
گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سڪرنڊ

سڪرنڊ جي هڪ مِل
سڪرنڊ (تعلقو - شھر): ضلعي نوابشاھہ (شھيد بينظير آباد) جو هڪ تعلقو ۽ شھر آهي، جيڪو تعلقي جو هيڊڪوارٽر آهي. هي ڪراچي لاهور شاهراھہ تي نوابشاھہ کان 16 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. سڪرنڊ قدامت جي لحاظ کان وڏي اهميت جو حامل آهي، موهن جي دڙي ۽ آمريءَ جي دڙن کانپوءِ هن تعلقي جا قديم دڙا ’چانهيون دڙو‘ ۽ ’ٻوهيون دڙو‘ آهن. هي دڙا تعلقي سڪرنڊ جي سکپور اسٽيشن کان اوڀر طرف ڳوٺ جمال ڪيرئي ڀرسان واقع آهن. هن دڙي جي ايراضي 29 ايڪڙ ۽ اوچائي 50 فوٽ آهي.
ڊاڪٽر پٿاوالا پنھنجي مضمون ’هسٽاريڪل جاگرافي آف سنڌ‘ ۾ لکي ٿو تہ: ”ڊاڪٽر ميڪيءَ جي راءِ موجب هن دڙي جي تاريخ موهن جي دڙي کان ڪجهه پوءِ شروع ٿي، شھر ۾ گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو طريقو موهن جي دڙي وانگر آهي. کوھہ هڪ ئي قطار ۾ آهن، هتان موتين ۽ مڻين جو واپار ٻاهرين ملڪن سان هلندو هو. هتان جي کوٽائيءَ مان مليل چٽيل ٿانو سنڌ جي ٻين حصن ۽ بلوچستان جي لڌل ٿانون جھڙا آهن. هتان قديم مهرون Copper ۽ Bronze جا ماڊل، ڍڳي گاڏي وغيرہ مليا آهن. تاريخي دور کان اڳ رانديڪا، ماتا ديويءَ جو مجسمو، گيري ۽ نانگ جا بت، مڏيون ڪهاڙيون بہ هٿ آيون آهن. اهي شيون ڪريٽ Crete مينن ڪلچر Manion Culture جي اثر جي نشاندهي ڪن ٿيون. ان مان ثابت آهي تہ قديم زماني ۾ هتي هڪ وڏو شھر آباد هو ، جنهن جو ڏيساور سان واپار هلندو هو. ڊاڪٽر پٿاولا هن شھر جي تباهيءَ جو ڪارڻ درياهي ٻوڏ ٻڌايو آهي. اهڙيءَ طرح تاريخ جي مختلف دورن ۾ بہ هن تعلقي جو ذڪر ملي ٿو.
سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ دليل ديري کان اولھہ طرف ٻہ دڙا ’لڌهار‘ جي نالي سان مشھور آهن. روايت آهي تہ چنيسر سومري جي چرچ تي جڏهن سلطان علاؤالدين خلجي، دودي سومري سان جنگ ڪرڻ جي خيال سان هتان اچي لانگهائو ٿيو تہ رات جي منزل اتي اچي ڪئي هئائين. سڪرنڊ شھر جي ڏکڻ ۾ ’شھيد جيئو جنگ‘ جو مقبرو ۽ قبرستان آهي. ان بزرگ متعلق بہ روايت آهي تہ جڏهن علاؤالدين جو لشڪر سڪرنڊ جي ڍنڍ کان اچي لانگهائو ٿيو هو تہ هن ’شڪر ڍنڍ‘ مان فوجي لشڪر کي پاڻي پيئڻ نہ ڏنو، نتيجي طور جنگ لڳي ۽ هي بزرگ ساٿين سميت شھيد ٿي ويو. انهن روايتن ذريعي هن تعلقي جو قديم تاريخ سان تسلسل ملي ٿو. سيد ابوظفر ندويءَ پنھنجي ڪتاب ’تاريخ سنڌ‘ (اردو) ۾ هن علائقي کي لاکا، سما پرڳڻو سڏيو آهي، جو برهمڻ آباد صوبي جي هٿ هيٺ هو. محمد بن قاسم برهمڻ آباد کان سيوهڻ ويندي هن پرڳڻي جي شھر ساوندي (ساوڙي) ويجهو ڏنڊا ڏنڊ جي ماٿري ’ڪربهار‘ ۾ ترسيو هو، اتي ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ هئا ۽ ٻڌڌرم جو هڪ ٺُل اڄ بہ موري تعلقي ۾ موجود آهي ۽ ’مير رڪن جو ٺل‘ سڏجي ٿو.
