءِ جا ٽڪر بہ هٿ آيا آهن. تن مان ظاهر آهي تہ ٻارن جي رانديڪن کان سواءِ اتي جا ماڻهو شطرنج جهڙي راند کيڏندا هئا. سنڌي جهازرانيءَ جي فن کان بہ واقف هئا. خشڪيءَ رستي قافلا عراق جي مارڪيٽن جو ڪچو مال هتي پهچائيندا هئا. سنڌين جا غوراب عربي سمنڊ ذريعي بابل پهچندا هئا.
نامور محقق ڊاڪٽر ڊبليو. هنٽر لکي ٿو تہ موهن جي دڙي وارا آڳاٽا سنڌي واپاري اپٻيٽ ۽ سوئيز تائين پهتا هئا. ميمفس جي ديوارن تي پڻ انهن مشرقي قومن جون تصويرون رنگين نمونن سان اُڪريل آهن، جن واپار سانگي اتي بيٺڪون قائم ڪيون هيون. سر ارل اسٽين جو چوڻ آهي تہ مغربي ايران، وادي هيلمند، مڪران ۽ سنڌ ۾ هڪجهڙي تھذيب رائج هئي، ڇاڪاڻ تہ مٿين ملڪن تائين سنڌ جي واپار جا قافلا ويندا هئا. انهيءَ زماني ۾ تور ۽ ماپ جا اوزار تمام نازڪ ۽ ننڍڙا هئا. اهڙا وٽ موهن جي دڙي مان دستياب ٿيا آهن. ڪي وڏا پٿر مخروطي شڪل جا تور ۾ وٽ طور ڪم آندا ويندا هئا. ننڍا وٽ خاڪي رنگ جي سليٽ جا هئا، جيڪي عراق ۽ الام/ عيلم جي وٿن سان مشابهت رکن ٿا. هن وقت تور لاءِ مڻ استعمال ٿئي ٿو، جيڪو رگ ويد ۾ مَنَ (Mana) نالي سان استعمال ڪيل آهي. اهو ساڳيو لفظ لاطيني زبان ۾ ’مينا‘ (Mina) ۽ فنيقي زبان ۾ ’مناھہ‘ (Manah) لکيل آهي. هي لفظ بابل ۽ نينوا کان موهن جي دڙي ۾ پهتو. (مولائي شيدائي: ’تاريخ تمدن سنڌ‘). پر اصل ۾ سنڌ مان ٻين هنڌن تي پهتو. اهي سڀ اچار سنڌي لفظ ’مڻ‘ جي بدليل صورت آهن.
مؤرخن مطابق تور، ماپ ۽ جوتش جو علم (نجوم)، موهن جي دڙي ۽ بابل وارن وٽ هڪ ئي وقت هلندڙ هو. واپار جي ڪري، جتي سنڌ جو اثر سامي تمدن تي پيو. اتي سامي اثر پڻ سنڌ جي تمدن تي پيو هوندو، سنڌ جي سمنڊ واري ڊيلٽائي پٽيءَ تي ڪيترائي بندر هئا، جتان ٻيڙا مال کڻي ويندا هئا. هن دور ۾ واپار جي حوالي سان سنڌو مهرن جو سمير مان ملڻ پڻ هڪ ثابتي آهي تہ نہ صرف روانگي بلڪ درآمدي واپار (Import-Export) بہ ٿيندو هو، جنهنڪري سنڌو تھذيب جي معاشي ترقي ٿي. سنڌو سڀيتا شھري سڀيتا هئي، موهن جو دڙو ۽ هڙپا وڏا شھر هئا. اتي صنعت ۽ واپار هو، البت انهن وڏن شهرن جي چوڌاري ٻهراڙيون هيون، جن جو مکيہ مدار زراعت تي هو.
موهن جي دڙي جي قديم دور کانپوءِ بہ اقتصادي حوالي سان اهو وهنوار جاري هو. موهن جي دڙي واري قديم تھذيب مان نئون آريائي دور شروع ٿيو.
آرين متعلق محققن جا ٻہ عام رايا آهن. هڪ اهو تہ آريا ٻاهران آيا ۽ ٻين مقامي ماڻهن کي ’آريا‘ سڏيو آهي. آريائي دور ۾ بہ سنڌ جي مالي حالت جو دارومدار گهڻو ڪري زراعت تي هو. زمين کي هر ڏيئي پوکي ڪرڻ جو رواج هو. اهي ڍڳن سان هر ڪاهيندا هئا ۽ فصل پچڻ کان پوءِ ڏاٽي سان لڻندا هئا. آبپاشيءَ لاءِ ننڍيون ڪسيون، ٻنين کي پاڻي پهچائينديون هيون. اهي ڪهڙي پوک ڪندا هئا، تنهن لاءِ تاريخ ۾ جَوَ جو ڏس ملي ٿو، جڏهن تہ تاريخ جي زماني کان بہ اڳ هتي ڪڻڪ ۽ ڪپھہ جي پوک تہ ٿيندي هئي، جنهن کي معيشت ۾ اهميت حاصل هئي ۽ اها هن دور ۾ بہ ٿيندي هئي.
ويدڪ واري زماني ۾ هتان جي هنرن ڪا نمايان ترقي ڪا نہ ڪئي هئي. زرعي ڪم ڪار لاءِ بيل گاڏيون ضروري هيون، تنهن کان سواءِ جنگي ڪمن لاءِ رٿن جي ضرورت هئي. واڍن جو قدر هو، جيڪي ڦيٿن سان گاڏيون تيار ڪندا هئا. سنڌ جي بيل گاڏين جو نمونو اڄ بہ ساڳيو آهي، جيڪو موهن جي دڙي واري تھذيب ۾ رائج هو. ان کان علاوہ ڌاتن مان اوزار ٺاهڻ جو رواج هو. ڌاتن مان ٿانو بہ جوڙيندا هئا. پتل، ٽامو ۽ لوھہ استعمال ڪندا هئا. ڳوٺن ۾ رنگريز ڪپڙا رڱيندا هئا. گهرن ۾ زالون تڏن ۽ ٽوڪرين جوڙڻ کان علاوہ چرخن تي سُٽ ڪتينديون هيون ۽ ڪپڙو اڻنديون هيون، رگ ويد جي زماني کانپوءِ ذات پات جو فرق پوڻ ڪري اُچي ذات سڏائيندڙ طبقن ٻين طبقن جو قدر گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ زماني ۾ ٻين کان زراعت، مال چارڻ، صنعت جا ڪم ورتا. رگ ويدڪ سماج ۾ هنري لوڪن کي جيڪا آزادي مليل هئي، سا پوئين زماني جي طبقن ختم ڪري ڇڏي. مجموعي طور هن دور ۾ سنڌ جو اقتصادي ڍانچو، گهڻي ڀاڱي زراعت تي دارومدار رکندڙ هو، پر شھر بہ معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا هئا.
ان کانپوءِ واري دور کي ’برهمڻي دور‘ چئجي ٿو. جڏهن آريا سڏائيندڙ قومن سنڌوءَ جي ميدان کان نڪري گنگا ۽ جمنا واري ميدان، هماليہ جي ترائيءَ، بهار، بنگال ۽ اوڙيسا تائين بيٺڪون قائم ڪري مختلف حڪومتن جو پايو وڌو. انهن ادبيات کي ترقي ڏني. هن دور ۾ مهاڀارت ۽ رامائڻ جا واقعا رونما ٿيا. سپت سنڌو ديس کانپوءِ جڏهن هنن لوڪن گنگا ۽ جمنا واري ميدان کي والاريو، جتي ندين جي وسيع پاڻيءَ کان سواءِ مينهن بہ ججهو پوندو هو، پاڻيءَ جي گهڻائيءَ سبب ٿيندڙ شادابيءَ کي ڏسي ان تي ’برهم ورت‘ يا ’ڀارت ورت‘ نالو رکيائون.
برهمڻ ورت جي زماني ۾ سنڌ نهايت زرخيز ملڪ هو. هتي مينهن جام پوندو هو ۽ ڏڪر جو بہ خطرو رهندو هو. ان زماني جا هَر گهڻا وزندار هئا، 24 ڍڳا هر ڪاهيندا هئا. جَوَن، چانورن، تِرن ۽ ڪپھہ جي پوک هتي عام جام ٿيندي هئي.
هن دور ۾ هنرن وڏي ترقي ڪئي. يجر ويد ۾ هنرن جي فهرست ۽ مختلف ڌنڌن ۽ پيشن جو بيان ڏنل آهي. مثلاً: هن ۾ شڪاري، مهاڻا، ڌنار، ڪڙمي، ڪوري، ڪاسائي، جوهري، سونارا، رنگريز، واڍا، حجام، لوهار، ڌوٻي، ڪنڀار، ٻيڙائتا، ملاح، يورپي، ڪاٺيار، دربان، قاصد ۽ ميراثين جي پيشور پورهيت قبيلن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. سمنڊ تي جھاز راني ڪرڻ بابت ڪو بيان ڪونهي، فقط درياهن تي ٻيڙيون نظر اچن ٿيون. زالون ڪپڙي اُڻڻ، رڱڻ ۽ گهرو هنرن کان واقف هيون، غريب ڳوٺاڻا گڏا ۽ ٽوڪريون جوڙيندا هئا. ڌاتن جي هنر ۾ ڪاريگرن، رگ ويد جي زماني کان بہ وڌيڪ ترقي ڪئي. رگ ويدڪ ۾ سون، چاندي، پتل ۽ شيهي جو ذڪر ملي ٿو، پوءِ لوھہ جو رواج پيو، جيڪو شايد بابل کان گهرائيندا هئا.
تور ۽ ماپ جو رواج اڳ پئجي چڪو هو. سون تورڻ کي ستامنا چوندا هئا ۽ ڪرشنا قسم جو هڪ سڪو واپاري استعمال ڪندا هئا. هن دور ۾ ريشمي ۽ زعفران ۾ رڱيل ڪپڙن جو رواج پيو. يجر ويد ۾ حڪيمن، جراحت جي ڪمن، ۽ اٿر ويد ۾ جڙين ٻوٽين، دوائن ۽ بيمارين، خاص ڪري مليريا، سنڌن جي سور، قبض ۽ پيچش جهڙن مرضن جا نالا ڏنل آهن. برهمڻ دؤر کانپوءِ مؤرخ سنڌ جي تاريخ کي جين ۽ ٻڌ ڌرم جي نسبت دورن ۾ ورهائين ٿا. اقتصادي حوالي سان هن دور جو جائزو وٺبو تہ جين ۽ ٻُڌ ڌرمن جي رائج ٿيڻ ڪري برهمڻن جو صدين کان ڄمايل اقتدار گهڻي ڀاڱي ڪمزور ٿي چڪو هو. راجا خودمختيار هئا. اڳ زمين جي پيداوار جو ڇهون حصو ڍل طور وٺندا هئا ۽ بعد ۾ ڏهون حصو کين ملندو هو. غير زميني ۽ لاوارثن جي ملڪيت تي سندن حق هو. راجا پنھنجي جاگيردارن جي ماڻهن کان بيگر وٺندا هئا. ڳوٺاڻا ڪجهہ ايڪڙ زمين، راجائن لاءِ شڪارگاهن طور مخصوص رکندا هئا. هر ڳوٺ جو پٽيل ڍل وصول ڪندو هو. جنگ جي حالتن کي منهن ڏيڻ ۽ ڏڪر کي ٽارڻ لاءِ راجائن وٽ اُن جا گدام هئا. برهمڻ جيڪي زمينون آباد ڪندا هئا، تن کي بہ زميندارن کي ڍل ڏيڻي پوندي هئي. ڪنهن پير مرد ڳوٺاڻي جي مرڻ کان پوءِ سندس ٻنيءَ جي نئين سر ورهاست ڪندا هئا. ڪٽنب جي ڀاتين کان علاوہ ڌارين کي زمين جو حصو ملي سگهندو هو. هن کان اڳ برهمڻن کي ٻليدان ڪرڻ جي موقعن تي جيڪي زمينون خيرات طور ملنديون هيون، سي موروثي شمار ٿينديون هيون، هن دور ۾ اهو قاعدو منسوخ ٿي ويو. زمين جي ماپ ايڪڙن بدران يوجنا سان ڪئي ويندي هئي.
زمينون گهڻيون ڪشاديون هيون. ڪي ڪي ٻنيون هزارين ايڪڙن تائين پکڙيل هيون، جن کي کيڙڻ لاءِ زميندار (برهمڻ) پنج پنج سؤ هر استعمال ڪندا هئا. زمين کيڙڻ عيوض هارين کي اجورو ڏيڻو پوندو هو. اٽڪل ستن قسمن جا فصل پوکيا ويندا هئا، جن ۾: چانور، تر ۽ جَوَ اهم هئا. ميوا، ڪمند، ڀاڄيون ۽ گل بہ پوکيا ويندا هئا. ڳوٺن جو پٽيل، ڳوٺاڻن پاران سياسي نمائندگي ڪندو هو. ڳوٺاڻا ۽ شهري، سياسي معاملن ۾ کانئس صلاح وٺندا هئا. پٽيل جي نگرانيءَ هيٺ مهمان خانا، تلاءَ ۽ رستا هوندا هئا، زالون مڙني ڪمن ۾ حصو وٺنديون هيون. تاريخدانن مطابق ٻڌ دور ۾ ڪڏهن بہ ڏڪر ڪو نہ پيو. سال ۾ ٻہ فصل لڻندا هئا. هارپ ۽ واپار وئشن جي هٿن ۾ هو. برهمڻن جو زور گهٽجڻ لڳو. اڳ گهر ويٺي مزا ماڻيندا هئا، پوءِ مذهبي انقلابن اچڻ ڪري کيتي ۽ واپار کي لڳي ويا. کتري حڪمران بہ هارپ جو ڪم ڪرڻ لڳا. گذريل دور کان هن دور ۾ هاري گهڻو آزاد هئا. اڳ کتري زوريءَ زمين تي قبضو ڪندا هئا، هينئر سندن اڳوڻو اوج برهمڻن وانگي گهٽجڻ لڳو. اهي جهنگن کي وڍي نيون زمينون آباد ڪرڻ لڳا. ٻڌ ڌرم واري دور ۾ صنعت ۽ حرفت اڳي کان وڌيڪ ترقي ڪئي. مختلف هنر جھڙوڪ: تير ڪمان جوڙڻ، زيور ٺاهڻ، لوهارڪو، واڍڪو، جنڊيءَ جو ڪم ٿيندو هو، جنگي رٿ ٺاهڻ ۽ ٻين مختلف ڪاريگرين جا قسم ڏنل آهن. اُن کان سواءِ جاين جي پٿرن کي گهڙڻ وارا، چمڙي رڱڻ وارا ۽ موچڪو ڌنڌو ڪندڙ بہ نظر اچن ٿا. هن دور ۾ انهن بھترين ڪاريگريءَ جا نمونا ايجاد ڪيا. ڪاريگرن مٿان هڪڙو مستري نظرداري ڪندو هو. هن دؤر ۾ درزڪو ڪم بہ ٿيندو هو. ان کان سواءِ ٻيا ڌنڌوڙي جھڙوڪ: ڪاسائي، شڪاري، ماري، مهاڻا، جوڳي، ميراثي، ڀنڊ ۽ ناچو وغيرہ هتي جي قديم قبيلن ۾شمار ٿيندا هئا. هتان جا ڪوري عمدو باريڪ ڪپڙو اڻندا هئا. خاص طور هالڪنڊيءَ جون ململون راجا جي مھر لڳائڻ کان سواءِ ٻاهر وڃي نہ سگهنديون هيون. عاج جون چوڙيون ٺاهيندڙ چوڙيگر ۽ ڪنڀار بھترين شيون تيار ڪندا هئا، يعني تہ سمنڊ تي واپار جهازن ذريعي ۽ خشڪيءَ رستي قافلن جي اچ وڃ جاري هئي. گلن جي هارن پائڻ جو بہ رواج هو. ڪاريگرن جو ٺهيل سامان سيٺيون خريد ڪندا هئا ۽ ڪاريگرن کي پيشگي رقم ڏيڻ جو بہ رواج هو. پوري وقت تي مال ڏيڻ لاءِ ڪاريگر ٻڌل هئا. هر هڪ مھا سيٺي (لکاپتي سيٺ) وٽ 500 ننڍا سيٺيون ڪاروبار هلائڻ لاءِ رهندا هئا. ڪاريگرن جي دڪانن تي ماڻهن جو هجوم رهندو هو. لوهار ڪهاڙيون، پاڪيون، هر، ڪوڏرون، وڍ ڪُٽ جو سامان تيار ڪندا هئا. شھر ۾ جدا جدا شين جون بازارون هيون. نيروٽين، ڪورين ۽ چوڙيگرن جي بازار لڳندي هئي. ساٽين ۽ مهاڻن جو ڪم مڇي ماري، شهرن ۾ وڪرو ڪرڻ هو. اهي درياھہ ۽ ڍنڍن جي ڪنارن تي ڪاٺين جي جهوپڙين ۾ رهندا هئا ۽ پاڻيءَ جا پکي پڻ پاليندا هئا. ان دؤر ۾ واپارين کي وڻجارا چيو ويندو هو، اهي ساڳيا لفظ اڄ بہ سنڌي ٻوليءَ ۾ رائج آهن. بندرن تي مال پهچڻ شرط واپاري اچي واڪ ڏيندا هئا. سنڌ جي بندرن، جھڙوڪ: پٽالا، مينانگرا ۽ ڀنڀور تي ڪلداني، مصري، فنيقي ۽ عرب واپارين جا جھاز لنگر انداز ٿيندا هئا. اتان ڏيساور مال کڻي ويندڙ ڏيهي توڙي پرڏيهي جھاز روانا ٿيندا هئا. ان زماني ۾ مال جي ويمو ڪرائڻ جو بہ رواج هو. جيڪڏهن ڪنهن سوداگر جي مال کي سمنڊ جي سفر دوران نقصان رسندو هو تہ جھاز ران رقم ڀري ڏيندا هئا. الهندي ايشيا جي ملڪن جا واپاري گجرات مان سچا موتي ۽ سنڌ مان مصالحو، خوشبودار شيون، ڪپڙو، نير ۽ ڪاٺ خريد ڪندا هئا، ڇاڪاڻ تہ بابل کي عمارتي ڪاٺ جي سخت ضرورت هئي. اهي جھاز ايراني نار ۽ مڪران جو ڪنارو وٺي سنڌ جي بندرن تي لنگر انداز ٿيندا هئا. قافلن وارا واپاري ’سٿا واها‘ سڏبا هئا. هرهڪ قافلي سان حفاظت لاءِ جٿا ساڻ هلندا هئا. واپارين جا بہ ڪيترا قسم هئا، جيئن: ڪوتا وڻجار (ڀائيوار)، مھا وڻجار (وڏو واپاري)، سيري وڻجار وغيرہ. قافلا گهڻو ڪري رات جو مسافري ڪندا هئا ۽ تارن جي وسيلي وقت ۽ طرف معلوم ڪيو ويندو هو. بنارس جو مال قافلن ذريعي گنگا (ڀاڳلپور) کان بنگال جي اپسمنڊ تي پهچندو هو. الهندي ۾ ڀڙوچڪا (ڀڙوچ) ۽ راجپوتانا کي لتاڙي، ڀنڀور کان اوفير ڏانهن ۽ يمن جي بندرن کان شام ۽ مصر تائين ويندو هو. ميناننگر جي ڪپھہ ڀڙوچ ڏانهن ويندي هئي ۽ ڀڙوچ کان لاک ٻاهر ويندي هئي. فنيقا جا سوداگر آئونين ٻيٽن کان گندرف ۽ سڪو ميوو آڻيندا هئا. هندي واپاري انهن ٻيٽن کي ياونا چوندا هئا. راجگريءَ جي مال جا قافلا گنڌارا تائين ويندا هئا. اهو رستو وچ ايشيا تائين ويندو هو، جيڪو ٽئڪسيلا کان لنگهندو هو. پنجاب جي ندين ذريعي چين ۽ ڪشمير جو مال سنڌ ۾ پهچندو هو. سنڌ مان گهوڙا ۽ گڏھہ هندستان جي پرڳڻن ڏانهن ويندا هئا. درياهن تي پتڻن کي ’گهاٽڪ‘ چوندا هئا. سنڌيءَ ۾ اڄ بہ اهو لفظ ’گهاٽ‘ جي بدليل صورت ۾ مروج آهي. انهن پتڻن ۽ بازارن ۾ گوشت وڪامندو هو. شهرن ۾ شراب ۽ هٿيارن جو وڪرو عام ٿيندو هو. بازارن ۾ شين جي مٽاسٽا شين ذريعي ڪئي ويندي هئي.
هن دور کان پوءِ ايراني دور جي شروعات ٿئي ٿي. ايرانين جي قابض ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي اقتصادي حالت جو جائزو وٺبو تہ سنڌ جون اقتصادي حالتون لڳ ڀڳ ساڳيون هيون، ڇو تہ ايرانين سنڌ تي قبضو ان جي اقتصادي خوشحاليءَ کي ڏسي ڪيو هو.
تاريخ ۾ ڏٺو وڃي تہ دنيا جون تقريباً سموريون تهذيبون درياهن جي ڪنارن تي اُسريون، ڇاڪاڻ تہ ان وقت زراعت اقتصادي ڍانچي جو اهم ذريعو هئي ۽ اُها درياهن سان ئي وابستہ هئي. سنڌ جي تمدن جي تاريخ جو دارومدار بہ سنڌو درياھہ تي رهيو آهي. نيل، فرات، سيحون (سنڌو) ۽ جبحون ندين جا رهاڪو انهن درياهن جي وجود سبب ئي تمدني زندگيءَ جي شروعات ڪري سگهيا هئا، ڇاڪاڻ تہ زندگيءَ جون سموريون ضرورتون مٿين درياهن جي ڪري، ڪلدانين، مصر ۽ سنڌين کي ميسر هيون. مصري ۽ هند سنڌ وارا پنهنجن درياهن کي ديوتا سمجهي سندن پرستش ڪندا هئا. هي درياھہ نہ رڳو زراعت، پر پاڻيءَ جي جهازن ذريعي واپار جي ڏي وٺ لاءِ بہ بھترين ذريعو رهيا هئا. ڪشمير، ٿٻيٽ، چين، افغانستان مشرق ۽ انڊوگئنجيٽڪ (سنڌو- گنگا) ميدان وارن شهرن جو مال سنڌو درياھہ رستي سنڌ جي شهرن ۽ بندرن تي پهچندو هو. 700 ق. م ڌاري سنڌ جو واپار ايراني نار رستي عراق سان هلندو هو. مصري، فنيقي ۽ عرب توڙي ايراني سوداگر، سنڌونديءَ جي ڊيلٽا وارن بندرن سان واپار ڪندا هئا. ايران ۽ سنڌ جي سياسي واقعن مان خبر پوي ٿي تہ سائرس 558 ۽ 530 ق. م ۾ بلخ تائين ملڪ فتح ڪيو هو. خاص طور زينو خان جي بيان مان ثابت ٿئي ٿو تہ سائرس اعظم، بابل کي فتح ڪرڻ کانپوءِ هندي وڏي سمنڊ تائين رهندڙ قومن کي زير ڪيو هو، يعني مهراڻ جو سمورو ڊيلٽا سندس قبضي هيٺ اچي ويو. ايرانين واپار جي سهولت لاءِ باقاعدي سِڪا رائج ڪيا هئا. جن جو وزن 130 گرين هو، انهن جي هڪڙي پاسي تي تير ڪمان جي شڪل ۽ ٻئي پاسي شهنشاھہ جي تصوير اُڪريل هئي، جنهن کي ’دريڪ‘ (Daric) سڏبو هو، انهن سڪن جو سون خالص سنڌي سون هو، تنهنڪري ٻين ملڪن جا سوداگر ان کي خوشيءَ سان خريد ڪندا هئا. بلڪ ايلام، ميديا ۽ بابل وارا سنڌ مان سون خريد ڪندا هئا. ايڪباتانا، سوسا ۽ بابل جا خزانا سنڌ جي سون سان ڀريل هئا. سنڌ جي مال جا قافلا، ريشمي ڪپڙن، گرم مصالحن، عاج، سون ۽ خوشبودار شين سان ڀريل، مڪي جي تنگ ۽ تاريڪ ڳلين مان لنگهندا هئا. هر هڪ قافلي ۾ ٽي هزار اُٺ، جن مان هر اٺ تي پنج مڻ ٻوجهو هوندو هو، سي حجاز براھہ، بيت المقدس ۽ مصر ڏانهن ويندا هئا. اها تجارت قريش خاندان جي معرفت هلندي هئي. هي اهو زمانو هو، جڏهن عربن جي جھالت عروج تي هئي. قافلن جي مال مان ٿيل سالياني آمدني چار ڪروڙ روپين جي لڳ ڀڳ ٿيندي هئي، جنهن مان تقريباً ٻہ ڪروڙ روپيا فائدي جي رقم هوندي هئي. سبا جا سوداگر ڳاڙهي سمنڊ رستي مال شام، فنيقيا ۽ مصر تائين پهچائيندا هئا. سبائن وٽ قديم تحرير جو رواج هو. دارا سنڌ لاءِ چوڪنڊا ۽ پنج ڪنڊا سيگلو (Siglio) سڪا تيار ڪرايا هئا، جيئن مغربي ملڪن سان سندس واپار جاري رهي. تاريخ ٻڌائي ٿي تہ اهي سڪا بنارس کان وٺي اوفير (Ophir) تائين رائج هئا. سنڌوءَ رستي ٻيڙن ذريعي جيڪو مال ڀنڀور پهچندو هو، سو هتان سامونڊي غورابن ۾ ڀربو هو ۽ واپارين کي گمرگ (ڪسٽم ڊيوٽي) ڏيڻي پوندي هئي. ڌارين ملڪن جي واپارين جون هتي ڪوٺيون هيون. فنيقيا جا واپاري غلامن جو بہ واپارڪندا هئا. يونان ۾ في غلام جي قيمت ڏھہ پائونڊ هئي. خشڪيءَ رستي سنڌ جا قافلا براھہ، مڪران، اصطبخر، اوفير ۽ تدمر تائين ويندا هئا.
ايراني دور کان پوءِ سنڌ کي سڪندراعظم جي اڳواڻيءَ ۾ يونانين فتح ڪيو ۽ سنڌ، يونانين جي هٿ هيٺ اچي وئي. سڪندر وٽ فنيقي ۽ مصري ملاحن جا دستا هئا. هن جھلم مان ٻيڙيون ٺهرائي، لشڪر سان سنڌو درياھہ جو ڪپ وٺي سنڌ تي ڪاھہ ڪئي. واٽ تي مالي قوم کان ملتان ۽ اُچ فتح ڪري، يادگار لاءِ هن اتي ڪي شھر ۽ قلعا تعمير ڪرايا. پٽالا جي راجا موڪريسر (موسيڪانس) کي هن شڪست ڏني ۽ راجا سامبس ساڻس مقابلو ڪيو ۽ مارجي ويو. پٽالا کان هن هاٿين جو دستو، پنھنجي سپھہ سالار ڪراٽيرس جي سربراهيءَ ۾، دري مولھہ کان مڪران ڏانهن روانو ڪيو ۽ پنھنجي اميرالبحر نيرڪس کي جهازن جي دستي سان، سنڌونديءَ جي ڊيلٽا کان، مڪران جي ڪناري کان، ايراني نار ذريعي عراق ڏانهن روانو ڪيو. سنڌ مٿان پيٿان (Pithon) کي پنهنجو نائب مقرر ڪري، ارابطيس، حب ۽ لسٻيلي جي رستي کان، مڪران جو ڪنارو وٺي بابل پهتا، جتي سڪندراعظم وفات ڪئي. يونانين جي سنڌ تي ڪاھہ ڪرڻ وقت هي ملڪ ننڍين رياستن ۾ ورهايل هو. وڏن شهرن کي مضبوط قلعا ڏنل هئا. سنڌ جا ڳوٺ مردم خيز هئا ۽ ڳوٺاڻا آزاد هئا. دشمن سان مقابلي ڪرڻ وقت راجائن پاران وڙهندا هئا. سڪندراعظم سنڌ جي آباديءَ لاءِ ڊيلٽا واري حصي ۾ کوھہ کوٽايا هئا. تن ڏينهن ۾ ڪڇ جو رڻ پاڻيءَ سان ڀريل هو. ڪي قبيلا چوپائي مال تي گذران ڪندا هئا ۽ ڪي نديءَ جي ڪپ تي ڪانن جي جهوپڙين ۾ رهندا هئا، جن مان اڪثريت جو گذران ٻيڙين ذريعي مڇيءَ جي شڪار تي هو. اهي ڪانن مان ٽوڪرا ۽ گاھہ مان تڏا جوڙيندا هئا. سنڌ جي ڪپھہ پشم کان بہ نرم هئي. جنهن مان ڪپڙا اڻندا هئا. يونانين جي بيان موجب 326 ق. م ۾ جڏهن هو سنڌوءَ جي ميدان جي اترئين حصي پنجاب ۾ هئا تہ آبڪلاڻيءَ جي مند ۾ برسات ساندھہ پوندي ڏٺي هئائون. سنڌ ۾ پنجاب جيتري برسات ڪا نہ هئي، البت هوا ۾ گهم گهڻي ٿيندي هئي، ڇاڪاڻ تہ جاگرافيائي لحاظ کان سنڌ اڳ ۾ ئي چوماسي هوائن جي دائري اندر هئي. ان زماني ۾ راجپوتانه صحرا بڻجي چڪو هو ۽ سنڌ جي کاٻي پاسي جو اڀرندو ڀاڱو سنڌو درياھہ جو رخ ڦرڻ ڪري گهڻي ڀاڱي ويران ٿي چڪو هو، جتي اٽڪل هڪ هزار ويران شھر ۽ ڳوٺ ڏٺا ويا هئا. ’پالينيءَ‘ پنھنجي تاريخ ۾ سنڌ جي جواهرن ۽ لعلن جا قسم بيان ڪيا آهن. سنڌ جي مصري انتهائي شفاف هئي. يوناني لکن ٿا تہ اُها چٻاڙڻ ۾ انجير ۽ ماکيءَ کان وڌيڪ مٺي هئي. سنڌ ۾ ساليانا ٻہ فصل ٿيندا هئا ۽ هتان جي زمين نهايت زرخيز هئي. جوئر ۽ چانورن جي پوک اونهاري ۾ ۽ جَوَن جي پوک سياري ۾ ٿيندي هئي. ان کان سواءِ ڪپھہ جي پوک بہ ٿيندي هئي. يونانين سنڌ جي ڪپھہ کي چانديءَ سان تشبيھہ ڏني ۽ هنن ان مان پنهنجين زينن لاءِ گاديلا جوڙايا هئا.
سڪندراعظم جي ڪاھہ جو بنيادي سبب اهو هو تہ ايشيا جي اڻکٽ دولت تي واپار ذريعي قبضو ڪجي، يورپ ۽ ايشيا جا واپاري ناتا مضبوط رهن ۽ يوناني تهذيب، هنر ۽ زبان جو مشرق تي اثر رهي. اهڙي ارادي کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ هن پاڻ سان گڏ هنرمندن ۽ فيلسوفن جي جماعت آندي هئي، جن سنڌو درياھہ جي ڪپن تي نوان شھر تعمير ڪرايا. يوناني لشڪر اٺ سؤ جهازن وسيلي سنڌ ۾ پهتو هو. سڪندراعظم، اُچ (اسڪلنده)، پٽالا، ڀنڀور ۽ سون مياڻيءَ جي بندرن تي جهازن جي سهولت لاءِ دِڪا (Doka) تعمير ڪرايا. کيس معلوم ٿيو تہ ايران، چين ۽ هند جي خشڪيءَ وارن رستن ذريعي انهن کي مغرب سان ڳنڍي سگهجي ٿو. تنهن وقت ۾ سنڌو درياھہ خاص طور هڪ اهم تجارتي وسيلو هو، جنهن ذريعي دنيا جو مال ايراني نار ۽ ڳاڙهي سمنڊ رستي يونان تائين آساني سان پهچي سگهندو هو. سڪندراعظم، پٽالا کان مهراڻ جي اوڀر واري شاخ ذريعي لکپت پهتو هو. ايراني نار تي سندس اڳ ۾ ئي قبضو هو. سنڌ کان موٽڻ بعد هن يمن ۽ عربستان تي قبضي ڪرڻ جو ارادو ڪيو، پر سندس بابل پهچڻ کانپوءِ ڏينهن پورا ٿي ويا.
