گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سڪرنڊ
سڪرنڊ جي هڪ مِل
سڪرنڊ (تعلقو - شهر): ضلعي نوابشاهه (شهيد بينظير آباد) جو هڪ تعلقو ۽ شهر آهي، جيڪو تعلقي جو هيڊڪوارٽر آهي. هي ڪراچي لاهور شاهراهه تي نوابشاهه کان 16 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. سڪرنڊ قدامت جي لحاظ کان وڏي اهميت جو حامل آهي، موهن جي دڙي ۽ آمريءَ جي دڙن کانپوءِ هن تعلقي جا قديم دڙا ’چانهيون دڙو‘ ۽ ’ٻوهيون دڙو‘ آهن. هي دڙا تعلقي سڪرنڊ جي سکپور اسٽيشن کان اوڀر طرف ڳوٺ جمال ڪيرئي ڀرسان واقع آهن. هن دڙي جي ايراضي 29 ايڪڙ ۽ اوچائي 50 فوٽ آهي.
ڊاڪٽر پٿاوالا پنهنجي مضمون ’هسٽاريڪل جاگرافي آف سنڌ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”ڊاڪٽر ميڪيءَ جي راءِ موجب هن دڙي جي تاريخ موهن جي دڙي کان ڪجھه پوءِ شروع ٿي، شهر ۾ گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو طريقو موهن جي دڙي وانگر آهي. کوهه هڪ ئي قطار ۾ آهن، هتان موتين ۽ مڻين جو واپار ٻاهرين ملڪن سان هلندو هو. هتان جي کوٽائيءَ مان مليل چٽيل ٿانو سنڌ جي ٻين حصن ۽ بلوچستان جي لڌل ٿانون جهڙا آهن. هتان قديم مهرون Copper ۽ Bronze جا ماڊل، ڍڳي گاڏي وغيره مليا آهن. تاريخي دور کان اڳ رانديڪا، ماتا ديويءَ جو مجسمو، گيري ۽ نانگ جا بت، مڏيون ڪهاڙيون به هٿ آيون آهن. اهي شيون ڪريٽ Crete مينن ڪلچر Manion Culture جي اثر جي نشاندهي ڪن ٿيون. ان مان ثابت آهي ته قديم زماني ۾ هتي هڪ وڏو شهر آباد هو ، جنهن جو ڏيساور سان واپار هلندو هو. ڊاڪٽر پٿاولا هن شهر جي تباهيءَ جو ڪارڻ درياهي ٻوڏ ٻڌايو آهي. اهڙيءَ طرح تاريخ جي مختلف دورن ۾ به هن تعلقي جو ذڪر ملي ٿو.
سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ دليل ديري کان اولهه طرف ٻه دڙا ’لڌهار‘ جي نالي سان مشهور آهن. روايت آهي ته چنيسر سومري جي چرچ تي جڏهن سلطان علاؤالدين خلجي، دودي سومري سان جنگ ڪرڻ جي خيال سان هتان اچي لانگھائو ٿيو ته رات جي منزل اتي اچي ڪئي هئائين. سڪرنڊ شهر جي ڏکڻ ۾ ’شهيد جيئو جنگ‘ جو مقبرو ۽ قبرستان آهي. ان بزرگ متعلق به روايت آهي ته جڏهن علاؤالدين جو لشڪر سڪرنڊ جي ڍنڍ کان اچي لانگھائو ٿيو هو ته هن ’شڪر ڍنڍ‘ مان فوجي لشڪر کي پاڻي پيئڻ نه ڏنو، نتيجي طور جنگ لڳي ۽ هي بزرگ ساٿين سميت شهيد ٿي ويو. انهن روايتن ذريعي هن تعلقي جو قديم تاريخ سان تسلسل ملي ٿو. سيد ابوظفر ندويءَ پنهنجي ڪتاب ’تاريخ سنڌ‘ (اردو) ۾ هن علائقي کي لاکا، سما پرڳڻو سڏيو آهي، جو برهمڻ آباد صوبي جي هٿ هيٺ هو. محمد بن قاسم برهمڻ آباد کان سيوهڻ ويندي هن پرڳڻي جي شهر ساوندي (ساوڙي) ويجھو ڏنڊا ڏنڊ جي ماٿري ’ڪربهار‘ ۾ ترسيو هو، اتي ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ هئا ۽ ٻڌڌرم جو هڪ ٺُل اڄ به موري تعلقي ۾ موجود آهي ۽ ’مير رڪن جو ٺل‘ سڏجي ٿو.