مير عظيم الدين ٺٽويءَ جي ڪتاب ’فتح نامہ‘ موجب سڪرنڊ شھر تي سڪرنڊ جو نالو ’شڪر ڍنڍ‘ (مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ) تان پيو، سنڌ جي پهرئين ٽالپر حڪمران مير فتح علي خان ٽالپر هڪ ڀيري شڪار سانگي هن ڍنڍ تي اچي منزل ڪئي. کيس هن ڍنڍ جي بيهڪ ۽ منظر موهي وڌو ۽ ڍنڍ جي وچ واري ٻيٽاريءَ تي هڪ شاندار محل ٺهرايائين، جنهن ۾ پاڻ ۽ سندس ڀائر وقت بوقت اچي رهندا هئا. جنهن بعد هن سڪرنڊ جي موجودہ پراڻي شھر جي چوڌاري هڪ قلعو ٺهرايو ۽ شھر جو نالو پنھنجي نالي پٺيان ’فتح آباد‘ رکايو. ان جو ذڪر مير حسن علي خان پنھنجي ڪتاب ’شاھہ نامہ سنڌ‘ عرف ڪلهوڙن جي هار ۾ پڻ ڪيو آهي.
نوجوان محقق ماڻڪ ملاح جي تحقيق موجب سڪرنڊ، سنڌ جو وچولي ساهتي پرڳڻي جو قديمي شھر آهي، جيڪو نوابشاھہ ضلعي (هاڻي بينظيرآباد) ۾ اچي وڃي ٿو. سڪرنڊ جي نالي بابت مختلف روايتن موجب ڪنهن سڪرنڊ کي هڪ ’مهاڻي‘ جو نالو سڏيو آهي. ڪنهن هن شھر کي سِڪ سان تشبيھہ ڏيندي ’سڪ + رنڊ‘ جو ميلاپ ڪوٺيو آهي تہ ڪنهن هڪ سک عورت ۽ سکر جهڙن نالن سان شھر کي ’سک + رانڊ‘ جي نسبت سان ظاهر ڪيو آهي. ڪن وري ’سڪاريو‘، ’سڪريو‘ نالي ميربحر جو ذڪر ڪندي ’سڪر ڍنڍ‘ يا ’سکر ڍنڍ‘ يعني سکي ستابي ڍنڍ جي نسبت سان نروار ڪيو آهي. ڪن وري ميرن جي دور سان لاڳاپو رکندڙ عظيم الدين ٺٽويءَ جي لکيل فارسي ڪتاب ’فتح نامہ سنڌ‘ ۾ ذڪر هيٺ آيل ’شڪر گنج ڪولاب‘ يا ’شڪر دهنده‘ جو بگڙيل نالو ڪوٺيو آهي. هي ڍنڍ ميرن جي صاحبيءَ جي چئي وڃي ٿي. عظيم الدين ٺٽويءَ لکيو آهي تہ مير فتح علي خان ٽالپر جي حڪم تي ’شڪردهنده‘ جي وچ ۾ هڪ عاليشان پٿرائون محل بہ جوڙيو ويو هو ۽ هن ڍنڍ جو پاڻي مٺو هئڻ ڪري ان کي ’شڪر ڍنڍ‘ (مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ) سڏيو ويندو هو.
تحقيق موجب سڪرنڊ جي ڏاکڻي جهوليءَ ۾ هڪ ڍنڍ هوندي هئي. ان ڍنڍ جو عروج ۽ زوال سڪرنڊ سان لاڳاپيل تليءَ ۽ مياڻ ڳوٺن جي ملاحن جي اکين آڏو گذريو آهي.
سڪرنڊ جي اولھہ طرف سنڌو درياھہ کي بچاءُ بند ٻَڌڻ کانپوءِ بہ هن ڍنڍ ۾ پاڻي اچڻ بند نہ ٿيو. 1953ع تائين هي ڍنڍ پاڻيءَ سان تاروتار هوندي هئي.
مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي ڪتاب ’معيار سالڪان طريقت‘ فارسي قلمي (عڪس، برٽش ميوزيم برطانيہ) ص 218 تي سڪرنڊ بابت اصل فارسي عبارت هن ريت ملي ٿي:
’ملا ساند بزرگي معروف وقت، قرب کولاب سکرنڊ،
زميني وسيع بنامش نامي اولادي، کثير دارد‘
هن عبارت ۾ ڪولاب سڪرنڊ ڄاڻايو ويو آهي. ’ڪولاب سڪرنڊ‘ (سڪرنڊ جي ڍنڍ) لفظ آهي، جنهن مان خبر پوي ٿي تہ اهو نالو ميرن جي دور جو ’شڪر ڍنڍ‘ نہ آهي. سڪرنڊ واري علائقي ۾ چوطرف ڍورا، ڍوريون، ڍنڍون، واھہ ۽ تليون موجود رهيون آهن. سنڌوءَ جون الهڙ ڇوليون هن علائقي جي هيٺين علائقن کي ڀري ڇڏينديون هيون.
