شامي، سيد احمد خالد: علامه سيد احمد خالد شاميرح طرابلس (شام) ۾ ڄائو. سندس تعلق ڪرد گهراڻي سان هو ۽ سندس نسب جو سلسلو شاهه بربر سان وڃي ملي ٿو. مشهور عربي ڪتاب ’ردالمختار‘ جو مصنف مفتي اعظم شامي علامه سيد محمد امين بن عابدينرح سندس ناني جو ڀاءُ هو. هي بزرگ عالم حرمين شريفين وڃي حج ڪرڻ سان گڏ ترڪي، ايران ۽ افغانستان جو سفر ڪري هندستان تائين وڃي پهتو. سفر دوارن هر جاءِ تي عالمن ۽ طريقت جي مشائخن سان ملندو رهيو. ترڪستان ۾ ڪو وقت عبدالحميد شاهه ترڪ جو مهمان ٿي رهيو. مصر ۾ جامعه الازهر (قاهره) جي علمائن سان ملاقاتون ڪيائين، مسقط جي حاڪم رئيس، ڪافي وقت سندس خدمت ڪئي. علامه شامي رحه هندستان جي شهرن: پاڻيپٽ، علي ڳڙهه، آگري، لکنؤ، بريلي شريف، اجمير شريف، پيلي پٽ، رامپور، ٽونڪ، ڀوپال، بنارس بمبئي، ڪلڪتي، زنگون، حيدرآباد دکن کان سواءِ ڪشمير، لاهور، سنڌ ۽ بلوچستان جو خوب سفر ڪيو. بريليءَ ۾ مولانا احمد رضا خان بريلويءَ سان مليو. سنڌ ۾ سفر دوران علامه شاميءَ جي علم، فضل ۽ ڪرامتن کان متاثر ٿي ڪيترائي سنڌي عالم سندس مريد ٿيا. سندس خليفو احمد يار خان لکي ٿو ته: سنڌ جا برک عالم ۽ بزرگ حضرت خواجه غلام صديق ۽ سندس وڏو ڀاءُ مولانا گل محمد شهدادڪوٽي، شاميءَ کان گهڻو متاثر هو ۽ سندس معرفت علامه عبدالغفور همايونيءَ سان سندس ملاقات ٿي، جنهن کيس عقيدت جي نظر سان ڏٺو. علامه شامي 1352هه/ 2 ڊسمبر 1933ع ڌاري بمبئيءَ ۾ وفات ڪئي.
1933.12.02 عيسوي
علامه شامي 1352هه/ 2 ڊسمبر 1933ع ڌاري بمبئيءَ ۾ وفات ڪئي.