مير عظيم الدين ٺٽويءَ جي ڪتاب ’فتح نامه‘ موجب سڪرنڊ شهر تي سڪرنڊ جو نالو ’شڪر ڍنڍ‘ (مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ) تان پيو، سنڌ جي پهرئين ٽالپر حڪمران مير فتح علي خان ٽالپر هڪ ڀيري شڪار سانگي هن ڍنڍ تي اچي منزل ڪئي. کيس هن ڍنڍ جي بيهڪ ۽ منظر موهي وڌو ۽ ڍنڍ جي وچ واري ٻيٽاريءَ تي هڪ شاندار محل ٺهرايائين، جنهن ۾ پاڻ ۽ سندس ڀائر وقت بوقت اچي رهندا هئا. جنهن بعد هن سڪرنڊ جي موجوده پراڻي شهر جي چوڌاري هڪ قلعو ٺهرايو ۽ شهر جو نالو پنهنجي نالي پٺيان ’فتح آباد‘ رکايو. ان جو ذڪر مير حسن علي خان پنهنجي ڪتاب ’شاهه نامه سنڌ‘ عرف ڪلهوڙن جي هار ۾ پڻ ڪيو آهي.
نوجوان محقق ماڻڪ ملاح جي تحقيق موجب سڪرنڊ، سنڌ جو وچولي ساهتي پرڳڻي جو قديمي شهر آهي، جيڪو نوابشاهه ضلعي (هاڻي بينظيرآباد) ۾ اچي وڃي ٿو. سڪرنڊ جي نالي بابت مختلف روايتن موجب ڪنهن سڪرنڊ کي هڪ ’مهاڻي‘ جو نالو سڏيو آهي. ڪنهن هن شهر کي سِڪ سان تشبيهه ڏيندي ’سڪ + رنڊ‘ جو ميلاپ ڪوٺيو آهي ته ڪنهن هڪ سک عورت ۽ سکر جهڙن نالن سان شهر کي ’سک + رانڊ‘ جي نسبت سان ظاهر ڪيو آهي. ڪن وري ’سڪاريو‘، ’سڪريو‘ نالي ميربحر جو ذڪر ڪندي ’سڪر ڍنڍ‘ يا ’سکر ڍنڍ‘ يعني سکي ستابي ڍنڍ جي نسبت سان نروار ڪيو آهي. ڪن وري ميرن جي دور سان لاڳاپو رکندڙ عظيم الدين ٺٽويءَ جي لکيل فارسي ڪتاب ’فتح نامه سنڌ‘ ۾ ذڪر هيٺ آيل ’شڪر گنج ڪولاب‘ يا ’شڪر دهنده‘ جو بگڙيل نالو ڪوٺيو آهي. هي ڍنڍ ميرن جي صاحبيءَ جي چئي وڃي ٿي. عظيم الدين ٺٽويءَ لکيو آهي ته مير فتح علي خان ٽالپر جي حڪم تي ’شڪردهنده‘ جي وچ ۾ هڪ عاليشان پٿرائون محل به جوڙيو ويو هو ۽ هن ڍنڍ جو پاڻي مٺو هئڻ ڪري ان کي ’شڪر ڍنڍ‘ (مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ) سڏيو ويندو هو.
تحقيق موجب سڪرنڊ جي ڏاکڻي جهوليءَ ۾ هڪ ڍنڍ هوندي هئي. ان ڍنڍ جو عروج ۽ زوال سڪرنڊ سان لاڳاپيل تليءَ ۽ مياڻ ڳوٺن جي ملاحن جي اکين آڏو گذريو آهي.
سڪرنڊ جي اولهه طرف سنڌو درياهه کي بچاءُ بند ٻَڌڻ کانپوءِ به هن ڍنڍ ۾ پاڻي اچڻ بند نه ٿيو. 1953ع تائين هي ڍنڍ پاڻيءَ سان تاروتار هوندي هئي.
مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي ڪتاب ’معيار سالڪان طريقت‘ فارسي قلمي (عڪس، برٽش ميوزيم برطانيه) ص 218 تي سڪرنڊ بابت اصل فارسي عبارت هن ريت ملي ٿي:
’ملا ساند بزرگي معروف وقت، قرب کولاب سکرنڊ،
زميني وسيع بنامش نامي اولادي، کثير دارد‘
هن عبارت ۾ ڪولاب سڪرنڊ ڄاڻايو ويو آهي. ’ڪولاب سڪرنڊ‘ (سڪرنڊ جي ڍنڍ) لفظ آهي، جنهن مان خبر پوي ٿي ته اهو نالو ميرن جي دور جو ’شڪر ڍنڍ‘ نه آهي. سڪرنڊ واري علائقي ۾ چوطرف ڍورا، ڍوريون، ڍنڍون، واهه ۽ تليون موجود رهيون آهن. سنڌوءَ جون الهڙ ڇوليون هن علائقي جي هيٺين علائقن کي ڀري ڇڏينديون هيون.
