
ڪڪو خان عرف سليمان خان ٽالپر ۽ سندس پٽ

پهرين حڪمرانن جي چوياري جو سلسلو

سنڌ 1840ع نقشو
سنڌ ۾ ٽالپرن جو دور حڪومت/ ميرن جي صاحبي:
ڪلهوڙن جي شڪست ۽ زوال کانپوءِ، 1783ع ۾ سنڌ ۾ ٽالپرن جي راڄڌاني قائم ٿي. ٽالپر هونئن تہ مغلن جي سرپرستيءَ ۾ سنڌ ۾ داخل ٿيا، پر اهي ڪلهوڙن جي مريدي ۽ خادميءَ ۾ بہ شامل هئا. ان ڪري ڪلهوڙا راڄ ۾ اهم عهدن تي رهيا.
سوال آهي تہ ٽالپر ڪير هئا؟ ان جو مختصر جواب آهي ته، اهي ’بلوچ‘ هئا. نامياري محقق ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ، هن ڏس ۾ مختلف راين کي گڏ ڪيو آهي. مير نصير خان آخري ٽالپر حڪمران جي راءِ آهي ته، اهي حضرت امير حمزي جي اولاد مان آهن. حضرت امير حمزو پيغمبر اسلام جو چاچو هو. [جڏهن تہ بلوچستان جا موجودہ تاريخدان تحقيق ڪري چڪا آهن تہ اُهو امير حمزہ رسول پاڪ جو چاچو نه، پر هن علائقي جو مقامي امير حمزہ هو.] ٻيءَ راءِ موجب هو اصل ۾ لغاري بلوچ آهن. ڪي وري کين مزاري بلوچن جي رستماڻي شاخ ۾ آڻين ٿا. ڊاڪٽر رحيم ٽالپرن کي مري بلوچن جو هڪ قبيلو سمجهي ٿو. خداداد خان
(لب تاريخ سنڌ) ٽالپرن کي رندن ۾ شمار ڪري ٿو. وڌيڪ اها راءِ بہ آهي تہ اهي بلوچن جي هوت قبيلي مان آهن.
سڀني راين کي سميٽيندي، ڊاڪٽر عطا محمد حامي لکي ٿو ته، حقيقت ۾ آخري راءِ وزن واري لڳي ٿي، ڇو تہ ٽالپرن جو هر هڪ شجرو هوت بن جلال خان سان وڃي ملي ٿو. (خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو، 57-58) اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ٽالپر تمام وڏن عهدن تي مقرر هئا ۽ کين سنڌ ۾ مغل شهنشاهن جي حڪم تي وڏيون جاگيرون پڻ مليون هيون. مير شھداد خان، مير بھرام خان، مير صوبدار، مير عبدالله خان ۽ مير فتح خان، ڪلهوڙا دور جي اڪابرين ۾ شامل ٿيندا هئا ۽ آخري ڪلهوڙا دور حڪومت دوران، درٻاري سازشن ۾ حياتي وڃائي ويٺا.
نامور محقق خداداد خان موجب ’ٽالپر‘ ڪيترن شاخن ۾ تقسيم ٿيل آهن. هتي ٻين کي ڇڏي، صرف انهن ٽالپرن جو ذڪر ڪجي ٿو، جن سنڌ ۾ حڪومت ڪئي، ۽ حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ خيرپور ۾ حڪمران ٿي رهيا.
جيتوڻيڪ کيس اٺ پٽ هئا، پر ٻن پٽن جو تاريخ ۾ گهڻو ذڪر آهي. پهرئين جو نالو ’هوتڪ خان‘ ۽ ٽئين جو نالو ’ماڻڪ خان‘ هو.
(’لب تاريخ سنڌ‘، سنڌي ترجمو، ص: 166) هوتڪ خان جي اولاد مان حيدرآباد ۽ خيرپور جي ميرن جو خاندان وجود ۾ آيو. هوتڪ خان کي شھداد خان نالي هڪ نامور فرزند هو. کيس ٻيا پٽ بہ هئا، پر هتي فقط سندس ٻن پٽن بھرام خان ۽ مير چاڪر خان جو ذڪر ڪجي ٿو. مير بھرام کي بہ ڪيئي پٽ هئا، پر هتي ٻئي نمبر پٽ مير صوبدار خان جو ذڪر ڪبو. حيدرآباد جي حڪمران خاندان جو تعلق صوبدار خان سان آهي. مير چاڪر خان ولد مير شھداد خان کي بہ ڳچ پٽ هئا، پر سندس نامور پٽ مير سهراب خان هو، جو سنڌ جي فاتح مير فتح علي خان جو ساٿي هو، ان کانپوءِ ڪڪي خان جي ٽئين نمبر پٽ جو نالو مير ماڻڪ خان هو. هتي هن جي اولاد مان حڪمران گهراڻي کي نروار ڪجي ٿو. اهي ’ماڻڪاڻي‘ مير سڏجن ٿا. هن کي هڪ پٽ مير ﷲ يار خان ٿيو، جنهن کي مير مسو خان نالي پٽ ٿيو. مسو خان جو پٽ مير فتح خان نمايان ٿيو. هن جي پٽ
مير ٺاري خان، هالاڻيءَ جي جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ميرن جي داستان کي سمجهڻ لاءِ پڙهندڙن جي لاءِ سندن شجرو پيش ڪجي ٿو. (’لب تاريخ سنڌ‘، سنڌي ترجمو، ص 166- 168)
شجرو هن ريت آهي:
مٿئين شجري مان، جيڪو بلڪل مختصر آهي، سنڌ جي ٽالپر حاڪمن جي هڪ ٻئي سان ويجهي مائٽي، هڪ ذات، بلڪ هڪ ئي ڏاڏي جي اولاد هجڻ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. (لب تاريخ سنڌ، سنڌي ترجمو، ص 168)
سنڌ جي تقسيم: 1783ع ۾ ٽالپرن، ڪلهوڙن جي جاءِ تي، سنڌ ۾ پنھنجي حڪومت قائم ڪري ورتي. مٿي ذڪر ڪيل مير صاحبن سنڌ تي قبصو ڪرڻ بعد ڪابل جي بادشاھہ تيمور شاھہ کان پراڻي دستور موجب اول شاهي نذارنو ادا ڪري، پوءِ سنڌ تي حڪومت ڪرڻ جو پروانو حاصل ڪيو. ان کانپوءِ 1784ع ۾ سنڌ کي ستن حصن ۾ ورهايائون، جن مان چار حصا مير فتح علي خان ۽ سندس ڀائرن کي ڏنائون. ٻہ حصا
مير سهراب خان کي ۽ هڪ حصو مير ٺاري خان جي حوالي ڪيائون. اهي حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ خيرپور ۾ مسند نشين ٿي حڪومتون هلائڻ لڳا. حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جا حڪمران گڏجي ڪابل جي بادشاھہ جو نذرانو موڪليندا هئا. جڏهن تہ خيرپور جا مير جداگانه طور ڪابل کي خراج موڪليندا هئا. (’لب تاريخ سنڌ‘، سنڌي ترجمو، ص 169)
سنڌ جو ملڪ هڪ رياست ڇو نہ بنجي سگهيو ۽ ان کي ستن حصن يا ٽن رياستن ۾ ڇو ورهايو ويو، ان لاءِ مير سهراب خان کي ذميوار سمجهيو وڃي ٿو. مير سهراب خان پٽ مير چاڪر خان هڪ بھادر شخص هو. ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن دوران جيڪي معرڪا ٿيا، تن ۾ خوب حصو ورتائين. جڏهن ڪلهوڙن جو خاتمو ٿيو، تڏهن مير سهراب خان اها دعويٰ پيش ڪئي تہ هالاڻيءَ جي جنگ جو حقيقي هيرو آءٌ آهيان. هيءَ ڳالھہ ٻين ميرن قبول نہ ڪئي ۽ مير فتح علي خان ئي مکيہ اڳواڻ ٿي اڀريو. ان پس منظر ۾ مير سهراب خان، مير فتح علي خان جي ماتحت رهڻ بدران، پنهنجا راڄ وٺي اچي خيرپور ۾ الڳ سان پنھنجي حڪومت قائم ڪئي. ان ڪري ٻنهي جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ گهڻي وڌي وئي. ڪيتري وقت تائين هڪ ٻئي جي خلاف رهيا ۽ ڌمڪيون بہ ڏيندا رهيا. اها ڇڪتاڻ ڏھہ سال جاري رهي. نيٺ ٽالپر ۽ ڪي ٻيا امير وچ ۾ پيا ۽ خيرپور ۽ حيدرآباد جي ميرن ۾ صلح ٿيو. 1793ع ۾ مير فتح علي خان، خيرپور جي حاڪمن کي تسليم ڪيو. ان ريت ٻنهي ڌرين ۾ صلح ۽ خير ٿي ويو. (ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ جو ڪتاب، ص 111- 112) جيتوڻيڪ سنڌ ملڪ جا ست ڀاڱا ٿيا يا ان کي ٽن رياستن ۾ تقسيم ڪيو ويو، ان ڪري مير صاحبن ۾ صلح ٿي ويو ۽ اهي هڪ سُکئي ستابي ملڪ جا وارث بنجي ويا، پر ان حالت ۾ مملڪت ۽ رياست کي گهڻو نقصان پهتو. هيٺ سنڌ جي ٽنهي رياستن جو جدا جدا مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو:
رياست حيدرآباد
مير فتح علي خان ٽالپر: حيدرآباد ۾ ميرن جي رياست جو باني، مير فتح علي خان آهي، جنهن ڪلهوڙن خلاف هالاڻيءَ جي جنگ جي قيادت ڪئي هئي. ڪلهوڙن جي شڪست جي صورت ۾ ٽالپرن ۽ ٻين بلوچ قبيلن گڏجي کيس پڳ ٻَڌائي هئي. سندس حاڪم ٿيڻ واري دور ۾، عبدالنبي اقتدار جي حاصلات لاءِ جيڪي ڪوششون ڪيون، اهي
مير فتح علي خان جي دور جو حصو آهن. ان کان سواءِ ٽالپرن وڏي جاکوڙ کانپوءِ، افغان درٻار مان پروانو بہ حاصل ڪري ورتو، اهي واقعا بہ
مير فتح علي خان جي دور سان تعلق رکن ٿا. خود جنگ کٽڻ کانپوءِ
مير صاحب خداآباد پهتو ۽ پوءِ حيدرآباد آيو، جتي اڃا تائين ڪلهوڙن جون مستورات ترسيل هيون، جن کي مير صاحب سندن مرتبي آهر، عزت ڏئي قلعي مان بيدخل ڪري، سندن مرضيءَ موجب سندن ايندڙ منزل ڏانهن روانو ڪيو. مير صاحب رياست جو تختگاھہ في الحال خداآباد کي قائم رکيو. بعد ۾ ٽالپرن ’حيدرآباد‘ کي دارالحڪومت جو درجو ڏيندي خداآباد کي ترڪ ڪيو. هي واقعو 1789ع ۾ ٿي گذريو. جيتوڻيڪ سنڌ ڀاڱا ڀاڱا ٿي تڏهن بہ ميرن جو هڪ ٻئي تي اعتماد قائم نہ ٿي سگهيو. ان ڪري وڌيڪ دنگي فساد کان بچڻ لاءِ، هن پنهنجن ٽن ڀائرن:
مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان کي بہ حڪومت ۾ شامل ڪيو. تاريخن ۾ هن کي ’پهرين چوياري‘ سڏجي ٿو.
پهرين حڪمرانن جي چوياريءَ جو سلسلو ڪجهہ هن ريت آهي:
مير فتح علي خان: مير فتح علي خان حالتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ وڏي جدوجھد ڪئي. ملڪ ۾ امن امان جي قيام ۾ دلچسپي ورتي. حڪمرانيءَ جي آخري ڏينهن ۾ مير فتح علي خان ’ڪراچي‘ شھر کي خان قلات کان واپس وٺڻ جو ارادو ڪيو. هي علائقو ميان عبدالنبي ڪلهوڙي پنھنجي آخري ايامڪاريءَ ۾، فوجي مدد جي عيوض خان قلات کي ڏئي ڇڏيو هو. مير جڏهن ڪراچي وٺڻ جو ارادو ڪيو، تہ مير غلام علي خان کيس صلاح ڏني ته، پهريان افغان بادشاھہ کان اهڙي اجازت ورتي وڃي. ٽالپرن جي درٻار اهڙو اطلاع افغانن کي ڏنو ۽ اتان کين اهڙي موڪل بہ ملي وئي. جيتوڻيڪ خان قلات کي اعتراض هو، پر بادشاھہ جي مداخلت جي ڪري ڪم آسان ٿي ويو. ميرن آسانيءَ سان ڪراچيءَ تي قبضو ڪيو ۽ ان کي پنھنجي علائقي ۾ شامل ڪري ڇڏيو. هي واقعو سن 1792ع جي آخر ڌاري ٿي گذريو. (اي هسٽري آف سنڌ، ص 205- 206) افغان بادشاھہ تيمور شاھہ 1793ع ۾ فوت ٿيو. سندس ٽيون نمبر پٽ زمان شاھہ نئون بادشاھہ بنيو. هن مير فتح علي خان جي حڪومت کي تسليم ڪندي، سنَد ۽ خِلعت مير صاحب لاءِ موڪلي تعلقات کي بهتر رکڻ جي ڪوشش ڪئي.
مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ ڪجهہ سالن لاءِ، انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني سنڌ ۾ واپاري ڪوٺيون کوليون هيون. ميرن ٽالپرن جو دور شروع ٿيڻ سان ڪمپنيءَ وري سنڌ ۾ تجارت لاءِ اچڻ چاهيو ٿي. آڪٽوبر 1798ع ۾ بمبئيءَ جي گورنر جوناٿن ڊنڪن کي لارڊ ويلز لي لکيو ته، سنڌ جا ٽالپر مير، ڪابل جي ماتحت رهڻ کان بيزار آهن. سنڌ ۾ واپار جي ڪوٺي وجهڻ سان انگريز آسانيءَ سان افغانين، ايرانين، روسين ۽ فرينچن جي ايشيا ۾ ڪاررواين کي معلوم ڪري سگهندا. (جنت السنڌ، ص 610)
جوناٿن ڊنڪن، آغا ابوالحسن ايرانيءَ کي پنهنجو وڪيل ڪري سنڌ ڏانهن موڪليو. آغا حيدرآباد ۾ آغا سيد ابراهيم شاھہ وٽ ترسيو. پوءِ ابراهيم شاھہ جي معرفت انگريزن جا ٻہ خط مير فتح علي خان کي پيش ڪيائين. خطن جو مقصد صرف هي هو تہ ٽالپرن ۽ افغانين ۾ هڪ ٻئي لاءِ بدگمانيون پيش ڪجن. انگريز ايلچي مير فتح علي خان کي ڪي تحفا بہ پيش ڪيا. بارودي هٿيار، پلنگ، مخمل جا ٿان، ۽ واچون تحفن ۾ شامل هئا. هر هڪ مير حڪمران لاءِ جدا جدا سوکڙيون پيش ڪيون ويون. (جنت السنڌ، ص 610- 612)
آغا ابوالحسن بمبئي پهتو تہ انگريزن ناٿن ڪرو کي ايجنٽ ڪري سنڌ ڏانهن روانو ڪيو. هن کي واپار سان گڏ سياسي معاملن تي نگاھہ رکڻ لاءِ بہ تاڪيد ڪيو ويو. ناٿن ڪرو ڪراچيءَ ۾ هڪ عمارت جوڙائي، جيڪا انگريزن جي سنڌ ۾ پهرين تعميرات هئي. هن جيڪي شيون سنڌ ۾ ڪاروبار لاءِ آنديون هيون، تن جي اچڻ سان سنڌ جي ڪاريگرن کي نقصان پوڻ لڳو. ان ڪري واپارين ٽالپرن وٽ پيش ٿي دانهون ڪيون. ان کان سواءِ افغان بادشاھہ بہ سنڌ ۾ انگريزي تجارت کي بند ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪيو. آڪٽوبر 1800ع ۾ حڪمنامو جاري ٿيو ۽ ان مهيني ۾ ان تي عمل ٿيو. اوچتي حڪم ۽ بندش سبب انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني سرڪار کي 109659 روپيا نقصان ٿيو. ناٿن ڪرو بمبئي سرڪار کي سنڌ جي حالتن ۽ ان کي فتح ڪرڻ لاءِ بہ ڪي رٿون پيش ڪيون. (’جنت السنڌ‘، ص 612-615)
مير صاحب لڳ ڀڳ ويھہ سال حڪومت ڪري 1802ع ۾ وفات ڪري ويو. هن جو مقبرو خداآباد (هالا) ۾ آهي. مولائي شيدائي سندس دور تي تبصرو ڪندي لکي ٿو ته، پنهنجن عزيزن ۽ ٻين بلوچن کي سندن رتبي موجب حق ڏنائين، جيئن ڪو بہ شڪايت جو لفظ زبان تي آڻي نہ سگهي. سير ۽ شڪار جو شوقين هو. سندس ايامڪاريءَ ۾ حيدرآباد کان وٺي سيوهڻ تائين مهراڻ جا زرخيز ڪنارا شاهي شڪارگاھہ بنجي ويا ... وفات وقت شاهي خزاني ۾ 30 (ٽيھہ) لک نقد رقم ڇڏي ويو. (جنت السنڌ، ص 616)
مير غلام علي خان: وڏي ڀاءُ مير فتح علي خان جي وفات کانپوءِ 1802ع ۾ مير غلام علي خان گاديءَ تي ويٺو. خداداد خان مختصر لفظن ۾ مير صاحب جي دور کي بيان ڪيو آهي: هن مير صاحب جي زماني ۾ ڪورو روپيو، جنهن ۾ وزن تيمور شاھہ جي سڪي کان گهٽ هو، ڍاليو ويو. ۽ هن جي ڏينهن ۾ 1809ع ۾، سنڌ، ايران ۽ برطانوي عملدارن جي وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو. نيٺ مير صاحب موصوف پنھنجي پٺيان مير محمد خان نالي هڪ فرزند ڇڏي 1813ع ۾ رحلت ڪئي. کيس خداآباد (هالا) ۾ دفن ڪيو ويو. (لب تاريخ سنڌ، سنڌي ترجمو، ص 172- 173)
حقيقت ۾ مير صاحب جي وفات 1811ع ۾ ٿي، جيئن ٻين مؤرخن لکيو آهي. مرزا قليچ بيگ ٽالپرن جي دور کان گهڻو ڄاڻو هو. ان صاحب، مير غلام عليءَ جي دور بابت ڪي دلچسپ ڳالهيون لکيون آهن. مير غلام علي خان 1802ع ۾ گاديءَ تي ويٺو. سڀ مير صاحب ۽ بلوچ سردار موقعي تي موجود هئا. البت مير ٺارو خان نہ آيو. 1803ع ۾ مير غلام علي خان ۽ مير ٺاري خان جي ڪڙمين ۾ ول تان جهيڙو ٿيو. معاملو وڌي جنگ تائين وڃي پهتو. ٻنهي ڌرين ۾ جنگ ٿي. حيدرآبادي لشڪر جا 410، ۽ ماڻڪاڻين (ميرپورخاص جي ميرن) جا 300 ماڻهو مارجي ويا. مير ٺارو خان سخت زخمي ٿيو. مير غلام علي خان کيس حيدرآباد کڻائي آيو. علاج ڪرائي، تحفا ڏئي، کيس شان مان سان پنھنجي علائقي ڏانهن روانو ڪيائين. (اي هسٽري آف سنڌ، ص 208- 209) ساڳئي سال (1803ع) ۾ ڪابل ۾ زمان شاھہ کي گرفتار ڪري سندس اکيون ڪڍيون ويون ۽ نئون بادشاھہ شاھہ شجاع ٿي ويو. ڪابل ۾ گهرو ويڙھہ سبب ڏوڪڙ پئسي جي کوٽ هئي. ٽالپرن حالتن جو فائدو وٺي ڪابل جو خراج بند ڪري ڇڏيو. ان ڪري رقم هٿ ڪرڻ لاءِ شاھہ شجاع سنڌ طرف ڪاهي آيو. مير غلام علي خان اها خبر ٻڌي لشڪر سميت لاڙڪاڻي پهتو. ان وچ ۾ ڪابل جي حالتن پلٽو کاڌو. ان حالت ۾ بہ افغان بادشاھہ شاھہ شجاع ميرن کان ڏھہ لک روپيا وٺڻ ۾ سوڀارو ٿيو ۽ پوءِ پنھنجي ملڪ موٽي ويو. (جنت السنڌ، ص 617- 618)
مير غلام علي خان جي دور ۾ ڪڇ ۾ ڏڪر پيو. اتي جي ماڻهن سنڌ طرف لڏپلاڻ ڪئي ۽ ڪجهہ رقم خاطر پنهنجا ٻار بہ وڪڻڻ لڳا. مير غلام علي خان ڏڪار جي ستايلن جي خوب خدمت ۽ مدد ڪئي ۽ وڪرو ٿيل ٻار بہ مالڪن کي موٽائي ڏنا. ان قدم سبب ڪڇ جي راءِ بهارا مل ۽ انگريز ريزيڊنٽ بہ مير صاحب جو شڪريو ادا ڪيو. (اي هسٽري آف سنڌ، ص 211)
1795ع ۾ قلات جو والي مير محمد نصير خان وفات ڪري ويو. سندس پٽ مير محمود صغير هو. ان ڪري مير محمود جا ٻہ نڳا ڀائر:
مير رحيم خان ۽ مير مصطفيٰ خان گڏجي حڪومت هلائڻ لڳا. شهزادن رياست بھاولپور جي نواب سان سنڌ جي خلاف معاهدو ڪيو. حيدرآباد جي ميرن کان ’ڪراچي‘ بندر جي واپسيءَ جو مطالبو ڪيو ويو. جڏهن تہ رياست بھاول پور، سنڌ جي حاڪمن کان سنڌو درياھہ جا اوڀر وارا علائقا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. مير غلام علي خان صلح جي ڪوشش ڪئي ۽ جنگ کان ٽارو ڪيو. ان دوران هي اتفاق ٿيو جو مير مصطفيٰ بندوق هڻي مير رحيم خان کي ماري وڌو. مير غلام علي تعزيت لاءِ قلات وفد موڪليو. ان ريت طرفين ۾ صلح ٿي ويو. مير نصير خان جي ڀائٽيءَ سان ڀاڳ (ڀاڳ ناڙيءَ) ۾، مير غلام علي خان شادي ڪئي. مهمانن جو تعداد چاليھہ هزار چيو ٿو وڃي. (جنت السنڌ، ص 618- 619) مرزا قليچ بيگ هن دور ۾ سنڌ- بھاولپور تڪرار جو بہ ذڪر ڪيو آهي. نواب محمد صادق خان (ثاني)، اُچ جي ساداتن کي تڪليف ڏني. سادات حيدرآباد پهچي دانهين ٿيا. مير غلام علي خان ساداتن جي مدد لاءِ، طاهر خدمتگار ۽ ڪجهہ ٻين معتبر ماڻهن کي لشڪر سان گڏ بھاولپور روانو ڪيو. ڪجهہ ويڙھہ کانپوءِ سنڌ جي لشڪر رياست جي ڪجهہ علائقن تي قبضو ڪري ورتو. ان کانپوءِ اهو طئہ ٿيو ته، ساداتن کي زمينون واپس ڪيون وينديون، جي ضبط ڪيون ويون هيون. سبزل ڳڙھہ (سبزل ڪوٽ) ميرن جي حوالي ڪيو ويندو. ان کان سواءِ معاهدي جي شرطن موجب نواب بھاول پور جو پٽ يرغماليءَ طور سنڌ جي درٻار ۾ رهندو. طاهر، ڪشمور کان سنڌو درياھہ جي ذريعي سفر ڪيو ۽ ٽن ڏينهن ۾ حيدراباد (ٽنڊي حاجي مير خان) پهتو ۽ ڪجهہ ڏينهن لاءِ پاڻ ٽنڊي ۾ ترسي پيو. اهڙو اطلاع مير غلام علي خان کي بہ ڏنو ويو. هن پنھنجي پٽ
مير محمد خان کي موڪليو تہ دائودپوي شھزادي کي عزت ۽ آبرو سان درٻار ۾ وٺي اچي. ڪجهہ وقت شھزادو حيدرآباد ۾ رهيو. بعد ۾ ميرن کيس تحفا تحائف ڏئي بھاولپور وڃڻ جي اجازت ڏني. شھزادي جو نالو بھاول خان هو. (اي هسٽري آف سنڌ، ص 210- 211)
مير غلام علي خان، ابتدا ۾ وزير خارجہ رهي چڪو هو. ان ڪري چوطرف سندس نگاھہ هئي ته، ڪٿي ڇا پيو وهي واپري. هن کي لاهور، ڪابل، ايران، بمبئي ۽ ڪلڪتي ۾ ٿيندڙ چرپر جي مڪمل خبرچار هئي. حالتن جي مدنظر هن انگريزن ڏانهن دوستيءَ جو هٿ وڌايو. خود انگريزن بہ ائين ٿي چاهيو. مير صاحب بمبئي سرڪار ڏانهن هڪ ايلچي موڪليو. هن ناٿن ڪرو جي نيڪاليءَ تي انگريزن سان افسوس جو اظهار ڪيو. سن 1808ع ۾ ڪپتان ڊيوڊسن بمبئيءَ کان حيدرآباد پهتو. هن درٻار ۾ ايراني ايلچي ڏٺو. سنڌ ۽ ايران بئي شيعا رياستون هيون، ان ڪري ايراني ايلچيءَ جو درٻار ۾ هجڻ ڪا خاص ڳالھہ نہ هئي. ڪامياب مذاڪرات کانپوءِ، 18 جولاءِ 1808ع ۾ انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ ٽالپرن ۾ هن ريت معاهدو ٿيو:
(1) ٻئي حڪومتون پاڻ ۾ دوست ٿي رهنديون.
(2) ضرورت موجب ٻئي ڌريون هڪٻئي جي فوجي مدد ڪنديون.
(3) ڪابہ حڪومت ٻيءَ ڌر جي ڏوهارين کي پاڻ وٽ پناھہ نہ ڏيندي.
(4) ٽالپر هندستان جي ڪمپني سرڪار کان جنگي سامان خريد ڪندا، تہ قيمت ڏيڻ کانپوءِ مال کڻي سگهندا.
(5) دوستانه لاڳاپا مضبوط رکڻ لاءِ، ڪمپني سرڪار جو نمائندو ميرن جي درٻار ۾ رهندو.
(6) ناٿن ڪرو جي سنڌ ڇڏڻ مهل، جيڪو ڪمپنيءَ کي نقصان ٿيو هو، ان جو سوال وري نہ اٿاريو ويندو.
(7) ڪلهوڙن جي دور وانگر ٻيهر ٺٽي ۾ ڪوٺي قائم ڪئي ويندي.
(جنت السنڌ، ص 624- 625)
معاهدي جي شرطن کي ڏسڻ سان خبر پوي ٿي ته، ٻنهي ڌرين جي خواهش پوري ٿي هئي. ڪجهہ وقت کانپوءِ ڊيوڊسن کي واپس گهرائي، نڪولس هئنڪي سمٿ جي قيادت ۾ ٻيو وفد ميرن ڏانهن روانو ڪيو ويو. وفد ۾ ڪي ڊاڪٽر، ڪي سول ۽ فوجي عملدار بہ هئا. وفد ۾ هينري پاٽنجر جهڙو ذهين آفيسر بہ شامل هو. 10 جون 1809ع تي وفد ٺٽي پهتو ۽ ڪمپنيءَ جي ٺهرايل عمارت ۾ ترسيو. ڪجهہ وقت کانپوءِ وفد کي حيدرآباد اچڻ جي اجازت ملي. وفد مير صاحبن ۽ سرڪاري عملدارن سان ملاقاتون ڪندو رهيو. مير غلام علي خان، نواب ولي محمد خان لغاري، آخوند محمد بقا ۽ منشي مشتاق رام کي نئين معاهدي جي تياريءَ جو حڪم ڏنو.
معاهدي جا شرط هي هئا:
(1) ڪمپني سرڪار ۽ ميرن ۾ مستقل دوستي رهندي.
(2) ٻنهي ڌرين ۾ دشمني نالي ڪا چيز نہ رهندي.
(3) سفيرن وسيلي مستقل رابطو رهندو.
(4) ڪو بہ فرينچ سنڌ ۾ رهندو. (’حڪمت عملي'>سنڌ ۾ انگريزن جي حڪمت عملي‘،126- 127)
هي معاهدو 22 آگسٽ 1809ع تي ٿيو. معاهدي جي تصديق لاءِ، ميرن پاران مرزا مظهر ڪلڪتي روانو ٿيو. گورنر جنرل (لارڊ منٽو) فورٽ وليم ڪلڪتي مان معاهدي جي تصديق جو اعلان ڪيو. وفد جا ميمبر آڪٽوبر 1809ع ۾ بمبئيءَ واپس پهتا. واپسيءَ تي سمٿ سرڪار کي سنڌ جي حالتن بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي. هيءَ رپورٽ 9-2008ع ۾ ’سنڌ: ميرن جو دور‘ عنوان سان سنڌي زبان ۾ ڇپجي چڪي آهي. (ترجمو: عطا محمد ڀنڀرو) مير غلام علي ڪل نوَ سال حڪومت ڪئي. هڪ ڀيري مير صاحب هرڻ جو شڪار ڪيو، تڏهن ان کي سِير وجهندي سندس پير هرڻ جي سڱ تي لڳو، جنهنڪري بي انداز رت وهيو. حڪيمن ۽ جراحن وڏي ڪوشش ڪئي، پر رت بند نہ ٿيو ۽ مير غلام علي خان فوت ٿي ويو. هن 1811ع ۾ وفات ڪئي. سندس ميت کي خداآباد (هالا) ۾ دفن ڪيو ويو، جتي اڳ ۾ پهرئين حاڪم مير فتح علي خان کي بہ دفنايو ويو هو.
مير ڪرم علي خان: سن 1811ع ۾ ڀاءُ جي وفات کانپوءِ مير ڪرم علي خان سنڌ جو حاڪم ٿيو. عرف عام ۾ ٽالپرن جي پهرين چوياريءَ جو هي ٽيون رڪن هو. خداداد خان، ’لب تاريخ سنڌ‘ ۾ مختصر لفظن ۾ سندس دور کي ياد ڪيو آهي. هن مير صاحب جي زماني ۾ راجا رنجيت سنگهہ شورش برپا ڪئي. مگر برطانوي سرڪار جي مداخلت سبب ختم ٿي وئي. شاھہ شجاع افغانستان جو بادشاھہ حيدرآباد تائين پهچي ويو. ليڪن کيس راضي ڪري واپس روانو ڪيو ويو. سنڌيءَ جو مرثيہ گو شاعر ثابت علي شاھہ بہ هن جي دور ۾ ٿي گذريو آهي. مير ڪرم علي خان 1828ع ۾ هي فنا جو جھان ڇڏيو. (لب تاريخ سنڌ، سنڌي ترجمو، ص 173)
خداداد خان جي هن مختصر مذڪور ۾ ڳچ ڳالهيون سمايل آهن. هيٺ انهن جي اپٽار ڪجي ٿي:
ستن ڏينهن جي سوڳ کانپوءِ مير ڪرم علي خان سنڌ جو نئون حڪمران بنيو. جڏهن تہ سندس پٽ مير مير محمد کي پڳ ٻڌائي وئي. مرزا قليچ بيگ سندس دور جي وڏي واکاڻ ڪندي لکيو آهي ته، مير ڪرم عليءَ جي دور ۾ هر طرف امن امان هو. رعيت خوش هئي. ان دور ۾ سنڌ جي لشڪر کي ڪا بہ جنگ وڙهڻي نہ پئي. مير صاحب علم ادب جو شيدائي هو. ايران جي بادشاھہ فتح علي قاچار سان دوستي رکيائين. ان ڪري ٻنهي ملڪن ۾ سفير ايندا رهيا. مير ڪرم علي خان ’تلوار‘ جو شوقين هو. ان ڪري وٽس ڪيئي قسمن جون تلوارون موجود هيون. هن اديبن، شاعرن ۽ هنرمندن جي سرپرستي ڪئي، جي خراسان کان اچي حيدرآباد سنڌ ۾ رهيا. (اي هسٽري آف سنڌ، ص 212- 213) ان دور ۾ روس، جارجيا ۽ ايران ۾ لڙايون هلنديون ٿي رهيون. انهن جنگين ۾ ڪيئي جارجيا جا رهاڪو قيد ٿي ايران آيا ۽ ملڪ جي وڏن شهرن ۾ غلامن وانگر وڪرو ٿيڻ لڳا. سنڌ ۽ ايران جا لاڳاپا هن دور ۾ مستحڪم هئا. مير ڪرم علي خان کي چار زالون هيون، پر کيس ڪو بہ اولاد نہ هو. مير ڪرم علي ايراني درٻار کي لکيو ته، ڪي خوبصورت ڇوڪرا سنڌ موڪليو، آءٌ انهن مان هڪ کي گوديلو پٽ بنائيندس. آخوند محمد اسماعيل، جو ايراني وزير خارجہ حاجي ابراهيم وٽ اصفهان ۾ ٽڪيل هو، تنهن حاجي ابراهيم کي مرزا خسرو ڏيڻ جو حڪم ڏنو. حاجي ابراهيم خسرو کي حيدرآباد جي درٻار ۾ وٺي آيو. مير ڪرم علي خان حڪم جاري ڪري مرزا خسرو کي پنهنجو گوديلو پٽ بنائڻ جو فرمان جاري ڪيو. ليڪن ڇوڪرو ننڍيءَ عمر جو ۽ اڪيلو هجڻ ڪري منجهيل رهندو هو. مير صاحب سنڌ جي واپارين کي حڪم ڏنو تہ ايران مان اهڙو ڪو ٻيو ڇوڪرو بہ وٺي اچن. سوداگرن ايران مان ٻہ وڌيڪ ڇوڪرا هر هڪ: فريدون بيگ ۽ قربان بيگ خريد ڪري، سنڌ جي درٻار ۾ پهچايا. ان بعد مرزا خسرو بيگ جي طبيعت ۾ سڌارو آيو. سندس تعليم ۽ تربيت آخوند اسماعيل جي حوالي ٿي. سنڌ جو نامور اديب مرزا قليچ بيگ مرزا فريدون بيگ جو پٽ ۽ مرزا خسرو بيگ جو ڏوهٽو هو. خود مرزا خسرو بيگ جڏهن جوان ٿيو ۽ عملي دنيا ۾ قدم رکيائين، تڏهن هن ٽالپري درٻار جي وڏي خدمت ڪئي. (جنت السنڌ، ص 633- 635)
مرزا قليچ بيگ موجب، مير ڪرم علي خان جي دور ۾، سڀ کان اول ميرن ۽ انگريزن ۾ دوستي ۽ صلح جو تعلق پيدا ٿيو. ميجر ڪين (Skene) گورنر بمبئي سر جان مالڪوم پاران سفير ٿي سنڌ جي درٻار ۾ آيو. ميجر ڪين ميرن لاءِ ڪي بھترين تحفا بہ آندا هئا. انگريزي سفير سان گڏ ڪي ٻيا انگريز بہ هئا ۽ اهي ڪڇ کان سنڌ ۾ داخل ٿيا. نواب
ولي محمد لغاري انهن جي خاص خدمت ۾ هو. چند ملاقاتن بعد ٻنهي ڌرين ۾ هڪ معاهدو ٿيو، جنهن جا شرط مرزا قليچ بيگ ڪجهہ هن ريت ڏنا آهن:
(1) ڪو بہ يورپي ڪنهن بہ ڏيهي ماڻهوءَ کي نوڪريءَ ۾ نہ رکندو.
