دٻي جي جنگ جو نقشو
سنڌ ۾ انگريزن جو دور حڪومت:
ٽالپرن جي دور ۾ سنڌ جيئن ته رياستن ۾ ورهايل هئي ۽ انهن ٽنهي رياستن جو پاڻ ۾ ڪو اتحاد ۽ انتظامي جوڙجڪ نه هجڻ ڪري، سنڌ پنهنجي خطي ۾ هڪ طاقتور ملڪ طور اُڀري نه سگهي. افغانستان ۾ جنگ هارائڻ کانپوءِ حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي ميرن جا انگريزن سان لاڳاپا خراب ٿي چڪا هئا، البت خيرپور جي حڪومت انگريزن جي حامي هئي. اهڙيءَ ريت انگريزن، ميرن جي پاڻ ۾ نااتفاقي ڏسي،
17 فبروري 1843ع تي مياڻيءَ جي ميدان تي، حيدرآباد جي ٽالپرن کي شڪست ڏئي سنڌ تي قبضو ڪيو. حيدرآباد تي قبضي کانپوءِ چارلس نيپئر حيدرآباد جي قلعي تي چڙهائي ڪندي، ٽالپر اڳواڻن کي گرفتار ڪري، بمبئي موڪلي ڇڏيو. مياڻيءَ جي جنگ کانپوءِ 24 مارچ 1843ع تي ميرپورخاص جي حڪمران مير شير محمد ماڻڪاڻي ۽ انگريزن جي وچ ۾ ’دٻي واري جنگ‘ لڳي. (وڌيڪ ڏسو: ’دُٻي جي لڙائي‘، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ڇهون، ص 67) هن جنگ ۾ مير صوبدار خان جي بهادر جرنيل شهيد هوش محمد شيديءَ جي بهادريءَ، کيس سنڌ جو سپوت بڻائي ڇڏيو. مير صوبدار خان ۽ مير محمد خان اختلافن جي ڪري مياڻيءَ جي جنگ ۾ شامل نه ٿيا هئا، پر هوشو شيدي، مير صوبدار جي منع ڪرڻ باوجود به وطن جي آزاديءَ ۽ سلامتيءَ خاطر مياڻيءَ ۽ دُٻي جي جنگ ۾ بهادريءَ سان وڙهي شهيد ٿيو. خيرپور رياست جي مير علي مراد، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي ميرن خلاف انگريزن جي مدد ڪئي، ان ڪري 1843ع ۾ انگريزن پاران سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ به خيرپور رياست، 110 سالن تائين ميرن جي حڪمرانيءَ هيٺ رهي، بعد ۾ هندستان جي ورهاڱي کانپوءِ، 1954ع ۾ ون يونٽ جي قائم ٿيڻ سان، خيرپور رياست کي ختم ڪيو ويو.
سنڌ جي تاريخ ساکي آهي ته سنڌ جو باغي روح ڪڏهن به غلاميءَ واري زندگيءَ تي راضي نه رهيو آهي. تاريخ جي اوائلي دورن کان وٺي عربن تائين ۽ عربن کان ميرن جي صاحبيءَ تائين، سنڌ جي ماڻهوءَ جو ڌارين حاڪمن خلاف بغاوت، جدوجهد ۽ ويڙهه جو هڪ لازوال تسلسل رهيو آهي، ميرن جي شڪست کانپوءِ ان ڪا اجتماعي قومي جنگ ته نه وڙهي آهي، پوءِ به سنڌ جي تاريخ جو باب قوم جي آزاديءَ واري جذبي کان خالي نه رهيو آهي. انگريزن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي، ان ڪري سندن خلاف، ننڍي کنڊ جي ٻين قومن سان گڏ سنڌي ماڻهن به ’آزاديءَ جي تحريڪ‘ ۾ پنهنجو حصو ۽ ڪردار ادا ڪيو آهي، ان سڄي صورتحال کي سمجهڻ لاءِ، انگريزن جي سنڌ تي قبضي جي پسمنظر تي هيٺ روشني وجهجي ٿي.
• سنڌ تي انگريزن جي حوسي نگاهه ۽ سندن قبضي جو پس منظر:
سنڌ، تاريخ ۾ قدرتي وسيلن ۽ مالي طور هميشه هڪ شاهوڪار ملڪ رهي آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي، جو ان جي شاهوڪاريءَ، خوشحاليءَ ۽ سرسبزيءَ هر دور ۾ سامراجي قومن کي سنڌ تي ڪاهي اچڻ لاءِ پئي هرکايو ۽ همٿايو آهي. جڏهن برطانيا، صنعتي دور ۾ داخل ٿي، سامراجي حيثيت حاصل ڪري ورتي ته ان کي پنهنجي تيار صنعتي مال جي وڪري لاءِ وڌ ۾ وڌ منڊين (Markets) ۽ بيٺڪن (Colonies) جي ضرورت محسوس ٿي ۽ گڏوگڏ ان کي مقامي صنعت جي ترقيءَ، واڌ ۽ جاري رهڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪچي مال (Raw material) جي گهرج پڻ پئي. سنڌ ۽ هند جا ملڪ، جيئن ته قدرتي ۽ مالي وسيلن جي لحاظ کان ڏاڍا شاهوڪار هئا، پر هتي جو سماج ساڳئي وقت سياسي ابتريءَ، سماجي ڀڃ ڊاهه ۽ اقتصادي بدحاليءَ جو به شڪار هو، جنهن صورتحال انگريزن کي اهو وجهه پيدا ڪري ڏنو ته اهي هتي پنهنجو تسلط ۽ قبضو قائم ڪن. اهڙيءَ طرح انگريزن سنڌ ۽ هند ۾ پنهنجي واپاري مفادن جي پورائيءَ ۽ مضبوطيءَ لاءِ 31 ڊسمبر 1602ع ۾ ’ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ‘ (East India Company) نالي هڪ واپاري ڪمپني قائم ڪئي ۽ ان ڪمپنيءَ 1612ع تائين شهنشاهه جهانگير جي زماني ۾ هندستان جي ٽن اهم شهرن: احمدآباد، سورت ۽ بمبئيءَ ۾ پنهنجون ’واپاري ڪوٺيون‘ قائم ڪري ورتيون، انگريز هن خطي ۾ ظاهري طرح ته واپاري نقطه نگاهه کان آيا، پر ان جي پٺيان سندن معاشي، سامراجي ۽ سياسي مفاد لڪل هئا. هتي اها ڳالهه واضح رهي ته 16 صديءَ عيسويءَ تائين يورپي قومن کي سنڌ جي باري ۾ ڪا خاص ڄاڻ نه هئي. ابتدا ۾ پورچوگيز سياح ۽ سامونڊي ڦورو هتي آيا، ۽ 1555ع واري ٺٽي جي ’تاريخي ڦرمار‘ سندن ڪارنامو هئي. 1612ع ۾ پهريون انگريز سياح ائنٿوني اسٽارڪي، جهاز ۾ ٺٽي ۾ پهتو، جنهن سنڌ جي واپار بابت ڄاڻ گڏ ڪئي. سنڌ جي واپاري حيثيت ۽ اهميت کان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي سر ٿامس رو، 24 نومبر 1615ع تي هڪ خط لکي آگاهي ڏني. انگريزن 1616ع ۾ شهنشاهه جهانگير سان جيڪو واپاري ٺاهه ڪيو، ان جي شرطن ۾ اها ڳالهه به شامل هئي ته کين سنڌ ۾ واپار ڪرڻ جي اجازت هوندي. انگريزن جو هڪڙو واپاري وفد 1635ع ڌاري جهاز رستي سنڌ ۾ لاهري بندر پهتو ۽ ان وقت ٺٽي جي مغل نواب سندن آجيان، خاطر تواضع ۽ حوصلي افزائي ڪئي، هن وفد اتي رهي، سنڌ جي واپاري مال جو تفصيلي جائزو وٺي، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي سنڌ مان نير، ڪپڙي، آفيم ۽ ٻئي مال جي ’روانگيءَ‘ (Export) بابت تعريفي خط لکيا. 1612ع کان 1736ع تائين سنڌ تي مغل صوبيدارن جو سڌو ۽ اڻ سڌو اثر قائم رهيو. انگريز تاجر (Traders) ڪلهوڙن جي حڪومت جي قيام تائين سنڌ ۾ وقت به وقت واپار ڪندا رهيا، پر واپاري ڪوٺي قائم ڪري نه سگهيا. 22 سيپٽمبر 1758ع ۾ سنڌ جي حاڪم غلام شاهه ڪلهوڙي، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ايجنٽ رابرٽ سيمپٽن کي ٺٽي ۾ واپاري ڪوٺي کولڻ جي اجازت ڏني، جنهن تي ٺٽي، نصرپور، مٽيارين ۽ هالن جي هزارين ڪورين، سنڌ جي تاريخ جي وڏي ۾ وڏي ’هٽ تاڙ‘ ڪئي. (لفظ هٽ تاڙ اڳتي هلي ’هڙتال‘ بنجي ويو آهي) ڳتي هلي، سنڌ جي حاڪم ميان سرفراز خان ڪلهوڙي 1775ع ۾ انگريزن جي ٺٽي مان واپاري ڪوٺي ختم ڪرائي ڇڏي.
1783ع ۾ هالاڻيءَ ۾ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي وچ ۾ فيصله ڪُن جنگ لڳي، جنهن ۾ ڪلهوڙن شڪست کاڌي ۽ ٽالپر سنڌ جا حڪمران بنجي ويا. مير فتح علي خان ٽالپر جي دور ۾ انگريزن وري ’واپاري ڪوٺين‘ کولڻ لاءِ ساهه کنيو. هنن مير فتح علي خان سان سول سروس جي هڪ عملدار، ناٿن ڪرو (Nathan Crow) وسيلي ڳالهين جا دور هلايا ۽ ان ريت هن انگريز عملدار واپار سان گڏ سنڌ ۾ ميرن جي حڪومت جي ’سياسي جاسوسي‘ به ڪئي، جنهنڪري مير فتح علي خان کيس هڪ سال کانپوءِ سنڌ ڇڏي وڃڻ جو حڪم ڏنو. 1800ع ۾ ناٿن ڪرو سنڌ ڇڏي ۽ برطانوي سرڪار کي ٽالپرن حڪمرانن جي ڪمزورين ۽ سنڌ جي سياسي حالتن جا تفصيل ۽ سنڌ تي قبضي ڪرڻ لاءِ سموريون حڪمت عمليون لکي روانيون ڪيون. 1802ع ۾ مير فتح علي خان جي وفات کانپوءِ مير غلام علي خان ٽالپر تخت تي ويٺو. هن جي مير ٺاري خان سان اقتدار تان اڻبڻت رهي. ان کان سواءِ 1803ع ۾ شجاع الملڪ افغانيءَ سنڌ تي حملو ڪري، ميرن سان ٺاهه ڪيو ۽ کانئن خراج (ڏن) طلب ڪيو. اهڙين حالتن ۾ مير غلام عليءَ پنهنجو هڪ ايلچي بمبئيءَ ڏياري موڪليو ۽ انگريزن سان ماضيءَ جي غلطيءَ جي معافي وٺي، ساڻن عهدنامي ڪرڻ جي آڇ ڪئي. 18 جولاءِ 1808ع تي ڪئپٽن ڊيوڊ سيٽن، حيدرباد ۾ ميرن سان تجارتي ۽ سياسي نوعيت جو هڪ ٺاهه ڪيو، ۽ بعد ۾ ميرن جي ڪمزوريءَ ۽ سياسي نااهليءَ جو فائدو وٺي، انگريزن وقت به وقت ساڻن ڪيترا معاهدا ڪيا. اهڙيءَ ريت انگريزن
22 آگسٽ 1809ع، 1816ع، 9 نومبر 1820ع، 20 اپريل 1832ع، اپريل 1838ع، ڊسمبر 1838ع، جنوري 1839ع ۽ 5 فبروري 1839ع تي ٿيندڙ ٺاهن دوران آهستي آهستي ڪري پنهنجا واپاري، سفارتي ۽ سياسي لاڳاپا مضبوط ڪري ورتا. ايتري قدر جو 1834ع ۾ شاهه شجاع الملڪ شڪارپور تي حملو ڪيو ۽ جڏهن پنجاب جي حڪمران رنجيت سنگهه (جنهن جي گهڻي وقت کان خواهش هئي ته سنڌ جهڙو شاهوڪار ملڪ هٿ ڪري) ميرن کي ڊيڄارڻ لاءِ پنهنجي فرينچ فوجي مشير وينچورا (Ventura) کي سنڌ جي سرحد تي فوجي مشقون ڪرائڻ لاءِ چيو، ته انهن موقعن تي ميرن انگريزن سان فوجي معاهدا ڪيا، جن موجب انگريزن کي سنڌوندي استعمال ڪرڻ ۽ انگريزي فوجن کي سنڌ مان ڪابل وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. انگريزن سنڌونديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي ٽالپرن جي خودمختياريءَ جي احترام جو عهد ڪيو هو، پر جڏهن واٽرلو جي فاتح ڊيوڪ آف ويلنگٽن فيصلو ڪيو ته جنگي حڪمت عمليءَ جي اهميت واري بکر ٻيٽ تي قبضو ڪجي، ته ان لاءِ کل جوڳو دليل ڏنو ويو ته جيئن ته اهو ٻيٽ سنڌونديءَ جي وچ تي آهي، ان ڪري ان تي قبضي ڪرڻ سان ميرن جي خودمختياريءَ جي ڀڃڪڙي نه ٿي ٿئي. هند جي گورنر جنرل لارڊ آڪلينڊ، سنڌ جي زميني ۽ درياهي سروي لاءِ نومبر 1839ع جي آخر ۾ برنس جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ وفد موڪليو، جنهن کي ظاهري طرح اتر هندستان، افغانستان، بخارا ۽ ايران ۾ سياحتي مقصد لاءِ موڪليو ويو. اهڙيءَ طرح ميرن سان ٿيل ٺاهه ۽ برنس جي ان مهم وسيلي انگريز افغانستان (درياهه وسيلي) ويا، جنهن جي پٺيان هنن جا مختلف سياسي مقصد لڪل هئا، جهڙوڪ: سکن کي هيسائڻ ۽ وچ ايشيا ۾ وڌندڙ روسي طاقت کي روڪڻ ۽ خاص ڪري افغانستان ۾ شڪست کائڻ کانپوءِ سنڌ ان ڳالهه لاءِ هنن کي موزون نظر آئي. اهڙيءَ طرح ميرن جي ڪمزور سياسي پوزيشن جو انگريز ايجنٽ ۽ وڪيل فائدو وٺندا رهيا. سندن سياسي جاسوسيءَ جي نتيجي ۾ انگريزن نيپولين جنگين ۾ ڊيوڪ آف ويلنگٽن جي پسنديده جونيئر آفيسر سر چارلس نيپئر کي بمبئيءَ ۽ بنگال جي فوجي دستن جو ڪمانڊر ڪري سنڌ موڪليو، جيڪو 25 سيپٽمبر 1842ع تي فوجون وٺي سنڌ پهتو. هن ميرن جي اختلافن جو فائدو وٺي، منهوڙي، ڪوٽڏجي ۽ امام ڳڙهه جي قلعن تي قبضو ڪري ورتو. 17 فبروري 1843ع تي مياڻيءَ جي ميدان ۾ سخت جنگ لڳي، جنهن ۾ ميرن جو بلوچ لشڪر 27000 جي تعداد ۾ هو، جن وٽ 12 جنگي توبون هيون، جڏهن ته انگريزن جو لشڪر 2800 هو، جيڪو جديد توبن ۽ ٻئي جنگي سامان سان مسلح هو. ٿارنسٽن (Thornston) لکيو آهي ته تلوارن ۽ ڍالن سان هڪ کان وڌيڪ ڦڙت حملن ۾ سنڌين برطانوي لشڪر کي لرزائي پوئتي ڌڪي ڇڏيو، پر اهي جديد هٿيارن ۽ حڪمت عمليءَ اڳيان گهڻو بيهي نه سگهيا.
جنگ ۾ انگريزن جي سوڀ ٿي ۽ مير 18 فيبروري 1843ع تي پيش پيا. 21 فبروريءَ تي حيدرآباد جي قلعي تي يونين جيڪ جو جهنڊو بلند ٿيو ۽ مير حاڪم گرفتار ٿي پوني ۽ ڪلڪتي پهتا. پر سنڌ جو آزاد روح، هوشو شيديءَ جي روپ ۾ زندهه رهيو، جنهن شڪست نه قبولي هئي. هن ٽڙيل پکڙيل لشڪر هٿ ڪري 24 مارچ 1843ع تي دٻي [دو آٻي: ديهه ناريجاڻيءَ] ۾ انگريزن سان جنگ ڪئي ۽ تاريخي نعرو بلند ڪيو ته ”مر ويسون سنڌ نه ڏيسون“، بهادر هوشوءَ جي شهادت کانپوءِ انگريز سنڌ تي فاتح ٿي ويا.
ٽالپر حڪمرانن جي شڪست بعد عوامي نفرت، بغاوت ۽ ويڙهون: سنڌ جي تاريخ جو اهو هڪ عجيب ۽ منفرد باب رهيو آهي ته سنڌي ماڻهن حاڪمن جي شڪست کي ڪڏهن به قومي شڪست تسليم نه ڪيو آهي، ۽ وقتي حاڪمن جي شڪست کانپوءِ به انهن آڻ نه مڃي آهي ۽ نه ئي غلاميءَ کي پنهنجو مقدر مڃيو آهي.
ٽالپر حڪمرانن جي عوام کان ڪٽيل حڪومت ۽ سندن شڪست کانپوءِ به هتان جي ماڻهن جو مزاحمتي روح زندهه رهيو. هنن باوجود غير منظم هئڻ جي شڪست کي دلي طور قبول نه ڪيو. ڌارئين اقتدار لاءِ عوامي نفرت، بغاوت ۽ ويڙهه جا ڪيترائي مثال تاريخ ۾ ملن ٿا.
عوامي نفرت جي اظهار جا مثال:
سر چارلس نيپئر جنگي صلاحيتن ۽ چالبازين سان 1843ع ۾ جيئن ئي سنڌ فتح ڪئي ته هن اِيسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي لاطيني اصطلاح ۾ ٽيليگرام ۾ لکيو، ”PACAVI، جنهن جو مطلب ٻن قسمن جو ڪڍيو ويو. (1) ‘I have sinned’ مان مراد ته، ”مون سنڌ فتح ڪري ورتي“ ۽ ٻي معنيٰ اها ته مون (سنڌ تي قبضو ڪري) پاپ ڪيو آهي.“ جيڪڏهن اهو پويون مطلب ورتو وڃي ته کيس ندامت هئي، پر جي هن فخريه طور چيو هو ته مون وٽ هاڻي سنڌ آهي ته سندس جنگي ذهنيت جي عڪاسي ٿيندي. هونئن به انگريزن پنهنجي فائدي ۽ مقصد لاءِ سنڌ حاصل ڪرڻ ٿي گهُري. کيس انهيءَ فتح جي بدلي ۾ سنڌ جي گورنري ڏني وئي. واضح رهي 1843ع کان 1847ع تائين سنڌ هڪ جدا صوبو رهيو، جنهن جو گورنر سر چارلس نيپيئر مقرر ٿيو. سنڌ فتح ڪرڻ بعد انگريزن کي عوامي نفرت کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا:
(1) چارلس نيپئر گورنر جنرل ڏانهن فتح جو خوشيءَ ڀريو پيغام موڪلڻ کانپوءِ جڏهن ٽالپر حاڪمن جي خزاني ۽ محل کي لٽڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته ميرن جو خزانچي ديوان آوتراءِ ملڪاڻي کيس آڏو آيو. هن کانئس خزاني جون ڪنجيون گهريون، جيڪي آوتراءِ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. نيپئر کيس گولي هڻڻ جي ڌمڪي ڏني، پر آوتراءِ اٽل رهيو. ان کانپوءِ جڏهن نيپئر آوتراءِ کي قلعي مان عورتن کي ڪڍڻ جي انتظام لاءِ چيو (ڇو ته اهو ئي حرم ۾ وڃي سگهيو ٿي) ته آوتراءِ خزاني ۽ قيمتي شين سان ڀريل ڏوليون ٻاهر موڪليندو رهيو. جڏهن تيرهين ڏولي ٻاهر اچي رهي هئي ته هوا جي لهر سان پردو پاسيرو ٿي پيو ۽ ڏوليءَ اندر ڪوبه نظر نه آيو. جنهن کانپوءِ نيپئر انگريز عورتون اندر موڪليون ته بيگمن کي ٻاهر ڪڍن. نيپئر آوتراءِ جي ذهانت ۽ ديانت کان متاثر ٿي کيس نوڪريءَ جي آڇ ڪئي، پر هن ڌارين جي نوڪريءَ کي نفرت جوڳو فعل تصور ڪري انڪار ڪيو.
(2) 21 فبروري 1843ع تي جڏهن انگريزن حيدرآباد شهر جي شاهي بازار ۾ فوجين جي پريڊ ڪرائي ته شهر واسين (خاص ڪري عورتن) گهٽين ۽ گهرن جا دروازا بند ڪري، انگريزي فوج تي پٿرن جو وسڪارو لائي ڏنو. اهڙيءَ ريت بي هٿيار عوام ڌارين حڪومت جي آمد تي پنهنجي ڪاوڙ ۽ احتجاج جو مظاهرو ڪيو.
پهرين عوامي بغاوت: ٽالپر حڪمرانن، چارلس نيپئر جي آمد وقت ذهني طرح ۽ 17 فبروري 1843ع تي مياڻيءَ جي جنگ هارائڻ، 18 تاريخ انگريزن آڏو پيش پوڻ ۽ 21 فبروري 1843ع تي سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ حيدرآباد جي قلعي تي ’يونين جيڪ‘ جي جهنڊي ڦڙڪڻ سان اصولي طرح شڪست قبولي ورتي هئي. مير نصير خان، مير شهداد خان،
مير حسن علي خان، مير حسين علي خان، مير صوبدار خان ۽ مير محمد خان گرفتار ڪيا ويا. مير صوبدار خان باوجود غداريءَ جي، ٻين ٽالپر حڪمرانن سان گڏ هندستان جا جيل ڏٺا، پر سندس فوج جي بهادر سپهه سالار هوش محمد شيديءَ حڪمرانن جي شڪست کي سنڌي قوم جي شڪست مڃڻ کان انڪار ڪيو. مياڻيءَ جي جنگ ۾ حڪمت عمليءَ هيٺ حصو نه وٺندڙ ۽ انگريزن آڏو پيش نه پوندڙ ميرپورخاص جي مير شير محمد ٽالپر ماڻڪاڻيءَ سان ملي، هوشو شيديءَ کيس دل ٻڌائي، 12000 لشڪر سان دُٻي جي ميدان تي وٺي آيو ۽
24 مارچ 1843ع تي دُٻي (دو آٻي) جي جنگ ۾ هوشوءَ جو سدا حيات نعرو بلند ٿيو ته: ”مر ويسيون، پر سنڌ نه ڏيسون“. جيتوڻيڪ مير
شير محمد خان جنگ جي ميدان مان کسڪي ويو، پر هوشو ۽ سندس عام سپاهي هڪ هڪ ٿي وطن تان گهورجي ويا. عام تاريخدان، مياڻيءَ جي جنگ جي هار کي انگريزن جي فتح جو ڏينهن تصور ڪن ٿا، پر حقيقت ۾ هڪ مهينو پوءِ هوشو شيديءَ جي دُٻي جي ميدان جنگ ۾ للڪار ’پهرين عوامي بغاوت‘ هئي.
ٻي بغاوت: انگريزن 1844ع ۾ پارڪر ۽ ڪنٺو، جنهن ۾ مٺي ۽ ڏيپلو به اچي ويا ٿي، ڪڇ جي اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ ريڪس جي چارج ۾ ڏئي ڇڏيا ۽ باقي ٿر- گڍڙي، ڇاڇري ۽ عمرڪوٽ سوڌو، حيدرآباد ضلعي سان لڳائي، ميرپورخاص جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي هٿ هيٺ ڏنو ويو. 1854ع تائين 11 سال ريڪس اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ رهيو، 1856ع ۾ ٿر ۽ پارڪر ٻئي ڀاڱا سنڌ جي ڪمشنر جي حوالي ڪيا ويا. 15 سال 1873ع تائين انگريز ڪرنل تروٽ جي سنڀال هيٺ هيءُ علائقو رهيو.
جيتوڻيڪ 12 مارچ 1843ع تي لارڊ ايلنبرو، وائسراءِ هند، شاهي اعلان رستي سنڌ (ٿر سميت) انگريزي حڪومت سان ملائي ڇڏي، پر ٿرپارڪر جي کوسن، سوڍن ۽ ڪولهين، پارڪر ۾ انگريزن جا پير کپڻ نه ڏنا. پارڪر جي سوڍي ’ڪرڻ جي‘ کي سوراچند ۽ راڻپور ڳوٺن ۽ ننگرپارڪر جي اڌ تي ميرن جي سند موجب خودمختياري مليل هئي، اهڙيءَ طرح ويراواهه جي سوڍي کي ويراواهه ۽ موکئيءَ جي رڻ جي پيدائش ۽ محصول ملندو هو، جيڪي حق انگريزن رد ڪري ڇڏيا ۽ حيدرآباد جي ڪمشنر ڪاردار موڪلي روينيو سروي ڪرائي ’چراگاهه ٽيڪس‘ پڻ انگريز حڪومت جي حوالي ڪرايو. راڻي ڪرڻ جي ۽ رتن سنگهه انگريزن کي ڍلن ڏيڻ کان ۽ ٿر تي انگريزن جي راڄ کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. 1846ع ۾ انگريزن رتن سنگهه سوڍي کي مات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن جي چوڻ تي سڄي ٿر ۾ وڏي بغاوت ٿي ۽ انگريز کيس مات ڪرڻ ۾ ناڪام ويا. آخرڪار تروٽ، انگريزن لاءِ ڪم ڪندڙ محمد علي شاهه جي خون ۾ کيس گرفتار ڪرائي، عمرڪوٽ قلعي ۾ گهرايو ۽ کيس 1866ع ۾ ڦاسي ڏني وئي. سندس گهوڙيءَ جي سنب جو نشان اڄ تائين امرڪوٽ قلعي جي دروازي تي ثبت آهي.