ٻئي طرف هندو ڌرم، ٻڌمت ۽ گرونانڪ جي مڃيندڙ لوڪن جا يادگار علائقا- ڪالاڙو، ڀراڙو، دڌ، ڇن ۽ ٻاٺو پڻ هن علائقي ۾ موجود آهن. گرونانڪ جي گرنٿ ۽ ٻاڻي سنڪريڍ (دل لڳي يا کلندڙ)، اڪرندڙ (روئڻ ۽ ٻاڏائڻ)، مڪرند (گلن جي رس)، سڪرند (عمدي ماکيءَ جو مانارو، ڳتيل) جهڙا نالا ملن ٿا، جن مان اندازو ٿئي ٿو ته هي علائقو هندو ڌرم، ٻڌمت ۽ خاص ڪري گرونانڪ جي پوئلڳن جو پڻ علائقو هو.
سڪرنڊ شهر جي وچ واري حصي ۾ سکن جو قديم گردوارو موجود هو، جنهن جي قدامت واري سر ۽ ڪشادي هوادار عمارت هندستان ۾ بابري مسجد وارن فسادن واري وقت نوازشريف جي دور ۾، سڪرنڊ جي اردو ۽ پنجابي آباديءَ جي شرپسندن ۽ مهراڻ ڪالونيءَ جي ٻروچن ڊاهي پٽ ڪري ڇڏي هئي. سڪرنڊ ۾ اهي قديم اهڃاڻ ٻُڌائين ٿا ته پراڻي سڪرنڊ وارو دور سنڌي سکن/ هندن جي رهائش ۽ پوڄا پاٺ جو قديمي مرڪز هو. ان جي ساک ان جاءِ تي موجود صديون پراڻي پپر جي وڻ جو ٿُڙ ۽ پراڻي گدامڙيءَ جو وڻ اڄ به ڏئي رهيا آهن. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ايندڙ هندو ۽ سک ياتري اڄ به هن وڻ جي ڇوڏن ۽ پنن کي عقيدت مان کڻي ويندا آهن. هتي هڪ قديمي سماڌي ’گروءَ‘ جي نالي سان آهي، جنهن کي عام ماڻهو جهنڊي وارو پير به چون ٿا. هندو ڌرم جا پوئلڳ اڄ به اتي ڪبيرداس جا دوها ۽ گـُر ٻاڻي ڳائيندا آهن. گرونانڪ جي ٻاڻيءَ ۾ ’سڪرند‘ گلن جي رس کي چيو ويو آهي. هنديءَ ۾ ’س‘ معنيٰ عمدو، اعليٰ، سٺو ۽ ڪرند معنيٰ ماکيءَ جي ماناري جهڙو ڳتيل، ان ڪري سڪرنڊ، ’س + ڪرنڊ‘ جو ميلاپ به ٿي سگهي ٿو، جنهن جي معنيٰ ڪشادو، عمدو، پاڪ، سٺي پاڻيءَ، خوشين سان ڀرپور ماکيءَ جي مانري جهڙو ڳتيل وسندڙ ماڳ/ شهر ٿي سگهي ٿو.
سڪرنڊ تعلقي ۾ ميرن جي وقت جو هڪ ڪچو قلعو دليل ديرو اڄ سوڌو سڪرنڊ-نوابشاهه روڊ تي موجود آهي. هن گول ڪوٽ جي ايراضي اٺن ايڪڙن تي مشتمل آهي. ڪوٽ جي ڀت جي ويڪر 22 فوٽ ۽ اوچائي سٺ فوٽ آهي. قلعي کي ٻارنهن مورچا آهن، قلعي جون ديوارون ايتريون مضبوط ۽ ويڪريون آهن، جو ديوارن تي ٻه بيل گاڏيون هڪ ئي وقت هلي سگھن ٿيون.
1843ع ۾ انگريزن سنڌ ملڪ کي قبضي ۾ آندو، سنڌ ملڪ جي سروي ڪري سنڌ کي انتظامي لحاظ کان ٽن ضلعن ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ضلعن ۾ ورهايو ويو، 1845ع ۾ سڪرنڊ کي حيدرآباد ضلعي جي تعلقي جي حيثيت ڏني وئي ۽ تعلقي جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو.