سڪندراعظم جو خواب هڪ حد تائين پورو ٿيو، نيل جي ڊيلٽا تي هن اسڪندريہ جو جيڪو بندر تعمير ڪرايو هو، تنهن کانئس پوءِ بطليموس خاندان جي فرمانروائن جي ڏينهن ۾ اهڙو زور ورتو، جو ايشيا، وچ آفريقا ۽ يورپ جو مال هتي پهچڻ لڳو. چين، هند، ماوراءِ النهر ۽ سنڌ جو مال خشڪيءَ رستي تدمير پهچڻ لڳو، جتان اڪندرونه، ايشيا ڪوچڪ ۽ اسڪندريہ ذريعي آسانيءَ سان يونان ۽ مغرب تائين پهچڻ لڳو. عيسوي سن کان ٿورو اڳ، مغربي واپارين يا دکن جي واپارين وسيلي يونانين کي پانڊيا ديس (مدراس، ٽينولي، ملورا) جي سچن موتين جي خبر پئي. سڪندراعظم کي موتين جي قسمن ۽ سامونڊي مڇين جي قسمن جي خبر هئي. يونانين سنڌ جي بندرن جھڙوڪ: پٽالا ۽ ڀنڀور ۾ مصري ۽ فنيقي واپاري ڏٺا هئا. ممڪن آهي تہ انهن واپارين کين خبرون پهچايون هجن، بهرحال يونانين کي دکن ۽ اتي جي سياه فام قومن (دراوڙن) ۽ سرانديپ (سيلون) جي بہ خبر پئي. اونيسيڪريٽيوس، سيلون کي ٽاپروبين (Taprobane) لکيو آهي. هن ٻيٽ جي بہ سنڌي واپارين کيس خبر ڏني هئي، ڇاڪاڻ جو ديبل ۽ سيلون جا پاڻ ۾ ڌرمي تعلقات هئا. 300 ق. م ۾ جڏهن پنجاب ۽ سنڌ تي يونانين جي حڪومت هئي، ان دوران پتو پوي ٿو تہ سنڌ جو واپار ڀونوچ سمنڊ وارن ملڪن سان هلندو هو. پليني، جنهن جو ڪتاب سن 75ع ۾ شايع ٿيو، هڪڙي لغت نويس جي حيثيت ۾ لکي ٿو: اسين چئي سگهون ٿا تہ يوناني جهازران، هتي وڏي سمنڊ تي جهازراني ڪندا هئا. بطليموس فرمانروائن ڳاڙهي سمنڊ تي برتائيس بندر تعمير ڪرايو، جتي يمن جي عربن جا جھاز سنڌ ۽ هند جو مال پهچائڻ لڳا. استرابو جو 25 ق. م ڌاري مصر ۾ موجود هو. سندس ڏينهن ۾ سنڌ جو واپار سڌو سنئون مصر سان هلندو هو. ساليانو 120 جهاز، ڳاڙهي سمنڊ جي ميوز (Myos) ۽ هرموز (Harmos) بندر کان مڪران جي ڪناري ۽ مهراڻ جي ڊيلٽا ڏانهن ويندا هئا. عيسوي پهرين صدي جي وچ ڌاري هپالوس (Hippolus) پهريون يوناني جھاز ران هو، جنهن چوماسي جي هوائن کي معلوم ڪرڻ کان پوءِ، باب المندب جي ڳچي سمنڊ کان سڌو ملبار تائين سفر ڪيو هو. پليني قافلن ذريعي روم (Rome) ڏانهن ويندڙ مال جي قيمت ويھہ لک پائونڊ ساليانو ڏيکاري ٿو.
واپار جي ترقيءَ لاءِ سڪندراعظم، ايرانين وانگر سڪا رائج ڪيا هئا، جيڪي بلخ، بخارا ۽ راولپنڊيءَ جي ماهرن کان هٿ سان تيار ڪرايا ويندا هئا، انهن سڪن جو گهڻو تعداد برلن ۽ لنڊن جي عجائب گهرن ۾ رکيل آهي. ڪي ٽڪنڊا، ڪي چوڪنڊا ۽ اڪثر گول آهن. برهمڻ آباد مان جيڪو شيشي جو مال هٿ لڳو، سو مصري سوداگر واپس سنڌ کڻي آيا.
ارٿ شاستر ۽ يونانين موجب موريا خاندان وارن جي رعايا ڪاروباري حوالي سان مختلف طبقن ۾ ورهايل هئي. ڪنهن کي اجازت ڪا نہ هئي جو پنهنجو ڌنڌو ڇڏي ڪو ٻيو ڪاروبار ڪري، نہ وري اهي هڪٻئي مان شاديون ڪري سگهندا هئا. برهمڻن کي هر ڪنهن ڌنڌي اختيار ڪرڻ لاءِ اجازت هئي. ڪي اهڙيون قومون هيون، جيڪي پنھنجي موروثي ڌنڌن تي سختيءَ سان پابند هيون. جھڙوڪ: گراما ڀرتياڪا، جيڪي ڳوٺن ۾ مزدوري ڪندا هئا، ڪنڀر، حجم، لوهر ۽ واڍا پنھنجي ڪرت تي پابند هئا. شھري مختلف هنرن ۽ مزوري ڪرڻ کانسواءِ واپار ۽ سرڪاري کاتن ۾ ملازم هئا. هنرمند جھڙوڪ: ٺاٺارا، سونارا ۽ ڪوري وغيرہ هئا. انهن کانسواءِ شهرن ۾ ٻيا بہ ڌنڌا هئا، جھڙوڪ: طبيب، اداڪار، راڳي، ناچو، قصہ خوان وغيرہ. واپار جي شين جي قيمت، وڪري ۽ گشتي واپارين کان محصول اُڳاڙڻ لاءِ سرڪاري عملدار مقرر هئا. وڏن سيٺين کي واپار ڪرڻ لاءِ سرڪاري سندون مليل هيون. ڪارخانن ۽ جيل خانن ۾ ٺيڪن تي مقرر انداز ۾ ڪم ورتو ويندو هو. بيواھہ عورتن ۽ مفلسن لاءِ ڪپڙي اُڻڻ جي ڪارخانن ۾ مزوري ڪرڻ جو انتظام هو. ٺيڪن جي ڪمن جي سر انجاميءَ لاءِ عارضي طور مختلف طبقن جي پيشہ ورن کي گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ اجازت مليل هئي.
موريا خاندان توڙي راءِ ۽ برهمڻ گهراڻن يا باختري يونانين جي ڏينهن ۾ واپار وڏي ترقي ڪئي. سون ۽ چاندي جي ٿانون ۽ جواهرن جو سڄي هندستان ۾ واپار هلندو هو، سچا موتي ڪار منڊل ۽ سيلون کان اچڻ لڳا. خوشبودرا مصالحا ۽ ريشم چين کان ڪشمير رستي ۽ سوٽي ململيون ۽ خوشبودار شيون سنڌ جي بندرن کان ٻاهر وينديون هيون. بلخ جي يوناني حڪومت ڪري وچ ايشيا جو مال ۽ بحيرہ خزر پار ملڪن جو مال، جھڙوڪ: وولگا جو چمڙو ۽ قالين وغيرہ بہ سنڌ ۾ پهچڻ لڳا. يوناني باختري حڪومت ننڍا وڏا سڪا ايجاد ڪيا هئا. ايراني نار جي بندرن اُبلھ، سيراف، قيس، تيز ۽ سوهر جي بندرن سان ديبل ۽ ڀنڀور جا بندر ڳنڍيل هئا، تنهنڪري سنڌ گهوڙن جي واپار سبب ننڍي کنڊ ۾ مشھور هئي. چين جا جھاز سنڌ جي بندرن تي لنگر انداز ٿيندا هئا. جيئن اڄڪلھہ يورپ جي مال تي مشرقي لوڪ خزانا خرچ ٿين ٿا، تيئن يورپ وارا عيش جو سامان مشرق کان گهرائيندا هئا. سنڌي قوم جو سمنڊ تي واپار هلندڙ هو. اونهاري ۾ چانورن جي پوک ڪندا هئا ۽ سياري جي شروع ۾ جڏهن اتر جون هوائون لڳنديون هيون ۽ سمنڊ ماٺيڻو ٿي ويندو هو، تڏهن سڙھہ سانباهي سفر ڪندا هئا. عرب، سنڌي جهازن کي ’بارجه‘ ۽ ’دوينج‘ يعني دنگي چوندا هئا. اهي ڪاٺ جا بنڊ هئا، جن کي ناريل جي رسن سان ٻڌندا هئا.
يونانين کان پوءِ ڪجهہ حاڪمن جي دورن کي تاريخدان وچين دور ۾ ورهائين ٿا، جن ۾ موريا خاندان، يوناني باختري حڪومت، پارٿي، يوچي، گپتا خاندان، سٿين، هرش جي حڪومت ۽ راجپوتن جا راڄ، ساساني دور، راءِ خاندان ۽ برهمڻ گهراڻو قابل ذڪر آهن. هنن دورن ۾ سنڌ جو اقتصادي ڍانچو گهڻ رخو نظر اچي ٿو.
ان کانپوءِ جديد برهمڻ دور شروع ٿئي ٿو. تاريخي حيثيت سان هن دور جي حالتن کي جانچڻ سان معلوم ٿئي ٿو تہ ان ۾ ٻڌمت هڪ هزار ورهيہ حڪومت ڪرڻ کان پوءِ تيزيءَ سان زوال طرف وڌي رهيو هو. هي زمانو تاريخن ۾ نهايت اونداهيءَ ۾ پيل آهي، پر اهڙا ڪجهہ آثار موجود آهن، جن مان ان وقت جي اقتصادي حالتن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
سنڌ جون ڊٺل عمارتون، قلعا، جيڪي جديد برهمڻ دور ۾ تعمير ٿيا، اهي پڪين سرن سان ٺهيل آهن. بتن جون تصويرون، جيڪي ٺپن ذريعي ٺڪر جي تختين تي نڪتل آهن يا ٺڪر جا ٿانو، جيڪي بلوچستان مان هٿ آيا آهن. اهي ايشيا يا يورپ جي عمارتن ۽ ٿانون کان هرگز گهٽ ناهن. ڊٺل عمارتن/ آثار قديمہ ۽ بعد جي تصنيفن ۽ کوجنائن تي جيڪڏهن غور سان نظر وجهنداسون تہ اُن زماني جا قلعا ۽ عمارتون يورپ جي وچئين زماني جي گاٿڪ عمارتن کان گهٽ ڪونه هئا. هن قسم جي صنعت ۽ حرفت مان اُن زماني جي سنڌ جي آسودگي، دولت ۽ رهاڪن جي پُر تڪلف زندگي ۽ مزاج جو پتو پوي ٿو تہ سنڌي، زراعت، نقشڪاري، برتن سازي، زيور سازي، ڪپڙي سازي، شيشه سازي، اسلح سازي ۽ واپار ۾ ڪافي مهارت رکندا هئا. اُن زماني جو هاري مُفلس ڪو نہ هو، ڇاڪاڻ تہ راجا زمين جي اُپت مان فقط ڇهون حصو کڻندا هئا.
سنڌ اقتصادي حوالي سان خوشحال خطو هئي. هتي هر قسم جون خوشبودار شيون جھڙوڪ: عنبر، لونگ، سنبل، خولنجان، دارچيني، ناريل، چندن، ڪارا مرچ، جواهرات، ياقوت، الماس، جانورن ۽ پکين ۾ گينڊا، هاٿي، مور، طوطا، دوائن ۾ هريڙ، توتيو ۽ بيد، ميون ۾ ناريل، انب، ليما، نارنگيون، رنگن ۾ ڪرمچي، نير ۽ فصلن ۾ ڪپھہ ۽ چانور وغيرہ اهڙيون شيون هيون، جن جي ٻي دنيا کي سخت ضرورت هئي ۽ اهي ئي سنڌ جي شاهوڪار واپار جو سبب هيون، جو اهي وٿون ٻاهر تائين وڪرو ٿينديون هيون. خاص طور سنڌ جي ململ جو نالو دنيا جي قديم تاريخن ۾ بہ ملي ٿو. سنڌ جي رهاڪن کي منوءَ جي قانون، هيٺ ذاتين ۾ ورهائي صنعت ۽ واپار لاءِ مجبور ڪيو ويو هو. وئش ڪاروبار جي ڌنڌن ۾ رڌل هئا ۽ شودر هارپو ڪندا هئا.
برهمڻ آباد جي کوٽائيءَ مان چاندي ۽ پتل جي مليل سڪن تي سنسڪرت ۽ ديوناگري لپيءَ ۾ اکر لکيل مليا آهن، مٽي ۽ چينيءَ جا ٿانوَ، شيشي جون ڀڳل شيون، شطرنج جو سامان ڳوٽن سميت پڻ لڌو ويو آهي. ان کان علاوہ قندابيل (گنڌاوا)، ٻڌ (ڪڇي) جو تختگاھہ، جيڪو ملتان کان ڏهن ميلن جي فاصلي تي هو، اتان گهوڙا مڪران جي بندرن کان ٻاهرين ملڪن ڏانهن اماڻيا ويندا هئا. منڇر ڍنڍ وٽ مشھور قلعو هو، جتان ناريل ۽ چانور ٻاهر ويندا هئا. هتان جا ٻن ٿوهن وارا اٺ قيمتي ۽ مشھور هئا. روانگرا (روهڙي) قديم سنڌ جي قافلہ سراءِ هئي، جتي هندستان جا قافلا منزلون ڪري مال نيڪال ڪندا هئا. ڀنڀور ۽ گهاري وٽان سنڌوءَ جي ڪپ تي مشھور بندرگاھہ هو، هتان ڪپھہ ۽ نير سمنڊ رستي ٻاهر واپار سانگي اماڻيو ويندو هو. ديبل وٽ کجين ۽ ناريلن جا باغ هئا. اتي هڪ نهايت مردم خيز مندر هو، هتي جون فولادي ترارون، گينڊي جون ڍالون ۽ شالون مشھور هيون، جيڪي ايران ۾ ’شال ديبلي‘ سڏبيون هيون. ايراني نار جي بندرن سيراف، تينر، قيس، آبله کي ويجهي هئڻ ڪري واپار جو مرڪز هو.
سنڌي، جهازراني بہ ڪندا هئا ۽ سنڌونديءَ تي پتڻ پڻ هئا. ڪشمير جو مال، جنهن ۾ چين جو ريشم هو، ٻيڙين ذريعي سنڌ جي بندرن تي پهچندو هو. گرم مصالحو بہ سمنڊ رستي ملبار ۽ سرانديپ کان هن ملڪ ۾ پهچندو هو. سنڌ جو واپار ايراني نار جي بندرن ۾ مسقط سان هلندو هو. ڪٿو، بيد، بانس ۽ باريڪ ململون وڪرو ٿينديون هيون.
هن دور کانپوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ عرب دور اچي ٿو. عربن جڏهن سنڌ تي ڪاھہ ڪئي تہ ان وقت اقتصادي حوالي سان سنڌي خوشحال قوم هئي. عربَ خود واپاري قوم هئا. خشڪيءَ تي سندن قافلا يمن ۽ شام، ٻئي طرف عراق ۽ مصر تائين ويندا هئا. سندن جھاز سمنڊن رستي مختلف ملڪن سان واپار ڪندا هئا. سنڌ تي ڪاھہ ڪرڻ وقت، عربن جو عربي سمنڊ، ڳاڙهي سمنڊ، ڀونوچ سمنڊ ۽ ايراني نار تي قبضو هو. يورپ، ايشيا ۽ آفريقا کنڊ جو واپار سندن معرفت هلندو هو. افغانستان، ايران، خراسان، زابلستان، هند ۽ سنڌ جا ڀروارا ملڪ سندن قبضي هيٺ هئا، جتي هندستان جو مال قافلن جي ذريعي نيڪال ٿيندو هو ۽ اتان جا سمورا رستا بہ سندن قبضي هيٺ هئا. سنڌ جون جملي پيداواري جنسون ان زماني ۾ نهايت قيمتي هيون. ’قسط هندي‘ جيڪا ڪشمير کان چمڙي جي دٻن ۾ بند ٿي مهراڻ ذريعي چاليهن ڏينهن اندر منصوره پهچندي هئي. مشڪ، جيڪا ٿٻيٽ کان درياھہ رستي ديبل پهچندي هئي، سا خوشبوءَ جي لحاظ کان ان وقت دنيا ۾ چوٿين نمبر تي هئي. عود هندي، مندرن ۾ خوشبو لاءِ ٻاريو ويندو هو، قيمتي شيءِ هئي، في مڻ جي قيمت ٻہ سئو دينار هئي. ڪامروپ، آسام کان سنڌ ايندو هو ۽ عرب واپاري سنڌ تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ بہ برهمڻن کان خريد ڪندا هئا. بيد ۽ بانس جا وڻ جيڪي مشرقي ايشيا ۾ ٿيندا هئا، پر سنڌ جي آب هوا بہ انهن وڻن لاءِ بهتر ۽ فائديمند هئي. هي ٻئي وڻ سٺ فوٽن تائين ڊگها ٿيندا هئا، انهن جي گهاٽن ٻيلن ۾ هاٿي ۽ گينڊا رهندا هئا. سنڌ جون ململيون بہ مشھور هيون. ٿاڻي (بمبئي) جون ڇيٽون سنڌ جي بندر ديبل کان ٻاهر وينديون هيون. بسد، زهر جو هڪ قسم هو، جيڪو عربن جي ڏينهن ۾ سنڌ کان ٻاهر وڃڻ لڳو. الائچيون، لونگ ۽ ڪارا مرچ، سرانديپ ۽ ملبار کان ديبل پهچندا هئا، جو ايراني نار جي منهن ۾ پهريون بندر هو، هتان اهي شيون ٻاهر وينديون هيون. لوبان، ناريل، ڪيلا، انب، توت ۽ ليما سنڌ جي خطي ۾ جهجهي تعداد ۾ ٿيندا هئا. سنڌ مان ناريل ديبل کان ٻاهر ويندو هو، جنهن مان شراب بہ ٺاهيو ويندو هو. منصوره جا انب ۽ ليما مشھور هئا. نير، ڪمند، چانور، لاک، کنؤر ۽ ٻيو سامان بہ سنڌ کان ٻاهر ويندو هو. سنڌ جون مينهون ۽ ڪڪڙ عراق ۽ شام تائين پهچايا ويندا هئا. سنڌ جا مور بہ مشھور هئا. ٺٽو، ديبل، منصوره، خضدار، الور، ملتان، قنوج، قندابيل واپار جا مرڪزي شھر هئا. اٽو، چمڙو، گهوڙا، کجور، سيمور، اطلس، درآمدي شيون هيون.
اٽي جي برآمد يا درآمد جي شين تي في اُٺ تي 12 درهم محصول ڀرڻو پوندو هو. هندستان جي مال تي في اُٺ لاءِ اٺاويھہ درهم محصول هو. رڱيل چمڙي تي هڪ درهم محصول هو، جڏهن تہ مڪران جا رستا پيچدا ۽ ڏکيا هئا، اتي في اُٺ لاءِ 150 درهم محصول هو. عربن جي قبضي کان اڳ سنڌ ۾ پنجن قسمن جا سڪا رائج هئا، عربن فتح کان پوءِ پنهنجو سڪو رائج ڪيو. سنڌي عربي دينارن جو سون بلڪل خالص هو، جن جو واپار عرب واپاري بنگال جي اپسمنڊ جي شهرن تائين ٿيندو هو. تن ڏينهن ۾ في سنڌي دينار جي قيمت هندستان جي ٽن اشرفين جيتري هئي. ان وقت زراعت سنڌ جي اقتصادي ڍانچي جو اهم حصو هئي، عربن سنڌ جا چانور عراق پهچايا ۽ بابل ۽ مشرقي عربستان ۾ سندن معرفت چانورن جي پوک ٿيڻ لڳي. سنڌ ۾ ڪمند جام ٿيندو هو، عربن، ايراني نار، شام، مصر ۽ اردن تائين ڪمند جي پوک وڌائي.
ان کان سواءِ سنڌ جي ائٽ کي هنن اندلس تائين پهچايو، ائٽ سندن نظر ۾ هڪ نئين ايجاد هو. ميندي عربن ذريعي سنڌ ۾ پهتي. عربن جي اچڻ ڪري نير جو اگهہ وڌي ويو، عرب سوداگر سنڌ جو نير شام تائين پهچائيندا هئا، جتان وينس جا جهازران يورپ جي ملڪن ۾ نيڪال ڪندا هئا. سنڌ جي ڪپھہ عراق ۾ پوکجڻ لڳي. سنڌ ۾ ماکي جام ٿيندي هئي، جيڪا پڻ ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪلي ويندي هئي. سنڌ ۾ کجي بہ جام ٿيندي هئي، جنهن مان کنڊ ۽ حلوو ٺاهيو ويندو هو. عباسي دور ۾ مڪران، اسلامي سلطنت جي اڌ حصي کي ڳڙ ۽ ڳاڙهي کنڊ پهچائيندو هو. عربن زراعت جي سمورين شاخن کي سنڌ ۾ ترقي ڏني. خاص ڪري هنن باغن کي اڳي کان وڌيڪ رونق وٺرائي. جيڪي بہ سياح هن ملڪ ۾ آيا، تن منصوره جي باغن، ليمن، نارنگين، انبن ۽ ڀاڄين جي سستائيءَ جو ذڪر ڪيو آهي، اعليٰ طبقي وارن پنھنجي مزاج موجب قسمين قسمين گل ۽ ٻوٽا باغن ۾ هڻايا. هتان جا زراعت جي فن متعلق جيڪي بہ ڪتاب هئا، تن مان هنن پورو فائدو وٺي تجربا ڪيا. زمين کي ڀاڻ ڏيڻ، آبپاشيءَ جي ذريعي ويران زمينن کي تيار ڪرڻ، ان دؤر جا اهم ڪم هئا. عربن، مختلف موسمن ۾ ٻجن پوکڻ متعلق جنتريون تيار ڪيون هيون. غير ملڪي ڀاڄين پوکڻ جو رواج سنڌ ۾ پيو. ميون کي خوش رنگ ڪرڻ ۽ پچائي ذائقيدار ڪرڻ لاءِ هنن خاص ڌيان ڏنو. مختلف طريقن سان وڻن کي پيوند ڪري طرحين طرحين جا لذيذ ميوا پيدا ڪيا ويا. سفيد ۽ زرد رنگ جا گلاب پهرين عربن جي دور ۾ پوکيا ويا. سنڌ ۾ ڊاک ٿيندي هئي. باقي انگور ڪانا (قزدار) ۾ ٿيندا هئا. بادام جي وڻ ۾ گلاب کي پيوند ڪري خوبصورت ڇڳا پيدا ڪرڻ عربن جي قابليت جو نتيجو هو. نيلوفر جا گل بہ عربن خراسان کان آندا هئا. عربن جي دورِ حڪومت ۾ انهن جو تختگاھہ منصوره ميوَن جي سستائيءَ ڪري اسلامي دنيا ۾ مشھور هو. ڪُڪڙن جو اصل وطن سنڌ هو. عربن ڪڪڙن جي نسلي واڌاري لاءِ هن ملڪ ۾ مرڪز قائم ڪيا. منصوره جي نارنگين جي عربن جي معرفت يورپ ۾ پوکي ٿيڻ لڳي. تنهن کان گهڻو پوءِ هندستان جي نارنگين جو ٻج پورچوگيزن يورپ تائين پھچايو. فتوحات سان گڏ ليما عراق پهتا، پوءِ مصر جي شھر ۾ بہ ليمن جي پوک ٿيڻ لڳي. گدامڙيءَ جو وڻ سنڌ کان ڏکڻ عربستان، سوڊان ۽ بصري ۾ پهتو. عرب گدامڙيءَ کي ’سنڌي کجور‘ چوندا هئا. خوشبودار زيتون ۽ رسدار زيتون بہ سنڌ ۾ خراسان کان پهتا. انهن مصري خسخس جو سنڌ ۾ رواج وڌو، جنهن ڪري هن ملڪ ۾ آفيم جي پوک ۾ اضافو ٿيو. سنڌ مان سنڍ (زنجيل) ۽ پان جي پوک عربن ذريعي عمان ۾ ٿيڻ لڳي. خوزستان، فارس، خراسان ۽ ڪرمان جا قافلا سنڌ ۾ اچڻ لڳا، جنهن ڪري سنڌ جي واپار اڳي کان وڌيڪ ترقي ڪئي. خاص طور تي خلافت عباسيه جي دور ۾ آرمينيا، آفريقا، مصر، چين ۽ جپان جون شيون سنڌ جي شهرن ۾ وڪامڻ لڳيون، جن شين کان اڳ سنڌي بي خبر هئا. شيشي جا ٿانو جن تي ميناڪاريءَ جو ڪم ڪيل هو، مثلاً: جام بلوري ۽ قنديلون وغيره، اهي سنڌ پهتا. سنڌ جا عرب سوداگر گينڊن جا سڱ چين ۾ وڪرو ڪندا هئا، جن تي چيني تصويرون ڪڍندا هئا ۽ انهن مان صندوقون بہ جوڙيندا هئا. في صندوق جي قيمت ٽي هزار اشرفيون هئي. سنڌ جي مشڪ مراڪش ۾ وڏي قيمت تي وڪامڻ لڳي. الخوارزميءَ، ڪاري لوڻ جي وڪري جو بہ بيان ڏنو آهي، جيڪو سنڌ کان ٻاهر ويندو هو. عرب، مصر جي زمرد پٿر جي مُنڊين، مرجان ۽ هڪڙي قسم جي پٿر دهنج جو سنڌ ۾ واپار ڪندا هئا. مصر جو شراب، ايشيا ڪوچڪ جا ريشمي ڪپڙا، سمور، پوستينون ۽ ترارون، شيراز ۽ اصفهان جي گلاب جو عطر ۽ بيدمشڪ جو عرق، سنڌ جي شهرن ۾ وڪامڻ لڳو. چمڙي سازيءَ جي هنر سنڌ ۾ ايتري ترقي ڪئي، جو منصوره ۽ کنڀاٽ جا ڀڀڪيدار جوتا، بغداد ۽ مغرب الاقصيٰ ۾ فقط شھزادا ۽ امير طبقو خريد ڪري سگهندو هو. بيلمانيه (گجرات) جون ترارون، ديبل جون شالون ۽ تراريون، ايران ۽ عراق ۾ وڪامڻ لڳيون. عربن ڪرمان جي دسندان کاڻين مان لوھہ، ٽامو ۽ سون کوٽي فولاد مان اوزار ۽ سون مان زيور توڙي ٻيون شيون تيار ڪرڻ شروع ڪيون. معدني شين جوڙڻ ۾ سنڌ ترقي ڪئي.
ڪپڙي سازيءَ جي هنر کان سنڌي گهڻو اڳي واقف هئا. مثلاً: سوٽي باريڪ ململون، شالون، ريشمي ڪپڙا ۽ رنگين ڇيٽون ٺاهڻ جا ننڍا ڪارخانا/ آڏاڻا هتي عام جام هئا. ليڪن عباسي دور ۾ سنڌ ملڪ جي هر هڪ صوبي ڪپڙي سازيءَ جي صنعت ۾ اڳ کان وڌيڪ ترقي ڪئي ۽ ريشمي ڪپڙن جي صنعت زور ورتو. مثلاً: اوني فرش ۽ غاليچا استعمال ٿيڻ لڳا. لونگين جي وڪري ۾ واڌارو آيو. هن دور ۾ سنڌ ملڪ ۾ آيل ڌارين اقتصادي خوشحاليءَ سبب هتان خوب جاوا ڪيا.
هن دؤر کانپوءِ ’غزنوي، غوري، خلجي، تغلق ۽ سومرا سلاطين‘ دور ۾ سنڌ جي اقتصادي حالتن جو جائزو هيٺ پيش ڪجي ٿو:
مٿئين عرصي ۾ مغلن ڪيترائي ڀيرا پنجاب ۽ سنڌ تي ڪاهون ڪيون، مگر دهليءَ جي سلطانن جي فوجي قوت وڌيڪ مضبوط هئي، تنهنڪري سنڌ بيروني ڪاهن کان محفوظ رهي.
ساڳئي دؤر ۾ سنڌ جا زميندار راڻا هئا، جن کان ڳوٺ جو رئيس سرڪاري ڍل اڳاڙيندو هو. رئيسن کي وڏا پگهار ملندا هئا، جيئن رشوت وٺڻ کان پرهيز ڪن ۽ سندن گذران آسودگيءَ سان ٿئي. اهي رئيس گهڻو ڪري هندو هئا. علاؤ الدين خلجي سندن رعايتون ختم ڪري ڇڏيون. جيڪي غياث الدين تغلق ٻيهر بحال ڪيون هيون. انهن رئيسن کي محاصل يا سرف بہ سڏيندا هئا، جن محمد تغلق جي ڏينهن ۾ زور ورتو هو. سندن ماتحت گماشتا رهندا هئا. گماشتن جي ماتحت سرهنگ (چپراسي) رهندا هئا، سرڪاري ڪاغذ پٽ سرهنگ پهچائيندا هئا. حڪومت پاران امين مقرر هوندو هو، جنهن کي مشرف چوندا هئا، هو فصلن جي جاچ پڙتال ڪندو هو ۽ ڍلون جنس يا نقدي صورت ۾ مقرر ڪندو هو. سرڪاري ڪلارڪن کي ’ڪارڪن‘ چوندا هئا. جاگيردار گهڻو ڪري هندو هئا. تجارتي مال تي چوٿون حصو ڍل هئي. محمد تغلق پوين ڏينهن ۾ درآمد تي وڌيڪ محصول لڳايو هو. هن دور ۾ شين جا اگهہ سرڪاري طور محتسب مقرر ڪندو هو، جيئن واپاري، رعايا سان ٺڳي ڪري نہ سگهن. شهرن ۾ هر ننڍي کان وڏي شيءِ جي قيمت مقرر هئي.خريدارن کي حڪم هو تہ ضرورت آهر شيون خريد ڪن. ذخيره اندوزيءَ جي سخت منع ٿيل هئي. انهن انتظامن جي ڪري ملڪ ۾ آسودگيءَ جو دؤر هو. وڏن شهرن ۾ سرڪاري دڪان ’سراءِ عادل‘ جي نالي سان کليل هئا، جتان ضروري شيون مقرر اگهن تي عوام آسانيءَ سان خريد ڪري سگهندو هو. واپارين کي سرڪار پئسا ڏيندي هئي تہ جيئن هو هر قسم جون ديسي خواه ڌارين ملڪن جون شيون مهيا ڪري سگهن. شهرين کي شھر جي رئيس وٽان شين خريد ڪرڻ لاءِ راشن ڪارڊ ملندا هئا.
واپار مغلن جي ڪاھہ ڪري روڪيل هو، ان دوران وچ ايشيا سان غلامن، هٿيارن ۽ گهوڙن جو واپار هلندو هو. عرب، ايراني دکن ۽ ڪارو منڊل سان واپار ڪندا هئا. ان کان سواءِ دهليءَ جي سلاطين جا اسلامي دنيا سان دوستاڻا تعلقات هئا. تجارتي مال تي چوٿون حصو ڍل اُڳاڙبي هئي. ابن بطوطه سنڌ جي لاهري بندر تي يمن، ملبار ۽ ايران جا جھاز ۽ واپار جون ڪوٺيون ڏٺيون هيون. مصر، شام ۽ عراق جا واپاري هن ملڪ ۾ رهندا هئا. فاطمين جي ڏينهن ۾ سوسا (تيونس) جو سوسي ڪپڙو پهريون دفعو سنڌ ۾ پهتو هو. سون ۽ چانديءَ جي برآمد تي بندش پيل هئي. ڌارين ملڪن جو سِڪو سنڌ ۽ هند ۾ گهٽ قيمت رکندو هو. واپار جي ترقيءَ لاءِ رستن جي سلامتي ضروري هئي. انهيءَ ڏس ۾ سلطانن دهليءَ جوڳو انتظام ڪيو هو.
ان کان پوءِ سمن، ارغونن ۽ ترخانن جو دور اچي ٿو. سمن حاڪمن ڏاڍي سياڻپ سان ۽ سھڻي نموني حڪومت هلائي ۽ مجموعي طور سندن حڪومت نهايت ڪامياب حڪومت هئي. هنن کيتيءَ، ڪارخانن ۽ واپار کي هٿي وٺرائي، ملڪ کي ڪافي ترقي ڏياري، ڪيترائي نوان شھر ٻڌائون ۽ سندن راڄ ۾ ملڪ ايترو تہ سکيو ۽ آسودو ٿي چڪو هو، جو انهيءَ دور کي سنڌ جي ڏيهي حاڪمن جي حڪومتي تاريخ ۾ ’سونهري دؤر‘ سڏيو ويندو آهي.
1521ع ۾ شاھہ بيگ ارغون، سمن کي شڪست ڏئي، پنھنجي حڪومت قائم ڪئي. شاھہ بيگ ارغون کانپوءِ سندس پٽ مرزا شاھہ حسن ارغون سنڌ تي حڪومت ڪئي. هنن جو راڄ بہ گهڻو وقت جاري نہ رهي سگهيو ۽ 1554ع ۾ ترخانن سنڌ جون واڳون سنڀاليون. انهيءَ کان هڪ سال پوءِ، پورچوگيزن هڪ فوجي دستي جي اڳواڻيءَ هيٺ ٺٽي تي حملو ڪيو ۽ ٻن لکن پائونڊن کان بہ وڌيڪ لاڳت جي ملڪيتن کي باهيون ڏئي تباھہ ڪري ڇڏيو. پورچوگيز پاڻ سان ايترو تہ مال غنيمت کڻي ويا، جيڪو ايشيا ۾ شايد ئي ڪنهن قوم کي ايترو مال غنيمت هٿ آيو هجي.
سنڌ جيئن تہ هميشہ هڪ زرعي خطو پئي رهي آهي. انهيءَ ڪري سمن، ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ بہ سنڌ جي معاشي حالت جو دارومدار زراعت تي هو. هن دور ۾ زميندار هارين کي ڪو نہ ستائيندا هئا. سنڌ اندر هر صديءَ ۾ سنڌوءَ جو بند نہ هئڻ ڪري رخ بدلائڻ، ڦيرن، ٻوڏن ۽ سوڪن جي واقعن، آبپاشي جي ذريعن جي پوري انتظام نہ هئڻ، بارش جي گهٽ هئڻ، اندروني ۽ بيروني ڌاڙيلن جي حملن، سمنڊ جي پوئين زماني ۾ حالتون غير تسلي بخش بنائي ڇڏيون هيون. ماڻهن جو گذران گهڻي ڀاڱي مال تي هو. آباديءَ ۾ سدائين ساڳي زمين تي نہ هئڻ ڪري آبادگار پيا زمينون بدلائيندا هئا، مگر برساتن ٿيڻ ڪري خوشحالي موٽي ايندي هئي. مخدوم محمد جعفر بوبڪائيءَ، (مخدوم نوح رحه جي همعصر) مرزا عيسيٰ ترخان کان بيان ڪيو آهي تہ ارغونن جي ڪاھہ ۾ فقط ڪاهان (ڳاهو) ۽ باغبان (تعلقي دادوءَ) مان هڪ رات اندر مرزا شاھہ بيگ کي هڪ هزار اُٺ ائٽ تان هٿ لڳا، جيڪي باغن کي پاڻي پهچائيندا هئا.