ٻئي طرف هندو ڌرم، ٻڌمت ۽ گرونانڪ جي مڃيندڙ لوڪن جا يادگار علائقا- ڪالاڙو، ڀراڙو، دڌ، ڇن ۽ ٻاٺو پڻ هن علائقي ۾ موجود آهن. گرونانڪ جي گرنٿ ۽ ٻاڻي سنڪريڍ (دل لڳي يا کلندڙ)، اڪرندڙ (روئڻ ۽ ٻاڏائڻ)، مڪرند (گلن جي رس)، سڪرند (عمدي ماکيءَ جو مانارو، ڳتيل) جھڙا نالا ملن ٿا، جن مان اندازو ٿئي ٿو تہ هي علائقو هندو ڌرم، ٻڌمت ۽ خاص ڪري گرونانڪ جي پوئلڳن جو پڻ علائقو هو.
سڪرنڊ شھر جي وچ واري حصي ۾ سکن جو قديم گردوارو موجود هو، جنهن جي قدامت واري سر ۽ ڪشادي هوادار عمارت هندستان ۾ بابري مسجد وارن فسادن واري وقت نوازشريف جي دور ۾، سڪرنڊ جي اردو ۽ پنجابي آباديءَ جي شرپسندن ۽ مهراڻ ڪالونيءَ جي ٻروچن ڊاهي پٽ ڪري ڇڏي هئي. سڪرنڊ ۾ اهي قديم اهڃاڻ ٻُڌائين ٿا تہ پراڻي سڪرنڊ وارو دور سنڌي سکن/ هندن جي رهائش ۽ پوڄا پاٺ جو قديمي مرڪز هو. ان جي ساک ان جاءِ تي موجود صديون پراڻي پپر جي وڻ جو ٿُڙ ۽ پراڻي گدامڙيءَ جو وڻ اڄ بہ ڏئي رهيا آهن. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ايندڙ هندو ۽ سک ياتري اڄ بہ هن وڻ جي ڇوڏن ۽ پنن کي عقيدت مان کڻي ويندا آهن. هتي هڪ قديمي سماڌي ’گروءَ‘ جي نالي سان آهي، جنهن کي عام ماڻهو جهنڊي وارو پير بہ چون ٿا. هندو ڌرم جا پوئلڳ اڄ بہ اتي ڪبيرداس جا دوها ۽ گـُر ٻاڻي ڳائيندا آهن. گرونانڪ جي ٻاڻيءَ ۾ ’سڪرند‘ گلن جي رس کي چيو ويو آهي. هنديءَ ۾ ’س‘ معنيٰ عمدو، اعليٰ، سٺو ۽ ڪرند معنيٰ ماکيءَ جي ماناري جهڙو ڳتيل، ان ڪري سڪرنڊ، ’س + ڪرنڊ‘ جو ميلاپ بہ ٿي سگهي ٿو، جنهن جي معنيٰ ڪشادو، عمدو، پاڪ، سٺي پاڻيءَ، خوشين سان ڀرپور ماکيءَ جي مانري جهڙو ڳتيل وسندڙ ماڳ/ شھر ٿي سگهي ٿو.
سڪرنڊ تعلقي ۾ ميرن جي وقت جو هڪ ڪچو قلعو دليل ديرو اڄ سوڌو سڪرنڊ-نوابشاھہ روڊ تي موجود آهي. هن گول ڪوٽ جي ايراضي اٺن ايڪڙن تي مشتمل آهي. ڪوٽ جي ڀت جي ويڪر 22 فوٽ ۽ اوچائي سٺ فوٽ آهي. قلعي کي ٻارنهن مورچا آهن، قلعي جون ديوارون ايتريون مضبوط ۽ ويڪريون آهن، جو ديوارن تي ٻہ بيل گاڏيون هڪ ئي وقت هلي سگهن ٿيون.
1843ع ۾ انگريزن سنڌ ملڪ کي قبضي ۾ آندو، سنڌ ملڪ جي سروي ڪري سنڌ کي انتظامي لحاظ کان ٽن ضلعن ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ضلعن ۾ ورهايو ويو، 1845ع ۾ سڪرنڊ کي حيدرآباد ضلعي جي تعلقي جي حيثيت ڏني وئي ۽ تعلقي جي پيڙھہ جو پٿر رکيو ويو.