سڪرنڊ شهر ڇهه چورس ميلن ۾ پکڙيل آهي. هن شهر جي آبادي لڳ ڀڳ پنجويهه هزار آهي. پڊعيدن لائين، ٽنڊي آدم ريلوي سيڪشن تي هڪ اهم ريلوي جنڪشن هن شهر ۾ هئي، جيڪا اڄ ڦٽي وئي آهي. آر. ڪي ٽيڪسٽائل ملز ۽ ٽلي ٽيڪسٽائيل ملز هتي جا اهم صنعتي ادارا رهيا آهن. ٻين ننڍين صنعتن ۾ اٽو پيهڻ، برف ٺاهڻ ۽ ڪپهه ٽاڻڻ جون صنعتون شامل آهن. هتي ٻيلي کاتي جا ٻه ريسٽ هائوس به تعمير ڪيا ويا آهن. هتي عوامي تفريح لاءِ شاهه نور سينيما آهي. سڪرنڊ ۾ ٽائون ڪميٽي، چار بوائز اسڪول، پرائمري اسڪول ۽ گرلس مڊل اسڪول، بوائز هاءِ اسڪول، ڪاٽن ريسرچ انيسٽيٽيوٽ، زرعي تربيتي ادارو (هاڻي يونيورسٽي) قائم آهي. سڪرنڊ تعلقي جي قاضي احمد شهر ۾ ’ناز باغ‘ مشهور آهي، جيڪو شاليمار باغ لاهور جي نموني ٺهيل آهي. هن تعلقي ۾ محرابپور، دليل ديرو، لاکا، دڙو مگسي، صابو راهو، ڄام ڏاتار، خان چانڊيو'>پنهل خان چانڊيو، مجيد ڪيريو، شادي خان چانڊيو، پير ذاڪري ۽ ٻيا ڪيترائي اهم ڳوٺ ۽ شهر آباد آهن.
ايم. آر. ڊي سانحو پڻ هن تعلقي سان واسطو رکي ٿو، جنهن دوران چانڊين جي چڱي مڙس ۽ سماج سڌارڪ پنهل خان چانڊيي ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ قبيلي راڄ ۽ آس پاس جي ڳوٺن، واهڻ ۽ وستين جي ماڻهن سان تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ مانائتو ڪردار ادا ڪيو. جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ 29 ڊسمبر 1983ع تي ڳوٺ پنهل خان چانڊيي جي سامهون سڪرنڊ کان چوٿين ميل وٽ، نيشنل هاءِ وي وٽ ڌرڻو هنيو. ان دوران فوجين پاران ڌرڻو هڻندڙن تي گوليون هلايون ويون، جنهن ۾ 16 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. هن واقعي ۾ شهيد ٿي ويلن ۾ ٺـارو چانڊيو، رجب چانڊيو، علي شيـر چـانڊيـو، غلام مصطفى چانڊيو، پير بخش چانڊيو، محمد عرس چانڊيو، صديق چانڊيو، گلاب چانڊيو، محمد هاشم خاصخيلي، محمد رمضان خاصخيلي، جانب خاصخيلي، ميرل خاصخيلي، علي گل خاصخيلي، الله رکيو سولنگي، محبوب سولنگي ۽ حسين بخش مڱڻهار شامل هئا، جڏهن ته رئيس پنهل چانڊيي ۽ غلام عباس چانڊئي سميت ڪيترن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
سڪرنڊ شهر واپار جي حوالي سان تمام گھڻي اهميت رکي ٿو،
تعلقي سڪرنڊ جي مشهور سياستدانن ۾ سيد امداد محمد شاهه (مرحوم)، سيد شبير احمد شاهه (مرحوم)، حاڪم علي زرداري (مرحوم)، انڙ '>علي نواز انڙ (مرحوم)، رئيس غلام نبي رند (مرحوم)، غلام عباس چانڊيو، بشير احمد شاهه، غلام قادر چانڊيو، غلام رسول انڙ، امير احمد چانڊيو (مرحوم)، سيد زين شاهه، سيد منير شاهه، سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. اديبن ۾ مير محمد پيرزادو، خاڪي جويو، عبدالرحمان منگيو (مرحوم)، تاج جويو، محمد صديق منگيو، ڊاڪٽر عبدالرسول قادري، خادم حسين چانڊيو، سونو خان ملاح (مرحوم)، ولڻ ملاح (مرحوم)، ساحر راهو، ماڻڪ ملاح، امان الله راهو، رحمت پيرزادو، سائل پيرزادو، مٺل ملاح (مرحوم)، اسحاق سومرو، معشوق ڌاريجو، مشتاق سومرو، روشن ظفر راهو، اصغر تنها، ثناءُ الله خاصخيلي (مرحوم)، علي خان چانڊيو (مرحوم)، سرور ڪيريو ۽ ٻيا قابل ذڪر آهن.