(2) ڪو بہ آفيسر سنڌو درياھہ جي ماپ ڪندو تہ ان کي نہ منع ڪبي ۽ نہ وري ڪا رڪاوٽ وڌي ويندي.
(3) ڪو بہ شخص ڪڇ کان واپار لاءِ شيون سنڌ آڻيندو ۽ ان کي گورنر بمبئيءَ جي اجازت هوندي ته، ان کان ميرن جي ملڪ ۾ ڪو بہ محصول نہ وٺبو.
هن معاهدي کانپوءِ ٽالپر ۽ انگريز ڪافي ويجهو اچي ويا، پر اڳتي هلي ان جو سنڌ کي وڏو نقصان ٿيو.
مولائي شيدائيءَ جي لکڻ موجب انگريزن ۽ ميرن جا رابطا اڳ ۾ قائم ٿي چڪا هئا ۽ انهن جي وچ ۾ ڪي معاهدا بہ ٿي چڪا هئا. مٿي ذڪر ڪيل معاهدي بابت شيدائي مرحوم مختلف ڄاڻ فراهم ڪري ٿو. کوسن جو قبيلو قديم دور کان وٺي ڪڇ ۽ پارڪر جي دنگ تي رهندو هو. انهن هڪ موقعي تي ڪڇ ۾ گهِڙي ڦُر ڪئي. انگريز اڳ ۾ ڪڇ ۾ مستحڪم هئا. اهو سٺو موقعو هو تہ واقعي جي پسمنظر ۾ انگريز سنڌ تي حملو ڪري ان کي فتح ڪن ها، پر بنگال جي سپريم حڪومت اڃا ان جي حق ۾ نہ هئي. بهرحال هن واقعي جي آڙ ۾، انگريزن کي موقعو مليو تہ هو ميرن سان هڪ نئون عهدنامو ڪن. معاهدي جا شرط هي طئہ ٿيا:
(1) انگريزن ۽ ٽالپرن جا دائمي دوستانه تعلقات رهندا.
(2) وڪيلن معرفت ٻئي حڪومتون باهمي فيصلا ڪنديون.
(3) سنڌ سرڪار ڪنهن بہ آمريڪي يا ڪنهن ٻئي مغربي ملڪ جي باشندي کي سنڌ ۾ رهڻ نہ ڏيندي.
(4) حڪومت سنڌ، کوسن يا ٻين بلوچن کي انگريزي علائقن ۾ ڦرلٽ کان روڪيندي. (جنت السنڌ، ص 643- 644)
مير ڪرم علي خان جي دور ۾ محمد عظيم خان جي هٿان شاھہ شجاع شڪست کائي حيدرآباد پهتو. هي واقعو 1814ع جو آهي. ڪابل ۾ گهرو ويڙھہ هئي، جنهن ۾ قاچار (ايران) خاندان جو بہ ڪي قدر ڪردار هو. زمان شاھہ (شاھہ شجاع جي نڳي ڀاءُ؟) کي انڌو ڪيو ويو. هن ڏس ۾ ڪابل جي تخت جي والار ۾ محمد شاھہ ۽ زمان شاھہ جا نالا بہ سامهون اچن ٿا. ان بعد ايوب شاھہ جو نالو اچي ٿو، جنهن کي پڻ جلد هٽايو ويو. گڙٻڙ جي ان دور ۾ ڪي شھزادا هرات ڏي ڀڳا، تہ ڪي وري سنڌ ۾ داخل ٿيندا رهيا. شاھہ شجاع پهرين جلال آباد پهتو ۽ پوءِ سنڌ آيو. ان بعد لِڪي لِڪي حيدرآباد جي ٻاهران ڦليليءَ جي ڪناري تي، آغا ابراهيم شاھہ جي ٽنڊي ۾ هڪ جاءِ وٺي اچي رهيو. شھر جي ڪوٽوال علي بخش پٽ فقيري خدمتگذار اچي ٽالپر حاڪمن کي هيءَ خبر پهچائي. ميرن ڪجهہ تنبو ۽ سامان جو بندوبست ڪري، شاھہ شجاع کي راحت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪجهہ فوج جو بندوبست ڪري شاھہ شجاع کي شڪارپور موڪليو ويو. محمد عظيم کي هيءَ خبر (ڪابل) ملي تہ هن ايوب شاھہ کي ڀڙڪايو تہ سنڌ تي حملو ڪرڻ جي تياري ڪجي. ان لاءِ تہ ميرن کي ڊيڄارجي تہ اهي شجاع کي ملڪ بدر ڪن. ٻئي لشڪر شڪارپور ۾ دوبدو ٿيا، پر جلد معاملو مذاڪرات ذريعي رفع دفع ٿي ويو. ايوب شاھہ جي بالادستي قبول ڪندي، ميرن سندس سِڪي کي سنڌ ۾ رائج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان کان سواءِ سالانه ٻارهن لک روپيہ ڏن ڀرڻ جو بہ فيصلو ڪيو ويو، جو ميرن پاران ڪابل کي ڏنو ويندو. هيءَ خبر پوڻ تي رات جي وقت شاھہ شجاع لڌيانا هليو ويو. ٽالپر امير ٻئي ڏينهن تي محمد عظيم خان سان ملي حيدرآباد واپس موٽي آيا. (اي هسٽري آف سنڌ، ص 215- 216)
ٽالپرن جي دور ۾ مغليه سلطنت وڌيڪ ڪمزور ٿي رهي هئي. عظيم هندستان جي ڳچ حصن تي انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني قبضو ڪري چڪي هئي. البت سنڌو ماٿر اڃا بچيل هئي، پر انگريزن جون مڪمل نگاهون هن خطي تي بہ هيون. پنجاب ۾ سک سردار رنجيت سنگهہ جو راڄ هو. رنجيت سنگهہ 1818ع ۾ افغانن کان ملتان فتح ڪري ورتو هو، جي نيم خودمختيار ۽ ڪابل جي ماتحت رهندا پئي آيا. ان کانپوءِ ملتان جي تاريخي حيثيت ختم ٿي. ان کي پنجاب سان ملايو ويو. رياست بھاولپور جي دائودپوٽا حاڪمن، ’ڪجهہ ڏيو ڪجهہ وٺو‘ جي بنياد تي سکن سان دوستي رکي، پاڻ کي محفوظ ڪري ورتو هو. ملتان جي فتح کانپوءِ رنجيت سنگهہ جو پوٽو نهال سنگهہ ڪوٽ مٺڻ، ديري غازي خان تي قبضي لاءِ موڪليو ويو. ان عرصي ۾ حيدرآباد خبر پهتي ته، سک سنڌ ۽ خاص ڪري شڪارپور تي قبضي جي تيارين ۾ آهي. ان وقت هن شھر جي وڏي واپاري اهميت هجڻ سان گڏ فوجي اهميت بہ هئي. ان ڪري رنجيت سنگهہ شڪارپور تي پنهنجو قبضو لازمي سمجهي رهيو هو. ميرن ٽيھہ هزارن جو لشڪر گڏ ڪيو تہ جيئن سکن کان سنڌ جي سرحدن کي محفوظ ڪجي. مير سهراب خان بہ ان ڏس ۾ متحرڪ ٿي ويو. ليڪن پهرين چوياريءَ جي آخري يار مير مراد عليءَ جي راءِ هئي ته، انڊس ويليءَ ۾ هن وقت سک سردار رنجيت سنگهہ طاقتور ترين حاڪم هو. ويڙھہ بجاءِ بهتر ٿيندو تہ انگريزن کان سفارتي مدد وٺي پاڻ کي محفوظ ڪري وٺجي. هن راءِ تي اتفاق ٿيو تہ آغا سيد اسماعيل شاھہ (ولد سيد ابراهيم شاھہ) بمبئيءَ جي گورنر سان ملي ان جي آڏو سکن جو مسئلو رکي. اسماعيل شاھہ بمبئيءَ پهتو تہ سندس آجيان ٿي. سر جان مالڪوم (گورنر بمبئي) ان وقت موڪلن تي ويل هو. ان جي جاءِ تي لارڊ ايلفنسٽن موجود هو. ايلفنسٽن، سنڌ جي سفير آغا اسماعيل شاھہ سان سٺي نموني ملاقات ڪئي. هن کان ميرن جو خط وٺي پنھنجي سفارشي نوٽ سان، گورنر جنرل (ڪلڪتي) کي موڪلي ڏنو. ان وقت ڪلڪتي ۾ لارڊ هيٽنگز حاڪم هو. ان صاحب هڪ خط رنجيت سنگهہ کي موڪليو ته، مير اسان جا دوست آهن، ان ڪري اوهان کي سنڌ تي حملي جي اجازت نہ ٿي ڏئي سگهجي. ميرن کي بہ آٿت ڀريو خط موڪليو ويو. رنجيت سنگهہ ترت ڪلڪتي کي آگاھہ ڪيو ته، اسان جو سنڌ تي حملي جو ڪو بہ ارادو ڪونهي. اوهان دلجاءِ ڪريو. سک حڪمران اهڙو خط ميرن کي بہ لکيو ۽ پاڙيسري هئڻ ۽ دوست هئڻ جي دعويٰ ڪندي، سنڌ تـي حملي نہ ڪـرڻ جي خاطري ڪرائي. ائين هي معاملو ختم ٿي ويـو. (اي هسٽري آف سنڌ، ص 216- 217) مرزا قليچ بيگ، سِکن ۽ ٽالپرن ۾ ڇڪتاڻ جو سال 1817ع لکيو آهي، جڏهن تہ ملتان جا تاريخدان سکن هٿان ملتان جي فتح 1818ع لکن ٿا. (ملتان انڊر دي افغانز) ظاهر آهي تہ سنڌ طرف سکن جي پيش قدمي ان کانپوءِ يعني 1818ع- 1819ع ۾ ٿي آهي.
ميان عبدالنبي آخري دور حڪومت ۾، عمرڪوٽ جو قلعو جوڌپور کي ڏئي ڇڏيو هو. ٽالپرن ۽ جوڌپور جي وچ ۾ ٿيل ٺاھہ موجب قلعو (علائقو) سن 1813ع تائين جوڌپور وٽ رهڻو هو. بعد ۾ ان کي سنڌ جي حوالي ڪرڻو هو. ميرن کي خبر پئي تہ جوڌپور ۾ ڏڪر سبب بيچيني آهي. ان پسمنظر ۾ نہ تہ جوڌپور سرڪار عمرڪوٽ ۾ لشڪر وڌايو ۽ نہ وري اتي موجود لشڪر کي فوجي مدد ڏئي سگهي ٿي. ميرن کي هن حالت جي خبر پئجي وئي. جوڌپور ۽ سنڌ سرڪار قلعي کي هٿ ڪرڻ لاءِ، فوجي دستا تيار ڪيا. نواب ولي محمد ۽ طاهر خدمتگذار اڳيان اڳيان هئا، جن اچي قلعي کي گهيرو ڪيو. بارود ڀرائي ڪوٽ جي هڪ ديوار ڪيرائي وئي، ان ڪري افراتفري پيدا ٿي. راجپوتن جي لشڪر مان ڪي مارجي ويا، ڪي گرفتار ٿيا ۽ ڪي وري ڀڄي ويا. ان ريت ميرن عمرڪوٽ کي سنڌ ۾ شامل ڪري ورتو. هي واقعو سن 1813ع ۾ پيش آيو. (تاريخ ريگستان، ڀاڱو پهريون، ص 195- 196) مير صاحب جي حڪم تي 1814ع ۾ ’نئون ڪوٽ‘ قلعو تعمير ٿيو. ان کان سواءِ ڏيپلي، سامروٽي ۽ پارڪر تائين انتظاميا کي قائم ڪيو ويو.
ساڳيءَ ريت ’شڪارپور‘ بہ گهڻي عرصي کان افغانن جي قبضي ۾ هئي. سال 1824ع ۾ ميرن هن شھر ۽ علائقي کي بہ سنڌ جي حدن ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان دور ۾ اتي نواب منصور علي خان صوبيدار (گورنر) هو. مير ڪرم علي خان بلوچي سردار معرفت، لشڪر گڏ ڪرائي نواب ولي محمد لغاريءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ شڪارپور تي چڙهائي ڪرائي. مير رستم خان ۽ مير علي مراد خان بہ لشڪر وٺي آيا. نواب ولي محمد، جمع خان بارڪزئي ذريعي، نواب منصور علي خان کي سمجهايو، جنهن بغير ڪنهن جنگ جي شھر جون ڪنجيون، نواب
ولي محمد خان لغاريءَ جي حوالي ڪيون ۽ پاڻ شھر مان نڪري هليو ويو. هن سوڀ تي نواب ولي محمد کي، مير ڪرم علي خان ٽي هزار اشرفيون انعام ڏنو. شھر جي بندوبست لاءِ ميرن ٻہ ڪچهريون قائم ڪيون. حيدرآباد پاران سيد ڪاظم شاھہ ناظم مقرر ٿيو. شھر جي اپت کي ست حصا ڪيو ويو. حيدرآباد جي حڪومت چار حصا کنيا، جي سالانه چوونجاھہ هزار ٿيا ٿي. باقي ٽي حصا چاليھہ هزار سهراباڻي (خيرپور) سرڪار کي مليا. بکر جو مضبوط قلعو مير سهراب خان فتح ڪيو، اهو ان کي ڏنو ويو. مولائي شيدائي موجب، هي ٽالپرن جي حاڪميت جو اوج هو، ان کانپوءِ انهن کي ڪا نمايان سوڀ نصيب نہ ٿي. (جنت السنڌ، ص 651- 652)
مير مراد علي خان پهرين چوياريءَ جو آخري يار (حاڪم) هو، جو ڳچ عرصي کان بيمار هو. ڏيهي طبيبن علاج ڪيو، پر فائدو نہ ٿيو. آخرڪار مير مراد علي خان بستري داخل ٿي ويو. مير ڪرم علي پريشان ٿي، گورنر بمبئيءَ لارڊ ايلفنسٽن کي خط لکي انگريز ڊاڪٽر جي گهُر ڪئي. آخرڪار ڊاڪٽر جيمس برنس کي مير صاحب جي علاج لاءِ موڪليو ويو. ٽالپرن هن جي گهڻي آجيان ڪئي. ڊاڪٽر برنس بہ ميرن سان سٺو تعلق رکيو. ويهن ڏينهن جي علاج ۾ مير مراد علي صحتياب ٿيڻ شروع ٿيو، ۽ ڏيڍ مهيني جي علاج ۾ هو مڪمل صحت مند ٿي ويو. ميرن پرڏيهي ڊاڪٽر جي وڏي خدمت ڪئي. واپسيءَ تي هن کي گهڻا تحفا ڏنا ويا. هن کي گهڻي تعظيم سان ڪڇ جي رستي بمبئي روانو ڪيو ويو. بلوچي فوجي دستو ڊاڪٽر سان گڏ ڀڄ تائين گڏ ويو. ڊاڪٽر برنس ميرن جي هلت چلت بابت ڪڇ جي ريزيڊنٽ هينري پاٽنجر کي بہ حال احوال ڏنا، تڏهن پاٽنجر هڪ خط ذريعي ميرن جو شڪريو ادا ڪيو. ان بعد ريزيڊنٽ ۽ ٽالپرن ۾ سٺا لاڳاپا قائم رهندا آيا. (اي هسٽري آف سنڌ، ص 217-218) ياد رهي تہ ڊاڪٽر برنس واپسيءَ تي هڪ ڪتاب: A Narrative of a Visit to the Court of Sind: A Sketch of the History of Cutch لکي انگلنڊ مان 1831ع ۾ ڇپرايو هو، جنهن ذريعي ميرن جي دور جي سنڌ بابت گهڻي ڄاڻ ملي ٿي. سنڌي ادبي بورڊ هي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ’سنڌ جي درٻار‘ (ترجمو: محمد حنيف صديقي) پهريون ڀيرو 1964ع ۾ ڇپرايو هو.
’فاتح سنڌ‘ مير فتح علي خان کي وفات (1802ع) کان ڪجهہ گهڙيون اڳ هڪ فرزند جي ڄمڻ جي خوشخبري ڏني وئي. ان کان اڳ مير صاحب کي ڪو بہ اولاد نہ هو. نئين ڄاول ٻار جو نالو مير صوبدار رکيو ويو. مرحوم مير جي ٽن زالن ۽ مير صوبدار خان جي پرورش ۽ سار سنڀال جي ذميداري مير غلام علي خان پاڻ تي کنئي. مير غلام علي خان جي وفات کانپوءِ، هي ذميواري سندس پٽ مير محمد خان جي حوالي ٿي. هن کي ڪي پرڳڻا جاگير ڪري ڏنا ويا تہ مير صوبدار جي خرچ پکي ۾ کوٽ نہ اچي. مير صوبدار خان پنجويهين سالن جو ٿيو ته، هن پنهنجن چاچن کان مير محمد خان وانگر الڳ طرح سان ملڪيت جو حصو طلب ڪيو. هن والد جي ٻئي ڇڏيل ورثي جي بہ گهر ڪئي. مير ڪرم علي خان ائين ڪرڻ لاءِ تيار هو، پر مير مراد علي خان ان سان اتفاق نہ ڪيو. نيٺ مير صوبدار ڪاوڙجي لاڙ ملڪ ڏي هليو ويو. لاڙ ۾ هن کي مير غلام علي خان پٽ فيروز خان جو ساٿ مليو، جو ريڻ تي رهندو هو. مير صوبدار وٽ ڏوڪڙ جي کوٽ هئي، پر هن قيمتي هٿيار ۽ هيرا جواهر وڪڻي ڪجهہ پئسا گڏ ڪري ورتا. هن پنھنجي صلاحڪار منشي پرتابراءِ ۽ هوش محمد قنبراڻيءَ (شيديءَ) جي معرفت پنھنجي حيثيت ٺاهي ورتي، جا هر ايندڙ ڏينهن تي وڌندي رهي. هاڻي هن کُليل بغاوت جو اعلان ڪيو. هي ٻڌي مير مراد علي خان بغاوت ختم ڪرڻ جي تياري ڪندي، گهٽ ۾ گهٽ 800 (اٺ سئو) فوجي پاڻ سان کنيا. حيدرآباد کي ڇڏي هي اڳتي وڌيو ۽ جتي ضرورت ٿي ڏوڪڙ ڏنائين. ان صورت ۾ مير صوبدار جي اٺ هزار فوج مان گهٽجي وڃي باقي هڪ هزار ٻہ سئو ماڻهو بچيا. مير صوبدار حالتن جو درست اندازو ڪري، مير ڪرم علي خان کي مداخلت جي اپيل ڪئي. مير ڪرم علي خان، چاچي (مراد علي خان) ۽ مير صوبدار (ڀائٽيو) ۾ ٺاھہ ڪرائي ڇڏيو. جيڪو الائونس مير محمد خان کي ملندو هو، اهو مير صوبدار لاءِ بہ منظور ٿيو. ساڳيءَ طرح مير صاحب کي والد جي ملڪيت مان بہ حصو ڏنو ويو. ائين هي گهرو جهيڙو ٽري ويو.
اوڙي پاڙي جي رياستن ڪي مسئلا کڙا ڪيا هئا، جن ۾ ڪنهن نہ ڪنهن ريت انگريز بہ ملوث هئا. مير ڪرم علي خان پنھنجي پٽيلي نوجوان وزيراعظم، مرزا خسرو بيگ کي بمبئي موڪليو. مرزا صاحب آخوند محمد بقا ۽ محمد عابد ٺٽويءَ کي بہ خسرو بيگ سان گڏ بمبئي موڪليو. ان وقت بمبئي جو گورنر مائونٽ اسٽيورٽ ايلفنسٽن هو. خسرو نوَ ڏينهن سامونڊي سفر کانپوءِ بمبئي پهتو. هن کي 24 توبن جي سلامي ڏني وئي ۽ ٻن هزار سپاهين هٿيار پيش ڪيا. سلاميءَ کانپوءِ گورنر وزير کي چئن گهوڙن واري گاڏي تي ويهاري شھر جو سير ڪرائي هڪ عاليشان بنگلي ۾ اچي رهايو. هي پهريون موقعو هو، جو سنڌ جو اعليٰ سطحي وفد سرڪاري ڪم سان بمبئي پهتو ۽ پڻ اتي رهي پهريون ڀيرو مغربي تھذيب ۽ تمدن کي بہ اکين سان ڏٺو. هڪ رات گورنر صاحب، وفد کي ناچ جي دعوت تي گهرايو. محفل هلندي سنڌ جي وفد جڏهن گورنر جي مئڊم کي نچندي ڏٺو، تڏهن آخوند بقا ۽ پوءِ خسرو بيگ مئڊم تان پئسا گهوريا. گورنر هي ڏسي چيو تہ اسان اولھہ وارن ۾ تہ اهڙي رسم ڪونهي. ان تي مرزا خسرو بيگ چيو تہ هي مشرقي رسم ۽ رواج آهي. وفد ٽي ڏينهن بمبئي ۾ رهيو. شھر ۾ مهانگائي چوٽ تي هئي. انگريز ستر هزار روپين (ڪڇ جي مسئلي ؟) جي ميرن کان گهر ڪئي هئي، سا قبول ٿيڻ بجاءِ رد ٿي وئي. (جنت السنڌ، ص 648- 649) ايلفنسٽن ايڏو تہ شاطر هو، جو ميرن کي ڪجهہ بہ نہ سمجهندو هو. هن جي راءِ ۾، ”انگريز سياستدانن لاءِ سنڌ هڪ دلچسپ مشغولي آهي.“
مير ڪرم علي خان سترهن سال راڄ ڪري، سن 1828ع ۾ وفات ڪئي. پٽيلي وزير خسرو بيگ کي وصيت ڪري ويو ته، منهنجي مُئي کانپوءِ سندس گهوڙي ”آزاد“ کي ماري ڇڏي ۽ سندس تلوار کي حرم جي ڏيڍيءَ تي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏي. مير صاحب کي حيدرآباد جي اولھہ ۾ هڪ پهاڙيءَ تي دفن ڪيو ويو. مير ڪرم علي فارسيءَ جو شاعر ٿي گذريو آهي. هن جو ديوان ڇپجي چڪو آهي. (جنت السنڌ، ص 654) محمد صديق جي ميمڻ، جنهن ٽالپر ميرن جي مقبرن تي ڪم ڪيو، سو لکي ٿو ته، مير ڪرم علي خان پهريون ٽالپر حاڪم هو، جو حيدرآباد ۾ دفن ڪيو ويو. جڏهن تہ پهرين ٻن حاڪمن: مير فتح علي خان ۽ مير غلام علي خان، خداآباد (هالا) ۾ پاڻ کي دفن ڪرايو. مير ڪرم علي خان هنر ۽ فن جو دلداو هو. هن شاعرن، اديبن ۽ ڪاريگرن جي مدد ڪئي. سندس مقبرو بہ فن تعمير جو سھڻو نمونو آهي. (دي ٽامبس آف ٽالپر ميرس، ص 16- 25)
سيد احمد شھيد بريلوي: سن 1786ع ۾ راءِ بريليءَ ۾ ڄائو. رياست ٽانڪ جي باني نواب امير خان جي فوج ۾ سوار طور ڀرتي ٿيو. 1806ع ۾ فرنگين سان دوستي رکڻ جي ڪري، احمد شھيد ملازمت ڇڏي ڏني. ان بعد هو شاھہ عبدالعزيز محدث کان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ دهلي ويو. ملازمت بعد سيد احمد کلم کلا جهاد ۽ تبليغ جو پرچار ڪرڻ لڳو. ان لاءِ مختلف علائقن خاص ڪري، رام پور ۾ پهتو. اتي هن کي خبر ملي تہ سک حاڪمن، پٺاڻن سان وڏا ظلم ڪيا آهن، ۽ اهي اڃا جاري آهن. پوءِ پاڻ ڪلڪتي هليو ويو، جتي مريدن جو وڏو تعداد پيدا ڪيائين. سيد احمد ڪلڪتي کان حج واسطي حجاز مقدس هليو ويو. هن اتي رهي وهابين جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪئي. 1825ع ۾ ڪلڪتي جي رستي عربستان کان موٽي آيو، ۽ سڌو دهليءَ پهتو. ان کانپوءِ سيد احمد سکن جي خلاف جهاد جو اعلان ڪيو. ان دور ۾ (1826- 1827ع) هو جهاد جي لاءِ، سنڌ ۾ راجسٿان کان داخل ٿيو. ان وقت سنڌ ۾ مير ڪرم علي خان ٽالپر جي حڪومت هئي. سنڌ جي تمام گهٽ ماڻهن هن جي جهاد، تحريڪ ۾ دلچسپي ورتي، ڇو تہ هنن کيس ’وهابي‘ سمجهي کانئس دور رهڻ پئي چاهيو. سيد احمد جي ابتدا ۾ ماڻڪاڻي ٽالپرن (ميرپورخاص) آجيان ڪندي خاطر تواضح ڪئي. ان بعد کيس ميرپورخاص ٽپائي حيدرآباد ڏانهن روانو ڪيو. وچ ۾ هن قافلي ڪيئي شھر ڏٺا، پر خاص ذڪر ٽنڊي الهيار جو ملي ٿو. جڏهن هيءُ قافلو حيدرآباد پهتو، تہ حيدرآبادي ميرن، سيد صبغة ﷲ ولايتيءَ کي موڪليو. صبغة الله،
سيد احمد جو مڪي شريف ۾ مريد بنجي چڪو هو. ميرن پاران مٺائي، ميوات ۽ ٻيو سامان بہ پھچايو ويو. ٽئين ڏينهن جمعو هو، کيس چيو ويو تہ قلعي ۾ اچي نماز پڙهي. هو اٺن ماڻهن سان گڏ آيو. سيد احمد تڪڙ ۾ حيدرآباد ڇڏڻ جو ارادو ڪيو. ميرن پاران هن کي هڪ هزار روپيه، هڪ بندوق ۽ ٻہ تماچا (روالور) پيش ڪيا ويا. ميرن هن جي خدمت چاڪري تہ ڪئي، پر سيد احمد کي ڏک پهتو ته، هتي جي عوام ۾ جهاد جو ذوق نہ هجڻ جي برابر هو. (تاريخ سنڌ، جلد ٻيو، اردو، ص 637- 639)
ان ڪري سيد احمد 1827ع (ذوالقعد 1242ھہ) ۾، حيدرآباد کان پير جو ڳوٺ روانو ٿي ويو. ٻہ ٻيڙيون سٺ روپيہ ڪرايي تي ورتائون. سمورو مال اسباب ٻيڙين ۾ وڌائون. ڪمزورن ۽ ٻڍڙن کي بہ ٻيڙين ۾ کنيائون. صحتمند ماڻهو ڪي پنڌ تہ ڪي اٺن يا گهوڙن جي ذريعي روانا ٿيا. ميرن بہ مهرباني ڪري هڪ ٻيڙو فراهم ڪيو. قافلو راڻي پور پهتو، تہ سيد صالح جيلاني آجيان ڪئي، ۽ انهن جي خدمت چاڪري ڪئي. ان دور ۾ پير صبغة ﷲ شاھہ (پهريون پير پاڳارو) گادي نشين هو. هن پنھنجي جماعت ۾ قرباني ڏيڻ وارن جو هڪ جٿو پيدا ڪيو، جن کي ’حر‘ جو لقب مليو. ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات ٿي. ظاهر ٿيو تہ ٻئي سکن ۽ انگريزن جي خلاف هئا. ٻنهي کي ختم ڪري ملڪ ۾ اسلامي نظام آڻجي. ان کانپوءِ سيد احمد جو قافلو شڪارپور پهتو. ان وقت شڪارپور جو ناظم سيد محمد ڪاظم شاھہ هو. ان بہ سيد احمد ۽ ان جي قافلي جي خدمت ڪئي. جولاءِ 1826ع ۾ شڪارپور کي ڇڏي قافلو خراسان لاءِ روانو ٿيو. شڪارپوري عوام کين گرمجوشيءَ سان الوداع چيو. (تاريخ سنڌ، جلد ٻيو، ص 640- 644) جڏهن سيد احمد سنڌ ۾ آيو، تڏهن مير ڪرم علي خان جو راڄ هو. مير صاحب 1828ع ۾ فوت ٿيو. ان وقت سيد احمد اترين علائقن ۾ جهاد ۾ مصروف هو. ڊاڪٽر مبارڪ علي هن واقعي جا سنڌ تي پوندڙ اثر ظاهر ڪندي لکي ٿو ته، ”جيتوڻيڪ سيد احمد شھيد جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ هتي قيام ڪرڻ، سنڌ جي تاريخ جو ڪو اهم واقعو ڪونهي، پر سکن سان جنگين جي ڪري ان جو سڌو اثر سنڌ تي پيو. ان وقت رنجيت سنگهہ، هن مجاهد سان ويڙھہ ۾ الجهي پيو، جڏهن هو (رنجيت سنگهہ) سنڌ تي حملي جي تياري ڪري رهيو هو. سيد احمد جي شهادت (1831ع) کانپوءِ پنجاب جي حاڪم سنڌ تي حملي لاءِ، انگريزن کان اجازت گهري تہ ان کي رد ڪيو ويو. هڪ مؤرخ لکيو آهي ته، مهاراجا حقيقت ۾ سنڌ جي فتح ۾ گهڻي دير ڪئي، ڇو تہ ان وقت هو سيد احمد سان ويڙھہ ۾ مصروف هو. ان عرصي ۾ خود انگريزن جا سنڌ بابت ارادا بدلجي چڪا هئا ۽ هاڻي هو پاڻ سنڌ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳا هئا. (سنڌ خاموشيءَ جو آواز، اردو، ص 240- 241)
مير مراد علي خان: ميرن جي حيدرآباد جي چوياريءَ جو هي آخري حاڪم ٿي گذريو آهي. هن جو عرصو مختصر ٿيو. يعني تہ هن صرف چار سال سن 1828ع کان 1832ع تائين حڪمراني ڪئي.
ڪي اهم واقعا پيش ڪجن ٿا، جيڪي مير مراد علي خان جي دور ۾ ٿي گذريا:
ايلفنسٽن 1819ع کان 1827ع تائين بمبئيءَ جو گورنر رهيو هو. ان جي دور ۾ هندي وڏي سمنڊ کان بصري تائين ڦرلٽ ڪندا هئا. انهن بمبئيءَ جي بحري ٻيڙي کان شڪست کاڌي. اهڙي بحري ٻيڙي جي اڳيان پنجاب جي خالصا سرڪار، سنڌ يا قلات جي حڪومت جي ڪهڙي مجال هئي؟ وچ هندستان کان فارغ ٿيڻ کانپوءِ، لارڊ
وليم بينٽڪ (1828ع- 1835ع)، سنڌ ۽ پنجاب طرف ڌيان ڏنو. سنڌونديءَ تي واپاري نيت سان قبضي لاءِ، هن هڪ جهازران ڪمپني ’دي نيويگيشن آف انڊس‘ جو بنياد رکڻ جو ارادو ڪيو. اصل ۾ هيءَ رٿ سنڌ، قلات ۽ پنجاب لاءِ سياسي موت جي برابر هئي. هن رٿ جو باني موئرڪرافٽ هو. ان جي نظر ۾ اهڙي ڪمپني واپار لاءِ مفيد هئي.
وليم بينٽڪ هر رُخ کان هن رِٿ تي سوچيو. لاهور، قلات ۽ حيدرآباد جي حاڪمن جي، انگريزن کي پوريءَ ريت ڄاڻ هئي ته، انهن ۾ ڪيتري سياسي سمجهہ ۽ فوجي طاقت هئي؟ اصل ۾ هن تحريڪ جو مقصد واپاري نه، پر سياسي ۽ فوجي هو. ڪجهہ انگريز عملدارن هن رٿ جي مخالفت ڪئي ته، ان سان ٽالپر مير ناراض ٿيندا. ان هوندي بہ سن 1831ع ۾ گورنر جنرل، ڪنهن ريت سنڌو درياھہ جي ماپ وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو. (جنت السنڌ، ص 663- 665)
ان پس منظر ۾ انگريز مختلف رٿن تي عمل ڪندا رهيا. پوڙهي رنجيت سنگهہ کي انگريزن جي ارادن ۽ مقصدن جي پوريءَ ريت ڄاڻ هئي. سکن جو لشڪر انگريزن جي چوڻ تي سنڌ جي سرحدن تي مظاهرا ڪرڻ لڳو. مير مراد عليءَ کي بہ انگريزن جي ارادن ۽ طاقت جو بخوبي اندازو هو. انگريزن ڪي تحفا پنجاب جي حاڪم ڏانهن سنڌو درياھہ رستي موڪلڻ ٿي گهريا. گهڻي ڪوشش ٿي تہ اهي تحفا ڪلڪتي يا بمبئيءَ کان خشڪيءَ رستي لاهور پهچن. پر انگريزن جي رٿا هئي تہ تحفا سنڌي سمنڊ وٽان سنڌونديءَ ذريعي لاهور پهچن. تحفا موڪلڻ تہ بهانو هو اصل ۾ انگريزن کي سموي سنڌو ماٿري ڏسڻي بہ هئي ۽ سنڌونديءَ جي ماپ (Survey) بہ ڪرڻي هئي. ان مقصد لاءِ انگريزن اليگزينڊر برنس کي منتخب ڪيو. ميرن مجبور ٿي برنس کي سنڌوءَ جي سفر جي اجازت ڏني. 12 اپريل 1831ع تي برنس ٺٽي پهتو ۽ اتي ٻہ مهينا ترسي سنڌو درياھہ جي سروي بہ ڪندا رهيا ته، ملڪ سنڌ جي باري ۾ ڄاڻ بہ حاصل ڪندا رهيا. مير مراد علي حالات کي فڪرمنديءَ سان ڏسندو رهيو، پر هن ڏس ۾ مير نصير خان انگريزن جي فائدي ۾ هو. چون ٿا تہ برنس جا جھاز ٺٽي مان نڪتا ته، هڪڙي پيرسن دانهن ڪري چيو ته، ”اڄ فرنگي درياهي رستي کان واقف ٿيا، هاڻي سنڌ ميرن جي هٿن مان نڪري ويندي. حيدرآباد ۾ وفد جون سرگرميون مير نصير خان جي معرفت جاري رهيون. ان جي معرفت وفد حيدرآباد جي حاڪم مير مراد عليءَ سان بہ برنس جي ملاقات ٿي. ٻنهي ڌرين تحفن جي بہ مٽاسٽا ڪئي. 23 اپريل 1831ع تي وفد حيدرآباد کان سيوهڻ لاءِ روانو ٿيو. برنس سيوهڻ 01 مئي 1831ع تي سهراباڻي سرڪار جي حدن ۾ داخل ٿيو. خيرپور ۾ ان وقت مير رستم خان حڪمران هو. هن ميرن جي آڌرڀاءَ لاءِ ڪميٽي جوڙي. وفد ٽي ڏينهن سيوهڻ ۾ ترسي پوءِ، خيرپور لاءِ روانو ٿيو، جتي وڏي وزير فتح محمد خان غور سندس استقبال ڪيو. آخري گڏجاڻي ۽ موڪلاڻي بکر ۾ رٿي وئي. وزيراعظم نواب ولي محمد لغاري، انگريزن جي دل وٺڻ لاءِ خوب بندوبست ڪيو. فرنگي وفد آخر ۾ ڪمپنيءَ جي ڊئريڪٽرن کي رپورٽ ڏني تہ: ٽالپر غير سنڌي ۽ ڌاريا آهن، انهن جي ظلمن جي ڪري، سنڌي رعيت تنگ آهي، ۽ سنڌوندي جهازراني ڪرڻ لاءِ مفيد آهي. بھاول پور کان ٿيندو وفد 18 جولاءِ تي رنجيت سنگهہ جي درٻار ۾ پهچي تحفا پيش ڪيا. سک حاڪم برنس جي دل رکڻ لاءِ انگريزي تحفن جي تعريف ڪئي. لاهور کانپوءِ وفد شملي پهتو، جتان گهوڙن جي واپاريءَ جي روپ ۾ ڪابل کان ٿيندو بخارا پهتو. ڪابل ۾ ترسڻ دوران هن امير دوست محمد خان سان بہ ملاقات ڪئي. (جنت السنڌ، ص 665- 671)
ياد رهي تہ مٿي ذڪر ڪيل جيمس برنس ۽ اليگزينڊر برنس پاڻ ۾ ڀائر هئا. جيمس وانگر اليگزينڊر بہ هڪ ڪتاب ’بخارا ۾ سفر‘ (ٽي جلد) لکيو، جنهن ۾ ٽيون جلد ’سنڌوءَ تي سفر‘ نالي سان 1834ع ۾ لنڊن مان ڇپيو هو، جنهن جو ترجمو عطا محمد ڀنڀري ڪيو، جيڪو سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ 1994ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو آهي.