سنڌ جي واپار جي سهولت لاءِ مکيہ رستو مهراڻ (سنڌو) هو، جنهن ۾ اٽڪ کان سمنڊ تائين ٻيڙيون هلنديون هيون. هن درياھہ تي ايرانين ۽ يونانين جھاز راني ڪئي. سنڌ جي لاڙ وارو حصو گجرات ۽ عربستان کي گهڻو ويجهو آهي. سلاطين دهليءَ جي زماني ۾ سنڌ جو واپار وچ ايشيا، ملبار، مصر ۽ اسلامي دنيا سان هلندو هو. سنڌي واپارين جون ڪوٺيون قاهره تائين هيون. عيسوي 14 صديءَ ۾ ابن بطوطه سنڌ جي لاهري بندر تي ايراني نار ۽ يمن جا جهاز، واپارين جي ڪوٺين سميت ڏٺا هئا. اهو سمن جو اوائلي دؤر هو. سمن جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ وولگا جي چمڙي جا گوڏن تائين ڊگها بوٽ، سائبيريا جا سئمور، هرات جو شراب ۽ ڀنگ، شيراز ۽ قاهره جون تراريون، خراسان جا ڪيمخواب، يزد ۽ ڪرمان جون لنگيون، طبريز جو اطلس وغيرہ وڪرو ٿيندا هئا.
ٺٽي جي تباهيءَ کانپوءِ مرزا جاني بيگ اڪبري فوج سان مقابلي ڪرڻ وقت پورچوگيزن کان مدد گهري هئي. هنن نہ رڳو لاهري بندر تي واپار جي ڪوٺي وڌي هئي. بلڪ ڪسٽم بہ اڳاڙڻ لڳا. هن دؤر ۾ سنڌي جھاز فقط مانڊوي ۽ پر بندر تائين مشڪل سان ويندا هئا. سن 1581ع ۾ پورچوگيزن مڪران جي خوبصورت بندر پسنيءَ کي بہ باھہ ڏني. سنڌ جو سمورو ڊيلٽا هرمز ٻيٽ ۽ گجرات جي ٻيٽن، ڊمن ۽ ڊيو تي پورچوگيزن جي قبضي جي ڪري گهيري اندر اچي ويو. 1592ع ۾ سنڌ جي قبضي ڪرڻ کان پوءِ عبدالرحيم خان خانان وڏي دليريءَ ۽ همت سان لاهري بندر وڃي پورچوگيزين کي تڙي ڪڍيو.
هن بندر کي اوتري ئي اهميت حاصل هئي، جيتري مصر جي بندر اسڪندريہ کي واپار جي ڪري هئي. تاريخدان لکن ٿا تہ لاهري بندر وٽان سچا موتي سمنڊ مان نڪرندا هئا. لوڻ بہ جڙندو هو ۽ لوڻ جون کاڻيون بہ هيون. هندستان جا جھاز ايراني نار ڏانهن ويندي هتي محصول ڀريندا هئا. تورا کان هڪڙو رستو سڌو ملتان ڏانهن ويندو هو. جتان براھہ اجوڌن (پاڪ پتن) رستي هانسي، حسار، پاڻيپٽ ۽ دهليءَ ڏانهن ويندو هو. هتي مکيہ پتڻ ڊيپالپور هو، جتان فيروز شاھہ تغلق 90 هزار لشڪر ۽ جنگي هاٿين سان درياھہ رستي ٺٽي تي ڪاهي آيو هو. سوڍا بہ سمن جا دست بازو هئا. ان ڪري عمرڪوٽ، بدين، رهمڪي بازار ۽ بلڙيءَ ۾ سندن ڇانوڻيون هيون. هنن عبدالرحيم خان خانان لاءِ عمرڪوٽ جي رستي کي کليل رکيو، مگر سندن حڪمت عملي ڪارگر ثابت نہ ٿي. عبدالرحيم خان خانان جاني بيگ کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ عمرڪوٽ تي بہ قبضو ڪيو. گجرات جي حاڪم محمود بيگڙي جي درٻار ۾ مصر، ايران ۽ يورپ جا ايلچي رهندا هئا، ان ڪري گجرات واپار ۾ گهڻي ترقي ڪئي. اتي جي قافلن ذريعي هر قسم جو مال ٺٽي پهچندو هو. سنڌ جا ٻہ شھر ٺٽو ۽ لاهري بندر واپار جي ڪري اٽليءَ جي شھر وينس، فلورينس ۽ جنيوا کان وڌيڪ دولتمند هئا. سمن، ارغونن ۽ ترخانن جي دؤر ۾ سنڌ ۾ اسلامي دنيا جا سِڪا چالو هئا. سلاطين دهليءَ جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ننڍا وڏا سِڪا جاري ڪيا ويا هئا. اسلامي دنيا جي روپئي جي قيمت سنڌ ۾ فقط چئن آنن جيتري هئي. سلاطين گجرات سان سمن حاڪمن جو مائٽيءَ جو رستو هو، ان ڪري سلطان محمود بيگڙي جا روپيا ۽ محمودي اشرفيون سنڌ ۾ جاري هيون. سنڌ ۾ في محمودي اشرفيءَ جي قيمت فقط ٻارنهن آنا هئي. ان کان سواءِ بيجاپور ۽ گولڪنڊه جون اشرفيون ’پگوڊا‘ بہ جاري هيون. پگوڊا سڪا دراصل ڊچن ڪارومنڊل ڪناري تي پاليڪاٿ واري واپاري ڪوٺي قائم ڪرڻ وقت جاري ڪيا هئا. انهن سڪن جو سون خالص هو، ان ڪري گولڪنڊه ۽ بيجاپور جا سِڪا گجراتي واپارين معرفت سنڌ تائين پهتا هئا. ترخان دور ۾ مرزا عيسيٰ خان ترخان جي ڏينهن ۾ پورچوگيزين لاهري بندر تي قبضو ڪيو هو. هنن پنهنجا سِڪا سنڌ ۾ جاري ڪيا هئا. مرزا عيسيٰ پنهنجو سڪو ’عيسائي‘ رائج ڪيو هو. هن سڪي جي قيمت کي مرزا جاني بيگ مٽائي ان تي ’ميري‘ نالو رکيو هو. خبر پئجي نہ ٿي سگهي تہ انهن سنڌي سڪن جو وزن ڪيترو هو ۽ انهن تي ڇا لکيل هو. ارغون ۽ ترخان بہ مغلن وانگر چنگيز ۽ هلاڪو خان جي نسلي شاخ هئا. اهڙي ناتي سبب بلوچستان توڙي سنڌ اندر تيموري سڪو، جنهن جو وزن 80 گرين هو، رائج هو.
گذريل سڀني دؤرن ۾ سنڌ جي اقتصادي تاريخ جي مليل مواد مطابق هڪ ڳالھہ واضح ٿئي ٿي تہ سنڌ ملڪ آڳاٽي زماني کان زرعي ۽ واپار جي حوالي سان تمام خوشحال رهيو آهي. سنڌ جي اقتصادي ترقيءَ جو اهم محرڪ پڻ اهو ئي رهيو آهي تہ هتي پيداواري وسيلا تمام گهڻا آهن.
سنڌ جو اهو دؤر، جنهن جي اقتصادي تاريخ جي حوالي سان جامع انداز سان ڪجهہ مواد ملي ٿو، سو مغلن کان ٽالپرن تائين جو گڏيل دؤر آهي. 592ع ۾ اڪبراعظم سنڌ کي دهلي شهنشاهيت سان ملائي ڇڏيو. سنڌ ۽ ملتان دهليءَ جو هڪ صوبو بڻيا. سنڌ کي ٻن ’سرڪارن‘ ۾ ورهايو ويو، مٿينءَ سرڪار جي گاديءَ جو هنڌ ’بکر‘ هو ۽ هيٺينءَ جو ’ٺٽو‘ هو. ٻنهي تي جدا جدا خودمختيار گورنر مقرر ٿيل هوندا هئا، جن کي هندستان مان ئي مقرر ڪري اماڻيو ويندو هو. انهيءَ عرصي ۾ سنڌ جي ڪارخانن ڏاڍي ترقي ڪئي ۽ واپار سڄيءَ دنيا جي ملڪن سان هلندو هو. ٺٽو تہ بين الاقوامي واپار جو مرڪز بنجي ويو ۽ ان جا واپاري ۽ تاجر هتان جون بھترين شيون پاڻ سان ڏيساور کڻي ويندا هئا. ائين ٿو ڀانئجي تہ خود مغلن بہ انهيءَ واپار ۾ دلچسپي ورتي ۽ هنن جي ئي حڪومت جي دؤر اندر مکيہ يورپي واپارين، پورچوگيزن، انگريزن ۽ ڊچن، سنڌ ۾ پنهنجون ڪوٺيون قائم ڪيون.
سنڌ 1739ع تائين مغلن جي قبضي ۾ رهي ۽ جڏهن نادر شاھہ دهليءَ تي ڪاهي مغل شهنشاهيت کي تقريباً تباھہ ڪري ڇڏيو، تڏهن محمد شاھہ مغل بادشاھہ سان ٿيل عهدنامي موجب سنڌونديءَ جي اولھہ وارا سمورا پرڳڻا ايراني بادشاھہ جي قبضي ۾ اچي ويا. انهيءَ طرح سنڌ بہ ايراني شهنشاهيت جو حصو بنجي وئي. اورنگزيب جي وفات کان وٺي نادر شاھہ جي ڪاھہ تائين، ٻٽيهن سالن جي عرصي ۾ مغل شهنشاهيت جيئن پوءِ تيئن پٽ پوندي وئي. اهو ڏسي نيٺ سنڌ جي هڪ مقامي طاقتور قبيلي ڪلهوڙن پنھنجي خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو. اهڙيءَ طرح هندستان مان مقرر ٿي ايندڙ گورنرن بدران مقامي حاڪم سنڌ تي حڪومت ڪرڻ لڳا، پر انهن حاڪمن جي طاقت ۽ خودمختياريءَ جو دارومدار هندستان جي بادشاھہ تي هوندو هو. جيڪو حاڪم مضبوط ۽ طاقتور هوندو هو تہ سنڌ جا حاڪم مجبوراً اُن جا مطيع ٿي گذاريندا هئا ۽ جيڪو ڪمزور بادشاھہ ڏسندا هئا تہ هڪدم خودمختياريءَ جو اعلان ڪندا هئا. سنڌي حاڪم اهڙيءَ طرح پنھنجي گهر جا اڌوگابرا مالڪ هئا، پر پوءِ بہ بهتر ڏيهي حاڪم هئا. هڪ طرف کين وقت بوقت پنھنجي مٿين حاڪمن کي ڍلن طور ڳريون رقمون ادا ڪرڻيون پونديون هيون، ٻئي طرف جڏهن بہ ڏسندا هئا تہ دشمن جي خطري کان ڪجهہ محفوظ آهن تہ ڍلن ڏيڻ کان هڪدم پڙ ڪڍي بيهندا هئا.
ڪلهوڙن سنڌ ۾ سترهين صديءَ ڌاري زور ورتو. هنن جو ڌنڌو فقيري هو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ چڱا پوئلڳ گڏ ڪري ورتائون ۽ پوءِ مغلن سان دوبدو چوٽون کائيندا رهيا. 1658ع ۾ شاهي فوجن سان مقابلي ۾ فتح حاصل ٿين ۽ سندن حڪومت جو باقاعدي بنياد پيو. آخر 1701ع ۾ يار محمد ڪلهوڙي کي مغل شهنشاھہ کان سَند ۽ مختيارنامو عطا ٿيو. هن جي حڪومت ارڙهن سال هلي. ائين ترتيبوار مختلف ڪلهوڙا حاڪم ايندا رهيا. مجموعي طور ڏسبو تہ پهرين ٻن ڪلهوڙن، يار محمد ۽ سندس پٽ نور محمد حڪومت دور انديشيءَ سان هلائي، شاھہ عنايت شھيد جي شهادت وارو دردناڪ واقعو نہ وٺي ها، تہ سندن اقتصاديات اڃا بہ بهتر هجي ها. ميان نور محمد سنڌ ۾ واهن جي ذريعي پوک ڪرڻ جي سرشتي کي وڏي ترقي ڏياري. سندس حڪومت جي دؤر ۾ سنڌ جي زرعي پيداوار چوٽيءَ تي پهچي وئي. ان کانسواءِ هن دور ۾ ئي ٻن حصن ۾ ورهايل سنڌ کي هڪ ڪري، ملڪ جو درجو ڏنو ويو. ڪلهوڙن جي آخري حڪمرانن جي دور ۾ اٽڪل 30 سالن لاءِ بدامني، گهرو جهيڙن ۽ ٻاهرين حملن جي ڪري سنڌ جي حالت رحم جوڳي ٿي وئي هئي، انهيءَ حالت ۾ ملڪ ٽالپرن جي قبضي ۾ آيو. ٽالپرن جي حڪومت انتظامي طور تمام ناڪام حڪومت ثابت ٿي. اوڻيهين صديءَ جي اوائل ۾ سنڌ، دنيا جي سياسي سيلاب ۾ گهيرجي وئي ۽ انگريزن لاءِ سنڌ ۾ پير ڄمائڻ آسان ٿي پيو ۽ ائين سنڌ انگريزن جي قبضي ۾ هلي وئي. مغلن کان وٺي ٽالپرن جي دور تائين سنڌ جي اقتصاديات جي ترتيبوار جائزي مان خبر پوي ٿي تہ زراعت ۽ صنعت کان وٺي واپار تائين سنڌ ڪٿي بيٺل هئي.
سنڌ جي آبپاشيءَ جي تاريخ
آبپاشي، سنڌ ۾ ڪا تازي ايجاد ڪانهي. اڄ بہ اڪثر ماڻهو ائين سمجهندا آهن تہ سنڌ ۾ آبپاشي 33-1932ع ۾ سکر بئراج ۽ ان جي واهن جي سرشتي سان شروع ٿي آهي. برٽن موجب جڏهن کان سنڌ ۾ انسان رهڻ لڳو آهي، تڏهن کان ملڪ ۾ ضرور ندين ۽ واهن جو هڪ ڄار وڇايل هوندو. انهن واهن مان ڪي دائمي وهندڙ معلوم ٿين ٿا، جيڪي ڪن هنڌن تي ٿڌيءَ موسم ۾ سڪي ويندا هئا. برٽن موجب سنڌ ۾ رهڻ دوران کيس ڪافي واهن جا آثار ملندا رهيا.
جڏهن انگريزن 1843ع ۾ سنڌ کي انگريز حڪومت سان ملائي ڇڏيو، تڏهن هنن ملڪ ۾ واهن جو هڪ اهڙو سرشتو ڏنو، جيڪو ڪن پيڙهين بلڪ صدين کان موجود هو ۽ 1932ع تائين سنڌ ۾ جيڪي بہ واھہ وهندڙ هئا، انهن کي جيتوڻيڪ انجنيئرن ڏاڍي هوشياريءَ سان سنئين سڌيءَ طرح تي آڻي، انهن ۾ اڃا بہ وڌيڪ بهتر انتظام رکيو، پر اُن هوندي بہ هي نظام فقط انهن واهن جي هڪ سڌريل صورت هئي، جيڪي اڳ ۾ وهندا هئا ۽ انهن ۾ ڪو انقلاب يا تبديلي نہ آئي. انهيءَ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي تہ انگريزن کان اڳ، ملڪ ۾ آبپاشيءَ جو سرشتو، عام ماڻهن جي اندازي کان تمام گهڻو پکڙيل هو. پوسٽنس موجب تہ ”جتي زمينون هيٺاهيون آهن، اتي وڏا وڏا واھہ سڄي ملڪ ۾ پکڙيل آهن. سڄيءَ سنڌ ۾ زمينون وڏن واهن يا انهن جي واٽر ڪورسن جي نالن سان مخصوص آهن ۽ انهيءَ ڪري جدا جدا هنڌن تي آبپاشيءَ جي سهوليتن جي موجودگيءَ يا غير موجودگيءَ جي بنياد تي ڍلن وصول ڪرڻ جو سرشتو ٻڌل آهي.“
سنڌ ۾ واهن ذريعي آبپاشيءَ متعلق پوسٽن پنھنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو تہ بئراج کان اڳ ۾ واهن ذريعي آبپاشي يقيناً تمام گهڻي انداز ۾ ٿيندي هئي، نہ رڳو ايترو، پر خود انگريز حڪومت ۾ جيڪا واهن ذريعي آبپاشي جاري ڪئي وئي، ان جو اندازو فقط ڪن سَوَن ميلن تائين محدود آهي ۽ ان جي مقابلي ۾ هت انگريز حڪومت کان اڳ جي وقت جا واھہ هزارين ميلن ۾ آهن.“ سنڌ ۾ اڳوڻي وقت ٿيندڙ آبپاشيءَ بابت رڪارڊ موجود نہ آهي ۽ سر بارٽل فريئر بہ ٻڌائي ٿو تہ سر چارلس نيپئر جي واهن واري کاتي جي گڏ ڪيل قيمتي معلومات جو بہ ڳچ حصو ضايع ٿي ويو آهي، پر پراڻين روايتن مان ۽ انگريز عملدارن جي ڪيل سروي مان ثابت ٿئي ٿو تہ سنڌ ۾ تمام جهوني زماني کان واهن ۽ شاخن جو هڪ ڄار وڇايل هو؛ انهيءَ مان اهو بہ چڱيءَ پر صاف ٿي وڃي ٿو تہ سنڌ جي ماڻهن هٿرادو آبپاشيءَ جي ذريعن ۾ پنھنجي هوشياري ۽ هنرمندي ڏيکارڻ ۾ وسان نہ گهٽايو.
مغلن ۽ ڪلهوڙن کان اڳ جي حاڪمن جي آبپاشيءَ جي ڪارنامن بابت تصديق سان ڪجهہ چئي نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ تہ انهن جي بنياد ۽ واڌاري جي معلومات لاءِ ڪو بہ علمي ذخيرو موجود نہ آهي ڪيترائي پراڻا واھہ، جيڪي اڄ بہ موجود آهن، سي ڪلهوڙن جي ڪري وجود ۾ آيا.
سنڌ ۾ واهن جو پهريون معمار، ميان نور محمد ڪلهوڙو هو، جنهن سنڌونديءَ جي ساڄي توڙي کاٻي پاسن کان واهن ذريعي آبپاشيءَ جي واڌاري لاءِ عملي قدم کنيا هئا. هن 1719ع ۾ مغل شهنشاهن جي هڪ صوبه دار جي حيثيت ۾ سنڌ تي حڪومت ڪرڻ شروع ڪئي. هن جي حڪومت هيٺ، پهرين ملتان کان سيوهڻ وارو علائقو هو ۽ نيٺ 1732ع ۾ ڏکڻ سنڌ تي بہ پنھنجي حڪومت برپا ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. هن جا اڪثر ڪارناما گهڻو ڪري اتر سنڌ تائين ئي محدود آهن.
انگريزي راڄ کان اڳ آبپاشي:
سنڌ جو ڏکڻ اولھہ ۽ اتر اوڀر چوماسي جي اثر کان گهڻو پري آهي. سنڌ ملڪ ۾ مينهن تمام ڇڊو ۽ بي وقتو پوندو آهي، انهيءَ ڪري باراني پوک هيٺ ايندڙ ايراضي سنڌ ۾ بلڪل اڻ لکي آهي ۽ هتان جي رهواسين پنهنجا فصل اپائڻ لاءِ قديم زماني کان وٺي هميشہ ’سنڌو درياھہ‘ تي پئي ڀاڙيو آهي. جيڪڏهن هي درياھہ نہ هجي ها تہ سنڌ بہ وچ ايشيا جي ويران صحرائن وانگر، هڪ خشڪ ۽ وارياسو بيابان هجي ها.
سنڌو درياھہ جون سنڌ جي اقتصادي ڪارجن جي لحاظ کان ڪي خصوصيتون آهن: سنڌو درياھہ جي اها هڪ نمايان خصوصيت آهي تہ هي درياھہ ٿٻيٽ جي واديءَ جي ترائيءَ مان نه، پر چوٽيءَ تان وهي ٿو. ان جي ٻنهي ڪنڌين وٽان زمين، جيئن پوءِ تيئن آهستي آهستي گهڻو هيٺاهينءَ تي لهندي وئي آهي. سنڌ جي اها نمايان خصوصيت آهي تہ ان جي زمين گهڻو ڪري درياھہ جي ڪنڌين وٽ تمام اوچي آهي ۽ جيئن هيٺ لھي ٿي، تيئن تيئن وڌيڪ هيٺاهين ٿي وڃي ٿي. ايتريءَ حد تائين، جو جيڪڏهن درياھہ اٿلي تہ سموري سنڌ پاڻيءَ هيٺ اچي وڃي، انهيءَ جو سبب ڳولڻ ڪو ڏکيو ڪونهي. آب ڪلاڻي يا ٻوڏن جي مند ۾، جون کان وٺي سيپٽمبر تائين، درياھہ پهاڙي آبشارن مان تمام گهڻو رءُ ۽ لٽ کڻي نڪري ٿو، پر ان جو وهڪرو هيٺ ماٿريءَ ۾ تمام گهٽ رفتار جو آهي، ايترو سارو رءُ ۽ لٽ کڻي اڳتي نہ ٿو وڃي سگهي. قدرتاً نتيجو اهو ٿيو آهي تہ درياھہ جو پيٽ ۽ ڪنڌيون ڏينهون ڏينهن اوچيون ٿينديون ٿيون وڃن. سنڌ جي اڳين حاڪمن، انهيءَ اصول کي چڱيءَ پر سمجهيو هو، ان ڪري هنن درياءَ جي ڪنڌين کان اوڀر طرف ۽ اولھہ طرف اڀا ۽ ڏنگي رخ تي پنهنجا واھہ کوٽايا. سنڌ جا ’آبڪلاڻي واھہ‘ ۽ انهن جي پاڻيءَ جي مقدار ۽ وهڻ جي عرصي جو دارومدار درياھہ جي سطح تي آهي. درياھہ جي سطح هماليہ جي جبلن تي برف ڳرڻ سان وڌڻ شروع ٿي ڪري. مينهن پوڻ سان درياھہ جي وهڪري ۾ پاڻي ڀرجڻ ۽ گڏ ٿيڻ شروع ٿئي ٿو ۽ سمورو درياھہ ڪنڌين تار ٿي وڃي ٿو.
آبپاشيءَ جا طريقا:
مقامي حاڪمن جا کوٽايل واھہ گهڻي ڀاڱي آبڪلاڻي واھہ هوندا هئا. جهونو سنڌي طريقو اهو هو تہ درياھہ جون قدرتي شاخون بہ استعمال ڪيون وينديون هيون تہ نوان واھہ بہ کوٽايا ويندا هئا. سنڌ جا سڀئي قديم واھہ هٿرادو کوٽايل ناهن. ڊيل هوسٽ موجب درياھہ جون ڪي قدرتي شاخون هي آهن: پراڻ، نارو، اڙل، ڦليلي، ڦٽو، گوني، پڃاري، لکي ۽ بگهاڙ درياھہ جي ساڄي ڪپ تي، سکر کان سيوهڻ تائين، جنهن کي اڳي ’چندوک‘ سڏيو ويندو هو ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ دوآبي (ڊيلٽا) واري ڀاڱي ۾ زمين جي سطح گهڻوڪري ٻين هنڌن جي ڀيٽ ۾ هيٺاهين آهي ۽ اهي ئي ايراضيون هيون، جتي پراڻن واهن ذريعي آبپاشي ٿي سگهندي هئي ۽ باقي ملڪ ۾ فقط چرخي آبپاشي ئي ممڪن هئي.
انهيءَ حقيقت جون ثابتيون مقامي روايتن مان ملن ٿيون تہ اڳين وقتن ۾، سنڌ ۾ آبپاشي چرخي، موڪي ۽ بوسي طريقن سان ٿيندي هئي. پهرئين طريقي ۾ مٿينءَ سطح تي پاڻي پهچائڻ لاءِ هڪ اوزار ڪم آندو ويندو هو. جنهن کي ’هرلو‘ سڏبو هو. انهيءَ کي ’چاڙهيءَ واري آبپاشي‘ سڏيو ويندو هو، ڇو تہ انهيءَ ۾ هرلي ذريعي پاڻي مٿي کڻي، زمين آباد ڪرڻ لاءِ موڪلڻو پوندو هو، انهيءَ هرلي ۾ ٺڪر جون ڪنگريون ٻڌبيون هيون، پر جيڪڏهن زمين هيٺاهين هوندي هئي ۽ ڪنهن ڪڙئي يا شاخ مان پاڻي، زمين ڏانهن وهي ٿي سگهيو تہ انهيءَ قسم جي آبپاشيءَ جي سرشتي کي ’موڪي‘ يا ’وهڪري جي آبپاشي‘ سڏيو ويندو هو. انهيءَ سرشتي ۾ ڪنهن بہ اوزار جي ضرورت نہ پوندي هئي. ڪڏهن تہ وري انهن ٻنهي سرشتن کي ملائي ڪم ورتو ويندو هو، جڏهن واھہ ۾ پاڻيءَ جي سطح اوچي هوندي هئي تہ قدرتي طرح هيٺ ٻنين ۾ پاڻي پهچي سگهندو هو. آبڪلاڻيءَ جي مند جهڪي ٿيندي ئي هاريءَ کي هرلو ڪم آڻڻو پوندو هو. انهيءَ طريقي ’چرخي- مدد- موڪي‘ سڏيو ويندو هو. ٽئين طريقي کي ’بوسي‘ سڏبو هو، جيڪو خشڪ فصلن ۽ خاص ڪري ڪڻڪ ۽ دالين جي فصلن اپائڻ لاءِ ڪم آندو ويندو هو. ٻوڏن جي وقت ۾ ٻنيون ٻارا سڀ پاڻيءَ سان تار ڀرجي ويندا هئا ۽ جڏهن ٻوڏون هٽي وينديون هيون تہ زمين پوري طرح نہ سڪندي هئي ۽ اڃا وٽائين (وٽ واري) هوندي هئي تہ زمين کي دستوري طرح هر ڏئي، کيڙي، پوک ڪئي ويندي هئي. انهيءَ پوک کي زمين ۾ رڄي ويل پاڻيءَ مان کاڄ ملندو هو. درياھہ جي ٻنهي طرفن تي ڪافي ايراضيءَ تي انهيءَ نموني زمين پوک هيٺ آندي ويندي هئي ۽ خاص ڪري اتر سنڌ ۾، جتي چيڪي زمين هوندي هئي، اتي اهو رواج گهڻو هو. انهيءَ طريقي سان زمين تي ٻئي فصل خريف ۽ ربيع پوکي سگهبا هئا ۽ واهن جي حالت ۾ تہ رڳو خريف پوکي سگهبو هو ڇو تہ واھہ آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ ئي وهندا هئا. آبپاشيءَ جو اهو طريقو اڄ تائين هلندو اچي. هئملٽن بيان ڪري ٿو تہ ’سنڌو درياھہ‘ اپريل مئي ۽ جون مهينن ۾ اٿلي هيٺاهين زمينن کي پاڻيءَ سان ڀريو ڇڏي ۽ جيئن ئي ٻوڏون ختم ٿين ٿيون، تہ زمينن تي ريجائيءَ مٽيءَ جو ٿلهو تھہ ڇڏيو وڃي، جنهن کي هاري سُڪڻ کان اڳ ڏاڍي سولائيءَ سان کيڙيو ڇڏين. انهيءَ نموني سان کيڙي، ٻج ڇٽي ڇڏڻ سان زمين ٺاهوڪا فصل پيدا ڪري ٿي. اهو طريقو اڳ ۾ درياھہ جي ڪنڌين وارين ايراضين تي استعمال ڪيو ويندو هو، پر پوءِ اهو واهن جي ڀر وارين زمينن تي بہ استعمال ٿيڻ لڳو. اڃا چوٿون طريقو ’چاهي‘ يعني کوهن جي ذريعي آبپاشيءَ جو طريقو بہ استعمال ڪيو ويندو هو، پر اهو طريقو ايتري وڏي پيماني تي ڪتب ڪونه آندو ويو. تڏهن بہ کوهن تي نار ٻڌي پاڻي ڪڍي پوکي ڪئي ويندي هئي.
نور محمد ڪلهوڙي جا کوٽايل واھہ: گهاڙ واھہ جون ٽي مکيہ شاخون نور محمد ڪلهوڙي پنھنجي حڪومتي دور ۾ کوٽايون. ’نور واھہ‘ تي نالو سندس نالي پٺيان پيو ۽ ’شاھہ جي ڪڙ‘ وري هن جي نامياري وزير شاھہ بھاري کوٽايو هو. شاھہ بھاري ’چندوک‘ (چانڊڪو/ هاڻوڪي لاڙڪاڻي) واري حصي ۾ ڪيترائي واھہ کوٽايا. ’ڏاتي جي ڪڙ‘ جيڪو هينئر موجود ناهي. ميان نور محمد جي ئي وقت ۾ ڏاتي کهاوڙ نالي هڪ شخص کوٽائي، جيڪو پنھنجي وقت جو هڪ دولتمند ماڻهو هو ۽ واهن کوٽائڻ جي حوالي سان چڱو نالو ڪمايو هئائين. سنڌ ۾ ’بيگاري واھہ‘ جي مکيہ شاخ ’نور واھہ‘ جيڪا اڃا موجود آهي، سا بہ هن ئي ڪلهوڙي حاڪم جي وقت دوران وجود ۾ آئي. نوشهري ڊويزن ۾ ’نصرت واھہ‘ بہ هن جي وقت ۾ نصرت خان چانڊئي کوٽايو هو. مراد، باگ ۽ فيروز واھہ، هن جي ٽن مشھور درٻارين مراد ڪلهوڙي، باگي سيال ۽ فيروز ويرڙ کوٽايا هئا. نصرت واھہ، جنهن ۾ انهن ٽن واهن جون ڪي شاخون اچي ٿيون وڃن، موجودہ بئراج سرشتي ۾ هاڻوڪي روهڙي ڪئنال جي هڪ مکيہ شاخ بنجي پيو آهي.
ڪلهوڙن سردارن ٻيا بہ ڪيترائي واھہ کوٽايا. حيدرآباد ضلعي جو سرفراز واھہ، آخري ڪلهوڙي حاڪم ميان سرفراز خان کوٽايو هو.
ٽالپرن جي وقت ۾ آبپاشي:
ڪلهوڙن کان پوءِ ٽالپر حڪومت جو جيڪو رڪارڊ موجود آهي، ان مان اهو پتو پوي ٿو تہ سنڌ جي واهن جو انتظام ٽالپرن جي وقت کان ڪلهوڙن جي وقت ۾ وڌيڪ بهتر هو. ٽالپرن پنھنجي گهرو جهڳڙن جي ڪري سڄو ملڪ ورهائي حصا ڪري ڇڏيو ۽ نتيجو اهو نڪتو، جو ملڪ جي مجموعي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي وئي ۽ ان سان گڏ واهن جي انتظام تي بہ ڪنهن ڌيان ڪو نہ ڏنو. اوڻويهين صديءَ جي گهڻو ڪري سڀني مؤرخن، ٽالپرن جي زماني ۾ آبپاشيءَ جي انتظام تي ڪافي تنقيدون ڪيون آهن، پر جيئن تہ ٽالپرن کي سڄو ملڪ پنهنجو پاڻ ۾ ورهاست ڪري کڻڻو هو، انهيءَ ڪري انهن اهو ئي بهتر سمجهيو تہ ملڪ ۾ پنھنجي پنھنجي نالي پويان هر ڪو جدا واھہ ٺهرائي. نتيجو اهو نڪتو تہ درياھہ مان ٻنهي پاسن تي ڪيتريون شاخون ٺهيون ۽ اهي ميلن ۾ هڪ ٻئي سان پوري وڇوٽيءَ تي وهنديون هيون.
سنڌ ۾ هٿرادو آبپاشي قديم وقتن کان هلندي ٿي اچي، پر انهيءَ جو سمورو دارومدار وقت جي مقامي حاڪمن جي تجربي ۽ ذاتي قابليت تي هو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي تہ انهن وٽ هاڻوڪي وقت جي سائنسي معلومات تہ ميسر ڪا نہ هئي ۽ نہ ئي ماڻهن کي اڄڪلھہ واري منظم آبپاشيءَ جي طريقن جي ڪا خبر هئي؛ ان هوندي بہ واهن جو عام رخ اڪثر ڏاڍو سٺو هوندو هو. جهوناواھہ، خامين کان خالي ڪو نہ هئا. پر جي انهن کي اڄوڪي معيار سان ڀيٽبو تہ اهو ظاهر ٿيندو تہ سنڌ جي حاڪمن، نہ رڳو گهڻو ڪم ڪيو، پر قابليت سان سرانجام ڏنو. ڇاڪاڻ تہ ويجهڙائيءَ واري دؤر کان سنڌ جي اقتصاديات سنڌوءَ تي رهي آهي ۽ انگريزن جي سڌريل آبپاشي نظام جو دارومدار پڻ انهن آڳاٽن برپا ڪيل نظامن تي آڌارت آهي.
کيتيءَ جو سرشتو: مغلن ۽ ڪلهوڙن جي وقت جا روز نامچا لکندڙ، اسان کي ملڪ جي اُن وقت جي گهٽ ڌيان ڇڪائيندڙ پهلوءَ، کيتيءَ جي سرشتي ۽ ان جي پيداوار ۽ هارين جي زندگيءَ متعلق ڪجهہ ڪونه ٿا ٻڌائين. هنن جي دلچسپي فقط ملڪ جي دولت، صنعت، واپار ۽ ملڪ ۾ ٺهندڙ مال جي بھترين خصوصيتن سان هئي. ملڪ جي عام حالت ۽ ماڻهن جي ڪارگذارين، خاص ڪري سندن کيتيءَ جي سرشتي جي ڄاڻ، اسان کي وري اڻويهين صديءَ جي انگريز ايجنٽن ۽ آفيسرن جي تحريرن مان ملي ٿي، جن ماڻهن جي زندگيءَ جي مختلف رخن جو اڀياس ڪيو. سنڌ ۾ کيتيءَ جو جيڪو سرشتو رواج ۾ هو، تنهن ۾ ساڳيءَ زمين کي وري وري پوکڻ جي بدران نيون نيون زمينون پوک هيٺ آنديون وينديون هيون. پوسٽنس ڄاڻائي ٿو تہ: ”سنڌ جي ڪنهن بہ حصي ۾ زمين کي سڌارڻ جي خيال کان ڀاڻ ڏيڻ تي ڌيان ڪونه ٿو ڏنو وڃي. پوک جو طريقو نهايت اڻ سڌريل آهي. اڪثر ڪري ڪنهن پڪي فصل جھڙوڪ جوئر يا ڪمند جي پوک کانپوءِ انهيءَ زمين کي هڪ سال لاءِ غيرآباد ڇڏي ڏنو ويندو آهي.“
ايٽڪن، گزيٽئر آف سنڌ ۾ لکي ٿو تہ: ”سنڌي هاري زمين کي زرخيز ڪندڙ چيزن مان ڪابہ مدد ڪونه ٿو وٺي، هاريءَ جي سستي ۽ آرس جو هڪڙو اهو بہ سبب آهي تہ هتان جي زمين ٻين صوبن جي مقابلي ۾ کيس گهڻي پيداوار ڏئي ٿي. انهيءَ لاءِ هتي ماڻهن کي سراسري زمين جي ايراضي ايتري گهڻي آهي، جو ڪو هٿ ڦاڙ هاري بہ پنهنجون ضرورتون انهيءَ زمين جي فقط ننڍن ٽڪرن کي واري واري سان پوکڻ سان پوريون ڪري سگهي ٿو. باقي جيڪي زمينون گهڻيءَ پوک جي ڪري ڪو ٻوٽو ڪونه ٿيون ٻارين، انهن جي هو پرواھہ ئي ڪونه ٿو ڪري.“
زرعي پيداوار: قديم وقتن کان وٺي سنڌ ۾ خريف ۽ ربيع جي فصلن ۾ مختلف قسمن جو اناج پيدا ٿيندو هو. خريف ۾ خاص ڪري، جوئر، ٻاجهري، چانور، تر ۽ مڱ پوکبا هئا ۽ ربيع ۾ وري مکيہ فصل ڪڻڪ، جَوَ، پنير، سرنهن، چڻا ۽ مٽر هوندا هئا. خريف ۾ ٿوري انداز ۾ تماڪ ۽ ڪمند پوکيا ويندا هئا ۽ ربيع ۾ وري ڀنگ ۽ ڏوڏي ٿوري انداز ۾ پوکي ويندي هئي. ٿوري تعداد ۾ هيرڻ جو ٻج بہ پوکيو ويندو هو. اهو فصل دائمي فصل هوندو هو. اڻويهين صديءَ جي اڀياس مان ئي اسان کي سنڌ جي زرعي پيداوار جو رڪارڊ، انگريز سياحن، فوجي آفيسرن ۽ سياسي مدبرن جي تحريرن ۾ ملي ٿو. پاٽنجر ٻڌائي ٿو تہ هتي پيداوار جا ڪيترائي نمونا هئا ۽ بھترين قسم جي پيداوا ٿيندي هئي. پوسٽنس، 1843ع ڌاري پنھنجي سياحت دوران لکيو آهي تہ: ”ڏکڻ سنڌ (لاڙ) ۾ چانور ماڻهن جو خاص کاڌو آهي ۽ ايتري انداز ۾ اُپايا وڃن ٿا، جو ان مان ڪافي بچت برآمد پڻ ڪئي ٿي وڃي. اتر سنڌ ۾ خريف ۽ ربيع جا مکيہ فصل جوئر ۽ ڪڻڪ هئا. اهي ٻئي فصل گهڻي انداز ۾ پوکبا هئا ۽ اهي اهڙا تہ اعلى درجي جا هوندا هئا، جو مصر جي بھترين فصل سان مقابلو ڪري ٿي سگهيا.“ هتي ”جوئر جي ڪانن جي ڊيگهہ عام طرح چوڏنهن کان سورهن فوٽن تائين هئي ۽ هڪڙو سنگ ٻارهن کان چوڏهن آئونس جو هوندو هو.“ ڪڻڪ لاءِ چوي ٿو تہ ”سنڌ ۾ ڪڻڪ بہ بھترين قسم جي پوکي ويندي هئي ۽ جتي جتي ڪڻڪ پوکي ويندي هئي، اتي ميلن جا ميل ملڪ اناج جي حسين ترين ڳھن سان سينگاريل هو.“
هن ٻيا جيڪي فصل ڏٺا، سي ٻاجهري، مڱ، جَو، تر، ايلسي، سرنهن ۽ هيرڻ، تجارتي فصلن ۾ سڀ کان اهم فصل ڪپھہ جو هو، جيڪو سنڌ جي وچئين ۽ ڏاکڻي علائقي ۾ وڏي پئماني تي پوکيو ويندو هو، ان جا ٻہ قسم هئا: ’نيري‘ يعني سالياني ۽ ’سندني‘ يعني دائمي. نير ٻيو نمبر مکيہ فصل هو، جيڪو سنڌ جي زمين ۽ آب هوا سان موافق هو، پُست، ڪمند، سڻي، ڀنگ ۽ تماڪ بہ هتي ٿوري انداز ۾ اپايا ويندا هئا.
باغ ۽ باغن جي پيدائش: تاريخي دؤر کان اڳ بہ سنڌ ۾ ڪپھہ جي پوکڻ جا آثار ملن ٿا، پر ڏسجي ٿو تہ سنڌ ۾ ميون، ڀاڄين يا گلن جي پوکڻ تي ايترو ڌيان نٿي ڏنو ويو. سنڌ ۾ کجين جي پوک عربن ئي شروع ڪرائي. شھزادا ۽ امير پنھنجي عيش لاءِ باغ رکائيندا هئا، جيتوڻيڪ اهي باغ مغلن جي عاليشان باغن جھڙا ڪونه هئا ۽ انهن ۾ سونهن ۽ سوڀيا گهٽ هوندي هئي. ڏاڙهون بہ کجين وانگر سنڌ ۾ مسلمانن قنڌار ۽ خراسان جي وادين مان آندا. اهڙيءَ طرح کجين سان گڏ انجير بہ سنڌ ۾ ٻاهران آيا. سنڌ ۾ مقامي پيدا ٿيندڙ ميون جي ڪا کوٽ ڪا نہ هئي، جيئن انب، ٻير، توت، ڊاک، ليما، نارنگيون، ترنج، گدامڙي، ڄمون، هنداڻا، گدرا وغيرہ. سنڌ جا بھترين باغ مکيہ مکيہ شهرن، جھڙوڪ: ٺٽي، نصرپور، حيدرآباد، شڪارپور، سيوهڻ ۽ روهڙيءَ ۾ هوندا هئا. ٺٽي جي خوبصورت باغن جي تعريف ٺٽي بابت لکيل ڪتابن ۾ جابجا ملي ٿي. روهڙيءَ کي ’سنڌ جو چمن‘ ڪري سڏيندا هئا. چوڌاري ساوڪ ئي ساوڪ جا نظارا هوندا هئا.
پوسٽنس لکي ٿو تہ: ”درياھہ جي اوڀر طرف روهڙي ۽ حيدرآباد ۾ ڪيترن ئي قسمن جا عاليشان باغ آهن ۽ اونهاري جي موسم شروع ٿيڻ تي سڄو ملڪ گلن، خاص ڪري گلاب جي گلن سان ڍڪجيو وڃي. ملڪ جي هر طبقي جا ماڻهو باغن تي ڏاڍو توجھہ ڏين ٿا. تفريح جو وقت انهن باغن ۾ گذاريو وڃي ٿو. هندو ۽ مسلمان، ٻئي زندگيءَ جي هن پهلوءَ تي گهڻو ڌيان ڏين ٿا ۽ ان تي ڪافي پيسو خرچين ٿا. شڪارپوري تفريح جي ميدانن ٺهرائڻ ۾ هڪ ٻئي سان مقابلو ڪندا ٿا رهن. انهن تفريحي ميدانن ۾ فقط ميوا ۽ گل پوکيا وڃن ٿا.“
اوڻيهين صديءَ جي آخر تائين زرعي سرشتو ساڳيو هو، جيڪو ٽالپرن جي وقت ۾ جاري هو، جن کان حڪومت جون واڳون انگريزن هٿ ڪيون. ٽالپرن کيتيءَ جو اهو ساڳيو سرشتو قائم رکيو، جيڪو کانئن اڳين حاڪمن ڪلهوڙن جي وقت ۾ هو. ڪلهوڙن بہ ايئن ئي ڪيو، 350 سالن کان بہ گهڻي عرصي ۾ انهيءَ سرشتي ۾ فقط ڪا اڻ لکي تبديلي مس آئي. مورلئنڊ ٻڌائي ٿو تہ: ”هندستان جي زراعت سورهين صديءَ کان زور وٺڻ شروع ڪيو آهي، پر ايتري حد تائين نه، جو ان جي بنيادي ڳالهين ۾ ڪا تبديلي آئي هجي، سموري هندستان جي گڏيل پيدائش اڳي بہ ايتري ئي هئي، جيتري هاڻي آهي.“ جيڪا حقيقت هندستان سان وابستہ آهي، اها سنڌ سان بہ لاڳو ٿئي ٿي. ڊاڪٽر سورلي لکي ٿو ته، ”اهڙو ڪو بہ سبب ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي، جو اها ڳالھہ تسليم ڪجي تہ مغلن ۽ ڪلهوڙن واري سنڌ، زراعت جي نقطہ نگاھہ کان هاڻوڪي سنڌ کان مختلف هئي.“
مغلن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي ڏينهن ۾ اهوئي زراعت جو سرشتو هو. انهيءَ لاءِ ڪافي ثابتيون موجود آهن تہ مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جي حڪومتن ۾ سنڌ جي زراعت پوين ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دؤرِ حڪومت کان وڌيڪ آسودي حالت ۾ هئي. مؤرخن سنڌ جي زرعي آسودگيءَ جا ڳڻ انهن قديم وقتن کان وٺي ڳايا آهن، جن جو رڪارڊ موجود آهي.
باربوسا چوي ٿو تہ: ”هن ملڪ ۾ ڪڻڪ، جوَ ۽ گوشت جا عظيم ذخيرا موجود آهن. هن ملڪ جي وچان هڪ درياھہ سمنڊ ڏانهن وهي ٿو ۽ انهيءَ درياھہ جي پاسن تي ڪيترائي آسودا ۽ خوشحال شھر آهن. زمين ڀلي ۽ زرخيز آهي. منجهس کاڌ خوراڪ ججهي آهي.“
’آئين اڪبري‘ ڪتاب ۾ بہ سنڌ جي پيداوار ۽ خوشحاليءَ جي تصديق هن ريت ٿيل آهي: ”ميوا ڪيترن ئي قسمن جا آهن، جن مان انب نهايت سٺا آهن. چانور گهڻي انداز ۾ ۽ سٺي قسم جا پيدا ٿين ٿا. ماڻهن جو خاص کاڌو چانور ۽ مڇي بہ آهي. کير منجهان مليل مکڻ ۽ گيھہ چئن مهينن تائين ڪتب آندو وڃي ٿو.“
تاريخ معصوميءَ ۾ لکيل آهي تہ: ”سنڌ ۾ وونئڻ ذري گهٽ ڪنهن پوري وڻ جيڏا ڊگها ٿيندا آهن“. سترهين صدي عيسويءَ جي پورچوگيز سيلانين لکيو آهي تہ: ”ملڪ ۾ کاڌو، خوراڪ ۽ گوشت تمام ججهو آهي.“ ڪئپٽن هئملٽن هن ملڪ لاءِ لکي ٿو ته، ڪڻڪ ۽ چانور، گهوڙا ۽ ٻيو چوپايو مال سنڌ ۾ تمام گهڻو هو ۽ ماڻهن کي خبر ڪانہ هئي تہ ڏڪار ڇا ٿيندو آهي. هو چوي ٿو تہ گوشت بھترين قسم جو هوندو هو ۽ مکڻ ڪافي مقدار ۾ ٻاهر موڪليو ويندو هو.“
ڪلهوڙن جي وقت ۾ گهڻي ڀاڱي خوشحال رهندڙ سنڌ، ڪلهوڙن جي پوين حاڪمن جي ڏينهن ۾ ٻاهرين حملن ۽ گهرو لڙاين جي ڪري پوئتي پوڻ لڳي تہ ٽالپر، ڪلهوڙن کان حڪومت کسي پاڻ قابض ٿي ويهي رهيا، ڪلهوڙن جي حڪومت جي دؤر ۾ سنڌ زرعي طرح آسودگيءَ جي بلند منزلن تي پهتل هئي، سا ٽالپرن جي دؤرِ حڪومت ۾ بہ برقرار رهي. زمين جو وڏو حصو اميرن ۽ شهزادن جي شڪار جي وندر لاءِ شڪار گاهن ۾ تبديل ٿي ويو ۽ زرعي پيداواري قوت جي زوال سان ملڪ غريبيءَ جي پنجوڙن ۾ قابو ٿيندو ويو.
زمين جي ڍل: ڪتاب ’آئين اڪبريءَ‘ مطابق سنڌ جو پرڳڻو ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل هو. هيٺين ۽ مٿين سنڌ، اتر سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بکر هو، جيڪو ٻارهن محلن ۾ ورهايل هو، ان کي ’بکر جي سرڪار‘ سڏيو ويندو هو. انهيءَ مان سرڪاري خزاني کي 18,424,947 ’دام‘ يعني چاليھہ دام في روپين جي حساب سان 4 لک في آمدني ٿيندي هئي. هيٺين سنڌ وري ارڙهن محلن ۽ پنجن ننڍين سرڪارن ۾ ورهايل هئي، جن مان جملي 165,000 روپيا آمدني ٿيندي هئي. انهيءَ طرح سموري سنڌ مان بکر سرڪار سميت ڪل ڍل 84,676,340 دام وصول ٿيندي هئي. زمين جي ڍل گهڻو ڪري جنس جي صورت وصول ڪئي ويندي هئي. مغلن جي وقت ۾ هاريءَ کان فصل جو ٽيون حصو ورتو ويندو هو ۽ ٽالپرن شايد ڪلهوڙن جي پيروي ڪندي، زمين جي درجيواريءَ مطابق حڪومت جو حصو ٽين پتي، ٻہ ڀاڱي پنجين پتي يا فقط پنجين پتي مقرر ڪئي هئي. جان برٽن ٻڌائي ٿو تہ ڍلن جا اگهہ فصلن جي ملھہ زمين جي درجيواري، پاڻيءَ جي سهولت ۽ ٻين اهڙين ڳالهين کي خيال ۾ رکي پيدائش جي چوٿين پتي، ٽين پتي، پنج دوئي (ٻہ ڀاڱي پنج) يا نصف (اڌواڌ) مقرر ڪيا ويندا هئا. پر هو چوي ٿو تہ مجموعي طرح زميندار سڄو خرچ ڀري فصل جو ٽيون حصو پاڻ کڻندا هئا.
زمين جا ٽي درجا مقرر ڪيل هئا: پهريون ’سيلابي‘ يا اها زمين، جنهن کي آبڪلاڻيءَ مان پاڻي پهچندو هو ۽ جنهن جي آبپاشيءَ لاءِ ڪا هٿرادو مدد ڪانہ ڏني ويندي هئي. ٻيو ’چرخي‘ يعني اها زمين جيڪا درياھہ کان ڪجهہ فاصلي تي هوندي هئي ۽ جنهن لاءِ واهن يا نار جي ضرورت هوندي هئي ۽ ٽيون ’باراني‘ يا اها زمين، جنهن کي برسات جي پاڻيءَ تي پوکيو ويندو هو.
ڍل جو گهڻو حصو ڏسجي ٿو تہ ڪل پيدائش جي ٽئين حصي جي حساب سان ورتو ويندو هو ۽ انهيءَ ڳالھہ جي تصديق انگريزن جي سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي فقط چئن سالن کان پوءِ جي هڪ ڪمشنري رپورٽ مان ٿئي ٿي. مغلن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي ڍل 21 لکن روپين کان ٿوري مٿي هئي. ڪلهوڙن جي وقت ۾ ڍلن جي سرشتي جو ڪو بہ رڪارڊ ڪونه ٿو ملي، پر اندازو اهو لڳايو ويو آهي تہ سرڪار کي ڍلن مان ڪل 80 لک روپيا ملندا هئا. پوسٽنس جي چوڻ مطابق ٽالپرن جي ڏينهن ۾ ڍلن جي وصوليءَ ۾ گهڻي گهٽتائي اچي وئي هئي. اهو اندازو لڳائڻ ضروري آهي تہ ان دؤر ۾ سرڪاري ڍلن جي ڪل آمدنيءَ ۾ زمين جي ڍل جو ڪهڙو حصو هو.
’هيوز‘ جي چوڻ مطابق ”سنڌ ۾ انگريز راڄ شروع ٿيڻ وقت زمين جي ڍل ڪل ڍلن جي آمدنيءَ جو ٻہ ڀاڱي ٽيون حصو هوندي هئي. اهو اندازو لڳائڻ تہ مغلن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي حڪومت ۾ بہ ڍل، ڪل ڍلن جو ڪائون حصو هوندي هئي، ايترو آسان نہ آهي، پر گهڻوڪري انهيءَ دؤر ۾ بہ اهائي ساڳي نسبت هوندي. انهيءَ حساب موجب ڪلهوڙن جي دؤر ۾ زمين جي ڍل 80 لک روپين جو ٻہ ڀاڱي ٽيون حصو هوندي ۽ ٽالپرن جي وقت ۾ 46 لک روپين جو ٻہ ڀاڱي ٽيون هوندي. جيئن تہ ڍل ڪل پيداوار جي حساب سان جنس جي صورت ۾ ورتي ويندي هئي، انهيءَ ڪري ان وقت جي سراسري قيمتن ۽ رپئي جي قوت خريد بابت ڄاڻ کي ماهرن ضروري ڄاڻايو آهي.
ڊاڪٽر راڌا ڪمل مڪرجي قيمتن جون ڪي نسبتي اگهوتريون مرتب ڪيون، جن ۾ 1600ع کان وٺي رپئي جي قوت خريد ۾ ڦيريون گهيريون ڏيکاريون ويون آهن. جيتوڻيڪ اهي انگ اکر سڄي هندستان لاءِ ڏنا ويا آهن، پر انهيءَ ۾ سنڌ کي بہ شامل سمجهڻ گهرجي. ان وقت ۾ سنڌ جا واپاري لاڳاپا، هندستان جي مکيہ واپار جي مرڪزن سان نهايت گهاٽا هوندا هئا ۽ سنڌ جي شين جون قيمتون، هندستان جي ٻين هنڌن تي خريد فروخت هيٺ ايندڙ شين جي قيمتن کان گهڻو مختلف ڪين هيون.
ڊاڪٽر مڪرجي 1600ع کان شروع ڪندي ٻڌائي ٿو تہ 1650ع تائين روپئي جي قوت خريد ساڳي رهي، پر 80 سالن کانپوءِ 50 سيڪڙو وڌي وئي، ان کانپوءِ وري گهٽجڻ لڳي ۽ 1807ع ۾ اصل ملھہ جي اٽڪل ٻہ ڀاڱي ٽئين حصي تي وڃي بيٺي، ان بعد اڍائي سالن کانپوءِ وري بہ اهائي ساڳي حد قائم رهي ۽ 1750ع تائين اها ئي رهي.
اناج جي شين جي سراسري قيمت 5 آنا في مڻ ڪندي، ڊاڪٽر مڪرجي ڄاڻائي ٿو تہ مغلن جي وقت ۾ زمين جي ڍل 2117 لک روپيا هئي ۽ شين جي قيمت جي مٿئين حساب سان جنس جي صورت ۾ اها ڍل شين جي تناسب سان اٽڪل ٽيڻ يعني 677 لک مڻ ٿيندي ۽ جيئن تہ ڍل زمين جي ڪل پيداوار جي ٽين پتي ورتي ويندي هئي. ان حساب سان ڪل پيداوار ٿلهي ليکي 200 لک مڻ بيهي ٿي. اڄڪلھہ جي انگن اکرن مان ايڪڙ جي سراسري پيداوار 12 مڻ في ايڪڙ هوندي ۽ انهيءَ حساب سان مغلن جي وقت ۾ پوک هيٺ ايندڙ سالياني ايراضي اٽڪل ساڍا 16 لک ايڪڙ هوندي. ٽالپرن جي دؤر ۾ بہ ڍل جنس جي صورت ۾ ورتي ويندي هئي ۽ في کوڙيءَ جي حساب سان زمين جي ڪل پيداوار جو ملھہ اٽڪل 92 لک روپيا ٿيندو. ٽالپرن جي وقت ۾ رپئي جي قوت خريد، مغلن جي وقت جي قوت خريد جي 35 سيڪڙو کان بہ گهٽ هئي. جڏهن اناج جي قيمت پنج آنا في مڻ ڪٿي ويئي آهي. انهيءَ مان حساب لڳائجي ٿو تہ ٽالپرن جي وقت ۾ اناج جي قيمت 15 آنا في مڻ ٿئي ٿي ۽ ان موجب سالياني زرعي پيداوار اٽڪل 100 لک مڻ معلوم ٿئي ٿي. وري بہ 12 مڻ في ايڪڙ جو حساب لڳائيندي معلوم ٿيندو تہ ٽالپرن جي وقت ۾ پوک هيٺ ايندڙ سالياني ايراضي اٽڪل سوا اٺ لک ايڪڙ ٿيندي. جيڪڏهن انهيءَ زمين ۾ انهن جاگيرن جون زمينون بہ جوڙ ڪبيون، جيڪي ٽالپرن پنهنجن مٽن ۽ مائٽن کي بخشيون هيون ۽ جن تان ڪابہ ڍل وصول ڪانہ ٿيندي هئي تہ پوک هيٺ ايندڙ ايراضي ڏهن لکن ايڪڙن کان ڪنهن بہ صورت ۾ گهٽ نہ ٿيندي. اهو اندازو بلڪل مناسب آهي، ڇو تہ انگريزي راڄ ۾ 1875ع کان 1885ع ڏهن سالن جي عرصي ۾ جاگيرن هيٺ پوکجندڙ زمين جي سراسري ايراضي ڏيڍ لک ايڪڙن کان بہ مٿي هئي ۽ 1847ع ۾ يقيني طور انگريز راڄ شروع ٿيڻ کان فقط ٽي سال پوءِ هڪ انگريز ڪمشنر اهو تخمينو ڪيو هو تہ سنڌ ۾ سرڪاري زمينن جو اٽڪل ڏهون حصو جاگيرن ۾ مستقل ڪيو ويو هو، ان ڪري ڪنهن بہ صورت ۾ ٽالپرن جي وقت ۾ پوک هيٺ ايندڙ سراسري ايراضي 10 لکن ايڪڙن جي ويجهو هوندي. هن مان اها خبر پوي ٿي تہ ڪلهوڙن جي وقت جي ويهن لکن ايڪڙن ۾ ڪيتري قدر گهٽتائي اچي وئي هئي. اهڙيءَ طرح خبر پوي ٿي تہ سنڌ جي زرعي پيداوار جي قوت مغلن جي وقت ۾ چڱي عروج تي هئي. اوائلي ڪلهوڙن جي دؤر ۾ اها اڃا وڌيڪ بلنديءَ تي پهچي وئي ۽ ان کانپوءِ ان جو زوال شروع ٿيو، ايتريقدر جو ٽالپرن جي وقت ۾ وڃي تري تي پهتي. انگريزن جي راڄ ۾ زراعت وڌنڌي وئي ۽ 1878ع-1879ع تائين ساڳي ڪلهوڙن واري بلنديءَ تي وڃي پهتي. ان کان سواءِ سکر بئراج تيار ٿيڻ کانپوءِ ان ۾ اڃا بہ بي پناھہ اضافو ٿيو ۽ سڌارا آيا.
آدمشماري، صنعت ۽ واپار جا مرڪز
هندستان جي ٻين پرڳڻن وانگر، سنڌ جا شھر بہ آدمشماري، صنعت ۽ واپار جا مکيہ مرڪز هئا. واپار ۽ صنعت جي وڌڻ سان نوان نوان شھر ۽ قصبا پيدا ٿيا ۽ پراڻا شھر آباديءَ جي لحاظ سان وڌيڪ وڏا ٿيندا ويا. ٻهراڙين مان آدمشماري اچي شهرن ۾ گڏ ٿيڻ لڳي. جڏهن صنعت ۽ واپار پوئتي پوڻ لڳا، تڏهن آباد ۽ آسودا شھر بہ ڦٽڻ لڳا. مغلن ۽ ڪلهوڙن جي اوائلي دؤر ۾ ۽ ڪلهوڙن جي پوئين دور ۽ ٽالپرن جي دؤر ۾ سنڌ تي انگريز حڪومت مسلط ٿي وڃڻ تائين هڪ سئو سالن جي عرصي ۾ سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جي حالت ڪجهہ هن ريت هئي:
مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ سنڌ جا مکيہ شھر هيٺيان هئا: ٺٽو، نصرپور، سيوهڻ، لاهري بندر، بکر ۽ روهڙي، سکر، ڪنڊيارو، درٻيلو، گنبٽ، بوبڪ ۽ سن. هن مان ڪي شھر صنعت ۽ واپار جي لحاظ کان ان وقت تہ سنڌ جا اهم۽ مکيہ مرڪز هئا.
ٺٽو چوڏهين صديءَ جي وچ کان ارڙهين صديءَ جي وچ واري عرصي تائين سنڌ جو اهم ترين شھر هو. ڊاڪٽر بال ڪرشن جي چوڻ مطابق ٺٽو سترهين صديءَ ۾ پهرئين نمبر جي شھر جي اهميت رکندڙ شھر هو ۽ سڄي اتر هندستان ۾ ڪو بہ اهڙو شھر نہ هو، جنهن ۾ ٺٽي کان وڌيڪ واپار هلندو هجي. ٺٽو سوٽي ڪپڙي جي مختلف قسمن جھڙوڪ بافتي، ڇيٽن، ململ ۽ وائل جي ٺھڻ جو مکيہ مرڪز هو. ريشم مان تيار ٿيل شين ۽ چمڙي جي ڪم جي غير معمولي ڪاريگريءَ لاءِ پڻ ٺٽو بيحد مشھور هو. ٺٽو سنڌ ۾ تيار ٿيندڙ شين ڪپڙي، چمڙي جي سامان، نِير، شوري ۽ چانورن، کنڊ، مکڻ ۽ لوڻ جو مکيہ مرڪز هو. ’آئين اڪبري‘ ۾ آيل آهي تہ ٺٽو هڪ نهايت آباد بندر هو، جنهن ۾ ننڍيون وڏيون اٽڪل چاليھہ هزار ٻيڙيون هونديون هيون. هندستان جي ٻين مکيہ مارڪيٽن- ملتان ۽ لاهور، آگري ۽ احمد آباد سان ٺٽي جا گهاٽا واپاري لاڳاپا هوندا هئا ۽ ان جو واپار الهندي ڪناري تي گوئا، ڪئمبي ڊيو ۽ سورت ۽ ڏکڻ ۾ ملبار جي مکيہ بندرن سان هلندو هو. ٺٽي جو واپار رڳو هندستان تائين محدود ڪين هو، پر ايران، افغانستان، وچ ايشيا ۽ اولھہ يورپ سان پڻ وڏي پيماني تي واپاري مٽا سٽا هلندڙ هئي.
ٺٽي ۾ ڪورين جا اٽڪل ٽي هزار خاندان هئا، جيڪي چونڪڙيءَ تي اڄيل ڪپڙو (کيس) ٺاهيندا هئا، جيڪو ترڪي ۽ ايران ۾ گهڻي پئماني تي وڪامندو هيو. هتان جا واپاري ان کي ڪانگو (ايران جو ڪانگن بندر) ۽ بصري جي بندرن ڏانهن موڪليندا هئا. مانريق (مانرچ) پورچوگيز سياح، جنهن ٺٽي ۾ مهينو کن گذاريو، سو ٺٽي کي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ٿو سڏي ۽ چوي ٿو تہ ”ٺٽو هڪ وڏو صنعتي مرڪز ۽ مکيہ بندر هو، جتي هميشہ جهازن جون قطارون بيٺيون هونديون هيون. اهي جھاز هر ڪنهن قسم جو سامان ايشيا ۽ پورچوگال جي مختلف حصن ڏانهن کڻي ويندا هئا.“ منوڪي لکي ٿو تہ: ”ٺٽي ۾ عاليشان سفيد ڪپڙو، ٿلهو ڪپڙو ۽ ٻين قسمن جو ڇريل ڪپڙو گهڻي تعداد ۾ تيار ٿئي ٿو. منجهس چمڙو بہ ڪافي ٿئي ٿو، جو عربستان ۽ ايران ڏانهن برآمد ڪيو وڃي ٿو.“
ٺٽو آڳاٽي وقت ۾ عاليشان شھر هو، جنهن جي آدمشماري پڻ تمام گهڻي هئي. هن شھر ۾ دولت جي فراواني هئي. زرخيز زمينون هيون ۽ هيءُ شھر ملڪان ملڪ هلندڙ واپار، عاليشان صنعتن جو مرڪز هو ۽ جنهن ۾ بي شمار درسگاهون ۽ عالم فاضل شخص هئا. ٺٽو ڏکڻ سنڌ جي ڪيترن گهراڻن، سمن ۽ سومرن، ترخانن ۽ ڪلهوڙن جي حڪومتن جي گاديءَ جو هنڌ هو، پر سترهين صديءَ جي آخري ڏهاڪن ۾ ٺٽي جو ستارو بدلجڻ لڳو ۽ ٺٽو عرش تان اچي فرش تي پيو ۽ هن شھر جو زوال شروع ٿيو، انهيءَ زوال کي مڪمل ٿيڻ ۾ ڏيڍ سئو ورهيہ لڳي ويا. جڏهن انگريزن جي ڪوٺي بند ٿي وئي، تڏهن کان اٽڪل 25 سالن تائين تاريخي رڪارڊ ۾ هڪ وڏو خال نظر اچي ٿو. پر ڏسڻ ۾ ايئن اچي ٿو تہ ٺٽي جو زوال جاري رهيو ۽ انهيءَ ڪري واپار جا نوان مرڪز جھڙوڪ: ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور اُسرڻ لڳا. جڏهن انگريز سياسي ايلچين اوڻهين صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ ٺٽي ۾ قدم رکيو، تڏهن شھر جي حالت رحم جوڳي ڏٺائون. هن شھر جو اڳيون سمورو شان ۽ شوڪت مٽيءَ ۾ ملي ويو هو ۽ شھر جي اڳوڻي تاريخي عظمت ناس ٿي چڪي هئي ۽ سڄو شھر ويران ۽ اداس حالت کي پهتل هو، جنهن جو نظارو ڏاڍو دکدائڪ هو.
برٽن (1851ع) لکي ٿو تہ: ”ٺٽو جيڪو صحيح معنيٰ ۾ ڪيترن ئي عاليشان نظارن جو شھر آهي. ڏکڻ سنڌ جو هي تختگاھہ پنھنجي ڪماليت تان ڊهي زواليت تي اچي پهتو آهي، جتي اڳي آدمشماري ٻہ سئو اسي هزار [2 لک 80 هزار] ماڻهن جي هوندي هئي، سا گهٽجي اچي پنجن هزارن تي پهتي آهي. اڳي سندس گهيرو ٽيهن ميلن تائين هو، پر هاڻ گهٽجي اچي ڏهن ميلن تي بيٺو آهي. سندس پنج هزار آڏاڻن مان جن ۾: سڄي وچ ايشيا جون مشھور معروف شالون ۽ ٻيو ريشمي سامان تيار ٿيندو هو، باقي ڪي ڊزن کن وڃي بچيا آهن ۽ سندس چئن سون ڪاليجن مان هڪ بہ باقي نہ بچيو آهي.“
ٺٽي کانپوءِ ان دؤر ۾ نصرپور بہ سنڌ جي اهم شهرن ۾ ليکيو ويندو هو. سلطان فيروز شاھہ تغلق، دهليءَ جي شهنشاھہ جڏهن سنڌ کي 1316ع-1362ع ۾ پوريءَ طرح فتح ڪري ورتو، تڏهن سنڌ جي حڪومت جون واڳون پنھنجي هڪ نائب نصير خان کي سونپي، پاڻ دهليءَ موٽي ويو. ڊي ائنول جي چوڻ موجب: نصرپور جو شھر انهيءَ نصير خان، سنڌو درياھہ جي هڪ شاخ سانگڙا جي ڪپ تي ٻڌايو هو. نصرپور لاءِ چيو وڃي ٿو تہ هي شھر هڪ سھڻو شھر هو، جنهن جي پسگردائيءَ ۾ عاليشان باغ، وڻندڙ چمن ۽ تفريح جون ڪيتريون ئي جايون هونديون هيون. ترخانن ان کي سڌارڻ ۽ سينگارڻ ۾ ڪا ڪسر نہ ڇڏي ۽ انهن جي دؤر ۾ سندس شان شوڪت ڪافي وڌيو.
سترهين صديءَ ۾ هيءُ هڪ وڏو ۽ آباد شھر بنجي ويو هو ۽ ڪپڙي جي صنعت جو وڏو مرڪز هو. خاص ڪري هرک، بافتو ۽ سوسين جا ڪپڙا سٺا تيار ٿيندا هئا. هيءُ شھر ملڪ جي مکيہ شھر ٺٽي سان برابري ڪندڙ شھر هو ۽ انگريزن جڏهن پهرين ڪوٺي سنڌ ۾ کولي، تڏهن ان جي هڪ زبردست آفيس نصرپور ۾ بہ کوليائون ۽ اتي هڪ دائمي ريزيڊنٽ پڻ مقرر ڪيائون.
نصرپور جي زوال جي صحيح تاريخ جو پورو پتو نہ پئجي سگهيو آهي، پر ڏسڻ ۾ ايئن ٿو اچي تہ درياھہ جي وهڪري بدلائڻ ڪري هي شھر ڦٽي ويو ۽ انگريزن جي اچڻ وقت ڦٽي باقي وڃي هڪ ننڍي ڳوٺ جي شڪل ورتي هئائين.
نصرپور کانپوءِ سيوهڻ ان وقت سنڌ جي اهم شهرن مان هڪ هو. سيوهڻ تمام قديم شھر آهي. سڪندر اعظم جي 326 ق.م سنڌ ۾ اچڻ ۽ فتح ڪرڻ کان اڳ بہ سيوهڻ شھر موجود هو. سنڌو درياھہ جي ساڄي ڪپ تي، کيرٿر جبل جي مٿاهين هنڌ تي سنڌ جي هڪ زرخيز علائقي ۾ سيوهڻ جو شھر مشھور شھر هو ۽ وچ سنڌ جي لاءِ هڪ وڏي مارڪيٽ هو. ڪنهن وقت سنڌ جو تختگاھہ هو ۽ هندو راجائن جي وقت ۾ هڪ آباد ۽ وسيل شھر هو. سترهين صديءَ جي انگريزي ڪوٺيءَ وارن جا، سيوهڻ جي واپاري اهميت بابت بيان خاص دلچسپي رکن ٿا. هن شھر ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي هڪ زبردست آفيس هوندي هئي، جنهن تي هڪ دائمي آفيسر مقرر ڪيل هو. هو لکن ٿا تہ: ”سيوهڻ درياھہ جي ڪپ تي ٻڌل هڪ شھر آهي. سڀ کان مکيہ شيءِ جيڪا ان شھر ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ ٿيار ٿئي ٿي، سا آهي نِير، جيڪو ڏسڻ ۾ بيانا ۾ ٺهندڙ نير جهڙو ئي آهي، پر ايترو سٺو نہ آهي. اٽڪل هڪ هزار ڪورين جا ڪٽنب هن شھر ۾ رهن ٿا، جيڪي بھترين قسم جو بافتو تيار ڪن ٿا.“
ڊاڪٽر ڪينيڊي چوي ٿو تہ: ”سيوهڻ جا ڦٽل آثار قديم زماني جا اهم ترين يادگار آهن. ميلن جي ايراضيءَ ۾ ڀڳل ٽٽل مسجدون ۽ مقبرا هن شھر جي قديم عظمت جي ثابتي ڏين ٿا.“ چيو وڃي ٿو تہ ڪلهوڙن هن شھر کي تباھہ ڪيو هو، پر ڏسجي ٿو تہ ان جي شان ۽ آسودگيءَ جا تڏهن بہ ڪجهہ نشان باقي هئا. ٽالپرن جي دؤر ۾ ان جو زوال تڪڙو تڪڙو ٿيڻ لڳو ۽ سيوهڻ جي انهيءَ زوال ۾ درياھہ جي بدلجندڙ وهڪري جو بہ گهٽ اثر نہ هو. جڏهن سنڌ انگريزن جي هٿن ۾ اچي وئي، تڏهن سيوهڻ فقط هڪ رواجي شھر هو، جنهن جي آدمشماري ٻہ هزار مس هئي.
بکر، روهڙي ۽ سکر: درياھہ جي ڪنارن تي ٻڌل ٽنهي شهرن جي بنياد پوڻ جي بہ صحيح تاريخ جيتوڻيڪ نہ ملي سگهي آهي. پر جڏهن ڏهين صديءَ ۾ ’ابن دردازبا‘ پنهنجو ڪتاب ’رستن ۽ بادشاهتن جو ڪتاب‘ تصنيف ڪيو، تڏهن ان روهڙي ۽ سکر جي وچ ۾ بکر شھر کي موجود ڏيکاريو آهي. جڏهن ابن بطوطه سنڌ ۾ آيو، تڏهن بکر کي هڪ سھڻي شھر طور ڏٺائين، جنهن وچان سنڌو درياھہ جي هڪ کاري ٿي لنگهي. بکر ڪيتري وقت تائين اتر سنڌ جو تختگاھہ ۽ وڏي مارڪيٽ هو ۽ اتر هندستان ۽ وچ ايشيا سان اهم واپاري لنگهہ طور انتهائي اهميت وارو هو. سکر ۽ روهڙي سندس ثانوي ننڍڙا شھر هئا ۽ ٻنهي شهرن کي گهڻي ڀاڱي بکر جي آسودي ۽ آباد حالت جي ڪري اهميت ملي.
سترهين صديءَ جي شروعات ۾ بکر، روهڙي ۽ سکر درياھہ جي ڪناري تي هجڻ ڪري ۽ سياسي ۽ تجارتي اهميت جي ڪري ضرور مکيہ شھر هوندا. پورچوگيز سيلاني مارنڪ لکي ٿو تہ: ”اتر سنڌ جو مکيہ شھر بکر هڪ سھڻو شھر هو، جنهن جي چوڌاري باغ ۽ باغيچا هئا. سندس بازار هر ڪنهن قسم جي مال سان ڀرپور هئي. حقيقت ۾ بکر، سکر ۽ روهڙيءَ واري ٽڪري کي سنڌ جو چمن ڪري ڪوٺيندا آهن.“ اهي شھر اڄ تائين موجود آهن پر ٽالپرن جي دؤر ۾ سندن اها آسودگي ختم ٿي وئي. بکر جي بدران اتر سنڌ جي مکيہ شھر ۽ واپاري مرڪز جي حيثيت شڪارپور کي حاصل ٿي.
ٻيا شھر: ڪنڊيارو، درٻيلو، گنبٽ، بوبڪ ۽ سن ان وقت ۾ سنڌ جا اهم صنعتي شھر هئا. هي شھر يا تہ درياھہ جي ڪناري تي هئا، يا درياھہ جي ويجهو ٻڌل هئا. هي شھر جيتوڻيڪ ننڍا هئا، تڏهن بہ پرڳڻي جي معاشي زندگيءَ ۾ چڱو حصو ورتائون. ڪنڊياري، درٻيلي ۽ گنبٽ ۾ سٺو سوٽي ڪپڙو تيار ٿيندو هو، جنهن جا ڪي نمونا تہ نصرپور کان بہ سٺا ٺهندا هئا. بوبڪ، سن ۽ سيوهڻ نير ٺاهڻ جا مکيہ مرڪز هئا. اهي شھر جيتوڻيڪ ننڍا هئا، تڏهن بہ يورپي واپارين کي انهن تي ڌيان ڏيڻو پيو ۽ اهو اڪثر انهن شهرن ۾ خريداري يا وڪرو ڪرڻ لاءِ پنھنجي گماشتن کي پيا موڪليندا هئا، جيستائين سندن صنعتون ترقيءَ تي هيون، تيئن شھر بہ وسيل ۽ آباد هئا، پر ارڙهين صديءَ جي وچ ڌاري سڄي سنڌ جي اقتصادي حالتن تي زوال اچي ڪڙڪيو ۽ انهيءَ اهي شھر زوال پذير ٿي ويا. اڄ تائين اهي شھر موجود آهن، پر انهن مان اڳوڻي دولت ۽ اهميت موڪلائي وئي آهي.
ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي پوين ڏينهن ۾ سنڌ جا اهم واپاري ۽ صنعتي مرڪز: ارڙهين صديءَ جي وچ ڌاري اڪثر ماڻهو ۽ واپاري پراڻن شهرن مان نڪري نون شهرن ۾ گڏ ٿيڻ لڳا. شڪارپور، حيدرآباد، ڪراچي، خيرپور، لاڙڪاڻو، ميرپور ۽ ٻيا شھر جڏهن اسريا، تڏهن پراڻا شھر ڦٽندا ويا. انهن شهرن جي بنياد، اوسر ۽ واڌاري جي مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جي دور جي اهم شهرن سان ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي.
شڪارپور: شڪارپور جو بنياد 1026ھہ/ 1217ع ۾ اتر سنڌ جي حڪمرانن دائودپوٽن وڌو. هن شھر جي جاگرافيائي بيهڪ بولان لڪ جي ڏکڻ ۾ آهي، ان ڪري قلات ۽ افغانستان کان آمد رفت نهايت سولي هئي ۽ ٿوري ئي وقت ۾ هيءُ شھر خراسان ۽ وچ ايشيا سان خشڪيءَ رستي واپار جو وڏو مرڪز بنجي پيو. هڪ زرخيز علائقي جي وچ ۾ هجڻ ڪري، اتر سنڌ ۾ هن عرصي جي پوئين دؤر ۾ وڏو واپاري مرڪز بنجي پيو. هندستان جي اتر ۽ اولھہ جي واپارين کي شڪارپور مان لنگهڻو پوندو هو، انهيءَ ڪري سنڌو درياھہ کان پرڀرو بيٺل هيءُ شھر هڪ اهم واپاري مرڪز بنجي پيو. سنڌ جي ٻين شهرن وانگر هن شھر جي اهميت ان ڪري بہ هئي تہ شڪارپور جي ماڻهن جي، بئنڪن جي ڏيتي ليتي سموري هندستان کان وٺي وچ ايشيا ۽ ڪئسپين سمنڊ تائين هلندي هئي. جڏهن اوڻيهين صديءَ جي اوائل ۾ انگريزن شڪارپور کي ڏٺو، تڏهن شڪارپور کي قديم تصور نہ ڪيو ويندو هو. جيتوڻيڪ هن شھر جي پسگردائيءَ ۾ ڪيترا اهڙا شھر هئا. (جھڙوڪ: الور، بکر، سکر روهڙي ۽ لڪي) جن کان هي شھر وڌيڪ سکيو ستابو هو. شڪاپور جي آسودگي 1715ع کان شروع ٿئي ٿي. شڪارپور جو شھر ٺٽي، نصرپور يا سيوهڻ وغيرہ جهڙن شهرن جي بلندين تي پهتل هو ۽ سنڌ جو پئرس سڏبو هو.
حيدرآباد: جڏهن سڪندراعظم سنڌ مان لنگهندي واپس موٽ کاڌي تڏهن ان وقت لاءِ چيو وڃي ٿو تہ هو هڪ ننڍي قديم قلعي ’نيرون‘ ۾ ٿورو وقت ترسيو هو. انهيءَ قلعي واري هنڌ تي جنهن قلعي پهرين پهرين مسلمانن جي آڻ مڃي هئي. ان ساڳي جاءِ يا قلعي مٿان ڪلهوڙا حاڪم ميان غلام شاھہ نئون قلعو اڏائي سن 1782ع ۾ حيدرآباد جي نالي سان هڪ نئون شھر ٻڌايو. (نوٽ: جديد تحقيق نيرن ڪوٽ حيدرآباد کي نه، پر رنيڪوٽ کي قرار ڏنو آهي. ايڊيٽر) ان وقت تائين ٺٽي جي اهميت ختم ٿي وئي هئي ۽ ان جي جاءِ وري حيدرآباد ورتي. حيدرآباد کي سنڌ جو تختگاھہ بنايو ويو ۽ ڪلهوڙن کان پوءِ ٽالپرن جي حڪومت جو صدر مقام بہ حيدرآباد ئي رهيو. پر تڏهن بہ حيدرآباد کي ٺٽي جهڙو اوج ڪنهن بہ وقت حاصل نہ ٿي سگهيو. هيءُ شھر گنجي ٽڪر تي اڏيل هو، ان جي آسپاس زرخيز زمينون هيون، هڪ پاسي ٽن ميلن جي پنڌ تي درياھہ هو. تہ ٻئي پاسي ۾ مدامي وهندڙ واھہ ڦليلي هو، ان ڪري جلد ئي سنڌ ملڪ جو مکيہ شھر بنجي ويو. هتان مکيہ واپاري رستا ڦٽي ٿي نڪتا ۽ ان ڪري ملڪ جي مکيہ واپاري مرڪزن سان خشڪيءَ رستي ڳنڍيل هو. هتي شاندار ريشمي ۽ سوٽي ڪپڙو تيار ٿيندو هو، خاص ڪري هتي هٿيار سٺا ٺهندا هئا. ٽوٽيءَ واريون بندوقون، تلوارون ۽ خنجر ٺاهڻ جا تہ هتي نامور ڪاريگر رهندا هئا، جيڪي ڪنهن بہ طرح يورپ جي ٺهيل هٿيارن کان گهٽ هٿيار ڪونه ٺاهيندا هئا. شھر جي خاص اهميت رڳو انهيءَ ڪري هئي جو هتي ڪلهوڙا حاڪمن جو حڪومتي تختگاھہ هو ۽ آسپاس جي علائقن ڏانهن واپار جو سامان پڻ هتان روانو ٿيندو هو، هتي اهم درياهي بندر ’گدو بندر‘ ۽ ’ڪوٽڙي بندر‘ هئا. انگريزن جي سنڌ تي قبضي وقت حيدرآباد جي آدمشماري 42000 کن هئي.
ڪراچي: ڪراچي، ڪلاچيءَ لفظ مان نڪتل آهي. چيو وڃي ٿو تہ اتي پسگردائيءَ ۾ ان نالي سان مهاڻن جو هڪ ڳوٺڙو هو. شھر جي اهميت اڳتي هلي سامونڊي بندر سبب ٿي. مؤرخن مطابق ڪراچيءَ کي ان وقت پنھنجي ڪابہ نمائنده حيثيت يا اهميت ڪانہ هئي، پر ان هوندي بہ ڪڇ، ڪاٺياواڙ، بمبئي ۽ ملبار جي بندرن، بندر عباس ۽ زنجبار سان هن شھر جو ڪافي واپار هلندو هو. هتي ڪيترن هندو واپارين جا گماشتا رهندا هئا ۽ سندن آفيسون شڪارپور، بهاولپور، ملتان، مانڊوي، بمبئي، مسقط، بحرين، هرات، ڪابل ۽ قنڌار ۾ هونديون هيون.
ٻيا شھر: سنڌ ۾ ان وقت ڪي ٻيا بہ ننڍا شھر هئا، جھڙوڪ: خيرپور، گمبٽ، لاڙڪاڻو، ميرپور، راڻيپور، سن، پر اهي سمورا سواءِ خيرپور، لاڙڪاڻي ۽ ميرپور جي ننڍا هئا. اهي فقط ٿورا وڏيرڙا ڳوٺ هئا. خيرپور جي آدمشماري 15000 هئي ۽ هتي رهندڙن مان اڪثر ماڻهو ڪپڙي اُڻڻ ۽ رڱڻ جو ڌنڌو ڪندا هئا. ڪپڙي جا ڪيترائي قسم تيار ٿيندا هئا. اتر سنڌ جي ميرن جي صدر مقام هجڻ ڪري هن شھر کي ڪافي اهميت ملي وئي. اليگزينڊر برنس جي چوڻ مطابق لاڙڪاڻي جي آدمشماري 12000 هئي. هي شھر ملڪ جي زرخيز علائقي جي وچ تي ٻڌل هو ۽ سنڌ جي اناج جي هڪ مکيہ مارڪيٽ هو. سُٽ ۽ ريشم جو بہ ڪجهہ سامان هتي ٺهندو هو. ميرپور جي آدمشماري ڏھہ هزار کن هئي ۽ سنڌ جي ننڍن ۽ ڪمزور ترين ميرن جي رهائشگاھہ هو. پسگردائيءَ جون زمينون ڪافي ڀليون ۽ چڱيءَ طرح پوکيون وينديون هيون، پر ڪڇ ۽ سنڌ جي وچ ۾ آمدرفت جي رستي تي هجڻ ڪري خاص اهميت حاصل هئي. راڻيپور ۾ ڪپڙي تيار ڪرڻ جا ننڍا مرڪز هئا. گنبٽ انهن کان ڪنهن قدر گهٽ اهميت رکندڙ هو. پراڻا شهر، جيڪي مغلن ۽ ڪلهوڙن جي اوائلي دؤر ۾ هئا، سي ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دؤر جي نون شهرن جي مقابلي ۾ وڌيڪ سکيا ۽ وڏا، وڌيڪ آباد ۽ وسيل، واپار ۽ تجارت جا وڌيڪ وڏا مرڪز هئا. شروعاتي شهرن، ان دؤر ۾ نہ رڳو سنڌ لاءِ پنھنجي معاشي تاريخ ۾ بلڪ هندستان ۽ پوري مشرق ۾ هڪ خاص مقام حاصل ڪيو. ٺٽو، ڏکڻ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ، جڏهن پنھنجي اوج تي هو، تڏهن ننڍي کنڊ جي اول درجي جي شهرن ۾ شمار ٿيندو هو. حقيقت ۾ انگريزن جي فتح تائين پوري هڪ صديءَ ۾ اهڙو هڪڙو شھر بہ نہ هو، جو ٺٽي سان پکيڙ ۽ آدمشماريءَ ۾ نصرپور سان صنعت ۽ سونهن ۾ ۽ لاهري بندر سان بحري ڪارنامن ۾ مٽ ٿي سگهي. جن پراڻن شهرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، انهن جون پاڙون صنعت ۽ واپار جي لحاظ کان نهايت پختيون هيون، پر ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن جي پوين ڏينهن ۾ نوان شھر بجاءِ ترقيءَ جي ڦٽي وڃڻ جا ڪي خاص سبب هئا، ان هوندي بہ مجموعي طرح ڏسبو تہ سڀني جو سبب ملڪ جو مجموعي تنزل هو ۽ جيڪي سبب قديم شهرن جي زوال لاءِ جوابدار هئا، سي نون شھر جي اؤسر ۽ ترقيءَ لاءِ ڪنهن بہ طرح فائديمند بلڪل نہ هئا.
سنڌ جون صنعتون
مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ڪيتريون ئي صنعتون قائم هيون، جھڙوڪ: ڪپڙي ۽ ڀرت جو ڪم، چمڙو ۽ رڱاوت، عاج تي نقاشي ۽ ڪاشيءَ جو ڪم، مڇي ۽ کير مان تيار ٿيندڙ شيون. مختلف قسم جو ٿلهو توڙي سنهو خاص سُٽ يا اُن ۽ ريشم سان گڏيل سوٽي ڪپڙو وغيره، ٻيون صنعتون بہ سنڌ جي معاشي زندگيءَ ۾ اهم هيون ۽ انهن ۾ هن شھر جي آدمشماريءَ جو چڱو حصو مشغول رهندو هو. پر ان کان هڪ صدي پوءِ اقتصادي حالتن ۾ جمود اچي ويو ۽ سڄي سنڌ ۾ واپار ۽ تجارت سڀئي زوال جو شڪار ٿي ويا.
ڪپڙي جي صنعت ’سوٽي ڪپڙو‘: سنڌ سوٽي ڪپڙي جو گهر هئي ۽ ڪافي وقت سنڌ جي ڪپڙي جو سڄي دنيا ۾ نالو پيو ڳائبو هو. تمام قديم وقتن کان سنڌ جو ڪپڙو مکيہ برآمد ٿيندڙ شين مان هڪ هو. سياحن ۽ تاريخ نويسن اُن جي بھترين خاصيتن جو ذڪر ڪيو آهي. خاص ڪري سترهين صديءَ ۾ جڏهن يورپي واپارين، پورچوگيزن، انگريزن ۽ ڊچن ڪپڙي جو واپار ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ پنهنجون ڪوٺيون قائم ڪيون.
مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ سنڌ، هند- سنڌ جي ڪپڙي جي صنعت جي اهم ترين مرڪزن مان هڪ هئي. ان وقت هتي ٺهندڙ سوٽي ڪپڙي جي ڪيترن نمونن ۾ قابل ذڪر هي آهن: هرک، سادو ۽ ڇريل، سنهو ۽ ٿلهو بافتو وغيرہ. انهن کانسواءِ عاليشان ڇيٽون ۽ ململيون، سوسيون، گربيون يا لونگيون، گيگم، حلواڻ، کيس، چنبيون، ٽسر، سوڙيون ۽ پٿراڻيون، اجرڪون ۽ ٻيو سادو ڪپڙو بہ تيار ٿيندو هو. انهيءَ دؤر ۾ سنڌ اندر عاليشان قسم جي ڪپھہ پيدا ٿيندي هئي ۽ انهيءَ ڪپھہ جو وڏو حصو سنڌ صرف پنھنجي ئي ڪپڙي تيار ڪرڻ ۾ صرف ڪندي هئي. سنڌ اندر ٿلهيءَ توڙي سنهيءَ تند وارو سٽ بہ ڪتيو ويندو هو. ڪپڙي لاءِ ڪم ايندڙ ڪيترائي رنگ ۽ خاص ڪري نير سنڌ ۾ ئي پيدا ڪيو ويندو هو. اهو نير سوٽي ڪپڙي جي رڱڻ ۽ ڇرائيءَ لاءِ عام طرح استعمال ڪيو ويندو هو. اهو ڪپڙو ان وقت هرهنڌ ڏاڍو مقبول هو.
ان دؤر جي سمورن سياحن ۽ سياسي ايلچين سنڌ جي سوٽي ڪپڙي جي بهتر گڻن جي ساک ڀري آهي. ان ڏس ۾ سترهين صديءَ جي واپاري ايجنٽن جا بيان موجود آهن، جيڪي ٻڌائين ٿا تہ سنڌ اندر ٺهندڙ سوٽي ڪپڙي ۾ ڪم ايندڙ سٽ ’هڪ ساريڪو ڪتيل‘ هو ۽ ڪپڙو اوچو ’گهاٽو ۽ سھڻو‘ هوندو هو. ايتري قدر جو ان کي سڄي مشرق ۾ تيار ٿيندڙ مالها جو ’گل‘ سمجهيو ويندو هو ۽ انهيءَ کي ٻئي هر ڪپڙي کان ترجيح ڏني ويندي هئي. سنڌ ۾ تيار ٿيندڙ ڪپڙي جي خاصيت اهڙي عمدي ۽ عاليشان هوندي هئي، جو ’ٿيوناٿ‘ ٺٽي جي ڪاريگرن کي ’نهايت هنرمند ڪاريگرن‘ جو خطاب ڏنو. هئملٽن لکي ٿو تہ: سنڌ جو سوٽي ڪپڙو هڪ سادي ڊزائين وارو نهايت لسائيءَ سان اُڻيل هوندو هو ۽ اُن جون جُوڙيون نہ رڳو ’نرم‘ ۽ ’نفيس‘ هيون، پر ٻين هنڌن جي جوڙين کان وڌيڪ جٽادار پڻ هيون.“ سنڌ ۾ ان وقت ڪپڙي جا عاليشان نمونا تيار ٿيندا هئا ۽ انهن جون قيمتون بہ مناسب هونديون هيون. انگريز واپاري ايجنٽ سنڌ جي ڪپڙي جي سستن اگهن جا ڪيترائي حوالا ڏنا آهن ۽ سنڌ جي ڪپڙي کي خاصيت ۽ قيمت جي لحاظ کان وڌيڪ سستو سڏين ٿا.
انهن ڳالهين جي بنياد تي سترهين ۽ اوائلي ارڙهين صديءَ ڌاري سنڌ جو ڪپڙو هندستان، اولھہ ايشيا ۽ يورپ ۾ ڏاڍو مقبول هو ۽ اتي جي مارڪيٽن ۾ ان جي ڪافي طلب هئي. يورپي واپاري، پورچوگيز، انگريز ۽ ڊچ پنھنجي ملڪن جي مارڪيٽن لاءِ بي انداز ڪپڙو کڻي ويندا هئا ۽ جنهنڪري سندن بخت کلي پيا ۽ خزانا کڻي ميڙيائون. جيئن تہ سنڌ جو مال ٻين هنڌن جي مال کان وڌيڪ ڪارائتو هجڻ ڪري پسند ڪيو ويندو هو، انهيءَ ڪري ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي سنڌ وارن ايجنٽن کي حڪم مليل هو تہ سڄي ملڪ جي مال جي رسد کي هٿ ڪن ۽ فوري طلب جي خيال کان پاڻ وٽ مال جو ڪافي ذخيرو گڏ ڪري رکن. سنڌ اندر ڪپڙو نہ رڳو عاليشان قسم جو تيار ٿيندو هو، پر ان جي پيداوار جو مقدار بہ ڪافي گهڻو هوندو هو. سترهين ۽ اوائلي ارڙهين صديءَ ۾ سنڌ ۾ ڪپڙي تيار ٿيڻ جا ڪيترائي مرڪز هئا، جتي تمام گهڻو ڪپڙو تيار ڪيو ويندو هو. انهن مان مکيہ مرڪز ٺٽو، نصرپور ۽ سيوهڻ هئا. ننڍا ننڍا ڪيترائي مرڪز هئا، جن ۾ مکيہ: ڪنڊيارو ۽ درٻيلو، بکر ۽ سکر، روهڙي، گنبٽ، بوبڪ ۽ سن هئا، جتي پڻ چڱي تعداد ۾ ڪپڙو تيار ٿيندو هو، جيڪو هندستاني ۽ پرڏيهي واپاري اچي خريد ڪندا هئا. ٺٽي شھر ۾ بہ ڪپڙي جي ڌنڌي ۾ رڌل ڪورين ۽ ٻين ماڻهن جو تعداد ڪافي گهڻو هو.
انگريز ايجنٽ لکن ٿا تہ ”نصرپور بہ ٺٽي جيترو ئي شھر هو ۽ ڪپڙي جو اهم ترين مرڪز هو ۽ منجهس اٽڪل ڪورين جا ٽي هزار ڪٽنب آباد هئا. ان کانپوءِ سيوهڻ بہ ڪپڙي تيار ٿيڻ جو هڪ مکيہ مرڪز هو ۽ ان ۾ اٽڪل هڪ هزار ڪورين جا ڪٽنب آباد هئا‘. انهيءَ طرح انهن ٽن شهرن، ٺٽي، نصرپور ۽ سيوهڻ ۾ اٽڪل ست هزار ڪٽنب گهڻي مقدار ۾ ڪيترن قسمن جي ڪپڙي تيار ڪرڻ ۾ مشغول هوندا هئا. سنڌ ۾ ڪپڙي جي صنعت ۾ مجموعي طرح اٽڪل هڪ لک پورهيت ڪم ڪندا هئا.
ريشم جي صنعت: سترهين ۽ اوائلي ارڙهين صديءَ ڌاري سنڌ ۾ ريشمي ڪپڙي جي صنعت اوج تي هئي، جن ڏينهن ۾ ٺٽو عروج تي هو، ان وقت سنڌ ۾ عاليشان ۽ دلڪش ريشمي لونگيون بہ تيار ٿينديون هيون، جن ۾ تاڃي ريشمي هوندي هئي ۽ پيٽو وري سٽ جو ڪتب آندو ويندو هو. سنڌ توڙي هندستان جي ڪپڙي کي گلوبند، دستارن ۽ واسڪوٽين طور استعمال ڪندا هئا. سنڌ جون لونگيون پرڏيهي مارڪيٽن ۾ کڄي وينديون هيون، جتي انهن جي گهڻي کپت هئي. انهيءَ صنعت لاءِ ڪچو ريشم چين، ايران ۽ ترڪستان مان درآمد ڪيو ويندو هو. ريشمي ڪپڙي تي سون ۽ چانديءَ جي ڌاڳن سان عاليشان ڀرت ڀريو ويندو هو، جنهن کي ’چمڪدوزي يا ڪيمخواب‘ سڏيو ويندو هو. اهڙو بہ وقت هو جڏهن شالن، چوغن، ٽوپين، ٻارن جي شلوارن، زنانن لباسن ۽ وهاڻن تي سون چاندي ۽ ريشم سان ڀرٿ ٿيل سامان جي مارڪيٽ ۾ اهميت هوندي هئي.
اوني ڪپڙي جي صنعت: سنڌ کي پنھنجي اوني ڪپڙي جي صنعت بہ هئي. البته ٻاهرين ملڪن جي مارڪيٽ ۾ هتي جي اوني ڪپڙن جي ايڏي طلب نہ هئي. مقامي طرح ٺهندڙ اوني مال ۾ گهڻو ڪري غاليچا، ڪمبل، کٿا ۽ اوني کرسڻ تيار ٿيندا هئا. سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙي وانگر اوني ڪپڙي جي صنعت بہ سنڌ جي قديم صنعتن مان هڪ آهي. سنڌ ۾ اُن تمام گهڻي ۽ عمدي قسم جي پيدا ٿيندي هئي. هتي جتي ڪٿي رڍون جام هيون ۽ خاص ڪري اڀرندي طرف ٿر جي رڻ ۽ الهندي طرف کيرٿر جبلن جي لاهين تي رڍون تمام گهڻي تعداد ۾ هيون. ان کانسواءِ ٻڪريءَ جي وارن (ڏاس) مان بہ ڪيتريون شيون تيار ٿينديون هيون. جھڙوڪ: ٿلها ڪمبل، جن کي ’خرزين‘ چيو ويندو هو ۽ ’خرزينون‘ جن کي جانورن تي اناج کڻڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. اهي خرزينون گهڻو ڪري ڪاري يا ناسي رنگ جون ٿينديون هيون ۽ نهايت پائدار ۽ مضبوط هونديون هيون.
ڪپڙي جي صنعت جو زوال: ارڙهين صديءَ جي وچ ڌاري سنڌ جي ڪپڙي خاص ڪري سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙي جي گهرج ۾ ڪافي گهٽتائي اچي وئي. انهن جا ڪيترائي اندروني توڙي ٻاهريان سبب هئا. انگلنڊ ۾ تجارتي پاليسي ۽ صنعتي طور طريقن ۾ انقلاب اچڻ ڪري ڪپڙي جي صنعت ڪافي ترقي ڪري چڪي هئي. سنڌ ملڪ ۾ اندروني طرح سياسي بدامني، بي آرامي ۽ ٻاهريان حملا، سنڌ جي حاڪمن جي حڪومت جي بدانتظامي، ماڻهن تي خوامخواه جون ڳريون ڍلون ۽ محصول وجهڻ، مقامي اميراڻي دؤر جو خاتمو، زراعت جو زوال، اهي ۽ ٻيا ڪيترائي سبب سنڌ جي ڪپڙي جي اهم صنعت جي زوال لاءِ جوابدار هئا. نتيجو اهو نڪتو، جو تيار ٿيندڙ ڪپڙو بناوت ۽ خاصيت جي لحاظ کان ڪِرندو ويو. اهڙيءَ طرح سنڌ جا مشھور ڪپڙا، جن لاءِ هونئن ڪنهن وقت ٻاهرين مارڪيٽن ۾ بيحد طلب هوندي هئي، سي بنھہ استعمال مان نڪري ويا ۽ خاص ڪري يورپ ۽ ٻين پرڏيهي مارڪيٽن ۾ انهن جي ڪابہ طلب باقي نہ رهي.
انگلنڊ جي صنعتي انقلاب اچڻ کان پوءِ سنڌ جي بدران انگلنڊ جو تيار ٿيندڙ ڪپڙو وڪامڻ لڳو. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن تيئن حالت بگڙجندي وئي ۽ جڏهن انگريزن سنڌ کي انگريزي سلطنت سان ملائي ڇڏيو، تڏهن سنڌ ۾ سندس مشھور معروف ڪپڙي جو نالو نشان بہ نہ هو. 1837ع ۾ اليگزينڊر برنس لکيو آهي تہ ”ٺٽي ۾ هزارين ڪوري هوندا هئا، جيڪي ٻاهران درآمد ٿيل ڪچي مال مان عاليشان ۽ قيمتي ڪپڙا ٺاهيندا هئا، انهن جا ڪي نشان وڃي رهيا هئا“. برٽن بہ افسوس ڪندي لکي ٿو تہ: ”ٺٽي ۾ جيڪي پنج هزار آڏاڻا هئا، جن ۾ سڄي وچ ايشيا ۾ مشھور معروف شالون ۽ لونگيون ٺهنديون هيون، انهن مان فقط ڪو ڊزن کن مس وڃي بچيو آهي.“
نير: سترهين صديءَ ۾ سنڌ جي ٻي مکيہ صنعت هئي نير، يورپ توڙي ايشيا جي ملڪن ۾ نير جي گهڻي مارڪيٽ هئي. انهيءَ ڪري يورپي واپاري هندستان ۾ نير تيار ٿيڻ جي مکيہ مرڪزن کي ڳولڻ ۽ جاچڻ لاءِ ڪوشش ۾ رڌل هئا. نير جو مشھور قسم گجرات ۾ سرکيج ۽ آگري کان پنجاھہ ميلن جي مفاصلي تي بيانا ۾ تيار ٿيندو هو، پر پوئين شھر ۾ تيار ٿيندڙ نير بھترين سمجهيو ويندو هو. سنڌ بہ زمين ۽ آبهوا جي لحاظ کان هن رنگ جي پيداوار لاءِ موزون هئي ۽ سنڌ جو پوکيل نير بہ عمدي قسم جو سمجهيو ويندو هو. سترهين صديءَ ۾ هندستان جو نِير جو ٻاهرين ملڪن سان واپار تمام گهڻو وڌي ويو، انهيءَ برآمد تجارت ۾ سنڌ جو بہ چڱو حصو هو. سنڌ ۾ نير جي پيدائش جو مکيہ مرڪز سيوهڻ هو، جتي ساليانو اٽڪل ٻہ سؤ مڻ نير پيدا ٿيندو هو.