اهڙيءَ ريت ننگرپارڪر جي سوڍن، ڪولهين، ڀيلن ۽ کوسن 1859ع تائين ٿر تي انگريزن جي راڄ کي تسليم نه ڪيو. 15 اپريل 1859ع تي روپلي ڪولهيءَ، راڻي ڪرڻ جِي، سندس ڀاءُ ڀوپت سنگهه، ويراواهه جي راڻي لاڌوسنگهه، ٻهراڻي جي ٺڪر ڪلجي ۽ هزارين ڪولهين انگريزن خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو. روپلو ڪولهي پنجن هزارن ڪولهين جي اڳواڻي ڪندي ننگرپارڪر پهچي ويو، ننگر جي مختيارڪار ڏيئو مل اِن بغاوت جي خبر حيدرآباد موڪلي، جتان ڪمانڊنگ آفيسر ڪرنل ايونس جي اڳواڻيءَ ۾ ٿرڊ بلوچي رجمينٽ جي هڪ ونگ، ڪراچيءَ مان توبخانو ۽ هندستان جي شهرن ڏيسا، احمدآباد، حيدرآباد ۽ ڪڇ مان وڏيون فوجون ننگر روانيون ڪيون ويون، جن جي ڪمان لاءِ ڪرنل ايونس کي چيو ويو. مزاحمت گوريلا جنگ جو روپ اختيار ڪري ورتو. 3 مئي 1859ع تي سخت جنگ لڳي. ڪارونجهر جبل تي راڻي چندن جي جوڙايل قلعي ’چندن گڍ‘ کي انگريزن توبن سان اُڏائي ڇڏيو، جنهنڪري عوامي لشڪر ڇڙوڇڙ ٿي ويو ۽ ننگر شهر تي انگريزن قبضو ڪري ورتو. پر هيءَ جنگ 3 مهينن تائين يعني آگسٽ 1859ع تائين روپلي ڪولهيءَ جي مهنداريءَ ۾ جاري رهي. ان جنگ دوران سوڍي لاڌوسنگهه جي پٽ اڌيسنگهه لشڪر تيار ڪري ننگر ۾ انگريزن جي ٺڪاڻن تي حملو ڪيو ۽ جيل کي ڀڃائي سڀني کي آزاد ڪرايائين ۽ بندوق کڻي تروٽ جي تنبوءَ تي سڌو وڃي حملو ڪيائين، جيڪو اُتان ڀڄي لاڌو مينگهواڙ جي گهر وڃي لڪو.
اُڌيسنگهه سان گڏ پارڪر جا سوڍا به بهادريءَ سان وڙهيا. ٺڪرن مان لاڌوسنگهه، ڪرڻ جِي، رامجي، ورڻ، اُڌيسنگهه، ڪلجي، پونجي ۽ مهاسنگهه جي بهادريءَ جا قصا پارڪر ۾ مشهور آهن ۽ ڪولهين مان روپلو ڪولهي ۽ سندس ساٿي هن قومي جنگ جا هيرا آهن. 19 جون 1859ع تي انگريزي فوج ننگر جو اچي گهيرو ڪيو.
روپلو جنگ جاري رکيو آيو ۽ پنجن مهينن جي گوريلا جنگ کانپوءِ گرفتار ٿيو. هن کي لالچون ڏنيون ويون، پر راڻي ڪرڻ جو ڏس نه ڏنائين. انگريزن روپلي تي تمام گهڻو ٽارچر ڪيو، پر هن آڻ نه مڃي. البت راڻي جي دوست سيٺ مهاوجي لهاڻي ۽ هنس پوري ٻاوي غداري ڪري راڻي کي گرفتار ڪرايو. اُڌيسنگهه به گرفتار ٿيو، جنهن به آڻ نه مڃي ۽ 3 سال امرڪوٽ جيل ۾ رهيو. راڻي ڪرڻ جيءَ تي بغاوت جو ڪيس هلائي 1860ع ۾ کيس 14 سال ڪاري پاڻيءَ جي سزا ڏني وئي. ويراواهه جي ٺڪرن به آڻ نه مڃي، ان ڪري ننگر ۽ ويراواهه جي راڻن جون جاگيرون ضبط ڪيون ويون. ڀوڏيسر جي ٺڪرن کي وطن سان غداري ۽ انگريزن جي مدد جي عيوض 23 آگسٽ تي ڀوڏيسر جي ڳوٺ جي سالياني پيدائش ۽ ڇهه هزار ايڪڙ جاگير ڏني وئي. هنس پُوري ٻاوي کي جبل جي سموري پيدائش انعام طور ملي ۽ لاڌو مينگهواڙ کي تروٽ جو سر بچائڻ جي عيوض زمين جو ٽڪر مليو. سيٺ مهاوجي لوهاڻي جي غداريءَ کان خوش ٿي ڪرنل ايونس 20 آگسٽ 1859ع تي ڪمشنر سنڌ بارٽل فريئر کي خط لکي کيس اٺ هزار ويسا زمين انعام ۾ ڏياري.
آگسٽ 1859ع تائين پورا سورهن سال پارڪر تي انگريزن جو قبضو ڄمي نه سگهيو. روپلي جي شهادت کانپوءِ سمورو ٿر انگريزن جي هٿ ۾ اچي ويو. ائين سموريءَ سنڌ تي انگريزن جو قبضو ٿي ويو.
انگريز راڄ خلاف ٽين اهم بغاوت
1857ع جي جنگ آزادي ۽ سنڌ: انگريزي راڄ خلاف هند سنڌ ۾ بغاوت جو ٻج پوکجي چڪو هو، غيرت مند عوام انگريزن جي غلاميءَ کي قبولڻ لاءِ تيار نه هو، ان ڪري وقت به وقت ڌارئين اقتدار خلاف نفرت، بغاوت ۽ ويڙهه جا ڀنڀٽ ڀڙڪندا رهندا هئا. غلاميءَ، ماڻهن جي عزت نفس، احساسن، عقيدن، روايتن ۽ ڪردار کي سخت ڇيهو پهچايو هو، جيڪا ڳالهه خود انگريز عملدارن به پنهنجي لکڻين ۾ تسليم ڪئي آهي. سر ڊبليو ايڇ رسل لکيو آهي ته: ”هر انسان کي دنيا ۾ چار شيون پياريون آهن: ايمان، عزت، جان ۽ مال. اسان جي حڪومت انهن چئني شين کي سختيءَ سان هندستانين کان کسيو آهي، ان ڪري هتان جي عوام جي دلين ۾ (اسان جي خلاف) غصي جا جذبات موجود آهن.“ ليفٽيننٽ ولس به اها ڳالهه مڃي آهي ته، ”هندستانين جي عقيدن، احساسن، عادتن ۽ روايتن جو انگريز ڪو به لحاظ ڪونه ڪندا هئا.“ هنن ديسي صنعت کي هٿ وٺي تباهه ڪيو، ڏيهي فوجين سان ٻٽي پاليسي اختيار ڪئي، زراعت جو زوال آندو، مقامي دولت جي وڏي ڦرمار ڪئي ماڻهن جي عقيدن ۽ روايتن سان هٿ چراند ڪئي ۽ وڏي ڳالهه ته ملڪي سرحدن جو تقدس پائمال ڪري، پوري ننڍي کنڊ تي سامراجي قبضو قائم رکيو، جنهنڪري ڪٿان نه ڪٿان بغاوت جي چڻنگ دکندي رهندي هئي.
1857ع جي ’جنگ آزادي‘ به اهڙن واقعن مان هڪ اهم واقعو هو، جنهن کي انگريزن ۽ سندن ديسي درٻاري مؤرخن ’غدر‘ ۽ ’بلوي‘ جي نالي سان مشهور ڪيو آهي، جڏهن ته هيءَ جنگ، حب الوطنيءَ جي جذبي جو هڪ اعليٰ مثال هئي. هن جنگ ۾ هندستان وانگر سنڌ جي ماڻهن به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو هو، پر هند جي درٻاري مؤرخن ۽
سر سيد احمد خان وانگر سنڌ ۾ به ڪي سائينءَ جا سنواريا اهڙا هئا، جن هن حب الوطنيءَ جي عظيم معرڪي کي ’فساد‘ ۽ ’غدر‘ سان تعبير ڪيو آهي. خانبهادر سر خداداد خان لکي ٿو ته، ”1857ع ۾ هندستان جي اڪثر حصن ۾ عظيم فساد ۽ غدر پيدا ٿيو، ان ڪري سنڌ جي ڪيترن وڏن شهرن، ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ ڪي عملدار ۽ ڪي پلٽڻ جا سپاهي شورش ۽ فساد لاءِ تيار ٿي ويا ۽ نافرمان بنجي ويا، مگر آنربل گبسن، جڊيشنل ڪمشنر جي حسن انتظام سان هيءَ سخت مهم ختم ٿي وئي، فسادي بروقت گرفتار ڪيا ويا ۽ کين توبن سان اڏايو ويو ۽ ڦاسيون ڏنيون ويون.“
1857ع واري جنگ مئي 1857ع ۾، ميرٺ ۾ هندستاني فوجن جي بغاوت سان شروع ٿي هئي، جنهن لاءِ ملڪ جي ڌار ڌار حصن ۾ اڳواٽ ڳجهي تياري به ڪئي وئي هئي. جنگ ۾ پنجاب وارن انگريزن جو ساٿ ڏنو، جنهن ڳالهه جو اعتراف ڪندي، جان لارينس لکيو آهي ته: ”هن جنگ دوران جيڪڏهن پنجاب اسان جي هٿن مان نڪري وڃي ها ته اسان برباد ٿي وڃون ها.“ انگريزن، پنجابي سک ۽ مسلمان سپاهين جي مدد ۽ سگهه سان بغاوت کي چيڀاٽي دهليءَ تي قبضو ڪري ورتو. هن جنگ ۾ هندستان جي مختلف حصن جيان سنڌين پڻ خوب ملهايو ۽ انگريزن جو نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو. انقلابي، ساڌن ۽ درويشن جو روپ اختيار ڪري، ملٽري ڇانوڻين ۾ پيغام پهچائيندا رهيا. سنڌ ۾ هن تحريڪ جا ڇهه مرڪز هئا: (1) ميرپورخاص، (2) حيدرآباد، (3) ڪراچي، (4) سکر ۽ شڪارپور، (5) جيڪب آباد ۽ (6) شاهپور.
ميرپورخاص: هن مرڪز سان ميرپورخاص جي مير شير محمد ماڻڪاڻي ٽالپر جو واسطو هو، جيڪو دٻي واري جنگ (24 مارچ 1843ع) هارائي، پنجاب ۽ قنڌار طرف مدد لاءِ ويو هو، پر ڪٿان به مدد نه ملڻ جي صورت ۾ پنجاب جي ليفٽيننٽ گورنر وٽ پيش پيو. 1857ع جي آزاديءَ واري جنگ واري مرڪز سان مير صاحب جي واسطي جي شاهدي، لارڊ ايلفنسٽن به ڏني آهي، ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به لکيو آهي ته بظاهر هو خاموش هو، پر آزاديءَ جي علمبردارن سان سندس سلام ۽ پيغام جو سلسلو هلندو هو.
حيدرآباد: هيءُ انقلابي تحريڪ جو اهم مرڪز هو. فوج ۾ شامل انقلابي سپاهين 10 سيپٽمبر 1857ع تي حيدرآباد جي قلعي تي قبضي ڪرڻ جو ارادو ڪيو. هنن جو منصوبو هو ته حيدرآباد جي قلعي تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ خيرپور، روهڙي، بهاولپور ۽ ملتان تي قبضو ڪيو وڃي. توبخاني جي هڪ ڏيهي صوبيدار، ميجر ڪمانڊنگ آفيسر ليفٽيننٽ بيٽس ڪامبي کي اطلاع ڏنو ته فوج ۾ ڳجهيون گڏجاڻيون ٿي رهيون آهن، جنهن تي هڪدم فيصلو ڪري توبن جي چارج انگريز سپاهين جي حوالي ڪئي وئي. عملي ڪارروائيءَ لاءِ مقرر ڪيل ڏينهن (10 سيپٽمبر) تي انگريز عملدارن اڳ ۾ ئي 13 نيٽو انفنٽريءَ کي بي هٿيار ڪري ڇڏيو ۽ انقلابين جي ڳولا شروع ڪئي وئي ۽ 13 پيادل فوج جي هڪ حوالدار ۽ پنجن سپاهين کي 11 سيپٽمبر تي ڪورٽ مارشل ڪري، حوالدار کي توب سان اڏايو ويو ۽ چئن سپاهين کي جنم ٽيپ ڏني وئي. اهڙيءَ ريت هنن پنجن سپاهين جي گرفتاريءَ ۽ سزا سان حيدرآباد ۾ تحريڪ دٻجي وئي.
ڪراچي: 13 سيپٽمبر 1857ع تي ڪراچيءَ ۾ فوج اندر بغاوت جا آثار پيدا ٿيا، انقلابي سپاهين ڳجهه ڳوهه ۾ هڪ گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ سوچيو ويو ته، خاموش رهڻ درست نه آهي، هن وقت ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ گهرجي. ٻيءَ صورت ۾ هندستاني فوجن وانگر اسان کي به توبن سان اڏايو ويندو. ان گڏجاڻيءَ جي ڄاڻ ميجر ميڪ گريگو کي ٻن ڏيهي آفيسرن ڏني. اها خبر معلوم ڪري ڪراچي فوج جي آفيسرن بابت جانسٽن، بارٽل فريئر کي ٻڌايو ته، 21 نمبر پلٽڻ بغاوت ڪئي آهي ۽ اهي پنهنجي ڪارروائي ٻي وڳي صبح جو ڪندا ۽ يورپين جي قتل عام کانپوءِ حيدرآباد جي توبخاني تي قبضي ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا.
فريئر هڪدم انگريز عورتن ۽ ٻارن کي حفاظت واري هنڌ پهچايو ۽
12 وڳي رات جو ڪرفيو جو گهنڊ وڄايو ويو. سيڪنڊ يورپين فوج جون چار ڪمپنيون ۽ توبون پهچي ويون. ڪيپٽن ليٿ، پنهنجي ديسي فوج کي بي هٿيار ڪرايو ۽ سندن حاضري ڀرائي، خبر پئي ته 31 سپاهي گم هئا. ڀڄي ويل سپاهين جي ڳولا شروع ڪئي وئي، رستن ۽ پتڻن تي چوڪسيءَ جا آرڊر ڪڍيا ويا، گهوڙي سوارن جا جٿا ڳوٺن ۾ روانا ڪيا ويا. لسٻيلي ويجهو هڪ گهاٽي جهنگ مان 9 سپاهي هٿ ڪيا ويا، ڪراچيءَ جي اولهه ۾ 50 ميلن جي مفاصلي تي ڪن ٽڪرين ۾ 8 سپاهي لڪل نظر آيا، پر انهن گرفتاريءَ بدران وڙهي شهيد ٿيڻ کي ترجيح ڏني. 8 سپاهين جي شهادت ۽ 19 جي گرفتاريءَ کانپوءِ به چار سپاهي گم هئا. ڪل 19 سپاهين کي ڪورٽ مارشل ڪيو ويو، جن مان 7 کي سرعام ڦاسي ڏني وئي، ٽن کي توب سان اڏايو ويو ۽ باقي 9 سپاهين کي يورپي فوجين جي نگرانيءَ ۾ ڪاري پاڻيءَ موڪليو ويو. اهڙيءَ ريت 20 سيپٽمبر تي هن مرڪز جي جانفروشن کي موت ۽ سزا بعد تحريڪ کي ماٺو ڪيو ويو.
سکر ۽ شڪارپور: هي ٻئي شهر اتر سنڌ ۾ تحريڪ جا اهم ڳڙهه هئا، جتي مارٽينو جي لکڻ موجب حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ کان به وڌيڪ حالتون سنگين هيون. 20 سيپٽمبر جي شام جو پوليس جي سپاهين ذريعي انگريز آفيسرن کي اطلاع مليو ته شڪارپور ۾ ڏيهي فوج ۽ توبخاني جي سپاهين مان ڪيترن هڪ صوبيدار ۽ حوالدار جي اڳواڻيءَ ۾ ڳجهيون گڏجاڻيون ڪيون آهن، جن ۾ انگريزن خلاف سخت زبان استعمال ڪئي وئي آهي ۽ انهن مان ٽي چار سپاهي به گرفتار ٿي چڪا آهن. بهرحال، انهن ڳجهين گڏجاڻين رنگ لاتو ۽ 24 سيپٽمبر تي رات جو ڪن ’گوله انداز‘ سپاهين بغاوت ڪئي ۽ سڄو شهر توبن جي اوچتن ٺڪاون تي ٻري ويو. سپاهين کي چار توبون هٿ اچي ويون هيون ۽ هو مسلسل توبخاني ۽ بئرڪن ڏانهن گوليباري ڪري رهيا هئا. فوجي ڪمانڊر منٽوگمري، 14 ديسي فوج جي سپاهين ۽ پوليس جي مدد سان ٻن ڪلاڪن جي سخت بندوقبازيءَ کانپوءِ وڃي قبضو ڪيو. ٽي باغي سپاهي شهيد ٿي ويا ۽ 8 ڄڻا رات جي اونداهيءَ ۾ فائدو وٺي ڀڄي ويا.
سکر ۾ به ساڳيءَ رات باغي قاصد پهتو، پر يورپي سپاهين کيس پڪڙي، بروقت ڦاسي ڏئي ڇڏي. 25 آزادي پسند سپاهي خيرپور ۾ رياست پوليس طرفان گرفتار ڪيا ويا، جن کي 9- 10 آڪٽوبر تي ڪورٽ مارشل ڪيو ويو ۽ ڇهن ڄڻن- هڪ صوبيدار، هڪ حوالدار ۽ چئن سپاهين کي ڦاسي ڏني وئي. مير علي مراد خان جي پٽ مير خان ٽالپر'>شاهنواز خان ٽالپر هن تحريڪ کي چيڀاٽڻ جي سلسلي ۾ خيرپور کان شڪارپور تائين انگريزن جي وڏي مدد ڪئي ۽ پنجابين ۽ افغانين جي فوج وٺي، تحريڪ کي مڪمل طرح چيڀاٽڻ جي ڪوشش ڪئي.
جيڪب آباد: هيءُ هن تحريڪ جو خاص ۽ مضبوط مرڪز هو، هتي بمبئي انفنٽري رجمينٽ، بلوچ بٽالين، بنگال ڪئولري ۽ خاص
’سنڌ هارس رجمينٽ‘ موجود هيون. بمبئي انفنٽري بلوچ بٽالين ۽ بنگال ڪئولري، هن علائقي ۾ بغاوت کي روڪڻ لاءِ ڪافي هيون، پوءِ به انگريز ڪمشنر خطرو محسوس ڪري ايران مان جيمس آئوٽرام ۽ جنرل جان جيڪب کي مدد طور گهرائي، سندن ڪمان ۾ سنڌ جا ڌار ڌار علائقا ڏنا. جيڪب آباد جي ڪمان جان جيڪب سنڀالي، جتي هن تحريڪ جا سرگرم اڳواڻ: خان جلباڻي'>دريا خان جلباڻي ۽ دلمراد کوسو هئا. دلمراد کوسو، مير بجار خان ڊومبڪيءَ جو ساٿي رهي چڪو هو ۽ جڏهن مير بجار خان 1844ع ۾ ٻيو ڀيرو بغاوت ڪئي هئي ته هيءُ ان سان وڃي گڏيو هو. اهڙيءَ طرح مير بجار خان ڊومبڪيءَ سان خان جکراڻي'>دريا خان جکراڻي به پهرين بغاوت (1840ع) ۾ ساٿ ڏنو هو.
مير بجار خان ڊومبڪيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ کوسا، بجاراڻي ۽ ڊومبڪي انگريزن خلاف جانفشانيءَ سان وڙهيا. خان جکراڻي'>دريا خان جکراڻي پنهنجي قبيلي جو سردار هو ۽ 1840ع تائين انگريزن تي ٽي حملا ڪري چڪو هو ۽ انگريز ڪئپٽن ڪلارڪ ۽ سندس ساٿي هن جي هٿان ئي مئا هئا. خان کوسو'>دلمراد خان کوسو 1845ع ۾ گرفتار ٿيو ۽ آزاديءَ بعد ڳڙهي دلمراد ۾ رهڻ لڳو. جنگ آزاديءَ جي تحريڪ کي جيڪب آباد ۾ دريا خان ۽ دلمراد کوسي گڏجي منظم ڪيو. هنن جو ملتان ۽ لاهور جي مرڪزن سان باقاعدي رابطو هو. ملتان جي ٽپال پڪڙجڻ کانپوءِ ٻئي ڄڻا گرفتار ٿيا. جيڪب آباد جي سندن وطن پرست ساٿين مان ڪيترن کي توبن سان اڏايو ويو، ڪن کي ڦاسيون ڏنيون ويون، خان جکراڻي'>دريا خان جکراڻي ۽ دلمراد کوسي کي ڪاري پاڻيءَ جي سزا ڏئي انڊمان ٻيٽن ڏانهن روانو ڪيو ويو، جتي آخري پساهه پورا ڪري هي جوڌا جوان تاريخ جي ورقن ۾ هميشه لاءِ امر بڻجي ويا.
دادا سنڌيءَ، پنهنجي ڪتاب ’1857ع جي جنگ آزادي ۽ سنڌ‘ ۾ هن علائقي جي هڪ ٻئي بهادر سورمي جو به ذڪر ڪيو آهي، جنهن جو نالو جانو پٽ قيصر جکراڻي هو، جنهن ڪيترن ئي انگريزن کي ماريو هو. هن کي جڏهن گرفتار ڪيو ويو ته پوسٽن لکي ٿو ته، ”هن جا هٿ انگريزن جي خون سان رڱيل هئا.“ هيءُ جيل ۾ به ڏاڍو ارڏو رهيو. ايسٽوِڪ (Estivick) لکي ٿو ته، ”جانو جکراڻيءَ، آزاد ٿيڻ کانپوءِ انگريزن جا اٺ گهوڙيسوار ماريا.“
شاهپور: شاهپور ۾ هن تحريڪ جو سرواڻ سيد عنايت شاهه هو. هيءُ مرڪز، جيڪب آباد کان 40 ميلن جي پنڌ تي قلات جي دنگ تي هو. سيد عنايت شاهه، دريا خان ۽ دلمراد کوسي جو فڪري رهنما هو ۽ هن تر ۾ موجود مختلف ذاتين سان واسطو رکندڙ انقلابين کي عنايت شاهه جي مرڪز تان رهنمائيءَ جون هدايتون ملنديون هيون. سيد عنايت شاهه کي به دلمراد ۽ دريا خان سان گڏ گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس وڻ سان ٻڌي توب جو گولو ڇوڙيو ويو، پر توب نه ڇٽڻ سبب کيس آزاد ڪيو ويو. شاهه صاحب سڄي زندگي انگريزن جو سخت مخالف رهيو.
سنڌ ۾ انگريز راڄ خلاف جدوجهد ۽ تحريڪن جو ذڪر:
انگريزن جي فتح کان چار سال پوءِ 1847ع ۾، سنڌ کي بمبئي پرڳڻي سان ملايو ويو ۽ بمبئيءَ جي گورنر جي ماتحت ڪمشنري نظام قائم ڪيو ويو. سنڌ جو آزاد روح ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ غلاميءَ کي قبولڻ لاءِ تيار نه هو. سنڌ تي هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ قبضو ڪيو ويو هو، پر بمبئيءَ سان ان جو الحاق ’ٻٽي غلامي‘ جو نمونو هو، ان ڪري، سڀ کان اڳ سنڌ جي ساڃهه وند سياستدانن سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪئي، جنهن جو مختصر ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:
سنڌ جي بمبئيءَ کان آزادي: 1843ع ۾ انگريزن ٺڳيءَ ۽ دوکيبازيءَ سان سنڌ تي قبضو ڪري، سر چارلس نيپيئر کي حڪومت جون واڳون ڏئي، هتان جو گورنر بڻايو ويو. سر چارلس نيپيئر جي گورنريءَ جي عرصي پوري ٿيڻ بعد انگريزن سنڌ کي، جيئن مٿي ذڪر آيو آهي ته 1847ع ۾ بمبئي پرڳڻي سان ڳنڍي ڇڏيو هو. بمبئيءَ جي ماتحت ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ۾ گورنر جو عهدو ختم ڪري، هتي ڪمشنري نظام لاڳو ڪيو ويو ۽ پهريون ڪمشنر مسٽر پرنگل مقرر ٿيو، جيڪو بمبئيءَ جي گورنر جي ماتحت هو.