مير مراد علي خان جي دور جو هڪ مکيہ واقعو 1832ع ۾ ٿي گذريو. کوسا جي ٿر ۽ ڪڇ جي سرحد تي رهند اهئا، انهن اسلام ڪوٽ وٽ پالڻپور جي هڪ واپاري قافلي کي ڦريو. بعد ۾ کوسن 7 واگهيلن گڏجي رهمڪي بازار کي بہ لٽيو. ڪڇ جي انگريز ريزيڊنٽ ڪرنل پاٽنجر بمبئي ۽ ڪلڪتي کي هن صورتحال جي رپورٽ ڏني. انگريزن جيسلمير ۽ جوڌپور جي انگريز سفيرن کي ڪڇ جي ريزيڊنٽ سان گڏجي، ميرن جي خلاف فوجي قدم کڻڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا. مير مراد علي ڪجهہ بلوچ سردارن کي ٿر جي سرحد تي موڪليو تہ روبرو وڃي حالتن جو جائزو وٺو. حالتن کي پرکڻ لاءِ سيد باقر شاھہ کي بہ ٿر روانو ڪيو. باقر شاھہ، انگريزن کي خاطري ڏني تہ کوسن جي معاملي ۾، ميرن جي سرڪار جو ڪو بہ دخل ڪونهي. بعد ۾ پوٽنجر (پاٽنجر) ڪجهہ سردار گرفتار ڪرايا. ڪمپني سرڪار پاٽنجر جي رپورٽن کي گهڻي اهميت ڏيندي، اڪٽوبر 1832ع ۾ پوني مان ڪڇ/ ٿر لاءِ لشڪر روانو ڪيو. ٿرپارڪر لاءِ خطري جي حالت ڏسي، خود مير مراد علي خان، منشي رحمت ﷲ خان سان گڏ ٿر ڏانهن روانو ٿيو. پارڪر جي مختيارڪار غلام شاھہ لغاريءَ کي حڪم ٿيو تہ حالتن جي اصل تصوير پيش ڪري. گورنر جنرل کي في الحال ڪي ٻيا مامرا نبيرڻا هئا، ان ڪري کوسن جي معاملي ۾ صرف ميرن کي ڊيڄارڻو هو. ان کان وڌيڪ ڪجهہ بہ نہ ڪرڻو هو. آڪٽوبر 1832ع ۾ سردار غلام حيدر خان بجاراڻيءَ، ڪجهہ کوسا گرفتار ڪري انگريزن جي حوالي ڪيا. ان سڄي ماجرا ۾ بہ ميرن ۽ ڪمپنيءَ وچ ۾ هڪ نئين معاهدي (چوٿون معاهدو؟) جي ضرورت محسوس ٿي. ڊسمبر 1831ع تي هڪ وفد سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. هن ڀيري وفد ۾ چار سئو ميمبر شامل هئا، جن ۾ خاص نالا هي آهن: ڪرنل پاٽنجر، پي. سي. سڪاٽ، جي. مورسي، اي. پي. ڊهوسٽ (سروير)، ۽ اي سنڪلر (نائب سرجن) وغيرہ. جنوري 1832ع تي وفد لکپت پهتو. ميرن سمجهيو تہ هي سڄي ڪشمڪش کوسن جي ڪري پيدا ٿي آهي. وفد گهمندو ڦرندو شاھہ ڪريم جي مزار تي بہ پهتو.
20 اپريل 1832ع تي حيدرآباد کان اڍائي ميلن جي دوريءَ تي وفد ڪئمپ قائم ڪئي. 28 جنوري 1833ع تي درٻار مان محمد خان لغاري ۽ مير دوست علي خان ٽالپر، وفد جي ميمبرن کي عزت ۽ احترام سان حيدرآباد جي درٻار ۾ وٺي آيا. هيءَ ملاقات صرف ويھہ منٽ جاري رهي. ميرن جو وفد جي آجيان ۽ خرچ پکي تي خاص ڌيان رهيو ۽ انهن جو وڏو خرچ ٿيو. بدلي ۾ ميرن حاڪمن ۽ لغاري سردارن کي بہ تحفا مليا. انگريزن نئين معاهدي جي ڳالھہ ڪئي. انگريزن سان ڳالهين لاءِ ميرن ٽالپرن: آغا اسماعيل شاھہ، ذوالفقار شاھہ، زين العابدين شاھہ، احمد خان لغاري ۽ منشي چوئٿرام کي مقرر ڪيو. معاهدي جا هي شرط طئہ ٿيا:
(1) ٻئي حڪومتون هڪٻئي کي حقارت جي نظر سان ڏسڻ بدران، هڪ ٻئي جي بچاءَ لاءِ ذميدار رهنديون.
(2) برطانوي سرڪار عرض ڪري ٿي تہ ٽالپر سرڪار هندستان جي واپارين کي سنڌ اندر سنڌو درياھہ تان مال آڻڻ ۽ کڻي وڃڻ جي موڪل ڏيندي. ڪو بہ سوداگر پاڻ سان جنگي سامان نہ آڻيندو، نہ وري ڪو جنگي جھاز درياھہ تان لنگهندو يا ڪو بہ انگريز واپاري سنڌ ۾ گهر جوڙي نہ رهندو.
(3) جيڪڏهن ڪو ڌاريو سوداگر سنڌ جي حدن اندر داخل ٿيندو، تہ پهريائين انگريزن کان اجازت وٺندو. انگريز اهڙي خبر حيدرآباد جي درٻار کي پهچائيندا. هي ڪم ڀُڄ جي انگريزي ريزيڊنٽ جي نگرانيءَ هيٺ رهندو.
(4) ٻئي حڪومتون واپار جي شين متعلق محصول جو اگهہ مقرر ڪنديون. (جنت السنڌ، ص 672- 674)
انهن ڏينهن ۾ مير نور محمد جي پٽ جي شادي هئي، جنهن جو نالو مير شھداد خان هو. خيرپور سرڪار پاران مير مبارڪ علي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيو. مير مبارڪ پاٽنجر کي خيرپور جي دعوت ڏني ۽ مير رستم خان سان ملاقات لاءِ بہ چيو. ميرن کي اچي ڊپ ٿيو تہ متان فرنگي شڪارپور تي قبضو ڪن. 21 مارچ تي وفد خيرپور پهتو. فتح محمد غوري،
گوهر علي خان، ديوان دلپتراءِ، ديوان لکميچند ۽ گوهر علي خان وفد جو استقبال ڪيو. وفد جا ميمبر مير رستم سان بہ مليا ۽ علائقي جي حالتن تي غور ويچار ڪيائون. ميرن ۽ انگريزن هڪٻئي کي خوب تحفا ڏنا. 16 اپريل 1832ع تي وفد حيدرآباد موٽ کاڌي. 11 مئي تي هي قافلو خير خوبيءَ سان موٽي لکپت پهتو.
سنڌ جي نامور اديب ۽ عالم، مرزا قليچ بيگ، مير مراد عليءَ جي دور بابت نهايت مختصر مگر جامع ڄاڻ فراهم ڪئي آهي. مرزا صاحب لکي ٿو ته، (اي هسٽري آف سنڌ، ص 219- 221) مراد علي 1828ع ۾ فوت ٿيو. مير ڪرم علي خان کي ڪو بہ اولاد نہ هو. ان ڪري سندس خزانو، هٿيار ۽ قيمتي شيون، مراد عليءَ جي قبضي ۾ اچي ويون. مير مراد علي عقلمنديءَ جو مظاهرو ڪيو ۽ ان موقعي تي خيرپور ۽ ميرپور جي ميرن ۽ بلوچن کي بہ پاڻ سان گڏ رکيو. هن جو دور امن ڀريو هو. ڪاريگر، واپاري ۽ زميندار مطمئن هئا. ڪابل ۾ وڳوڙ ۽ بدامنيءَ سبب، مير صاحبان اٽڪل روءِ آزاد ٿي چڪا هئا. ايران جي فتح علي شاھہ قاچار (بادشاھہ) سان سٺا لاڳاپا رکيائين. فتح علي پنھنجي نياڻي، مير مراد عليءَ کي نڪاح ڪري ڏيڻ ٿي چاهي، پر مير صاحب وڏي عمر ۽ پنڌ جي دُوريءَ سبب، هي رشتو شڪريي سان رد ڪري ڇڏيو. بمبئيءَ جي گورنر سان بہ دوستانه تعلقات جاري رهيا. ميجر پاٽنجر ڪڇ ۾ انگريز ريزيڊنٽ هو، اهو بہ ميرن سان بهتر تعلق ۾ رهندو آيو. ساڳيءَ ريت ڪڇ، پنجاب، جيسلمير، مسقط جي امام ۽ شريف مڪه جا سفير بہ حيدرآباد ايندا ويندا رهيا. شاھہ شجاع بہ سنڌ آيو. ميرن ٿوري عرصي لاءِ کيس شڪارپور ۾ رهڻ جو بندوبست ڪري ڏنو.
حيدرآباد جا مير هاڻي آزاد هئا. مير مراد علي خان حڪم ڏنو ته، شھر ۾ ضرب خانو (سِڪن ٺاهڻ جو مرڪز) وجود ۾ آندو وڃي ۽ سندس (مير مراد علي خان) جي نالي ۾ سڪو تعمير ڪيو وڃي. ان ڪم لاءِ ماهر ڪاريگر فتح محمد کي اڳواڻ ڪيو ويو. تجرباتي طور تي ڪم شروع ڪيو ويو ۽ چاليهن کان پنجاھہ اشرفيون (سون جو سِڪو) ٺاهي تيار ڪيون ويون. مير حڪم ڏنو تہ خزاني ۾ جيڪو بہ سون آهي، ان مان مهرون ٺاهيون وڃن، پر ان حڪم تي عمل کان اڳ مير علي مراد علي خان گوڏن ۽ سيني جي تڪليف سبب، 06 جمادي الثاني 1249ھہ (1833ع) تي وفات ڪري ويو. هن چار پٽ ڇڏيا: مير نور محمد خان، مير نصير خان، محمد خان ۽ يار محمد خان. هن پوٽن جو اولاد بہ ڏٺو. مير نور محمد خان کي ٻہ پٽ: مير شھداد خان ۽ مير حسين علي خان، ۽ مير نصير خان کي ٻہ پٽ: مير حسن علي خان ۽ مير عباس علي خان ٿيا، جي مير مراد علي خان جا پوٽا هئا.
ان کان اڳ ۾ 1832ع ۾ وزيراعظم نواب ولي محمد خان لغاري گذاري ويو. سڀ مير صاحب هن کي گهڻي تعظيم ڏيندا هئا. هو سٺو سياستدان، مدبر، موقعي شناس ۽ سنڌي توڙي فارسي ٻولين جو سٺو شاعر بہ ٿي گذريو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان جي نظر ۾، ميرن جي پهرين چوياريءَ جي سوڀن ۾ نواب ولي محمد خان جو مکيہ ڪردار بنجي ٿو. مير مراد علي خان ۽ نواب ولي محمد لغاريءَ جون مزارون حيدرآباد ۾ آهن. مير مراد علي خان جي وفات تي پهرين چوياريءَ جو دور پورو ٿيو. چئن حاڪمن جملي پنجاھہ سال راڄ ڪيو. ان بعد مير صاحبن کي صرف حڪومت ڪرڻ لاءِ ڏھہ سال مليا.
مير نور محمد خان: سمورن بلوچ سردارن گڏجي مير نور محمد خان کي حڪومت جي گاديءَ تي ويهاريو. مير مراد علي پنھنجي زندھہ هوندي، حڪومت چئن پٽن ۾ تقسيم ڪئي. البت نور محمد خان نيڪ سيرت ۽ سياڻو انسان هو. ان ڪري هن ٻي چوياري هن ريت وجود ۾ آندي:
مير نور محمد خان، مير نصير خان (ڀاءُ)، ۽ ٻہ سؤٽ: مير محمد خان ۽ مير صوبدار خان. ٻي چوياريءَ جو دور صرف ڏھہ سال هليو ۽ ٻہ
مير ٽالپر گادي نشين ٿي سگهيا. تان جو 1843ع ۾ انگريزن سنڌ کي فتح ڪري، ٽالپرن جي راڄ جو خاتمو ڪري ڇڏيو. هنن ڏهن سالن ۾ ميرن ۾ وڌيڪ نااتفاقي پيدا ٿي ۽ سنڌ وڌيڪ حصن ۾ تقسيم ٿي وئي. ان ڪري ٽالپرن جي حاڪميت جو خاتمو اڻٽر هو. شهداداڻي سرڪار کان اڳ، سهراباڻي سرڪار (خيرپور) ٽڪرن ۾ تقسيم ٿي وئي. ساڳيءَ طرح 1836ع ۾ مير مراد علي خان ماڻڪاڻي (ميرپورخاص) جي وفات کانپوءِ هيءَ حڪومت سندس ٽن پٽن: شير محمد خان، شاھہ محمد خان ۽
خان محمد خان ۾ تقسيم ٿي وئي. پڳدار پٽ شير محمد خان هو. ٽالپرن جي حڪومت جا اڳ ٽن حصن ۾ ورهايل هئي، سا هاڻي ٻي چوياريءَ جي دور ۾ ڪيترن ئي حصن ۾ تقسيم ٿي ڪمزور ٿي وئي. هي بہ حقيقت آهي تہ شهداداڻين ۽ سهراباڻين شهزادن ۾ ڪافي نااتفاقي ۽ ڏڦيڙ پيل هو. (جنت السنڌ، ص 676)
مير نور محمد خان جي دور ۾ ڪجهہ اهم واقعا هن ريت ٿي گذريا. صاف ڏسڻ ۾ پئي آيو تہ انگريزن کي سنڌ تي قبضو ڪرڻو هو. مير نور محمد خان ان باري ۾ خوب ڄاتو ٿي. ان ڪري هن بلوچن کي عام طرح سان ۽ خاص طرح سان، سردارن کي ايڪي ۽ ٻڌيءَ لاءِ زور ڀريو. پر ائين نہ ٿي سگهيو. قنڌار ۽ ڪابل هميشہ لاءِ سنڌ جي لاءِ مسئلو رهندا ٿي آيا. احمد شاھہ ابدالي، تيمور شاھہ ۽ پوءِ شاھہ شجاع، سنڌ لاءِ مصيبتون پيدا ڪندا رهيا. شجاع باوجود ذاتي مشڪلاتن ۽ مامرن جي، سنڌ جي اميرن ٽالپرن جي لاءِ مڙس ماڻهو ثابت ٿيو. سن 1803ع (1218ھہ) کان 1842ع (1258ھہ) تائين بادشاھہ بنيو رهيو. شاھہ شجاع مير نور محمد خان جي دور ۾ 1834ع ۾ سنڌ تي حملو ڪيو ۽ سکر جي ڀرسان ’کرڙيءَ جي ميدان تي‘ جنگ جو ميدان سينگاريو. ڪتابن ۾ ۽ خاص ڪري ’تازن معرڪن جي تاريخ‘ (ليکڪ: منشي عطا محمد، سنڌي ترجمو: نياز همايوني) نالي ڪتاب ۾ هن جنگ جو ذڪر نمايان آهن. هڪ ليکڪ موجب جنگ جو سبب هي ٿيو، جو ٽالپر اميرن سنڌ ۾ حڪومت جي نظام کي پختي ڪرڻ بعد ڪابل جي ڪاڻ ڪانہ ٿي ڪڍي. انهيءَ ڪري سن 1248ھہ/ 1832ع ۾ افغانن سنڌ جي اترين سرحد تي زور ڀريو ۽ اميرن جي حاڪم نواب خان مري'>عالم خان مري شڪارپور جي بدران اچي سکر ۾ پنهنجو محاذ پختو ڪيو. افغانن طرفان هدايت ﷲ اچي ’گوسڙ جي‘ ۾ پنهنجو ديرو ڄمايو، ۽ وجهہ وٺي اڳرائي ڪري، نواب عالم خان مريءَ تي حملو ڪيائين ۽ عالم خان جنگ ۾ ڪتب اچي ويو. عالم خان جو پٽ جھان خان مري هڪ وڏو بھادر ۽ باهمت جوان هو، جنهن پوءِ حملو ڪري هدايت ﷲ کي ماري وڌو. بعد ۾ ڪابل پاران سمندر خان، افغان فوج ساڻ وٺي اچي شڪارپور پهتو. مير رستم خان (خيرپور) جي درٻار هن جنگ بابت هڪ مثنوي لکي. ان موجب، عجب اهو جو شاھہ شجاع بادشاھہ، جو گهرو جنگ سبب پنھنجي ملڪ مان تڙجي چڪو هو، تنهن سمندر جي سپھہ سالاريءَ هيٺ روهيلن جي بي انداز فوج چاڙهي موڪلي، جا درياھہ جي پريان اچي صف آرا ٿي. انهن سان توبون هيون ۽ ٻي گهڻي فوج بہ گڏ هئي. انهن جبل جي ٽڪريءَ تي چڙهي اوچتو حملو ڪيو. ميرن پاران مير رستم خان پنھنجي فوج موڪلي. زبردست جنگ لڳي. سيد ڪاظم شاھہ صفون ٽوڙي ڇڏيون. دشمن ڀڄي پري کان مٿس حملو ڪيو. بندوقون ڇوڙي ڪاظم شاھہ کي پورو ڪري ڇڏيو. پوءِ هن جو چاچو ابوالحسن تلوار کڻي ميدان ۾ لٿو ۽ اهو بہ مارجي ويو. ابراهيم خان بہ ميدان ملهايو ۽ ڪي افغان ماري وڌا. عالم خان ۽ جھان خان مري بہ جنگ ۾ وڙهندي مئا. ان کان علاوہ هاشم، جيڪو خاصخيلين جو سردار هو، سو بہ رفيقن سان گڏ مارجي ويو. خدمتگذار پهلوان بھادر بہ هن جنگ ۾ ڪم آيو. امير ڪبير نظاماڻي، دريا خان بہ زبردست
جنگ ڪندي مارجي ويو. غلام مرتضيٰ شاھہ [ڪهيري بلوچ] کي تہ آفرين هجي، جو پنھنجي پوري اٽالي سميت ميدان جنگ مان نہ ڀڳو.
غلام مرتضيٰ شاھہ جي مارجڻ سان لشڪر بي دليو ٿي موٽيو. جي جنگ جاري رکن ها تہ اهي ئي جنگ کٽن ها. ڪي ويچارا اٻوجهہ تہ درياھہ ۾ ٽپو ڏيندي لڙهي ويا. (خليفي صاحب جو رسالو، ص 276- 278)
جيتوڻيڪ سنڌ جي ڪجهہ لکندڙن هن جنگ ۾ ميرن جي ڪردار جي وڏي واکاڻ ڪئي آهي. ليڪن منشي عطا محمد هن جنگ کي ٻي نظر سان ڏسي ٿو. ٽالپرن جي دور ۾ خليفو نبي بخش لغاري ڀلوڙ شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن هن جنگ تي ڪيڏارو لکيو، جنهن ۾ هن سنڌي شھيدن کي ساراهيو آهي:
کرڙي کائي رت، ڀَت نہ وجهي وات ۾،
پڙ ۾ پهلوانن جي، ويٺي پرکي پَت،
جنين نيڻ نست، نينھن نہ لائي تَن سين!
مولائي شيدائيءَ، هن جنگ ۾ شاھہ شجاع جي شڪست ڏيکاري آهي. ان هوندي بہ لکي ٿو تہ قلات کان افغان بادشاھہ حيدرآباد پهتو، جتي هن ٽنڊي ابراهيم شاھہ ۾ منزل ڪئي. شھر جي ڪوٽوال جي پٽ علي بخش مير نور محمد کي اطلاع ڏنو. مير صاحب سندس خدمت لاءِ حڪم جاري ڪيا. ٽن ڏينهن کانپوءِ شجاع حيدرآباد کان لڌيانا روانو ٿيو. (جنت السنڌ، ص 681- 682) مرزا قليچ بيگ هن جنگ جي باري ۾ وڌيڪ موزون راءِ ڏني آهي. معرڪو ٿيو، ليڪن ٽالپرن جو گهڻو نقصان ٿيو، ان ڪري بلوچن وڌيڪ وڙهڻ کان انڪار ڪيو. ان پس منظر ۾ آغا اسماعيل شاھہ کي حڪم ٿيو ته، مذاڪرات ڪري معاملن کي ختم ڪري ميرن پاران گڳوڙي شاھہ (شھزادي) کي ٻارهن لک روپيہ بنا دير جي ڏنا ويا. شجاع لڌيانا طرف هليو ويو. ميرن شڪارپور لاءِ اسماعيل شاھہ کي گورنر مقرر ڪيو ويو، جنهن پنھنجي پٽ آغاز بن العابدين کي نائب مقرر ڪري، پاڻ ٽالپرن سان گڏ حيدرآباد لاءِ روانو ٿيو. هي واقعو 1833ع (شوال 1249ھہ) ۾ ٿي گذريو. (اي هسٽري آف سنڌ، ص 232- 233) منشي عطا محمد شڪارپوريءَ ’تازہ نوائے معارک‘ ۾ جو ڪجهہ هن جنگ متعلق لکيو آهي، ان بابت حقيقت پسند ٿي سوچڻو پوندو.
1834ع ۾ مٺڻ ڪوٽ ۾ ڦر جو واقعو پيش آيو، جو ديري غازي خان جو حصو هو ۽ دراني حڪومت جي ڪمزوريءَ جو فائدو وٺي، نواب بھاولپور صادق محمد خان شھر تي قبضو ڪري اتي پنهنجو نائب مقرر ڪري ورتو. بعد ۾ سکن هي شھر دائودپوٽن کان ڦري ورتو. مزارين جي سردار بھرام خان: مگسين، بليدين ۽ مزارين جي گڏيل لشڪر سان ڪوٽ مٺڻ کي ڦريو ۽ لٽيو. ان واقعي جي آڙ ۾ ملتان مان ڪنور نونهال سنگهہ فوجون وٺي مٺڻ ڪوٽ آيو ۽ ساڳئي وقت ٽالپرن کان 12 لک روپيہ تاوان طلب ڪيائين. راجا رنجيت سنگهہ ٻيو سوال اٿاريو تہ مير ٽالپر، سکن لاءِ ايندڙ هٿيارن کي (ڪمپني سرڪار کان) سنڌو درياھہ تان گذرڻ جي اجازت ڏين. ديوان سانوڻ مل لاهور پاران 1832ع کان 1844ع تائين ملتان جو نائب هو، ان کي انگريزن جي ارادن جي خبر هئي. سانوڻ مل کي اندازو هو تہ انگريزن، اگر ميرن کي قابو نہ ڪيو ته، ايندڙ مصيبت سِکن تي ڪرندي. ان ڪري سانوڻ مل کي ميرن سان همدردي هئي.
مير صاحبان کي ڪو مسئلو ٿيندو هو تہ سانوڻ کي اڳتي ڪندا هئا. انگريزن لاهور کي پيغام ڏنو تہ هٿيارن جي معاملي تي ميرن کي تنگ نہ ڪيو وڃي. مزارچه جو علائقو ٽالپرن جي تابع هو، ان ڪري مٺڻ ڪوٽ جي ڦر بابت، سکن جي مطالبي کي تسليم ڪندي، ٽالپرن، سکن کي 12 لک روپيہ ڏئي جِند ڇڏائي. (جنت السنڌ، ص 682- 683)
چارلس ميٽڪاف 1835ع کان 1836ع تائين انڊيا جو گورنر جنرل ٿي رهيو. هن هندستان جي پريس کي ٿوري آزادي ڏني. انگريزن کي هيءَ ڳالھہ نہ وڻي، ان ڪري کيس لنڊن طلب ڪري، لارڊ آڪلنڊ کي هندستان جو حاڪم ڪري موڪليو، جيڪو 1841ع تائين هندستان ۾ رهيو. ڪابل جو امير دوست محمد خان حاڪميت کان باخبر هو. کيس خبر هئي تہ انگريز ۽ سِک اسلام دشمن آهن. سن 1837ع ۾ پشاور جي جنگ ۾ سِکن شڪست کاڌي ۽ انهن جو سپھ سالار هريسنگهہ بہ مارجي ويو. رنجيت سنگهہ، لارڊ آڪلنڊ کان مدد گهري، پر هن انڪار ڪيو. انگريزن جو خيال هو تہ پٺاڻ ۽ سِکَ ڀل پاڻ ۾ وڙهي ڪمزور ٿين. آڪلنڊ ڀڄ جي ريزيڊنٽ ڪرنل پاٽنجر جي معرفت ميرن تي دٻاءَ وڌائڻ لڳو. بقول مولائي شيدائي: هندستان جو مرد بيمار (سنڌ) موت جي بِستري تي پاسا بدلائي رهيو هو. (جنت السنڌ، ص 690)
1836ع ۾ انگريزي لشڪر سنڌو درياھہ رستي، ڪابل موڪلڻ جو بندوبست ڪيو ويو. ليڪن ميرن ٽالپرن ظاهر ۾ ان جي مخالفت ڪئي. انهيءَ سال ۾ لڌيانا ۾ رهيل شاھہ شجاع، انگريزن کي اپيل ڪئي تہ کيس ڪابل جو تخت وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪن. سرڪار سر وليم ميڪناٽ (Macnaghten) کي حڪم ڪيو ته، فوج ۽ ٻي گهربل مدد سان گڏ شجاع سان ڪابل وڃي هن کي تخت تي ويهارڻ ۾ مدد ڪري. ان سان گڏ گورنر جنرل حڪم ڏنو تہ جان ڪِين، فوج وٺي بمبئيءَ مان سنڌو درياھہ ذريعي ڪابل پهچائي. جان ڪين جي پهچڻ کان اڳ، ڀڄ جي ريزيڊنٽ ڪرنل پاٽنجر کي حڪم مليو ته، سنڌ پهچي ميرن کي راضي ڪري
تہ اهي انگريزي فوج کي وايا ڪـراچـي، سـنڌ ذريعي روانو ٿيڻ جي
اجازت ڏين. واپارين کي چيو وڃي تہ فوج کي هر گهربل چيز مهيا ڪن.
مير نور محمد خان ڏاهپ کان ڪم وٺي اهڙي اجازت ڏئي ڇڏي، پر ٻيا مير جيڪي پاڻ کي حاڪم ۽ آزاد سمجهي رهيا هئا، سي هن صورتحال جي مخالفت ڪرڻ لڳا. قلعي جي آسپاس بلوچ ڪرنل پاٽنجر کي تنگ ڪرڻ لڳا. تنهنڪري بلوچي فوج پاٽنجر کي سلامتيءَ سان ڪڍي، درياھہ سـنڌ جي ڪـناري تي مـوجود برٽـش ريـزيـڊنـسـيءَ پھچايو. ميـر
نور محمد اڳ ۾ اجازت ڏئي چڪو هو ۽ اهڙي اجازت (اجازت نامو)
کڻي ڪيپٽن وائيٽ ڪڪ ڪراچي روانو ٿي چڪو هو. مير شير محمد (ميرپورخاص وارو) ٻارهن هزار لشڪر وٺي، ٻين ميرن سان اچي مليو. ٻروچن اهو سامان ڦريو، جو واپارين انگريزن جي لاءِ خريد ڪيو هو، هي چوويهن ڪلاڪن جي ڪارڪردگي هئي. بلوچ، بازار (بازار حيدرآباد'>شاهي بازار حيدرآباد) کي ڦرڻ لاءِ بہ تيار هئا. مير نور محمد همت سان ان ڦرلٽ کي روڪيو، جا جهنگلي ٻروچن جي هٿان ٿيڻي هئي. انهن مان ڪن جا ڪن ڪپيا ويا ۽ ڪن جون ڏاڙهيون ۽ مٿا بہ ڪوڙيا ويا. انهن جو تعداد چڱو هو. (اي هسٽري آف سنڌ، ص 223- 224)
تمام جلد اطلاع پهتو تہ انگريزي فوج منهوڙي پهتي آهي تہ ميرن جي سپاهين مٿن فائر ڪيا. انگريزن جي فوج بہ جوابي فائرنگ ڪئي. نتيجي ۾ قلعي جي ديوار هڪ پاسي کان ڊهي ڍير ٿي پئي. اهڙو اطلاع ڪراچيءَ جي گورنر الهرکيي کي موڪليو. طاقت جي زور تي جان ڪين پنھنجي فوج کي زمين تي لاٿو. ميرن تڪڙ ۾ ڳالهين جي لاءِ سيد اسماعيل شاھہ کي ڪراچيءَ موڪليو. پاٽنجر بہ حيدرآباد ڇڏي ڪراچيءَ هليو. اسماعيل شاھہ منهوڙي واقعي تي ارمان ظاهر ڪيو. انگريزن نئين ٺاھہ لاءِ هي شرط رکيا:
(1) افغان ويڙھہ جي سموري عرصي تائين مير، انگريزي لشڪر کي مناسب قيمتن تي بار برادريءَ جي جانورن، گاھہ پٺي ۽ کاڌ خوراڪ جي سامان پهچائڻ لاءِ ٻڌل رهندا.
(2) مستقبل ۾ ٽي هزار انگريزي لشڪر ڪراچيءَ ۾ رهندو.
(3) بلوچن جي ڦرلٽ ڪرڻ ڪري انگريزن کي جيڪو 23 لکن روپين جو نقصان پهتو آهي، اهو مير هڪدم ڀري ڏيندا.
(4) حيدرآباد سرڪار سنڌ جي ان انگريزي لشڪر جي خرچ لاءِ 3 لک روپيا ساليانو ڀري ڏيڻ لاءِ ٻَڌل رهندي.
(5) ٽالپر ميرن جي حفاظت لاءِ انگريزي ريزيڊنٽ مقيم حيدرآباد وٽ انگريزي لشڪر جو دستو رهندو.
(6) انگريزي ريزيڊنٽ جو اندروني ڳالهين سان ڪو تعلق نہ رهندو. فقط اهم ڳالهين متعلق مير کانئس صلاح وٺندا.
(7) ٽالپري روپيو گلٽي آهي، جنهنڪري واپارين کي نقصان پوي ٿو. ان ڪري مير نوان روپيا تيار ڪندا.
آغا اسماعيل شاھہ ڏاهو ۽ تجربيڪار هو. ڪابل، تهران، بمبئي، ڪلڪتي وغيرہ جا ايوان، هن جي نالي کان واقف هئا. هن هي شرط لاچار منطور ڪيا. ڇو تہ بدلجندڙ سياسي رُخَ کي هو فڪر سان ڏسي رهيو هو. وزير شرط منظور ڪري انگريزن جي سنڌ دشمن ارادن کي ناڪام بنايو. سر جان ڪين جو چوڻ هو ته، حيدرآباد جو قلعو سندس کڙين هيٺان آهي. (جنت السنڌ، ص 701- 704)
ڊسمبر 1838ع ۾ اليگزينڊر برنس، بکر جي قلعي تي قبضي لاءِ مير رستم خان تي دٻاءَ وڌايو. برنس، پوڙهي رستم خان (خيرپور) کي تسلي ڏيندي چيو ته، جيڪڏهن هو قلعو حوالي ڪندو ته، پوءِ سهراباڻي سرڪار هميشہ لاءِ قائم رهندي. مير رستم خان کي معاهدي جي ڪاغذ تي دستخط ڪيا. مير صاحب ڏڪندي ڏڪندي برنس کي چيو، جي اوهان حيدرآباد سرڪار کان ڪراچي نہ ورتي، تہ مون کي خودڪشي ڪرڻي پوندي. جيتوڻيڪ ميرن، انگريزن کي سمجهايو تہ بولان ۽ خيبرلڪ اهميت وارا آهن، پر حملي آورن موٽ ڏني تہ اسان کي ڪابل تي حملي لاءِ ڪراچي ۽ سنڌ جا ڪي ٻيا علائقا مفيد ثابت ٿيندا. (جنت السنڌ، ص 696- 697)
مير نور محمد خان جي دور ۾ اسماعيلين جي امام، آغا خان جو اولاد سنڌ ۾ داخل ٿيو. هن خاندان مان شاھہ حسن علي (ولد شاھہ خليل ﷲ)، فتح علي شاھہ قاچار جي ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي. فتح علي قاچار جي وفات کانپوءِ، سندس پٽ محمد شاھہ قاچار بادشاھہ بنيو. شاھہ حسن علي ۽ محمد شاھہ ۾ اڻبڻت ٿي ۽ نوبت وڃي جنگ تائين پهتي. شاھہ حسن علي ايران جي ڪرمان کان موجودہ بلوچستان ذريعي سنڌ ۾ داخل ٿيو. هي واقعو 1838ع جو آهي. هو حيدرآباد سنڌ ۾ رهڻ لڳو، جتي خوجن جو چڱو تعداد هو ۽ اهي سنڌ جي تختگاھہ ۾ رهندا هئا. خوجا واپاري هئا، ان پسمنظر ۾ انهن انگريزن جي مدد ڪئي، جي
شاھہ حسن عليءَ جي ڪنهن بہ حڪم کي ٽاري نہ ٿي سگهيا. اڳ ۾ ايراني درٻار هن خاندان کي ’آغا خان‘ ۽ انگريزن ’هز هائينس‘ جو خطاب ڏنو هو. انگريزن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي. بعد ۾ هي ناميارو خاندان بمبئيءَ هليو ويو. شاھہ حسن علي 1881ع ۾ بمبئيءَ ۾ وفات ڪئي. ان پسمنظر ۾ اسماعيلي ننڍي کنڊ ۾ داخل ٿيا ۽ هتي جي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائون. (جنت السنڌ، ص 699- 700)
نومبر 1838ع ۾ انگريزي لشڪر ڪابل فتح ڪرڻ جي تياري ڪرڻ لڳو. انگريزن جو لشڪر سنڌ مان ڪراس ڪري اڳتي وڌڻو هو. ان ڪري تاريخن ۾ ان کي ’انڊس آرمي‘ سڏين ٿا. بنگال جو لشڪر جنهن ۾ 9500 سپاهي ۽ 3800 غير فوجي ملازم هئا. لشڪر ٽيهن هزارن اٺن سميت، جنرل ولو بي ڪاٽن جي قيادت ۾ فيروزپور وٽ پهتو. هتي گورنر جنرل لارڊ آڪلنڊ، رنجيت سنگهہ سان ملاقات ڪئي. فوج سان سر وليم مئڪناٽن انگريزي حڪومت پاران ڪابل جو سفير ٿي هليو. بمبئيءَ جي لشڪر ۾ 5600 سپاهي هئا، اهو جان ڪين جي قيادت ۾ بمبئيءَ کان سمنڊ رستي روانو ٿيو. شاھہ شجاع بہ انگريزن سان گڏ هو، ۽ ان سان گڏ فوج جو تعداد 6 هزار هو.