سڪرنڊ شھر ڇھہ چورس ميلن ۾ پکڙيل آهي. هن شھر جي آبادي لڳ ڀڳ پنجويھہ هزار آهي. پڊعيدن لائين، ٽنڊي آدم ريلوي سيڪشن تي هڪ اهم ريلوي جنڪشن هن شھر ۾ هئي، جيڪا اڄ ڦٽي وئي آهي. آر. ڪي ٽيڪسٽائل ملز ۽ ٽلي ٽيڪسٽائيل ملز هتي جا اهم صنعتي ادارا رهيا آهن. ٻين ننڍين صنعتن ۾ اٽو پيهڻ، برف ٺاهڻ ۽ ڪپھہ ٽاڻڻ جون صنعتون شامل آهن. هتي ٻيلي کاتي جا ٻہ ريسٽ هائوس بہ تعمير ڪيا ويا آهن. هتي عوامي تفريح لاءِ شاھہ نور سينيما آهي. سڪرنڊ ۾ ٽائون ڪميٽي، چار بوائز اسڪول، پرائمري اسڪول ۽ گرلس مڊل اسڪول، بوائز هاءِ اسڪول، ڪاٽن ريسرچ انيسٽيٽيوٽ، زرعي تربيتي ادارو (هاڻي يونيورسٽي) قائم آهي. سڪرنڊ تعلقي جي قاضي احمد شھر ۾ ’ناز باغ‘ مشھور آهي، جيڪو شاليمار باغ لاهور جي نموني ٺهيل آهي. هن تعلقي ۾ محرابپور، دليل ديرو، لاکا، دڙو مگسي، صابو راهو، ڄام ڏاتار، خان چانڊيو'>پنھل خان چانڊيو، مجيد ڪيريو، شادي خان چانڊيو، پير ذاڪري ۽ ٻيا ڪيترائي اهم ڳوٺ ۽ شھر آباد آهن.
ايم. آر. ڊي سانحو پڻ هن تعلقي سان واسطو رکي ٿو، جنهن دوران چانڊين جي چڱي مڙس ۽ سماج سڌارڪ پنھل خان چانڊيي ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ قبيلي راڄ ۽ آس پاس جي ڳوٺن، واهڻ ۽ وستين جي ماڻهن سان تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ مانائتو ڪردار ادا ڪيو. جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ 29 ڊسمبر 1983ع تي ڳوٺ پنھل خان چانڊيي جي سامهون سڪرنڊ کان چوٿين ميل وٽ، نيشنل هاءِ وي وٽ ڌرڻو هنيو. ان دوران فوجين پاران ڌرڻو هڻندڙن تي گوليون هلايون ويون، جنهن ۾ 16 ڄڻا شھيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. هن واقعي ۾ شھيد ٿي ويلن ۾ ٺـارو چانڊيو، رجب چانڊيو، علي شيـر چـانڊيـو، غلام مصطفى چانڊيو، پير بخش چانڊيو، محمد عرس چانڊيو، صديق چانڊيو، گلاب چانڊيو، محمد هاشم خاصخيلي، محمد رمضان خاصخيلي، جانب خاصخيلي، ميرل خاصخيلي، علي گل خاصخيلي، ﷲ رکيو سولنگي، محبوب سولنگي ۽ حسين بخش مڱڻهار شامل هئا، جڏهن تہ رئيس پنھل چانڊيي ۽ غلام عباس چانڊئي سميت ڪيترن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
سڪرنڊ شھر واپار جي حوالي سان تمام گهڻي اهميت رکي ٿو،
تعلقي سڪرنڊ جي مشھور سياستدانن ۾ سيد امداد محمد شاھہ (مرحوم)، سيد شبير احمد شاھہ (مرحوم)، حاڪم علي زرداري (مرحوم)، انڙ '>علي نواز انڙ (مرحوم)، رئيس غلام نبي رند (مرحوم)، غلام عباس چانڊيو، بشير احمد شاھہ، غلام قادر چانڊيو، غلام رسول انڙ، امير احمد چانڊيو (مرحوم)، سيد زين شاھہ، سيد منير شاھہ، سيد غلام مصطفيٰ شاھہ ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. اديبن ۾ مير محمد پيرزادو، خاڪي جويو، عبدالرحمان منگيو (مرحوم)، تاج جويو، محمد صديق منگيو، ڊاڪٽر عبدالرسول قادري، خادم حسين چانڊيو، سونو خان ملاح (مرحوم)، ولڻ ملاح (مرحوم)، ساحر راهو، ماڻڪ ملاح، امان ﷲ راهو، رحمت پيرزادو، سائل پيرزادو، مٺل ملاح (مرحوم)، اسحاق سومرو، معشوق ڌاريجو، مشتاق سومرو، روشن ظفر راهو، اصغر تنها، ثناءُ ﷲ خاصخيلي (مرحوم)، علي خان چانڊيو (مرحوم)، سرور ڪيريو ۽ ٻيا قابل ذڪر آهن.