سنڌ کي بمبئيءَ سان ملائڻ جا ڪيترائي سبب هئا، پر مکيه سبب بمبئي سرڪار جي جن آفيسرن نيپيئر جي خامين ۽ گناهن جي اپٽار ڪئي هئي، سي سنڌ جا همدرد ته ڪونه هئا، پر هنن چاهيو ٿي ته سنڌ سندن قبضي ۾ رهي، ته جيئن سندن قبضي هيٺ ايراضي ۽ پيدائش ۾ واڌارو ٿئي. ٻيو ته انگريزن کي خوف هو ته افغانستان وانگر سندن قبضو سنڌ تي جٽاءُ ڪري نه سگهندو، ان ڪري سنڌ تي تسلط قائم رکڻ لاءِ انهن سمجهيو ٿي ته سنڌ تي بمبئيءَ جو قبضو ضروري آهي. ان لاءِ 1868ع ۾ ’سنڌ ائڪٽ‘ پاس ڪري، بمبئيءَ جي گورنر جا گهڻا اختيار ڪمشنر کي ڏئي، سنڌ کي مالي معاملن ۾ بمبئي کاتي جو ڳيجهو رکيو ويو. انگريزن جي پاليسي اها هئي ته سنڌ جي جاگيردارن، زميندارن، پيرن ۽ قومي سردارن کي رعايتون ڏئي، سندن مدد سان عام ماڻهن کي مطيع ۽ مجبور ڪيو وڃي، جنهنڪري هتان جا ماڻهو روز بروز ڪمزور ۽ محتاج ٿيندا ويا. جڏهن ته نوازيل ماڻهو ملڪيتون گڏ ڪندا ويا. بمبئي پريزيڊنسيءَ جو دارومدار ڪامورن تي هو، جنهن جو مک ڪمشنر جي عهدي وارو آفيسر هو. جنهن جو سنڌ ۾ وڏو ڏهڪاءُ هو. بيجا اختيارن سبب سنڌ ۾ رشوت، رسائي ۽ لاپي جو دستور عام ٿي ويو. کاتن جا عملدار سال ۾ هفتي ڏيڍ لاءِ بمبئيءَ کان ايندا هئا، رشوتون وٺي شڪار ڪري واپس ويندا هئا. سندن ڌيان عام ماڻهوءَ جي مفادن بجاءِ هڪ مخصوص طبقي کي سگهارو ڪرڻ رهيو. جنهنڪري سنڌ جي واهن، انصاف، تعليم ۽ صحت جي حالت زبون ٿيندي وئي. انگريز حڪومت جي پاليسيءَ هيٺ خوددار، صاحب همت ۽ وطن دوست زميندارن ۽ خاندانن کي هيسائي، پنهنجن ڇاڙتن ۽ جي حضور زميندارن جِي، زمينن ۽ لقبن ڏيڻ سان، مدد ڪئي ويندي هئي ۽ خوددار زميندارن کي تڪليفون ڏنيون ويون. مثلاً: سردار امام بخش جتوئي، الف خان پٺاڻ (شڪارپور)، مخدوم محمد زمان (هالا)، پير حزب الله شاهه پاڳاري، سيد محمد شاهه سنائي (جي ايم سيد جي والد) کي ڪيترين تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو.
’منٽو مارلي سڌارن‘ بعد سنڌ جي چئن ميمبرن کي بمبئي ڪائونسل ۾ چونڊجڻ جو حق مليو. انهن مان ٻه ميمبر قومي ڪارڪن هئا، هڪڙو هو سيٺ هرچندراءِ وشنداس ۽ ٻيو هو رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، جن بمبئي ڪائونسل تي وڃڻ شرط سنڌ جي عام مسئلن تي سر فيروز شاهه مهتا جي گروهه سان گڏجي دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي، جن رشوت، تعليم جي گهٽتائيءَ وغيره تي ڳالهايو، پر انهن جي ڳالهين تي ڌيان نه ڏنو ويو. بمبئي پريزيڊنسيءَ جي ماتحتيءَ ۾، سنڌ جا ماڻهو 1847ع کان 1908ع تائين انگريزن ۽ ديسي ڌارين جي اڪثريت جي تسلط هيٺ رهندا آيا. 1908ع ۾ سنڌ جي آزاديءَ جو احساس تڏهن پيدا ٿيو، جڏهن سيٺ هرچندراءِ وشنداس جي صدارت هيٺ ’سنڌ پراونشل ڪانفرنس‘ ڪٺي ٿي، ان ۾ سنڌ جي خاص مسئلن تي غور ڪيو ويو.
3 نومبر 1917ع تي سنڌ پراونشل ڪانفرنس جو خاص اجلاس حيدرآباد ۾ نون سڌارن جي مسئلن تي ويچار لاءِ گڏ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي جدائيءَ جي مسئلي تي غور ڪرڻ لاءِ سيٺ هرچندراءِ وشنداس، جيرام داس دولترام، درگداس آڏواڻي، نارائڻداس آنند جي بيچر ۽ رستم خورشيد سڌوا، هن ڪميٽيءَ جي ميمورينڊم تيار ڪري، سنڌ ۾ آيل سيڪريٽري آف اسٽيٽ مانٽيگو ۽ لارڊ چيلمسفورڊ ۽ وائسراءِ هند اڳيان پيش ڪيو.
جڏهن هندستان کي مليل سڌارن جي تعميل ۽ نون سڌارن جي سفارش لاءِ سائمن ڪميشن مقرر ٿي ته بمبئي ڪائونسل جي مسلمان ميمبرن جي مدد سان آگسٽ 1928ع ۾ سائمن ڪميشن سان تعاون ڪرڻ لاءِ هڪ صوبائي ڪميٽي سر شاهنواز ڀُٽي جي چيئرمنيءَ هيٺ ٺهي ۽ ان تي ٻيو ميمبر سيد ميران محمد شاهه کنيو ويو ۽ جڏهن اُها ڪاميٽي 12 نومبر 1928ع تي سنڌ ۾ آئي ته ايوب کهڙي جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ وفد سنڌ جي جدائيءَ لاءِ زوردار ڪيس پيش ڪيو. هن جدوجهد ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪردار شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ادا ڪيو ۽ ان ڏس ۾ سنڌي اخبار ’الوحيد‘ جو ڪردار به وساري نه ٿو سگهجي. هن محب وطن سياستدان، سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ جو سوال هندستاني سياسي جماعتن جي آڏو ڪاميابيءَ سان پيش ڪيو. سنڌ جي ٻن اهم هندو اڳواڻن: جيرامدس دولترام ۽ پروفيسر ايس. پي ڇٻلاڻيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ هندن هن سوال تي مخالفت ڪئي. باوجود ان جي شيخ صاحب هندو ۽ مسلمان اڳواڻن جي وڏي اڪثريت کان سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ واري سوال تي حمايت وٺڻ ۾ ڪامياب ويو. 18 جون 1928ع تي سنڌ جي هندو مسلمان ليڊرن جي گڏجاڻي ٽيڪمداس واڌو مل بئريسٽر جي جڳهه تي گڏ ٿي، جنهن ۾ 26 اهم هندو مسلم شخصيتن اتفاق راءِ سان سنڌ جي جدائيءَ بابت ٺاهه ڪيو، جنهن جو تفصيل 20 جون 1928ع جي روزانه ’الوحيد‘ ۾ شايع ٿيو هو.
17 جولاءِ 1928ع تي ڪراچيءَ ۾ هندو مسلم قومي ڪارڪنن سنڌ جي جدائيءَ جو اصول، گڏيل چونڊن جي شرط سان قبول ڪيو ۽ اهو ظاهر ڪيو ته سنڌي، سنڌ جي جدائيءَ بعد خرچ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
سنڌ محمدن ايسوسيئيشن به سائمن ڪميشن کي عرضداشت پيش ڪئي ته سنڌ جي بمبئي کاتي سان شموليت ڪنهن به طرح ٺهي ڪانه ٿي. دهليءَ ۾ آل انڊيا مسلم ڪانفرنس، 31 ڊسمبر 1928 ۽
1 جنوري 1928ع تي سر آغا خان جي صدارت ۾ ڪٺي ٿي، جنهن ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ته سنڌ کي جدا صوبو بنائي، جدا اسيمبلي ڏني وڃي. نومبر ۾ ئي آل پارٽيز ڪنوينشن ڪلڪتي ۾ سر حاجي عبدالله هارون،شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ بابا مير محمد بلوچ هڪ دستاويز ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرڻ جو ٺهراءُ پيش ڪيو. اهڙيءَ طرح خلافت ڪانفرنس سکر، آل انڊيا مسلم لئجسليٽرس ايسوسيئيشن به سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ جي گهر ڪئي. 31 مئي 1930ع تي سر شاهنواز ڀُٽي، صدر سنڌ محمدن ايسوسيئيشن حيدرآباد ۾ سنڌ جي زميندارن جي ڪانفرنس سڏائي، سنڌ جي جدائيءَ جو ٺهراءَ پاس ڪيو.
30 سيپٽمبر 1930ع تي جي ايم سيد ڪراچيءَ ۾ پنهنجي بنگلي تي جناح صاحب کي چانهن تي گهرايو، جتي علامه آءِ آءِ قاضي، حاتم علوي، ايوب کهڙو ۽ ميران محمد شاهه گڏ ٿيا، جتي کيس سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ واسطي گذارش ڪئي وئي. 26 مئي 1930ع تي خانبهادر محمد ايوب کهڙي، سيد علي محمد شاهه راشديءَ جي مدد سان هڪ ڪتاب ’سفرنگ آف سنڌ‘ نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ دليلن سان سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ لاءِ ڪيس پيش ڪيو ويو هو. 1 آڪٽوبر 1930ع تي خانبهادر ايوب کهڙي، حاجي عبدالله هارون ۽ جي ايم سيد، سر شاهنواز ڀُٽي ۽ جناح صاحب کي ڪراچيءَ ۾ دعوت ڏئي، گول ميز ڪانفرنس ۾ سنڌ جي جدائيءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لاءِ چيو. 12 نومبر 1930ع کان 19 جنوري 1931ع تائين لنڊن ۾ گول ميز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ ڪانگريس شرڪت نه ڪئي. سنڌ جي ٻن نمائندن: شاهنواز ڀٽي ۽ سر غلام حسين هدايت الله شرڪت ڪئي، جتي ٻنهي سنڌ جي جدائيءَ جي حق ۾ ڳالهايو.
ساڳئي سال 1931ع ۾ سيپٽمبر کان ڊسمبر تائين لنڊن ۾ ٻي گول ميز ڪانفرنس ٿي، جن ۾ سنڌ جا ساڳيا نمائندا ويا، اتي هندستان جي مختلف پارٽين جي وچ ۾ سمجهوتو ٿي نه سگهيو، ان ڪري وزيراعظم انگلنڊ مسٽر مئڪڊونلڊ کي فرقيوار مسئلي تي فيصلي جو اعلان ڪرڻو پيو، جنهن ۾ سنڌ جي جدائيءَ جو اصول قبول ڪرڻو پيو. سيپٽمبر 1932ع ڌاري ڪجهه فرقي پرست هندن ’اينٽي سنڌ سيپريشن‘ ڪاميٽي ٺاهي، پمفليٽ وغيره ڪڍيا، پر کين ڪا خاص حمايت ملي نه سگهي.
1932ع ۾ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس جو اجلاس شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي صدارت هيٺ اجمير ۾ ڪٺو ٿيو، ان ۾ بمبئي صوبي ۾ مسلمانن طرفان پنجن صوبن جي شرطن جي بنياد تي گڏيل چونڊن قبولڻ جو ٺهراءُ پاس ٿيو، جن شرطن مان سنڌ جي جدائيءَ جو شرط هڪ هو. ان ڪانفرنس کانپوءِ، مولانا شوڪت علي ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ گڏجي ان نموني تي بيان ڏنو. اهڙيءَ طرح ٻيو ڀيرو لکنؤ ۾
آل انڊيا يونٽي ڪانفرنس گڏ ٿي، جتي گڏيل چونڊن جي شرط تي
جناح صاحب جا 13 نڪتا قبول ڪيا ويا. آل انڊيا يونٽي ڪانفرس جو اجلاس الهه آباد ۾ گڏ ٿيو، جيڪو ٻن هفتن تائين هليو. ان موقعي تي سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار انڊيا اعلان ڪيو ته گول ميز ڪانفرنس ۽ برٽش سرڪار بمبئي پريزيڊنسيءَ کان سنڌ جي علحدگي اصولي طور قبولي آهي. 18 اپريل 1932ع تي ڪراچيءَ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي صدارت ۾ پهرين سنڌ آزاد ڪانفرنس گڏ ٿي. استقباليه ڪميٽيءَ جو چيئرمئن جي ايم سيد هو. ان ڪانفرنس ۾ خانبهادر ايوب کهڙي، حاجي عبدالله هارون، حاجي مير محمد بلوچ ۽ ميران محمد شاهه وغيره حصو ورتو. 15 نومبر 1932ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ علامه يوسف عليءَ جي صدارت ۾ ’ٻي سنڌ آزاد ڪانفرنس‘ ڪٺي ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي جدائيءَ جي حمايت ۾ ٺهراءَ پاس ڪيا ويا. ان موقعي تي سنڌ آزاد ڪانفرنس نالي سان جماعت قائم ڪئي وئي، جنهن جو صدر شاهنواز ڀٽو، نائب صدر ايوب کهڙو ۽ سيڪريٽري سيد ميران محمد شاهه کي چونڊيو ويو. ورڪنگ ڪاميٽيءَ تي ڪراچيءَ مان جي ايم سيد کي شامل ڪيو ويو. فرقي پرست هندن، 26 جنوري 1933ع تي ڪانفرنس ڪوٺائي ۽ سنڌ جي جدائيءَ جي مخالفت ڪئي. 5 فبروري 1933ع تي سنڌ آزاد ڪانفرنس جي ورڪنگ ڪاميٽي ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿي. وزيراعظم انگلنڊ جي سنڌ جي جدائيءَ جي اصول قبولڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو.
مارچ 1933ع ۾ انگلنڊ ۾ برٽش پارليامينٽ هندستان جي سڌارن جي بل جي مسودي تي غور ڪرڻ لاءِ جوائنٽ پارليامينٽري ڪميٽي مقرر ڪئي. ان ڪاميٽيءَ اپريل 1933ع تي، سنڌ آزاد ڪانفرنس کي تار موڪلي، سندس نمائندي کي سنڌ جي جدائيءَ لاءِ ڪيس پيش ڪرڻ واسطي لنڊن گهرايو. 20 جولاءِ تي کهڙي صاحب ڪاميٽيءَ آڏو سنڌ جو ڀرپور ڪيس پيش ڪيو.
جوائنٽ پارليامينٽري ڪميٽيءَ جون ميٽنگون هليون پئي، ته هند سرڪار هڪ انتظامي ڪميٽي، سنڌ جي جدائيءَ بعد، نئين صوبي جي انتظامي مسئلن تي تجويزن ڏيڻ لاءِ سر هيو ڊو جي چيئرمنيءَ هيٺ مقرر ڪئي. جنهن تي ايوب کهڙي، حاجي عبدالله هارون، قاضي عبدالرحمان، ديوان بهادر هيرانند کيمسنگهه سان گڏ ٽي انگريز ميمبر مقرر ڪيا ويا. ان ڪميٽيءَ اڳيان سيد ميران محمد شاهه 2 فبروري 1934ع تي هڪ ميمورنڊم پيش ڪيو. ڊو ڪميٽيءَ، 6 مارچ 1934ع تي رپورٽ پيش ڪندي سفارش ڪئي ته هندستان ۾ نون صوبن قائم ڪرڻ کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال اڳ سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪري، گورنر جي هٿ هيٺ جدا صوبو بنايو وڃي. 1934ع ۾ حاجي عبدالله هارون، لنڊن ۾ سنڌ جي جدائيءَ جي حق ۾ هڪ پمفليٽ ڇپائي، پارليامينٽ جي ميمبرن ۾ ورهايو. ساڳئي سال 28- 29 جولاءِ 1934ع تي ٽئين سنڌ آزاد ڪانفرنس ڪٺي ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان جدا صوبي جي گهُر کي دهرايو ويو. هن ڪانفرنس ۾ سر آغا خان جا ٿورا مڃيا ويا. جنهن جي ڪوششن سان سنڌ جي جدائيءَ جو مسئلو پايه تڪميل تي پهتو هو. آڪٽوبر 1934ع ۾ جوائنٽ پارليامينٽري ڪميٽيءَ جي رپورٽ ۾ سنڌ جي جدائيءَ لاءِ پارليامينٽ کي سفارش پيش ڪئي وئي. 1935ع ۾ جوائنٽ پارليامينٽري رپورٽ جي فقري- 46 تحت سنڌ کي جدا صوبو تلسيم ڪيو ويو. سال جي آخر ۾ اهو بل پارليامينٽ مان پاس ٿيو ۽ ٻئين آگسٽ 1935ع تي، بادشاهه سلامت جي صحيءَ سان گورنمينٽ آف انڊيا ائڪٽ 1935 جي صورت اختيار ڪئي. ائڪٽ موجب سنڌ جي جدائيءَ لاءِ تاريخ، آرڊر ان ڪائونسل ذريعي مقرر ڪرڻي هئي.
23 جنوري 1936ع تي اهو آرڊر ان ڪائونسل مسودي جي صورت ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن مطابق 1 اپريل 1936ع تي سنڌ کي دائمي طرح جدا صوبو تسليم ڪيو ويو ۽ جيستائين نين چونڊن بعد سنڌ جي آئيني حڪومت وجود ۾ اچي، ان وقت تائين سنڌ لاءِ گورنر مقرر ڪري، سموريون اختياريون ان کي سونپيون ويون. کيس 35 ڄڻن جي صلاحڪاري ڪائونسل ۽ 200 اهلڪار ڏنا ويا.
اهڙيءَ طرح 1908ع کان 1936ع تائين اٺاويهن سالن جي جدوجهد بعد 01 اپريل 1936ع کان سنڌ کي بمبئي پرڳڻي کان جدا ڪري الڳ صوبو تسليم ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ان جو پهريون گورنر سر لانسلاٽ مقرر ٿيو.
خلافت تحريڪ: پهرين عالمي جنگ کان پوءِ انگريز راڄ خلاف هندستان جي مسلمانن جي هيءَ تحريڪ، خلافت عثمانيه ۽ ترڪن جي حمايت ۾ شروع ٿي هئي. عالمي جنگ ۾ ترڪيءَ، جرمنيءَ جو ساٿ ڏنو هو. وارسا جي ٺاهه کان پوءِ، اتحادين، ترڪيءَ سان ’سيوري‘ جي هنڌ تي هڪ ٺاهه ڪيو، جنهن ٺاهه جا شرط تمام سخت هئا. برطانيه ۽ فرانس، ترڪيءَ کي مختلف حصن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو هو. ’رولٽ ائڪٽ‘ جي ڪري ماڻهن ۾ اڳ ئي اشتعال هو، مٿان وري ’سيوري معاهدي‘ ٻرنديءَ تي تيل جو ڪم ڏنو. سڄي هندستان ۾ خلافت جي تحفظ لاءِ اها تحريڪ تمام جلدي پکڙجي وئي. هن تحريڪ ۾ مولانا محمد علي، مولانا شوڪت علي، مولانا ظفر علي خان، مولانا ابوالڪلام آزاد، حڪيم اجمل خان، ڊاڪٽر مختيار احمد انصاري ۽ مولانا حسرت موهانيءَ جهڙا قابل ماڻهو شامل هئا. خلافت تحريڪ مسلمانن کي نه صرف متحد ڪيو، پر منجهن جوش به پيدا ڪيو. ان وقت انڊين نيشنل ڪانگريس، برطانيا جي حڪومت خلاف نان ڪوآپريشن (عدم تعاون) جي تحريڪ شروع ڪئي، جنهن کي ڪن مسلمانن ’ترڪ موالات‘ تحريڪ جو نالو ڏنو. مسلمان، هندو ۽ ٻيا ڪيترائي گروپ، ڪانگريس جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿي ويا هئا. تحريڪ خلافت ۽ ترڪ موالات تحريڪ پاڻ ۾ اتحاد ڪيو. مسلمانن قانون ساز ڪائونسلن ۽ سرڪاري نوڪرين جو بائيڪاٽ ڪيو. مسلم يونيورسٽيءَ علي ڳڙهه جي مقابلي ۾ ’جامعه مليه‘ جو بنياد رکيو ويو. مسلمانن جي وڏي تعداد پاڻ کي گرفتارين لاءِ پيش ڪيو. گهڻن مسلمانن پنهنجون ملڪيتون وڪڻي، افغانستان طرف هجرت ڪئي. مالابار جي موپلن، انگريز حڪومت خلاف بغاوت ڪئي ۽ بهادريءَ سان وڙهندي ڪيترائي ماريا ويا. هندستان ۾ خلافت جي تحريڪ، حڪومت برطانيه جا بنياد لوڏي ڇڏيا.
سنڌ به هن تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. خلافت تحريڪ ۾ مولانا محمد صادق کڏي واري، مولانا دين محمد وفائي، مولوي عبدالڪريم چشتي، پير تراب علي شاهه راشدي ۽ ٻين تمام ڀرپور حصو ورتو. مولانا محمد صادق کڏي واري ’جميعت الانصار‘ ۾ شامل ٿي، ڀرپور جدوجهد ڪئي. هن ترڪن خلاف انگريزن جي فوج ۾ ڀرتيءَ خلاف فتويٰ ڏني ته ترڪن سان وڙهڻ ڪُفر جي برابر آهي. مولانا محمد صادق جي هن فتويٰ ۽ ٻين عالمن جي پُٺڀرائيءَ، بلوچستان ۾ خاص اثر پيدا ڪيو، جنهنڪري سردار نورالدين مينگل جي اڳواڻيءَ ۾ انگريزن خلاف بغاوت شروع ٿي. ان ڪري بلوچستان ۾ انگريزي لشڪر ۾ ڀرتي روڪجي وئي. نتيجي طور ترڪن جي گهيري هيٺ آيل انگريز جرنل ٽائون شيڊ کي وقت سر مدد نه ملي ۽ کيس مجبوراً ترڪن آڏو جهُڪڻو پيو.
’جميعت الانصار‘ جي سرگرمين کي روڪڻ لاءِ برٽش سرڪار سخت قسم کنيا. شيخ الهند محمود الحسن ۽ مولانا حسين احمد مدنيءَ کي حج تان گرفتار ڪري، مالٽا ۾ قيد رکيو. مولانا محمد صادق کڏي واري کي چئن سالن تائين ڪار وار جيل ۾ رکيو ويو. مولانا عبيدالله سنڌي، شيخ محمد ابراهيم ۽ مولوي عبدالله لغاري سانگهڙ واري سان گڏ هجرت ڪري افغانستان ويو. جيل مان آزاد ٿيڻ بعد مولانا محمد صادق کڏي وارو آل انڊيا خلافت ڪاميٽيءَ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. 1920ع ۾ مولانا کي ’ڪراچي خلافت ڪانفرنس‘، مرحبائي ڪميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. هُو خلافت ڪميٽيءَ ۾ ڪڏهن صدر، ڪڏهن نائب صدر ٿي رهيو. اهڙي طرح مولوي محمد معاذ نواب شاهه واري جو به خلافت تحريڪ ۾ ڪافي حصو رهيو آهي. مولوي عبدالڪريم چشتيءَ جو خلافت تحريڪ ۾ تمام اهم حصو رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ هو ڪيترا ڀيرا جيل پڻ ويو.
مولانا دين محمد وفائيءَ جو به خلافت تحريڪ ۾ وڏو حصو آهي. جڏهن فيض الڪريم موري [نوشهري فيروز] واري، ترڪيءَ جي خليفي جي خلاف ’شريف مڪه‘ جي فائدي ۾ هڪ رسالو ’تحقيقته الخلافته‘ لکي، سنڌ جي ڪيترن عالمن ۽ پيرن کان صحيون وٺرايون، ته ان جي رد ۾ مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي نظرداريءَ هيٺ مولانا وفائي رسالو ’اظهارالڪرامت‘ لکي تيار ڪيو، جيڪو 7 کان 9 فيبروري 1920ع تي لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيل خلافت ڪانفرنس جي موقعي تي ڇپائي ورهايو ويو. مارچ 1920ع کان الوحيد اخبار ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر جي حيثيت ۾ هن خلافت تحريڪ جي حمايت ۾ تمام گهڻو لکيو. 17 مارچ 1920ع تي سائين جي ايم سيد ننڍيءَ ڄمار ۾ سن ۾ ’خلافت ڪانفرنس‘ سڏائي هئي، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻين عالمن شرڪت ڪئي هئي. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي خلافت هلچل ۾ حصي وٺڻ تي ٻِن سالن جي سزا ڏني وئي. اهڙيءَ طرح سنڌ جي عالمن خلافت تحريڪ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو، جنهن تي ڌار ڪتاب لکڻ جي ضرورت آهي.
جڏهن 1924ع ۾ ترڪيءَ جي انقلابي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال پاشا، ’خلافت عثمانيه‘ کي ئي ختم ڪري ڇڏيو، تڏهن هندستان ۾ خلاف عثمانيه سان همدرديءَ واريون سموريون تحريڪون ’خلافت تحريڪ‘ سميت ختم ٿي ويون.
هجرت تحريڪ: خلافت تحريڪ جي دوران 15 آگسٽ 1920ع تي ترڪيءَ کان زوريءَ هڪ عهدنامي تي صحي ورتي وئي، جيڪو ’عهدنامه سيوري‘ جي نالي سان مشهور آهي. ان ۾ اڃا به ڳرا شرط رکيا ويا، جنهنڪري مسلمانن ۾ وڌيڪ تاءُ پکڙيو. 19 مارچ 1920ع تي برصغير جي مسلمانن جي هڪ طبقي ’يوم غم‘ ملهايو. انهن مان ڪن هندستان کي ’دارالحرب‘ قرار ڏنو، جنهن ۾ رهڻ بدران هجرت ڪري ڪنهن اسلامي ملڪ ۾ وڃي ان کي دارالاسلام بنائڻ لاءِ تحريڪ هلائجي. انهيءَ پس منظر ۾ سنڌ جي مسلمانن مان ڪيترن انگريزن جي انهيءَ تاءُ ڏيندڙ رويي سبب سنڌ مان هجرت ڪرڻ جي سٽ سٽي. انهيءَ سلسلي ۾ 11 اپريل 1920ع تي سيوهڻ ۾ خلافت ڪميٽيءَ جو جلسو منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت مولانا عبدالڪريم درس ڪئي. ان ۾ رئيس جان محمد جوڻيجي ۽ ٻين تقريرون ڪري ٺهراءُ بحال ڪيو ته سنڌ مان هجرت ڪئي وڃي ۽ مسلمانن جي ملڪ افغانستان ۾ وڃي رهجي. انهيءَ کانپوءِ هجرت جي تياريءَ لاءِ باقاعدي ’هجرت ڪاميٽي‘
ٺاهي وئي، جنهن جو صدر، پير تراب علي شاهه ۽ سيڪريٽري
[رئيس المهاجرين] جان محمد جوڻيجو چونڊيا ويا ۽ لاڙڪاڻي کي ان جو مرڪز بنايو ويو. 22 مئي تي حيدرآباد ۾ جلسو ٿيو، ان ۾ رئيس جان محمد جوڻيجي جي صحيءَ سان بمبئيءَ جي گورنر جي پوليٽيڪل سيڪريٽريءَ ڏانهن تار رواني ڪئي وئي، جنهنڪري انگريز سرڪار ڪاوڙجي سندس زمينن جو پاڻي بند ڪيو.