افغان لشڪر جو خرچ بہ انگريزن تي هو. 10 ڊسمبر 1838ع تي بنگال جو لشڪر فيروزپور کان روانو ٿيو. بھاولپور جي نواب ۽ جيسلمير جي راجا فوجن کي اٺن جي مدد ڪئي. بمبئيءَ کان روانو ٿيل لشڪر سنڌ مان لنگهيو ٿي. ان ڪري ميرن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. انگريزن جا ايجنٽ، خوجا واپاري ۽ هندو ٺيڪيدار؛ شاھہ بندر، ٺٽي ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ لاڙ کان اتر سنڌ تائين، ان ۽ چوپايو مال خريد ڪرڻ لڳا. هن ڏس ۾ ٽالپرن جي وڏي مخالف سيٺ نائون مل اهم ڪردار ادا ڪيو. نومڙين ۽ جوکين کي بہ وڏا ٺيڪا مليا. جڏهن تہ نومڙين جي سردار جي ٽالپرن سان مٽي مائٽي هئي. آغا خان جو ڏاڏو حسن علي شاھہ خراسان تائين اثر رکندڙ هو، ان بہ دل کولي انگريزن جي مدد ڪئي. (جنت السنڌ، ص 700- 701)
22 جنوري 1839ع تي ليفٽيننٽ ايسٽ وڪ، ڪپتان آئوٽرام ۽ ليفٽيننٽ هُڪ جو منجهند مهل، درٻار ۾ مير نور محمد خان ٽالپر سان ملاقات ڪئي. ٽالپرن پاران مرزا خسرو بيگ، نواب محمد خان ۽ ديوان چوئٿرام بہ ملاقات وقت مير صاحب سان گڏ هئا. مير صاحب هڪ پيتي گهرائي، وفد کي اڳين معاهدن جا ڪاغذ ڏيکاريا ۽ پوءِ چيو تہ جيڪي فرنگين تي اعتبار ڪن ٿا. اهي بيوقوف آهن. ان کانپوءِ مير نور محمد هڪ مختصر تقرير بہ ڪئي. ايسٽ وڪ جواب ۾ عربي ۽ فارسي رباعيون پڙهيون. آخر ۾ مير صاحب چيو، اسين هاڻ اوهان تي وڌيڪ اعتبار نہ ٿا ڪري سگهون ۽ نہ وري ايڏي وڏي رقم ڀري سگهنداسون. فرنگي وفد جي ميمبرن ۾ هن ڀيري وڌيڪ تڪبر ۽ غرور هو. پاڙيسري حڪومتون: ڪڇ، جوڌپور، جيسلمير ۽ بھاول پور جا حاڪم، ميرن جي خاتمي جا منتظر هئا. لارڊ آڪلنڊ کين حصا ڏيڻا ڪيا هئا. (جنت السنڌ، ص 704- 705)
مٿي ڪابل ڏانهن انگريزي لشڪر جي چرپر جو احوال ڏنو ويو آهي. انگريزن جو لشڪر مختلف ذريعن سان، غزني ۽ قنڌار کان ڪابل پهتو. سِکن جو لشڪر شاھہ شجاع جي پٽ جي قيادت ۾ خيبر کان جلال آباد پهتو. امير دوست محمد خان يلغار جو ٻڌي ڪابل ڇڏي ڀڄي ويو. پوءِ 1840ع ۾ ناڪام ٿي اچي انگريزن جي آڏو پيش پيو. انگريزن امير دوست محمد کي حرم سميت قيد ڪري ڪلڪتي ۾ نظربند رکيو. ٽيهن سالن جي غير حاضريءَ کانپوءِ شاھہ شجاع بادشاھہ بنجي ڪابل ۾ عياشي ڪرڻ لڳو. مختلف انگريز ڪمانڊر جدا جدا شهرن ۾ رهي، شاھہ شجاع جي حفاظت ڪرڻ لڳا. اليگزينڊر برنس ۽ جنرل اليفنسٽن، ڪابل ۾ ڇانوڻي هڻي، شاھہ شجاع جي پاسباني ڪرڻ لڳا. سر جان ڪين ۽ سر ولوبي ڪاٽن ٿوري لشڪر سان ڪابل مان واپس ٿيا. ڳچ انگريز ڪمانڊرن کي مھم جي ڪاميابيءَ تي سرڪار پاران ’نائيٽ‘ جو خطاب مليو. (جنت السنڌ، ص 712)
ان عرصي ۾ انگريزن قلات ۾ بہ مھم جوئي ڪئي. انگريزي لشڪر قنڌار ويندي سبي، ڍاڍر ۽ ڪڇيءَ مان لنگهيو هو. تڏهن انگريزن ۽ بلوچن کي هڪٻئي خلاف شڪايتون پيدا ٿيون هيون. ڪابل کان موٽندي جنرل ولشائر قلات تي حملو ڪيو. اتي جو حاڪم مير محراب خان ثاني، انگريزن سان وڙهندي مارجي ويو. سندس ٻہ هزار سپاهي بہ مارجي ويا. شھزادو نصير خان پنجگور ڏانهن ڀڄي ويو. انگريزن قلعي کي لٽڻ بعد مير شاھہ نواز خان کي حاڪم ڪري ويهاريو. چارلس ماسن ان وقت قلات ۾ موجود هو. ولشائر بولان لڪ کان واپسي ڪئي. ڪڇي، ڍاڍر ۽ مستونگ جا علائقا؛ انگريزن شاھہ شجاع جي نگرانيءَ ۾ ڏنا. جان ڪين فتح جا شادمانا وڄائيندو حيدرآباد پهتو، جتي اميرن کيس 19 توبن جي سلامي ڏني. ڪمانڊر ڪجهہ سون مير نور محمد کي تحفي طور ڏنو. مير صوبدار خان، جان ڪين کي ڌار آجياڻو ڏنو. (جنت السنڌ، ص 712- 713)
ڪابل جي واقعن کان ڪجهہ وقت اڳ يا ٿورو عرصو پوءِ، مولائي شيدائيءَ موجب، جهڙوڪر انگريزي لشڪر سنڌ کي گهيرو ڪري چڪو هو. هي گهيرو مختلف پاسن ۽ ڪمانڊرن پاران هو. حيدرآباد جي ڪوٽوال جي معرفت سر جان ڪين، حيدرآباد جي قلعي جي معائني ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿيو. مير نور محمد خان ايندڙ مصيبت کي ڏسي ۽ سمجهي رهيو هو. ميرن جي لاءِ ٻہ رستا هئا يا انگريزن سان جنگ ڪن يا نئين صلح جا شرط منظور ڪن. 10 فيبروري 1839ع تي رياست خيرپور ۽ حيدرآباد جي سرڪار جا 13 (تيرهن) شرط منظور ڪيا، جي گڏيل طور هن ريت هئا:
(1) ٻنهي حڪومتن ۾ دوستاڻو رستو رهندو.
(2) گورنر جنرل جو ارادو آهي ته، ٺٽي ۾ انگريزي ڇانوڻي رهي، جنهن ۾ پنجن کان وڌيڪ انگريزي لشڪر نہ رهندو.
(3) جيڪا انگريزي فوج رکي ويندي، تنهن جي خرچ لاءِ مير
نور محمد، مير نصير خان ۽ ٻيا اميرزادا 03 لک روپيہ ساليانو ڀري ڏيڻ لاءِ جوابدار رهندا.
(4) انگريز سنڌ جي اندروني معاملن ۾ دخل نہ ڏيندا، نہ وري پنهنجون عدالتون قائم ڪندا.
(5) انگريز، سنڌ کي ڌارين جي ڪاھہ کان بچائڻ لاءِ ٻَڌل رهندا.
(6) جيڪڏهن ميرن جي ٻن ڌرين ۾ ڪو فساد پوندو ته، انگريزي ريزيڊنٽ سندن فيصلو ڪندو.
(7) ڪو بلوچ سردار، ميرن جي خلاف بغاوت ڪندو ته، مير، گورنر جنرل کي اپيل ڪندا. معاملي جي جاچ ڪرڻ کانپوءِ گورنر جنرل انگريزي ريزيڊنٽ کي مدد ڏيڻ لاءِ حڪم ڪندو.
(8) ٽالپر مير، پاڙيسري حڪومتن سان دوستانه نموني ۾ خط و ڪتابت ڪري سگهندا. ليڪن انگريزن جي صلاح کان سواءِ ڪو بہ عهدنامو ڪري نہ سگهندا.
(9) ساڳيءَ طرح ميرن کي اطلاع ڏيڻ کان سواءِ، انگريز سندن خلاف ڪنهن بہ حڪومت سان معاهدو نہ ڪري سگهندا.
(10) انگريزن کي مال رکڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ گدامن جوڙائڻ جو اختيار هوندو. جيڪڏهن اهڙِن عمارتن کي فسادي نقصان رسائيندا، تہ مير عيوضي ڏيڻ لاءِ جوابدار رهندا.
(11) نئين عهدنامي موجب سنڌونديءَ جي واپار وڌڻ لاءِ امڪان آهي، ان ڪري ڪراچيءَ کان فيروزپور تائين، جيڪي بہ محصول لڳل آهن، سي آئندہ لاءِ رد سمجهيا ويندا.
(12) انگريزن کي جيڪڏهن سندس مدد جي ضرورت پئي ته، مير سنڌ جي حدن اندر کين ٽن هزارن فوجن سان مدد ڏيندا. اهڙي فوج جو خرچ انگريز ڀريندا.
هن معاهدي موجب ميرن کي جملي 27 لک روپيہ چٽي ڀرڻي پئي. جان وليم ڪين لکي ٿو تہ حيدرآباد جي ميرن ويھہ لک روپيہ ۽ مير رستم خان ست لک روپيہ ڀري ڏنا. (جنت السنڌ، ص 705- 708)
انگـريـزن جـي فـرمائـشـن ۽ وڌنـدڙ زيـادتـيـن کـي ڏسـي، ميـر
نور محمد خان مجبور ٿي، آزمودگار سفير آغا اسماعيل شاھہ کي، گورنر جنرل کي حقيقتون ٻڌائڻ لاءِ ڪلڪتي روانو ڪيو. آغا صاحب 16 فبروري 1839ع تي ڪلڪتي روانو ٿيو. وزير جي عمر ان وقت 80 ورهيہ هئي. سفر جون تڪليفون سندس برداشت کان ٻاهر هيون. ان ڪري هو حيدرآباد موٽي آيو ۽ تمام جلد وفات ڪري ويو.
مير نور محمد خان، آخري دور حڪومت ۾ ڪثير معاملن ۾ اُلجهيل رهيو، پر بلوچن جي باهمي نا اتفاقيءَ کيس وڌيڪ جهوري وڌو هو. ميرن ٽالپرن جا جهيڙا تيز ٿيندا ويا، ان ڪري مير صاحب سخت پريشان رهڻ لڳو. انگريزن جي اچڻ کانپوءِ ميرن جا باهمي دٻيل جهيڙا اُڀري آيا. ماڻڪاڻي (ميرپورخاص)، شهداداڻين سان ٺهيل نہ هئا. مير
نور محمد شوخ طبع ۽ ڪفايت ۾ يقين رکندڙ هو. مير نصير خان رعيت ۾ پسند ڪيو ويندو هو. مير محمد خان سست ۽ لاغرض انسان هو. هن کي چوياريءَ جو رڪن هوندي بہ مملڪت جي ڪاروبار سان ڪا دلچسپي نہ هئي. مير صوبدار خان حڪومت جو اصل حقدار (پاڻ کي) سمجهندو هو. شوخ مزاج وارو، پر حڪومت جي ڪمن ۾ دلچسپي وٺندو هو. مير شير محمد ماڻڪاڻي سخت مزاج وارو حاڪم هو. هن جو علائقو غيرآباد هو، ان ڪري هن ’مڱريو واھہ‘ کوٽايو هو. هيءَ ڳالھہ حيدرآباد جي ميرن کي نہ وڻي. قلات ويل مرزا باقر کي هڪدم طلب ڪيو ويو، جنهن وچ ۾ پئي ڌرين جو فيصلو ڪرايو. وڌيڪ وڙهيل سهراباڻي (خيرپور جا مير حاڪم) هئا. 19 جولاءِ 1839ع تي مير مبارڪ فوت ٿيو. مير علي مراد خان موقعو ڏسي انگريزن کي پنھنجي ملڪيت جي واپسيءَ لاءِ گذارش ڪئي. ليڪن گورنر جنرل، مقامي ريزيڊنٽ کي هدايت ڪئي ته، في الحال معاملي کي دٻايو، ڇو تہ اسان ڪابل جي مھم ۾ ڦاٿل آهيون. ليڪن دلين جي سانڍيل باهمي بغض ڀڙڪو کاڌو.
مير رستم خان، مير علي مراد خان ۽ مير مبارڪ خان جو پٽ مير نصير خان، ترارين ۽ تفنگن سان هڪٻئي جي سامهون اچي ويا. مير علي مراد خان ڀاري ٿي چڪو هو، ڇو تہ کيس انگريزن جي پٺڀرائي حاصل هئي. نونهار جي ٺاھہ موجب مير علي مراد کي زمينون موٽي مليون. ٽالپرن ۾ ويڙھہ وانگر قلات جي درٻار ۾ بہ معاملات ٺيڪ نہ هئا. (جنت السنڌ، ص 709- 710)
اڳ ۾ آسپاس جون رياستون ٽالپرن کي قدر جي نگاھہ سان ڏسنديون هيون. مگر انگريزن جي شرطن کي قبول ڪرڻ کانپوءِ سندن اڳوڻي اهميت گهٽجي وئي. حيدرآباد ۾ انگريزي ريزيڊنٽ ڪرنل پاٽنجر سنڌ جي اڇي ڪاري جو مالڪ هو. ظاهر ۾ ڏسڻ ۾ پئي آيو تہ حيدرآباد ۽ قلات جون حڪومتون گهڙي پل جون مهمان آهن. سر جان ڪين عوام تي ظلم جا پهاڙ پي ڪيرايا. سرحد جي بليدين، ڊومبڪين، جکراڻين، بگٽين، مرين ۽ مگسين، بنگال جي لشڪر کي شڪارپور ڇڏڻ کانپوءِ، ڦري انگريزي عملدارن جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي. ان ڏس ۾ بلوچن مختلف طريقا اختيار ڪري، انگريزن کي تنگ ڪيو. انگريزن ڪنهن بہ رڪاوٽ کانسواءِ: شال، مستونگ، قنڌار، غزني ۽ ڪابل تي قبضو ڪري ورتو. پر چون ٿا تہ شينهن جي شڪار ڪرڻ وقت ڪافي اسباب کڻڻو پوندو آهي. انگريزن اهڙو بندوبست نہ ڪيو هو. (جنت السنڌ، 710- 711)
مرزا قليچ بيگ آخري ٽالپر دور کي ويجهو مؤرخ آهي. ان صاحب حالانڪ ٽالپرن تي گهٽ مواد ڇڏيو آهي، ليڪن مختصر ۽ جامع انداز ۾ لکيو آهي. مير نور محمد جن مسئلن ۾ گهيريل هو، انهن ۾ حيدرآباد ۾ برطانوي ريزيڊنسي، ريزيڊنٽ ۽ انهن جي حفاظت جو مسئلو خاص اهميت رکندڙ هو. اڳ ۾ راس بيل خيرپور جو ريزيڊنٽ هو، جو ڏيڍ سال کن رهي فوت ٿيو. بعد ۾ حيدرآباد جي ريزيڊنٽ ميجر پاٽنجر کي هيءَ ذميداري بہ ڏني وئي. ستن مهينن کانپوءِ اهو عملدار بيمار ٿي پنھنجي ملڪ هليو ويو. سندس جاءِ تي هڪ ٻيو آفيسر جناب ليڪي (Leckie) مقرر ٿيو. هي ٿورو عرصو رهي، حيدرآباد کان بمبئيءَ لاءِ روانو ٿيو. نئون ريزيڊنٽ ڪپتان ايسٽ وِڪ مقرر ٿي آيو. ڪجهہ ڏينهن کانپوءِ ميجر آئوٽرام کي نامزد ڪري حيدرآباد موڪليو ويو. پنھنجي نائب ڪيپٽن لاڪ کي حيدرآباد ۾ ڇڏي، پاڻ خيرپور جي ريزيڊنسي ڏسڻ لاءِ روانو ٿي ويو. آئوٽرام کي ڪي مسئلا قلات ۾ بہ طئي ڪرڻا هئا. (اي هسٽري آف سنڌ، ص 225- 226)
اٺن سالن جي راڄ کانپوءِ سن 1840ع ۾ (جمادي الثاني 1255ھہ) ۾، مير نور محمد بيمار ٿي پيو. ڪجهہ ڏينهن ۾ هو ڏيهي ۽ پرڏيهي طبيبن جي علاج هيٺ رهيو. آخرڪار ساڳئي سال ۾ (اربعه 10 شوال 1255ھہ)، مير نور محمد هي فاني جھان ڇڏيو. هن کي حيدرآباد جي ٽالپرن جي قبرستان ۾، پنھنجي والد جي پهلوءَ ۾ دفن ڪيو ويو. (دي ٽامبس آف ٽالپر ميرس، ص 27)
مير محمد نصير خان جو دور: محمد نصير خان، اڳئين حڪمران مير
نور محمد خان جو ڀاءُ هو. هن ٻہ اڍائي سال سنڌ تي حڪومت ڪئي. ليڪن هي دور ٽالپرن جي زوال جو زمانو هو. هن کي ڳچ تڪليفن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. قليچ بيگ سندس ساراھہ ڪندي ڍاپي نہ ٿو. لکي ٿو تہ سڀني بلوچن هن کي پنهنجو اڳواڻ تسليم ڪيو. هي ذاتي طرح ڀلو ماڻهو هو. هن ۾ بي شمار ادبي صلاحيتون هيون ۽ هو واقعي شھزادو لڳندو هو.
ورندڙ چند مهينن ۾ ميرن جا پاڻ ۾ اختلاف نروار ٿي سامهون آيا. جهيڙي جو سبب ملڪيت هئي، جهيڙو لفظن کان وڌي جنگ تائين پهتو. احمد خان لغاريءَ جي ڀڙڪائڻ تي، مير صوبدار خان وڃي مير حسين علي خان جو پاسو ورتو. مير نصير خان وري مير شھداد خان جي حمايت ڪئي. آخرڪار مير نصير خان پنھنجي ويجهي درٻاري، آخوند بچل کي آئوٽرام ڏانهن موڪليو ته، هن ڏس ۾ هو سندس مدد ڪري. آئوٽرام جي دخل ڏيڻ تي معاملو حل ٿي ويو.
سنڌ ۾ ڪالرا (وبا)، سال 1841ع (1257ھہ) سبب ڪرنل آئوٽرام بيماريءَ جي موڪل تي مصر روانو ٿيو. ڪيپٽن ماءِ لين (Mylne) سندس جاءِ نشين بنيو. ربيع الثاني 1258ھہ (1842ع) ۾ حيدرآباد ۾ ڪالرا جي وبا پکڙي ۽ پوري سنڌ ۾ پهچي وئي. سڀ مير ۽ سندن خاندان، حيدرآباد ڇڏي مختلف پاسن ڏانهن هليا ويا. البت مير حسين علي خان ۽ مير صوبدار خان ۽ سندن اولاد اگهاماڻي (اگهم ڪوٽ) طرف هليا ويا. هيءَ صورتحال ٽي مهينا جاري رهي، جنهن کانپوءِ مير صاحب حيدرآباد موٽي آيا.
سيپٽمبر 1842ع ۾ ڪلڪتي سرڪار، چارلس نيپيئر کي سنڌ ۾ ريزيڊنٽ مقرر ڪيو، جو پونا کان هلي اچي سنڌ پهتو. ڪراچيءَ کان حيدرآباد آگبوٽ ذريعي پهتو. حيدرآباد پهچڻ تي ميرن خاص درٻاري سندس استقبال لاءِ موڪليا. شام جو نيپيئر مير نصير خان سان ملڻ آيو. مير عباس علي ۽ ڪي ٻيا، نيپيئر جي آڌرڀاءُ لاءِ اڳتي وڌيا، جڏهن هو قلعي کي ويجهو پهچي رهيو هو. بعد ۾ هو مير صوبدار سان ملي ريزيڊنسيءَ موٽي آيو. ٽن ڏينهن کانپوءِ چارلس نيپيئر شڪار لاءِ نڪري ويو، جتي هن اڪثر مير ڏٺا. نائب ريزيڊنٽ ماءِ لين بدلي ٿيو ته، ان جي جاءِ تي ڪپتان اسٽينلي آيو. نيپيئر کيس ميرن سان نئين معاهدي لاءِ موڪليو. نئين معاهدي جا شرط هن ريت هئا:
(1) ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو سِڪو سنڌ ۾ چالو ٿيندو. ٽالپرن جي لاءِ انگريز نئون سڪو تيار ڪندا، جن تي هڪ پاسي کان راڻي وڪٽوريا جي تصوير هوندي.
(2) سنڌو درياھہ جي ٻنهي ڪپن تي هڪ سئو گزن تائين، انگريزن کي ٻارڻ جي ڪاٺين وڍڻ جو حق هوندو.
(3) سهراباڻي سرڪار (خيرپور) سبزل ڪوٽ ۽ ڀنگ ڀاڙا پرڳڻا بھاولپور جي نواب جي حوالي ڪري، سکر، بکر ۽ ڀرپاسي وارا ٻيٽ، هڪدم انگريزن جي حوالي ڪيا وڃن.
ميرن هي شرط قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ان پسمنظر ۾ ڪيپٽن هڪدم آگبوٽ ذريعي بمبئيءَ لاءِ نڪري ويو. (اي هسٽري آف سنڌ، ص 227- 228)
انگريزن طاقت جي زور تي شاھہ شجاع کي تخت تي ويهاريو هو. افغانن ۾ هن معاملي تي سخت ناراضپو هو. آخرڪار افغانن تنگ ٿي امير دوست محمد جي پٽ غازي اڪبر خان جي اڳواڻيءَ هيٺ، انگريزن خلاف آزاديءَ جو جهنڊو اُڀو ڪيو، ۽ پوءِ ڪابل ۾ گوريلا جنگ شروع ڪئي. 27 جون 1839ع تي رنجيت سنگهہ فوت ٿيو. ان ڪري بہ موجود حالتن تي خراب اثر پيو. شاھہ شجاع جنهن کي خود انگريزن لاءِ نفرت هئي ۽ انگريزي ناڻي سان پيار هو. اهو پنهنجين ڏيڍ سئو بيگمن سان بالاحصار قلعي ۾ عيش ۽ آرام سان رنگ رلين ۾ مصروف هو، جڏهن تہ سر وليم مئڪناٽن ۽ اليگزينڊر برنس تلوار ۽ ڏوڪڙ جي زور تي پٺاڻن تي حڪم هلائي رهيا هئا. انگريز عملدارن پنهنجين بيگمن کي بہ ڪابل گهرايو ته، جيئن اتي جي ماحول، موسم ۽ ميون جا مزا وٺن. رات جو ڪابل ۾ محفلون ٿينديون هيون، جتي انگريزي بيگمات، انگريزي طرز جي کاڌي، ناچ ۽ موسيقيءَ مان لطف اندوز ٿينديون هيون. انگريزن کي هي ڄاڻ نہ هئي تہ جتي عياشيون ڪري رهيا آهن، اتي زمين جي هيٺان آتش فشان بہ دُکي رهيو آهي. آهستي آهستي ڪابل جو آسمان غبار آلودہ بنجي ويو. ڪابل کي بولان لڪ ۽ خيبر لڪ ذريعي ٺيڪيدار سامان پهچائيندا هئا، ٽن سالن کانپوءِ مئڪناٽن اهي ڏوڪڙ بند ڪري ڇڏيا. گورنر جنرل لارڊ آڪلنڊ برطانوي سفير مقيم ڪابل کي خرچ گهٽائڻ لاءِ هدايت ڪري ڇڏي. ان پسمنظر ۾ ڪابل ۾ جنگ جا شعلا ڏسڻ ۾ اچڻ لڳا. ڪابل جو سڄو ڊرامو سر وليم مئڪناٽن رچايو هو، سو آخرڪار بمبئيءَ جو گورنر مقرر ٿيو ۽ هن کي 20 نومبر 1841ع تي کيس بمبئي پهچڻ لاءِ ڪابل ڇڏڻو هو. لارڊ آڪلنڊ جو مدو بہ پورو ٿي رهيو هو. پاڻ نئين گورنر جنرل جي اچڻ جي انتظار ۾ هو. ان وقت ڪابل جي فضا جي تبديلين ۽ سياسي فضا جي ڦرڻ جا اطلاع اچي رهيا هئا. سلميٰ جي خوشنما پهاڙين ۽ ڪلڪتي جي فورٽ وليم قلعي جي ديوارن کان وٺي لنڊن جي ليڊن هال ۽ ڊائوننگ اسٽريٽ تائين ماتم جون صفون ڇانئجي ويون. (جنت السنڌ، ص 716-719)
نومبر 1841ع تي پٺاڻ مجاهدن اليگزينڊر برنس کي سندس وچ بازار واري بنگلي ۾ ڪٺو ۽ خزانن کي بہ ڦريو. شاه شجاع جي خزانچي ڪپتان جانسٽن کي قتل ڪري ٻہ لک روپيہ ڦري ورتا. انگريزي فوج جو ڪمانڊر انچيف جنرل ايلفنسٽن، حالتن کي ڏسي منجهي پيو. هن کي خبر نہ ٿي پئي تہ آخر ڇا ڪجي؟ افغانن هر طرف کان انگريزن ۽ شاھہ شجاع کي گهيرو ڪيو. مجبور ٿي مئڪناٽن اڪبر خان سان ملڻ ويو ۽ هن کي ٽيهن لکن روپين ڏيڻ جي لالچ ڏيکاريائين، پر پنھنجي باڊي گارڊن سميت افغانن هٿان اُتي جو اُتي مارجي ويو. ميجر ايلڊرڊ پاٽنجر معرفت پوڙهي جنرل ايلفنسٽن 06 جنوري 1842ع تي اڪبر خان سان معاهدو ڪيو ته، انگريزي لشڪر کي هڪدم ڪابل ڇڏي وڃڻ جي اجازت ملي. اڪبر خان سندس شرط منظور ڪيا. ٻن پهرن جو سخت برفباريءَ جي مند ۾، 15 هزار انگريز ۽ ديسي سپاهي سامان کي ڇڏي ڇانوڻيءَ مان نڪري ڪابل کان نڪتا. مگر مشڪلاتون اڃا وڌي رهيون هيون. ڪابل کان پنج ميل پري ٽي هزار سپاهي قتل ٿي ويا. اڪبر خان اچي انگريزن کي سوڙهو ڪيو ۽ کين جلال آباد تائين سلامتيءَ سان پهچائڻ لاءِ تسلي ڏنائين. شرط اهو رکيائين تہ هو انگريزن جون بيگمون ۽ ٻار ٻچا ضمانت طور ڇڏي وڃي. ٻي واھہ نہ ڏسي انگريزن اهو شرط تسليم ڪيو. ليڊي مئڪناٽن، ليڊي رابرٽ سيل، ۽ نوَن ٻين عملدارن جون بيگمات پٺاڻن جي حوالي ڪيون ويون، جن مان ڪي حاملہ پڻ هيون. اٺن (8) بالا انگريز عملدارن کي بہ قابو ڪري، باقي لشڪر کي وڃڻ جي اجازت ملي وئي. ان وقت انگريزي لشڪر جو تعداد باقي وڃي 450 بچيو هو. هاڻي جنرل ايلفنسٽن ۽ برگيڊيئر شيلٽن کي نظربند ڪيو ويو. لشڪر ۾ فقط ويھہ عملدار ۽ 45 سولجر بچيا هئا، جي پڻ پوءِ مارجي ويا. پندرهن هزارن جي لشڪر مان فقط هڪ انگريزي ڊاڪٽر برائڊن سلامتيءَ سان جلال آباد پهتو. ان اهڙي ذليل شڪست کانپوءِ سمورو حال احوال انگريزن کي پھچايو. اڪبر خان ٽوٽل 94 بالا عملدار ۽ ارڙهن بيگمات، ٻارن ٻچن سميت اڪبر خان وٽ اڃا نظربند هئا. هيءَ حالت انگريزن جي لاءِ باعث شرم ۽ بدناميءَ جو ڪارڻ بني. بدبخت شاھہ شجاع بہ ان دوران انگريزن جي هوندي ڪابل ۾ قتل ٿي ويو.
لارڊ آڪلنڊ اعلان ڪيو تہ هيءَ شڪست عارضي آهي. ڪمانڊر انچيف سر جئسپر نڪلس جي مرضي هئي ته، جنرل ناٽ ۽ جنرل رابرٽ سيل قنڌار ۽ جلال آباد مان سلامتيءَ سان نڪري اچن. انگريزن قلات تي قبضو ڪيو، تڏهن اتي جا براهوئي ۽ بلوچ سردار سخت ناراض ٿيا. 1841ع ۾ ڪپتان لي ميسوريئر، سون مياڻيءَ کان وٺي قلات تائين سروي ڪرڻ تي مقرر ٿيو. مختلف قبيلن جي سردارن بغاوت ڪئي. ليفٽيننٽ لوڊي قلات ۾ قتل ٿيو. مير نصير خان قلات جو حقيقي وارث گاديءَ تي ويٺو. ملتان جو حاڪم سانوڻ مل بہ بروهين جي مدد ۾ هو. ميجر ڪلبرن ڪاهان تي ڪاھہ ڪرڻ وقت دودا خان مريءَ جي هٿان مارجي ويو. مير نصير خان شهداداڻي (حيدرآباد) ۽ مير شير محمد خان ماڻڪاڻي (ميرپورخاص) بہ بلوچ سردارن سان تعلق ۾ هئا. دلچسپ ڳالھہ هيءَ آهي تہ انگريزن کي هنن رابطن جي خبر هئي. هندستان ۽ انگلنڊ ۾ انگريزن جي ڪابل جي بُري شڪست تي گهڻو بحث هلي رهيو هو. فيبروري 1842ع تي لارڊ آڪلنڊ ڪمپني سرڪار کي ٻن ڪروڙن جو قرضي بنائي، ولايت روانو ٿي ويو. لارڊ آڪلنڊ کانپوءِ ايلنبرو هندستان جو نئون گورنر جنرل مقرر ٿي آيو. هو مسلمانن جو سخت ويري هو. هن جي آڏو ٻہ ڪم هئا: ڪابل جي ويڙھہ کي ختم ڪرڻ ۽ انگريزن جي پيشانيءَ تان شڪست جو داغ مٽائڻ. (جنت السنڌ، ص 722- 723)
لارڊ آڪلنڊ ولايت وڃڻ کان اڳ، جنوري 1842ع ۾ ٽي هزار تازہ دم فوج، جنرل بولڪ جي قيادت ۾، خيبر لڪ کان ڪابل ڏانهن روانو ڪري چڪو هو. 15 اپريل تي جنرل بولڪ جلال آباد پهتو. اتي رابرٽ سيل قلعي کي مضبوطيءَ سان قابو ڪيو ويٺو هو. جنرل ناٽ جو قنڌار ۾ هو، تنهن ڏکڻ طرف کان ڪابل تي ڪاھہ شروع ڪئي. 12 آڪٽوبر 1842ع تي انگريزي لشڪر ٻن پاسن کان ڪابل تي ڪاھہ شروع ڪئي.