انگريز ايجنٽن جي حوالن مان معلوم ٿئي ٿو تہ سنڌ جي نير جي خاصيت اطمينان جوڳي هئي. هڪڙي اهڙي حوالي ۾ انگريز ايجنٽ پنھنجي بالادستن ڏانهن لکي موڪليو تہ هنن ”سنڌ ۾ تيار ٿيندڙ نير اهڙو ئي ڏٺو، جهڙو بيانا ۾ تيار ٿيندو هو.“ پر ڏسجي ٿو تہ سنڌ جي نير جي اها خاصيت گهڻو وقت قائم نہ رهي سگهي. قيمتون گهٽ هجڻ ڪري، سنڌ ۾ نِيـر پوکيندڙن انهيءَ ۾ واري ۽ ريتي گڏي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي، انهيءَ سبب جي ڪري هتي جي مال جي خاصيت ڪري پئي. انهيءَ ملاوٽ جون شڪايتون جيئن پوءِ تيئن گهڻيون ٿينديون ويون، نتيجي طور بنگال، جئميڪا، جاوا ۽ ويسٽ انڊيز جا ملڪ انهيءَ ميدان ۾ سنڌ جا مقابل بنجي آيا ۽ سترهين صديءَ جي آخري ڌاري هن مال جون سموريون ٻاهريون مارڪيٽون سنڌ جي هٿن مان هميشہ لاءِ موڪلائي ويون. انهيءَ کانپوءِ بہ خراسان ڏانهن سنڌ مان نير جو ٿورو تعداد درآمد ٿيندو رهيو.
چوپائي مال ۽ کير مکڻ جي پيدائش: سنڌ اڄ بہ هڪ زرعي خطو آهي، انگريزن جي اچڻ کان اڳ وڌيڪ خوشحال زرعي ملڪ هو. زراعت ڪافي وسيع پيماني تي ڪئي ويندي هئي ۽ زمين جون وڏيون وڏيون ايراضيون چراگاهن طور استعمال ٿينديون هيون. خاص ڪري اتر سنڌ ۽ برپٽ وارن ٽڪرن ۾ سنڌي ماڻهو ڪافي تعداد ۾ ننڍو توڙي وڏو مال (رڍون ۽ ڳئون وغيرہ) پاليندا هئا. هر ڳوٺ ۾ مينهون، ڳئون، رڍون ۽ ٻڪريون جام هونديون هيون. حقيقت ۾ سنڌ ۾ دولتمند ۽ عزتدار ماڻهو ان کي سمجهيو ويندو هو، جنهن کي پنهنجو ڳچ چوپايو مال هوندو هو، جنهن ماڻهوءَ وٽ چوپايو مال جو هڪ يا ٻہ وهٽ بہ نہ هوندو هو تہ ان کي نهايت غريب سمجهيو ويندو هو. کير، ڏڌ ۽ مکڻ ماڻهن جو عام کاڄ هو ۽ باقي جيڪو مکڻ ۽ گيھہ بچندو هو، سو وڪڻي ڇڏيندا هئا. هن دؤر ۾ لکندڙن جي ڪيترن بيانن مان سنڌ جي چوپائي مال جي اڻکٽ ذخيري ۽ کير مان تيار ٿيندڙ شين جي نيڪيءَ جا ڪيترائي حوالا ملن ٿا. آئين اڪبريءَ جو مصنف لکي ٿو تہ: ”سنڌ ۾ ڏُڌ ۽ لسيون بھترين قسم جون تيار ٿين ٿيون، جيڪي چئن مهينن تائين رکي سگهبيون آهن.“
انگريز ايجنٽ لکن ٿا تہ: ”نصرپور، سيوهڻ ۽ بکر مان هتي تمام گهڻو مکڻ ۽ گيھہ وڪرو ٿيڻ لاءِ اچي ٿو.“ مانرزيق موجب: ”هن ملڪ ۾ چوپايو مال خاص ڪري مينهون، تمام گهڻي انداز ۾ موجود هيون.“ منوڪي اسان کي ٻڌائي ٿو تہ: ”هت مکڻ تمام گهڻي مقدار ٿئي ٿو، جو مسقط ڏانهن برآمد ڪيو وڃي ٿو.“ هئملٽن بہ لکي ٿو تہ: ”ماڻهن وٽ ڪارو چوپايو مال (مينهون) تمام گهڻو آهي ۽ وهٽ سٺا ۽ وڏا آهن، جن سان هر هڪ منجهان هوند 80 کان 100 پائونڊن تائين بھترين قسم جو گوشت ملي. هتي ماڻهو مکڻ گهڻي انداز ۾ برآمد ڪن ٿا. انهيءَ مکڻ کي وِٽڙائي، چوپائي مال جي کلن سان ٺهيل مرتبانن ۾، جن کي ’دٻا‘ سڏيو وڃي ٿو، ٻاهر موڪليو ويندو آهي.“
چوپائي مال جي سنڌ ۾ ايتري تہ اهميت هئي جو انگريزن سنڌ ۾ ٻي ڪوٺي (1757ع-1775ع) انهيءَ خاص مقصد سان برپا ڪئي تہ سنڌ مان ’سڱن وارو چوپايو مال‘ برآمد ڪيو وڃي. انگريز ايجنٽن کي خاص هدايتون هيون تہ کين سنڌ مان جيترو چوپايو مال ملي سگهي اوترو مهيا ڪري ڏين. گهريلو جانورن ۾ اٺ ٻئي نمبر تي مکيہ جانور هو. آئين اڪبريءَ جو مصنف لکي ٿو تہ: ”اٺن جو هڪ عاليشان نسل پيدا ٿئي ٿو، سنڌ ۾ اٺ گهڻي ۾ گهڻا ملن ٿا. ڪيترن باشندن کي ڏهن هزارن کان وڌيڪ اٺ آهن، اجمير جا اٺ تکي ۾ تکا آهن، پر باربرداريءَ جي ڏانوَ جا بھترين اٺ ٺٽي ۾ پاليا وڃن ٿا.“
ٻين جانورن جي ڀيٽ ۾ اٺ وڌيڪ مضبوط ۽ سخت جان آهي. کاڌو بہ جيڪو ڏبو، سو بنا ڪنهن جهجهڪ جي کائي ويندو. ڪجهہ انهن سببن ڪري ۽ ڪجهہ وري هتي جي زميني خاصيت ۽ اٺ جي وڌيڪ بار کڻڻ جي لياقت ڪري، هي ’صحرا جو جھاز‘ ماضيءَ ۾ سنڌ اندر مال آڻڻ ۽ نيڻ جو هڪ بھترين ذريعو سمجهيو ٿي ويو. جيئن تہ انگريز راڄ کان اڳ ۾ ڦيٿن واريون گاڏيون گهٽ استعمال ۾ هيون. انهيءَ ڪري سنڌ ۾ خشڪيءَ تي آمد و رفت گهڻو ڪري اٺن جي قافلن ذريعي ٿيندي هئي. سنڌ ۾ ٿوري ڀاڱي اٺ کي نار، گهاڻي کي هلائڻ ۽ هر ڪاهڻ لاءِ بہ استعمال ڪيو ويندو هو. سنڌ ۾ ڌراڙن جو هڪ حصو رڍن پالڻ ۾ بہ مشغول هوندو هو. اڄ تائين الهندي پاسي جي جابلو علائقن ۽ اڀرندي پاسي جي ريگستاني حصي جي خانہ بدوش ريڍار ماڻهن جو گذرسفر گهڻو تڻو رڍن جي پيدائش تي هو.
گهوڙا پالڻ تي بہ ڪافي ڌيان ڏنو ويندو هو. ’مهاڀارت‘ ۾ بہ سنڌ جي گهوڙن جو ذڪر آيل آهي. باربوسا بہ سنڌ ۾ گهوڙن جي ججهائيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. انهيءَ بابت ٻين سياحن ۽ واپارين جا بہ ڪيترا حوالا ملن ٿا. عرب پهريان حملي آور هئا، جن سنڌ تي باقاعدي راڄ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ هنن پاڻ سان ڪجهہ گهوڙا بہ آندا هئا. سنڌ ۾ خراسان کان بہ گهوڙا گهرايا ويندا هئا. انهيءَ ڪري هتي جي مقامي نسل ۾ ٻاهريون تخم بہ اچي ويو. سنڌي گهوڙا جيتوڻيڪ سنها ۽ هڏاوان ٿين ٿا، پر ڏاڍا مضبوط، تيز رفتار ۽ غير معمولي طاقتور ٿين ٿا. سنڌ ۾ گهوڙن جا مالڪ پنهنجن گهوڙن کي کاڌو نهايت سٺو کارائيندا هئا ۽ شاهوڪار ماڻهو ڏاڍي شوق ۽ آب تاب سان پنهنجن گهوڙن کي سهڻن ۽ قيمتي سنجن سان سينگاريندا هئا. گڏھہ ۽ خچر بہ ڪافي انداز ۾ پاليا ويندا هئا. گڏھہ ڏاڍا وڏا ۽ طاقتور هوندا هئا ۽ اُٺن سان گڏ بار کڻڻ لاءِ ڪم آندا ويندا هئا. خچرن کان بہ بار کڻڻ جو ڪم ورتو ويندو هو.
مجموعي طور سنڌ جو چوپايو مال سموري هندستان جي بھترين چوپائي مال منجهان ليکيو ويندو هو ۽ گهڻيءَ پيدائش ۽ عمدي قسم جي کير جي ڪري مشھور هو. ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر چوپائي مال جي وڏي اهميت هئي. کير جي پيدائش ۾ ملڪ نہ رڳو خود ڪفيل هو، پر ڪافي بچت ٿيندي هئي. انهيءَ لاءِ ڪافي ثابتيون موجود آهن تہ ماهيو، ۽ ٻيو چوپايو مال ۽ ٻيا جانور اٺ ۽ رڍون، گهوڙا، گڏھہ ۽ خچر پالڻ سنڌ جي ڪافي ماڻهن جو ڌنڌو ۽ روزگار جو ذريعو هوندو هو.
چمڙي جو سامان: مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ سنڌ پنھنجي عمدي چمڙي جي سامان جي ڪري مشھور هئي. ملڪ ۾ رڍون ۽ ٻيو چوپايو مال جام هو. هتي جا ماڻهو خاص ڪري مسلمان گوشت تمام گهڻو واپرائيندا هئا. انهيءَ ڪري هتي کلون تمام سستيون ۽ گهڻيون دستياب ٿي سگهنديون هيون. ايتريقدر جو ڪيترن بندرن ڏانهن کلن جا جھاز ڀرجي ويندا هئا. وينس جو رهاڪو سياح سولجر منوڪي لکي ٿو تہ: ”ٺٽي ۾ چمڙو تمام گهڻو ٿيندو هو، جيڪو عرب ۽ ايران جي ملڪن ڏانهن برآمد ڪيو ويندو هو. سنڌ چمڙي جو ڪافي برآمدي واپار حاصل ڪري چڪي هئي.“ ان عرصي جي لکڻين مان پڻ معلوم ٿئي ٿو تہ سنڌ جو چمڙو نهايت عمدي قسم جو هو. وارن آرليڇ لکي ٿو تہ: ”سنڌ جو چمڙو هندستان جي بھترين قسم جي چمڙي مان ۽ نرمائي ۽ پائداريءَ ۾ يورپ جي چمڙي کان ڪنهن بہ طرح گهٽ نہ آهي.“
سنڌ مان کلون رڳو ڪچي مال جي صورت ۾ ٻاهر ڪين اماڻيون وينديون هيون، پر مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ چمڙي رڱڻ جو هنر بہ چڱي ترقي ڪري چڪو هو ۽ چمڙي جا رنگريز پنھنجي هنر ۾ ڪافي مهارت ۽ لياقت رکندا هئا. مانريق (مانرچ) بہ سنڌ جي خوبصورت چمڙي جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو اونهاري ۾ ميزپوشن، ديوار پوشن ۽ بسترن جي گاديلن ٺاهڻ ۾ ڪم ايندو هو. پوسٽنس لکي ٿو تہ: ”سنڌ جا ماڻهو عاليشان قسم جو چمڙو تيار ڪن ٿا، جنهن تي وري سڀني رنگن جي ريشم سان ڀرت ڀريو وڃي ٿو. هندستان ۾ بسترن ۽ ميزن مٿان غاليچن جي بجاءِ انهيءَ چمڙي جي چادرن کي وڇائڻ وڌيڪ پسند ڪيو وڃي ٿو.“ چمڙو ڪيترن ئي ڪمن ۾ استعمال ڪيو ويندو هو، جھڙوڪ: گهوڙن ۽ اٺن لاءِ زينون، سنج، پنج سنجي تيار ڪرڻ ۽ ڍالون، دستانا ۽ بوٽ، پخالون ۽ گيھہ مکڻ لاءِ مرتبان ٺاهڻ ۾ ڪم ايندو هو. ايئن ٿو ڀانئجي تہ اڄ جي ڀيٽ ۾ سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾ چمڙو وڌيڪ استعمال ڪيو ويندو هو ۽ هيءَ صنعت چڱيءَ طرح ڄميل ۽ آسودي حال ۾ هئي.
مڇي: سنڌ کي پنهنجو ڪشادو سامونڊي ڪنارو آهي ۽ سنڌو درياھہ اتر اوڀر کان ڏکڻ اولھہ ڏانهن وهي سمنڊ ۾ اچي ڇوڙ ڪري ٿو. هندستان ۾ اهڙا تمام گهٽ هنڌ آهن، جتي انداز توڙي خاصيت جي لحاظ کان سنڌ کان وڌيڪ ۽ بهتر مڇي ملي سگهي. مڇي مارڻ جو هنر ايامن کان سنڌ ۾ ترقي ڪندو آيو آهي ۽ ماهيگيريءَ بہ معاشي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ جو ’پلو‘ گهڻي زماني کان تمام مشھور آهي. ’آئين اڪبريءَ‘ ۾ ذڪر آهي تہ ”لذت ۽ سواد جي لحاظ کان سنڌ جي ’پلي‘ جو جواب نہ آهي.“ مانريق (1641ع) لاهور کان ٺٽي آيو هو، کيس هتي مڇيءَ جو بھترين قسم تمام سستو ملي سگهندو هو. مڇي تمام گهڻي انداز ۾ هوندي هئي ۽ انهيءَ ڪري نهايت سستي هئي ۽ سڀني کي آسانيءَ سان ملي سگهندي هئي. درحقيقت مڇيءَ جو مقدار هتي ايترو گهڻو هوندو هو، جو مقامي کپت کان پوءِ بہ ڪافي مقدار ۾ بچي پوندي هئي، جنهن کي لوڻي، رونهائي ۽ سُڪائي ٻين ملڪن ڏانهن برآمد ڪيو ويندو هو. ڊيوآرٽ باربوسا (1516ع) بہ سنڌ جي عاليشان مڇيءَ جي صنعت ۽ اتر هندستان ۽ ٻين ملڪن سان ان جي هلندڙ برآمدي واپار جو ذڪر ڪيو آهي. ’آئين اڪبريءَ‘ جو مصنف لکي ٿو تہ: ”سنڌ ۾ مڇي ايتري جام هوندي هئي، جو ماڻهو گهوڙن کي سڪل مڇي کارائيندا هئا.“ وڌيڪ لکي ٿو تہ: ”هتي مڇي لوڻي ۽ سڪائي ٻين بندرن ۽ ملڪن ڏانهن برآمد ڪئي ويندي هئي ۽ ان مان ماڻهن کي ڪافي آمدني ۽ نفعو ٿيندو هو. مڇيءَ مان تيل پڻ ڪڍيو ويندو هو، جيڪو ٻيڙين جي مکَ ۾ ڪم ايندو هو“.
مڇيءَ جي صنعت سنڌ ۾ سترهين ۽ ارڙهين صديءَ دوران ٻين صنعتن جي ڀيٽ ۾ صحيح معنيٰ ۾ هڪ مقامي صنعت هئي.
1843ع ۾ پوسٽنس لکي ٿو تہ: ” ڪراچي کان ڪڇ، گجرات ۽ مسقط ڏانهن برآمد ٿيندڙ شين ۾ سڪل مڇي بہ هڪ مکيہ شيءِ آهي ۽ ڄرڪن جا هڏا ۽ ڪنهڙ بمبئيءَ ڏانهن موڪليا ويندا آهن.“ سنڌ هميشہ هندستان جي مڇيءَ جي مکيہ مرڪزن مان هڪ رهي آهي ۽ مٺي پاڻيءَ توڙي کاري پاڻيءَ جي مڇي ٻاهرين ملڪن ۾ وڪروٿيڻ لاءِ واپار طور بچي ويندي هئي. ٻين مکيہ صنعتن ۾ جنڊيءَ جو ڪم، عاج تي اُڪر، ڪاشيءَ ۽ اسلح سازيءَ جون صنعتون هيون.
جنڊيءَ جو ڪم: ڪاٺ تي جنڊيءَ جي ڪم جي صنعت، قديم صنعتن مان هڪ آهي. البت هاڻي ان جو پيمانو ڪجهہ گهٽجي ويو آهي. گهڻو ڪري هن هنر جو مکيہ استعمال کٽن ۽ پينگهن کي سينگارڻ ۾ ڪيو ويندو آهي. جنڊيءَ جو ٻيو ڪم گهڻو ڪري ننڍين ننڍين پيتين تي ٿيندو هو، جيڪي هڪ ٻئي جي اندر رکيون وينديون هيون ۽ جن کي ’گنج‘ سڏيو ويندو هو. انهن تي رنگن جو عاليشان ڪم ڪيو ويندو هو. ڳاڙهو ۽ پيلو، نيرو ۽ سائو، عاج جهڙو ۽ ڪارو رنگ استعمال ڪيو ويندو هو. اهو ڪم ايترو تہ پختو ۽ جٽادار هوندو هو جو اڄ بہ ڪيترن عجائب گهرن ۽ ماڻهن جي خانگي ملڪيت ۾ ڏيڍ سؤ ورهين جون اهڙيون پراڻيون شيون ملي سگهن ٿيون، جن جو رنگ ذرو بہ جهڪو ناهي ٿيو. اڄ تائين هالا ۽ ڪشمور وغيرہ هن صنعتن جا مشھور مرڪز آهن.
هئملٽن لکي ٿو تہ: ”سنڌي عاليشان قسم جا ڪٻٽ ۽ ڪاٺ جون ٿالهيون ۽ جنڊيءَ جون ميزون تيار ڪن ٿا.“
جڏهن تہ اڄ بہ سنڌ ۾ جنڊيءَ جي ڪم جا بھترين نمونا تيار ٿي رهيا آهن، تڏهن اهو تہ يقين ڪرڻو ئي پوندو تہ سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾ جڏهن سنڌ جي صنعتي ۽ واپاري دؤر جو اوج ۽ عروج هو، تڏهن هيءَ صنعت بہ ترقي يافتہ ۽ خوشحال هوندي.
ڪاشيءَ جا ٿانوَ: سنڌ ۾ ٿانوَ بہ بھترين قسم جا ٺهندا هئا ۽ خاص ڪري ڪاشيءَ جون سرون تہ مشھور هونديون هيون، جن جو نمونو اڄ بہ مڪلي جي ٽڪريءَ تي ۽ حيدرآباد ۾ ڪلهوڙن ۽ ميرن جي مقبرن تي ملي ٿو. اهي ڪاشيءَ جون سرون جاميٽريءَ جي اصولن تي ٺهيل شڪلين سان هلڪي ۽ گهري نيري رنگ سان چٽي ٺاهيون وينديون هيون ۽ مشھور اوليائن ۽ مرتبي وارن ماڻهن جي مقبرن جي ڀتين، فرشن، ڇتين، چانئٺن ۽ گنبذن تي هنيون وينديون هيون. اهي رڱيل سرون تمام گهڻي انداز ۾ استعمال ٿينديون هيون ۽ بناوت ۽ خاصيت جي لحاظ کان عاليشان هيون. انهيءَ سلسلي ۾ پوسٽنس (1843ع) لکي ٿو تہ: سنڌ ۾ ڪنڀارڪو ڪم اعلى نموني جو ٿئي ٿو. پاڻيءَ جا سھڻا ٿانو ۽ مقبرن ۽ مسجدن کي سينگارڻ لاءِ عاليشان رڱيل ڪاشيءَ جون سرون تيار ٿين ٿيون. ٺٽي جي ڀرسان ٺهيل قديم قبن ۽ مقبرن ۾ ڪم آيل سنهين چٽيل سرن کي سندن بھترين پالش ۽ بناوت جي ڪري هر ڪنهن ساراهيو ۽ واکاڻيو آهي. سندن بناوت ايتري تہ پختي ۽ مڪمل آهي جو انهن جڳهين جون ڪناريون اڄ بہ اهڙيون ئي سنئيون سنواٽيون ۽ سالم آهن، جهڙيون ٺھڻ وقت هيون. جيتوڻيڪ انهن مان ڪيتري جاين کي ٺهيي اڄ صديون گذري چڪيون آهن.“
ڊاڪٽر ڪينيڊي بہ انهيءَ ڳالھہ جي تائيد ڪري ٿو ۽ ٺٽي جي پسگردائيءَ جي آثار قديمہ جي مقبرن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو تہ: ”سجاوٽ جو هت نمونو ئي بلڪل نئون هو. گنبذن تي ٿلهين، لسين ۽ سفيد رنگ جي سرن يا عاليشان رنگن سان رڱيل چينيءَ جي سرن کي، جيڪي بلڪل چين جي ٺهيل فرشي سرن جهڙيون ٿي لڳيون، سڌائي ۾ بيهاريو ويو هو ۽ انهن جي مٿان وري گلن ۽ ٻين شڪلين جا اهڙا عاليشان نقش نگار چٽيا ويندا هئا، جو انهن فنڪارن جي ذوق ۽ هنرمنديءَ کي داد ڏيڻ کان ماڻهو رهي نہ ٿي سگهيو. مون پنھنجي حياتيءَ ۾ اهڙي چيز ڪانہ ڏٺي آهي، جا هتي جي سرن ٺاهڻ جي هنر ۽ ان جي عمدگيءَ جي برابري ڪري سگهي، جيڪا هنن ڦٽل آثارن جي سرن ۾ پيش ڪئي وئي آهي. آئون انگلنڊ ۾ اهڙين سرن جي تيار ٿي سگهڻ جي امڪان کان انڪار ڪونه ٿو ڪريان، پر آئون نہ ٿو سمجهان تہ ڪو ڪٿي اهڙو مڪمل ڪم ڪڏهن پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.“
سنڌ جي گزيٽ جو مصنف ايٽڪن بہ سنڌ جي چٽيل سرن لاءِ ساڳئي نموني لکي ٿو تہ: ”اهي ڌاتن جي ٺهيل شين وانگر وڄن ٿيون ۽ سندن ڪناريون اهڙيون تہ صاف ۽ سڌيون آهن، جهڙيون ڪاٺ جي پيتيءَ جون هونديون آهن. سندن رنگ اهڙو ئي چٽو رهي ٿو، جهڙو ٺھڻ واري ڏينهن تي هوندو اٿن.“
افسوس جو اڄ اهو فن گهڻي ڀاڱي ختم ٿي ويو آهي ۽ اڄڪلھہ اهو ڪم تمام ٿورو ٿئي ٿو. خود موهن جي دڙي ۽ حيدرآباد جي قلعي ۾ ڪم آيل کوري جون پڪل سرون ثابت ڪن ٿيون تہ سنڌ ۾ ڪنڀارڪو ڪم ڪافي ترقي ڪري ويو هو ۽ اهو رڳو ڪاشيءَ جي سرن تائين محدود نہ هو، بلڪ چيڪيءَ مٽيءَ مان بہ ڪيتريون شيون ٺهنديون هيون. جھڙوڪ: پاڻيءَ جون گهگيون، رڌپچاءَ جا ڪُنا ۽ ٻيا ٿانوَ، حقا، سلفيون، رانديڪا ۽ ٻيون سجاوٽ جون شيون وغيرہ.
عاج جو ڪم: سنڌ ۾ عاج جي ڪم جي صنعت بہ ننڍي پيماني تي قائم هئي. والٽر پيٽن ۽ هئملٽن جي بيان مان پتو پوي ٿو تہ سنڌ ڪافي تعداد ۾ هاٿين جا ڏند درآمد ڪندي هئي هُو لکي ٿو ته، ”سنڌ ۾ عاليشان ڪٻٽ تيار ٿين ٿا، جن تي عاج جو ڪم ٿيل هوندو آهي. سنڌ جي عورتن ۾ عاج جون ٻانهيون پائڻ جو عام رواج هوندو هو.“ اڳتي هلي لکي ٿو ته، ”هاٿيءَ جي ڏندن جو هت تمام گهڻو کاپو آهي. زالن ۾ تہ اهو فيشن آهي تہ هو ڪلهن کان ٺونٺين تائين ۽ ٺونٺين کان ڪارائين تائين، عاج جون ٻانهيون ٻنهي ٻانهن ۾ پائين ٿيون. ٻيون بہ ڪيتريون شيون جھڙوڪ ڇڪا، لاٽون، چمچا، عطر دانيون ۽ ڪاغذ ڪٽڻ جا چاقو ۽ ٻيون ٿلهيون سنهيون شيون عاج مان ٺهنديون هيون.“ پر اڄ اهي سموريون شيون استعمال کان نڪري ويون آهن ۽ اها صنعت ذري گهٽ گم ٿي وئي آهي.
هٿيار: سنڌ ۾ ڪيترن قسمن جا هٿيار تيار ٿيندا هئا، خاص ڪري ٽونٽيءَ وارين بندوقن جون ناليون سٺيون ٺاهيون وينديون هيون، جن تي ڪڏهن ڪڏهن چاندي يا سون جڙيو ويندو هو. جڙائو هٿيار صرف حاڪمن، اميرن ۽ وزيرن وٽ هوندا هئا. پوسٽنس جي لکڻ مطابق سنڌ ۾ ٺهندڙ هٿيار هندستان جي اڪثر هنڌن تي ٺهندڙ هٿيارن کان وڌيڪ عمدار هئا.
سنڌ ۾ اعلى درجي جون تلوارون پڻ تيار ڪيون وينديون هيون، جن جا ڦر ڊگها، مڙيل، تکا ۽ سٺيءَ طرح ٺپيل هوندا هئا. سنڌ جا حاڪم خاص طور مير انهن هٿيارن جو گهڻو قدر ڪندا هئا ۽ شڪار يا جنگ جي وقت ۾ اهي ڪم آڻيندا هئا. هو انهن جي سڌاري تي گهڻو ڌيان ڏيندا هئا. اوڻويهين صديءَ ۾ حيدرآباد انهن هٿيارن جو مکيہ مرڪز هو. مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دؤرن ۾ اعلى قسم جون تلوارون بہ تيار ٿينديون هيون. ان دؤر جا حاڪم تلوارن جا شوقين هوندا هئا ۽ انهيءَ ڪري هن صنعت جي گهڻي اهميت هئي پر وقت سان گڏ هيءَ صنعت بہ زوال پذير ٿي وئي.
صنعتن جي تنظيم: آڳاٽي وقت کان سنڌ ۾ اٽڪل هڪ درجن اوج تي رسيل صنعتون هيون. انهيءَ دور جي لکندڙن جو عام تاثر اهو آهي تہ انهن صنعتن ۾ اهو دور هنرمندي ۽ وسعت وارو هو. ساڳئي وقت اهو بہ معلوم ٿئي ٿو تہ سنڌ جو تيار ٿيل مال دستياب ٿي مکيہ مارڪيٽن ۾ پهچندو هو، جتي سنڌ جي مال جو تمام گهڻو کاپو ٿيندو هو، ايتري گهڻي بين الاقوامي طلب کي پورو ڪرڻ ۽ پرڏيهي واپار سان چڱي اپت حاصل ڪرڻ لاءِ تنظيم پڻ وسيع پيماني تي ڪئي ويندي هوندي. البت ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي زماني ۾ سنڌ ۾ صنعتي زوال شروع ٿيو ۽ جڏهن انگريزن 1843ع ۾ سنڌ ملڪ تي قبضو ڄمايو، اُن کان اڳ سنڌ جي عظيم صنعتي تنظيم، جنهن ۾ هزارين پورهيت ۽ ڪاريگر مشغول هوندا هئا، اها ختم ٿي وئي ۽ قديم هنر جا باقي آثار وڃي بچيا، جيڪي اڄ بہ موجود آهن. البت ايترو آهي تہ سنڌ جي خوشحال ترين ڏينهن ۾ بہ اُن جي صنعتي تنظيم نهايت پراڻي نموني جي هئي. وڏا وڏا شھر جھڙوڪ: ٺٽو، نصرپور ۽ سيوهڻ سوٽي ڪپڙي جا مرڪز هئا ۽ ٻيون صنعتون وري ٻين ننڍن شهرن يا ڳوٺن ۾ پکڙيل هيون. انهيءَ دؤر جي روزنامچن لکندڙن جي احوالن مان صنعتن جي تنظيم جي نموني بابت تمام گهٽ معلومات ملي ٿي، پر انهن جا آثار اڃا بہ موجود آهن، ڇاڪاڻ تہ ان دؤر ۽ اڄڪلھہ جي وچ واري دؤر ۾ انهن جو سلسلو جهڙو هو، تهڙو قائم رهندو آيو.
جائزي هيٺ آيل دؤر ۾ سنڌ ۾ صنعتي صورتحال اها هئي، جيڪا يورپ ۾ وچئين عھد ۾ هئي. ڪاريگر پنھنجي هٿن سان ڪم ڪندو هو ۽ سندس ڪٽنب جا ٻيا ڀاتي کيس انهيءَ ۾ مدد ڪندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن وڌيڪ پورهيت بہ رکندو هو ۽ انهيءَ سڄي صنعتي تنظيم جو ايڪو يا مرڪز ڪٽنب ئي هوندو هو. جنهن لاءِ گهڻن ئي لکندڙن ٺٽي، نصرپور ۽ سيوهڻ جي سوٽي ڪپڙي جي صنعت جو ذڪر ڪندي حوالا ڏنا آهن، جنهن بابت لکن ٿا تہ ٺٽي ۽ نصرپور ۾ سوٽي ڪپڙي جي آڏاڻن تي ٽن هزارن کان بہ وڌيڪ ڪٽنب ڪم ڪندا هئا ۽ سيوهڻ ۾ اٽڪل هڪ هزار ڪٽنب ڪم ڪندا هئا. ڪاريگر يا تہ پنھنجي گهرن ۾ ڪم ڪندا هئا يا انهن وڏين ڪشادين جاين ۾ ڪم ڪندا هئا، جيڪي آڏاڻن جا مالڪ انهيءَ مقصد لاءِ مسواڙ تي وٺندا هئا. اهي ڪارخانا ڪي وڏا صنعتي ادارا نہ هوندا هئا، پر انهن جي معياري ڪپڙي جي پيداوار ۽ کپت جي ڪري وڏي اهميت هوندي هئي.
جن شين جي ملڪ ۾ يا ملڪ کان ٻاهر گهرج هوندي هئي، انهيءَ لاءِ واپارين ۽ ڌنڌي جي بانيڪارن کي چڱي موڙي ملي سگهندي هئي. ان دؤر ۾ رپئي جو ملھہ چوٽ چڙهيل هو، چانديءَ ۽ ٽامي جا سڪا تمام گهٽ هوندا هئا. اڪثر ڪري قيمت اڳواٽ ئي ادا ڪرڻي پوندي هئي تہ جيئن ڪاريگر پنھنجي وقتي ضرورتن کي منهن ڏئي سگهن.