انهن حالتن، سنڌ جي مسلمانن کي هجرت لاءِ مجبور ڪيو. آخر جولاءِ 1920ع ۾ لاڙڪاڻي شهر مان هڪ اسپيشل ٽرين ڀاڙي تي ڪري، رئيس جان محمد جوڻيجو ساڍن ستن سوَن سنڌي مهاجرن جو سٿ ساڻ ڪري، افغانستان روانو ٿيو. هي قافلو 19 جولاءِ 1920ع تي جلال آباد، افغانستان پهتو. افغان حڪومت پهريائين ته سنڌ مان آيل مهاجرن کي رهايو، پر پوءِ مٿن ڌيان هٽائي ڇڏيو. جنهنڪري رئيس جان محمد جوڻيجو واپس موٽي اچي مولانا محمد علي جوهر سان اچي مليو ۽ اجمير جي خلافت ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو، اتي کيس بخار ٿي پيو ۽ تقرير ڪري نه سگهيو، پر فارسيءَ ۾ لکيل پنهنجي تقرير جلسي ۾ پڙهڻ لاءِ موڪلي ڏنائين. سندس بخار خوفناڪ بيماريءَ جي صورت اختيار ڪري ويو. 11 اپريل 1921ع تي اجمير ۾ وفات ڪيائين. کيس معين الدين چشتيءَ جي مقبري جي هڪ ڪنڊ ۾ دفن ڪيو ويو. سندس وفات کانپوءِ ڪابل ۾ ويل سنڌي مهاجرن جو ڪو اوهي واهي نه رهيو. افغان حڪومت جي بي حسي ۽ بي ڌيانيءَ سبب اهي مجاهد ڦرجي لٽجي، تڪليفون سهي واپس موٽي آيا. جيتوڻيڪ ظاهري طرح هيءَ تحريڪ ناڪاميءَ جو شڪار ٿي وئي، پر هن تحريڪ، آزاديءَ جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو.
عدم تعاون/ ترڪ موالات تحريڪ: هيءَ تحريڪ 1920ع ڌاري هندستان ۾ انگريزن خلاف هلائي وئي هئي. هندستان ۾ مهاتما گانڌيءَ جي شروع ڪيل ’نان ڪوآپريشن تحريڪ‘ جي اثر هيٺ هئڻ باوجود، مسلمانن هن تحريڪ کي پنهنجي طور ’عدم تعاون‘ ۽ ’ترڪ موالات‘ جا نالا ڏنا. هن تحريڪ جو مقصد اهو هو ته برطانوي حڪومت سان ڪنهن به قسم جو تعاون نه ڪيو وڃي، ڇوته خلافت عثمانيه، جزيرة العرب، جليانوالا باغ واقعي ۽ آزاديءَ جي حق بابت انگريز حڪومت جي حڪمت عملي نهايت غلط ۽ مسلمان دشمن هئي. حڪومت سان عدم تعاون جي پروگرام هيٺ اعزازن/ عهدن ۽ سرڪاري خطابن کي ترڪ ڪرڻ، سرڪاري ۽ نيم سرڪاري تقريبن جو سماجي بائيڪاٽ ڪرڻ، سڀني سرڪاري ۽ امدادي درسگاهن مان شاگردن جي نڪرڻ وغيره جون ڳالهيون شامل هيون. هن پروگرام تي 1920ع ۾ جمعيت العلماءِ ۽ خلافت ڪاميٽيءَ عمل ڪرڻ شروع ڪيو. عالمن باقاعدي فتوائون جاري ڪيون، جنهنڪري هزارين ماڻهن پنهنجا لقب، القاب ۽ خطاب واپس ڪيا. شاگردن سرڪاري اسڪولن مان پنهنجي پڙهائي ڇڏي ڏني، ملازمن پنهنجون نوڪريون ڇڏي ڏنيون. سنڌ جا مسلمان به هن تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي بيٺا. رئيس جان محمد جوڻيجي انگريز سرڪار طرفان مليل سمورا خطاب واپس ڪيا، نتيجي ۾ انگريزن کيس تڪليفون ڏنيون ۽ سندس زمين جو پاڻي به بند ڪرائي ڇڏيو. رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ’شرائط صلح‘ تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي ليجسليٽو ڪائونسل جي ميمبرشپ تان استعيفا ڏني. پهرين آگسٽ 1920ع تي تحريڪ عدم تعاون جي ڏينهن تي سڄي هندستان سميت سنڌ ۾ هڙتال ڪئي وئي. هن تحريڪ مان مسلمانن کي ڪافي نقصان به ٿيو، ڇوته تحريڪ هلائڻ سبب مسلمانن جي معاشي حالت ٺيڪ نه رهي. هن تحريڪ ۾ هندن ۽ مسلمانن گڏجي حصو ورتو. هندستان جي تاريخ ۾ اهو پهريون ۽ آخري دور هو، جڏهن هندن ۽ مسلمانن پاڻ ۾ اتحاد ڪيو، پر افسوس جو هيءُ اتحاد وڌ ۾ وڌ ٽي سال هلي سگهيو.
ريشمي رومال تحريڪ: ريشمي خطن جي تحريڪ، جيڪا ’ريشمي رومال‘ تحريڪ به سڏجي ٿي، ان کي ڪجهه عالمن ’تحريڪ شيخ الهند‘ به سڏيو آهي ۽ ان کي برٽش انڊيا جي سي. آءِ. ڊي ’ريشمي خطن واري سازش‘ سڏيو آهي. ريشمي رومال تحريڪ جو مقصد انگريزن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ هو ۽ خاص مقصد 1857ع واري شڪست جي خال کي ڀرڻ هو، جنهن لاءِ ’جماعت الانصار‘ نالي هڪ جماعت ٺاهي وئي، جنهن جو مقصد تحريڪ کي مرڪزي سطح تي هلائڻ لاءِ ديوبند جي علمائن کي گڏ ڪري ملڪ ۾ هڪ اهڙو انقلاب آڻڻ هو، جنهن موجب هندستان ۾ ماڻهن ۾ هلچل پيدا ڪري بغاوت ڪرائي انگريزن کي هندستان مان ڪڍڻ هو. ملڪ کان ٻاهر به رابطا ڪيا ويا. اتر اولهه سرحد تي قبائلين کان افغانستان جي نگرانيءَ هيٺ حملي ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو. حملي لاءِ 19 فيبروري 1917ع جو ڏينهن مقرر ڪيو ويو هو.
ان تحريڪ جا سرواڻ مولانا محمود الحسن ديوبند ۽ ان جو شاگرد مولانا عبيدالله سنڌي مولانا محمد صادق کڏي وارو، سندس ڀائيٽو محمد ابراهيم سنڌي، حاجي عبدالله هارون ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي وغيره هئا. انهن مان محمد ابراهيم سنڌي 1917ع ۾ روس جي انقلاب کانپوءِ بدخشان ويندي رستي ۾ وفات ڪري ويو. هن تحريڪ جي شروعات ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته هٿيارن کان سواءِ ويڙهه ڪري، هندستان مان انگريزن کي ڪڍي وطن آزاد ڪرائڻ ڏکيو آهي، جنهن لاءِ رٿابندي ڪئي وئي.
1914ع ۾ سڄيءَ دنيا کي پهرين مهاڀاري لڙائي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي چڪي هئي. ڪراچي شهر هڪ فوجي ڇانوڻيءَ ۾ تبديل ٿي چڪو هو. برطانيا ۽ اُن جا حامي اعلان جنگ ڪري چڪا هئا. سنڌ سميت پوري هندستان ۾ هر سياسي، سماجي شخصيتن کي گرفتارين جو هڪ اڻکٽ سلسلو شروع ڪيو ويو.
مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ وفد، جنهن ۾ مولوي عبدالله لغاري، فتح محمد شيخ ۽ نور محمد افغاني شامل هئا. 15 آڪٽوبر 1915ع (1333هه) تي ڪابل پهتو، ڪابل پهچي مولانا عبيدالله سنڌي پنهنجي انقلاب پروگرامن جي تياريءَ ۾ لڳي ويو، جتي هن افغانستان جي بادشاهه امير حبيب الله سان ملاقات ڪئي. مولانا ان کي انقلابي پروگرام سمجهايو. امير حبيب الله سڀني کان اها بيعت ورتي ته جيستائين هو جنگ شروع نه ڪري، انقلابي ڪجهه به نه ڪندا ۽ هو فقط جنگ جي تياري ڪندا. اهڙو واعدو ابو السراج، غلام محمد دين پوري، مولانا تاج محمود امروٽيءَ کان به ورتو ويو. سڀ ماڻهو امير حبيب الله وٽان جنگ جي اعلان جا منتظر هئا. امير حبيب الله جيئن ته انگريزن سان ٻڌل هو. آخري بيعت جو مقصد به اهو هو، جنهن تي جنوري 1916ع ۽ مولانا عبيدالله سنڌي جندالله جو قيام عمل ۾ آندو. مولانا عبيدالله ڪابل ۾ ويهي هندستان جي هڪ عارضي جلاوطن حڪومت قائم ڪئي. ان جو صدر راجا مهندر پرتاب، وزيراعظم برڪت الله ۽ مولانا پاڻ وزير داخلا بڻيو. ان وقت روس ۾ ڪميونسٽ انقلاب شروع ٿي چڪو هو.
هن تحريڪ کي ريشمي رومال تحريڪ ان ڪري چيو وڃي ٿو، جو انگريزن کان لڪ ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ مختلف سياسي شخصيتن ۽ تحريڪ جي ڪارڪنن ڏانهن هدايتون ۽ تجويزون ريشمي ڪپڙي جي هڪ گز ڊگهي ۽ هڪ گز ويڪري ٽڪري تي لکي موڪليندو هو. آخري ٽي خط، جيڪي عبدالحق نالي ڪارڪن جي هٿان (9 جولاءِ 1916ع تي) موڪليا ويا، جن ۾ هڪ خط شيخ الحديث مولانا محمود الحسن جي نالي هو. اهي خط انگريزن جي هڪ ايلچي خانبهادر حق نواز جي هٿ لڳي ويا. اهڙيءَ طرح انگريزن کي هن ڳجهي تحريڪ جي ڄاڻ ملي وئي. انگريزن وٺ پڪڙ شروع ڪئي ۽ ائين اها تحريڪ پنهنجي منزل تي پهچڻ کان اڳ ناڪام ٿي وئي.
سنڌ ۾ هن تحريڪ جو مرڪز ڪراچيءَ جو علائقو کڏو رهيو، جتي مولانا محمد صادق کڏي واري جو مدرسو هن تحريڪ جو هيڊڪوارٽر هو. سنڌ ۾ ننڍي ڪارڪن کان وٺي مرڪزي اڳواڻن تائين خدائي فوج ۾ قائم مقام سالار کان وٺي ليفٽيننٽ تائين سنڌي اهم عهدن تي فائز هئا. راز ظاهر ٿيڻ کانپوءِ سنڌ مان مولانا تاج محمود امروٽي، مولانا محمد صادق کڏي واري، پير اسد الله شاهه، مولوي عبدالله، حڪيم قاضي عبدالقيوم،شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي، شاهه بخش لاشاري، رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ کي گرفتار ڪيو ويو. مولانا محمد صادق کڏي وارو اهم اڳواڻ هو، جنهن کي گرفتار ڪري ٽن سالن جي سزا ٻڌائي وئي.
شيخ عبدالرحيم سنڌي تحريڪ جو هڪ اهم ڪارڪن هو. تحريڪ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ هن جي گرفتاريءَ جا آرڊر جاري ڪيا ويا، پر سرڪار کي هٿ نه لڳو. هو روپوش ٿي سرهند شريف هليو ويو، جتي مزدوري ڪندو هو ۽ اتي ئي گذاري ويو. شيخ الهند ۽ سندس ساٿين مولانا حسين احمد مدني ۽ ٻين کي مڪي جي والي شريف حسين مڪيءَ، انگريزن جو ايجنٽ ٿي مديني شريف مان گرفتار ڪري انگريزن جي حوالي ڪري مالٽا ٻيٽ ۾ قيد ڪيو ويو ۽ ’اسير مالٽ‘ سڏيو ويو.
سنڌ ۾ هن تحريڪ جي ختم ٿيڻ کانپوءِ مولانا عبيدالله سنڌي افغانستان ۾ رهي پيو. مئي 1919ع ۾ جنگ کانپوءِ افغانستان برطانيا جي چنبي مان مڪمل آزاد ٿي ويو. افغانستان جو بادشاهه امير امان الله پنهنجي پيءُ حبيب الله ۽ ڏاڏي عبدالرحمان وانگر انگريزن جو ساٿاري نه هو. امير امان الله مولانا جي جلاوطن حڪومت کي تسليم ڪيو. مولانا عبيدالله سنڌي 15 آڪٽوبر 1922ع تي ڪابل کان ماسڪو پهتو. هتان کان جولاءِ 1933ع ۾ ترڪيءَ پهتو. مختلف ملڪن مان ٿيندو مديني شريف پهتو، جتي جنوري 1938ع ۾ مولانا کي انڊين پاسپورٽ جاري ڪيو ويو. مارچ 1939ع ۾ هو ڪراچي بندر تي پهتو، جتي بندرگاهه تي سنڌ جي وڏي وزير الله بخش سومري (شهيد) سندس آڌرڀاءُ ڪيو. سنڌ ۾ اچي مولانا صاحب 1944ع ۾ هڪ سياسي جماعت سنڌ ۽ هند ساگر پارٽيءَ جو بنياد وڌو. افغانستان جي حڪمرانن، سنڌ ۽ هند جي ڪجهه سياستدانن پنهنجي ذاتي فائدن خاطر هن تحريڪ ۾ انقلابين جو ساٿ نه ڏنو ۽ هيءَ تحريڪ ناڪام ٿي.
(خاص حوالو: ڪراچي سنڌ جي مارئي: گل حسن ڪلمتي)
حُر تحريڪ: برصغير ۾ جڏهن به آزاديءَ جي تحريڪن جو ذڪر ايندو ته ان ۾ حر تحريڪ جو به نمايان ڪردار نظر ايندو.
سنڌ ۾ جڏهن ميرن جو آخري دور هو، ان وقت هندستان جي سڀني ڀاڱن ۽ علائقن تي سڌي يا اڻ سڌي طرح انگريزن جي حڪومت قائم ٿي چڪي هئي. تنهن وقت کين اهو فڪر هو ته، ڪيئن به ڪري سنڌ تي قبضو ڪجي. پنجاب ۾ سکن جي حڪومت هئي، جنهن جو حڪمران رنجيت سنگهه، انگريزن سان ٻٽ هو ۽ سنڌ تي قبضي ڪرڻ جا گهاٽ گهڙيندو رهيو.
ان دؤر ۾ پير صاحب پاڳاري سيد صبغت الله شاهه (اول) کي انگريزن ۽ سکن جي سازشن خلاف ڏاڍو جوش ۽ جذبو هو. اهو بزرگ ڏسي رهيو هو ته هاڻي پنهنجي وطن سنڌ جو خير ڪونهي، ان ڪري پنهنجن مريدن ۽ معتقدن جي تنظيم سازي شروع ڪيائين. پير صاحب پاڳاري ۽ سندس خاندان انگريز حاڪمن جي جابراڻي حڪومت خلاف هميشه سينو ساهيو ۽ آزاديءَ جي عظيم مقصد ماڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ائين هڪ عظيم تحريڪ کي جنم ڏنو، جيڪا اڳتي هلي ’حُر تحريڪ‘ جي نالي سان مشهور ٿي.
جماعت جا هيٺيان چار اصول هئا: (1) فـرق (جـدا ۽ رازدار گروهه)، (2) ترڪ (تحريڪ جي رستي ۾ سڀ لاڳاپا لاهڻ)، (3) غازي ٿيڻ (حق جي راهه ۾ لڙڻ) ۽ (4) اطاعت امير (ليڊر جي تابعداري).
انگريزن سنڌ ۾ پير سائين پاڳاري جي خاندان کي خاص طور اک ۾ رکيو. سندس انقلابي مجاهدن تي نظرداري وڌائي وئي ۽ پير صاحب جي سرگرمين تي به چوڪسي رکي وئي. ان ڪري پير صاحب، سندس جماعت ۽ انگريز سرڪاري جي وچ ۾ اها ڇڪتاڻ هلندي رهي. سيد حزب الله شاهه (1258-1308هه) جي وقت ۾ حرن توڙي عام جـمـاعـت جـو رخ انگـريـزن جـي خـلاف سـخـت ٿيـو ۽ ان جـذبي آخرڪار ’ٻي حُر تحريڪ‘ (1896ع) جي صورت اختيار ڪئي. جڏهن بادشاهه ۽ پيرو وزير'>بچو بادشاهه ۽ پيرو وزير ٿرپارڪر ضلعي جي ڪجهه حصن تي پنهنجي آزاد حڪومت جو اعلان ڪيو، انگريز سرڪار هن تحريڪ کي بغاوت قرار ڏئي، دٻاءَ لاءِ منظم طور تي ڪارروايون شروع ڪيون. ٻي تحريڪ جا اڳواڻ ٻارنهن هئا، جن کي ’ٻارهن ٻهروٽيا‘ سڏيو ويو، جن مان ڪجهه جا نالا هن ريت آهن:
بچو خاصخيلي عرف بچو بادشاهه، پيرو وساڻ عرف پيرو وزير، گلو موچي، تڳيو چانگ، ڀلو ڳاهي، خميسو وساڻ، ختلو قاضي، قلان ڪاسائي.
انگريز سرڪار هن تحريڪ کي دٻائڻ لاءِ اهڙا سخت طريقا استعمال ڪيا، جن انگريز حڪومت ۽ ان جي آفيسرن ۽ مددگارن جي برخلاف حرن جي دلين ۾ نفرت جي باهه ڀڙڪائي ڇڏي. انگريز سرڪار مٿن سخت ڏاڍ ۽ جبر ڪري هيٺيان طريقا ۽ قانون لاڳو ڪيا، جهڙوڪ:
(1) ڏوهين توڙي بي ڏوهين جي ڳوٺن کي ساڙڻ، (2) چوپائي مال ۽ ماڻهن کي بندوقن جو نشانو بڻائڻ، (3) عـورتن جـي بـي حرمتي ڪرڻ، (4) بنا عدالتي فيصلي جي سندن زمينون ۽ مـلـڪيتـون ضـبط ڪــرڻ، (5) گــڏيل ڏنــڊ ۽ چـٽيـون ڳـوٺـن مـٿان وجهـڻ، (6) خاص ٽربيونل ۽ مارشل لا ڪورٽون برپا ڪري انهن جي ذريعي سون ماڻهن کي موت يا قيد جون ڳريون سزائون ڏيڻ، (7) جماعت جي ماڻهن کي بنا عدالتي فيصلي جي لوڙهن (Concentration Camps) ۽ سيٽلمينٽن (Settlemens) ۾ رکڻ، (8) هنن مان ڪيترن کي صوبي کان ٻاهر جلاوطن ڪري جيلن يا خاص ڪئمپن ۾ رکڻ، (9) ڪيترن کي قومي ڏوهاري قرار ڏئي، وقت بوقت پوليس ٿاڻي تي حاضريون ڏيارڻ ۽ سندن نقل حرڪت لاءِ حــدون مـقـرر ڪــرڻ، جـن کان ٻـاهر هـو گـذر سـفـر لاءِ به وڃي نه ٿي سگهيا،
(10) ڪمائيندڙ مردن کي سندن زالن ۽ اولاد کان جدا ڪرڻ بعد پوئين کي گذرمعاش جي انتظام ڪرڻ کان سواءِ ڇڏي ڏيڻ، (11) مڪاني پوليس عملدارن ۽ سندن پَٽيلن جي خبرن تي سختيءَ جو ورتاءُ اختيار ڪرڻ. انهن قانونن ڪجهه وقت لاءِ حرن کي بيوس ڪري ڇڏيو. ظلم جي ان چڪيءَ ۾ اٽڪل چاليهه سال پيسبا رهيا. سندن حالتون خراب ٿي ويون. ڏينهن جو وقت پنهنجي گذر لاءِ ڪمائيندا هئا، ته رات جو پوليس وارن جي گهوڙن جو گاهه آڻڻ، تنبيلا صاف ڪرڻ، کين ڪاٺيون پاڻي موجود ڪري ڏيڻ ۾ صرف ڪندا هئا.
سرڪار حُر تحريڪ کي دٻائڻ لاءِ 20 مارچ 1942ع تي سنڌ اسيمبليءَ مان ’حُر ايڪٽ پاس‘ ڪرايو، جنهن کي 10 اپريل 1942ع تي گورنر منظور ڪيو. حر ايڪٽ هيٺ سمورن حُرن کي دهشتگرد، ڌاڙيل ۽ ڏوهاري قرار ڏنو ويو ۽ حڪم ڪڍيو ويو ته حُرن جون جائدادون ۽ ملڪيتون تباهه ۽ ضبط ڪيون وڃن ۽ کين ڏسندي ئي گولي هنئي وڃي. آرڊر ملندي ئي پوليس ۽ ملٽريءَ ظلم جي باهه ٻاري ڏني. حُر ته ڇا، پر حُرن جي اوڙي پاڙي کي به نه ڇڏيائون. سکر ۽ ڪيٽيءَ جي وچ ۾ ڳوٺ مياڻ جي رهاڪو پر امن مهاڻن تي انگريز ملٽريءَ، 30 هٿياربندن جي انڌا ڌنڌ فائرنگ شروع ڪئي ۽ باهه ٻاريندڙ ننڍا بم اُڇلايا. اوچتو پٺيان غازي مجاهد، جيڪي رندن جي ڳوٺ ۾ رهيل هئا، ملٽريءَ تي اچي ڪڙڪيا. غازين جو تعداد 40 هو، جن ۾ ڪيتريون عورتون به شامل هيون. غازين ڀرپور حملو ڪري سؤ کن ملٽريءَ وارا ماري وڌا، ڪيترا زخمي ڪيا ۽ ٻيا اٿاهه بارود ۽ هٿيار ڇڏي ڀڄي ويا.
انگريز ملٽريءَ حرن، مريدن ۽ اڻ لاڳاپيل ماڻهن تي حملا شروع ڪري ڏنا، نتيجي طور حُرن ’تنگ آمد به جنگ آمد‘ واري پاليسي اختيار ڪئي ۽ هنن گوريلا ڪارروايون شروع ڪري ڏنيون. هنن سانگهڙ ويجهو مَکِي ٻيلي کي پنهنجو مرڪز ٺاهيو.
17 مئي 1942ع تي رات جو 12 وڳي حُرن، اُڏيري لعل ۽ ٽنڊي آدم وچ ۾ پليجاڻيءَ ويجهو لاهور ميل کي ڪيرايو، لاهور ميل ۾ خانبهادر الله بخش سومرو، مسٽر نهچلداس وزيراڻي ۽ سر غلام حسين جو پٽ منور حسين سوار هئا، پر حيدرآباد اسٽيشن تي خانبهادر الله بخش سومري کي ڪو گهَرو دوست خاموشيءَ سان ويٽنگ روم جي پوئين دروازي کان وٺي ويو، جنهن کي حرن جي ڪارروائيءَ جي کُڙڪ پئجي وئي هئي. هن حادثي ۾ 32 مسافر مري ويا ۽ اٽڪل 100 کن زخمي ٿيا. سر غلام حسين جو پٽ منور حسين به مري ويلن ۾ شامل هو. هندستان ۾ گاڏي ڪيرائڻ جو اهو پهريون واقعو هو، جنهنڪري انگريز سرڪار ۾ ٿرٿلو پئجي ويو ۽ سنڌ ۾ رات جو ريلون هلائڻ بند ڪيون ويون.
پهرين جون 1942ع تي سنڌ ۾ مارشل لا نافذ ڪيو ويو، ان لاءِ
اپر سنڌ جو سربراهه ميجر جنرل رچرڊسن کي مقرر ڪيو ويو. هن فورس جا ٻه برگيڊ هئا: (1) حيدرآباد برگيڊ ۽ (2) ڪوهاٽ برگيڊ. ڪوهاٽ برگيڊ جو هيڊڪوارٽر سانگهڙ ۾ رکيو ويو. حيدرآباد برگيڊ جو ڪمانڊر برگيڊيئر ليگ لميٽڊ هو. مسٽر ايڇ. ٽي. لئمبرڪ کي مارشل لاءِ ڪمشنر مقرر ڪيو ويو ۽ مسٽر نيگ کي پوليس ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. مارشل لا تحت هوائي ۽ پيدل فوج کان سواءِ اٺ ۽ گهوڙي سوار فورس ۾ شامل هئا.
مارشل لا هيٺ سمورين ايراضين سان فوجي قانون لاڳو ڪيو ويو. هر تعلقي ۾ وڌ ۾ وڌ چار ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻه فوجي عدالتون مقرر ڪيون ويون. هر هڪ ڪورٽ ۾ چار فوجي آفيسر جج طور مقرر ڪيا ويا، جن ۾ ٽي ليفٽيننٽ جي عهدي کان وٺي، ميجر جي عهدي وارا آفيسر هئا. هڪ ڪرنل يا ليفٽيننٽ ڪرنل چيف جج جي حيثيت ۾ مٿانئن مقرر هو.