اڪبر خان شڪست کائي ڪابل انگريزن جي حوالي ڪيو. انگريزن انتقام ۾ اچي قنڌار، جلال آباد ۽ ڪابل جي وچ ۾ سڀني باغن کي ڪپائي ناس ڪرائي ڇڏيو. هنن اورنگزيب جي ٺهرايل تاريخي ’چارچته‘ بازار کي بہ ويران ڪرائي ڇڏيو. ان بعد انگريز بيگمات ۽ ٻارن ٻچن کي آزاد ڪرائي، هندستان طرف روانا ٿيا. غزنيءَ ۾ محمود (غزنويءَ) جي مقبري جا در پٽرائي، مشھور ڪيائون تہ اهي اصل ۾ سومناٿ مندر جا دروازا آهن. امير دوست محمد کي ڪلڪتي مان آزاد ڪري، ان لاءِ ٻہ لک روپيا وظيفو مقرر ڪيو ويو. انگريزن اعلان ڪيو تہ اسان کي وڌيڪ ملڪن فتح ڪرڻ جي ضرورت ڪونهي. مولائي شيدائي لکي ٿو ته، هاڻي هندستان جي ’مرد بيمار‘ سنڌ جو وارو هو. (جنت السنڌ، ص 723- 724)
سنڌ جي حالت جنگ واري هئي. ان صورت ۾ بہ مير پاڻ ۾ ٺھڻ ۽ اتحاد ڪرڻ لاءِ تيار نہ هئا. خيرپور جو مير علي مراد خان، چارلس نيپيئر جي ڳجهي مدد سان وڏي ڀاءُ مير رستم خلاف محاذ کڙو ڪيو. مير رستم مجبور ٿي خيرپور ڇڏي ٿر جي ڀٽن ڏانهن هليو ويو. رستم خان ملڪيت جي ائين ورهاست ڪئي، جو ٻيا سڀ مير راضي هئا. البت مير علي مراد ان صورت ۾ پاڻ کي محفوظ رکڻ لاءِ سر چارلس نيپيئر جو پاسو ورتو. ان طرح حيدرآباد ۾ مير صوبدار خان ۽ ٻيا مير پاڻ ۾ نہ ٺهندا هئا. سال 1842ع (ذوالقعد 1258ھہ) ۾ اڳيون ريزيڊنٽ ڪرنل آئوٽرام آگبوٽ ذريعي حيدرآباد پهتو. ميرن هن جي لاءِ بيشمار تحفا موڪليا، پر آئوٽرام نہ ورتا. البت مير صوبدار جا موڪليل تحفا قبول ڪري ورتا. هن عمل تي مير نصير خان کي سخت تڪليف ٿي. هن کي ڊپ ٿيو تہ خيرپور وارو تجربو نہ دهرائجي. ان ڪري مير صوبدار ۽ مير نصير خان ۾ دشمني وڌي وئي. (اي هسٽري آف سنڌ، ص 228- 229)
هلندڙ دور ۾ ٽالپرن ۽ چارلس نيپيئر کان وٺي اختلاف وڌندا ويا. ذي الحج 1258ھہ (1842ع) ۾ مير نصير خان ۽ مير محمد حسن ۽
مير رستم جا پٽ ۽ ڀائٽيا (کهڙا مان) حيدرآباد پهتا. انهن حيدرآباد جي مير نصير خان کي منٿ ميڙ ڪئي تہ اهي مير رستم خان جي مدد ڪن. 02 محرم 1259ھہ (1843ع) تي مير رستم خان پاڻ پٽن ۽ ڀائرن سان حيدرآباد پهتو. مير صوبدار خان ۽ مير شھداد خان سندس استقبال لاءِ قلعي کان ٻاهر تائين ويا. ستت پوءِ مرزا خسرو بيگ، يوسف خذمتگذار ۽ غلام علي نظاماڻي، سفير ٿي نيپيئر ڏانهن ويا، جو سيوهڻ جي ڀرسان هو. (جنت السنڌ، ص 736، موجب چارلس نيپيئر، ان وقت ڀريا وٽ هو) انهن يعني سفيرن پيغام ڏنو تہ مير اوهان جي شرطن تي صلح ڪرڻ ۽ معاهدي ڪرڻ لاءِ تيار آهن، پر مير رستم خان کي پنهنجا حق ڏنا وڃن. خسرو بيگ همت سان نيپيئر کي ٻڌايو ته، مير ۽ ٻيا بلوچ بزدل نہ آهن. سنڌ وٺڻ ايتري آسان ڪانهي جيتري اوهان سمجهو ٿا. بلوچن جون تلوارون اڀيون آهن. هن سفيرن سان وڌيڪ ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته، آءٌ بہ جنگ لاءِ تيار آهيان. ڏسون تہ تلوارون ڪيئن ٿيون اسان جي توبن جو مقابلو ڪن! وڌيڪ هي تہ ٻئي ڏينهن ڪرنل آئوٽرام حيدرآباد ايندو ۽ روبرو اچي ميرن سان گفتگو ڪندو. سال 1843ع (06 محرم 1259ھہ) ۾ ڪرنل آئوٽرام، ليفٽيننٽ برائون، ۽ ڪي ٻيا عملدار 150 سپاهين سميت نئون آباد (حيدرآباد) پهتا، جتي انگريزن جي ڪيمپ ۽ ريزيڊنسي هئا. ٻئي ڏينهن ڪرنل آئوٽرام ۽ ٻيا عملدار، ميرن سان ملڻ لاءِ پهتا، جتي هو مير نصير خان سان مليا. ڊگهي بحث کانپوءِ ميرن واعدو ڪيو ته، 10 محرم کانپوءِ هو نئين معاهدي تي دستخط ڪندا. 12 محرم تي آئوٽرام ۽ برائون وري مير نصير خان ڏانهن ويا. مير نصير خان چيو تہ سندس مھر محمد خان پٽ لقمان خان ۽ مير شھداد خان جي مھر مختيارڪار محمد خان لغاريءَ وٽ آهي. هن وقت اهي موجود نہ آهن. ورندڙ ڏينهن تي ايندا. ايندڙ رات تي غلام محمد ۽ يختيار خان لغاري، مير نصير کي سمجهايو ته، هو نئين ٺاھہ تي دستخط نہ ڪري. مير غلام شاھہ شاهواڻي ۽ خان محمد ماڻڪاڻي، سنڌ جي حاڪم کي جنگ ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو. آخوند بچل ۽ نواب محمد خان ٽالپر، مير نصير خان کي صلح جو مشورو ڏيندي، جنگ نہ ڪرڻ جو مشورو ڏنو. پر مير نصير خان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ٻئي ڏينهن تي آئوٽرام ڪنهن عملدار ذريعي صلح جا ڪاغذ موڪليا، پر مير صاحب جي نائب غلام محمد لغاريءَ انگريز کان ڪاغذ ڦري ڦاڙي اڇلي ڇڏيا. عملدار مايوس ٿي آئوٽرام ڏانهن موٽي ويو. هن حالت ۾ مير شھداد خان خاموش رهيو. جڏهن تہ مير صوبدار خان ۽ مير محمد خان ٻٽي پاليسي اختيار ڪندي، ڪو بہ واضح پاسو نہ ورتو. (اي هسٽري آف سنڌ، ص 229- 230)
آخرڪار حالتون اهڙيون پيدا ٿيون جو، بلوچن مجبور ٿي حيدرآباد ۾ انگريزن جي ريزيڊنسيءَ تي حملو ڪيو. سر چارلس نيپيئر حيدرآباد ايندي رستي ۾، حيات خان مريءَ کي مارائي ڇڏيو. هن واقعي سبب بلوچن
۾ تـاءُ پکـڙجـي ويو. اٽڪـل روءِ 15 هـزار بلـوچ حيـدرآباد ۾ گـڏ ٿي ويا.
15 فيبروري 1843ع تي هزارين بلوچن جي هجوم انگريزي ريزيڊنسيءَ تي ڪاھہ ڪئي. آئوٽرام انگريزن جي بندوقن جي سايي هيٺ، ريزيڊنسي ڇڏي درياھہ ڏانهن ڀڄي وڃي آگبوٽ ۾ ويٺو ۽ آگبوٽ ذريعي في الحال فسادي ايراضيءَ مان نڪري جان بچائڻ ۾ سوڀارو ٿيو. مير نصير خان جو ايراني بورچي، مشهدي، جو گولااندازيءَ ڪري مشھور هو، ان بہ آگبوت مٿان توبزني شروع ڪئي، مگر ريزيڊنٽ عملي سوڌو سلامتيءَ سان نڪري ويو. (جنت السنڌ، ص 737)
جيئن ئي نيپيئر کي ريزيڊنسيءَ تي حملي جو اطلاع مليو، تيئن ئي رات جو انگريزي فوج هالا مان رواني ٿي ۽ حيدرآباد طرف وڌڻ لڳي. شام جو اطلاع مليو تہ انگريزي لشڪر مٽياريءَ پهتو آهي ۽ صبح جو سوير حيدرآباد لاءِ روانو ٿيندو. لشڪر ۾ 5000 فوجي ۽ 12 توبون شامل آهن. اهو ٻڌڻ شرط مير نصير خان، غلام محمد، يختيار خان لغاري ۽ غلام شاھہ توڙي جان محمد ٽالپر کي جنگ جي تياريءَ جو حڪم ڏنو. اهي بلوچن جا ليڊر هئا ۽ جنگ جا حامي هئا. کين چيو ويو تہ دشمن تي نظر رکن ۽ خبرچار وٺندا رهن. اهي خبرون ٻڌي ٻروچن جا ڦھہ ڍرا ٿيڻ لڳا ۽ کلم کلا اڳتي وڌڻ کان انڪاري ٿيا. مير نصير خان هن صورتحال تي پشيمان ٿيو ته، هن ڪهڙن ٻهروپين جي چوڻ تي عمل ڪيو آهي. هنن بلوچن بابت مير نصير خان چيو، ”مون سان اهو ڪم ڪيو آهي، جو امام حسين سان ڪو فين ڪيو هو.“ سڄي رات ان بحث ۾ گذري ته، حالتن کي ڪيئن پوئتي موٽائجي ۽ ايندڙ مصيبت کان بچجي. سج اڀريو تہ مير نصير خان جنگ لاءِ تيار ٿيو ۽ هٿيار ساڻ ڪري، پنهنجن ماڻهن کي بہ تيار ڪيائين. سندس پوئلڳيءَ ۾ مير شھداد خان، مير حسين علي خان، مير رستم خان ۽ ٻيا بلوچ بہ تيار ٿيا. 17000 لشڪر ۽ 11 توبن سان مير پراڻي ڦليليءَ طرف وڌيا، جتي صف بندي ڪري جنگ جي تياري ڪيائون. جلد ئي خابرو اطلاع ڏنو تہ انگريزي فوج ويجهو ئي ويڙھہ لاءِ تيار آهي. ان ريت بلوچي توبن جا منهن کلي ويا ۽ انگريزن طرف بمباري شروع ٿي. ان مھل ٽي انگريزي عملدار، جي تيز گهوڙن تي سوار هئا، بلوچ لشڪر جي نگراني ڪندي، وڃي پنھنجي مکيہ فوج سان مليا. انگريزن بہ هاڻي جواب ڏيڻ شروع ڪيو ۽ بندوقن ۽ توبن جا منهن کلي ويا. عام جنگ شروع ٿي وئي، جا گهڻو وقت نہ هلي. مختصر جنگ کانپوءِ بلوچ ميدان ڇڏي اچي حيدرآباد جي قلعي ۾ يا شھر ۾ پهتا. هيءَ جنگ 17 فيبروري 1843ع تي ٿي. قليچ بيگ موجب جمعي جي ڏينهن 17 محرم 1259ھہ تي، هيءَ تاريخي جنگ ٿي، جنهن سنڌ جي تاريخ جي ڌارا ئي تبديل ڪري ڇڏي. ٻن پهرن جو جمعي جي نماز مهل، مير حسين علي خان پهريون ماڻهو هو، جو ڀڄي اچي قلعي ۾ پهتو. ڪلاڪ پوءِ مير نصير خان، مير شھداد خان ۽ خيرپور جا مير بہ موٽي آيا. (اي هسٽري آف سنڌ، ص 232)
مولائي شيدائيءَ ’مياڻيءَ جي جنگ‘ بابت ڪجهہ مختلف ۽ تفصيل سان لکيو آهي. سندس لکت مان ڪي اهم ڳالهيون هن ريت آهن: نيپيئر وٽ 28 سئو سپاهي ۽ 12 توبون هيون. بلوچي لشڪر ۾ 22 هزار ويڙهاڪ ۽ 15 عدد توبون هيون. سنڌ جي فوج ڦليليءَ جي ڪپ تي مياڻيءَ وٽ گڏ ٿيڻ لڳي، پر ايڏي لشڪر کي گولي بارود پهچائڻ جو ڪو مناسب بندوبست نہ هو. دشمن جي لشڪر ۾ بمبئي، پونا ۽ مدراس جا ديسي سپاهي هئا. سر چارلس نيپيئر انگريزي فوج جو ڪمانڊر انچيف هو. هن جي ماتحت ڪپتان جان جيڪب، ڪپتان هٽ، ميجر جئڪسن، ليفٽيننٽ ويڊنگٽن، ميجر پيني فادر، ليفٽيننٽ مئڪمرڊو، ميجر وائلي، ڪپتان ٽڪر، ليفٽيننٽ ڪرنل پئٽل، ميجر ستوري، ڪپتان ٽامس، ميجر مئڪوزسن، ڪپتان ويمس، ڪپتان ڪوڪسن، ليفٽيننٽ مارسٽن، ڪپتان گئرٿ، وغيرہ عملدار هئا. مير نصير خان ڪلمتين جي سردار ملڪ ابراهيم خان کي پيغام موڪليو ته، نومڙين ۽ جوکين جي سردار سان گڏ انگريزن سان جنگ ڪن. نومڙيا ۽ جوکيا ڪن لاٽار ڪري ويا ته، ڪلمتي بہ گم ٿي ويا. ٽالپري لشڪر ۾ شهداداڻي، چاڪراڻي، خاناڻي ٽالپر هئا. ماڻڪاڻي موقعي تي غير حاضر هئا. بلوچي قبيلن مان: نظاماڻي، باگراڻي، مري، جمالي، چانگ، گوپانگ، جتوئي، رند، لاساري، ڀرڳڙي ۽ ڇلگري موجود هئا. کوکر، کٽياڻ، سومرا ۽ خاصخيلي (غير بلوچي) بہ لشڪر ۾ موجود هئا. سنڌ جا ڪي سادات بہ جنگ ۾ شريڪ رهيا. مير جان محمد خان خاناڻي لشڪر جو سپھہ سالار هو. هن جي ماتحت مير غلام شاھہ شاهواڻي، سيد عبدالله، ابراهيم خان،خان لغاري'> نواب احمد خان لغاري، غلام محمد خان لغاري، بختيار خان، بھاول خان رند، مورو خان چانگ، ۽ سيد فتح محمد شاھہ لڪياري فوجي سردار هئا. مير غلام شاھہ نائب سپھہ سالار هو. ٽالپري توبخاني مٿان هوش محمد قنبراڻي حبشي، مشهدي ايراني ۽ مسٽر هاويل (انگريز) نگراني ڪرڻ تي مقرر هئا. ميرن جي ڀيٽ ۾ انگريزي توبخانو جديد ترين هو. انگريزي لشڪر باقاعدي تربيت يافتہ هو. ٽالپرن جو لشڪر ڇڙوڇڙ ۽ غير تربيت يافتہ هو. انگريزي لشڪر سان ملم پٽيءَ لاءِ ڊاڪٽرن جو عملو هو ۽ فوج لاءِ خندقن جوڙڻ ۽ گولي بارود پهچائڻ لاءِ، سفرمين جو باقاعدي دستو موجود هو. ٻنهي فوجن وچ ۾ فقط هڪ سئو گزن جو مفاصلو هو.
مير نصير خان کي زرھہ پاتل هئي. سندس ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان
مير رستم خان، مير حسين علي خان، ۽ مير شھداد خان همراھہ هئا. انهن جي فوج جي بچاءَ لاءِ ڦليليءَ جي ٻنهي ڪپن تي گهاٽا جهنگ هئا. ان وقت ڦليليءَ جو پيٽ سُڪل ۽ ڪشادو هو. چانڊين جو سردار ڏھہ هزار لشڪر سان ڪجهہ مفاصلي تي انگريزن کي مدد ڏيڻ جي ارادي سان تيار بيٺل هو. (جنت السنڌ، ص 737- 739) 17 فيبروري 1843ع جي صبح جو سوير، جنگ جو طبل وڳو. ابتدا ۾ انگريزي لشڪر جو هڪڙو دستو ميدان ۾ آيو، تہ جيئن جهنگ ۾ لڪل ٽالپري لشڪر نڪري نروار ٿئي. توبن ۽ بندوقن جي ڇٽڻ سان بلوچن، انگريزن جو مقابلو شروع ٿيو. شروع ۾ مير جان محمد خان اهڙي ڏاهپ ۽ ذهانت سان وڙهيو، جو چارلس نيپيئر کي شڪست جي پڪ ٿي وئي. انگريزي سوار دستن کاٻي ۽ ساڄي کان حملا شروع ڪيا. مير جان محمد همت سان وڙهندي شھيد ٿي ويو. مير غلام شاھہ فوج جون واڳون سنڀالي ورتيون. جان جيڪب هڪ هزار سوارن سان ڦليليءَ جي پيٽ تي ڪاهي آيو ۽ هڪدم وڏي عياري ڪري موٽ کائي ڀڳو. ٽالپرن سمجهيو تہ انگريزن شڪست کاڌي آهي، ان ڪري صِفون ٽوڙي بي قابو ٿي انگريزن جي پٺيان ڌوڪيندا ڦليليءَ جي ڪناري وارو بند ٽپي ويا. لڪل انگريزن جي فوج جو دستو ظاهر ٿيو ۽ ٽالپرن جي لشڪر تي لاڳيتو ٽي ڪلاڪ گولن جي برسات وسندي رهي. زبردست لڙائي هلندي هڪڙو گولو ٽالپرن جي بارودخاني کي لڳو، جنهنڪري سمورو بارود سڙي ويو. ٻن پهرن کانپوءِ ٽالپري فوج ۾ ڀاڄ پئي. پهريائين لغاري ڀڳا. پوءِ ٺوڙها ڀڳا. بعد ۾ بھاول خان رِند ميدان ڇڏي ڀڳو. هن جي پٺيان نواب احمد خان لغاري، مير جي خذمتگذار سومار کان جهنڊو کسي ميدان مان نڪري هليو ويو. مير نصير خان ۽ مير شھداد خان جي مرضي هئي تہ آخري گهڙيءَ تائين جنگ ڪجي. پر ٿيو ائين تہ لشڪرن جا لشڪر ميدان ڇڏي ڀڄڻ لڳا. سواءِ حڪم ملڻ جي چار هزار دستا ميدان ڇڏي ويا. توپ جي گولي لڳڻ جي ڪري مير جو خذمتگذار سليمان شھيد ٿي ويو. سنڌ جو لشڪر انگريزن جي گهيري ۾ هو. چانگ، گوپانگ، مري ۽ نظاماڻي اڃا وڙهي رهيا هئا. ميرن جي توبچيءَ هاويل نمڪ حرامي ڪري ٽالپرن جو توبخانو انگريزن جي حوالي ڪري ڇڏيو. سر چارلس نيپيئر ذري گهٽ مارجڻ تي هو ته، ليفٽيننٽ مارسٽن تڪڙ ۾ کيس بچائي ورتو. پڇاڙيءَ ۾ مير حسين علي خان بہ ميدان ڇڏي ڀڄي ويو. حالتن جو رخ ڏسي ٽالپر خاندان جو آخري تاجدار مير نصير خان 1200 سوارن جي حفاظت ۾ ميدان مان نڪري، قلعي ۾ سلامتيءَ سان پهچي ويو. (جنت السنڌ، ص 739- 741)
ٽن ڪلاڪن جي دوبدو ۽ خونريز جنگ ۾، انگريزن جا فقط 27 سپاهي مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا. انهن جي عملدارن مان ميجر ٽيزڊل، ميجر جئڪسن، ڪپتان ميڊي، ڪپتان ٽيو، ڪپتان ڪوڪسن ۽ ليفٽيننٽ ووڊ مارجي ويا. ليفٽيننٽ پيني فادر، ميجر وئلي، ڪپتان ٽڪر، ڪپتان ڪانوي، ليفٽيننٽ هارڊنگ ۽ فيري زخمي ٿيا. اٽڪل ويھہ انگريزي عملدار جنگ ۾ مارجي ويا، جن مان چار ميداني پيدل، فوج جا آفيسر هئا. ٽالپري لشڪر مان اٽڪل روءِ 05 هزار جوان مارجي ويا. مير جان محمد خان، طـلا خـان نظـامـاڻـي، غـلام حـسـيـن خـان، عـبدالله خـان، عـلـي بخش خـان، گـوهـر خـان حاجي زئي، نصير خان چانگ، مير غلام شاھہ، ميـر مبـارڪ خـان بهـاراڻـي ۽ ڪيـئي ٻيا جوان مرد، ٽالپرن جي پاران وڙهندي مارجي ويـا. هـڪ بـلـوچ ۽ هـڪ آئـرش دوبـدو وڙهندي، هڪ ٻئي جي خنجر سان مارجي ويا. ٻنهي جا لاش گڏ پيل ڏٺا ويا.
چون ٿا تہ جنگ جي ٻئي ڏينهن ڏھہ هزار بلوچي لشڪر ٻيهر ميدان ۾ گڏ ٿيو. وڌيڪ ڏھہ هزار ماڻهو آسپاس جي ڳوٺن ۾ موجود هئا. مگر جنهن صورت ۾ ميرن انهن جي رهنمائي نہ ڪئي، تنهنڪري هو موٽي هليا ويا. مياڻيءَ جي جنگ فقط ٽي ڪلاڪ هلي، پر ان جو شمار هندستان جي فيصلي ڪن خونريز جنگين ۾ ٿئي ٿو. جنرل نيپيئر ڦرلٽ جو مال هٿ ڪرڻ کانپوءِ، اتي اچي ڪيمپ هنئي، جتي ٽالپرن جي ڪيمپ هئي. خوب تلاشي ورتي وئي تہ متان ڪي ميرن جا ماڻهو هتي لڪل هجن، پر اتي ڪو بہ نہ هو. ورندڙ رات تي منشي آوتراءِ هٿان، لِڪِ لِڪِ ۾ مير صوبدار خان، جنرل لاءِ مٺائيءَ جا ٿالھہ موڪليا، پر آوتراءِ کي اهي پيش ڪرڻ ۾ ڪاميابي نہ ٿي. هن جو خيال هو تہ جيئن خيرپور جي مير علي مراد، انگريزن کي ويجهو ٿي فائدو ورتو آهي، آءٌ بہ انگريزن مان فائدو وٺان. حيدرآباد جي شھر ۾ خوف جو ماحول هو. ان ڪري عام ڀاڄ پئي ۽ ماڻهو پنهنجيون قيمتي شيون ۽ ڏوڪڙ پئسو ڪڍي شھر ڇڏي ويا. ٻئي ڏينهن تي صبح جو سج جي روشنيءَ ۾، منشي آوتراءِ ۽ موسيٰ آرمينائيءَ کي، مير صوبدار کي موڪليو تہ هو (صوبدار) جنرل سان ملڻ چاهي ٿو. جنرل جو پيغام هو تہ سڀ کان اول، مير نصير خان، مير شھداد خان ۽ حسين علي خان اچي پيش پون. ٻيءَ صورت ۾ توبن جي ذريعي قلعي کي اڏائي ڇڏيندس ۽ جيڪو بہ نقصان ٿيو، ان جي ذميداري ميرن تي هوندي. مير صوبدار خان ٻن ماڻهن کي موڪليو تہ وڃي مير نصير خان کي پيغام پهچائين. مير لاءِ ٻيو ڪو رستو نہ هو. ٻن ڀائٽين ۽ ستن اٺن ماڻهن کي وٺي، مير صاحب انگريزن جي ڪيمپ پهتو. هي ماڻهو ويجهو پهتا تہ ڪرنل آئوٽرام، انهن (ميرن) جي آجيان ڪئي ۽ کين پنھنجي ڪيمپ ۾ وٺي آيو. ڪجهہ منٽن کانپوءِ جنرل نيپيئر پاڻ ۽ ڪرنل پاٽل (Pattle) ساڳي ڪيمپ ۾ داخل ٿيا. ميـرن چيـلھہ ۾ ٻڌل تلـوارون کولـي جـنـرل جي آڏو پيش ڪيون. جنرل اهي وصول ڪري ٻيهر تلوارون ميرن جي چيلھہ سان ٻڌي ورتيون. جنرل چيو تہ هو سموري صورتحال ڪلڪتي گورنر جنرل کي موڪلي رهيو آهي، پوءِ جهڙيون هدايتون اتان (ڪلڪتو) موصول ٿيون، انهن تي عمل ڪيو ويندو. ايسين اوهان انڊس جي ڪناري تي قائم ڪيمپ ۾ رهي پئو. جيئن تہ مير حسين علي خان گهڻو ننڍو هو، ان ڪري آئوٽرام جي سفارش تي، کيس قلعي ۾ واپس وڃڻ جي اجازت ملي. ٻئي ڏينهن تي جنرل پنھنجي فوج کي انگريزي ريزيڊنسيءَ (نئون آباد) ڏانهن روانو ڪيو. ٻن نظربند ميرن کي هڪ باغ ۾ رکيو ويو ۽ ليفٽيننٽ جانسن کي سندن نظرداريءَ تي مقرر ڪيو ويو. جنرل جي سيڪريٽري ليفٽيننٽ برائون کي تہ چيو ويو ميرن جو خاص خيال رکي ۽ انهن جي هر ضرورت پوري ڪري. (اي هسٽري آف سنڌ،233-234)
ان کانپوءِ انگريزن قلعي ۽ شھر جي انتظام وٺڻ جو ارادو ڪيو. 21 تاريخ (فبروري) ڪپتان پيلي (Pelly) ميرن کي اطلاع ڏنو تہ ڪجهہ آفيسر، ڏينهن جو قلعي کي ڏسندا ۽ مکيہ برج تي انگريزي جهنڊو ڦڙڪائيندا. ٻن پهرن جو ٻي بجي ڌاري ڪرنل پاتل، ٻن فوجي ڪمپنين ۽ ٻن توبن سان گڏ قلعي ۾ داخل ٿيا. ساڳئي وقت جيڪب جو گهوڙو، پروٽوڪول طور شھر ۾ داخل ٿيو تہ جيئن شھر ۾ امن امان قائم رکي سگهجي. ليفٽيننٽ مولسن ڪوٽوال جي دفتر تي قبضو ڪري، ميرن جا عملدار هٽائي شھر جون واڳون ورتيون. ڪرنل پاتل سڀ کان اول، مير صوبدار خان جي بنگلي ۾ داخل ٿيو. بعد ۾ قلعي جي ٽاور تي وڃي برطانوي جهنڊو ڦڙڪايو. هاڻي هن خزانن ۽ قلعي جون چاٻيون طلب ڪيون. هڪ محافظ دروزان کي اڳ ۾ ئي پنھنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو هو. ان سان گڏ خارجي رابطن کي بہ (ميرن لاءِ) ختم ڪيو ويو هو. ٽن ڏينهن ۾ ڪرنل مئڪفرسن ۽ ٻن ٻين عملدارن، ميرن جي خزانن کي هٿ ڪيو، اهي ظاهر هئا يا لڪل. سڀني ميرن ۾، مير نصير خان وٽ گهڻو ناڻو هو، جنهن کي ڪڍڻ يا ٻاهر منتقل ڪرڻ جو موقعو بہ نہ مليو هو. ٻين ميرن جا خزانا اڃا الڳ هئا. 26 تاريخ تي ڪپتان برائون مير محمد خان کي هاٿيءَ تي کنيو ۽ ان کي ڪيمپ ۾ ٻين ميرن وٽ پھچايو. پهرين صفر (1259ھہ) برابر مارچ 1843ع تي، قلعي مان مير صوبدار خان کي بہ پالڪيءَ ۾ وجهي، قلعي کان ٻاهر ڪڍيو ويو. هاڻي قلعي ۾ صرف ننڍا مير وڃي بچيا هئا. ٽي ڏينهن پوءِ ڪرنل پاتل جي جاءِ تي، ميجر رائٽ (Wright) کي مقرر ڪيو ويو، جنهن جو تعلق بمبئي انفينٽريءَ سان هو. (اي هسٽري آف سنڌ، ص 234- 235)
مرزا قليچ بيگ جي ڀيٽ ۾ قلعي جي ڦرلٽ بابت، مولائي شيدائي مفصل طرح سان ۽ ڪي قدر نرالو بيان پيش ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته، چارلس نيپيئر ٻن ريجمينٽن سان قلعي ۾ وارد ٿيو. هن شروع ۾ برطانوي جهنڊي کي ڦڙڪايو ۽ پوءِ شاهي خزانا لٽڻ شروع ڪيا. فرنگي عملدار مير ڪرم علي خان جي حويليءَ ۾ گهڙيا ۽ وفادار وزير خسرو بيگ سان بدسلوڪي ڪئي. حرم جي بيگمن، انگريزن جي فرعونيت ڏسي، نيپيئر کي چوائي موڪليو ته، کين ٽن ڪپڙن ۾ قلعي ڇڏڻ جي اجازت ڏني وڃي، پر هن انڪار ڪيو ۽ منشي علي اڪبر سان حويليءَ ۾ داخل ٿيو. جيڪي بہ سون ۽ چانديءَ جا برتن، زر ۽ زيور کين هٿ لڳا، سي لٽيا ويا. بيگمن جا زيور زبردستيءَ بدن تان لاٿا ويا. 15 لکن روپين جو مال مير ڪرم عليءَ جي حويليءَ مان لٽيو ويو. بيگمن حويلي ڇڏي پنج ميل پنڌ ڪري هڪ ڳوٺ ۾ وڃي پناھہ ورتي. پوءِ مير نور محمد جي حويلي لٽي وئي. لٽجڻ کانپوءِ شاهي عورتن ساڳئي ڳوٺ [کٿڙ] ۾ وڃي پناھہ ورتي. 22 فيبروريءَ تي مير محمد خان کي قلعي کان ٻاهر ڪڍي، ٻين ميرن سان نظربند رکيو ويو. سندس حويليءَ کي بہ لٽيو ويو. صوبدار خان کي چڱو مڙس ٿيڻ جو شوق هو، ان جي زالن جا زيور بہ لهرايا ويا. سندس پٽ شھزادي فتح عليءَ جي هٿن ۾ ٻہ قيمتي ڪنگڻ هئا، سي بہ لهرايا ويا. حرم جي عورتن جي قلعي ڇڏڻ مهل، هڪ عورت جي چيلھہ سان ڪي روپيا ٻڌل هئا. اهي اتفاق سان نڪرڻ مھل قلعي جي دروازي تي ڪري پيا. هڪدم کيس گرفتار ڪري فوجين سندس ڪمربند کي ڪپيو. پوءِ هر هڪ عورت کي ڌار ڌار ڪري، سندن نڪن، ڪنن ۽ ٻانهن مان زيور لاٿا ويا. ڪنهن بہ غير انگريز کي ڪوٽ اندر اچڻ جي اجازت نہ هئي. مير نصير خان ۽ مير نور محمد خان جا ديرا اڃا اندر هئا. مير نصير خان جا پٽ مير حسن علي خان ۽ مير عباس علي خان پاڻيءَ جي ڦڙي لاءِ محتاج هئا. عورتن حويلين جا دروازا ڊپ مان بند ڪري ڇڏيا هئا، فوجين اهي دروازا لتون هڻي ڀڳا ۽ اندر گهڙي بيگمن جا زيور ڦري ورتا. بلڪ ائين بہ چيو وڃي ٿو تہ سپاهين، عورتن جي جسم تي پهريل ريشمي وڳا بہ تبديل ڪرائي کڻي ورتا. مير نور محمد جي بيگم ٻانهيءَ کي وڳو ڏنو تہ بازار ۾ وڪڻي کاڌو خريد ڪري اچي. دروازي تي بيٺل منشي محمد حسين، عورت کي مار ڏئي ڪپڙا ڦري ورتا. بعد ۾ عورتن جي تلاشيءَ لاءِ، ٻہ عورتون قلعي تي بيهاري ڇڏيون. جنرل جي حڪم سان ٻارڙن لاءِ، پاڻيءَ جي کَلي اندر پهچائي وئي، پر پاڻي ناڪافي هو. خسرو بيگ جي حويليءَ کي بہ لٽيو ويو. مٿس الزام هو تہ خسرو بيگ ڪپتان مئڪفرسن کي سامهون ٿيو هو. سابق وزير کي ايترو تہ ڪُٽيو ۽ ماريو ويو، جو هو بي هوش ٿي ويو. هوش ۾ آيو تہ جنرل، خسرو بيگ کي حلوئي جي ٿالهي پيش ڪئي. خسرو جواب ڏنو ته، دنياوي حلووي کان مون لاءِ روحاني حلوو بھترين غذا آهي. پوءِ مرزا خسرو بيگ کي رسين ۾ ٻڌي، مير ڪرم علي خان جي ڳجهن خزانن بابت پڇيو ويو. جيتوڻيڪ کيس ان بابت ڄاڻ نہ هئي. زيورن ۽ جواهرات کان سواءِ، فرنگين کي قلعي جي ڦرلٽ مان ڏھہ لک پائونڊن جو خزانو هٿ لڳو. چارلس نيپيئر کي ستر هزار پائونڊ حصي ۾ مليا. ائين قلعي جو صفايو ڪري، انگريزن حيدرآباد تي قبضو ڪري، شهداداڻي ٽالپرن جي راڄ جو خاتمو ڪيو. (جنت السنڌ، ص 743- 745)
مياڻيءَ جي جنگ کانپوءِ دُٻي جي جنگ ٿي، جيڪا مير شير محمد ماڻڪاڻي (ميرپورخاص)، ۽ سر چارلس نيپيئر جي وچ ۾ ٿيڻي هئي.
22 صفر 1259ھہ (1843ع) تي مير شير محمد خلاف مارچ جو حڪم ڏنو ويو. ان ڏينهن سخت بارش جي ڪري لشڪر جي چرپر نہ ٿي سگهي. ٻئي ڏينهن هن فوج کي حيدرآباد کان اوڀر طرف چار ميل پري، هڪ جاءِ ’دٻي‘ وٽ پهچڻ جو حڪم ڏنو ويو. هتي ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ سخت جنگ لڳي، جنهن ۾ مير شير محمد هارايو ۽ چارلس نيپيئر کٽيو. هوش محمد شيدي، جيڪو شروع ۾ مير صوبدار جو خاص ماڻهو هو، اهو هن جنگ ۾ بي جگريءَ سان وڙهيو ۽ جنگ وڙهندي شھيد ٿيو. مير شير محمد ميرپورخاص ڏانهن هليو ويو ۽ جنرل نيپيئر سندس پيڇو ڪيو. ميرپور پهچڻ سان مير شير محمد تڪڙ ۾ ضروري سامان کڻي، پنجاب ڏانهن روانو ٿي ويو تہ جيئن اتي جي سک حڪمران شير سنگهہ کان مدد وٺي سگهي. مير شير محمد پهريان سيوهڻ پهتو. پناھہ لاءِ کاهي کڻايائين. درياھہ واري پاسي کي ڇڏي ڏنائين. ڪيمپ ۾ رکيل سامان جي حفاظت لاءِ پنھنجي ڀاءُ شاه محمد کي مقرر ڪيائين. ڪرنل رائٽ (Wright) سيوهڻ ۾ هو، ان مير شير محمد تي حملو ڪيو. ميرن جا چار هزار کن ماڻهو ڀڄي نڪتا، البت مير شاھہ محمد کي گرفتار ڪيو ويو. ڪرنل رائٽ بنا دير جي کيس حيدرآباد موڪليو. جيڪي مير قابو ڪيا ويا هئا، کين ڪيمپ مان ڪڍي، درياھہ ۾ بيٺل آگبوٽ ۾ منتقل ڪيو ويو. پوءِ آگبوٽ کي وچ درياھہ ڏانهن روانو ڪري لنگر انداز ڪيو ويو. اهو ايسين وچ درياھہ ۾ رهيو، جيسين نيپيئر سمورو ملڪ دٻي کان ڪري عمرڪوٽ ۽ حيدرآباد تائين، مڪمل طرح پنھنجي قبضي ۾ آندو. فاتح سنڌ پوءِ وري ميرن کي زميني ڪيمپ تي رهائڻ جو حڪم ڏنو. مرزا قليچ بيگ موجب ڪورٽ مارشل ذريعي ٽن ماڻهن کي ڦاهيون ڏنيون ويون. مٿن قتل جو الزام هو. محمد پٽ ڏتو، هڪ پارسيءَ جي قتل ۾ ملوث پاتو ويو، جڏهن تہ ٻہ بلوچ ڪپتان اِنس (Ennis) جي خون ۾ جوابدار هئا. چارلس نيپيئر موجب هي قتل مير شھداد خان جي اشاري تي ٿيا هئا. پهرئين کي قلعي جي دروازي تي ۽ باقي ٻن ٻين کي قلعي کان پري پهاڙيءَ وٽ ڦاهي ڏني وئي. (اي هسٽري آف سنڌ، ص 235- 236)
عام طرح سنڌ جي تاريخن ۾، مياڻي ۽ دٻي جي جنگ جو ذڪر ٿيندو رهيو آهي، پر ڪجهہ ڪتابن ۾ عمرڪوٽ ۽ شھدادڪوٽ جي معرڪن جو بہ ذڪر ٿيو آهي. دٻي جي جنگ ۾ شڪست کائي، مير شير محمد ميرپورخاص ڏانهن ڀڳو ۽ لشڪر گڏ ڪرڻ لڳو. رعيت بہ بدليل حالتن کي ڏسي، ميرن بجاءِ انگريزن ڏانهن تعلق جو هٿ وڌايو. رعيت جو موڊ ڏسي نيپيئر جي دل وڌي. هوڏانهن مير شير محمد حالتن کي ڏسي، ميرپور ڇڏي عمرڪوٽ پهتو. هتي ڌرين ۾ هڪ هفتو مقابلو هليو ۽ پوءِ مير صاحب اٽڪل سان ٿر ڏانهن نڪري ويو. انگريزن عمرڪوٽ تي بہ پنهنجو جهنڊو چاڙهيو. مير شير محمد کي قابو ڪرڻ لاءِ، نيپيئر، ڪرنل رابرٽ کي سيوهڻ پهچڻ جو حڪم ڏنو. ٻئي هڪڙي عملدار کي روهڙيءَ روانو ڪيو ويو. نيپيئر کي جاسوسن رپورٽ ڏني تہ مير شير محمد وٽ اڃا ڏھہ هزار لشڪر آهي، پر حقيقت ۾ هن وٽ چار هزار لشڪر ۽ 03 توبون هيون. خبر ملي تہ مير شير محمد هالا جي آسپاس موجود آهي. جيڪب کي ڪجهہ فوجين ۽ ٻن توبن سان مير شير محمد جي پيڇي ۾ روانو ڪيو ويو. 14 جون 1843ع تي هڪڙي واھہ جي ڪپ تي، مير شير محمد خان آخري مقابلو ڪيو، پر پوءِ هوا جو بدليل رخ ڏسي، نواب احمد خان لغاريءَ سان گڏ مختلف ڳوٺن کان ٿيندو پنجاب ڏانهن هليو ويو. مولائي شيدائي ٻن آخري معرڪن بابت لکيو آهي تہ اهي عمرڪوٽ ۽ شھدادڪوٽ ۾ ٿيا. (جنت السنڌ، ص 747- 749) پر اندازو آهي تہ هالا جي آسپاس ٿيل معرڪو، موجودہ شھر شھدادپور جي ڀرسان ٿيو هوندو. ورنه بيان ڪيل مواد جو شھدادڪوٽ سان ڪو تعلق نہ ٿو ڏسجي.