سنڌ جا آڳاٽي دور ۾ ٻين ملڪن سان تجارتي ناتا
سنڌ آڳاٽي دور ۾ سنڌو درياھہ، سمنڊ ۽ ڪپڙي جي صنعت سبب ٻين ملڪن سان واپاري لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ گهڻي ڪاميابي حاصل ڪئي. ان دور ۾ وسيلن جي اڻاٺ سبب ڌرتيءَ ۾ لڪل معدنيات ظاهر نہ ٿي سگهي هئي ۽ نہ ئي ڪارخانا هئا، پر آڏاڻن تي ڪپڙو اُڻي ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليو ويندو هو. انهيءَ دؤر ۾ آمدورفت اٺن ۽ پاڻيءَ جي ٻيڙن ذريعي ٿيندي هئي. ساڳي وقت ۾ رڳو ٺٽي ۾ هزارن جي تعداد ۾ ڪوري آڏاڻن تي ڪپڙو اڻندا هئا، جنهن ۾ لونگيون ۽ شالون گهڻو مشھور هونديون هيون. ڪئپٽن ٽي پوسٽنس سنڌ بابت لکيل پنھنجي ڪتاب ۾ ڄاڻايو آهي تہ: ”ڪچي ريشم آڻيندڙن جا قافلا، قنڌار کان شڪارپور ايندا هئا، شڪارپور مان اهو ريشم ڪتائي ۽ رڱائي، پوءِ سکر، روهڙي، خيرپور، سيوهڻ ۽ ٺٽي موڪليندا هئا. انهيءَ مان لونگيون، گربيون ۽ ٻيا ريشمي ڪپڙا ٺهندا هئا.“ سنڌ ۾ ’بخاري‘، ’قناويز‘، ’گلبدن‘ ۽ ’گلبهرا‘ وغيرہ شڪارپورين شروع ڪيا. ڪوئيٽا، چمن، ڪابل ۽ قنڌار جي ميون کي بہ سنڌين زور وٺرايو.“ مسٽر رابنسن لکي ٿو تہ: ”سنڌي وڻجارا بئبلونيا، ميسوپوٽيميا ۽ اڀرندي آفريڪا طرف وڻج واپار ڪرڻ ويندا هئا. مغرب ۾ سنڌ جو نالو گهڻو مشھور هوندو هو. سنڌ جي ساک ۽ سرمايي جو ٻڌي عيسوي سن کان 516 سال اڳ ايران جو بادشاھہ دارا (اول) پنجاب ۽ سنڌ تي ڪاهي آيو هو.“ سنڌ ۽ سنڌ جي ڪپڙي جي ساک، ڪي انگريزي لفظ بہ ڀرين ٿا. مثال انگريزي لفظ Sindon اصل ۾ سنڌي لفظ ’سنڌڻ‘ آهي، جنهن جي معنيٰ سنڌ جي ململ آهي. انهيءَ ساڳئي لفظ جو يوناني ٻوليءَ ۾ اچار ’سنڊون‘ آهي، جنهن جي معنيٰ بہ ساڳي آهي. ’سنڊن‘ لفظ انگريزي شاعر ملٽن ۽ لانگ فيلو پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪم آندو آهي: Wore She Not Viet of Sindin Melton هتي سنڊن معنيٰ سنڌ جو وٽيل سنگين ڌاڳو، جنهن مان ڄاريون ٺاهي يورپي زالون چهري تي وجهنديون هيون. ٻيو انگريزي لفظ ’سينڊل‘ (Sandal) آهي، جو اصل سنڌي لفظ ’سينڌڙ‘ معنيٰ سنڌ جو سنگين ڌاڳو آهي، جنهن کي لانگ فيلو شعر ۾ هينئن استعمال ڪيو آهي تہ:
Sails of silk and ropes of Sandal
Such as gleam in ancient lore
(Longfellow)
انهيءَ مان اندازو لڳايو ويو آهي تہ سنڌ جي سنگين وٽيل ڌاڳي مان اڳي ولايت ۾ ٻيڙين لاءِ پڳھہ ٺاهيندا هئا ۽ اهي رسا انهن شاهاڻين ٻيڙين ۾ ڪم ايندا هئا، جن جا سڙھہ ريشمي هوندا هئا. سنڌ جي تاريخ بابت مختلف ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي تہ ”هتان سنڌي ماڻهو روم ڏي وڻج وڻجڻ ويندا هئا، جتان جام ڪمائي آڻيندا هئا ۽ سکيو گذران ڪندا هئا.“ ڪلهوڙن جي راڄ کان بہ گهڻو اڳ ۽ انهن جي دور ۾ سنڌ جا ٻيڙا مال سان ڀرجي سلون (لنڪا) ۽ جاوا جي ٻيٽن طرف ويندا هئا. ان وقت لنڪا، سون جي ڪري گهڻي مقبوليت ماڻي هئي، تنهنڪري سنڌ جي واپارين جي ان پاسي تانگهہ سرس هوندي هئي. اهڙي ڳالھہ جي شاهدي شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ڏئي ٿو:
لنڪا لنڪا ڪن، لئہ لنڪا جي لوهريا.
سڻي سون لنڪا جو، سک نہ سامونڊين.
(شاھہ)
سنڌي واپاري جاوا ۾ واپار ڪري گهڻو ڪمائيندا هئا، جنهن جي گواهي هيٺين شعري فقرن مان ملي ٿي:
سودي خاطر سنبهي، جيڪي ويا جاوا،
ڪري وڻج واپار سي، سگهو ٿيا ساوا.
-
اڻميو ڌن اتان، سو جي ڪمائين،
پاڻ تہ کائين، تن جا پويان پڻ کائين.
سنڌ جا واپاري هندستان ۽ چين ۾ عام جام ويندا هئا، جتان ريشمي ڪپڙو ۽ گرم مصالحا خريد ڪري ٻين ملڪن ۾ وڪڻندا هئا. انهن لاءِ شاھہ سائين فرمايو آهي تہ:
قرڦل، ڦوٽا، پارچا، پاڻيٺ پاتائون.
پارچا يعني ريشمي ڪپڙو، جيڪو چين ۽ بنگال مان خريد ڪندا هئا ۽ قرڦل (لونگ)، ڦوٽا ۽ ٻيو گرم مصالحو ملبار ڪناري کان خريد ڪندا هئا. چين ۽ بنگال ڏانهن واپار ڪرڻ جو اشارو پڻ آڳاٽي شاعريءَ ۾ ملي ٿو:
سودي ڪارڻ سنڀري، ويهون وڻجارن،
ويا چين، بينگال ڏي، ماڻڪ رکي من.
پاڻيٺ يا آبدار موتي، واپاري ايراني نار ۽ ٻين هنڌن تان هٿ ڪندا هئا. انهن ملڪن طرف وڃڻ کانپوءِ واپارين کي واپس ورڻ لاءِ سال لڳي ويندا هئا. پندرهين ۽ سورهين عيسوي صديءَ ۾ پورچوگيزن، فرينچن ۽ پوءِ انگريزن واپار خاطر سنڌ ۾ ڪوٺيون قائم ڪيون، اهي يورپي اڄ تائين سنڌ ۾ ’فلنگي‘ يا ’فرنگي‘ سڏيا وڃن ٿا. انهن مان ڪيترائي سمنڊ تي ڦرون ڪندا، ڌاڙا هڻندا هئا ۽ سنڌي واپاري انهن جو شڪار ٿيندا هئا.
معلم ماڳ نہ اڳئين، ’ڦلنگي‘ منجهہ ڦريا. (شاھہ)
انهيءَ مان اندازو آهي تہ سنڌ جا آڳاٽي دور کان ئي واپار سبب دنيا جي ٻين ملڪن سان دوستاڻا واسطا هئا.
صنعتي ۽ واپاري زوال جا سبب: سترهين ۽ اوائلي ارڙهين صديءَ جي دؤر کان پوءِ اسان کي ڏسڻ ۾ ايندو تہ سنڌ جي صنعت ۽ واپار آهستي آهستي تباھہ ٿيندو ختم ٿي ويو، جنهن جا ڪيترائي اندروني توڙي خارجي سبب هئا.
خارجي سبب:
انگريزن جي واپاري نيتيءَ جو انقلاب: سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جي انگريزن جي واپاري نيتيءَ ۽ پاليسيءَ ۾ زبردست انقلاب مکيہ خارجي سببن مان هڪ سبب هو. نشاة ثانيہ (Renainssance) جي زماني ۽ ’دور اصلاح‘ جي ڪري هنن ۾ دولت ۽ طاقت هٿ ڪرڻ لاءِ هڪ نئين سجاڳي ۽ بيداري پيدا ٿي. ٿيوڊور ۽ اسٽوئرٿ گهراڻن جي حڪومتن جي دور ۾ انگلينڊ ۾ جهازرانيءَ بيحد ترقي ڪئي. سال 1600ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو پايو پيو ۽ ٿوري ئي وقت اندر سموري هندستان ۾ سنڌ سميت انگريزن پاران ڪوٺيون قائم ڪيون ويون. هن پرڳڻي مان مشرق جو بھترين سوٽي ڪپڙو ۽ بھترين قسمن جو نير ۽ قلمي شورو ورتو ويندو هو ۽ ان جي عيوض انگلنڊ جيتوڻيڪ گرم ڪپڙو ۽ آسائشي سامان مٽاسٽا ۾ ڏيندي هئي، پر تڏهن بہ کين سنڌ جي مال جي قيمت جو ڪافي حصو سون ۽ چانديءَ جي صورت ۾ ڏيڻو پوندو هو. جيئن تہ ان وقت قيمتي ڌاتوءَ (سون) جو مقدار محدود هوندو هو ۽ اهو نہ رڳو واپار بلڪ جنگ جي ضرورتن لاءِ پڻ ڪم ايندو هو، ان ڪري انگلنڊ ۾ ان جي هڪ طرفي وهڪ ۽ کوٽ کي محسوس ڪيو ويو. ان جو خاص سبب هيءُ هو تہ ان وقت اقتصاديات جو ’واپاري نظريو‘ ئي وقت جو تسليم شده نظريو هو، جنهن موجب صنعت کي قومي اپت جو ذريعو مڃيو ٿي ويو ۽ بچت واري واپاري توازن کي صنعتي آسودگيءَ جي سنَد ۽ ضامن سمجهيو ٿي ويو ۽ جنهن مطابق ملڪ جي طاقت وڌائڻ ۽ جنگ جي وسيلن مهيا ڪرڻ لاءِ خزاني جي درآمد ۽ ڪٺي ڪرڻ کي هڪ مکيہ ذريعو سمجهيو ويندو هو. جيڪڏهن انگلنڊ کي پنھنجي ماڻهن جي استعمال لاءِ مشرق جو ڪپڙو اڃا بہ گهربل هو تہ ان لاءِ وٽس ٻہ رستا هئا، هڪ تہ هو پاڻ اهو تيار ڪري يا تہ ان جو ملھہ ادا ڪرڻ لاءِ تيار رهي، ڇاڪاڻ تہ سون ۽ چاندي ئي ملھہ ادا ڪرڻ جو مکيہ ذريعو هو ۽ انهن جي برآمد هڪ قومي زيان سمجهيو ويندو هو، انهيءَ ڪري کين انهيءَ ڪپڙي جو گهربل مقدار پنھنجي ملڪ اندر ئي لازمي طرح تيار ڪرڻو پيو. ائين ڪرڻ ۽ پنھنجي ملڪي صنعتن کي محفوظ ۽ مضبوط ڪرڻ جي خيال کان سڄي ملڪ ۾ ’صنعتي بچاءُ‘ جي نيتيءَ کي زور وٺائڻ لڳا. اها نيتي راڻي ايلزبيٿ جي آخري دور ۾ شروع ڪئي وئي، پر 1660ع ۾ تجديد (Restoration) واري دؤر کانپوءِ ڄاڻي واڻي انهيءَ نيتيءَ کي وڌيڪ تيزيءَ ۽ سختيءَ سان عمل ۾ آندو ويو ۽ اوڻيهين صديءَ جي وچ ڌاري تائين ان تي انهيءَ ئي جوش ۽ خروش سان عمل ڪيو ويو، جيسين انگلنڊ ۾ مکيہ صنعتون نهايت مضبوطيءَ سان قائم ٿي ويون، انگلنڊ آزاد واپار جي نيتيءَ (Free Trade Policy) تي ڪاربند ٿيڻ جي لائق بنجي پيو. صنعتي بچاءَ جا ڪيترائي قانون پاس ڪيا ويا ۽ انهن مان ڪي تہ خاص طرح هندستان جي ڪپڙي جي خلاف پاس ڪيا ويا. چارلس ٻئي جي ’ٽنيج ۽ پائونديج ايڪٽ‘ (1920ع) ۽ ٻين پارليامينٽ جي ائڪٽن موجب ٻاهر کان ايندڙ سامان ۽ خاص ڪري ’گهرو‘ کاپي لاءِ ريشمي ۽ سوٽي ڪپڙي تي محصول گهر (Custom House) وڌا ويا. ان هوندي بہ هندستاني سوٽي توڙي ريشمي ڪپڙي جي کپت ايتري تيز هئي، جو اهڙن مختلف سخت قانونن ۽ ڳرن ڳرن محصولن جي باوجود انگلنڊ ڪافي انداز ۾ اُهي گهُرائيندو هو ۽ انهيءَ واپار ۾ سنڌ جو بہ چڱو چوکو حصو هو.
پر انگلنڊ ۾ گهرو پيداوار کي زور وٺائڻ لاءِ همت افزائي جاري رهي ۽ 1675ع ۾ هندستان ۽ مشرق کان درآمد ٿيندڙ هر کيس ۽ ريشمي ڪپڙي تي 10 سيڪڙو وڌيڪ محصول وڌو ويو. پنجن سالن کانپوءِ انهيءَ محصول کي وڌائي ٻيڻو ڪيو ويو. سترهين صديءَ جي آخر ۾ انگلنڊ ۾ اٽڪل پنجاھہ هزار ريشمي ڪپڙي جا فرينچ ڪوري لڏي آيا. انهيءَ آباديءَ انگلنڊ جي ريشمي ڪپڙي جي صنعت کي وڏي مدد ڏني ۽ ان جي پيداوار تيز ٿي وئي ۽ ٿوري ئي وقت ۾ ريشمي ڪپڙي جي درآمد نهايت گهٽجي وئي. ان هوندي بہ انگلنڊ جي ماڻهن جي خاص پوشاڪ هندستاني هِرک ۽ ريشمي ڪپڙن جي هوندي هئي. هندستاني مال جون شڪايتون جيئن پوءِ تيئن وڌنديون ويون ۽ انگلنڊ جي ريشمي ڪپڙي جي ڪورين انهيءَ خلاف آواز اُٿاريو ۽ نيٺ بغاوت ڪيائون. نتيجو اهو ٿيو جو 1700ع ۾ هڪ قانون پاس ڪيو ويو، جنهن جي فقرن موجب ايران، سنڌ سميت هندستان يا چين مان آيل سمورو ريشمي خالص يا گڏيل مال، سمورو سوٽي- ڇريل، رکيل يا لسو ڪپڙو گڏ ڪري گدامن ۾ بند ڪيائون تہ جيئن ان کي وري ٻين ملڪن ڏانهن برآمد ڪيو وڃي ۽ انگلينڊ ۾ انهن جي استعمال تي بندش وڌي وئي. انحرافي ڪرڻ تي ڳرا ڳرا ڏنڊ ۽ سزائون مقرر ڪري ڇڏيائون. ساڳئي وقت هندستان مان ايندڙ ململي ڪپڙي تي بہ ڳرا محصول لاڳو ڪيا ويا، پر انهن قانونن هوندي بہ هند سنڌ مال جي طلب پنھنجي سونهن، پائداري ۽ سستائيءَ جي ڪري اوچي رهندي آئي. ملڪ ۾ لسو ڪپڙو گهرايو ويندو هو ۽ ان کي ملڪ اندر ئي ڇُريو يا رڱيو ويندو هو. قانون جي زد کان بچڻ لاءِ ممنوع مال جا ٻيا نقلي قسم درآمد ڪيا ويندا هئا ۽ ٻيو ڪيتروئي مال يورپ جي ملڪن جي رستي ملڪ ۾ بي قاعدي چوريءَ پيو درآمد ٿيندو هو. انهيءَ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ 1720ع ۾ پارليامينٽ هڪ قانون پاس ڪيو، جنهن موجب هر ڪنهن قسم يا رنگ وغيرہ جي هندستاني ريشمي ڪپڙي يا هرک جي استعمال ۽ پهرڻ تي بنھہ بندش وڌي وئي. ان جي انحرافيءَ تي ڳريون سزائون مقرر ڪيون ويون. انهن سڀني قانونن جي مدد سان انگلنڊ جي ڪپڙي جي صنعت ايتري تہ ترقي ڪئي، جو 1740ع ڌاري انگلنڊ ۾ نہ رڳو گهرو ضرورتن لاءِ ڪپڙو پيدا ٿيڻ لڳو، پر ڪيترو ئي مال بيٺڪن ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ نيڪال ٿيڻ لڳو. انگلنڊ طرفان هندستاني مال کي ٿڏڻ جي جيڪا نيتي اختيار ڪئي وئي، اها يورپ جا ٻيا ملڪ بہ اختيار ڪرڻ لڳا. نتيجو اهو ٿيو، جو ٿوري ئي عرصي ۾ هندستان جي ڪپڙي جي طلب بنھہ گهٽجي وئي ۽ اها ئي ڳالھہ سنڌ سان بہ لاڳو ٿي.
اهڙيءَ طرح انگلنڊ جي سڌيءَ طرح مخالف نيتيءَ جي ڪري هند- سنڌ جي انهيءَ مکيہ گراهڪ هتان جي درآمد کي وڏو ڌڪ هنيو ۽ ساڳئي وقت ان پنھنجي صنعتن ۽ جهازرانيءَ تي توجھہ ڏيندي هر ممڪن طريقي زور وٺائڻ ۽ مضبوط بنائڻ شروع ڪيو. مشينريءَ جي دؤر اچڻ کان بہ اڳ ۾ انگلينڊ پنھنجي ’گهرو‘ کاپي لاءِ مشرقي سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙي درآمد ڪرڻ جي ضرورت کان پاڻ آزاد ڪرائي چڪو هو ۽ 1710ع کان پوءِ مشرقي ملڪن سان هلندڙ واپار جو گهڻو حصو رڳو ٻاهرين مارڪيٽن کي خام مال جي رسد پهچائڻ لاءِ مخصوص هو. انهن رنڊڪن ۽ رڪاوٽن هوندي بہ اهو چوڻ هروڀرو غلط نہ ٿيندو تہ هندستان اڃا بہ سوٽي مال جو مرڪز هو ۽ ٻين ڪيترين ئي مکيہ ۽ قيمتي شين جو اڪيلو برآمد ڪندڙ هو. هي خطو 1760ع تائين ڄڻ تہ سون چانديءَ جي هڪ وڏي ۾ وڏي ٽجوڙي هو، جنهن ۾ بي انداز خزانو اچي ٿي گڏ ٿيو ۽ سنڌ جو ان ۾ موچارو حصو هوندو هو.
صنعتي انقلاب: ايندڙ سالن (1760ع-1830ع) ۾ انگلنڊ جي صنعتي زندگيءَ ۾ هڪ نئين تجربي جي ڪري بنيادي انقلاب اچي ويو، جنهن کي ’صنعتي انقلاب‘ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ جي اچڻ سان هند- سنڌ جي ڪپڙي جي صنعت کي مشينري، سستي پاور جي استعمال ۽ ٻين سهوليتن ۽ ايجادن جو مقابلو ڪرڻو پيو، جنهنڪري پيداوار ججهي، سستي ۽ سهنج واري ٿي پئي هئي. هند سنڌ جي صنعت پنھنجي پراڻن اوزارن ۽ پيداوار جي گهرو سرشتي جي ڪري مشين ۽ ڪارخانن جي پيداوار سان مقابلو ڪري نہ سگهي ۽ ترت ئي سندن پيداوار ٻاهرين مارڪيٽن مان ختم ٿي وئي. درحقيقت سڄيءَ دنيا جي مارڪيٽ تي دسترس رکندڙ ۽ ڪپڙي جي برآمد ڪندڙ هندستان مرڳو سوٽي ڪپڙو درآمد ڪندڙ ملڪ بنجي پيو ۽ ملڪ جي ٻين حصن سان گڏ سنڌ جي بخت سان بہ ساڳي حالت ٿي. هونئن جو سنڌ ملڪ جي وڏن شهرن ۾ هزارين ڪوري ۽ پورهيت مال تيار ڪندا هئا، جڏهن تہ هاڻي گذريل زماني جي اوج جي ياد باقي وڃي رهي آهي.
صنعتي تنزل جا اندروني سبب: برطانوي صنعت جي اوسر ئي سنڌ جي آسودگيءَ جي تنزل جو اڪيلو سبب نہ هئي، پر سياسي بي آراميءَ، گهرو لڙاين ۽ ٻاهرين حملن سنڌ جي مقامي صنعت کي وڌيڪ ڌڪ هنيو ۽ باقي جيڪو هنرن جي سرپرستي ڪرڻ وارو اميرن جو طبقو هو، اهو بہ ختم ٿي ويو ۽ ان کان سواءِ حاڪمن جي ڪوتاھہ نظريءَ، ڪٽرپڻي واري نيتيءَ ۽ ڪنجوسائيءَ جو پڻ صنعتي زوال ۾ اهم ڪردار آهي. انهن ڳالهين انهيءَ برباديءَ ۽ خاتمي کي تيزيءَ سان ۽ ترت اچڻ ۾ مدد ڏني ۽ صنعتي تنزل جي رفتار کي ويتر ٻيڻو ڪيو.
سياسي بي آرامي ’مقامي سردارن جي ڪوتاھہ نظريءَ واري واپاري پاليسي‘: ارڙهين صديءَ جي پوين پنجاھہ سالن ۾ سنڌ جي حالت رحم جوڳي هئي. سنڌ جي حاڪمن ملڪ کي ڊگهين ۽ خونريزي لڙاين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن ٽالپرن کي تخت نصيب ٿيو، تڏهن کين پهرين انهيءَ ڳالھہ کي منهن ڏيڻو پيو تہ ملڪ جي وڳوڙي حالتن کي سنڀالي ڪو انتظام آڻين، پر هو بہ ملڪ ۾ خوشحالي آڻي نہ سگهيا.
ٽالپرن جو راڄ شخصي راڄ هو، سندن خاص دلچسپي زراعت، واپار ۽ صنعت کي ترقي ڏيارڻ نه، پر شڪار ڪرڻ ۾ هئي ۽ خزاني ڀرڻ لاءِ هنن هر شيءِ تي ڳرا ڳرا محصول مڙهي ڇڏيا. مغلن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي ڏينهن ۾ جيڪي بندرگاهن تان محصول اوڳاڙيا ويندا هئا، انهن جو اندازو ڪرڻ نا ممڪن آهي، پر جيڪڏهن اهو فرض کڻي ڪجي، جيئن برنس لکي ٿو تہ: ”محصول اڳوڻن وقتن جھڙا ئي ڳرا هئا، تڏهن بہ اڳ واپار جي تڪڙي وارڦير جي ڪري انهن جو اثر محسوس نہ ٿيندو هو.“
سترهين صديءَ جي سياحن جي احوالن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو تہ ٺٽي ۾ محصول مقرر ٿيل نہ هوندا هئا، پر تڏهن بہ اهي خاص طور ڄاڻايل هوندا هئا ۽ هر بندرگاھہ تي لکيل هوندا هئا. ”لاهري بندر تي محصول، دفتر تي ڄاڻايل ۽ لکيل آهي ۽ ڪو لالچي ۽ بي انصاف گورنر پنھنجي مرضيءَ مطابق انهن ۾ ڪا بہ ڦيرگهير آڻي نہ ٿو سگهي ۽ نہ ئي ڪي نوان محصول مڙهي ٿو سگهي.“ انهيءَ حقيقت جي تائيد انهيءَ مان بہ ٿئي ٿي تہ پورچوگيز سياح مانريق کي بکر ۽ سيوهڻ جي بندرگاهن تي محصول ڏيڻ ۾ ڪا بہ اهڙي تڪليف درپيش نہ آئي هئي. ان جي برعڪس اسين ڏسون ٿا تہ ٽالپرن جي عھد ۾ بندرگاهن تي محصول ۽ ٻيون ڍلون وغيرہ نامناسب ۽ جابراڻيون هونديون هيون.
سنڌو درياھہ تي چونگيون: ٽالپر دؤر ۾ سنڌو درياھہ تي ڳريون ڳريون چونگيون مڙهيون ويون، جن سان درياهي جهازرانيءَ جي همت شڪني ٿي. معلوم ٿو ٿئي تہ اهو شايد انهيءَ ڪري ٿي ڪيائون، جو سنڌو درياھہ کي انگريزن کان بچائڻ ٿي گهريائون (جن درياھہ جي وهڪري جي پيمائش ۽ سروي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي)، جيئن تہ کين اهو ڊپ ٿي پيو تہ انهيءَ بهاني سان سندن راڄ بہ ڦرجي ويندو. ڪهڙو بہ کڻي سبب هجي، پر انهيءَ قدم جو سنڌ جي واپار ۽ تجارت تي تباھہ ڪن اثر پيو.
اميراڻي طبقي جو خاتمو: اهي امير، دولت، طاقت ۽ سخا جا مالڪ هئا ۽ عيش عشرت ۽ ڏيک ويک جا بہ ڪوڏيا هوندا هئا. هو سنڌ ۾ ٺهندڙ ڳريءَ قميت وارين عاليشان شين جو قدر ڪندا هئا، انهيءَ طبقي جي ختم ٿي وڃڻ تي ڪيتريون صنعتون نابود ٿي ويون. سنڌ جي اميراڻي طبقي جو زوال نادر شاھہ جي ڪاھہ (1739ع) سان شروع ٿيو، جنهن دهليءَ تي ڪاهڻ کانپوءِ سنڌ تي حملو ڪيو هو. ڪلهوڙن جي گهرو لڙائين تہ باقي رهيل اميرن کي بہ ختم ڪري ڇڏيو ۽ ٽالپرن جي وقت ۾ يا ان کانپوءِ اميراڻو طبقو خير ڪو وڃي بچيو. ڊاڪٽر برنس لکي ٿو تہ: ”اسان کي انهيءَ حقيقت کان غافل نہ ٿيڻ گهرجي تہ اسان هندستاني معاشري ۾ جيڪو انقلاب آندو آهي، انهيءَ ٺٽي جهڙي شھر جو زوال سگهو ئي آڻي ڇڏيو. جتي تيار ٿيندڙ قيمتي مال جي همت افزائي رڳو اهو امير طبقو ڪندو هو، جنهن تي اسين هاڻ غالب اچي ويا آهيون ۽ اسان کين ختم ڪري ڇڏيو آهي.“
زرعي تنزل: ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ صنعت ۽ واپار تي نهايت تباھہ ڪُن اثر ٿيو. يقيني طور تي سنڌ ۾ ارڙهين صديءَ جي وچ ڌاري جيڪو زرعي زوال ۽ تنزل شروع ٿيو، واپار ۽ صنعت تي ان جو لازمي طرح نهايت خراب ردعمل ٿيو.
هي اهي سبب هئا، جن سنڌ جي صنعت ۽ واپار جو زوال آندو ۽ خوشحال سنڌ معاشي زوال جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پئي. سنڌ جي خوشحال معيشيت جا جيڪي اهم سبب هئا، اهي هوريان هوريان زوال ڏانهن موٽ کائيندا رهيا، ذميوار حلقن جي ان طرف غير ذميواري، وقت ۽ حالتن جي تناظر ۾ شين کي نہ پرکڻ، بدلجندڙ وقت سان پنهنجا معاشي ذريعا نہ سنڀالڻ ۽ وڌائڻ، هنرن جي فروغ لاءِ ڪي اُپاءُ نہ وٺڻ ۽ دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ نہ ملائي هلڻ ئي اهي سبب هئا، جن سنڌ جي معيشت جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو.
مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن، اٽڪل ڏيڍ صديءَ تائين سنڌ کي نسبتاً پرامن معاشي ۽ سياسي زندگي عطا ڪئي هئي ۽ ان ڪري زراعت، صنعت ۽ واپار کي ڪافي پذيرائي ملي، پر 1739ع ۾ نادر شاھہ جي ڪاھہ سنڌ کي شديد ڌڪ هنيو. هن ڪلهوڙن جي اسرندڙ طاقت کي ختم ڪيو، پاڻ هڪ ڪروڙ روپين جي ماليت جو مالِِ غنيمت کڻي ويو ۽ سنڌ ملڪ تي سالياني ويھہ لک روپيا ڍل مڙهي ويو، جا هن جا پويان سنڌ ملڪ کان باقاعدي وصول ڪندا رهيا. غلام شاھہ ڪلهوڙي جي تخت نشينيءَ سان پوين ڪلهوڙن جو دؤر شروع ٿيو ۽ ان سان گڏوگڏ ملڪ گهرو ويڙھہ جو مرڪز بنجي ويو.
غلام شاھہ جي حاڪميت وقت ڪيتريون خونخوار جنگيون لڳيون، ٻاهريان حملا ٿيا ۽ سنڌ سياسي هيجان ۽ هنگامن ۾ مبتلا ٿي وئي. سنڌ جي حاڪمن تي هميشہ (نادرشاهي) ڍل جي بقايا رهجي ويندي هئي، جنهنڪري انهيءَ بقايا جي وصوليءَ لاءِ ٻاهرين ڪاهن جو هڪ سلسلو جاري رهندو آيو. ان طرح نادر شاھہ جي ڪاھہ کان ٽالپرن جي راڄ جي خاتمي تائين، ڪو هڪ بہ اهڙو ڏهن سالن جو لاڳيتو عرصو نہ گذريو، جنهن کي خود هندستان ۾ منظم يا مستقل حڪومت چئي سگهجي. جڏهن ارڙهين صديءَ جي آخر ڌاري ٽالپر طاقت ۾ آيا، تڏهن سنڌ زبون حالت ۾ هئي. ان وقت سنڌ کي اهڙي حاڪم جي ضرورت هئي، جو استحڪام ۽ سڌاري جي طاقتور حڪمت عمليءَ سان حڪومت هلائي، پر ٽالپر سنڌ کي زراعت، صنعت يا واپار کي ترقي ڏيارڻ ۾ ڪامياب نہ ٿي سگهيا. زراعت ۽ آبپاشي نظر انداز ٿيڻ سبب ۽ صنعت ۽ واپار تي ڳاٽي ڀڳا محصول مڙهڻ سان حالت ويتر بگڙي وئي.
سنڌ پنھنجي اقتصادي ڍانچي ۾ تمام گهڻا لاها چاڙها ڏٺا. هن دؤر ۾ سنڌ صنعتي عروج ۽ زوال ڏٺو ۽ زراعت ۽ واپار جي حوالي سان مختلف تبديليون ڏٺيون. هن دؤر ۾ سنڌ جي مجموعي معيشت ڀيانڪ تبديلين جي دؤر مان گذري ۽ انهن تبديلين وقت ۽ حالتن جي مطابق سموري ڍانچي تي پنهنجا اڻ مٽ اثر ڇڏيا، جيڪو روايتي ڍانچو سنڌ جي اقتصادي خوشحاليءَ جو اهم محرڪ هو.
سنڌ جي واپار بہ هن دؤر ۾ عالمي تناظر ۾ آيل تبديلين سميت داخلي حالتن جي مدِنظر پنهنجا پساھہ پورا ڪيا ۽ سڄي دنيا ۾ سنڌ پنھنجي اهم شناخت پنھنجي اندروني ڪمزورين، ٻاهرين سازشن ۽ تبديلين جي ڪري وڃائي ويٺي.
انگريز دؤر: جيتوڻيڪ سنڌ ۾ انگريزن جو دور 1843ع کان شروع ٿيو، پر ان کان سؤ سال اڳ ئي مجموعي طور گڏيل هندستان ۾ انگريزي شهنشاهيت سندن تجارتي مھم جوئيءَ جو نتيجو هئي، جنهن هيٺ ئي هنن ملڪ تي قبضو ڪيو. برطانيہ جي سفارت کي، سنڌ جي تجارتي اهميت جي گهڻو وقت اڳ سڻس پئجي وئي هئي. سر ٿامس رو، نير جي واپاري وکر کي تمام گهڻو اهم سمجهندو هو ۽ اهو سنڌ ۾ تمام گهڻو ٿيندو هو. سنڌ ۾ قلمي شورو بہ تمام گهڻو پيدا ٿيندو هو، هن مشھور وکر بہ سندن ڌيان ڇڪائي ورتو هو، اهوئي سبب آهي جو انگريزن کي ٺٽي شھر ۾ سال 1765ع ۾ واپاري ڪوٺي کولڻي پئي، اها ڪوٺي ٽيهارو سال کن هلي. ان وقت تائين انگريزن جي منزل تجارت کانسواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪانہ هئي. اٽڪل هڪ صديءَ جي خاموشيءَ کانپوءِ هنن وري سنہ 1758ع ۾ سنڌ اندر واپاري چرپر شروع ڪئي، هن دؤر ۾ سندن ڪوٺي 17 سال کن هلي. انگريزن جون اهي ٻئي ڪوششون فقط تجارتي مقصد لاءِ هيون، هنن پنھنجي اڻ اورچ سڀاءَ سبب سنڌ ۾ واپار ڳنڍي وڌو هو، پر هنن جڏهن ٻيو ڀيرو سنڌ مان واپاري ڪوٺي پٽي هئي تہ انهيءَ وقت سياسي حالتون مٽجي ويون هيون، ان وقت انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني فقط هڪ تجارتي ادارو ڪونه رهيو هو، پر هن هندستان جي چڱي ڀاڱي تي پنهنجو راڄ قائم ڪري ڇڏيو هو، تنهنڪري ضروري ٿي پيو هو تہ اها اهڙين سگهارين قوتن جي ضرور ڄاڻ رکي، جيڪي اڳتي هلي ڪمپنيءَ لاءِ ڏچو ثابت ٿيڻيون هيون. ارڙهين صديءَ جي گذرڻ سان انگريزن جي تجارتي نيت هڪدم بدلجي وئي. هنن 1799ع ڌاري سنڌ ۾ پنھنجي ريزيڊنسي قائم ڪئي، جنهن جا ٻٽا مقصد هئا ۽ اها ڏيڍ سال مس هلي. ان عرصي کانپوءِ سياسي وفدن جي شروعات ٿي، جيڪي 1809ع، 1820ع، 1831ع ۽ بعد ۾ بہ ايندا ويندا رهيا، جن مان آخري مرحلي جا اهڃاڻ ڏسجي رهيا هئا.