انگريز سرڪار ملٽريءَ جي مدد سان بربريت جو طوفان ٻاري ڏنو. حُرن جا سينا گولين سان پروڻ ڪيا ويا. حُرن لاءِ خاص لوڙها (Concentration Camps) قائم ڪيا ويا. اهي لوڙها جوهي، نوابشاهه، جهـول، سنجهـوري، کـپـري، سـانگهـڙ، پٿـوري، ميـرپورخـاص، جـروار (ميرپور ماٿيلي) ۽ ٻين ڪيترن شهرن ۾ قائم ڪيا ويا، جتي حُرن کي ٻارن ٻچن سوڌو ٻڪرين ۽ رڍن وانگر واڙيو ويو. صرف کپري جي لوڙهي ۾ اڍائي هزار حُر قيد هئا، جتي سوين ٻار، عورتون ۽ پوڙها مرد بُک ۽ اُڃ وگهي مري ويا. پير صاحب جي مريدن کي ڪورٽ مارشل ڪري مارشل لا تحت سزائون ڏنيون ويون. لاتعداد مردن کي هڪ ئي ڏينهن تي ڦاسيءَ جي سزا ڏئي، ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو. مجاهد نعرا هڻندا وڃي ڦاسيءَ تي چڙهندا هئا. سندن جذبهء ايثار کي ڏسي انگريزن کي ڏندين آڱريون اچي وينديون هيون.
انگريز سرڪار جون فوجون سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙجي ويون. عورتن سان به شرمناڪ سلوڪ روا رکيو ويو. پير صاحب جي گڙنگ بنگلي کي به بمن سان اُڏايو ويو. بمن هڻڻ کان اڳ ۾گڙنگ واري بنگلي کي لٽيو ويو، ان مان حاصل ڪيل ملڪيت ڪجهه سرڪار وٽ جمع ڪئي وئي ۽ ڪجهه فوجين پاڻ ۾ ورهائي کنئي. سرڪاري انگن اکرن مطابق هڪ وڏو تعداد سون ۽ چانديءَ جي زيورن ۽ سڪن جو، جن جي قيمت اٽڪل ٻه لک هئي، پنجن لکن جا نوٽ، چوئيتاليهه رائفلون ۽ چوڏهن مختلف قسمن جا روالوَر، اهو سڀ سامان ايمپريل بئنڪ حيدرآباد ۾ جمع ڪرايو ويو.
پير صاحب پاڳاري لُٽيل ملڪيت جو انگ هڪ ارب روپيا ٻُڌايو هو. 14 جنوري 1943ع تي پير سائين پاڳاري کي هوائي جهاز ۾ حيدرآباد آندو ويو. جهاز ٻولهاڙي ايئرو ڊرم تي لٿو، جيڪو حيدرآباد کان تيرهن ميل پري هو، جتان کيس ڪار رستي سينٽرل جيل آندو ويو، جيئن پير صاحب تي ’حُر بغاوت‘ جو مارشل لا هيٺ ڪيس هلايو وڃي.
سينٽرل جيل ۾ سخت حفاظتي اُپاءَ ورتا ويا. اڳ ۾ قيد ٿيل حُرن کي ٻين شهرن جي جيلن ڏانهن موڪليو ويو. پوليس ۽ فوج جو وڏو تعداد جيل اندر ۽ ٻاهر بيهاريو ويو. پير صاحب کي ملٽري ٽربيونل آڏو بيهاريو ويو. کيس سرڪاري وڪيل ڏنو ويو. اهو ڪيس 26 ڏينهن هليو، مقدمي دوران پير صاحب کي جهڪائڻ لاءِ حڪومت طرفان ڪي ماڻهو به موڪليا ويا ته جيڪڏهن پير صاحب معافي وٺي، پر پير صاحب جو چوڻ هو ته ”ستن سمنڊن کان نازل ٿيل سامراجي، جن اسان جي ڌرتيءَ تي قبضو ڪيو آهي ۽ بغير ڪنهن سبب جي گرفتار ڪري غازين، مريدن ۽ غير مريدن جو قتل عام ڪيو، ڪوٽن تي حملا ڪري هر شيءِ لُٽي، بمباري ڪري تباهي مچائي، گهر لُٽيا ۽ ملڪيتون لُٽيون، تن کان ڪهڙي معافي!“
ڪيس هليو، ٽربيونل آخر هيٺيون فيصلو ٻُڌايو: ”پير صاحب صبغة الله شاهه کي انگريز بادشاهه سلامت خلاف جنگ جي سازش ڪرڻ سبب ڏوهاري قرار ڏئي کيس ڦاسيءَ جو سزاوار قرار ڏجي ٿو.“
20 مارچ 1943ع تي سينٽرل جيل حيدرآباد، سنڌ ۾ هن عظيم انسان کي ڦاسي ڏيئي شهيد ڪيو ويو. پير صاحب جي شهادت کان پوءِ خاص مريدن کي گهرائي سندس آخري ديدار ڪرايو ويو. پر عام مريدن کي پير صاحب جي شهادت جو يقين نه آيو. سندن گمان ان وقت يقين ۾ اچي ويو جڏهن پير صاحب جي دفن ٿيڻ واري جڳهه ڪنهن کي به نه ٻُڌائي وئي.
پير صاحب جي گادي سرڪاري طور تي منسوخ ڪئي وئي ۽ سندس درگاهه سيل ڪئي وئي. سندس ٻن فرزندن، سيد سڪندر علي شاهه (شاهه مردان شاهه ثاني، ستون پير پاڳارو) ۽ سيد نادر علي شاهه کي لنڊن موڪليو ويو، جتي سندن پڙهائيءَ جو انگريزن بندوبست ڪيو. ملڪ مان مئي 1943ع ۾ مارشل لا کنئي وئي، پر ’حـُر ايڪٽ‘ جاري رهيو. حرن جي زمينن تي قبضا ڪيا ويا. حرن جي ٻارن کي ’حر اسڪول‘ جي نالي هڪ اهڙي قيد خاني ۾ بند ڪيو ويو، جتي مٿن هر قسم جا ظلم ڪيا ويا. پوليس کي جتي وڻندو هو، مردن توڙي عورتن کي حر قرار ڏئي جيل ۾ وڃي سٽيندا هئا. گرفتار ٿيل ماڻهن ۾ هزارين عورتون ۽ ٻار به شامل هئا.
سنڌ ۾ انگريز راڄ - گورنر ۽ ڪمشنر:
هيٺ سنڌ ۾ انگريز سرڪار جي عملدارن جو تفصيل ڏجي ٿو، جنهن ۾ گورنر ۽ ڪمشنر شامل آهن:
(الف) سنڌ جو پهريون گورنر سر چارلس نيپئر: سر چارلس نيپئر سنڌ جو پهريون انگريز گورنر هو. هن دؤر ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ حيدرآباد مان ڦري ڪراچي مقرر ٿيو. (وڌيڪ ڏسو: چارلس نيپئر، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون)
چارلس نيپئر 1843ع کان 1847ع تائين سنڌ جو گورنر رهيو، جنهن کانپوءِ (1847ع ۾) سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ سان ملائڻ سبب اتي ڪمشنري نظام قائم ڪيو ويو.
(ب) سنڌ جا ڪمشنر:
مسٽر پرنگل: 1847ع ۾ سنڌ کي بمبئيءَ سان ملائي پهريون ڪمشنر مسٽر پرنگل کي مقرر ڪيو ويو هو. سندس دؤر ۾ برٽش فوج ۾ سنڌي ۽ بلوچ ريجمينٽ قائم ٿي. هي 1850ع تائين سنڌ جو ڪمشنر رهيو. (وڌيڪ ڏسو: پرنگل، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون)
سر بارٽل فريئر: مسٽر پرنگل کانپوءِ سربارٽل فريئر سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿيو. سنڌي ٻوليءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ هن جو وڏو ڪردار رهيو. (وڌيڪ ڏسو: بارٽل فريئر، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پهريون)
جنرل جان جيڪب: جنرل جان جيڪب سنڌ جو ٽيون حڪمران ڪمشنر مقرر ٿيو. جيڪب آباد شهر سندس نالي سان مشهور آهي. خاص ڪري سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ جي نئين سر ترتيب ۽ سنڌ کي تدريس ۽ دفترن جي زبان بنائڻ، سندس ڪارناما وسارڻ جوڳا نه آهن. (وڌيڪ ڏسو: جان جيڪب، انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون)
انوار ريٽي: انوار ريٽي 1859ع جي آخر ۾ سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿيو. هن 1860ع ۾ سنڌ ۾ ريل گاڏيءَ کي متعارف ڪرايو. اها ريل (آگ گاڏي) داٻيچي اسٽيشن تائين هلندي هئي. هن جي دور 1289هه/ 1862ع ۾ ننگرپارڪر جي راڻن ۽ آس پاس جي جاگيردارن انگريزن خلاف شورش ۽ بغاوت ڪئي، جيڪا ختم ڪرڻ لاءِ ڪمشنر پنهنجي فوج ۽ ننگرپارڪر جي ٺڪرن ۽ زميندارن سان گڏجي، باغين کي گرفتار ڪرائي کين سخت سزائون ڏنائين. ٺڪرن ۽ ٻين جن به ماڻهن هن مهم ۾ انگريز سرڪار جي مدد ڪئي، تن کي جاگيرون، زمينون، ترارون ۽ لونگيون وغيره انعام ۾ ڏئي خوش ڪيائين ۽ پوءِ ڪراچي واپس آيو.
انوار ريٽيءَ جي دور ۾ خداداد خان ’مڪران نامو‘ لکيو، جيڪو 1862ع ۾ شايع ٿيو. انهيءَ کانپوءِ ڪمشنر ڇهن مهينن جي موڪل تي ولايت (انگلنڊ) هليو ويو.
مسٽر ايس مينسفيلڊ: سنڌ جو پنجون ڪمشنر ايس. مينسفيلڊ 1862ع جي آخر ۾ بمبئيءَ کان سنڌ پهتو. سڀ کان پهرين تار (ٽيليگراف) جي لائين جي انتظام لاءِ جهاز ذريعي خليج فارس روانو ٿيو. هن سنڌ ۾ ڪيترن ئي آدمخور شينهن جو شڪار ڪيو. شينهن جي شڪار ۾ کيس وڏي مهارت حاصل هئي. هن مختلف علائقن مان گهڻي ڀاڱي سرڪاري ملازمن کي ڪراچيءَ ۾ گهرائي سرڪاري پراڻي رڪارڊ ۽ ڪاغذن کي درست ڪرايو. هن سڄي سنڌ ۾ ڪيترائي تلاءَ پڻ ٺهرايا. هن زميندارن ۽ هارين کان هڪ روپيو لوڪل فنڊ وصول ڪرڻ جو قاعدو جاري ڪيو. سربارٽل فريئر جي سنڌ اچڻ کانپوءِ ولايت (انگلنڊ) هليو ويو.
مسٽر ايڊي رابرٽس: سنڌ جو ڇهون ڪمشنر مسٽر ايڊي رابرٽس هو. هي بمبئيءَ کان ڪراچي آيو ۽ سنڌ جي ڪمشنريءَ جا فرض سر انجام ڏيڻ لڳو. سندس اسسٽنٽ مسٽر جان مور هو. واضح هجي ته ايس. مينسفيلڊ جي موڪل تي وڃڻ کانپوءِ مسٽر ايڊي رابرٽس کي ڇهه مهينن لاءِ سنڌ جو ڪمشنر مقرر ڪيو ويو هو. هن سيٺ نائون مل کي انگريزن سان وفاداريءَ سبب فريئر هال ۾ هڪ عاليشان تقريب ۾ تمغو ڏنو ۽ عمرڪوٽ ۾ درٻار منعقد ڪري مير شير محمد خان ٽالپر کي ’ستاره هند‘ جو خطاب ۽ تمغو ڏنو.
مسٽر هيولاڪ: 1867ع ۾ مسٽر هيولاڪ سنڌ جو ستون ڪمشنر مقرر ٿي آيو. هن جي دؤر ۾ پوليس کاتي جون پگهارون وڌايون ويون ۽ پوليس جي عهدن جا اڳ وارا فارسي ٻوليءَ ۾ رائج نالا تبديل ڪري انگريزي نالا رکيا ويا. سندس ئي دؤر ۾ بمبئيءَ جو گورنر سرفٽز جيرالڊ ۽ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر مسٽر مينسفليڊ ڪراچيءَ آيو ۽ اتان حيدرآباد ۾ پڻ آيو. هي 1867ع کان 1868ع تائين سنڌ جو ڪمشنر رهيو.
سر وليم ميري ويدر: آفريڪا ۾ برٽش حڪومت قائم ڪرڻ کانپوءِ سر وليم ميري ويدر ڪراچيءَ پهتو ۽ 1868ع جي آخر ۾ سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿيو. هي تمام ڪرڙو ۽ جنگجو عملدار هو ۽ ٽالپرن سان مياڻي ۽ دٻيءَ جي جنگ ۾ پڻ وڙهيو هو. ڪيترائي سال جيڪب آباد ۾ وڏي عهدي تي فائز رهيو.
هن سنڌ ۾ اچڻ شرط ’آفيشل گزٽ‘ جاري ڪئي. ان کان سواءِ سڄي سنڌ ۾ خصوصاً روهڙي ۽ سکر واري بندن تي ٻيڙيون ختم ڪري جهاز مقرر ڪيائين. ريگستان واري علائقي ۾ نوان واهه کوٽايائين. ميري ويدر سنڌي ثقافت جي نمائش ڪرائي، جيڪا هڪ هفتي تائين جاري رهي، ان کانسواءِ هن ميان خدا داد خان کي حڪم ڪيو ته هو سنڌ جي قديم مسجدن، مندرن، مقبرن، عمارتن، شهرن ۽ عجائبات وغيره جي مختصر تاريخ لکي، جنهن کانپوءِ هن خداداد خان جي لکيل تاريخ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ڪتاب شايع ڪرايو.
سر ميري ويدر قبائلي علائقن جي بلوچن لاءِ جرڳي جا ڪجهه قاعدا تيار ڪري سرڪار کان منظور ڪرايا. آخرڪار 1877ع ۾ کيس انگلنڊ جي پارليامينٽ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو ۽ هي ڪراچي کان بمبئي ۽ پوءِ انگلنڊ روانو ٿي ويو. ڪراچي شهر ۾ ميري ويدر ٽاور ۽ ميري ويدر گارڊن سندس يادگار آهن.
ايف. ڊي ميلول: ايف. ڊي ميلول، ميري ويدر جي وڃڻ کانپوءِ 1877ع ۾ ايڪٽنگ ڪمشنر مقرر ٿيو. ميلول ان کان اڳ ۾ سنڌ جو جڊيشل ڪمشنر ۽ سنڌ جي چيف ڪورٽ جو جج هو. هن عدالتي سرشتي کي بهتر بڻايو.
ايڇ. اين. بي ارسڪين: ايڇ. اين. بي ارسڪين 1879ع ۾ سنڌ ۾ اچي ڪمشنريءَ جو عهدو سنڀاليو. ان کان اڳ ۾ هي سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر جي عهدي تي پڻ رهي چڪو هو. هن جاگيرن ۽ عطا ڪيل زمينن بابت قاعدا ۽ قانون جاري ڪيا. سندس ئي دؤر ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ۽ ڏيارام ڄيٺانند (ڊي. جي) ڪاليج منظور ٿيا. هي 1887ع تائين سنڌ جو ڪمشنر رهيو.
سر چارلس پرچرڊ: سر چارلس پرچرڊ 1888ع جي شروع ۾ بمبئيءَ کان ڪراچي آيو ۽ سنڌ جي ڪمشنر جي عهدي تي فائز ٿيو. هن جي ئي دؤر ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ۽ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج جي عمارتن جو سنگ بنياد گورنر جنرل لارڊ ڊفرن بمبئيءَ مان اچي رکيو. هن سکر ۾ درياهه تي هڪ پل 1887ع ۾ ٺهرائڻ وارو ٺهراءُ بمبئي سرڪار کان منظور ڪرايو. اها پل تعمير ٿيڻ کانپوءِ ’لئنسڊائون پل‘ جي نالي سان مشهور ٿي. پل تي لينسڊائون جو نالو انهيءَ ڪري پيو، جو ان وقت گورنر جنرل لينسڊائون هو. هيءَ پل يورپ کان آيل انجنيئرن ٺاهي، جنهن تي ان وقت چاليهه لک روپيا خرچ ٿيا.
مسٽر ٽريور: مسٽر ٽريور 1304هه/ 1887ع جي وچ ڌاري سنڌ جي ڪمشنر جو عهدو سنڀاليو. هن سرڪاري معاملن کي سهڻي نموني نڀايو. هي سنڌ ۾ مختصر عرصو رهيو. هن پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي جي بلوچ جاگيردارن کي جاگيرن جون سندون عطا ڪيون. ان کان پوءِ ٽريور کي ڪلڪتي ڪائونسل جو ميمبر مقرر ڪيو ويو، جنهن سبب هي 1888ع ۾ ڪلڪتي هليو ويو. هن پنهنجي دور ۾ حڪومتي نظام تمام سهڻي نموني هلايو.
ايڇ. اي. ايم جيمس: مسٽر ٽريور جي وڃڻ کانپوءِ 1307هه/1889ع جي شروع ۾ بمبئيءَ کان ايڇ. اي. ايم جيمس ڪراچيءَ آيو ۽ سنڌ جي ڪمشنريءَ جو عهدو سنڀاليائين. هي ڪمشنر ٿيڻ کان اڳ ۾ سنڌ جي جدا جدا ضلعن ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ سنڌ جو اسسٽنٽ ڪمشنر پڻ رهيو. سندس دؤر ۾ راڻي وڪٽوريا ۽ هند جي قيصره طرفان هزهائينس مير علي مراد خان (واليءَ خيرپور رياست) کي سندس انگريزن سان وفاداري ۽ پنجاهه سالن جي خدمت گذاريءَ عيوض 1891ع ۾ سي. آءِ. اي (گرائنڊ نائيٽ آف ڪراس آف دي انڊين امپرر) جو خطاب، ٻن هزار روپين جي روڪ انعام سان گڏ عطا ٿيو. جنهنڪري بمبئيءَ جو گورنر لارڊ هيرس ڪراچيءَ ۽ پوءِ شڪارپور آيو. هن جي دؤر ۾ ئي گدوبندر (حيدرآباد) کان شادي پلي (عمرڪوٽ جي ويجهو) تائين ريل گاڏيءَ جو افتتاح ٿيو. هن حيدرآباد جي اوڀر طرف ريگستان جي علائقي ۾ ’جمڙائو‘ نالي نئون واهه کوٽايو. هن جي دؤر ۾ ئي 92-1893ع ۾ انگريز حڪومت کي پنجاهه سال مڪمل ٿيا، جنهنڪري هڪ وڏو جشن منعقد ڪيو ويو.
سر چارلس اوليونٽ: هي 1895ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر جي عهدي تي فائز ٿيو. هن کان اڳ ۾ سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر جي عهدي تي پڻ رهي چڪو هو. سندس ئي دؤر ۾ جيڪب آباد جي پوليس عملدار مسٽر بينٽن، عيسائي مذهب ترڪ ڪري اسلام قبوليو هو، جنهن بعد مسٽر بينٽن جي سنڌ مان بدلي ڪري کيس دکن موڪليو ويو. 1895ع ۾ حُرن، کپري، سانگهڙ ۽ شهدادپور ۾ انگريزن خلاف تحريڪ شروع ڪئي، جنهن کانپوءِ انگريز سرڪار حڪمت عملي شروع ڪئي ۽ پير علي گوهر شاهه ۽ ٻين کان مدد ورتي. نتيجي ۾ اڪثر حر تحريڪ جا ڪارڪن گرفتار ٿيا، ڪي مارجي ويا ۽ ڪن کي ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو. هن برٽش سرڪار کان سنڌو نديءَ تي ڪوٽڙيءَ وٽ پل تعمير ڪرڻ جي منظوري ورتي.
ايڇ. اي. ايم جيمس: 1314هه/1896ع ۾ مسٽر جيمس موڪل تان موٽڻ بعد ٻيو ڀيرو سنڌ جي ڪمشنر جون ذميداريون سنڀاليون. سندس دؤر ۾ حرن ٻيهر بغاوت ڪئي، انهيءَ بغاوت جو سرواڻ بچو بادشاهه هو. اصل ۾ بچوءَ واري تحريڪ ۾ ڪل ٻارهن ڄڻا هئا، جيڪي ’ٻهروٽيا‘ مشهور ٿيا، جن مان اٺن جا نالا ملي سگهيا آهن، جيڪي هن ريت آهن: (1) بچو خاصخيلي، جنهن جو لقب ’بادشاهه‘ هو، (2) پير بخش وساڻ عرف ’پيرو وزير‘، (3) گلو موچي، (4) تڳيو چانگ، (5) ڀلو ڳاهو، (6) خميسو وساڻ، (7) فتلو قاضي، (8) قلان ڪاسائي.
هن تحريڪ جي آخر ۾ بچو بادشاهه گرفتار ٿيو. جنهن کانپوءِ ڪمشنر پير علي گوهر شاهه کي ’شمس العماء‘ جو لقب ڏنو. ان نموني حرن جي تحريڪ کي ڪجهه وقت لاءِ ڪمزور ڪيو ويو.
مسٽر ونگيٽ: 1314هه/1897ع جي آخر ۾ بمبئيءَ کان مسٽر ونگيٽ اچي سنڌ جو ڪمشنر بڻيو. هن دؤر ۾ سنڌ ۾ پليگ ۽ ڪالرا جون بيماريون وبا طور پکڙجي ويون، جيڪي گهڻو ڪري ڪراچي، ٺٽي، حيدرآباد، ڪوٽڙي، سکر ۽ شڪارپور جي شهرن ۾ عام جام ٿيون. سڄيءَ سنڌ ۾ پنج هزار ماڻهو انهن بيماري جي ڪري مري ويا، پر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’لب تاريخ سنڌ‘ جي فُٽ نوٽ ۾ لکيو آهي ته، ”هن بيماريءَ وگهي ٻن لکن کان وڌيڪ ماڻهو مري ويا.“ ان دوران مسٽر ونگيٽ کي سندس خدمتن عيوض بمبئيءَ جي وزارت عظميٰ (چيف سيڪريٽري) جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ هي 1897ع ۾ بمبئيءَ ڏانهن روانو ٿيو.
ايڇ. اي. ايم جيمس: سن 1898ع ۾ ايڇ. اي. ايم جيمس سنڌ جو ٽيون ڀيرو ڪمشنر ٿيو. انهيءَ سال بمبئيءَ جو گورنر لارڊ سينڊهرسٽ سنڌ ۾ آيو ۽ مير فيض محمد خان ٽالپر کي ’جي. سي. آءِ. اي‘ جو خطاب ۽ تمغو ڏنائين. 1895ع ۾ ئي مسٽر جيمس کي ’اسٽار آف انڊيا‘ جو لقب مليو، جنهن کانپوءِ هي ڪلڪتي هليو ويو.
مسٽر آر. جائيلس (وقتي ڪمشنر): مسٽر جيمس ڪلڪتي ويندي ڪمشنريءَ جي چارج ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر آر. جائيلس کي ڏني. مسٽر آر. جائيلس سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر، ڪليڪٽر ۽ ڪمشنر رهي چڪو هو. انهيءَ ڪري نهايت سهڻي نموني سان حڪومت جو ڪاروبار هلايائين. هن جي دؤر ۾ 1898ع ۾ پليگ جي بيماريءَ جي وبا ڪراچيءَ ۾ ڦهلجي وئي ۽ ان وبا ۾ هزارين ماڻهو مري ويا. انهيءَ حال ۾ هن هڪدم اهڙا اپاءَ ورتا، جو ڪراچيءَ کانسواءِ سڄيءَ سنڌ ۾ پوءِ ڪٿي به ڪو جاني نقصان نه ٿيو.
مسٽر جيمس: سن 1898ع جي آخر ۾ آنريبل جيمس، ڪلڪتي کان ڪراچيءَ پهچي، چوٿون ڀيرو ڪمشنر جو عهدو سنڀاليو ۽ تمام سهڻي نموني حڪومتي ڪاروبار هلايائين. هن پنهنجي دؤر ۾ خانبهادر خداداد خان کي 45 سالن تائين ايمانداريءَ سان انگريزن سان وفاداري ۽ بهترين ڪارڪردگيءَ جي عيوض ٽي سؤ ايڪڙ زمين ۽ هڪ سوني تلوار عطا ڪئي. مسٽر جيمس 1900ع ۾ واپس هليو ويو.
مسٽر رابرٽ گاس: رابرٽ 1900ع جي آخر ۾ ڪلڪتي مان اچي سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿيو. سندس دؤر ۾ شڪارپور ضلعي کي ٽوڙي ٻه نوان ضلعا سکر ۽ لاڙڪاڻو ٺاهيا ويا. هن سٺي نموني سنڌ جو حڪومتي نظام هلايو ۽ آخر 1902ع ۾ ولايت هليو ويو.
مسٽر اي ڪومائن: مسٽر اي ڪومائن 1902ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر جو عهدو سنڀاليو. هن جي دؤر ۾ ڪجهه انگريز آفيسرن هندستان جي وائسراءِ لارڊ ڪرزن آڏو اها راءِ پيش ڪئي ته سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪري پنجاب سان ملايو وڃي، پر هندستان جي وائسراءِ ڪرزن انهيءَ راءِ کي رد ڪري ڇڏيو. هي 1903ع تائين سنڌ جو ڪمشنر رهيو.
مسٽر ايڇ. سي ميوس: هي 1903ع کان 1904ع تائين سنڌ جو ڪمشنر رهيو.
مسٽر جي. ڊي ڊبليو مور ميڪنزي: هي 1904ع کان 1905ع تائين سنڌ جو ڪمشنر رهيو.
مسٽر ڊبليو. ٽي ماريس: هي 1905ع ۾ 7 مهينن لاءِ سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿيو.
مسٽر اي. ڊي سبنڊ: هي 1905ع جي آخر ۾ سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿيو. هن جي دؤر کان ئي سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ کان ڌار ڪري، جدا صوبو ٺاهڻ جي تحريڪ شروع ٿي. 1913ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪانگريس جو پهرين اجلاس ٿيو، جنهن کانپوءِ سنڌ کي جدا صوبو ٺاهڻ جون ڪوششون شروع ٿيون.
مسٽر ڊبليو. اي ليوڪس: هي 1913ع ۾ سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿيو. هن جي دؤر ۾ سنڌ ۾ ’ريشمي رومال تحريڪ‘ شروع ٿي. هي 1916ع ۾ واپس هليو ويو. هن جو دؤر سنڌ ۾ خوشحاليءَ جي حوالي سان بهترين دؤر ليکيو ويو آهي.
مسٽر ايڇ. ايس لارينس: سن 1916ع جي آخر ۾ ايڇ. ايس. لارينس سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿيو. سندس دؤر ۾ سنڌ ۾ 1919ع ۾ ريڊ ڪراس قائم ٿي ۽ 1920ع ۾ خلافت ڪانفرنس جو پهريون جلسو لاڙڪاڻي ۾ ٿيو، ان کانپوءِ هي سنڌ مان هليو ويو.
مسٽر. جي. ايل ريو: جي. ايل. ريو 1920ع جي آخر ۾ سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿيو. سندس ڪمشنريءَ واري دؤر ۾ ڪراچيءَ ۾ خلافت ڪانفرنس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ’ترڪ موالات تحريڪ‘ جي حمايت ۾ قرارداد منظور ٿي. هي 1925ع تائين سنڌ جو ڪمشنر رهيو. سندس دؤر کي خوشحال دؤر لکيو وڃي ٿو.
مسٽر پي. آر ڪيڊيل: پي. آر. ڪيڊيل 1925ع جي آخر ۾ سنڌ ۾ ڪمشنر مقرر ٿي آيو. هن جي دؤر ۾ انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ اها گُهر ڪئي ته سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار ڪري صوبي جو درجو ڏنو وڃي. هي 1926ع ۾ واپس ولايت هليو ويو.
مسٽر ڊبليو. ايف هڊسن: هي 1926ع ۾ سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿي آيو. هن دؤر ۾ سنڌ کي بمبئي پرڳڻي کان ڌار ڪرڻ واري تحريڪ زور وٺندي وئي. اهو لقاءَ ڏسي قائد اعظم محمد علي جناح انگريز سرڪار تي زور وڌو ته سنڌ کي جلد کان جلد بمبئيءَ کان ڌار ڪري صوبي جو درجو ڏنو وڃي.
مسٽر جي. اي ٿامس: جي. اي ٿامس 1926ع ۾ سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿي آيو. هن جي دؤر ۾ پڻ بمبئيءَ کان سنڌ کي ڌار ڪرڻ واري تحريڪ جاري هئي، ان کانسواءِ هن جي دؤر ۾ سکر بئراج وارو منصوبو پورو ٿيو، جنهنڪري سنڌ جي معاشي حالت بهتر ٿي وئي. هي 1934ع تائين سنڌ جو ڪمشنر رهيو.
مسٽر آر. اي گبسن: 1934ع جي وچ ڌاري هي سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿي آيو. سندس دؤر ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار ڪرڻ جي تحريڪ وڏي زور شور سان جاري هئي، آل انڊيا مسلم ليگ جي مسلسل جدوجهد جي نتيجي ۾ پهرين اپريل 1936ع تي سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار ڪري صوبي جو درجو ڏنو ويو، جنهن کانپوءِ گورنر جو عهدو بحال ٿيو.
(ب) گورنر:
بمبئيءَ کان سنڌ جي ڌار صوبي طور آزاديءَ کانپوءِ سنڌ ۾ هيٺيان گورنر مقرر ٿيا:
سر لينسلاٽ گراهم: سنڌ کي ڌار صوبي جي حيثيت ملڻ کانپوءِ 1936ع ۾ ڪمشنري نظام جو خاتمو اچي ويو ۽ سنڌ جو پهريون گورنر سر لينسلاٽ گراهم کي مقرر ڪيو ويو، جنهن پنج سال اهو عهدو سنڀاليو ۽ سن 1941ع ۾ فارغ ٿيو.
سر ايڇ. ڊائو: سن 1941ع ۾ ’سر هيو ڊائو‘ کي سنڌ صوبي جو گورنر مقرر ڪيو ويو، جيڪو 1946ع تائين رهيو. هن پنهنجي دور ۾ ڪراچيءَ ۾ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جي پيڙهه جو پٿر رکيو، جيڪو هن وقت ’ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز‘ جي نالي سان مشهور آهي.
فرانسز موڊي: سن 1946ع ۾ فرانسز موڊيءَ کي سنڌ جو گورنر بنايو ويو، جيڪو 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ تائين ان عهدي تي فائز رهيو. هن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هي پاڪستان تحريڪ جو حامي هو.
انگريز راڄ دوران سنڌ ۾ قائم سياسي پارٽين، تنظيمن ۽ تحريڪن جو مختصر احوال
انگريز دور ۾ سنڌ اندر جيڪي سياسي پارٽيون، تحريڪون ۽ تنظيمون سرگرم رهيون، تن جو مختصر ذڪر هيٺ ڏجي ٿو. انهن جماعتن ۾ انگريز سامراج خلاف جدوجهد ڪندڙ جماعتون ۽ انگريز راڄ جون حامي جماعتون شامل آهن.
1. اپر سنڌ زميندار ائسوسيئشن: هيءَ جماعت سنڌ جي مٿئين طبقي ۾ موجود اختلافن جي بنياد تي قائم ٿي. هن ائسوسيئيشن جي قيادت لاڙڪاڻي جي زميندارن جي هٿ ۾ هئي. هن جماعت جا خاص مقصد هئا، پنهنجي تر جي مٿئين طبقي/ زميندارن جي مفادن جي حفاظت ڪرڻ ۽ ’لوئر سنڌ زميندار ائسوسيئشن‘ جي مخالفت ڪرڻ.
2. امن سڀا: 1919ع ۾ ’خلافت تحريڪ‘ جي ابتدا فرنگي سرڪار خلاف رڻ ٻاري ڏنو، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ انگريز جي سرڪار پنهنجي لٺ ۽ چٺ واري پاليسي ۽ زور هيٺ ملڪ ۾ ’امن سڀائون‘ قائم ڪرايون، جن سڀائن کي سنڌ جي وڏيرن، پيرن ۽ آفيسرن گڏجي ڪامياب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هي جماعتون سنڌ جي ڳچ شهرن ۾ بڻايون ويون ۽ اهي اڪثر انگريز راڄ جي مضبوطيءَ ۽ سلامتيءَ لاءِ ڪم ڪنديون رهيون.
3. انڊين نيشنل ليگ: هيءَ جماعت اصل ۾ ان زماني جي مشهور ٿياسافسٽ ڊاڪٽر آرنڊولڊ 8 فبروري 1935ع تي مدراس ۾ قائم ڪئي هئي. ليگ جا خاص مقصد هي هئا ته برطانيا جي نظرداريءَ هيٺ سوراج حاصل ڪري هندوستان لاءِ اهڙي قسم جو آئين حاصل ڪيو وڃي، جنهن ۾ ان جي خودمختياري بحال هجي. سنڌ ۾ وري 24 مارچ 1935ع تي انهيءَ جي شاخ قائم ڪئي وئي، ڪراچيءَ کي ان جو مرڪز بڻايو ويو. ليگ جي پهرين وقتي ڪاميٽيءَ جو صدر درگداس
بي. آڏواڻي، نائب صدر ڪيولرام ڏيارام ۽ جي ايم سيد ۽ ٻيا شامل هئا.
4. اينٽي سيپريشن ڪميٽي: هيءَ ڪميٽي سنڌ کي بمبئيءَ کان الڳ نه ڪرڻ لاءِ 1932ع ۾ ٺاهي وئي هئي. ڪميٽيءَ جي سرگرم ڪارڪنن مان ديوان بهادر مرلي ڌر، مسٽر لالچند نولراءِ ۽ پروفيسر ايس. پي ڇٻلاڻيءَ جا نالا ذڪر ڪرڻ لائق آهن. سنڌ ۾ هن ڪميٽيءَ جا مکيه ٻه دفتر هوندا هئا: هڪڙو ڪراچيءَ ۽ ٻيو حيدرآباد. هن ڪميٽيءَ لنڊن ۾ پنهنجا انگريز مبلغ به مقرر ڪيا هئا. هن ڪميٽيءَ جو خيال هو ته سنڌ بمبئيءَ کان ڌار ٿي ته اڪثريتي صوبي پنجاب جي غلام ٿي ويندي.
5. اينٽي نان ڪو آپريشن سوسائٽي: هي سوسائٽي اپريل 1921ع ۾ حيدرآباد ميونسيپالٽيءَ جي سابق پريزيڊنٽ ٺاڪرداس کيمچند جي ڪوششن سان قائم ٿي. سوسائٽيءَ جو مکيه مقصد بنهه ’امن سڀا‘ جهڙو هو. هن سوسائٽيءَ جو پهريون صدر ديوان ليلارام سنگهه وطن مل ۽ سيڪريٽري ٺاڪرداس کيمچند، ڪاروباري ڪميٽي: ديوان حشمت راءِ (چيئرمين)، مرزا قليچ بيگ، محمد احسان، مکي هرڪشن داس، لوڪو مل گوبند بخش، ڄيٺسنگهه نارائڻ سنگهه، گوپال داس، علي اڪبر بار ايٽ لا۽ مسٽر غني بار ايٽ لا هئا.
6. برٽش امپائر ليگ: هيءَ جماعت فرنگي سرڪار جي خيرخواهن جي هڪ آڳاٽي جماعت هئي، جنهن جي سنڌ ۾ پهرين شاخ 5 مارچ 1906ع تي قائم ڪئي وئي هئي. سنڌ جو ڪمشنر هن جماعت جو صدر هوندو هو ۽ سنڌ جي هندن، مسلمانن، پارسين ۽ ڪرستانن جا اهي ماڻهو جيڪي سرڪار سان وابسته هوندا هئا، سي هن جماعت جا ميمبر ٿيندا هئا. 1906ع ۾ هن جماعت جا جملي 85 ميمبر هئا. غير سرڪاري ماڻهن مان پروفيسر شهاڻي، ٽيڪچند اوڌو داس، غلام علي چاڳلا، نادر شاهه ڊنشا ۽ يوسف علي علي ڀائي، هن جماعت جا سرگرم ڪارڪن ٿي رهيا.
7. خاڪسار تحريڪ: سنڌ ۾ خاڪسار تحريڪ کي متعارف ڪرائڻ وارو هو حيدرآباد جو وڪيل نصير محمد. ان کانپوءِ ڊاڪٽر قاضي محمد اڪبر هن تحريڪ کي مقبول بڻايو. پير الاهي بخش جي ڪوششن سان هن جماعت جون لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ۾ شاخون قائم ٿيون، ڪراچيءَ ۾ وري قاضي عبدالرسول وڪيل ۽ سيد حضرت شاهه ان کي اتي مقبول بڻايو.
8. دي نئشنل سروس ليگ: هيءَ جماعت، مسلم ليگ، خلافت تحريڪ ۽ انڊين نيشنل ڪانگريس جي گڏيل نافرمانيءَ واري تحريڪ کي ٻنجي ڏيڻ لاءِ 1921ع ۾ ٺاهي وئي. ٺاڪرداس کيمچند هن جماعت جو روح روان هو.
9. ستياگره سڀا: ’رولٽ ائڪٽ‘ لاڳو ٿيڻ کان پوءِ عوام سان جيڪي آزار ٿيڻ لڳا، تن کي اڳيان رکي، سنڌ جي سياستدانن، اپريل 1919ع ۾ هيءَ سڀا قائم ڪئي. جماعت جو صدر دفتر ڪراچيءَ ۾ هوندو هو.
10. سنڌ آزاد پارٽي: 10 سيپٽيمبر 1935ع تي ڪراچيءَ ۾ ’خلافت ڪميٽي‘، ’جمعيت العلماءِ سنڌ‘ ۽ ’سنڌ هاري ڪميٽيءَ‘ جي گڏيل اجلاس ۾ هيءَ جماعت قائم ڪئي وئي، جنهن جو پهريون عارضي صدر شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي بڻايو ويو ۽ پير الاهي بخش، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، رئيس علي محمد مري ۽ رئيس علي محمد کيڙي تي مشتمل هڪ ورڪنگ ڪميٽي تشڪيل ڏني وئي. هن پارٽيءَ سنڌ جي پهرين چونڊن ۾ ٽي سيٽون حاصل ڪيون، پارٽي اڳتي هلي مسلم ليگ ۾ ضم ٿي وئي.
11. سنڌ آزاد ڪانفرنس: هيءَ پارٽي 15 نومبر 1932ع تي حيدرآباد ۾ سڏايل ’ٻي سنڌ آزاد ڪانفرنس‘ جي موقعي تي بڻائي وئي. هن پارٽيءَ جو مقصد هو ته سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ واري مطالبي کي مقبول عام بڻايو وڃي. پارٽيءَ جو پهريون صدر شاهنواز خان ڀٽو'>سر شاهنواز خان ڀٽو، نائب صدر خانبهادر محمد ايوب کهڙو ۽ سيڪريٽري ميران محمد شاهه بڻيو.
12. سنڌ اسيمبلي ڪوئيليشن پارٽي: سنڌ ليجليسٽيو اسيمبليءَ جي قائم ٿيڻ سان جيڪي پارٽيون چونڊجي آيون، جن مان هڪڙيون نج سنڌ جي ماحول ۽ تقاضائن مطابق بڻيون هيون ۽ ٻيون اهي جماعتون هيون، جن جا مرڪز سنڌ کان ٻاهر هئا، ان ڪري سنڌ اسيمبلي متضاد مفادن جي بچائڻ جو اڏو بڻجي وئي. انهيءَ رساڪشيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري هو ته چونڊجي آيل مختلف پارٽيون ڪن مشترڪ مفادن ۽ اصولن تي متحد ٿين. هيءَ جماعت انهن ڪوششن جي نتيجي ۾ قائم ٿي.
13. سنڌ پروگريسو پارٽي: هيءَ پارٽي 1935ع ۾ درگداس بي. آڏواڻيءَ قائم ڪئي هئي. پارٽيءَ جو بنياد غيرفرقيوارانه حڪمت عمليءَ تي رکيو ويو ۽ ان جي آئين مطابق سنڌ جو ڪو به ماڻهو، جيڪو ترقي پسند خيالن جو هجي، ذات پات، رنگ، نسل ۽ دين ڌرم جي فرق کان سواءِ هن پارٽيءَ جو ميمبر ٿي سگهي ٿو. پارٽيءَ کي ابتدا کان وٺي مخالفت جو وڏو بار کڻڻو پيو.
14. سنڌ پوليٽيڪل ڪلب: سنڌ کي بمبئيءَ کان الڳ ڪرڻ تائين هتان جا اڳواڻ ۽ عالم، وقت جي حالتن ۾ رنگ، نسل، دين ڌرم ۽ ذات پات جو رنگ چاڙهي چڪا هئا، انهيءَ ڪري اها وقت جي تقاضا هئي ته اختلافن کي ڪنهن حد تائين گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.
’سنڌ پوليٽيڪل ڪلب‘ انهيءَ پس منظر ۾، مئي 1936ع ۾ قائم ٿي. هن ڪلب جا ميمبر مختلف سياسي پارٽين جا ميمبر هوندا هئا، ڪجهه وقت اڳتي هلي ڪانگريس هن ڪلب مان نڪري وئي. ڪلب جي پهرين ميمبرن مان درگداس بي آڏواڻي، سر غلام حسين هدايت الله، جي ايم سيد، محمد هاشم گزدر، ڊاڪٽر ڀوپت لال، خانچند گوپال داس، ڊاڪٽر پرمانند آهوجا، حاتم علوي، هردا لال، يوسف هارون ۽ ٿڌاڻيءَ جا نالا ذڪر ڪرڻ لائق آهن.
15. سنڌ پيپلز پارٽي: هيءَ پارٽي 1933ع ۾ سر شاهنواز ڀُٽي جي صدارت ۾ ٺهي. پارٽيءَ جو پهريون صدر حاتم علوي هو، ان جي مکيه ميمبرن ۾ جي. ايم. سيد، سيد غلام نبي شاهه، محمد علي شاهه، حاجي مولابخش سومرو، خانبهادر الله بخش سومرو، نبي بخش خان ڀٽو ۽ سيد ميران محمد شاهه اچي وڃن ٿا.
16. سنڌ پيپلز ڪانگريس ڪميٽي: هن پارٽيءَ جو باني ڪراچيءَ جو مشهور ڪانگريسي اڳواڻ سوامي گووند آنند هو. هن صاحب جو جڏهن ڪانگريس سان اختلاف ٿيا ته نومبر 1936ع ۾ هيءَ جماعت ٺاهيائين.
17. سنڌ زميندارز ائسوسيئشن: هيءَ جماعت اپريل 1921ع ۾ سڏايل سنڌ جي زميندارن جي هڪ ڪانفرنس جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ بڻائي وئي. ائسوسيئشن جو پهريون صدر رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي ٿيو، جنهن جو برصغير جي تاريخ ۾ وڏو ڪردار آهي ۽ کيس ’رئيس الاحرار‘ سڏيو وڃي ٿو.
18. سنڌ زميندارز ائسوسيئشن، پٿورو: هيءَ سنڌ جي قديم جماعتن مان هڪ هئي، جيڪا سرهندي پيرن جي ڪوششن سان قائم ٿي. جماعت سياسي نقطه نگاهه کان مرحوم رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي اثر هيٺ هوندي هئي.
19. سنڌ ساگر پارٽي: جلاوطنيءَ جي خاتمي کانپوءِ مولانا عبيدالله سنڌي سنڌ ۾ آيو ته هن 1939ع ۾ ’جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي‘ ٺاهي. هيءَ پارٽي هندستان کي مذهب جي بنياد تي ورهائڻ بدران ٻوليءَ جي بنيادن تي اڪائين تي مشتمل رياستن جي بنياد تي تقسيم ڪرڻ جي حق ۾ هئي.
20. سنڌ سڀا: هيءَ سنڌ جي پهرين سياسي ۽ سماجي جماعت هئي، جيڪا غير فرقيوارانه بنيادن تي 1882ع ۾ قائم ٿي. هن جماعت جو پهريون صدر سيٺ آتمارام ڀوڄواڻي ٿيو. ديوان ڏيارام ڄيٺمل ۽ ديوان ڏيارام گدو مل هن جماعت جا روح روان هئا.
هن جماعت جي قيام واري سال ئي لارڊ رپن ڏيهي ماڻهن کي مڪاني خودمختياريون وڌائي ڏيڻ جو خيال ڪيو ۽ ميونسپل توڙي لوڪلبورڊن جي چونڊن جو سرشتو عمل ۾ آڻڻ جو بل تيار ڪرايو.
’سنڌ سڀا‘ هندستان جي انهيءَ آئين ۽ عمل ۾ اهم پارٽ ادا ڪيو ۽ پوءِ پاڻ کي ايترو ته منظم ڪيو، جو سنڌ ۾ ميونسپالٽين جون چونڊون ٿيون ته انهن ۾ اڪثريت هن پارٽيءَ کي ئي نصيب ٿي.
1884ع ۾ لارڊ رپن کي سپاسنامو ڏيڻ واري سوال تي حسن علي آفنديءَ، جو ان وقت جماعت جو نائب صدر هو، استعيفا ڏئي ڇڏي ۽ پوءِ آهستي آهستي هيءَ پارٽي اختلافن جو شڪار ٿي وئي.
21. سنڌ سوراج سوسائٽي: هيءَ سوسائٽي، جون 1921ع ۾ قائم ڪئي وئي ته جيئن هڪ طرف ڏڦيڙي سياست کي ٿڌو ڪري سگهجي ۽ ٻئي طرف وقت جي سرڪار جي ڪڌن ڪرتوتن جا وکا پڌرا ڪري عوام کي باخبر ڪجي. سوسائٽيءَ جو صدر دفتر حيدرآباد ۾ هوندو هو. ان جو پهريون صدر رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، نائب صدر گوپال داس جهمٽمل، سيڪريٽري سنتداس منگهارام، ڇٽو مل ٿڌاڻي ۽ ڪاروباري ڪميٽيءَ ۾ کيمچند امرت راءِ، ڄيٺمل پرسرام، پهلاج راءِ، گنگارام، ڪرمچند گرمکداس، هيرانند سنتوڪ رام، جمشيد مهتا ۽ ڊاڪٽر بولچند شامل هئا.
22. سنڌ سوشلسٽ پارٽي: هيءَ پارٽي 1936ع ۾ نارائڻداس آنند جي. بيچر جي قيادت ۾ ٺهي. هن جماعت سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين چونڊن ۾ ڪانگريس سان الحاق ڪيو هو.
23. سنڌ ليبر پارٽي: هيءَ پارٽي جون 1936ع ۾ ڪراچي ۾ قائم ٿي. ڊاڪٽر تاراچند هن جماعت جو پهريون صدر ۽ اي. ايم خان ۽ عبدالرحمان انهيءَ جا پهريان سيڪريٽري ٿيا. هيءَ جماعت ان ڪري قائم ڪئي وئي ته جيئن سنڌ جي جاگيردارانه نظام جو خاتمو آندو وڃي ۽ بئراجي زمينون آسان قسطن تي هارين کي ڏياريون وڃن.
24. سنڌ ليگ آف پروگريس: هيءَ جماعت آڪٽوبر 1922ع ۾ ڪراچيءَ ۾ قائم ڪئي وئي، انهيءَ جو پهريون صدر سيٺ هرچندراءِ وشنداس ۽ پهرين ڪاروباري ڪميٽي سي. ايف. ڊي. ابريو، جي. برچ، ڏيپچند چانڊو مل، ولي محمد حسن علي، اي. ايڇ. ماما، جمشيد مهتا، مير ايوب خان، شقرتن مهتا، اي. ايل. پرائس ۽ روپچند ٻيلارام تي مشتمل هئي. جماعت جو پهريون سيڪريٽري سر مانٽميگو ويب هو. ملڪي سطح تي هيءَ جماعت انهن جماعتن مان هڪ هئي، جن غير فرقيوارانه پاليسي اختيار ڪئي. جماعت جي واڳ جيتوڻيڪ انتهاپسندن جي هٿ ۾ نه هئي، پر ان هوندي به ان جا ميمبر وڏي اثر رسوخ وارا هوندا هئا، جن سنڌ جي مسئلن کي گهٽين ۽ رستن تي حل ڪرائڻ بدران ايوانن ۽ اسيمبلين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي.
25. سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي: جڏهن ’سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ‘ ۾ هڪ اڌ ڊپٽي ليڊر جي چونڊ تي اختلاف ٿي پيا ته سر غلام حسين هدايت الله ۽ محمد ايوب کهڙي اُها پارٽي ڇڏي، وڃي هڪ رات ۾ ’سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي‘ ٺاهي ورتي. پارٽي 31 آڪٽوبر 1936ع تي ٺاهي وئي هئي. هن پارٽيءَ سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين چونڊن ۾ صرف ٽي سيٽون کنيون هيون، پر وقت جي گورنر اڪثريت حاصل ڪندڙ پارٽين کي نظر انداز ڪري هن پارٽيءَ کي وزارت ٺاهڻ جي آڇ ڏني. هيءَ پارٽي 21 مارچ 1938ع تائين اقتدار ۾ رهي.
26. سنڌ مسلم ليگ: عام طرح چيو ۽ لکيو ويو آهي ته رئيس غلام محمد ڀرڳڙي 1917ع ۾ سنڌ ۾ انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي شاخ کولي هئي، پر حقيقت اها نه آهي. اصل ۾ ’سنڌ محمدن ائسوسيئشن‘، جيڪا ان وقت سرڪار جي نوازيل جماعت بڻجي چڪي هئي، ان کان ڪيترا آزادي پسند ۽ قومپرست اڳواڻ بيزار ٿي چڪا هئا. انهن مان جند ڇڏائڻ لاءِ ’سنڌ مسلم ليگ‘ ٺاهي وئي، جنهن جي نالي مان ئي ظاهر آهي ته هن جماعت جو انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ سان به واسطو ڪو نه هو ۽ اها پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ خودمختيار سياسي جماعت هئي، اهو ئي سبب آهي، جو 1917ع ۾ جڏهن مانٽيگو ۽ لارڊ چيلمسفورڊ هندستان ۾ آئيني سڌارن آڻڻ لاءِ هندستان جي دؤري تي آيا ته ’سنڌ مسلم ليگ‘ الڳ ۽ خودمختيار حيثيت ۾ انهن اڳيان پنهنجو ميمورنڊم پيش ڪيو.
’سنڌ مسلم ليگ‘ جو پهريون صدر يوسف علي ڀائي هو، ۽
غلام علي چاڳلا ۽ حاجي عبدالله هارون ان جا سيڪريٽري هئا. انهيءَ زماني ۾ رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، جان محمد جوڻيجو،
شيخ عبدالمجيد سنڌي، مولوي تاج محمد، ڊاڪٽر نور محمد، محمد خان، ڊاڪٽر حاجي ۽ سيٺ امين الدين ساڳيءَ طرح ابتدا وانگر ليگ جا قائد رهيا.
1925ع ۾ ’سنڌ مسلم ليگ‘ کي نئين سر منظم ڪيو ويو. ان وقت سيٺ حاجي عبدالله هارون کي صدر، سيد محمد ڪامل شاهه کي
نائب صدر، ڊاڪٽر شيخ نور محمد کي سيڪريٽري ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ کي خزانچي مقرر ڪيو ويو. 1934ع ۾ وري هن جماعت جي قيادت ۽ تنظيم ۾ تبديلي آڻي حاتم علويءَ جي صدارت ۾ ان کي نئين سر منظم ڪيو ويو.
حقيقت ۾ سنڌ ۾ ’انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ‘ آڪٽوبر 1938ع ۾ سڏايل ’پهرين سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس‘ کانپوءِ ئي سنڌ ۾ پير پاتو. انهيءَ کان ستت پوءِ ’مسجد منزل گاهه‘ واري سياسي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي، جنهن جماعت کي تحريڪ سبب مقبول بڻائي ڇڏيو ۽ قيادت انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ کي ملي وئي. اڳتي هلي سنڌ مسلم ليگ حاجي عبدالله هارون ۽ ان جي وفات بعد جي ايم سيد بڻِا، جنهن اڳتي هلي 1943ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان جو ٺهراءُ پاس ڪرايو، جنهن ۾ پاڪستان اندر سنڌ کي خودمختيار رياست جي صورت ملڻي هئي، پر آل انڊيا قيادت ان ۾ ترميم آڻي، سنڌ مسلم ليگ ۽ سنڌ جي خودمختياريءَ کي هڪ ڌڪ سان ختم ڪري ڇڏيو، نتيجي طور جي ايم سيد ڌار ٿي، جدا ليگ ٺاهي، چونڊن ۾ حصو ورتو.
27. سنڌ منارٽيز ائسوسيئشن: غير مسلم سنڌ واسين جي هيءَ جماعت 1946ع ۾ قائم ٿي، جنهن جو پهريون صدر ديوان ٽيڪمداس ۽ پهريان نائب صدر هيرالال شرما ۽ راءِ صاحب گوڪلداس هئا. هيءَ جماعت قيام پاڪستان کي ذهن ۾ رکي بڻائي وئي هئي ته جيئن نئين تبديليءَ مطابق ٿورائيءَ وارن سنڌ واسين جي مفادن جو بچاءُ ڪري سگهجي.
28. سنڌ نئشنلسٽ پارٽي: هيءَ پارٽي 1935ع ۾ حيدرآباد ۾ ٺاهي وئي هئي، پارٽي ٺاهڻ جو مقصد هي هو ته بمبئيءَ کان الڳ ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جڏهن صوبائي حيثيت اختيار ڪري ته پوءِ ٿورائي وارن طبقن جي مفادن جو بچاءَ ڪيو وڃي. هن پارٽيءَ جو دڳ ئي الڳ هو. پارٽيءَ وارا ’سنڌ هندو سڀا‘ کي ڪٽر جماعت تسليم ڪندا هئا ۽ پنڊت مالويه جي ’نئشنلسٽ پارٽي‘ سان به پلاند ملائڻ لاءِ تيار نه هئا. هيءَ جماعت سنڌ جي روشن خيال غير مسلم رهواسين جي پيداوار هئي، وشنداس ڏيارام، مهراج هوندراج، ليلارام حڪومت راءِ، ڀائي لڌارام ۽ ڊاڪٽر وليرام هن جماعت جا خاص اڳواڻ هئا.
29. سنڌ هندو زميندار سڀا: هيءَ سڀا 30 اپريل 1927ع تي قائم ڪئي وئي، جماعت جو پهريون صدر پرنسپال شهاڻي ۽ پهريون سيڪريٽري منوهر داس ڪوڙو مل هو. ان کان سواءِ هن جماعت جي پهرين’ڪاروباري ڪميٽي‘ هيٺين ماڻهن تي مشتمل هئي، ڪراچي: سيٺ سوڀراج چيتو مل، بهادر شيوارام'>راءِ بهادر شيوارام ۽ سيٺ هرچندراءِ وشنداس، حيدرآباد: مکي ڄيٺانند، ديوان همت سنگهه، اڌارام شيوڪرام ۽ اڌن مل مينگهراج، نوابشاهه: اڌارام چانڊومل، آسنداس ليلارام، سکر: مکي موٽڻ داس، ٿرپارڪر: ٺاڪر ونگهراج ۽ سيٺ پرتاب راءِ ۽ لاڙڪاڻو: ريجهو مل لاهوري، ڪشنچند واڌو مل ۽ سيٺ گوڪل داس نول داس. هي جماعت سنڌ جي هندو زميندارن جي مفادن جي نگهباني ڪندي هئي.
30. سنڌ هندو سڀا: ’سنڌ سڀا‘ جڏهن اختلافن جو شڪار ٿي وئي ۽ سنڌ جي سياست تي مذهبي رنگ چڙهڻ لڳو ته سنڌ جي هندن ’سنڌ هندو سڀا‘ ٺاهي. هن سڀا جون سنڌ جي مکيه شهرن ۽ مرڪزن ۾ شاخون هونديون هيون. هيءَ جماعت ان دور ۾ سنڌ جي هندن جي هڪ فعال سياسي جماعت هئي.
31. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي: سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ کانپوءِ هيءَ جماعت 30 آڪٽوبر 1936ع تي قائم ڪئي وئي. جيتوڻيڪ پارٽيءَ کي غير فرقيوارانه بنيادن تي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، پر اڳتي هلي اقتدار پرست مسلم سياستدانن اختلاف ڪري ’سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي‘ جوڙي ورتي.
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جو پهريون اڳواڻ سر حاجي عبدالله هارون، نائب اڳواڻ سر شاهنواز ڀٽو ۽ ميران محمد شاهه، سيڪريٽري حاتم علوي ۽ سيد مهر علي شاهه ٿيا. سنڌ جي پهرين چونڊن ۾ هن پارٽيءَ کي وڏي ڪاميابي حاصل ٿي، ليڪن هن پارٽيءَ جا ٻه مکيه اڳواڻ سر حاجي عبدالله هارون ۽ سر شاهنواز ڀٽو چونڊون کٽي نه سگهيا. پارٽيءَ کي ٻيو ڌڪ اهو لڳو ته وقت جي گورنر هن پارٽيءَ کي نظر انداز ڪري ’سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي‘ کي وزارت ٺاهڻ جو موقعو ڏنو. هن پارٽيءَ کي جڏهن وزارت ٺاهڻ جو موقعو مليو ته ان جو اسيمبليءَ وارو اڳواڻ ۽ وزيراعليٰ خانبهادر الله بخش سومري ڪانگريس طرف لاڙو ڪيو ۽ هيءَ پارٽي اقتدار جي ڪرسيءَ تائين پهچندي ختم ٿي وئي.
31. سوديشي سڀا: هن سڀا جو قيام 31 آڪٽوبر1919ع تي عمل ۾ آندو ويو. سڀا اصل ۾ بمبئيءَ ۾ قائم ڪيل مهاتما گانڌيءَ جي ’سوديشي سڀا‘ جو پڙاڏو هئي. سنڌ سوديشي سڀا جي مکيه اڳواڻن مان جمشيد نسروانجي مهتا، مسڪيوٽا، سر ڪشنداس للا، نرسنگهه لال ڌمن مل، نارائڻ داس آنندجي، رام داس ۽ حاتم ڪريم جي جا نالا ذڪر لائق آهن. سڀا جو صدر دفتر ڪراچيءَ ۾ هوندو هو. سڀا سنڌ ۾ ’سوديشي تحريڪ‘ کي مقبول ۽ مانوس بڻائڻ ۾ وڏو ڪم ڪيو.
32. سوراج پارٽي: ڪانگريس پارٽيءَ ۾ ڏڦيڙ پوڻ کانپوءِ جڏهن ان جي انتهاپسند ڌڙي ’سوراج پارٽي‘ ٺاهي ته انهيءَ جو اثر سنڌ تي به پيو. سنڌ ۾ آر. ڪي سڌوا ۽ شري ڪشنداس للا، هن پارٽيءَ جا باني اڳواڻ هئا.
33. سول لبرٽيز يونين: هيءَ يونين سنڌ ڪانگريس ڪميٽيءَ جي ذيلي شاخ هئي، جيڪا 1936ع ۾ جمشيد نسروانجي مهتا جي صدارت هيٺ ٺاهي وئي هئي. هن يونين جي مکيه ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ جيرام داس دولترام جا نالا ذڪر ڪرڻ لائق آهن.
34. سوراج سڀا: هيءَ جماعت 1921 ۾ شڪارپور ۾ قائم ڪئي وئي. جماعت جي ٺهراءَ ۾ شڪارپور جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر ٽانٽن جو وڏو هٿ هو، جماعت جي مکيه ميمبرن مان ميان علي بخش، ڀڳوانداس، شيخ تاج محمد، مولوي رحمت الله، پير ضياءِ معصوم شاهه ۽ مرليڌر جا نالا ذڪر ڪرڻ لائق آهن. جماعت جو مقصد بنهه امن سڀا جهڙو هو.
35. فرينڊ آف سوويت يونين: هيءَ جماعت مطالعي هيٺ آيل دؤر جي پوئين ڏهاڪي ۾ قائم ٿي. ڪراچي ۽ حيدرآباد انهيءَ جا مکيه مرڪز هوندا هئا. پروفيسر ڪارواڻي هن جماعت جو پهريون سيڪريٽري هو.
36. لوئر سنڌ جاگيردار ائسوسيئشن: هن جماعت جو مرڪز حيدرآباد هو. هن جماعت 1922ع ۾ سکر بئراج جي مخالفت ۾ ڀرپور تحريڪ هلائي، ڇو ته جماعت جي خيال ۾ بئراج جي تعمير مان اپر سنڌ جي زميندارن ۽ جاگيردارن کي اجايو فائدو رسڻو هو. مکي هرڪشنداس، سيد ڪمال شاهه، اڌارام ۽ شيوڪ رام هن جماعت جا مکيه اڳواڻ هئا.
37. مسلم نيشنلسٽ پارٽي: هيءَ پارٽي قيام پاڪستان کان ٿورو اڳ ۽ خانصاحب الله بخش سومري جي شهادت کان ڪجهه وقت پوءِ ٺهي. جماعت کي اتر سنڌ ۾ ڪافي مقبوليت حاصل ٿي . 1946ع ۾ مسٽر محمد علي مڪراني ان جو سيڪريٽري ٿيو. هيءَ جماعت هندو مسلم اتحاد ۽ آزاديءَ جي حصول ۾ اعتقاد رکندي هئي.
38. نيشنل ڪنوينشن ڪلب: هيءَ ڪلب 1924ع ۾ قائم ڪئي وئي. سندس سرڪرده اڳواڻن مان جمشيد نسروانجي ميهتا ۽ ڄيٺمل پرسرام جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. ڪراچي ۽ حيدرآباد هن ڪلب جا ٻه مکيه مرڪز هئا. هن ڪلب طرفان ڪراچيءَ جي خالقڏني هال ۽ حيدرآباد جي بنڌو آشرم ۾ ڪيتريون ئي گڏجاڻيون ٿيون. هن ڪلب عوام ۾ سنڌ جي جدائيءَ کي مقبول بڻائڻ کان سواءِ پورهيت طبقي کي بيدار ڪرڻ ۾ وڏو ڪم ڪيو.
39. سنڌ هاري ڪميٽي: هن نالي سان هي پارٽي 1930ع ۾ قائم ڪئي وئي، جنهن جو پهريون صدر پرنسپال گوڪلي کي مقرر ڪيو ۽ ڄيٺمل پرسرام،شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ جي. ايم. سيد اُن جا سيڪريٽري ٿيا. هن پارٽيءَ جي سهاري هيٺ سنڌ جي هارين جون ڪانفرنسون ٿيون ۽ سنڌ اسيمبلي هارين جي مسئلن ڏانهن ڌيان ڏنو. اڳتي هلي 1945ع ۾ جڏهن حيدر بخش جتوئي جج طور ملازمت تان استعيفا ڏئي هن جماعت ۾ شامل ٿيو ته هيءَ جماعت سنڌ جي هارين جي انقلابي پارٽي بنجي وئي.
40. هوم رول ليگ: هن جماعت جو اصل ۾ بنياد 1915ع ۾ ٿياسافيءَ جي پرچارڪ عورت ايني بيسنت وڌو هو ۽ سنڌ ۾ وري سندس پوئلڳن انهيءَ جي شاخ کولي. ڪراچي هن جماعت جو صوبائي مرڪز هو. ان جون شاخون حيدرآباد ، سکر ۽ شڪارپور ۾ به هيون.
41. يونئنسٽ پارٽي: هي جماعت 1936ع ۾ سيٺ حاجي عبدالله جي ڪوشش ۽ قيادت سان قائم ٿي. پارٽي غير فرقيوارانه بنيادن تي ٺاهي وئي هئي ۽ سنڌ جي اقتصادي ترقيءَ کي ان جي منصوبي ۾ وڏي جاءِ ڏني وئي هئي.
انگريز دور جي سنڌ اسيمبليءَ جي تاريخ (مختصر ذڪر)
سنڌ جي سياسي جماعتن ۽ عوام جي ڊگهي جدوجهد کانپوءِ سنڌ جي بمبئي پريزيڊنسيءَ کان جدا ٿي ڌار صوبي واري حيثيت بحال ٿي ته 1936ع ۾ سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جو قيام عمل ۾ آيو. سنڌ کي صوبي جو درجو ڏئي، پارلياماني نظام لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. بمبئي پريزيڊنسيءَ جي گورنر جي ماتحتيءَ ۾ سنڌ تي مقرر ٿيندڙ ڪمشنرن جو سلسلو به ختم ڪيو ويو. ٻيهر سياسي سرگرميون بحال ٿيون ۽ ان دوران سنڌ جو مرڪزي شهر ڪراچي خاص طور سياسي سرگرمين جو مرڪز بڻجي ويو.
جڏهن 1935ع واري ايڪٽ هيٺ اپريل 1936ع ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان آزاد ڪري صوبي جي حيثيت ڏني وئي ته صوبن ۾ مڪاني خود مختياري رائج ڪري، سمورا کاتا مقامي ماڻهن جي حوالي ڪيا ويا.
اُنهيءَ ايڪٽ موجب نئين چونڊ ٿيڻ تائين، سنڌ ۾ نئين مقرر ڪيل گورنر سر لانسلاٽ گراهم کي انتظام هلائڻ لاءِ 25 ميمبرن جي ڪائونسل ۽ ٻه صلاحڪار مقرر ڪري ڏنا ويا، جيڪي سڀ اڳ ئي بمبئي ڪائونسل جا ميمبر هئا. چيف صلاحڪار سر شاهنواز ڀُٽي کي مقرر ڪيو ويو. بمبئيءَ کان جدا ٿيڻ کانپوءِ سنڌ قانونساز اسيمبليءَ جون پهريون عام چونڊون 1937ع ۾ ٿيون. سنڌ قانون ساز اسيمبليءَ جو پهريون اجلاس 27 اپريل 1937ع تي اسيمبلي هال، سنڌ چيف ڪورٽ بلڊنگ ۾ ٿيو. سنڌ اسيمبليءَ جي پهرئين دور ۾ ميمبرن جو تعداد
60 هو، جن مان 33 سيٽون مسلمانن لاءِ، 18 جنرل، 3 پارسين ۽ 3 يورپين،
2 ڪامرس، 2 زمينداري، 2 پورهيتن ۽ عورتن لاءِ مخصوص ڪيون ويون. سنڌ قانونساز اسيمبليءَ جي پهرين چونڊ ۾ ڪيترائي ميمبر سنڌ جي مختلف علائقن مان چونڊجي آيا ۽ انهن سنڌ ۾ پارلياماني نظام جي ابتدا ڪئي.
1937ع کان 1945ع تائين ڪن ميمبرن جي استعيفائن ۽ سيٽن وڌائڻ وغيره سبب ڪجهه وڌيڪ ميمبر پڻ سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر رهيا.
سنڌ اسيمبلي جي انهيءَ پهرينءَ چونڊ ۾ ٻه عورتون: جينو ٻائي غلام علي الانا ۽ ڪماري ڄيٺي سپاهميلاڻي چونڊجي آيون.
انهن چونڊن ۾ اتحاد پارٽيءَ 18 سيٽون ۽ سنڌ مسلم پوليٽڪل پارٽيءَ 4 سيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته ڪنهن به پارٽيءَ کي واضح اڪثريت حاصل نه هئي. اتحاد پارٽيءَ وٽ جيتوڻيڪ وڌيڪ سيٽون هيون، پوءِ به قاعدي جي لتاڙ ڪري گورنر سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽيءَ جي سربراهه سر غلام حسين هدايت الله کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني وئي ۽ سنڌ جي سياست ۾ جوڙ توڙ جو عنصر شامل ٿيو، جنهن اڳتي هلي تمام اگرا نتيجا ڏنا.
سنڌ قانونساز اسيمبليءَ جو، ابتدائي اجلاس 27 اپريل 1937ع تي 11 وڳي صبح جو سنڌ چيف ڪورٽ ڪراچيءَ جي سنڌ اسيمبليءَ هال ۾ ٿيو، ان جي صدارت وقتي چيئرمئن ديوان بهادر هيرانند کيمسنگهه ڪئي ۽ 57 چونڊيل ميمبرن پهرئين ڏينهن ميمبريءَ جو قسم کنيو. 28 اپريل 1937ع تي اسپيڪر جي چونڊ ٿي، ٽي ميمبر اميدوار طور سامهون آيا، جن مان پير الاهي بخش، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي حق ۾ هٿ کنيو، ديوان بهادر ڀوڄسنگهه جي. پهلاجاڻي ۽ شيخ عبدالمجيد جي وچ ۾ مقابلو ٿيو. سر غلام حسين هندو ميمبرن کي پنهنجي حق ۾ ڪرڻ لاءِ هڪ هندو ميمبر کي وزير مقرر ڪيو ۽ اسپيڪر لاءِ ديوان بهادر ڀوڄسنگهه جي مدد ڪرڻ جو واعدو ڪيو. ان ڪري ديوان بهادر کي 40 ووٽ ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي 18 ووٽ مليا. ان سوديبازي ڪرڻ تي سر غلام حسين سان محمد هاشم گزدر تلخ ڪلامي ڪئي ۽ کيس دوکيباز، غدار ۽ باغي سڏيو. سنڌ اسيمبليءَ جي ڪارروائيءَ ۾ پهريون بل وزيرن جي پگهارن متعلق هو. ديوان بهادر ڀوڄسنگهه 1938ع ۾ وفات ڪئي، سندس جاءِ تي سيد ميران محمد شاهه اسپيڪر مقرر ٿيو، جڏهن ته سنڌ قانونساز اسـيمـبلـيءَ جـي ڊپٽـي اسپيـڪـر لاءِ خـانصـاحـب الله بخـش گـبـول ۽ عبدالستار پيرزادي نامزدگي فارم ڀرايا. اليڪشن کان اڳ عبدالستار پيـرزادي، خـانصـاحب الله بخـش جـي حق ۾ هٿ کنيو ۽ اهڙيءَ ريت
الله بخش گبول بنا مقابلي سنڌ قانونساز اسيمبليءَ جو پهريون ڊپٽي اسپيڪر چونڊيو ويو. پهرين قانونساز اسيمبليءَ جي چونڊيل ميمبرن مان سر غلام حسين هدايت الله سنڌ جو وزيراعليٰ ٿيو ۽ ٻيون وزارتون هيٺينءَ ريت جوڙيون ويون:
خزاني ۽ گهرو کاتي جي وزارت: غلام حسين هدايت الله
پوليس ۽ پي. ڊبليو. ڊي: مير خان ٽالپر'>بنده علي خان ٽالپر
روينيو وزارت: مکي گوبند پريتمداس
قانونساز اسيمبليءَ جي پهرين چونڊيل حڪومت جي دور ۾ خانبهادر الله بخش سومرو ايوان ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ چونڊيو ويو.
سنڌ اسيمبليءَ ۾ 3 آگسٽ 1937ع تي سنڌ جي پهرين بجيٽ پيش ڪئي وئي، جيڪا ستن ڏينهن جي بحث بعد منظور ڪئي وئي.
مکي گوبندرام 18 آڪٽوبر 1937ع تي استعيفا ڏني، جنهن جي جاءِ تي ڊاڪٽر هيمن داس روپچند واڌواڻيءَ کي وزير مقرر ڪيو ويو، جنهن کي پبلڪ هيلٿ ۽ ميڊيڪل کاتا ڏنا ويا. غلام حسين هدايت الله ٻي بجيٽ 1938ع ۾ آندي ۽ لاڳو ڪئي.
21 مارچ 1938ع تي سر غلام حسين استيعفيٰ ڏني ۽ خانبهادر الله بخش سومري نئين وزارت ٺاهي، جنهن خزاني ۽ داخلا جا کاتا پاڻ وٽ رکيا ۽ ٻن وزيرن هرهڪ چيٽو مل وزيراڻيءَ کي پي. ڊبليو. ڊي، ميڊيڪل ۽ پبلڪ هيلٿ ۽ پير الاهي بخش کي روينيو جي کاتن تي مقرر ڪيائين. الله بخش سومري 1939ع ۾ وزارتن ۾ واڌ ۽ وزيرن جي کاتن ۾ ڦيرڦار ڪئي، جنهن تحت پير الاهي بخش کي تعليم ۽ مڪاني خودمختياري، مير بنده علي خان کي روينيو ۽ ڏيئل مل دولترام کي زراعت ۽ ٻيلن جي کاتن جا قلمدان سونپيا ويا. 20 فبروري 1940ع تي سر غلام حسين وزارت ۾ شامل ٿيو، جنهن کي داخلا، قانون ۽ انتظام جا کاتا ڏنا ويا. 23 فبروري 1939ع تي ڪابينا ۾ شامل ٻنهي هندو وزيرن استعيفا ڏني، پر 13 اپريل 1939ع تي واپس ڪابينا ۾ شامل ٿيا. خانبهادر الله بخش سومري پنهنجي وڏ وزارت جي هن دورانيي ۾ ٽي ڀيرا بجيٽ 1939-1940ع، 1941-1940ع ۽ 1943-1942ع پيش ڪئي.
30 جنوري 1940ع تي انهن ٻنهي هندو وزيرن ٻيهر استعيفا ڏني، جنهن بعد 18 مارچ 1940ع تي سمورن وزيرن استعيفا ڏني. نئين وزارتي ڪابينا ۾ بنده علي خان وڏو وزير ٿيو. داخلا، سياسي مامرا، قانون ۽ عام انتظامي مامرن وارا کاتا پاڻ وٽ رکيائين، سندس ڪابينا جي ٻين وزيرن ۾ نهچلداس وزيراڻي (روينيو)، خانبهادر محمد ايوب کهڙو (پي. ڊبليو. ڊي)،شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي (خزانو، ميڊيڪل، پبلڪ هيلٿ ۽ آبڪاري)، راءِ صاحب گوڪلداس زراعت، مقامي خودمختيار حڪومت) ۽ جي. ايم. سيد وٽ محنت، صنعت، ٻيلا، تعليم ۽ ڳوٺاڻي ترقيءَ وارا کاتا شامل هئا. هن دوران جي. ايم. سيد سنڌ يونيورسٽي، سنڌي ادب لاءِ صلاحڪاري بورڊ (ادبي بورڊ) جي قيام، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، لغت نويسيءَ لاءِ بورڊ ٺاهيا، ڪاميٽيون تشڪيل ڏنيون ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي اهم ادارن جي رٿائن تي ڪم ڪرايو. 23 نومبر 1940ع تي جي. ايم. سيد، الله بخش سومري کي وزارت ۾ آڻڻ لاءِ وزارت تان استعيفا ڏني ۽ خانبهادر الله بخش سومرو وزير ٿيو، جنهن کي شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کان ماليات، ميڊيڪل، پبلڪ هيلٿ، آبڪاري ۽ عام انتظامي مامرن جا کاتا وٺي ڏنا ويا ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي جي.ايم سيد وارا کاتا ڏنا ويا.
مير بنده علي ٽالپر ستين مارچ 1941ع تي استعيفا ڏني، جنهن بعد خانبهادر الله بخش ٻيهر وڏو وزير ٿيو، جنهن پاڻ وٽ فقط خزاني جو کاتو رکيو. سندس ڪابينا ۾ سر غلام حسين هدايت الله وٽ (داخلا، سياسي مامرا، قانون ۽ عام انتظامي مامرا)، راءِ صاحب گوڪلداس ميولداس (مڪاني خودمختياري ۽ زراعت)، پير الاهي بخش (تعليم، صنعت ۽ محنت، آبڪاري، ٻيلا ۽ ڳوٺاڻي ترقي) ۽ پيرزادي عبدالستار وٽ پي. ڊبليو. ڊي، ميڊيڪل ۽ پبلڪ هيلٿ کاتا هئا.
الله بخش سومري 14 آڪٽوبر 1942ع تي استعيفا ڏني، جنهن بعد سر غلام حسين ٻيهر وڏو وزير ٿيو، جنهن به فقط خزاني وارو کاتو پاڻ وٽ رکيو. سندس ڪابينا ۾ پير الاهي بخش (تعليم، محنت، آبادڪاري، زراعت، ٻيلا ۽ ڳوٺاڻي ترقي)، خانبهادر محمد ايوب کهڙو (روينو ۽ امداد باهمي)، محمد هاشم گزدر (داخلا، قانون، سياسي ۽ انتظامي مامرا)، گوڪلداس ايم. روچلاڻي (پي. ڊبليو. ڊي ۽ مڪاني خودمختياري) ۽ ڊاڪٽر هيمنداس روپچند واڌواڻيءَ وٽ (صحت، صنعت ۽ شهري بچاءَ) جا کاتا شامل هئا.
سنڌ اسيمبليءَ جي نئين عمارت، جنهن ۾ سنڌ جي وزيرن، سيڪريٽرين ۽ ٻين عملدارن جون آفيسون هيون، ان جو بنياد 11 مارچ 1940ع تي گورنر لانسلاٽ گراهم رکيو هو، جنهن جو افتتاح سـر هيو ڊاؤ، 4 مارچ 1942ع تي ڪيو هو. [اڳتي هلي پاڪستان جي پهرين گورنر جنرل قائداعظم محمد علي جناح پڻ ان ئي عمارت ۾ پنهنجي عهدي جو حلف کنيو، جڏهن ته پاڪستان جو پهريون آئين پڻ سنڌ اسيمبليءَ جي ان ئي عمارت ۾ منظور ٿيو هو.]