شهداداڻي ٽالپرن جي پڄاڻي ائين ٿي ته، مکيہ مکيہ ميرن کي بمبئي ۽ پونا موڪليو ويو. 9 ربيع الاول 1259ھہ تي گورنر جنرل جو حڪم پهتو ته، انهن رياستي قيدين کي بمئبيءَ موڪليو وڃي. ميرن کي اهڙو اطلاع ڏنو ويو تہ جيئن اهي گهربل تياري ڪري سگهن ۽ انهن ماڻهن جي لسٽ بہ ڏين، جن کي هو پاڻ سان وٺي هلڻ چاهين ٿا. کين هي بہ چيو ويو تہ پنهنجن حرمن (زالن) کي قلعو خالي ڪري، ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي رهڻ لاءِ پيغام موڪلين. ٻن ڏينهن اندر بيگمات ڦليليءَ جي اولھہ واري ڪناري تي، ٽنڊي يوسف ۾ رهائش اختيار ڪئي. 14 ربيع الاول تي ڪپتان برائون ويهن سپاهين سان، جن جو تعلق بنگال ريجمينٽ سـان هـو، ميـر نصيـر خـان ٽالپـر جي نـوجوان پٽـن: ميـر حـسن علي خان ۽
مير عباس علي خان کي پاڻ سان وٺي ويو. پوءِ مير صوبدار جي پٽن: مير فتح علي خان ۽ مير محمد علي خان کي قيديءَ طور انگريزي ڪيمپ ۾ پھچايو ويو. ٻئي ڏينهن تي ننڍا مير، پنهنجن عزيز وڏن ميرن سان گڏ، آگبوٽ ذريعي بمبئيءَ موڪليا ويا. مير نصير خان، مير محمد خان، مير صوبدار خان ۽ مير شھداد خان کي بہ بمبئيءَ موڪليو ويو. 23 ربيع الاول 1259ھہ (اپريل 1843ع) تي قلعي کان درياھہ تائين هي مير کڻي آيا:
مير حسين علي خان پٽ مير نور محمد خان، مير مراد علي خان جا پٽ مير محمد خان ۽ مير يار محمد خان، کي نيپيئر جي حڪم تي ڪپتان برائون بنگال ريجمنٽ جي 10 سپاهين سان گڏ، حيدرآباد کان آگبوٽ ذريعي انڊس جي ڇوڙ تائين کڻي آيو ۽ پوءِ کين مالابار (ڏکڻ بمبئي) ٽڪريءَ تي پھچايو ويو. ڪپتان گارڊن کي سندن نگراني سونپي وئي. جيئن تہ چوماسو شروع ٿي ويو، ان ڪري ميرن کي پوني کان 24 ميل پري ’ساسور‘ ڳوٺ ۾ رکيو ويو. پنج مهينا پوءِ مير شاھہ محمد خان کي بہ وٺي اچي ٻين ميرن سان گڏ رهايائون.
هن وقت تائين ميرن جو خرچ پکو سرڪار پئي ڏنو. پر پوءِ هر هڪ مير لاءِ خرچ واسطي ماهوار وظيفو مقرر ڪيو ويو. محرم 1260ھہ (1844ع) ۾ حڪم پهتو تہ ميرن کي ڪلڪتي پھچايو وڃي. مير رستم خان گهڻو پوڙهو ۽ بيمار هو، کيس سندس پٽ الھہ بخش ۽ ڀائٽيي مير نصير خان سان اتي ئي رهڻ ڏنو ويو. ٻين ميرن کي بمبئيءَ کانپوءِ آگبوٽ ذريعي ڪلڪتي پھچايو ويو. ڪپتان برائون اڳ توڙي پوءِ، ميرن جي نگراني ۽ حفاظت تي مقرر ڪيو ويو. ميرن کي گورنر جنرل سان ملايو ويو ۽ پوءِ کين شھر کان ٻاهر هڪ بنگلي ۾ رکيو ويو. ٻئي مهيني ميرن کي چيو ويو تہ ڪلڪتي بجاءِ هزاري باغ ۾ رهڻ چاهين تہ کين اجازت ڏني ويندي. مير حسين علي خان، محمد خان، حسن علي خان، شاھہ محمد خان، ۽ يار محمد خان هزاري باغ ۾ رهڻ پسند ڪيو. مير صاحبان هتي اٺ سال رهيا ۽ ڪڏهن ڪڏهن، ٻين ميرن سان ملڻ لاءِ ڪلڪتي بہ ويندا هئا. مير شھداد خان جنهن تي اِنس (Ennis) جي قتل جو الزام هو، ان کي ٻين ميرن کان الڳ ’سورت‘ ۾ رکيو ويو هو، لارڊ ڊلهوزي (گورنر جنرل) ڏوھہ ثابت نہ ٿيڻ تي کيس معافي ڏيندي، کيس ٻين ميرن سان گڏ ڪلڪتي ۾ رهڻ جي اجازت ڏني. سن 1846ع (1262ھہ) ۾ مير محمد نصير خان، قيديءَ جي صورت ۾ فوت ٿي ويو. ٻئي سال مير فتح علي خان ولد
مير صوبدار خان گذاري ويو. سال 1854ع (1270ھہ) ۾ گورنر جنرل لارڊ ڊلهوزيءَ ميرن کي سنڌ ڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏني. نومبر 1855ع ۾
مير محمد خان پهريون ٽالپر هو، جيڪو دهلي ۽ پنجاب کان ٿيندو، حيدرآباد، سنڌ پهتو. هن جو ڀاءُ مير يار محمد، جيڪو الھہ آباد ۾ حرمن سان گڏ رهندو هو، ڊسمبر 1856ع ۾ سنڌ لاءِ ساڳئي رستي سان روانو ٿيو. 4 مارچ 1857ع تي مير عباس علي خان ڪلڪتي ۾ فوت ٿيو. آگسٽ 1857ع ۾ مير شھداد خان بہ وفات ڪري ويو، جيڪي مير هندستان (ڪلڪتي) ۾ فوت ٿيا، تن جا لاش ڪفن دفن لاءِ، ساڳئي سال (1857ع) ۾ حيدرآباد آندا ويا ۽ ميرن جي قبرستان ۾ دفن ڪيا ويا. مارچ 1859ع ۾ مير حسين علي خان بہ حيدرآباد موٽي آيو. سنڌ جي ڪمشنر گِدوءَ جي ڀرسان سندن گذاري ۽ رهائش لاءِ زمين جا ٽڪرا ڏيڻ جو اعلان ڪيو. جلد هڪ سھڻو ڳوٺ تيار ٿي ويو، جتي مير صاحبان پنهنجن حرمن ۽ ٻارن توڙي پوئلڳن سان گڏ رهڻ لڳا. (اي هسٽري آف سنڌ، ص 236- 239)
جيڪي مير صاحب، ڪلڪتي ۾ فوت ٿيا ۽ حيدرآباد جي خانداني قبرستان ۾ دفن ٿيا، تن بابت احوال ۽ بيان خانبهادر محمد صديق جِي. ميمڻ، پنھنجي ڪتاب ۾ ڏنا آهن. (دي ٽامبس آف ٽالپر ميرس، مختلف صفحا) ان ريت ٽالپرن جي حيدرآباد جي رياست، پنھنجي انجام کي پهچي، تاريخ جو حصو بنجي وئي.
رياست ميرپورخاص: ٽالپرن سنڌ تي مڪمل قبضو ڪري ورتو، تڏهن اچي حڪومتي مامرن تي منجهن اختلاف اڀريا. وڌيڪ وڙهڻ بجاءِ سنڌ کي تقسيم ڪيائون. ڪل ست حصا ڪيائون. چار حصا مير فتح علي خان پاڻ ۽ ڀائرن لاءِ رکيا، ٻہ حصا مير سهراب خان ۽ هڪ حصو مير ٺاري خان جي حوالي ڪيائون.
مير ٺارو خان: ماڻڪاڻي ميرن ۾ هي پهريون حاڪم هو، جنهن پنھنجي گاديءَ لاءِ نئون شھر ’ميرپورخاص‘ نالي سان تعمير ڪرايو. (ياد رهي تہ هن شھر جو بنياد 1806ع ۾ وڌو ويو) هن وڏي همت سان ريگستان جون ڪي زمينون هٿ ڪري، پنھنجي ملڪ ۾ شامل ڪري ڇڏيون. خداداد خان موجب هو 1829ع (1245ھہ) ۾ وفات ڪري ويو. (لب تاريخ سنڌ، ص 181) مولائي شيدائي موجب، ٻيو حصو شاھہ بندر کان وٺي ڇور (ڇوڙ) تائين هو. ڏکڻ ۾ ڪڇ جي رڻ کان وٺي اتر ۾ موري تائين هو. هيءَ ماڻڪاڻي سرڪار سڏبي هئي. سندس تختگاھہ ونگي ۾ ڪيٽي هو. ان کانپوءِ 1806ع ۾ هن سرڪار ميرپورخاص جو شھر تعمير ڪرائي، ان کي تختگاھہ مقرر ڪيو. (جنت السنڌ، ص 591) سنڌ جي تقسيم کانپوءِ بہ ٽالپرن ۾ هڪٻئي لاءِ وير ۽ مخالفت موجود هئي. سن 1803ع ۾ هڪ واقعو پيش آيو، جو مٿينءَ حقيقت کي ظاهر ڪري ٿو. ماڻڪاڻي سرڪار ۽ شهداداڻي حڪومت ۾، هڪ معمولي واقعي تان جنگ ٿي، جنهن کي ’وَلِ جي جنگ‘ سڏيو وڃي ٿو. لڙائيءَ ۾ مير ٺارو خان زخمي ٿي گرفتار ٿيو. جنگ ۾ مير غلام عليءَ جا 400 ماڻهو ۽ مير ٺاري خان جا
300 ماڻهو مارجي ويا. حيدرآباد سرڪار مير ٺاري جو سٺي طريقي سان علاج ڪرايو. هو جڏهن ٺيڪ ٿيو تہ هن کي عزت ۽ آبرو توڙي تحفن سان روانو ڪيو ويو. (اي هسٽري آف سنڌ، ص 208- 209) مير علي شير قانع جو ڀاءُ مير ضياءَ الدين ضياءَ، مير ٺاري خان جو درٻاري شاعر هو. هن مير (ضياء) جي شان ۾ قصيدا چيا. ان کان سواءِ ’مثنوي هير رانجها‘ بہ لکيائين. (1215ھہ/1800ع ۾) هيءَ مثنوي فارسي زبان ۾ آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ 1957ع ۾ ڇپي آهي. هن خاندان جي ليکڪ موجب مير ٺارو خان وڏي عمر جو ٿي چڪو هو. شايد 1808ع يا 1813ع ۾ حڪومت پنھنجي پٽ مير علي مراد خان جي حوالي ڪري گوشه نشيني اختيار ڪيائين.
مير علي مراد خان: مير ٺاري خان حڪومت پٽ جي حوالي ڪئي، پر پوءِ بہ اهم ملڪي معاملن ۾ پٽ کي صلاح مشورو ڏيندو هو. خارجہ پاليسي بہ سندس حڪم تي هلندي هئي. بلوچ پاڻ ۾ وڙهندا هئا تہ انهن جا فيصلا مير ٺارو خان پاڻ ڪندو هو. مير ٺاري خان وڏي ڄمار ۾ 1829ع ۾ وفات ڪئي. (تاريخ ميران سنڌ، مختلف صفحا) مير علي مراد جي باري ۾ گهڻي ڄاڻ نہ ٿي ملي. هڪ راءِ موجب مير سهراب خان 90 سالن جي ڄمار ۾، سن 1830ع ڌاري فوت ٿيو. ان دور ۾ مير علي مراد خان (ماڻڪاڻي) بہ هي فاني جھان ڇڏيو. اعجاز الحق قدوسيءَ موجب، مير علي مراد خان 1837ع (1252ھہ) ۾ فوت ٿيو. هن پٺيان ٽي پٽ ڇڏيا: مير شير محمد خان، مير شاھہ محمد خان ۽ مير محمد خان. (تاريخ سنڌ، جلد دوم، ص 763، اردو) مرزا قليچ بيگ موجب مير علي مراد جي وفات کانپوءِ، ماڻڪاڻي رياست وڌيڪ حصن ۽ جاگيرن ۾ تقسيم ٿي. هر نوجوان مير پاڻ کي حاڪم سمجهڻ لڳو. ان ريت مملڪت سنڌ وڌيڪ ڪمزور ٿي. (اي هسٽري آف سنڌ، ص 221- 222)
مير شير محمد خان: مير صاحب، جنهن کي ’شير سنڌ‘ سڏيندا هئا، ڪمال جرئت ۽ همت سان، ميرپورخاص ۾ پنھنجي موروثي گاديءَ تي ويٺو ۽ حڪمراني ڪرڻ لڳو. خداداد خان موجب هرهڪ مير پنھنجي جاءِ تي حڪمران ۽ جاگيردار هو، پر انهن ۾ ٻڌي ۽ محبت نہ هئي. آخرڪار 1843ع ۾ حڪومت وڃائي ويٺا.
ماڻڪاڻي ميرن عوام جي ڀلي لاءِ ڇا ڪيو، ان بابت گهڻي ڄاڻ نہ ٿي ملي. البت ان ڏس ۾ هڪ مثال مليو آهي. مير شير محمد خان ماڻڪاڻي شوخ طبع ۽ ٿورو ڳالهائيندڙ هو. سندس علائقو گهڻو آباد نہ هو. ان ڪري هن هڪ واھہ ’مڱريو واھہ‘ کوٽايو هو. هي ڪم حيدرآباد جي حاڪمن کي پسند نہ آيو. اڳ زمينن تان ميرن ۾ تڪرار جاڳيو هو. مرزا باقر قلات جي سفارت تي ويل هو، ان کي ترت موٽڻ جو حڪم ڏنو ويو. مرزا باقر موٽي اچي ٻنهي ڌرين ۾ فيصلو ڪيو ۽ امن امان قائم ڪرايو. (جنت السنڌ، ص 709- 710)
خيرپور جي ميرن ۾ گهڻي نفاق جو فائدو وٺي، انگريزن خيرپور رياست تي قبضو ڪيو. حيدرآباد جي ميرن، انگريزن جي هٿان مياڻيءَ جي جنگ ۾ شڪست کاڌي. ان کانپوءِ کين انگريزن پنھنجي قيد ۾ رکيو. مير شير محمد خان (ماڻڪاڻي) سخت انگريز مخالف هو. هن حيدرآباد کان چار ميل پري اوڀر ۾، دُٻي جي ميدان تي انگريزن خلاف ميدان جنگ سينگاريو. مير شير محمد جنگ ۾ شڪست کائي، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ ڏانهن ڀڳو. هن جنگ ۾ هوش محمد شيدي زبردست لڙائي ڪندي، جنگ جي ميدان تي شھيد ٿي ويو. مير شير محمد پوءِ پنجاب ڏانهن ڀڄي ويو. هن اتي پهچي پنجاب جي ليفٽيننٽ گورنر وٽ پناھہ ورتي. ان طرح هو سندس فرمانبردار بنجي ويو. ڊگهو عرصو ٻاهر رهڻ کانپوءِ، مير شير محمد سنڌ وطن ڏانهن موٽي آيو. هن کي سنڌ ۾ رهڻ جي اجازتٿ گورنر پنجاب جي معرفت ملي. هن کي گذرسفر لاءِ سرڪار پاران پينشن ملڻ شروع ٿي. عمرڪوٽ ۾ سن 1867ع ۾ ڪمشنر سنڌ مسٽر مانسفيلڊ، درٻار منعقد ڪئي، جتي کيس ’ستارهء سنڌ‘ جو تمغو ۽ ’سر‘ جو لقب مليو. مير شير محمد 1877ع ۾ پنھنجي وطن ميرپورخاص ۾ فوت ٿي ويو. (تاريخ ريگستان، ڀاڱو پهريون، ص 209- 210)
خداداد خان جڏهن سال 1900ع ۾ ڪتاب ’لب تاريخ سنڌ‘ لکيو ۽ ڇپايو، تڏهن مير شير محمد جي وڏي پٽ مير حاجي فتح علي خان کي سرڪار وٽان ٻہ هزار پينشن ملندي هئي ۽ ميرپورخاص ۾ تمام سٺو وقت گذاري رهيو هو. (ص 186) ماڻڪاڻي رياست جي حڪمرانيءَ جي حدن بابت ذڪر مٿي ٿيو آهي. اهي حدون بيحد مختصر هيون. ٻي ڳالھہ تہ حيدرآباد ۽ ميرپور جي ميرن ۾ ڪي سٺا لاڳاپا بہ نہ رهي سگهيا. ان ڪري هن رياست جي دور حڪومت جي ڪا خاص ڳالھہ نہ ملي آهي. البت هن رياست برپٽ ۾ ’ميرپور‘ جو شھر تعمير ڪرايو، جنهن کي هاڻي ’ميرپورخاص‘ جي نالي سان سڏين ٿا. هي موجودہ سنڌ جو هڪ مکيہ شھر آهي.
رياست خيرپور: جيئن مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي، تہ سنڌ جي تقسيم ڪندي، مير سهراب خان کي ٻہ حصا مليا، جڏهن تہ ماڻڪاڻي سرڪار کي هڪ حصو ۽ حيدرآباد جي سرڪار کي چار حصا مليا. چون ٿا تہ فاتح سنڌ مير فتح علي خان سنڌ ملڪ جي ايڪي جو حامي ۽ تقسيم جو مخالف هو، پر پوءِ ڏٺائين تہ مير پاڻ ۾ وڙهندا ۽ وڏو خون خرابو ٿيندو، ان ڪري سنڌ جي ونڊ ورڇ تي راضي ٿي ويو. مير سهراب خان کي اپر سنڌ ملي، جتي هاڻي خيرپور ضلعو قائم آهي.
مير سهراب خان: مولائي شيدائي لکي ٿو ته، ٽيو حصو ٿر ۽ موري کان اٻاوڙي، روجهاڻ ۽ سيوهڻ تائين، مير سهراب خان کي مليو. هيءَ سرڪار سـهراباڻـي سـڏبـي هـئي. سـندس تختگاھہ احـمـدآباد (ڏيجـي) هو. پوءِ ’خيرپور‘ تختگاھہ مقرر ٿيو. (جنت السنڌ، ص 592) مير سهراب خان هاڻوڪي ڏيجيءَ جو ڪوٽ، ٽڪريءَ مٿان اڏائي، مٿس توبون رکايون ۽ مٿس احمدآباد نالو رکيو ويو. [جديد تحقيق موجب هي قلعو ميرن کان اڳ جو آهي، ميرن هتي رڳو ڪن حصن جي مرمت ڪرائي.] پوءِ نونارين کان هاڻوڪي خيرپور شھر واري زمين خريد ڪري، خيرپور شھر تعمير ڪرايائين. مير رستم خان بکر جي مضبوط قلعي کي افغانن کان ڇڏائي، سبزل ڪوٽ ۽ ڀنگ ڀاڙي جا پرڳڻا بھاول پور جي نواب کان کٽيا، ۽ اڀرندي ۾ ريگستان جا ٽي قلعا گرسياھہ، گتورا ۽ شاھہ ڳڙھہ، جيسلمير جي راول کان فتح ڪيائين. (جنت السنڌ، ص 593) هالاڻيءَ جي جنگ ۾ مير سهراب خان جو اهم ڪردار هو.
مير سهراب خان ولد مير چاڪر خان هڪ بھادر انسان هو. پاڻ مير فتح علي خان جي والد مير صوبدار خان جو سڳو سؤٽ هو. مير بھرام (چاچو مير سهراب خان) جي وفات وقت، مير سهراب خان ٽيٽيهن ورهين جو جوان هو. هالاڻيءَ جي جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ سبب، پاڻ کي سنڌ جو حقيقي فاتح سمجهڻ لڳو. ان ڪري هن کي مير فتح علي خان جي ماتحتيءَ ۾ ڪم ڪندي سٺو نہ لڳو. ان ڪري پنهنجا راڄ وٺي خيرپور ۾ الڳ حڪومت قائم ڪيائين. ڪافي وقت ٻنهي ۾ تعلقات خراب رهيا ۽ هڪ ٻئي کي ڌمڪيون بہ ڏيندا رهيا. جنهن وقت هو حاڪم بنيو، تڏهن سندس حڪومت جون حدون مختصر هيون، پر پوءِ آسپاس جي راڄن سان وڙهي رياست کي توسيع ڏنائين. هڪ محقق لکي ٿو ته، پوءِ هن تدبير ۽ تلوار جي زور تي پنھنجي حد وڌائي، جيڪا اتر ۾ سبزل ڪوٽ ۽ ڪشمور تائين، اوڀر ۾ جيسلمير جي ريگستان تائين، اولھہ ۾ ڪڇي ۽ گنداوا تائين ۽ ڏکڻ ۾ نوشهري تائين وڃي پهتي. هن 1811ع ۾ گوشه نشين ٿي پنھنجي پڳ وڏي پٽ مير رستم خان جي حوالي ڪئي. هن ٽي شاديون ڪيون، پهرئين گهر مان
مير رستم خان ۽ مير غلام حيدر خان، ٻئي گهر مان مير مبارڪ خان ۽ مير چاڪر خان ۽ ٽئين گهر مان ننڍي ۾ ننڍو پٽ مير علي مراد خان ٿيو. 1829ع ۾ مير سهراب پنھنجي خاندان لاءِ وصيت نامو بہ تيار ڪيو. هن وڏي ڄمار ۾ 1830ع ۾ وفات ڪئي.
مير رستم خان: مير سهراب جي وڏي پٽ هوندي مير سهراب خان رياست جو حاڪم هو. ياد رهي تہ هن جي والد اڳ ۾ ئي، حڪومت تان هٿ کڻي پنھنجي حياتيءَ ۾ مير رستم خان کي حڪومت ڏني هئي. البت والد جي وفات کانپوءِ هو باقاعدہ حاڪم بنجي ويٺو. خيرپور رياست جي وسعت ۽ توسيع ۾ مير رستم جي تلوار اهم ڪردار ادا ڪيو. تخت نشين ٿيڻ کانپوءِ پنھنجي پيءُ جي وصيت موجب، پنهنجن ڀائرن ۽ ڀائٽين کي ملڪ ورهائي ڏنائين، جن مان ڪجهہ پوءِ مغل بادشاھہ همايون جي ڀائرن وانگر خودمختيار بنجي ويا. (خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو، ص 115)
مير رستم جي دور ۾ ڪي واقعا ٿي گذريا. انهن ۾ کرڙيءَ جي جنگ خاص اهميت رکي ٿي. هي واقعو 34- 1833ع ۾ کرڙيءَ (سکر) ۾ ٿي گذريو. افغانن آدم شاھہ جي ٽڪريءَ تي اچي توپون نصب ڪيون. معرڪي جي جنگ ٿي، جنهن ۾ رياست خيرپور ۽ حيدرآباد جا اهم ڪمانڊر مارجي ويا. هن جنگ ۾ ٻنهي رياستن حصو ورتو. عطا محمد حامي صاحب موجب افغانن کي اٺ لک روپيہ ڏن پٽ ڏئي راضي ڪري، سنڌ ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. مير رستم خان جي دور ۾ ’نونهار جي جنگ‘ پڻ لڳي. مير صاحب جو ننڍو ڀاءُ مير علي مراد خان جڏهن وڏو ٿيو تہ ڀائرن سان ملڪيت تي تڪرار ڪيائين. تڪرار وڏي جنگ جي صورت اختيار ڪئي. هي جنگ نونارين جي ڳوٺ وٽ لڳي، جنهن ۾ مير علي مراد خان سوڀارو ٿيو. پير پاڳاري علي گوهر شاھہ ۽ وڏي وزير فتح محمد غوريءَ وچ ۾ پئي ٺاھہ ڪرايو. هي جنگ 1842ع ۾ لڳي ۽ ’جنگ نونهار‘ جي نالي مشھور ٿي. (خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو، ص 115- 116) صلح ۽ ٺاھہ کانپوءِ بہ دليون صاف نہ ٿيون. نيپيئر حيدرآباد کان خيرپور، مير رستم خان سان ملڻ لاءِ روانو ٿيو. البت مير علي مراد سڀ کان اول سکر ۾، نيپيئر سان مليو ۽ هن کي هر طرح جي مدد جي آڇ ڪندي، ڏانهس صلح جو هٿ وڌايو. ان پسمنظر ۾
مير رستم ڪمزور ۽ مير علي مراد طاقتور ٿي، انگريز جنرل جي ٽيڪ تي، خيرپور تي قبضو ڪري ورتو. هيءَ خبر ٻڌي مير رستم پٽن ۽ ڀائٽين سميت، ٿر جي قلعي ’امام ڳڙھہ‘ ڏانهن ڀڄي ويو. امام ڪوٽ جي (امام ڳڙھہ) حملي جو مقصد صرف هي هو ته، انگريزي لشڪر لاءِ ٿرن ۽ برن تي ڪاھہ ڪرڻ بلڪل آسان ڪم هو. هتان هٿ ڪيل مال نيپيئر سپاهين ۾ ورهائي، 23 جنوري 1843ع تي حيدرآباد ڏانهن روانو ٿيو. حڪم ڏنائين تہ درياھہ جي ٻنهي ڪپن سان ڪاٺيون وڍيندا هلو. ميرن ائين ڪرڻ کان کيس روڪيو. پر هن جواب ڏنو ته، نہ فقط ٻيلن جون ڪاٺيون وڍرائيندس، پر دارالخلافه حيدرآباد کي بہ ساڙائيندس. (جنت السنڌ، ص 735)
مياڻيءَ جي جنگ کانپوءِ جيڪي مير، قيدي ٿي پوني، بمبئي ۽ ڪلڪتي پهتا، مير رستم خان بہ انهن ۾ شامل هو. مير رستم خان پوني ۾ 1846ع ۾ وفات ڪئي. سندس ميت کڻي اچي ’قادربخش جا قبا‘ (خيرپور) نالي ميرن جي خانداني قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. سڀني لکندڙن ۽ خاص ڪري انگريز لکندڙن، مير رستم خان جي ڪردار جي گهڻي واکاڻ ڪئي آهي.
مير علي مراد خان: (رياست جو ٽيون حاڪم) انگريزن جي پاڇي ۾ ڪم ڪيائين. مير رستم خان وڏي ڀاءُ سان وڙهي حڪومت ورتائين. هن جي وقت ۾ ملڪ جي ايراضي ساڍا پنج هزار چورس ميل ۽ آدمشماري اٽڪل روءِ ٻہ لک هئي. ملڪ جو ڳچ حصو شڪارگاهن ۽ ٻيلن هيٺ هو. پر پوءِ بہ ان جي اپت خرچ لٿي ڏھہ لک روپيہ هئي. عطا محمد حامي لکي ٿو ته، توڙي جو ملڪ تي انگريزن جو قبضو ٿي ويو، پر پوءِ بہ مختلف جاين تي بغاوتون ٿينديون رهيون. نيپيئر انهن بغاوتن کي مير علي مراد خان جي مدد سان ڪُچلي ختم ڪيو. جيتوڻيڪ مير صاحب، انگريزن کي پنهنجو دوست سمجهندو هو، پر نيپيئر هن کي سٺي نظر سان نہ ڏسندو هو ۽ مير علي مراد خان، انگريزن کي پنھنجي ملڪ ۾ دخل ڏيڻ نہ ڏيندو هو. 1845ع ۾ نيپيئر سان هڪ عهدنامو ڪري، پنھنجي ملڪ جون حدون نروار ڪرائي ڇڏيائين. نيپيئر هي عهدنامو منظوريءَ لاءِ گورنر جنرل ڏانهن موڪلي ڏنو. اصل ۾ ڪجهہ مخالفن مير صاحب جي خلاف درخواستون ڪيون هيون. ان جي جاچ لاءِ هڪ ڪميشن ويٺي. 21 جنوري 1852ع تي اعلان جاري ڪري، مير کان ڳچ علائقا کسي، کيس رڳو اهي پرڳڻا ڏنائون، جي مير سهراب خان کيس ڏيڻا ڪيا هئا. (خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو، ص 118- 121) مير علي مراد پنھنجي حق وٺڻ لاءِ، سن 1856ع ۾ ولايت روانو ٿيو. مير صاحب ڏيڍ سال لنڊن ۾ رهي، بنا انصاف جي پنھنجي وطن موٽي آيو. 1876ع ۾ وڏي بارش ٿي. درياھہ جو پاڻي اُٿل کائي، خيرپور شھر ۾ داخل ٿي ويو. مير صاحب عام ماڻهن جي رهائش، کاڌ خوراڪ، ۽ رهائش جو چڱو بندوبست ڪيو. ماڻهن کي آبادڪاريءَ لاءِ قرض بہ ڏنا ويا. ان ريت ’خيرپور‘ جو شھر وري آباد ٿي ويو. 1882ع ۾ مير صاحب شڪار تي هو، جو مٿس خوني حملو ٿيو. حملي آور کي ٿڏي تي ماري وڌائون. چون ٿا تہ حر فقير هو. مير صاحب ٻن مهينن جي علاج بعد ٺيڪ ٿي ويو. 1891ع ۾ مسٽر جيمس سنڌ جي ڪمشنر، بمبئيءَ جي گورنر سان گڏ شڪارپور ۾، وڏي درٻار ڪوٺائي، جنهن ۾ برطانوي سرڪار پاران مير علي مراد خان کي ڪي. سي. جي. آءِ (K.C.G.I) ڏنو ويو. ٻہ سال پوءِ مسٽر جيمس سکر آيو. خيرپور جي سڀني ننڍن وڏن ميرن کي جاگيرون ۽ پينشنون ڏنائين. مير صاحب آخر ۾ ڪجهہ وقت بيمار رهيو. سال 1894ع ۾ فوت ٿيو. سندس جنازو کڻائي وڃي ڪربلا معليٰ ۾ دفن ڪيائون. هن پٺيان گهڻو اولاد ڇڏيو. (خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو، ص 121- 122)
مير فيض محمد اول: 07 اپريل 1894ع تي عيدالفطر جي ڏينهن گاديءَ تي ويٺو. هي مير صاحب، مير علي مراد خان جو پٽ هو. انگريزن هن جي مرضيءَ سان خانبهادر قادر داد خان کي رياست جو وزير مقرر ڪيو.
مير علي مراد آزاد حاڪم جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. ليڪن مير فيض محمد جي دور ۾ وزير مقرر ٿيڻ سان نظام ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿي. ڪنهن نئين ڪم لاءِ مير صاحب کان منظور ورتي ويندي هئي. نئين زماني جي تقاضا موجب، وزير قادرداد خان سڌارا آندا ۽ نت نوان کاتا قائم ڪيا. بجيٽ آهر انهن لاءِ نيون عمارتون ٺهرايون. مطلب تہ رياست خيرپور جو روپ تبديل ٿيڻ شروع ٿيو. سن 1903ع ۾ وزير قادر داد خان فوت ٿي ويو. پوءِ سردار محمد يعقوب خان وزير مقرر ٿيو. هو 1907ع تائين رهيو. خيرپور ۾ انگريزي اسڪول جاري ٿيو. ان سان گڏ شاگردن جي رهائش لاءِ هاسٽل بہ تعمير ٿي. ان کان سواءِ ’فيض محل‘ نالي هڪ عاليشان محلات بہ تعمير ٿي. سردار محمد يعقوب خان 1907ع ۾ فوت ٿيو. ان جي جاءِ تي شيخ صادق علي خان وزير مقرر ٿيو. هن ڪوٽڏجيءَ ۾ سھڻو محلات ٺهرايو ۽ ڪراچيءَ ۾ زمين خريد ڪري، مير صاحب جي رهائش لاءِ هڪ وڏو بنگلو بہ تعمير ڪرايو. هن دور ۾ انگريزن جي دخل اندازي گهڻي وڌي. انڪري خيرپور جو خطو هڪ جاگير بجاءِ جديد رياست جو ڏيک ڏيڻ لڳو. (حوالو مٿي ڏنل، ص 124- 125) مير فيض محمد 74 سالن جي ڄمار ۾، ڪوٽڏجيءَ ۾ 1909ع ۾ وفات ڪئي.