1799ع ۾ حالتون گهڻيون بدلجي چڪيون هيون، سنڌ ۾ ٽالپر دؤر شروع ٿي چڪو هو. ٻئي پاسي بمبئيءَ جو گورنر سنڌ ۾ واپاري ڪوٺي کولڻ کي اهم سياسي ڪم سمجهي رهيو هو. هاڻي انگريزن جو سنڌ ۾ ڪوٺي کولڻ جو مقصد تجارت ڪرڻ نہ هو. آخرڪار مقامي حڪمرانن سان ڳالھہ ٻولھہ کانپوءِ اگسٽ 1799ع ۾ انگريزن کين هڪ مڪمل پروانو عطا ٿيو، جنهن مطابق کين اهي رعايتون ملي ويون، جيڪي ڪلهوڙن جي دؤر ۾ هنن کي مليل هيون.
ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي سنڌ ۾ کوليل واپاري ڪوٺيءَ مان 109659 روپين جو نقصان ٿيو. ان رقم کانسواءِ مختلف وقتن تي اميرن ۽ ٻين ماڻهن کي 23145 روپين جيتريون سوکڙيون پاکڙيون بہ ڏنيون ويون هيون. انگريزن انهيءَ نقصان عيوض سنڌ جي ٽالپرن جي سڀاءَ جو وسيع تجربو حاصل ڪري ورتو. کين ٿوري تجربي وسيلي اها پروڙ پئجي وئي تہ سياسي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪو اڳ ۾ تجارت وارو رنگ، ڍنگ ۽ ڍونگ استعمال ڪري رهيا هئا، تنهن کي ترڪ ڪرڻ کپي ۽ ان بدران سڌاسنوان سياسي وفد روانا ڪيا وڃن.
انگريزن وفد موڪلي معاهدن واري ڏاڪي کانپوءِ مڪمل طرح سنڌ تي قابض ٿيڻ جو منصوبو جوڙي ورتو. آخرڪار سر چارلس نيپيئر ڊسمبر 1842ع جي پڇاڙيءَ ۾ سنڌ جي ٽالپر اميرن سان وڙهڻ لاءِ فوج وٺي روانو ٿيو ۽ 17 فبروري 1843ع تي مياڻيءَ جي ويجهو جنگ ٿي، جنهن ۾ انگريزن کي ڪاميابي حاصل ٿي. مياڻيءَ جي جنگ ۾ برطانيا جي سوڀ کانپوءِ بہ سنڌ ۾ اڃا ڪيترا اهڙا قبيلا ۽ سرڪش شخص هئا، جن برطانوي حڪومت کي نہ مڃيو هو ۽ اهي برطانوي فوجين سان هڪ هڪاڻي ڪرڻ لاءِ تيار هئا، تنهنڪري برطانوي حڪومت طرفان جاگيرن کي موروثي قرار ڏئي، جاگيردار طبقي کي حڪومت جو وفادار بنائڻ واريءَ پاليسي تي عمل ڪيو ويو.
انگريزن، سياسي اقتدار ماڻڻ کانپوءِ سنڌي عوام تي حڪومت ڪرڻ لاءِ حڪمت عمليءَ طور زميندار، جاگيردارن ۽ پيرن کان سهڪار ورتو. هنن سنڌ ۾ قطعي نبرڻ لاءِ زميندارن جو هڪڙو طبقو پيدا ڪيو، جيڪو سندن واسطي وفادار رهيو. اهو طبقو انگريزن لاءِ نہ رڳو ڍل وٺندو هو، پر عوام کي بہ پنھنجي ضابطي ۾ رکندو آيو.
انگريز راڄ قائم ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي اقتصادي ڍانچي ۾ بنيادي تبديليون رونما ٿيون ۽ سنڌ جي معيشت ۾ وڏي تبديلي برپا ٿي. سنڌ جي زراعت، صنعت ۽ واپار پنھنجي ابتدا هڪ نئين رخ سان ڪئي. زراعت جي حوالي سان سنڌ جي آبپاشي نظام ۾ بهتري آندي وئي. واپار ۽ صنعت ۾ ريلوي جي قيام هڪ نئون روح ڦوڪيو.
انهيءَ وقت سر بارٽل فريئر پنھنجي واپاري ميلن (ٽريڊ فيئر) واري تجربي کي شروع ڪري چڪو هو. پهريون ميلو ڊسمبر 1852ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايو ويو، اُن ميلي هندستان، بلوچستان، افغانستان ۽ ايران جي اڪثر علائقن کان سمورن نمونن وارين شين جي وڏن ۽ ٺاهوڪن واپاري ميڙن کي گڏائڻ جو ڪم ڪيو. ان سان گڏوگڏ سمنڊ رستي بہ واپار جاري رهيو. ان وقت جي اهم جنسن ۾ چين ۽ بنگال جو ريشم، انگريزي ويڪري بر وارو ڪپڙو، عام انگريزي شالون ۽ ڪپھہ مان جوڙيل ڪيترن قسمن جو رنگين توڙي اڇو ڪپڙو شامل هو، اهي سموريون شيون بمبئيءَ کان اينديون هيون. بنگال، چين، منيلا، باٽاويا ۽ ملبار کان کنڊ گهرائي ويندي هئي. ڪارا مرچ، ٽامو، هنرن مان ٺهيل شيون ۽ انگريزي ڪپھہ جا ڌاڳا وغيره، شيون بمبئيءَ کان اينديون هيون. گجرات بہ ڪپھہ موڪليندو هو. هوڏانهن، ايراني نار کان گهرائجندڙ شين ۾ کجور، موتي ۽ ٻانھا شامل هئا. پرڏيهي واپار ۾ سڀ کان مُلهائتي جنس آفيم هو، جيڪو ٺٽي رستي مارواڙ کان ايندو هو. پرڏيھہ ويندڙ ٻين شين ۾ گيھہ نير، مڃٺ، اُن ۽ کاري مڇي شامل هونديون هيون. هٿ جي ٺهيل شين ۾ کنڊ، ڪارا مرچ ۽ گرم مصالحن منجهان ڪجهہ حصو قلات وسيلي قنڌار ۽ قابل ويندو هو. سامونڊي واپار يعني ڪراچي بندرگاھہ ۽ ان جي تجارت جي واڌويجهہ متعلق معلومات ملي ٿي: 1851ع تائين رڳو هڪڙو انگريزي سامونڊي جھاز بندرگاھہ ۾ گهڙيو هو ۽ ٻيو ڪيترن ورهين کان پوءِ مس داخل ٿيو. ننڍڙا ٻاڦ وارا جھاز ايندا ۽ ويندا رهيا، پر سوئيز ڪئنال کولڻ تائين ٻاڦ وارن جهازن، هندستان جي يورپ سان ٿيندڙ تجارت ۾ حصو ورتو. بهرحال 1854ع-1855ع ۾ بندرگاھہ جا لنگهہ ايڏا سُڌري چڪا هئا، جو ان ۾ ڏھہ هاڪاريندڙ جھاز داخل ٿيا، تنهنڪري 1859ع ۾ ڪسٽم جي ڪليڪٽر فخر وچان ڄاڻايو تہ پاڻيءَ جا ساڍا اوڻيھہ فوٽ گهيريندڙ جھاز حفاظت سان داخل ٿيا ۽ گهٽ ۾ گهٽ پنجويهن جهازن کي، جن تي پنج سؤ کان هڪ هزار ٽن مال لڏيل هو، بندرگاھہ تي بيهڻ جي سهولت ڏني وئي، تنهنڪري انهن پنهنجا لنگر لاٿا. خوشحاليءَ واري شاندار سال 1863ع-1864ع ۾ چوهتر هزار ٻہ سؤ ايڪونجاھہ (74251) ٽن مال سان لڏيل 155 ٻاڦ تي هلندڙ جھاز بندرگاھہ ۾ داخل ٿيا، منجهائن ايڪهتر پرڏيهي بندرگاهن تان ۽ چوراسي هندستان کان آيا هئا.
سنڌ مان پرڏيھہ ويندڙ اهم شين ۾ ڪڻڪ بہ شامل هئي، جنهن جو واپار تيزيءَ سان وڌيو پئي، تنهنڪري سنڌ ۽ پنجاب ۾ آبپاشيءَ جي ڦهلاءَ سان واڌ جاري هئي. ڪڻڪ سکر، لاڙڪاڻي ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ وڏي پيماني تي پوکي وڃي ٿي. اُن جي وڏي حصي جي منزل انگلنڊ ۽ ٻيا يورپي ملڪ هئا ۽ ڏيهي ٻيڙين جي ذريعي ڪڻڪ ڪڇ ڏانهن اماڻي ويندي هئي. ان کان سواءِ ڪپھہ اهميت جي حوالي سان ٻئي نمبر تي هئي ۽ سنڌ جي اٽڪل اڌ پيداوار حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ خاص ڪري جمڙائو واھہ تي پوکي ويندي هئي ۽ سڀ کان پهرين ضلعي جي فيڪٽرين ۾ موڪلي ويندي هئي، جتان ٽاڻڻ کانپوءِ اها ڪپھہ ريل رستي ڪراچي اماڻي ويندي هئي. ڪراچيءَ مان ان کي جهازن ذريعي ٻاهر موڪلڻ لاءِ هائيڊرالڪ وسيلي ٽاڻيو ۽ کيس اُجاريو ويندو هو. سموري ڪپھہ هيمبرگ ۽ ائنٽ ورڀ ڏانهن پاڻيءَ جي جهازن وسيلي موڪلي ويندي هئي. ان کان سواءِ تيلي ٻج ڪپھہ جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي پرڏيهي واپار جي مُلھہ ۾ وڌيڪ اهميت رکندڙ هو. اُهي بنيادي طور حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ اُتر سنڌ ۾ پوکيا ويندا هئا. تُوريي ۽ تر جو وڏو مقدار ساليانو ڪراچيءَ کان ٻاهر موڪليو ويندو هو، جيڪو ’نج ليوڪا تيل‘ ٺاهڻ ۾ واپرايو ويندو هو. سڻڀ ۽ ٻين مقصدن لاءِ واپارئجندڙ توريو فرانس، جرمني ۽ آسٽريليا سميت انگلنڊ ڏانهن بہ موڪليو ويندو هو. ان کان سواءِ کلون ۽ چمڙو ڪراچيءَ کان پرڏيھہ موڪليا ويندا هئا، جنهن جو وڏو حصو سنڌ جي پيداوار هو. اُهي وڏي پيماني تي حيدرآباد ۽ سکر ۾ سهيڙي پرڏيھہ اماڻيندڙن کي سونپيون وينديون هيون. کلن ۽ چمڙي جي ڪجهہ حصي کي اُجاري رڱيو ويندو هو. چمڙو يورپ جي اٽڪل سمورن ملڪن ۾ ۽ وري کلون خاص ڪري آمريڪا ڏانهن موڪليون وينديون هيون. ان کان علاوہ اُن، نير، چانور، جانورن جا هڏا اهم برآمد مان هئا.
1901ع جي آدمشماري مان پتو پوي ٿو تہ سنڌ جي ماڻهن جو گهٽ حصو صنعتي هنرمنديءَ سان لاڳاپيل هو ۽ ان ننڍڙي حصي مان بہ سُٺو حصو پرڏيهي ماڻهن تي آڌاريل هو. هٿ جي هنرن ۾ موچڪي ڪرت بہ هئي، جنهن ۾ ڪافي ماڻهو رُڌل هئا. اها ڪرت گهڻوڪري سوچين ۽ موچين جي هٿ ۾ هئي. پهريون لفظ سنڌ، مارواڙ ۽ ڪڇ جي جُتيون ٺاهيندڙ هندن ڏانهن ۽ ٻيو لفظ سنڌ ۾ عام طور مينگهواڙ قبيلي لاءِ استعمال ڪبو هو/ آهي. ان کان سواءِ چمڙي جي رڱائي جي هنر سان بہ ماڻهو لاڳاپيل هئا. ان کان سواءِ اوني ڪپڙو، ڪپھہ اُڻڻ، ريشم ٺاهڻ، رڱائي، ٻيڙيون ٺاهڻ، ڀرت ۽ زريءَ جو ڪم، جنڊيءَ جو ڪم ٺڪر تي چٽسالي، نيرولي جو ڪم، ڌاتن تي ميناڪاري ۽ پتل جي ٿانون جي ڪم جھڙا هنر مروج هئا.
ان کان سواءِ اقتصادي سرشتي ۾ ڍل جو نظام بہ رياستي ڪمائيءَ جو ذريعو هو. ٽالپر دؤر ۾ جيڪو ڍل جو سرشتو هو، برطانوي حڪمراني شروع ٿيڻ تي هو سرشتو هڪدم تبديل نہ ٿيو. جيتوڻيڪ رياستي جمع بندي پيداوار جي ٽين پتيءَ تائين محدود ڪئي وئي. جن زمينن تي پاڻي گهربل چرخيءَ سان کنيو ويندو هو، تن زمينن تان فصل جي تناسب سان چوٿين پتي ورتي ويندي هئي. ڍل هڪ روپيو اٺ آنا في بيگهو (ويسو) مقرر ڪئي وئي هئي، جيڪا لاڙ سنڌ ۾ ٻہ روپيا ڏھہ آنا في ايڪڙ ۽ اُتر سنڌ ۾ ٻہ روپيا اٺ آنا مُلھہ برابر هئي. پراڻين فين کي ساڳئي وقت رد ڪيو ويو ۽ پيداوار جي پنجين پتيءَ برابر يا ڍل تي ڇھہ سيڪڙي جي روڪڙ جمع بنديءَ واري حالت ۾ خرار ۾ چار ڪاسا سڀني لاءِ هڪ جيترا لاڳو ڪيا ويا، ان کي عامل کاتي تي ايندڙ لاڳت ڀري ڏيڻ ۾ بدلايو ويو. خرار ۾ ٽن ڪاسن جو آبيانو يا پيداوار ۾ ويهين پتي لاڳو ڪئي وئي.
سر چارلس نيپيئر طرفان 1846ع ۾ جاري ٿيل محصولي قاعدن ۽ ضابطن هيٺ، روڪ ادائيگيءَ واري سرشتي جي آڳاٽي طريقي ۾ متبادل فائدي کي مڃيو ويو، پر منجهس ٿورڙي ڪاميابي ٿي. اپريل 1848ع ۾ بمبئيءَ جي گورنر سر جارج ڪلارڪ، جيڪو پرنگل جي ڪمشنر مقرر ٿيڻ کان پوءِ سنڌ آيو ۽ مڪمل طور سموري سرشتي جي کوجنا ڪيائين، تنهن هيٺينءَ ريت لکيو: ”غير يقيني ۽ اڻپورائي ڏسڻ کانپوءِ مون کي افسوس سان چوڻو ٿو پوي تہ ملڪ اسان جي تحويل ۾ هوندي بہ پنھنجي پاڻ لاءِ ڪو فائدو نہ ورتو.“
بيڊن پاويل پنھنجي برطانوي هندستان ۾ زميني سرشتي‘ ۾ واضح طور ڄاڻايو آهي تہ: 1847ع ۾ ديواني انتظام لاڳو ٿيڻ تي، ستن ورهين جو نبيرو فصلن جي ماپ ۽ رعيتي زمين تي فرضي قيمتن جي سرڪاري حصي ۾ ڦيرڦار ۽ زمينداري زمينون جزوي رقم موجب کڻت وسيلي ڪيو ويو. نتيجي طور قيمتون گهٽجي ويون، جو ڍلون ڳريون ثابت ٿيون ۽ 1853ع-1854ع ۾ نبيرو فصل جي ورڇ واري پراڻي مقامي سرشتي جي موٽ ۽ ڍل جنس ۾ وٺڻ جي عام مطالبن وچ ۾ رد ٿيو. ساڳئي وقت محصولي انگ تمام گهڻو نامناسب رهيو. ڪنهن بہ ڳوٺ جو نقشو نہ هو ۽ نہ ئي ڳوٺن جي تعلقي وار فهرست موجود هئي. حد بنديون ۽ مهاڳا غير واضح هئا ۽ زمين- داخلا جو پتو نہ هو. سموري موجود رائج ڄاڻ ان شخص جي نالي تي ٿيندي هئي، جنهن کي ڍل ڏيڻي هوندي هئي، تنهنڪري ’عام سروي ۽ سيٽلمينٽ‘، روينيو سروي کي اوائلي دور ۾ مڪمل ڪرڻ ۽ وري ڪجهہ وقت کانپوءِ سيٽلمينٽ شروع ڪرائڻ جو فيصلو ٿيو. سيٽلمينٽ عملدارن کي سنڌ ۾ تنهن وقت هلندڙ جاگرافيائي سروي لاءِ ڳوٺاڻن- مهاڳن جا نشان لڳائڻا هئا ۽ پوءِ ٻنين جي ماپ، ڳوٺاڻي- ماپ ڀرڻ، زمين جي درجابندي ۽ نبيرو ڪرڻ هئا.“
انگريز دؤر ۾ سنڌ جي اقتصادي ڍانچي جي اوسر هڪ نئين انداز ۾ ٿي. ان کي جديد دنيا جي تقاضائن سان ڳنڍيو ويو ۽ ان جديد انداز کي ڪامياب ۽ ممڪن بنائڻ لاءِ هر سطح تي وسيلن جي فراهميءَ کي ممڪن بنايو ويو تہ جيئن اهو عمل لاڀائتو ثابت ٿئي. سنڌ جي زراعت کي جديد آبپاشي نظام ذريعي وسعت ڏني وئي ۽ اُن جي اُپت جي واپار لاءِ هر قسم جا ممڪن ذريعا ۽ وسيلا پيدا ڪيا ويا. سنڌ جي واپار کي ريل ۽ ڪراچي بندرگاھہ جهڙن اهم قدمن ذريعي وڌيڪ آسان بڻايو ويو. سنڌ ۾ هڪ جديد انتطامي نظام رائج ڪري ڪمائيءَ جا نوان ذريعا پيدا ڪيا ويا ۽ اهڙا انيڪ انقلابي قدم هئا، جن سنڌ جي زوال پذير ٿيل اقتصادي ڍانچي ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو. نوان ادارا ۽ نظام قائم ڪيا ويا، جن جي ذريعي بہ ماڻهن جو ڪافي تعداد پنھنجي ذريعہ معاش سان لڳي ويو. انگريزن جو دؤر سنڌ جي بنيادي انتظامي، سماجي ۽ اقتصادي ڍانچي ۾ هڪ تمام وڏي تبديلي برپا ڪئي.
سنڌ جي اقتصادي حالت قيام پاڪستان کانپوءِ: انگريزن جي دؤر ۾ سنڌ انتظامي ۽ اقتصادي حوالي سان هڪ نئين دنيا سان روشناس ٿي، پر هڪ اهم خيال جيڪو ان وقت سنڌ جي باشعور ۽ تعليم يافتہ ۽ اهلِ دل ماڻهن جي ذهنن ۾ هو تہ ڪهڙيون بہ مراعتون هجن، پر غلامي وري بہ غلامي آهي. ان کانسواءِ اهي ماڻهو جيڪي انگريز سرڪار جي آڻ نہ مڃندا هئا انهن کي سزائون ڏنيون وينديون هيون. اهو احساس بہ هر ماڻهوءَ جي دل ۾ گهر ڪري ويهي رهيو هو تہ ان وقت هڪ خاص طبقو ئي آهي، جيڪو انگريزن جو مراعت يافتہ آهي ۽ اهو جاگيردار طبقو سنڌ جي بنيادي سياسي ۽ سماجي تبديلي ۾ رڪاوٽ آهي. جڏهن وچئين طبقي جي اوسر ٿي ۽ سنڌ سميت گڏيل هندستان جو ماڻهو عالمي حالتن کان روشناس ٿيو تہ کيس غلاميءَ جو احساس شدت سان وڪوڙي ويو ۽ ائين انگريزن جي خلاف مزاحمت لاءِ صف بندي ٿيڻ لڳي ۽ هڪ مزاحمت جنم ورتو جيڪا اڳ ۾ ئي انگريزن جي خلاف موجود هئي، پر نئين ۽ باشعور طبقي بہ صفبندي ڪرڻ شروع ڪئي. جيستائين سنڌ جو تعلق آهي تہ ’حر تحريڪ‘ اڳ ۾ ميدان ۾ موجود هئي، جيڪا ڀرپور نموني سان انگريزن جي خلاف مزاحمت ڪري رهي هئي. هڪ ٻي ڳالھہ جيڪا گڏيل هندستان ۾ ٿي اها هيءَ هئي تہ هتي مذهبي انتهاپسنديءَ کي بہ هٿي ڏني وئي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ انگريزن ”ويڙهايو حڪومت ڪريو“ واري سوچ تي عمل ڪندي ان کي پاڻ هوا ڏني هئي، پر نتيجو ابتڙ نڪتو. نتيجي ۾ ان مزاحمتي رنگ جا ٻہ اهم رخ سامهون آيا، جن جو هڪ محرڪ تہ انگريزن جي غلاميءَ مان نجات هو ۽ ٻيو محرڪ مسلمان قوم جي تصور جو اڀار هو. انگريزن خلاف پرامن جدوجھد وارو مؤقف رکندڙ ڪانگريس وجود ۾ اچي چڪي هئي ۽ ٻئي محرڪ وري مسلم ليگ کي جنم ڏنو. نتيجي ۾ گڏيل هندستان جي سياست هڪ اندروني ٽڪراءَ جي ور چڙهي وئي.
پاڪستان جي قيام کانپوءِ سنڌ پنھنجي اقتصادي ڍانچي ۾ مجموعي ملڪ لاءِ هڪ اهم اقتصادي وسيلو ثابت ٿي. هتي مختلف معدني وسيلا ڳولي هٿ ڪيا ويا، صنعت ڪاري ڪئي وئي ۽ واپار جي دنيا هڪ نئين دؤر ۾ داخل ٿي. ان سان گڏوگڏ سنڌ پنھنجي زراعت واري شناخت کي برقرار رکيو. سنڌ معدني حوالي سان هڪ خوشحال خطو ثابت ٿي، هتي تيل، گيس ۽ ڪوئلي جا وڏا ذخيرا هٿ ڪيا ويا. وڏي پئماني تي سنڌ ۾ صنعت ڪاري ڪئي وئي.
سنڌ ۾ ڪوئلن جي ذخيرن ۾ لاکڙا ۽ ميٽنگ ڪوئلي جا ذخيرا لڌا ويا. ٿاڻي بولا خان وٽ سيلٽائيٽ جا ذخيرا آهن ۽ اتي فلر مٽيءَ جا ذخيرا بہ موجود آهن. روهڙي، خيرپور- ڪوٽڏيجي وٽ الائيٽ جزن واري مٽي جا ذخيرا موجود آهن. ڪراچي وٽ گهڻي تعداد ۾ اهڙا جبل آهن، جن مان مٽي نڪري ٿي، جيڪي ’ناري‘، ’گچ‘ ۽ ’منڇر‘ فارميشن سڏجن ٿا. گچ فارميشن جي مٽي سيمنٽ ٺاهڻ جي ڪم ايندي آهي. هن علائقي ۾ ’ميٽان‘ (Metan) نالي مٽي ملي ٿي، جا سبز مائل خاڪي رنگن جي طبقه دار مٽي آهي، جنهن ۾ جپسم موجود آهي. هيءَ مٽي سيمنٽ ٺاهڻ جي ڪم ايندي آهي ۽ ان جا ذخيرا وسيع پيماني تي موجود آهن. هن وقت ٿر ۾ اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ٿاريي هاليپوٽا سائيٽ تان ڪوئلي جو تمام وڏو ذخيرو مليو آهي. ماهرن موجب ڪوئلي جو اهو ذخيرو 175 ارب ٽن جو آهي.
گئس جي ذخيرن ۾ ماڙي گيس جو علائقو، خيرپور گئس جو علائقو، جيڪب آباد گيس جو علائقو، ڪوٽهار جو گئس جو علائقو، روڊو جي گئس فيلڊ، ساري ۽ هندي گئس فيلڊ (ٿاڻي بولا خان لڳ) موجود آهن. سليڪا ريت جي ذخيرن ۾ جنگ شاهي، ميٽنگ، دادو، مکڻ مول، ڪراچي، سانگهڙ، جهمپير، ڪوٽڙي ۾ هن جا ذخيرا موجود آهن. هيءَ مٽي شيشي سازي لاءِ موزون آهي.
جهمپير لڳ هوا جي ذريعي يعني ونڊمل پاور پوائنٽ وڏي مقدار ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جي رٿا تي ڪم هلي رهيو آهي ۽ ڪجهہ مقدار ۾ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي، جيڪا پاڪستان ۾ موجود توانائيءَ جي بحران کي صحيح نموني منصوبه بندي ڪرڻ سان گهڻي قدر گهٽائي سگهي ٿي. ائين سڄي سنڌ، گئس، تيل، ڪوئلي وغيرہ جي معدني وسيلن جي صورت ۾ پاڪستان جي مجموعي اقتصادي ڍانچي ۾ روزانو اربين ۽ کربين روپين جو حصو ادا ڪري ٿي. ساڳيءَ طرح سنڌ جي زراعت اڄ بہ ڪيترن مسئلن جھڙوڪ: پاڻيءَ جي کوٽ ۽ قدرتي آفتن باوجود پاڪستان جي اقتصادي ڍانچي ۾ پنھنجي زرعي شناخت قائم رکيو اچي.
ساڳيءَ طرح پاڪستان جي واپار ۾ سنڌ جي گاديءَ واري شھر جو ’ڪراچي بندرگاھہ‘ اهم حيثيت جو حامل آهي. جنهن جو شمار ڏکڻ ايشيا جي وڏن ۽ ڪاروباري بندرگاهن ۾ ٿئي ٿو. هن بندرگاھہ جو انتظام ’ڪراچي پورٽ ٽرسٽ‘ جي حوالي آهي، جيڪو ادارو اوڻويهين صديءَ ڌاري قائم ٿيو ۽ هي بندرگاھہ وزارت جي حوالي سان منسٽري آف پورٽس ۽ شپنگ، گورنمينٽ آف پاڪستان جي نطرداريءَ هيٺ آهي. سنڌ جي هن اهم بندرگاھہ جو پاڪستان جي واپار ۾ تمام اهم حصو آهي.
ان کان علاوہ سڄي سنڌ ۾ صنعتن جو هڪ ڄار وڇايل آهي، جنهن ۾ ڪپڙي ٺاهڻ جون فيڪٽريون، سيمنٽ ٺاهڻ، جوس ٺاهڻ، دوائون ٺاهڻ ۽ مختلف ضرورت جي شين جون فيڪٽريون سنڌ ۾ قائم آهن، جن ۾ سنڌ ۽ پاڪستان جي مقامي وڏي افرادي قوت پنهنجو گذر سفر ڪري ٿي. سنڌ جو عام ماڻهو هارپو، مزدوري ۽ دڪانداري بہ ڪري ٿو. ورهاڱي کانپوءِ ٿيل لڏپلاڻ ۾ سنڌ جي شھري آباديءَ جي واپار تي ٻاهران آيل پناهگيرن جو گهڻو اثر آهي، پر اهو مجموعي طور تي سنڌ جي گڏيل اقتصاديات ۾ پنهنجو حصو ونڊي ٿو.
سنڌ صنعتي، زرعي، معدني وسيلن سان مالامال خطو آهي. سڄي پاڪستان جو 70% روينيو سنڌ ادا ڪري ٿي. اهو بہ اقتصادي حوالي سان مرڪزي سطح تي هڪ اهم ڪارنامو آهي. ڏٺو وڃي تہ پاڪستان جي سڄي اقتصادي ڍانچي ۾ ملڪي مجموعي آمدنيءَ ۾ سنڌ تمام اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، پر وسيلن جي صحيح ورڇ نہ هئڻ ڪري سنڌ جو عام ماڻهو اڄ بہ غربت واري زندگي گذاري رهيو آهي. سنڌ پيداوار جي حوالي سان پاڪستان جو ٻيو نمبر وڏو صوبو آهي، جنهن مان ملڪ کي وڏي آمدني ٿئي ٿي. سنڌ جي اقتصاديات واري صنعتي رخ ۾ سڀ کان وڌيڪ حصو ڪراچيءَ جو آهي، جيڪو ملڪ جو سڀ کان وڏو ڪاروباري شھر ۽ پاڪستان جي معيشت ۾ ڪرنگهي واري هڏي جي حيثيت رکي ٿو. هن ملڪ جو ڪاروبار، صنعت و حرفت ۽ سڄي ملڪ جي ماڻهن جو ذريعہ معاش هن شھر سان لاڳاپيل آهي. ڪراچيءَ ۾ موجود اسٽاڪ ايڪسچينج جو بہ ملڪ جي مجموعي صنعت ۾ تمام وڏو ڪردار آهي. سڄي ملڪ جي مختلف خطن جا ماڻهو هن شھر ۾ روزگار سانگي اچن ٿا. دنيا جي وڏن ملڪن جا سفارتخانا هن شھر ۾ موجود آهن. هن شھر ۾ تمام وڏا صنعتي علائقا آهن، جتي سيمنٽ، پلاسٽڪ، ڪپڙو ۽ ٻِيو سامان وغيرہ ٺاهيو وڃي ٿو. هن شھر ۾ روزگار جا ڪيترائي موقعا هئڻ سبب سڄي ملڪ جا ماڻهو هن شھر طرف ڇڪجي اچن ٿا. ملڪ جو اهم بندرگاھہ بہ هن شھر ۾ موجود آهي، ان ڪري ئي سنڌ جي هن صنعتي، جديد ۽ واپاري شھر جي اهميت پاڪستان جي مجموعي معيشت ۾ تمام گهڻي آهي. ايتري قدر جو پرڏيهي سيڙپڪارن جي سيڙپ جو بہ هي شھر وڏو مرڪز آهي، هتي امن و امان جي ٿوري بہ بگڙجندڙ صورتحال سڄي ملڪ جي معيشت کي تمام وڏو ڌچڪو ڏئي ٿي. ان ڳالھہ مان ڪراچيءَ جي اقتصادي اهميت تمام واضح نظر اچي ٿي. هن شھر ۾ وڏيون واپاري منڊيون آهن، جتي پوري ملڪ مان وکر اچي ٿو ۽ منتقل ٿئي ٿو.
ڪراچيءَ ۾ هزارين ڪارخانا ۽ فيڪٽريون آهن، جيڪي ملڪي ضرورت ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. صنعت ۽ حرفت جي لحاظ کان هي شھر ۽ ملڪ ۾ مرڪزي حيثيت رکندڙ آهي. هڪ طرف ڪراچي سائيٽ ايريا ٻي طرف ويسٽ ايريا سان رستو ملي ٿو، ائين هي سڀ کان وڏو صنعتي علائقو آهي، هتي فارميسيءَ جا ڪافي ڪارخانا آهن، جن ۾ دوائون ٺھن ٿيون، ڪورنگيءَ ۾ ريفائنريون آهن، لانڍي ۾ گارمينٽس ۽ ٽيڪسٽائيل فيڪٽريون، بن قاسم ۾ آٽو موبائل زون، بورڊ ايريا ۾ ماربل انڊسٽري، ٽاور ايريا ۾ بينڪ هيڊ آفيس، اسٽاڪ ايڪسچينج وغيرہ گلشن حديد لڳ پاڪستان اسٽيل مل اهم آهن. ائين ڪراچيءَ ۾ موجود اهي سڀ صنعتي وسيلا ملڪي معيشيت، ضرورتن، روزگار ۽ ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، جنهن سان نہ رڳو ملڪ جي آمدنيءَ ۾ اضافو ٿئي ٿو، پر لکين ماڻهن جو روزگار بہ ان سان وابستہ آهي. ڪراچي اڄ بہ پوري ملڪ ۾ بدلجندڙ دنيا سان پنھنجي ڪاروباري حيثيت سبب چٽاڀيٽيءَ ۾ آهي.
مجموعي طور تي سنڌ پاڪستان جي معيشت ۾ تمام اهم جاءِ والاري ٿي. هتان جا معدني وسيلا، جن ۾ گيس، تيل ڪوئلو وغيرہ اچي وڃن ٿا، زراعت ۾ ڪپھہ، چانور، ڪمند، ڪڻڪ، ڪيلا ۽ انب اهم حيثيت رکن ٿا، جن جي ذريعي سنڌ پاڪستان جي آمدنيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿي. ان کان سواءِ هتي جي صنعت ۽ واپار بہ سنڌ جي ان اقتصادي حيثيت جي افاديت کي قائم رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا.
جديد دؤر جي تقاضائن جي حساب سان سنڌ وٽ اڃا بہ اهڙا وسيلا آهن، جن جي صحيح استعمال سان سنڌ اقتصادي حوالي سان دنيا جي سامهون هڪ نئين رنگ سان نروار ٿي سگهي ٿي، پر انهن لاءِ صحيح حڪمت عمليءَ جي ضرورت آهي، جنهن سان نہ رڳو بيروزگاريءَ جو خاتمو اچي سگهي ٿو، پر اها مقامي افرادي قوت، جيڪا غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي، انهن جي زندگيءَ ۾ بہ انقلاب برپا ٿي سگهي ٿو. رڳو موجودہ ۽ نون لڌل وسيلن جي صحيح ۽ عام مقامي ماڻهوءَ جي مفادن وٽان استعمال ۽ حڪمت عمليءَ جي ضرورت آهي. سنڌ جا سڄڻ سنڌ جي ورڇ ۽ سنڌ جي حقن تي ڌاڙن خلاف آواز اٿاريندا اچن ٿا.