ان کانپوءِ پهرين سنڌ اسيمبليءَ جا اجلاس سنڌ هاءِ ڪورٽ بلڊنگ، پير الاهي بلڊنگ ۽ درٻار هال حيدرآباد ۾ ٿيندا هئا. ان ۾ پهريون اجلاس مارچ 1940ع تي ٿيو. هن ايوان ۾ سنڌي مسلمان ميمبرن جي رٿ تي مسلمانن لاءِ الڳ وفاقي رياست جي قيام لاءِ
جي. ايم. سيد 3 مارچ 1943ع تي هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو، جيڪو اسيمبلي ميمبرن جي اڪثريت پاس ڪيو. جي. ايم. سيد پاران مسلمانن لاءِ قومي رياستن جي مجموعي تي آڌاريل ڌار وفاقي رياست جي قيام لاءِ پيش ڪيل ان بل جي مخالفت ۾ هيٺين هندو ميمبرن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو: نهچلداس سي. وزيراڻي، ڏيئل مل دولترام، گهنو مل تاراچند، پرتابراءِ ڪيسکداس، رتن سنگهه سوڍو، مکي گوبندرام،
راءِ بهادر هوتچند، جڏهن ته ٺهراءُ جي تائيد ۾ هيٺين ميمبرن ووٽ ڪيو:شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي، الهه بخش خان گبول، حاجي امير علي لاهوري، ارباب توڳاچي، بنده علي خان ٽالپر، غلام علي خان ٽالپر،
سر غلام حسين هدايت الله، غلام محمد اسراڻ، سيد غلام مرتضى شاهه (جي ايم سيد)، سيد غلام نبي شاهه، پير الاهي بخش، حاجي جان محمد، جينو ٻائي جي الانا، سردار قيصر خان، محمد علي شاهه، محمد ايوب
کهڙو، محمد عثمان سومرو، محمد يوسف چانڊيو، نور محمد شاهه،
رسول بخش خان انڙ، علي گوهر خان مهر، شاهه سعدالدين بارڪزئي، سهراب خان سرڪي. باقي ٽن حاضر ميمبرن: راءِ صاحب گوڪلداس، نولورام موٽواڻي ۽ هيمنداس آر. واڌواڻيءَ ٺهراءَ جي مخالفت ۾ ووٽ ڪيو. مجموعي طور ٺهراءُ پيش ڪرڻ وقت 38 ميمبر اسيمبليءَ ۾ موجود هئا، جن مان 24 ميمبرن تائيد ڪئي ۽ ٽن مخالفت، باقي ميمبرن احتجاج طور واڪ آئوٽ ڪيو.
1935ع کان سنڌ جون وزارتون ڪاغذي محلن وانگر ٺهنديون ۽ ڊهنديون رهيون. ان جي باوجود ڪي اهم ڪارناما پڻ سر انجام ڏنا ويا. انهن ۾ زميندارن کي قرضن کان بچائڻ لاءِ عارضي بل پاس ڪيو ويو. 300 ۽ ان کان گهٽ ايڪڙ زمين هجڻ جي حالت ۾ حڪومت جي اجازت کانسواءِ ان جي وڪري تي بندش لاڳو ڪئي وئي، جيڪو قانون اڳتي هلي مرڪزي حڪومت رد ڪري ڇڏيو. بالغن جي تعليم شروع ڪئي وئي. سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ صلاحڪار بورڊ جو قيام عمل ۾ آندو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي ادبي بورڊ، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۽ صوبائي لائبرري [هن وقت ڊاڪٽر دائودپوٽه لائبرري سڏجي ٿي] قائم ٿي سگهيا. 1940ع ۾ مزدورن کي هفتي ۾ هڪ ڏينهن موڪل ڏيڻ جو بل پاس ڪيو ويو ۽ اڳتي هلي سنڌ يونيورسٽي ڪميٽيءَ جي ڪوششن سان 1946ع ۾ سنڌ يونيورسٽي قائم ٿي.
14 مئي 1943ع ۾ سنڌ جي نامور سياستدان الهه بخش سومري جي شهادت جو واقعو پيش آيو، (وڌيڪ ڏسو: الهه بخش سومرو، جلد پهريون) جنهن جي نندا ڪندي 24 مئي 1943ع تي سنڌ اسيمبليءَ هڪ مذمتي ٺهراءُ پاس ڪيو، اهو ٺهراءُ سر غلام حسين هدايت الله پيش ڪيو. خانبهادر محمد ايوب کهڙي پنهنجي وزارت تان 5 سيپٽمبر 1944ع تي استعيفا ڏني، جنهن بعد ٻه نوان وزير مير غلام علي ٽالپر ۽ راجر ٿامس کنيا ويا. محمد هاشم گزدر 8 جنوري 1945ع تي وزارت تان استعيفا ڏئي ڇڏي.
14 مارچ 1945ع تي سر غلام حسين کي وزارت ٺاهڻ جي دعوت ڏني وئي، جنهن وري هڪ دفعو وزارت سنڀاليندي، خزاني، خوراڪ ۽ نئين سر تعمير جا کاتا پاڻ وٽ رکيا. سندس ٻين وزيرن ۾ نهچلداس وزيراڻي (روينيو)، پير الاهي بخش (تعليم، آبڪاري، مڪاني خودمختياري، محنت، ٻيلا ۽ ڳوٺاڻي ترقيءَ جا کاتا)،
مير غلام علي ٽالپر (داخلا، قانون، سياسي ۽ انتظامي مامرا)،
مکي گوبندرام (صحت، جانورن جي بهبود، صنعت، زراعت ۽ سول ڊفينس) ۽ سيد محمد علي شاهه وٽ (پي. ڊبليو. ڊي ۽ امداد) شامل هئا.
سر غلام حسين هدايت الله 8 فبروري 1946ع تي پنهنجي ڪابينا جي نئين سر تشڪيل ڪئي، جنهن تحت ان خزاني، انتظامي امور، نئين
سر تعمير جو ڪم ۽ پبلڪ سروس کاتا پاڻ وٽ رکيا، پي. ڊبليو. ڊي خانبهادر محمد ايوب کهڙي، داخلا، قانون ۽ خوراڪ مير غلام علي ٽالپر ۽ روينيو پير الاهي بخش جي سپرد ڪيا ويا. 30 مارچ 1946ع تي
2 وڌيڪ وزير کنيا ويا، انهن ۾ پيرزادو عبدالستار (صحت، تعليم۽ مڪاني خودمختياري) ۽ مير خان ٽالپر'>بنده علي خان ٽالپر (زراعت، صنعت، امداد باهمي، ماهيگيري ۽ محنت) شامل هئا.
6 سيپٽمبر 1946ع تي ڪابينا استعيفا ڏني ۽ 21 سيپٽمبر 1946ع تي سر غلام حسين ٻيهر وڏو وزير چونڊيو ويو. هن سياسي ۽ انتظامي امور جا کاتا پاڻ وٽ رکيا. سندس ڪابينا جي ٻين وزيرن ۾ خانبهادر محمد ايوب کهڙو (پي. ڊبليو. ڊي)، پير الاهي بخش (روينيو)، مير
غلام علي خان ٽالپر (خوراڪ)، مير خان ٽالپر'>بنده علي خان ٽالپر (زراعت ۽ صنعت) ۽ عبدالستار پيرزادو (تعليم، صحت ۽ مڪاني خودمختياري) شامل هئا.
انهيءَ عرصي دوران انگريزن طرفان هندن ۽ مسلمانن ۾ پيدا ڪرايل ويڇن جي ڪري مسلمانن لاءِ ڌار ملڪ جي تحريڪ زور وٺي چڪي هئي، جنهن ۾ پڻ سنڌ جي سياستدانن ۽ سنڌ اسيمبليءَ جو اهم ڪردار رهيو 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان دنيا جي نقشي تي هڪ نئين ملڪ طور وجود ۾ آيو. (وڌيڪ ڏسو: ’تحريڪ پاڪستان‘، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٻيو، ص: 206)
سنڌ تي برطانوي راڄ جا اثر
انگريزن جي حڪمرانيءَ دوران جتي سنڌ ۾ غلاميءَ وارو احساس شدت سان اڀري آيو هو، اتي هن خطي ۾ ترقيءَ جي راهه به هموار ٿي. سنڌ ريلوي (Sindh Railway) جي قيام سان هندستان ۾ پهريون ڀيرو ريل سروس جو آغاز ٿيو. (وڌيڪ ڏسو: سنڌ ۾ ريلوي نظام) سنڌي ٻوليءَ جي معياري لپي مقرر ٿي، جنهنڪري علمي، ادبي، عدالتي ۽ دفتري ٻوليءَ طور سنڌيءَ کي اهميت ملي. ٽپال جو جديد سرشتو شروع ڪيو ويو (وڌيڪ ڏسو: ٽپال جو سرشتو، جلد ٽيون)، جديد تعليم جي ڪري صحت جي شعبي ۾ پڻ ترقي ٿي. آبپاشي نظام بهتر ٿيو. سکر بئراج ٺهڻ بعد سنڌوءَ جي پاڻيءَ جي بهتر ورهاست ٿي ۽ غير آباد زمينون آباد ٿيون. ان کان سواءِ آمدورفت جا ذريعا ۽ واپار جا موقعا پڻ فراهم ٿيا.
برطانوي تسلط سنڌ تي ڏور رس اثر ڇڏيا، تبديلين جا اهڙا محرڪ اڳ ۾ ڪڏهن به ڪنهن به دور ۾ نه ڏٺا ويا. انهن تبديلين جو اصل محور انگلنڊ هو، ڇو ته سڄي يورپ ۾ آيل صنعتي انقلاب زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي اثر ڇڏيا هئا. اڳ ۾ صدين تائين اقتصادي، سماجي ۽ پيداواري ذريعا زمين جي ورهاست تي ٻڌل هئا، جنهن کي صنعتي انقلاب تبديل ڪيو. مشنينن جو استعمال فرد کي پنهنجي سر ڪمائڻ جي يا پيداوار حاصل ڪرڻ جي سگهه ڏني، جنهن سان محنت ڪش طبقو اڀري آيو ۽ ان پوءِ وچولي طبقي جي حيثيت اختيار ڪئي.
جيتوڻيڪ اڃا هندستان تي صنعتي انقلاب جا اثر ڪونه پهتا هئا، پر وچولي طبقي جي ظهور ۽ ان جي برطانوي همعصر آزاد خيال طبقي سان رابطن هندستان ۾ ڪيترين ئي سماجي اصلاحي تحريڪن کي جنم ڏنو. اهڙين تحريڪن جا روح روان راجا رام موهن راءِ ۽ ڪيشب چندرسين هئا. ڪيشپ چندرسين، سماجي تبديليءَ لاءِ ’برهمو سماج‘ تحريڪ هلائي.
برطانوي قبضي وقت سنڌ ۾ به انهن تحريڪن جو اثر ڪيترن ئي هنڌن تي پيو، سنڌي نوجوان ڪلڪتي [بمبئي وغيره] طرف وڃي اعليٰ تعليم وٺڻ لڳا ۽ هڪ عظيم اصلاحي تحريڪ واري سوچ سان واپس ٿيا. اهڙي تحريڪ اُڀارڻ جو مقصد هندستاني سماج ۾ عورتن سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ جنسي متڀيد خلاف پرچار ڪرڻ هو. سنڌ ۾ انهيءَ اصلاحي تحريڪ جو روح روان ساڌو هيرانند نولراءِ هو.
ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ سنڌ اندر تعليم روايتي معلمن ذريعي ڏني ويندي هئي، جن کي ’آخوند‘ سڏيو ويندو هو. ڳوٺن ۾ تعليم مقامي ملا يا مسجدن جا پيش امام ڏيندا هئا ۽ اڪثر تعليم قرآن پاڪ جي تعليمات موجب ڏني ويندي هئي. هندن جا ٻار پاٺشالائن ۾ پڙهندا هئا يا وري آخوندن وٽ فارسي پڙهندا هئا. ان زماني ۾ عدالتن ۾ فارسي ٻوليءَ جو استعمال ٿيندو هو، جيڪا رڳو اميرن ۽ مٿئين طبقي وارن جي زبان سمجهي ويندي هئي ته جيئن عام ماڻهو عدالتي معاملن ۾ ڪا مداخلت نه ڪري سگهن. انگريزن جي اچڻ بعد اعلان ڪيو ويو ته سرڪار جي سڀني انتظامي معاملن جي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکپڙهه ڪئي ويندي. مطلب سنڌيءَ کي دفتري ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويو. انهيءَ مقصدن خاطر سنڌيءَ جي معياري رسم الخط مقرر ٿيو ۽ تعليمي نظام ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال شروع ٿيو. پهريون اسڪول ڪراچيءَ ۾ ڪليڪٽر مسٽر بريڊيءَ قائم ڪيو، جنهن کي ’مشنري اسڪول‘ ڄاتو ويندو هو. ان اسڪول جون ٻه شاخون هڪ بولٽن مارڪيٽ ڀرسان ۽ ٻي رنڇوڙ لائين ۾ هيون. اهي اسڪول مڊل سطح تائين هئا، جڏهن ته هاءِ اسڪول لارنس روڊ تي قائم هو، جتي شاگرد مڊل پاس ڪرڻ بعد داخل ٿيندا هئا. ڪراچي شهر جڏهن ترقي ڪرڻ شروع ڪئي ته ڪجهه خانگي اسڪول به کُليا. جن مان هڪ تاراچند ڪُندن مل جو ’نيو هاءِ اسڪول‘ هو، جيڪو پوءِ ’تحريڪ عدم تعاون‘ دوران 1921ع ۾ ’مهاوديالا‘ جي نالي سان سڏيو ويو. ان وقت جا وڏا اديب ۽ دانشور: ڄيٺمل پرسرام، لالچند امرڏنو مل جڳتياڻي، آسانند مامتورا ۽ جهمٽ مل ڀاوناڻي وغيره به هن اسڪول سان وابسته رهيا. 1926ع ۾ ڪراچيءَ جي نيو چاليءَ واري علائقي ۾ ’ماڊل اسڪول‘ قائم ٿيو، 1936ع ۾ ’واڌو مل بولچند اسڪول‘ بندر روڊ وٽ کليو، جڏهن ته ڇوڪرين لاءِ خاص ’ڪنيا وديالا‘ ۽ ’انڊين گرلس اسڪول‘ پڻ قائم ٿيا، جيڪي ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي هٿ هيٺ هئا.
برطانيا جي قبضي بعد جيئن ته سنڌ جا مسلمان بيچينيءَ جو شڪار هئا، هنن ڏٺو ته جن به ادارن ۾ انگريزن جي انتظام يا انهن جي طرز جي تعليم ڏني پئي وئي، شروع ۾ انهن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. جديد تعليم خلاف بائيڪاٽ ظاهر پئي ڪيو ته اهو نظام مسلمانن لاءِ نقصانڪار آهي. انهيءَ تناظر ۾ ’سنڌ محمدن ايسوسيئيشن‘ جي صدر حسن علي آفندي (آخوند) ڪراچيءَ جي بولٽن مارڪيٽ ڀرسان سنڌ مسلم مدرسو قائم ڪيو، جنهن ۾ شاگردن لاءِ هاسٽل ۽ کاڌي جو انتظام به ڪيو ويو، اهو اڳتي هلي سنڌ مدرسة الاسلام طور مشهور ٿيو. جتي محمد علي جناح سميت ٻين وڏين شخصيتن به تعليم ورتي ۽ هن وقت يونيورسٽيءَ جو درجو حاصل ڪري چڪو آهي. ساڳيءَ طرح حيدرآباد ۾ به ابتدائي طور ٻه اسڪول: هڪ گورنمينٽ اسڪول ۽ ٻيو مشنري اسڪول قائم ٿيا. 1888ع ۾ ساڌو هيرانند نوجوانن جي تعليم ۽ سندن لاڙو سماجي اصلاح طرف موڙڻ جي مقصد خاطر ’يونين اڪيڊمي‘ قائم ڪئي. سندس ان ٽيم جا مکيه رڪن نولراءِ شوقيرام، ڏيارام گدومل ۽ ديوان ڪوڙو مل چندن مل هئا. ڪجهه اختلافن باعث هڪ ٻيو تعليمي ادارو 1898ع ۾ ’نيو وديالا‘ جي نالي سان قائم ٿيو، جنهن جون شهر ۾ پنج شاخون به کوليون ويون. اهڙيءَ ريت حيدرآباد ۾ ٿوري عرصي اندر ڇهن تعليمي ادارن ڪاميابيءَ سان منزلون طئي ڪيون.
سنڌ جي ساهتي پرڳڻي ۾ جيتوڻيڪ ڪو به سرڪاري اسڪول قائم نه ٿيو هو ۽ انفرادي طور رضاڪاراڻي جذبن تحت تعليم ڏني پئي وئي. ان هوندي به هي خطو تعليمي معيار ۾ پنهنجو مٽ پاڻ رهيو. بعد ۾ حيدرآباد وانگر سنڌ جي سڀني علائقن ۾ اسڪول قائم ٿيا.
ان زماني ۾ مئٽرڪ جو امتحان وٺڻ لاءِ ڪي به انتظام ڪونه ڪيا ويا هئا. خواهشمند شاگرد ڪشالا ڪڍي بمبئيءَ مان اهو امتحان ڏيندا هئا. بعد ۾ ڏيارام گدو مل 1887ع ڌاري سنڌ آرٽس ڪاليج قائم ڪيو، جنهن کي پوءِ ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج طور ڄاتو ويو. (ڏسو: ڊي. جي ڪاليج، جلد ڇهون) اهڙيءَ ريت حيدرآباد ۾ نيشنل ڪاليج ۽ شڪارپور ۾ چيلاسنگهه ۽ سيتلداس ڪاليج وجود ۾ آيا.
هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن مان پاس ٿيندڙ نوجوانن کي روزگار جا ترت موقعا پڻ ملندا رهيا. تعليم کاتي، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ روزگار بعد وچولي طبقي طور ماڻهن ۾ تبديليون اينديون رهيون.
وچولي طبقي جو ڀرپور نموني اڀرڻ ۽ خاص ڪري هندو ڪميونٽيءَ جي ترقيءَ کي ڏسي مسلمانن پڻ جديد تعليم ڏانهن لاڙو اختيار ڪيو. سنڌ جو دانشور ۽ ليکڪ طبقو پڻ گهڻوڪري تعليم واري شعبي سان لاڳاپيل هو، ان زماني ۾ جن ادب ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. تن ۾: مرزا قليچ بيگ، ڏيارام گدومل، ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي، ڄيٺمل پرسرام، پرمانند ميوارام، لالچند امرڏنومل جڳتياڻي، نادر بيگ مرزا وغيره شامل هئا، جيڪي سنڌي ادب ۾ تخليقن ۽ ترجمن سان واڌارو ڪندا رهيا.
سنڌيءَ ۾ اخبارون ۽ رسالا پڻ جاري ٿيڻ لڳا. پهرين سنڌي اخبار ’سنڌ سڌار‘ هئي. 1885ع ۾ سنڌي ۽ فارسي زبان ۾ ’فوائد الاخبار‘ جو اجراءِ ٿيو. ان کانسواءِ ’سنڌي ٽائيمز‘ پڻ جاري ٿي، جنهن کي سماجي تحريڪ سنڌ سڀا جي سرپرستي حاصل هئي. ان جو ايڊيٽر ساڌو هيرانند ۽ جوائنٽ ايڊيٽر نگيندرناٿ گپتا هو. ان وقت ’سرسوتي‘ مخزن پڻ شهرت ماڻي. تعليم ۽ ادب جي سجاڳيءَ ٻهراڙيءَ جي نوجوانن کي شهرن طرف آندو ۽ ڪيترا روزگار خاطر ڪراچيءَ طرف راغب ٿيا. سنڌ جي شهرن به ترقي ڪئي ۽ انهن جي آباديءَ ۾ به اضافو ٿيندو رهيو. اڪثر ماڻهو روزگار يا نوڪرين لاءِ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ طرف ويندا رهيا. بعد ۾ گهر ۽ کاڌي جي مسئلن سبب پنهنجين زالن ۽ ٻچن سميت شهرن ڏانهن منتقل ٿيڻ لڳا.
پهرين مهاڀاري لڙائي پوري دنيا سان گڏ سنڌ ۽ هند تي به دور رس اثر ڇڏيا، برطانيا سرڪار هن جنگ ۾ شريڪ ٿي، نه رڳو سنڌ ۽ هند جي ڪيترن نوجوانن کي جنگ جي منهن ۾ ڌوڪيو، پر ننڍي کنڊ جي ڪچي مال ۽ کاڌ خوراڪ جي وسيلن کي به پنهنجي جنگي ضرورت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. ان ڪري شين جي اڻاٺ ۽ قيمتن ۾ واڌارو اچي ويو. بدقسمتيءَ سان 1918ع ۽ 1919ع ۾ وري سڄي ننڍي کنڊ ۾ ڏُڪر ۽ وبا گڏجي حملو ڪيو، جن هڪ ڪروڙ ويهه لک انسانن کي موت جي منهن ۾ ڏئي ڇڏيو.
ٻيءَ مهاڀاري جنگ کانپوءِ سامراجي سرڪار هندستاني صنعت ڏانـهـن ڌيـان ڏنو، جـنهـنڪـري هتان جـي سـمـاج ۾ ڪـارخانيـدارن، سرمائيدارن ۽ مزدورن جا طبقا پيدا ٿيڻ لڳا. روزگار جي تلاش ۾ ٻهراڙين مان شهرن ڏانهن لڏپلاڻ شروع ٿي وئي ۽ پورهيت طبقو هڪ قوت بڻجڻ لڳو.
وچولي طبقي جي اڀرڻ وقت جن ۾ اڪثر هندو شامل هئا، تن مان جيڪي مسلم اڪثريت وارن علائقن ۾ رهندڙ هئا، تن کي پنهنجي سماجي رتبي بابت ڪي ابهام محسوس ٿيڻ لڳا، اهڙيءَ ريت مالي توڙي انتظامي حوالي سان به کين ڌڪ رسيو. ان صورتحال ۾ هڪ ٻيو عنصر به محسوس ٿيڻ لڳو. مسلم اڪثريت دوران هندن وٽ زمينون وغيره نه هيون، سندن ڪرت ڪاروبار يا بئنڪاري هئي. جيڪي مسلمانن کي ضرورت وقت وياج تي قرض ڏيندا هئا يا سندن زمينون قرض عيوض گروي رکندا هئا. وياج وڌڻ ۽ قرض نه موٽائڻ سبب مسلمانن جون اڪثر زمينون سندن هٿن مان نڪري هندن جي ملڪيت بڻجي ويون. هندو جيئن ته آبادگار نه هئا، تنهنڪري زمين جي آباديءَ لاءِ مسلمان ڪڙمي مقرر ڪندا هئا. ورهاڱي وقت اندازاً 30 لک ايڪڙ زمين هندن جي هٿ ۾ هئي، جيڪا اڳ ۾ مسلمانن جي هئي. بعد ۾ انگريزن کان آزاديءَ ۽ ٻين مستقل مفادن خاطر انهن سڀني عنصرن جي باوجود مسلمانن ۽ هندن کي ذهني هم آهنگي پيدا ڪرڻي پئي ۽ مسلمانن ماضيءَ وانگي هندن جي مخالفت وارا جذبا هم آهنگيءَ ۽ رواداريءَ ۾ تبديل ڪيا. نتيجي طور سنڌ جي قانونساز اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ طرفان پاڪستان ٺاهڻ جو ٺهراءُ منظور ٿيو.
جديد تعليم کان اڳ سنڌ ۾ عورتن جي حقن جو ايترو خيال ڪونه رکيو ويندو هو. مسلمان عورتون مڪمل پردي ۾ ڍڪيل رهنديون هيـون ۽ هـندو عـورتون پڻ محـدود دائـري اندر پـردو ڪـنديون هـيون. ڇوڪرين جي ننڍپڻ ۾ شادي ڪرائي ويندي هئي. قبائلي علائقن ۾ غيرت جي نالي ۾ قتل ٿيندا هئا، جن جي خلاف انگريزن سخت قانون پاس ڪيا. هندن ۾ عورت جي بيواهه ٿيڻ بعد ٻي شاديءَ وارو سوال ماڻهو اٿاري نه سگهندا هئا ۽ ستيءَ جي ظالماڻي رسم تي عمل ڪيو ويندو هو. ان کي به انگريزن بند ڪرايو. تعليم جو رواج پيو ۽ عام ماڻهن لاءِ تعليم جا دروازا کليا. سماجي تحريڪن سبب شعور پيدا ٿيو ته پوءِ نياڻين جي تعليم تي به ڌيان ڏنو ويو. سماجي تحريڪن ۾ عورتن جي رتبي کي مردن جي برابر هئڻ جو شعور ڏنو ويو. جڏهن سنڌ ۾ عورتن لاءِ تعليم جي راهه هموار ٿي ته آزاديءَ جي تحريڪ دوران عورتن جو ڪردار به سامهون آيو، جنهن ۾ سنڌي عورتن به حصو ورتو.
مهاتما گانڌيءَ جي لبرل سوچ ۽ ڪراچي ڪانگريس پاران 1930ع ڌاري ڏنل پيغام بعد عورتن جي حقن ۽ برابريءَ واري سوچ کي ڀرپور طاقت ملي. سنڌي عورتن پوءِ رضاڪاراڻه خدمتون ڏنيون ۽ آزادي تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. 1934ع ۾ پهرين آل انڊيا وومين ڪانفرنس منعقد ٿي، ٻيهر 1940ع ۾ اهڙو اجلاس ٿيو. سنڌ ڄائي اڳواڻ ڄيٺي سپاهيملاڻي سنڌ اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي آئي. ان کان سواءِ بيگم صغريٰ هدايت الله ۽ ٻين خاتون اڳواڻن جو ڪردا ر به سڀن جي آڏو نروار آهي.
انگريزن جا آخري سال آزاديءَ جي تحريڪن جي نتيجي ۾ حڪمت عمليون ۽ سازشون ڪندي گذريا. سياسي حالتون ائين وڃي بيٺيون، جو سنڌ جي اسيمبلي پهريون قانونساز ادارو هو، جنهن پاڪستان جو ٺهراءُ پاس ڪيو. ائين 1947ع ۾ سنڌ کي پاڪستان جي هڪ صوبي واري حيثيت ملي.
وڌيڪ ڏسو : قيام پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو (پس منظر)
1843.02.17 عيسوي
17 فبروري 1843ع تي مياڻيءَ جي ميدان تي، حيدرآباد جي ٽالپرن کي شڪست ڏئي سنڌ تي قبضو ڪيو.
1843.03.24 عيسوي
مياڻيءَ جي جنگ کانپوءِ 24 مارچ 1843ع تي ميرپورخاص جي حڪمران مير شير محمد ماڻڪاڻي ۽ انگريزن جي وچ ۾ ’دٻي واري جنگ‘ لڳي.