مير امام بخش خان: والد جي فوت ٿيڻ کانپوءِ، هن 06 مارچ 1909ع تي برادريءَ جي پڳ ٻڌي. 01 جولاءِ 1909ع تي باقاعده، سندس جشن تاجپوشي ملهايو ويو. هن بہ پيءُ وانگر رياست جو انتظام آئيني طرح سان وزير جي حوالي ڪيو. مرزا قليچ بيگ وزير شيخ صادق عليءَ جي گهڻي ساراھہ ڪندي، لکي ٿو ته، هن تعليم جي واڌاري ۾ دلچسپي ورتي. رياست ۾ علم جي واڌاري لاءِ هڪ ڪتب خانو قائم ڪيو. ان کان سواءِ جيمخانو بہ ٺهرايائين. هو بيدار مغز، ايماندار، خداپرست ۽ خلق جو خيرخواھہ انسان ٿي گذريو. (رياست خيرپور، باب 15، 16، مختلف صفحا) شيخ صادق علي پڙهيل لکيل انسان هو. هن انگريز عملدارن جي چوڻ تي، سنڌ جي قومن، قبيلن ۽ ذاتين تي (انگريزيءَ ۾) هڪ ڪتاب تيار ڪيو هو، جيڪو 1901ع ۾ سرڪاري طرح سان ڇپيو هو. مير امام بخش خان پنھنجي سر رياست ۾ ڳچ سڌارا آندا، ائين ڪرڻ سان ماڻهن سُک جو ساھہ کنيو. مير امام بخش خان 08 فبروري 1921ع تي وفات ڪئي. هن جو ميت ڪفن دفن لاءِ ڪربلا معليٰ موڪليو ويو. هن کي ٽي پٽ:
علي نواز خان، علي محمد خان ۽ غلام علي خان نالي ٿيا.
مير علي نواز خان: رياست خيرپور جو نهايت مشھور حاڪم ٿي گذريو آهي. 13 فيبروري 1921ع تي رياست جو حڪمران بنيو. ان لاءِ باقاعدہ تقريب منعقد ٿي. پاڻ 9 آگسٽ 1884ع تي ڄائو هو ۽ حاڪم ٿيڻ وقت سندس ڄمار 37 ورهيہ هئي. ابتدا ۾ ڪوٽڏجيءَ ۾ پڙهيو. انگريزي تعليم ايچسين ڪاليج لاهور ۾ ورتائين. نو مهينا يورپ ۾ رهي وڌيڪ تعليم حاصل ڪيائين. لاهور ۽ يورپ ۾ ڪو نہ ڪو انگريز عملدار سندس سارسنڀال لھڻ لاءِ ساڻس گڏ رهندو هو. تعليم دوران هن چڱيءَ طرح هندستان ۽ يورپ کي گهمي ڏٺو. نتيجي ۾ مسند نشينيءَ کانپوءِ، هڪدم رياست جي سڌاري جو ڪم شروع ڪيائين. (رياست خيرپور، 115) هن رياست جي مختلف معاملن کي هلائڻ لاءِ ڪي اهم مقرريون ڪيون. ڇھہ ست سال ڏاڍا سٺا گذريا، پر پوءِ اوچتو مير صاحب عشق جي آريءَ ۾ اچي ويو ۽ سڀ ڪجهہ محبت جي راھہ ۾ لٽائيندو رهيو. نتيجي ۾ خزانو خالي ٿيڻ لڳو. هي حال ڏسي انگريزن وزارت جو عهدو ختم ڪري انتظامي ڪائونسل جوڙي، ۽ حڪومت جو انتظام ان جي حوالي ڪيو. ڪائونسل ۾ مير صاحب پاڻ، ۽ ٻيا ٽي ميمبر: مسٽر هيليفاڪس، مسٽر امداد علي قاضي (آءِ. آءِ. قاضي)، مسٽر لواڻي مقرر ٿيا. ٻن ٽن سالن ۾ خبر پئي تہ ڪائونسل ناڪام ٿي رهي آهي. 1930ع ۾ جناب ٽانٽن کي وزير مقرر ڪيو ويو. ٻہ سال پوءِ مسٽر سليڊن وزير ٿي آيو، جو آخر تائين مير صاحب سان گڏ رهيو. مير صاحب صرف آئيني سربراھہ هو. البت مملڪت جو سمورو ڪاروبار سليڊن صاحب هلائيندو هو. پير علي محمد راشدي هن جي ڪردار ۽ شخصيت تي هن ريت تبصرو ڪيو آهي. وڏو خرچائو، سخي مرد، عاشق مزاج، ۽ حضور شرم توڙي اعليٰ درجي جو شاعر هو. هن جي شعر ۾ چڱو سوز ۽ گداز سمايل هو. ڪڏهن ڪڏهن اميريءَ سان گڏ فقيري بہ اختيار ڪندو هو. بدن تي گيڙو ڪفني، مٿو اگهاڙو، هٿ ۾ يڪتارو، ۽ زبان تي رِندي ڪلام هوندا هيس. ويرانن ۾ جهوپڙيون لڳي ويندون هيون ۽ جهوپڙين ۾ عاشقانه صدائون بلند ڪندو هو. (اهي ڏينهن اهي شينهن، ص 47) مير صاحب 1935ع ۾ وفات ڪئي. امانت طور هن جو لاش ڪجهہ وقت لاءِ ڪوٽڏجيءَ ۾ رکيو ويو. بعد ۾ مستقل دفن لاءِ ڪربلا معليٰ موڪليو ويو. روايت آهي تہ هن کي زهر ڏئي ختم ڪيو ويو. مير علي نواز جي شاعري ’ڪليات ناز‘ ڊاڪٽر عطا محمد حامي مرتب ڪري، سنڌي ادبي بورڊ پاران 1987ع ۾ ڇپرايو. مير صاحب شاعر طور ’ناز‘ تخلص اختيار ڪندو هو.
مير فيض محمد خان ثاني: مير علي نواز خان جو اڪيلو پٽ هو. سندس ماءُ ڏاڏي پوٽي نہ هئي، ان ڪري گهڻن ميرن ۽ بلوچن کي مير فيض محمد جي وليعهد ٿيڻ تي اعتراض هو. مگر مير علي نواز ڪنهن طرح کين مڃائي ورتو. هڪ ڀيري ڪچهريءَ ۾ ويٺي، اتفاق سان مير فيض محمد جي هٿن ۾ موجود روالور ڇٽي ويو. ان ڪري سندس هڪ شھزادي مير علي مراد (ثاني) جي ٻانهن ۾ ڌڪ لڳو. ان پس منظر ۾ مير فيض محمد کي چريو ڄاڻائي لاهور ۽ پونا علاج لاءِ موڪليو ويو. هو پوني ۾ هو تہ سندس والد مير علي نواز 1935ع ۾ فوت ٿي ويو. 1947ع ۾ برطانيا سرڪار مير فيض محمد کي نااهل قرار ڏئي، سندس وليعهد (مير علي مراد ثاني) کي حاڪم بنائڻ جو اعلان ڪيو. ان سال پاڪستان وجود ۾ آيو، ان ڪري انگريزن کيس پوني مان خيرپور ڏانهن منتقل ڪيو. مير فيض محمد کي ڪوٽ ڏجيءَ ۾ رکيو ويو، جتي 14 اپريل 1952ع تي وفات ڪيائين. جيتوڻيڪ مير صاحب نالي ماتر حاڪم رهيو، پر سندس وزير ڪم هلائيندا رهيا. مسٽر سليڊن 1937ع تائين وزير رهيو. پوءِ خانبهادر اعجاز علي وزير مقرر ٿيو، جو 1947ع تائين رياست جو حقيقي معنيٰ ۾ حاڪم رهيو. ڪي سٺا ڪم هن دور ۾ ٿيا، جن جو مختصر ذڪر ضروري آهي. سکر بئراج جي تعمير سبب، سڄي سنڌ سميت خيرپور جي آبادگارن کي بہ خاص فائدو پهتو. هڪ چمڙي جو ڪارخانو کليو. ڳوٺ سڌار کاتي کلڻ سبب، هارين جي سماجي حالتن ۾ فائدو ٿيو. خيرپور ۾ هاءِ ڪورٽ قائم ٿي. صحت کاتي ۾ سڌارا آندا ويا. ٻہ نوان هاءِ اسڪول ۽ ڳچ پرائمري اسڪول کليا. حڪومتي نظام ۾ سڌارا آيا، ان ڪري جمهوري قدرن کي فروغ مليو.
(خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو، ص 130- 132)
مير علي مراد خان ثاني: هن مير صاحب جو تعارف مٿي اچي چڪو آهي. وڌيڪ هي تہ هن ايچيسن ڪاليج لاهور ۽ 1950ع کان 1953ع تائين، وڌيڪ تعليم انگلنڊ مان ورتي. ان دوران حڪومت جو ڪم وزير صاحبان جي هٿ ۾ هو. حڪومت لاءِ ٻن ميمبرن تي مشتمل صلاحڪار ڪائونسل جوڙي وئي. انهن جا نالا مير غلام حسين خان ۽ خان بھادر ڪولاپا والا هئا. 1942ع ۾ حر تحريڪ زور ورتو، ان ڪري سڄيءَ سنڌ ۾ مـارشـل لا هـنيو ويـو. 20 مـارچ 1943ع تـي پيـر پـاڳاري کـي (سيد صبغة ﷲ شاھہ ثاني) کي شھيد ڪيو ويو. ان ڪري سڄيءَ سنڌ ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو. خيرپور ۾ بہ حرن جي خلاف قدم کنيا ويا. 1947ع ۾ مير صاحب جي حڪومت سنڀالڻ تائين هڪ ريجنسي بورڊ قائم ڪيو ويو، جنهن جا هي ميمبر هئا: مير غلام حسين خان، مير علي ڏنو خان، مير محمد علي خان، مير غلام حسن خان ۽ مير محمد خان هئا. فيصلو ڪيو ويو تہ هرهڪ ميمبر واري تي هڪ سال لاءِ حڪومت جو سربراھہ ٿي ڪم ڪندو. ريجنسي بورڊ کي ڪاروباري ڪائونسل هلائيندي. ان جا ٻہ ميمبر خانبهادر ڪولاپا والا ۽ شيخ بھاءُ الدين هوندا.
مير غلام حسين جي وقت ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو، جنهن سان خيرپور رياست جو الحاق ٿيو. تعليم مفت ڪئي وئي ۽ ڪوٽڏجيءَ ۾ هڪ پاور هائوس کوليو ويو. ريجنسي ڪائونسل جي مختلف ميمبرن پنھنجي وقت ۾، ڪي سٺا ۽ يادگار ڪم ڪرايا، جن کي گهڻي وقت تائين ياد ڪيو ويندو. 1950ع ۾ عام ووٽ ذريعي پندرهن ميمبرن جي چونڊيل اسيمبلي قائم ڪئي وئي. چيف مسٽر قزلباش ٿيو ۽ ٻہ ٻيا وزير الھڏنو سيال ۽ علي مردان خان مقرر ٿيا. 1953ع تي هڪ نئون آئين پاس ڪري، ٽيهن چونڊيل ميمبرن تي مشتمل قانون ساز اسيمبلي وجود ۾ آندي وئي. مسٽر ممتاز حسن قزلباش رياست جو وڏو وزير ٿيو. ٻيا ٽي وزير هن ريت هئا: شيخ بھاءُ الدين، مير عطا حسين ٽالپر، ۽ غلام قادر پنهور. 14 آڪٽوبر 1955ع تي اولھہ پاڪستان ۾ ون يونٽ نافذ ڪري، خيرپور جي رياستي حيثيت ختم ڪري، ان کي ضلعي ۽ ڪمشنريءَ جو درجو ڏنو ويو. ان ريت رياست خيرپور ’تاريخ‘ جو حصو بنجي وئي. (خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو، ص 132- 134) رياست جي ترقيءَ ۽ تعمير ۾ جدا جدا وقتن ۾، مختلف وزيرن حصو ورتو. هتي انهن جا نالا ڏيڻ غلط نہ ٿيندو. شير محمد خان، فتح محمد غوري، شيخ علي حسن خان، قـادرداد خـان، ســردار محـمـد يعـقـوب خـان، شيـخ صـادق عـلـي خــان، محمد ابراهيم خان، شيخ محمد قادر، شيخ محمد يعقوب خان، مسٽر ٽانٽن، مسٽر سليڊن، سيد اعجاز علي ۽ مرزا ممتاز حسن قزلباش وغيرہ.
ٽالپرن جي دور جا ڪي مشاهير
هر دور ۾ حاڪمن کان سواءِ بہ ڪي ذڪر جوڳا انسان پيدا ٿيندا آهن، جي ان دور جي اهميت ۾ بہ واڌارو ڪن ٿا. هيٺ ميرن جي دور جي ڪجهہ چونڊ مشاهيرن جو ذڪر ڪجي ٿو:
سچل سرمست: ميرن جي دور جو مشھور صوفي ۽ سرمست شاعر ٿي گذريو آهي. روايتن موجب هو 1739ع ۾ پيدا ٿيو ۽ نوي سالن جي ڄمار ۾ 1829ع ۾ فوت ٿيو. پنجن ٻولين (سنڌي، سرائڪي، فارسي، هندي (ريخته) ۽ اردو) جو هي عظيم شاعر، درازا رياست خيرپور ۾، فاروقي خاندان ۾ ميان صلاح الدين فاروقيءَ جي گهر ۾ ڄائو. سنڌ سچل جي شعر ۽ وجود تي ناز ڪري ٿي. سچل جو اصل نالو ميان عبدالوهاب هو. سندس مقبرو درازا ۾ آهي، جو رياست خيرپور جي ٽالپر حاڪمن ٺهرايو هو. سندس سرائيڪي ۽ سنڌي، اردو ۽ فارسي ڪلام ڇپيل آهي.
نواب ولي محمد خان لغاري: ميرن جي دور ۾ هي صاحب وزيراعظم ٿي رهيو. سندس تعلق حيدرآبادي ميرن جي درٻار سان هو. لغاري خاندان، ڪلهوڙن جي دور ۾ لڏي سنڌ ۾ آيو. هي گهراڻو ديري غازي خان مان آيو هو. نواب صاحب جو والد غلام محمد لغاري 1775ع ۾، سرفراز ڪلهوڙي جي درٻار ۾، مير بھرام سان گڏ مارجي ويو هو. کيس ٽي پٽ: نواب علي محمد خان، نواب ولي محمد خان ۽ نواب غلام ﷲ خان هئا. سڀني لغاري نوابن سنڌ ۾ عهدا ۽ جاگيرون ماڻيون. البت نواب ولي محمد لغاريءَ کي وڏو اعزاز حاصل ٿيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، نواب صاحب تي لکندي سندس بيحد تعريف ڪئي آهي. نواب ولي محمد 1752ع (1165ھہ) ۾ اُڀپور لڳ (تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ) ۾ ڄائو. ان وقت ميان نور محمد ڪلهوڙو سنڌ جو حڪمران هو. ان وقت سنڌ ۾ عربي ۽ فارسيءَ جي اعليٰ تعليم ڏني ويندي هئي. ان پسمنظر ۾ نواب غلام محمد خان پٽن جي اعليٰ تربيت ۽ سکيا تي توجھہ ڏنو. لکندڙن نواب ولي محمد کي: ڪامياب سپھہ سالار، سفير، وزير، منتظم، انجنيئر، حڪيم، شاعر ۽ محب وطن سڏيو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب نواب
ولي محمد جون ويھہ نمايان سوڀون ۽ حاصلاتون ڄاڻايون آهن. ڪراچي، عمرڪوٽ ۽ شڪارپور جي حاصلات، شاھہ شجاع کي تڙي ڪڍڻ، سرحدن جي حفاظت ۽ ٽالپرن ۾ صلح سانت رکڻ نواب صاحب جا ڪارناما ڄاڻايا ويا آهن. دنيا جو شاهڪار قلعو ’رني ڪوٽ‘ بہ نواب صاحب جي محب وطني ۽ انجنيئري سوچ جو ڪمال آهي. [نوٽ: هي قلعو اڳ جو تعمير ٿيل هو. نواب صاحب دروازي، پل ۽ ميري ڪوٽ جي تعمير ڪرائي هئي.] هن کي اولھہ جي سرحد محفوظ رکڻ لاءِ، لاڙڪاڻي جو گورنر مقرر ڪيو ويو. وفات بعد عارضي طرح کيس اتي دفن ڪيو ويو ۽ پوءِ سندس ميت حيدرآباد کڻي اچي هميشہ لاءِ دفن ڪئي وئي. پاڻ سنڌي ۽ فارسي زبان جو سٺو شاعر هو. ديوان ولي، هيرنامه، ساقي نامه، سندس ڪارناما آهن. هن طب ۾ بہ قلم کنيو اهي. ڊاڪٽر جيمس برنس 1827ع ۾ سنڌ ۾ هو. نواب صاحب بابت هو پنھنجي ڪتاب ’سنڌ جي درٻار‘ ۾ خوب تعريف ڪري ٿو.
نواب ولي محمد خان 1832ع ۾ وفات ڪئي. (ڪلام فقير نواب ولي محمد خان لغاري، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1990، مقدمو، مختلف صفحا: 112- 67)
نواب احمد خان لغاري: وزيراعظم نواب ولي محمد خان جو وڏو پٽ هو. 1792ع ڌاري پيدا ٿيو. والد جي زير نظر عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين. هن جي تربيت واسطي نواب صاحب، کيس ٽنڊي
نواب ولي محمد ۾ رهايو ۽ حڪم ڪيو تہ اميرن (ٽالپرن) جي مجلس ۾ ويندو رهي. ان ريت هو امارت ۽ وزارت جي معاملن کي ڏسندو ۽ سِکندو رهيو. جاسوسي خاطر نواب احمد خان کي بھاول پور ۽ لاهور بہ موڪليو ويو. ڄاڻايو اهو ويو تہ نواب صاحب، ناراض ٿي سنڌ ڇڏي ويو آهي. بعد ۾ ماڻهو موڪليا ويا، جي ظاهر ۾ رُٺل کي پرچائي وٺي آيا. مير نصير خان حاڪم ٿيو تہ سندس بي قدري ٿي. نواب احمد خان کي انگريزن جي وڌندڙ اثر جو بخوبي اندازو هو. دُٻي جي جنگ کانپوءِ، نواب احمد خان ۽ مير شير محمد، ڪوشش ڪئي تہ اتر سنڌ جي بلوچن سان گڏجي انگريزن سان لڙائي ڪجي. اڳتي هلي عزيزن ڪوشش ڪئي تہ ڪيئن به، احمد خان سنڌ ۾ اچي رهي. حيدرآباد جي ڪليڪٽر راٿبورن ۽ نيپيئر جي رضامنديءَ سان هو موٽي آيو. گذرسفر لاءِ انگريزن هن لاءِ جاگير بحال ڪئي. نواب صاحب ڪليڪٽر يا ڪمشنرن جي آڏو، مطالبو ڪندو رهيو تہ مير صاحبن کي سنڌ موٽي اچڻ جي اجازت ڏني وڃي. نواب احمد خان 1870ع ۾ فوت ٿيو. کيس جهوڪ شريف ۾ دفن ڪيو ويو. (ڪلام فقير نواب ولي محمد خان لغاري، مقدمو، ص 144- 157)
آغا شاھہ حسن علي: اسماعيلي فرقي جو روحاني امام هو، جنهن ايران ۾ فتح علي شاھہ قاچار (بادشاھہ) جي ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي.
فتح علي شاھہ جي وفات کانپوءِ محمد شاھہ قاچار ايران جو نئون بادشاھہ بنيو. شاھہ حسن علي ۽ محمد شاھہ ۾ ڪنهن معاملي تي جنگ ٿي، ۽ شاھہ حسن علي سنڌ ۾ اچي رهيو. هن ڪابل ۽ سنڌ جي فتح ۾ انگريزن جي مدد ڪئي. (جنت السنڌ، ص 699)
نواب علي محمد خان: نواب علي محمد خان، ميان غلام محمد خان جو وڏو پٽ هو. هو پنھنجي اصل ڳوٺ اُڀپور ۾، 1750ع ڌاري پيدا ٿيو. هي خاندان جو پهريون وڏي علم وارو انسان ٿي گذريو آهي. مير علي مراد خان (حيدرآباد) واري کي ويجهو هو. علم سان گڏ انتظامي صلاحيتون رکندو هو، ان ڪري ميرن پاران ٺٽي جو نواب مقرر ٿيو ۽ اتي جو بندوبست سٺي طريقي سان هلايائين. سندس خاندان لاءِ خدمتن کي ڏسي، مير غلام علي خان ۽ مير مراد علي خان موجودہ ڳوٺ ’تاجپور‘ واري جاگير سڀ کان اول نواب علي محمد خان کي ڏني. نوڪريءَ جو مدو پورو ڪرڻ کانپوءِ، حيدرآباد ۾ نوابن جي محلي (ٽنڊي ولي محمد) ۾ اچي رهيو. پر پوءِ ميرن جي اجازت سان وڃي تاجپور ۾ ويٺو. هي پرڳڻو اصل ۾ تاجو ليکيءَ جو هو، جو پوءِ نواب صاحب کي مليو. تاجو ليکي جو ’چؤديرو‘ عدالتي ڪمرو ۽ کوھہ، سندس اوطاق جي حدن ۾ شامل ٿيا. نواب علي محمد 88 سالن جي ڄمار ۾ 1834ع ۾ وفات ڪري ويو. (ص 17، 18، مقدمو، ڪلام نواب فقير نواب ولي محمد خان لغاري)
نواب غلام محمد خان: بن علي محمد خان، فارسي زبان ۾ وڏي مهارت رکندڙ هو. هي نواب ميرن جي پهرين چوياريءَ ۾ وڏي مرتبي وارو امير ۽ صلاحڪار هو. غلام محمد خان کي اندازو هو ته، سنڌ بابت انگريزن جا ارادا ڪي سُٺا نہ هئا. مياڻيءَ جي جنگ کان اڳ مير جان محمد خان، مير خان محمد خان ۽ بختيار خان لغاريءَ سان، شامل راءِ هو تہ ڪيئن بہ ڪري انگريزن جي تسلط کي ختم ڪجي. ليڪن افسوس تہ ائين نہ ٿيو. هن 02 ڊسمبر 1862ع تي اڀپور ۾ وفات ڪئي. انگريز سنڌ تي قابض ٿيا تہ سندس جاگيرون ضبط ڪيائون. (ڪلام فقير نواب ولي محمد خان لغاري، مقدمو، ص 25- 26) هو فارسي زبان ۾ شعر بہ چوندو هو.
نواب غلام ﷲ: وزيراعظم نواب ولي محمد جو ننڍو ڀاءُ هو. پنھنجي لياقت سبب مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان کي ويجهو ٿيو. ان ڪري کيس ٿرپارڪر جو نواب/ گورنر مقرر ڪيو ويو. مير ڪرم علي کيس عمرڪوٽ، بدين ۽ لاڙڪاڻي طرف جاگيرون ڏنيون. نواب غلام ﷲ خان کي ميرن، عمرڪوٽ جو محافظ بہ بنايو. 1827ع ۾ جيمس برنس حيدرآباد ۾هو. اهو بہ سندس تعريف ڪري ٿو. نواب صاحب، سرحدن جو محافظ هو. پاڻ بڙودا ۽ جوڌپور جي سربراهن سان، سِڌو سنئون لکپڙھہ ڪندو هو. ڪجهہ پاليسي اختلافن سبب هو استعيفا ڏئي، ٺٽي طرف هليو ويو ۽ موجودہ ميرپور ساڪري تعلقي ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. هن خطي ۾ اڄ بہ ’ڳوٺ غلام ﷲ‘ سندس ياد تازي ڪري ٿو. پوءِ مير صاحب پنهنجو پٽ موڪلي کيس پرچائي آندو ۽ وري هن کي نواب مقرر ڪيو ويو. (ڪلام فقير نواب ولي محمد خان لغاري، مقدمو، ص 38- 40) غلام ﷲ خان سن 1838ع ۾ فوت ٿيو.
نواب خان محمد خان: هي نواب غلام ﷲ جو پٽ هو. والد جي وفات کانپوءِ ميرن جو مختيارڪار ۽ عمرڪوٽ جو نواب مقرر ٿيو. انگريزن جي قبضي بعد نواب غلام ﷲ وارين جاگيرن مان، مٽياري، عمرڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي واريون جاگيرون نواب خان محمد خان ۽ سندس وڏي فرزند غلام مصطفيٰ جي نالي بحال ٿيون. (حوالو مٿي ڏنل، ص 43)
نواب غلام شاھہ: پٽ غلام ﷲ خان همت وارو ماڻهو ٿي گذريو. ميرن جي دور ۾ غلام شاھہ اسلام ڪوٽ جو حاڪم هو. سوڍن کي ڪچلڻ ۽ آڻ مڃائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين. ڪڇ جي انگريز عملدار هڪ خط ۾، بمبئيءَ جي گورنر کي لکيو ته، نواب غلام شاھہ لغاري، جيڪو اسلام ڪوٽ جو حاڪم آهي، ان جي فوج، ننگرپارڪر جي سوڍي پونجا جي ڌاڙيلن جو پيڇو ڪري رهي آهي. (حوالو مٿي ڏنل، ص 45) نواب غلام شاھہ ميرن جي حڪومت لاءِ وڌيڪ ۽ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون، جن بابت مواد موجود آهي.
مير عظيم الدين ٺٽوي: مير عظيم الدين بن سيد يار محمد، مير علي شير قانع جو ڀائٽيو هو. مير عظيم الدين (1163- 1229ھہ)، ٺٽي جي اهم اديبن ۽ شاعرن ۾ شمارجي ٿو. مير عظيم، حيدرآبادي ميرن سان لاڳاپيل هو. هن فارسي شعر ۾ ’فتح نامہ‘ نالي ڪتاب لکيو، جنهن ۾ ڪلهوڙن جي آخري دور ۽ ٽالپرن جي ابتدائي زماني جي تاريخ لکيائين. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1967ع ۾ ڇپيو آهي.
مير غلام علي ’مائل‘: هي مير قانع جو پٽ هو. سٺو فارسي گو شاعر ٿي گذريو. حيدرآباد جي ميرن سان تعلق رکيائين. سن 1181ھہ ۾ ڄائو ۽ 1251ھہ ۾ فوت ٿيو. سنڌي ادبي بورڊ سندس ڪليات ڇپيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ بابت سُٺو مواد ملي ٿو.
سيد ضياء الدين: مير قانع جو ڀاءُ هو. ضيا شاھہ ميرپورخاص جي ماڻڪاڻي ميرن سان لاڳاپيل رهيو.
عبدالمجيد جوکيو: ميرن جي ابتدائي دور ۾ ٿي گذريو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي خيال ۾ عبدالمجيد جوکيو اتر سنڌ جو هو. پر اصل ۾ سندس تعلق لاڙ يا هيٺينءَ سنڌ سان هو. ڪلهوڙن جي آخري ايامن ۽ ميرن جي شروعاتي ڏينهن بابت، هڪ تاريخي ڪتاب تيار ڪيائين. هي ڪتاب فارسي زبان ۾ نثر ۽ نظم ۾ آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب هي ڪتاب ’تاريخ بلوچي‘ جي نالي سان 1996ع ۾ ڇپيو آهي.
صوفي صادق فقير: ميرن جي دور جو اهم سنڌي شاعر ٿي گذريو آهي. هن جو تعلق عمرڪوٽ جي خطي صوفي آباد سان هو. ذات جو سومرو هو. صوفي صاحب 1756ع ۾ موجود ڄائو ۽ 1849ع ۾ گذاري ويو. سندس مقبرو سندس نالي سان قائم شھر ’صوفي فقير‘ ۾ آهي. صوفي صادق فقير ڪنهن ستايل جو مسئلو حيدرآباد جي ميرن وٽ کڻي آيو، پر انهن کي انصاف نہ مليو. ان تي فقير مير حاڪمن لاءِ پاراتي جو شعر چيو، جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. هن سنڌ جو پهريون راڳنامو لکيو ۽ سندس ڪلام ۾ جهوڪ جي معرڪي جو ڪيڏارو اهم حيثيت رکي ٿو.
اسد جمال پلي صاحب، صوفي فقير جو ڪلام ’وڙهيا، واڳيا، واپريا‘ جي عنوان سان مرتب ڪري، ڊسمبر 1998ع ۾ ڇپايو آهي.
خليفو نبي بخش قاسم: سنڌ جو مشھور عوامي شاعر خليفو نبي بخش ولد بالاچ خان لغاري، سن 1776ع ۾ ڄائو. کرڙيءَ جي جنگ تي ڪيڏاري لکڻ سبب، کيس سنڌ جو قومي شاعر سڏيو وڃي ٿو. خليفي صاحب جو تعلق ميرپورخاص جي ميرن سان هو. پر پوءِ اهو علائقو ڇڏي موجودہ بدين ضلعي ۾ وڃي ويٺو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب سندس ڪلام گڏ ڪري ’خليفي صاحب جو رسالو‘ عنوان سان 1966ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو هو.
مرزا خسرو بيگ: اصل گرجستان جو هو. ستن سالن جي عمر ۾ قيد ٿي ايران جي سپھہ سالار حاجي محمد ابراهيم وٽ پهتو، جنهن کيس پالي وڏو ڪيو. مير ڪرم علي خان کي اولاد نہ هو، ان جي خواهش تي خسرو بيگ کي، مير صاحب جي وڪيل ملا محمد اسماعيل، حاجي ابراهيم جي اجازت سان سنڌ ۾ آندو. ان وقت سندس عمر پندرهن کن ورهيہ هئي. مير ڪرم علي خان کيس پٽيلو ڪري رکيو ۽ کيس خاص وزير ۽ امير وانگي رکيائين. 1827ع ۾ مير ڪرم علي خان جي وفات کانپوءِ، خسرو بيگ گوشه نشين ٿي ويو. پر پوءِ بہ مير صاحبان کيس گهڻي اهميت ڏيندا رهيا. نيپيئر سان ڳالهين ۾ هن مکيہ ڪردار ادا ڪيو. مياڻيءَ جي جنگ کانپوءِ ميرن سان گڏ کيس بہ قيد ڪيو ويو. پر پوءِ ميرن جي ديرن جي سنڀال لاءِ کيس ڇڏي ڏنائون. هن 1860ع ۾ وفات ڪئي. مرزا صاحب کي چار پٽ ٿيا: سندس اولاد نواب محمد خان ٺوڙهي جي ٽنڊي ۾ رهندو اچي. (قديم سنڌ.... ، ص 225- 226) خسرو بيگ ’محڪ خسروي‘ (فارسي) نالي هڪ ڪتاب تيار ڪيو، جنهن کي ڊاڪٽر فائزه زهرا ميرزا مرتب ڪري ايران مان 2011ع ۾ ڇپرايو آهي. هونئن بہ گرجي مرزائن تي کوڙ مواد ملي ٿو.
امبرت راءِ: مير عبدالله خان جو اعتبار جوڳو منشي هو. جڏهن مدد خان سنڌ تي حملي آور ٿيو، تڏهن الھداد ليکيءَ سان گڏ پيغام رسانيءَ جو ڪم ڪيائين. امبرت بابت وڌيڪ علم ڪونهي ته، هن ميرن جي حڪومت ۾ ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا. (قديم سنڌ......، ص 213)
جيئندل شاھہ: مير نصير خان جي زماني ۾ حيدرآباد جو ڪوٽوال هو. انگريزن جو لشڪر ڪابل ٿي ويو ته، ڪي انگريز حيدرآباد جو شھر ڏسڻ آيا. جيندل شاھہ ان ڏس ۾ جوڳا اپاءَ ورتا.
ديوان گدو مل: ڪلهوڙا دور ۾ سنڌ جي هن لائق سفير، امير ڪبير بابت مناسب مواد پيش ڪيو ويو آهي. جڏهن ڪلهوڙن کانپوءِ ٽالپر آيا، تڏهن انهن وٽ بہ ساڳي عزت لڌائين. ميرن جي پاران دهليءَ ۾ سفير بہ ٿي رهيو. پر غلام علي خان کي هن ۾ دغا جو شڪ پيو. ان جي اشاري سان ڪن ماڻهن کيس سندس گهر ۾ لٺين هڻي ماري ڇڏيو. گدوءَ جو ٽنڊو يا گدو بندر ۽ حيدرآباد ۾ گدواڻي گهٽي سندس نالي جي پٺيان سڏجن ٿا. (قديم سنڌ، .....، ص 223)
سيٺ نائون مل: ڀوڄي مل جو پوٽو ۽ سيٺ هوتچند جو پٽ هو. اصل خداآباد ۾ رهندا هئا، پر پوءِ اچي ڪراچيءَ کي آباد ڪيائون. ڪراچيءَ ۾ رهڻ ڪري سمنڊ ذريعي پرڏيھہ سان واپار ڪيائون. ميرن جي ڏينهن ۾ انگريزن جو لشڪر ڪراچيءَ ۾ لٿو، جيڪو شاھہ شجاع جي مدد لاءِ ڪابل ٿي ويو. ميرن ان لشڪر کي روڪيو، پر نائون مل انگريزن جي مدد ڪئي. انگريزي لشڪر ڪراچيءَ ۾ ڪجهہ ڏينهن ترسيو ۽ پوءِ درياھہ رستي اڳتي وڌيو، تڏهن بہ سيٺ پرڏيهي لشڪر جي مدد ڪئي. انگريزن سنڌ فتح ڪئي تہ سيٺ کي گهڻو مان ڏنائون. کيس سي. ايس. آءِ جو لقب ڏنائون، جيئن شير سنڌ مير شير محمد کي. (قديم سنڌ....... ، ص 228) سيٺ نائون مل پنھنجي يادگيرين ۾ ميرن پاران، سندس خاندان تي ٿيل ظلمن جو داستان پيش ڪيو آهي، جنهن موجب نہ رڳو سيٺ جي والد ’هوتچند‘ جو ختنو ڪرايو ويو ۽ پر کيس نظربند ڪري، مٿس طرحين طرحين جا ظلم ڪيا ويا. انگريزن جي سنڌ جي فتح کانپوءِ نيپيئر بہ سيٺ نائون مل سان زيادتيون ڪيون. فريئر سنڌ جو ڪمشنر ٿي آيو تہ پوءِ سيٺ سان ٿيل بي واجبين جو ازالو ڪيو ويو. سيٺ 1888ع ۾ ديهانت ڪري ويو. (يادگيريون، ترجمو: محمد حنيف صديقي، مختلف صفحا)
هوش محمد شيدي: سنڌ جو لاثاني بھادر شخص هوش محمد شيدي، چون ٿا تہ اصل ۾ حبشي غلام هو. وڏي همت وارو ۽ دلير انسان هو. مير صوبدار خان جو خاص ماڻهو هو. صوبدار چاچن سان بغاوت ڪئي ته، هن سندس طرف کنيو ۽ مدد ڪئي. دُٻي جي جنگ ۾ هن مير شير محمد خان جو ساٿ ڏنو ۽ جنگ ڪندي شھيد ٿي ويو. (قديم سنڌ، ص 230) سندس مزار بابت اختلاف آهن. هڪ راءِ موجب هوش محمد شيديءَ کي انگريزن وڏي فوجي اعزاز سان حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ دفن ڪيو. ٻيءَ راءِ موجب هن جي مزار ’دُٻي‘ جي ميدان جنگ (قبرستان) ديھہ ناريجاڻي، تعلقي حيدرآباد ۾ آهي، جتي مزار ٺهيل آهي، ۽ شھيدن جو قبرستان بہ موجود آهي، جيڪو زرعي زمين ۾ تبديل ٿي ويو آهي. ان قديم قبرستان جي حيدرآباد طرف واري ڇيڙي تي انگريز آفيسرن جو يادگار ٺهيل آهي، جنهن جي ڀرسان ثقافت کاتي ’هوشو شيدي يادگار‘ پڻ ٺهرايو آهي.
ثابت علي شاھہ: مير ڪرم علي خان جي دور جو مشھور مرثيہ گو شاعر ٿي گذريو آهي. اصل ملتان جو هو ۽ پوءِ ڪلهوڙن جي دور ۾ ملتان کان سنڌ ۾ آيو. سيوهڻ ۾ اچي مستقل رهائش اختيار ڪيائين. هن کي ڪلهوڙن ۽ ميرن حاڪمن کان مدد معاش ملندي هئي. سيوهڻ ۾ قلندر جي درگاھہ تي گهڻو ويندڙ هو. عربي ۽ فارسي ٻولين جو اڪابر هو. سنڌي ۽ فارسي زبان ۾ شعر چيائين. ثابت علي شاھہ 1810ع ۾ فوت ٿيو. سندس مقبرو سيوهڻ ۾ آهي. ثابت علي شاھہ اهل تشيع سان تعلق رکندو هو. شعر بہ ان رنگ ۾ چيائين. سندس ڪلام مرزا عباس علي بيگ مرتب ڪري، ڪراچيءَ مان 1984ع ۾ ڇپرايو هو.
آوت راءِ: مير صوبدار خان جو منشي هو. نيپيئر ۽ مير صوبدار وچ ۾ معاملن کي اڳتي وڌائڻ وارو منشي آوت راءِ هو. پر مير صوبدار جي خواهش پوري نہ ٿي سگهي. (قديم سنڌ، ص 213)
آغا اسماعيل شاھہ: اصفهاني سيد هو. قسمت سانگي سنڌ ۾ پهتو. ميرن جو خاص ماڻهو ٿي رهيو. پورا ٻارهن سال ڪابل ۾، ميرن جي پاران سفير ٿي رهيو. (قديم سنڌ، ص 210)
آغا ابراهيم شاھہ: اصل اصفهان جو هو. هن جو والد مير عبدالهادي، اصل ۾ مدراس جي راجا جو حڪيم هو، جو پوءِ ميان نور محمد جي گذارش تي سنڌ موڪليو ويو. عبدالهادي شاھہ جي وفات کانپوءِ سندس پٽ ابراهيم شاھہ معتبر امير ٿي گذريو آهي. هو ٽالپرن جي اعتماد وارو ماڻهو هو. سياست ۽ سفارت ۾ ماهر ٿي گذريو آهي. آغا اسماعيل شاھہ جو ٽنڊو ڦليليءَ جي ڪناري تي آهي، جتي اڄ بہ آغا ابراهيم شاھہ جو اولاد رهي ٿو. (’تڪملھ مقالات الشعراء‘، ص 314)
بھادر خان کوکر: مير مراد علي خان جي دور جو بھادر اڳواڻ ٿي گذريو. جيمس برنس لکي ٿو ته، هڪ ڀيري مير صاحب، مون کي چيو تہ سندس پوئلڳن ۾ بھادر خان سڀ کان زياده بھادر ۽ ممتاز شخص آهي. ان کان سواءِ محمد خان کوکر ۽ خير محمد ٺوڙهو بہ اهميت رکندڙ آهن. (سنڌ جي درٻار، سنڌي ترجمو، ص 90)
آخوند بچل: مٽياري شھر جو هو. ابتدا ۾ مير نصير خان جو استاد هو. پوءِ مير نصير خان جو منشي ۽ صلاحڪار ٿيو. مير نصير جي پٽن ۾ تڪرار ٿيو ته، آخوند بچل انهن کي آئوٽرام ڏانهن وٺي ويو. نتيجي ۾ آئوٽرام ٻنهي ڀائرن: مير شھداد خان ۽ مير حسين علي جي وچ ۾ ٺاھہ ڪرائي ڇڏيو. نيپيئر پاران ميرن تي نئون عهدنامو ڪرڻ لاءِ دٻاءَ پيو. اڪثر ميرن مخالفت ڪئي. ليڪن آخوند بچل ۽ نواب احمد خان لغاري، ٺاھہ جي حمايت ڪئي. (قديم سنڌ، ص 211- 212)
پرتابراءِ منشي: پرتابراءِ، مير صوبدار خان جو خاص منشي هو. جڏهن
سن 1826ع ۾ مير صوبدار، چاچن سان بغاوت ڪئي، تہ پرتابراءِ، مير صوبدار خان جي ڏوڪڙ پئسي ۾ خاص مدد ڪئي. هو اصل ۾ شھدادپور جي ڀرسان لانڍين ۾ رهندو هو. آخر ۾ جلالاڻي ٻروچن هٿان مارجي ويو. (قديم سنڌ، ص 219)
طاهر خدمتگذار: مير غلام علي خان جو خاص امير هو. 1803ع ۾ مير ٺاري ۽ مير غلام علي خان ۾ تڪرار ٿيو ته، طاهر اڳتي مقابلو ڪري مير ٺاري کي شڪست ڏئي، پڪڙي وٺي آيو. ٻين موقعن تي بہ هن خدمتون سرانجام ڏنيون. حيدرآباد ۾ قلعي جي ڀر ۾ طاهر بازار هن جي نالي تي سڏجي ٿي. (قديم سنڌ، ص 221)
فقيرو خدمتگذار: مير غلام علي خان جو خاص درٻاري هو. ڪڇ ۾ ڏڪار پيو، ماڻهن لڏپلاڻ ڪري، سنڌ ۾ اچي ٻار ٻچا وڪيا. مير صاحب فقيري تي ڪم رکيو ته، ڪڇين جي بحالي ۽ مدد ۾ خاص معاون بنجي ڪم ڪري. هن ان ڏس ۾ خوب نباهيو. هڪ مرحلي تي فقيرو خدمتگذار، حيدرآباد جو ڪوٽوال بہ رهيو. (قديم سنڌ، ص 222)
مختيار خان لغاري: مير نصير خان جي اميرن مان هو. هي انگريزن جي سخت خلاف هو. مياڻيءَ جي جنگ ۾ شريڪ رهيو ۽ شڪست کاڌائين. (قديم سنڌ، ص 230)
يوسف خدمتگذار: مير نصيرخان جو خاص ماڻهو هو. چارلس نيپيئر سان آخري صلح لاءِ مرزا خسرو بيگ ۽ غلام علي نظاماڻيءَ سان گڏ يوسف خدمتگذار بہ شامل هو. ڳالهيون ناڪام ٿيون ۽ جنگ ٿي، جنهن ۾ ميرن جي هار ٿي. آخرڪار انگريزن قلعي کي خالي ڪرايو. تڏهن يوسف خدمتگذار، ميرن جي ديرن کي وٺي، ٽنڊي آغا جي ڀرسان ’ٽنڊي يوسف‘ (سندس نالي ۾ ٺهيل) ۾ اچي رهيو. ان دور ۾ کيس وڏي دولت هٿ آئي هئي ۽ هي امير ماڻهو ٿي پيو هو. مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته، پوءِ اها دولت گم ٿي ويس ۽ سندس اولاد بہ غريب مسڪين ٿي رهيو.
(قديم سنڌ، ص 230- 231)
خير محمد ٺوڙهو: نواب خير محمد ۽ خان کوکر'>بھادر خان کوکر دوست هئا ۽ گڏ رهندا هئا. سندن ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو آهي. مير مراد علي خان جي خانگي ڪم جو مختيارڪار هوندو هو. (سنڌ جي درٻار، ص 90)
منشي خوشيرام: ميرن جي سرڪاري لکپڙھہ منشي خوشيرام ڪندو هو. (سنڌ جي درٻار، ص 91، سنڌي ترجمو)
حاجي احمد خدمتگذار: مير فتح علي خان جو خاص امير هو. هڪ موقعي تي ڪڪرالي جي ڄام، فساد ڪيو، تڏهن هي قيصر نظاماڻيءَ سان گڏ ان طرف ويو، ڄام کي شڪست ملي ۽ سندس ڪيترا ماڻهو مارجي ويا. قلعي (پڪي قلعي حيدرآباد) جي قبضي وٺڻ لاءِ، ميرن حاجي احمد خدمتگذار جون خدمتون حاصل ڪيون هيون. قلعي ۾ اڃا ڪلهوڙن جا ديرا رهندا هئا. وڏيءَ مهارت سان پڪو قلعو خالي ڪرائي، ڪلهوڙن جا ٻار ٻچا ڪڍي شالمين شيديءَ هٿان، ميان عبدالنبيءَ ڏانهن جوڌپور موڪلي ڏنائين. (قديم سنڌ، ص 220)
ٽالپرن جي دور جو عام جائزو
ٽالپر مير جيتوڻيڪ سنڌ جي لحاظ کان ڌاريان هئا، البت انهن جو تعلق ديري غازي خان (سنڌو ماٿر) سان هو. ابتدا ۾ هي گهراڻو ڪلهوڙن جي مريديءَ ۾ آيو ۽ پوءِ اورنگزيب جي دور ۾، ٽالپرن کي ملتان جي ناظم معزالدين فوجي ۽ سياسي لحاظ کان اڳتي وڌايو. ڪلهوڙا باضابطه طور تي 1701ع ۾ اتر سنڌ جا حڪمران ٿيا، ۽ پوءِ 1736ع ۾ سموري سنڌ انهن جي قبضي ۾ اچي وئي. تڏهن مير شھداد خان ٽالپر اهم فوجي اڳواڻ بنجي ويو. هن ڪيترن ئي معرڪن ۾ حصو ورتو ۽ سوڀارو ٿيو. بعد ۾ سندس اولاد بہ مکيہ عهدن جو مالڪ بنجي ويو. 1775ع تائين نہ رڳو ٽالپر وڏين وڏين جاگيرن جا مالڪ بنجي ويا، پر اهي اهم شھر تعمير ڪري جدا جدا علائقن ۾، مقامي ماڻهن تي فوقيت رکندڙ بہ ٿي ويا. ان کان سواءِ مکيہ عهدن خاص ڪري اهم فوجي عهدن جا مالڪ بہ بنجي ويا. ميان سرفراز ڪلهوڙي جي دور ۾ ڪلهوڙن جو زوال شروع ٿيو ته، ٽالپرن مزاحمت ڪندي حڪومتي تبديليون بہ ڪرايون تہ ڇڪتاڻ کي بہ وڌايو. نتيجي ۾ ڪي مکيہ ٽالپر فوجي سربراھہ راھہ رباني وٺي چڪا. نيٺ مريد خاندانَ يعني ٽالپر 1783ع ۾ مرشدن يعني ڪلهوڙن جي سامهون ٿيا. هالاڻيءَ جي جنگ ۾ ڪلهوڙن هارايو ۽ ٽالپرن لڙائيءَ ۾ سوڀ حاصل ڪري، سنڌ جي اقتدار تي قبضو ڪيو. ابتدا ۾ ٽالپرن جي پهرئين حاڪم مير فتح علي خان جو تختگاھہ ’خداآباد‘ (هالا) ۽ پوءِ مستقل طور تي ’حيدرآباد‘ شھر رهيو. ٽالپرن سٺ سال (1783- 1843) سنڌ تي راڄ ڪيو. ان دور جي مڪمل تجزيي لاءِ هڪ جدا ڪتاب لکڻ جي ضرورت آهي. ڪجهہ اهم ڳالهين جو ذڪر ڪجي ٿو:
مير ٽالپر مزاج ۾ هڪ ٻئي سان ٺھي هلڻ يا رهڻ لاءِ تيار نہ هئا. سندن ڏاڏو مير شھداد خان وڏو، پنھنجي چاچي مير صوبدار کان ناراض ٿي، اچي ڪلهوڙن وٽ نوڪريءَ ۾ بيٺو، ۽ سندن مذهبي اصول قبول ڪيائين..... جيئن تہ هو ٻروچن جو رئيس هو. ان ڪري ڪيترا ٻروچ ساڻس گڏ سنڌ ۾ رهيا. هي واقعو ٻروچن جو سنڌ ۾ پهريون دفعو بنياد پوڻ جوآهي. (نئين مصر جا پراڻا ورق، ص 378، سنڌي ترجمو) ان پسمنظر ۾ جڏهن ٽالپر سنڌ ۾ تخت ڌڻي بنيا، تڏهن اهي پاڻ ۾ ٺھي راڄ نہ ماڻي سگهيا. مير فتح علي خان ڏاڍي ڪوشش ڪئي تہ سنڌ کي هڪ رياست يا ملڪ طور هلائجي. پر مير سهراب خان ناراض ٿي فاتح سنڌ هجڻ جي دعويٰ ڪئي. لاچار ٿي، ڪلهوڙن جيڪا متحدہ سنڌ اڏي هئي، ان جا سياسي ۽ انتظامي سطح تي سَت حصا ڪيا ويا. چار حصا شهداداڻي سرڪار (حيدرآباد)، ٻہ حصا سهراباڻي سرڪار (خيرپور)، ۽ هڪ حصو ماڻڪاڻي سرڪار (ميرپورخاص) کي مليو ۽ ائين سنڌ ملڪ جو وحدتي ۽ جاگرافيائي نقشو متاثر ٿيو. ان عمل جا وڏا نقصان ٿيا. جڏهن انگريزن سنڌ کي حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته، کين ڪا خاص تڪليف نہ ٿي، ماڻڪاڻي ۽ شهداداڻي سرڪار ۾ وَلِ جي جنگ، مير صوبدار خان جي چاچن سان اڻبڻت ۽ حيدرآباد جي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ نيپيئر جي مدد حاصل ڪرڻ، ۽ خيرپور ۾ سهراباڻين ۾ نااتفاقي، مير علي مراد پاران چارلس نيپيئر جي مدد سان مير رستم کي ڀڄائي، خيرپور تي قبضو ڪرڻ. انهن ڳالهين ۽ گهرو انتشار جو فائدو انگريزن ورتو ۽ 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪيائون. انگريز تہ ان دور ۾ سپر پاور هئا ۽ کين للڪارڻ ڏکيو هو، پر ڀڳوڙا افغان حڪمران بہ ٽالپرن لاءِ، ان ڪري طاقتور هئا، ڇو تہ کين ميرن جي گهرو ويڙھہ جي خبر هئي. ان ڪري شاھہ شجاع بي لشڪر سنڌ ۾ آيو تہ بہ ميرن کي هيسائي، کانئن ڳچ نذرانو وٺي ويندو هو. هڪ ڀيري ڏھہ لک روپيہ (10 لک) ۽ ٻئي ڀيري 12 لک روپيا وٺي پوءِ سنڌ ڇڏيائين. (جنت السنڌ، ص 618، ص 683)
ميرن ٽالپرن جيئن تہ طاقت جي زور تي سنڌ ورتي هئي، ان ڪري سنڌ جي اصل رهاڪن جو نہ وٽن ڪو قدر ۽ نڪا حيثيت هئي. ان ڪري ٽالپرن جي اقتدار ۾ اچڻ تائين ڳچ بلوچ قبيلا سنڌ ۾ داخل ٿي طاقتور بنجي چڪا هئا. مولائي شيدائيءَ پنھنجي ڪتاب ۾ جاگيردارن جون ذڪر ڪندي هيٺيان بلوچ قبيلا ڄاڻايا آهن: عيساڻي، جيئنداڻي، هليلاڻي، مراداڻي، بهاراڻي، گهراماڻي، جيوناڻي، ياراڻي، درياخاني، خاناڻي ۽ آدماڻي. انهن قبيلن کي بہ ٽالپرن جي شاخ سڏيندي لکيو ويو آهي ته، شاهي عزت ۽ قومي وقار کي قائم رکڻ لاءِ مٿين سرڪارن، هنن قبيلن کي وڏيون جاگيرون ۽ عهدا ڏنا هئا. (جنت السنڌ، ص 594) ان کان سواءِ حاجواڻي، سکلاڻي، رند، کوسا، چانگ، لنڊ، بزدار، پتافي، گبول، باگراڻي، بليدي، ڀرڳڙي، جمالي، شهلياڻي، مگسي، لغاري، حاجي زئي مري، نظاماڻي، ڪلمتي ۽ چانڊيا. مقامي قبيلن ۾ رڳو: ڏهرن، جوکين ۽ نومڙين جو ذڪر ملي ٿو، جن کي ٽالپرن جاگيرن ۽ رعايتن جو حقدار سمجهيو. (جنت السنڌ، مختلف صفحا) غير جانبدار لکندڙن موجب ٽالپرن جو دور قبيلائي طرز حڪمراني ۽ فوجي حڪومت جو نمايان نمونو هو. ان پس منظر ۾ سنڌي قبيلا پوئتي پئجي ويا ۽ سنڌ ۾ بلوچ اقتصادي توڙي سياسي لحاظ کان اڄ بہ اڳڀرا آهن.
ميرن ٽالپرن سنڌ کي اقتصادي طرح سان بہ گهڻو نقصان ڏنو. هو اصل ۾ جابلو علائقن مان آيا هئا. انهن کي سنڌ جي زرخيز زمينن، ميدانن ۽ سنڌو درياھہ جي اهميت جي گهٽ خبر هئي. حاڪمن ۽ شهزادن زرخيز زمينن کي ختم ڪري، اتي پنھنجي وندر لاءِ شڪارگاھہ قائم ڪيا. جڏهن مير شڪار لاءِ ويندا هئا ته، وڏي شان مان سان ويندا هئا. سنڌو درياھہ جي ڪنارن سان موجود وڏا وڏا ٻيلا شڪارگاهن ۾ تبديل ڪيا ويا. عام انسانن کي اهو فڪر هو تہ زرعي آبادي گهٽجڻ ڪري، اقتصادي حالتون خراب ٿي رهيون آهن، جنهن جو اثر عام غريب ماڻهن تي پيو ٿي. (سنڌ جي سماجي ۽ ثقافتي تاريخ، اردو، ص 224- 228) تاريخدان ايس. پي ڇٻلاڻي زراعت ۽ آبپاشي نظام جي معاملي ۾ ڪلهوڙن کي وڌيڪ اهميت ڏيندي لکي ٿو ته، ٽالپرن سڄي نظام کي تباھہ ڪري ڇڏيو. ٽالپرن پنھنجي گهرو جڳهڙن جي ڪري ملڪ سڄو ورهائي پتيون ڪري ڇڏيو، ۽ نتيجو اهو نڪتو، جو ملڪ جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي وئي ۽ ان سان گڏ واهن جي انتظام تي بہ ڪنهن ڌيان نہ ڏنو... ايڇ. ٽي. ليمبرڪ موجب سنڌ ۾ ڪيئي نصير واھہ آهن، جي هر هڪ ضلعي ۾ ’مير واھہ‘ جي نالي سان وهن ٿا. ميرن جي زماني ۾ کوٽايل واهن جو انداز ڪافي ميلن ۾ هوندو. (سنڌ جي اقتصادي تاريخ، ص 39-40) نامور آبپاشي ماهر ايم. ايڇ. پنهور بہ ٽالپرن جو ذڪر ڪندي نہ ته، انهن جي آبپاشي نظام کان متاثر آهي، ۽ نہ وري زراعت جي مقدار مان. سندس لِکت موجب: انهيءَ بي ڌيانيءَ کان سواءِ مير ۽ سندن جاگيردار شڪار جا ديوانا هئا. ان شغل ڪارڻ زرعي پيداوار ڏيندڙ ڀلي ٻنيءَ جي وڏن وڏن ٺڪرن تي رَکَ ڪرائي، انهن کي ٻيلا بنائي ڇڏيندا هئا. ان ڪري 1843ع يعني ميرن جي خاتمي تائين پوک هيٺ ايراضي گهٽجي 09 لک ايڪڙ زمين وڃي بيٺي، ۽ انساني آبادي اٽڪل 14 لک. البت هن ڏس ۾ ڌار ڌار لکندڙن، الڳ الڳ انگ ڏنا آهن، جن ۾ گهڻو فرق ڪونهي. (سنڌ جي ريجاڻي تاريخ جا ڇھہ هزار سال، ص 218) جڏهن تہ هر مؤرخ آبپاشي نظام توڙي زراعت ۽ انساني واڌ جي حوالي سان، ميرن جي ڀيٽ ۾ ڪلهوڙن جي تعريف ڪري ٿو.
ميرن جي دور ۾ ڪي نوان شھر بہ وجود ۾ آيا، جن کي ’ٽنڊا‘ سڏيو ويو. ٽنڊي جو مفهوم سمجهائيندي لکيو ويو آهي ته، ڪنهن مکيہ ماڻهوءَ جو ٻڌايل شھر. ننڍو شھر يا ننڍو ڳوٺ (جامع سنڌي لغات، جلد ٻيو، ص 694) [اصل ۾ ٽنڊا ڄڻ تہ مقامي ڇانوڻيون هئا، جتي ڪنهن مکيہ ماڻهوءَ جي فوج رهندي هئي، ڇو تہ ٽالپرن وٽ منظم فوج نہ هئي.] هن دور ۾ اڪثر ٽنڊا وجود ۾ آيا، انهن مان ڪي هي آهن: ٽنڊو باگو، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو ڄام، ٽنڊو مستي خان، ٽنڊو قيصر، ٽنڊو آغا، ٽنڊو ٺوڙهو ۽ ٽنڊو يوسف وغيرہ.
جيئن تہ ميرن متحد سنڌ تي حڪومت نہ ڪئي. ان ڪري انهن تعمير ۽ ترقيءَ جا ڪي روشن مثال بہ نہ ڇڏيا. البت ميرن جي لاءِ ’رني ڪوٽ‘ جي تعمير جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. جڏهن تہ اڪثر محقق هن راءِ کي رد ڪن ٿا. البت ’ميري ڪوٽ‘ ۽ ’شير ڳڙھہ‘، جيڪي هن ڪوٽ ۾ اندر آهن ۽ ننڍا آهن، انهن جي تعمير ميرن جي دور ۾ ٿي. اهي ٻہ ننڍا قلعا بہ دفاعي نه، پر شڪار جي مقصد سان اڏيا ويا هئا. ان کان سواءِ ميرن ٿر ۾ بہ ڪي ڪوٽ قلعا جوڙايا. نئون ڪوٽ، علي ڳڙھہ (چيلهار)، اسلام ڳڙھہ (اسلام ڪوٽ)، ۽ فتح ڳڙھہ (مٺيءَ جي ڏکڻ- اولھہ ۾). وقت گذرڻ سان اهي ختم بہ ٿي ويا. (سروپچندر شاد جو مضمون، ڇپيل رسالو ’مهراڻ‘) مير ڪرم علي خان جي وفات 1828ع ۾ ٿي. هن جي ميت کي حيدرآباد شھر جي اولھہ اتر پاسي هڪ ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو. فن تعمير جي لحاظ کان هن مقبري جي وڏي واکاڻ ڪئي وئي آهي. حڪمران جي حيثيت ۾ ميرن جي حاصلات اها آهي ته، ميان عبدالنبيءَ جي دور ۾ عمرڪوٽ ۽ ڪراچي، سنڌ جي حدن مان نڪري چڪا هئا، پر ٽالپرن همت ڪري اهي شھر يا علائقا جوڌپور ۽ قلات کان واپس وٺي، سنڌ جي حاڪميت ۾ شامل ڪيا. ان کان سواءِ طويل عرصي کان شڪارپور افغانن جي قبضي ۾ هو. ان کي بہ حاصل ڪري سنڌ ۾ شامل ڪيو ويو.
رابرٽ ليچ جي حوالي سان ايس. پي. ڇٻلاڻي، ٽالپرن جي فوج جا انگ اکر ڏنا آهن: شھاڻي 1100، جوکيا 6000، رند 3000، مزاري 500، پندگ 500، کٽياڻ 1000، ڇلگري 500، نومڙيا 7000، چانڊيا 8000، لغاري 14000، جلالاڻي 4000، مري 7000، نظاماڻي 16000، جمالي 900، الڪاڻي 1000، گبول 1500، کوسا 1800، بگ 1000، ڀرڳڙي 800، باگراڻي 1000، ٽالپر 2200، گاڏهي 700، بڙدي 1800، لاشاري 2000، ڪرمتي 4000، ڊومبڪي 8000. ڇٻلاڻي صاحب ميرن جي فوج جو تعداد 1,04,400 ڏنو آهي. (سنڌ جي اقتصادي تاريخ، انگريزي، ضميمو سي) جڏهن تہ ڪتاب جي سنڌي ڇاپي ۾ هي انگ 1,04,400 ڏسڻ ۾ اچي ٿو. (ساڳيو ڪتاب، سنڌي ڇاپو، ص 266) حقيقت ۾ ساڳيو انگ 1,03,400 درست بيهي ٿو. سنڌ جي لشڪر جو تعداد ۽ قبيلن جا نالا، ڏيکارين ٿا ته، ٽالپر اصل سنڌين کي ڪيتري اهميت ڏيندا هئا، ۽ بلوچن لاءِ ڪيترو اعتبار ۽ اعتماد هوندو هو.
جڏهن 1843ع ۾ ’مياڻي‘ جي فيصله ڪن جنگ ٿي، تڏهن نومڙين ۽ جوکين تہ هنن جو ساٿ نہ ڏنو، البت چانڊين بہ ٽالپرن جي مدد کان ڪن لاٽار ڪئي. هڪ مصنف موجب: جيئن لوور سنڌ ۾ جوکين ۽ نومڙين انگريزن جو طرف ورتو هو، تيئن اپر سنڌ ۾ چانڊين جو سردار جنهن کي ٽالپرن سان روايتي دشمني هئي، سو انگريزن سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو. (جنت السنڌ، ص 734) ٽالپرن جي جنگ (مياڻي) بہ دنيا جي مثالي ويڙھہ آهي. نيپيئر وٽ ٻہ هزار اٺ سؤ سپاهي، ۽ ٻارهن عدد توبون هيون. بلوچي لشڪر وٽ ٻاويھہ هزار ۽ پندرهن توبون هيون. 17 فيبروري 1843ع تي ٿيل جنگ صرف ٽي ڪلاڪ هلي. انگريزن جا 27 سپاهي ۽ ڪجهہ آفيسر ماريا ويا، جڏهن تہ ٽالپري فوج جا پنج هزار جانباز ڪم آيا. ڊاڪٽر مبارڪ علي ٽالپرن جي دور ۾ لکيل، سنڌ بابت ڪتابن کي سامهون رکي، هن دور جي سماجي ۽ ثقافتي تاريخ تيار ڪئي آهي، جنهن ليکڪ پنجون باب ’انتظاميہ ۽ حڪومت‘ جي عنوان سان لکيو آهي. ان حڪومت جو نمونو، بجيٽ، محصول، فوج، پوليس، انصاف، ماپ تور جو نظام، انتظامي عهديدار ۽ ڳوٺاڻو انتظام وغيره، جهڙن عنوانن تي خوب روشني وڌي آهي. (ص 229- 246) مير حاڪم خود علم ادب ۽ خاص ڪري، فارسي شعر ۽ شاعريءَ جا سُخندان هئا. سندن نالي ۾ مثنويون، غزل، قصا ۽ داستان وغيرہ ملن ٿا. ابراهيم خليل ٺٽويءَ ’تڪملھ مقالات الشعراء‘ ۾ تفصيل ڏنا آهن. هي ڪتاب انگريزن جي دور ۾ لکيو ويو ۽ پير حسام الدين راشديءَ جي سعيي سان ڇپجي چڪو آهي. ليڪن افسوس تہ هن دور ۾ نہ تہ مير علي شير قانع پيدا ٿيو ۽ نہ وري مخدوم محمد معين ۽ محمد هاشم جھڙا وڏا عالم!
مجموعي طرح سان ميرن جي دور لاءِ، تاريخن ۾ ڪي روشن لفظ نٿا ملن. ماڻهو سندن راڄ مان بيزار هئا. تڏهن تہ صوفي صادق فقير چيو تہ:
حيدرآباد ۾ هل ٿيو، رَت وهي ٿي ريل،
ڀُورا اچي ڀَيل، ساري سنڌ صديق چوي!
(سنڌي ادب، ترجمو، ص 65)
(مواد تيار ڪندڙ: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو)
ميرن جي زوال ۽ شڪست جا ڪارڻ: سنڌ جي تاريخ شاهد آهي تہ وقت جي حاڪمن جي شڪست جي باوجود سنڌي قوم مجموعي طرح شڪست قبول نہ ڪئي آهي، ۽ فاتحن سان وقت بہ وقت اٽڪندي ۽ ويڙهون ڪندي رهي آهي. پر سنڌي ماڻهن جي ان تاريخي ڪردار ۽ روايت ۾ ميرن جي شڪست کانپوءِ وڏي تبديلي ۽ وڏو ڦيرو آيل ڏسجي ٿو. ميرن جي زوال ۽ شڪست جي ڪارڻن ۾ ان تبديليءَ جو بہ وڏو هٿ آهي. مجموعي طرح ان تبديليءَ جا سبب ۽ ميرن جي زوال جا ڪارڻ هيٺيان ٿي سگهن ٿا:
(1) هن دور جي معيشيت ۽ معاشرو بنيادي طور جاگيرداراڻو هو. ان کان اڳ سنڌ ۾ واپاري طبقو بہ وجود ۾ اچي چڱا پير کوڙي چڪو هو ۽ جاگيرداري معيشيت سان گڏ هلڪي نيم صنعتي دور جي شروعات ٿيڻ لڳي هئي. سنڌي هندو واپاري، ٻاهرين ملڪن مان واپار وسيلي دولت ميڙي سنڌ ۾ آڻيندا هئا. پوين ڪلهوڙن ۽ سندن جاءِ نشين ٽالپر حڪمرانن جي دور ۾ واپاري ۽ جاگيردار طبقي جا مفاد ٽڪراءَ جي صورت اختيار ڪري ويا. واپاري طبقي کي هيسائڻ ۽ ختم ڪرڻ لاءِ جاگيردارن، ڍلن، محصولن ۽ مذهبي اختلافن جا حربا ڪم آڻڻ شروع ڪيا. واپاري طبقو ايڏو سگهارو نہ هو ۽ اڪثريت هندن جي هئي، جن سان ميرن جي بيجا روش جي ڪري ننڍين صنعتن جو زوال شروع ٿي ويو ۽ معيشيت وري زرعي معيشيت ڏانهن وڌڻ لڳي. واپاري طبقو ان صورتحال ۾ مڪمل طور ختم تہ نہ ٿي ويو هو، پر پسمنظر ۾ ڌڪجي ضرور ويو هو ۽ جاگيردار سان ٽڪر کائڻ لاءِ موقعي جي تلاش ۾ هو، پر اوچتو انگريز سامراج جي دخل اندازيءَ ان امڪان کي بہ رد ڪري ڇڏيو.
(2) ميرن جو ڪاروهنوار ۽ طرز عمل سڄو نسلي ۽ قبائلي قسم جو هو. هنن ملازمتن ۽ فوج ۾ صرف پنھنجي نسل جي ماڻهن کي اهميت ڏني، ۽ سنڌ ۾ آڳاٽن آباد قبيلن کان زمينون، جائدادون، جاگيرون ۽ عهدا کسي، سندن حوالي ڪيا ويا.
(3) سنڌ جي واپاري ڪلاس جي ضرورت ۽ اهميت کان ڪن لاٽار ڪري، ميرن انگريزن کي سنڌ ۾ واپار ڪرڻ جي کلي اجازت ڏئي ڇڏي، نتيجي طور مقامي واپاري طبقو ڪمزور ٿي ختم ٿيڻ لڳو، جنهن ۾ گهڻائي سنڌي هندن جي هئي ۽ اهي بہ ميرن جي ان انگريز نواز رويي جي ڪري سندن خلاف ٿي ويا.
(4) ٽالپرن جو راڄ وڏيءَ حد تائين شخصي راڄ هو، سندن خاص دلچسپي زراعت ۽ صنعت، واپار جي بدران شڪار ڪرڻ ۽ خزاني کي ڳرين ڍلن ۽ محصولن سان ڀرڻ ۾ وڃي رهي هئي.
(5) سنڌ ۾ موجود اڪثريت مقامي ذاتين جي هئي، جن کي راڄداريءَ جي ڪمن ۾ ڪا بہ اهميت نہ ڏني وئي. ان کانسواءِ ايراني اثر هيٺ ’شيعا مسلڪ‘ حاوي رهيو، جنهنڪري اڪثريت کانئن ڪٽيل رهي. نتيجي طور مقامي ماڻهن ۾ ميرن لاءِ ڪا بہ همدردي باقي نہ رهي.
(6) انگريزن کي بيجا رعايتون ڏئي، کين سموري حڪومتي ڪاروبار ۽ انتظام کان واقف ڪيو ويو، ان حد تائين جو انگريز، ميرن جي ذاتي ۽ گهرو اختلافن ۽ ’فوجي سگهہ‘ کان بہ خبروار ٿي ويا.
(7) مير ٺاري ۽ مير غلام عليءَ جا کل جھڙا جهيڙا، مير رستم خان، مير علي مراد خان ۽ مير صوبدار خان جا اختلاف، مير صوبدار ۽ نائون مل جون غداريون ۽ انگريزن سان ساٿ ڏيڻ جا واقعا بہ ميرن جي زوال جو اهم ڪارڻ هئا.
(8) ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ جي وحدت بحال هئي ۽ ٻاهرين حملن کان سنڌ کي ڪنهن حد تائين نجات ملي هئي، اهڙيءَ حڪومت جو ميرن هٿان خاتمو پڻ سنڌي ماڻهن جي نظر ۾ ميرن جو جرم هو.
(9) ميرن جي مذهبي پاليسيءَ پڻ هندو مسلم اڪثريتي عوام کي ناراض ڪيو هو ۽ ماڻهن ۾ ميرن لاءِ عوامي همدردي ختم ٿي وئي هئي.
(10) ميرن جي مقابلي ۾ انگريزن وٽ جديد هٿيار ۽ جديد جنگي حڪمت عملي هئي، جنهن سنڌي ماڻهن کي مرعوب ڪري ڇڏيو هو، ڇو تہ ميرن، مخصوص قبيلن کان سواءِ ٻي عام رعيت کي فوجي ڀرتيءَ جي لائق ئي نہ سمجهيو هو، ان ڪري اهي جنگي فن کان محروم رهيا.
(11) آخري وقت ۾ مير انگريزن جا محتاج بنجي چڪا هئا، ايتري قدر جو محصول بہ انگريزن جي مرضيءَ سان مقرر ٿيندو هو ۽ سنڌو درياھہ ۾ ٻين سوداگرن جي اجازت بہ انگريز ڏيندا هئا.
(12) سنڌي ماڻهو صدين جي جنگين ۽ مزاحمت سبب ڪنهن حد تائين ٿڪجي چڪا هئا، ان کان سواءِ ٽالپر حڪمرانن جو عوام سان ڪنهن بہ قسم جو ويجهو لاڳاپو نہ هو، ان ڪري بہ عوام ميرن جي حڪومت کي بچائڻ لاءِ ڪو ڪردار ادا نہ ڪيو.
مطلب تہ ڪمزور سياسي ۽ اقتصادي نظام ۽ عوام کان ڪٽيل رهڻ سبب ميرن کي شڪست حاصل ٿي ۽ تاريخ جي مختصر ترين جنگ اندر سنڌي لشڪر هزارن جي تعداد ۾ مارجي ويو ۽ مير حڪمران، انگريزن جي آڏو پيش پيا.
وڌيڪ ڏسو : سنڌ ۾ انگريزن جو دور حڪومت
سنڌ ۾ انگريزن جو دور حڪومت