شامي سيد احمد خالد

شامي، سيد احمد خالد: علامہ سيد احمد خالد شاميرح طرابلس (شام) ۾ ڄائو. سندس تعلق ڪرد گهراڻي سان هو ۽ سندس نسب جو سلسلو شاھہ بربر سان وڃي ملي ٿو. مشھور عربي ڪتاب ’ردالمختار‘ جو مصنف مفتي اعظم شامي علامہ سيد محمد امين بن عابدينرح سندس ناني جو ڀاءُ هو. هي بزرگ عالم حرمين شريفين وڃي حج ڪرڻ سان گڏ ترڪي، ايران ۽ افغانستان جو سفر ڪري هندستان تائين وڃي پهتو. سفر دوارن هر جاءِ تي عالمن ۽ طريقت جي مشائخن سان ملندو رهيو. ترڪستان ۾ ڪو وقت عبدالحميد شاھہ ترڪ جو مهمان ٿي رهيو. مصر ۾ جامعہ الازهر (قاهره) جي علمائن سان ملاقاتون ڪيائين، مسقط جي حاڪم رئيس، ڪافي وقت سندس خدمت ڪئي. علامہ شامي رحه هندستان جي شهرن: پاڻيپٽ، علي ڳڙھہ، آگري، لکنؤ، بريلي شريف، اجمير شريف، پيلي پٽ، رامپور، ٽونڪ، ڀوپال، بنارس بمبئي، ڪلڪتي، زنگون، حيدرآباد دکن کان سواءِ ڪشمير، لاهور، سنڌ ۽ بلوچستان جو خوب سفر ڪيو. بريليءَ ۾ مولانا احمد رضا خان بريلويءَ سان مليو. سنڌ ۾ سفر دوران علامہ شاميءَ جي علم، فضل ۽ ڪرامتن کان متاثر ٿي ڪيترائي سنڌي عالم سندس مريد ٿيا. سندس خليفو احمد يار خان لکي ٿو تہ: سنڌ جا برک عالم ۽ بزرگ حضرت خواجہ غلام صديق ۽ سندس وڏو ڀاءُ مولانا گل محمد شهدادڪوٽي، شاميءَ کان گهڻو متاثر هو ۽ سندس معرفت علامہ عبدالغفور همايونيءَ سان سندس ملاقات ٿي، جنهن کيس عقيدت جي نظر سان ڏٺو. علامہ شامي 1352ھہ/ 2 ڊسمبر 1933ع ڌاري بمبئيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.12.02  عيسوي

علامه شامي 1352هه/ 2 ڊسمبر 1933ع ڌاري بمبئيءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄام ابراهيم سمو
ابوالبقا
شيخ عبدالرحيم سنڌي
شجاع حبشي
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
بدر ڌامراهو
اوستو سچيڏنو
ابوالحسن
شعيب ملڪ
جمعو فقير جوڙ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون