شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي درگاهه
سُئي قندر جي مقام ۾ شاهه لطيف جي ڀائرن جون تربتون
سُئي قندر جي مقام ۾ شاهه لطيف جي ناني عرس فقير ۽ سندس خاندان جي ڪن ٻين فردن جون خسته حال تربتون
سُئي قندر جي مقام لڳ شاهه حبيب جي حويلي جا آثار
تمر فقير جي مزار
شاهه جي سماع واري جاءِ
شاهه لطيف جو تعمير ڪرايل شاهه ڪريم جو روضو
شاهه جو چرغو، دنبورو ۽ ٻيو سامان
شاهه لطيف جي سمهڻ جو ڪمرو
شاهه جي روضي جو چانديءَ وارو دروازو
شاهه جي تربت جي ڪلنگي
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح: شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو اهو سدا حيات شاعر آهي، جيڪو ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. شاهه صاحب نه صرف سنڌ، پاڪستان بلڪ دنيا جو تمام وڏو عالم، شاعر، مدبر ۽ مفڪر هو. سندس ڪلام، فڪر ۽ فن، زبان ۽ ادب جي ڪيترن ئي خوبين سان مالا مال آهي. سندس عظمت ۽ شهرت جو وڏي ۾ وڏو سبب سندس اساسي ۽ ڪلاسيڪي شاعري آهي، جنهن ۾ سندس ڏات جو نور سنڌي سماج کي روشن ڪندو رهيو آهي. شاهه صاحب جي ڪلام ۾ سنڌ جي ثقافت، ٻولي ۽ تاريخ جو املهه خزانو توڙي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن جو عڪس موجود آهي. شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ذريعي انسانذات کي محبت، ڀائيچاري، امن، ايڪي، سِڪَ، پريت، محنت، جدوجهد، ديانتداري، اعليٰ انساني ۽ اخلاقي قدرن جو پيغام ڏنو ۽ ڏاڍ، ڏهڪاءُ، ظلم، ناانصافي، ڪوڙ، ڪُپت، دغا، دوکي، مڪر ۽ فريب جي مخالفت ۽ نفي ڪئي آهي.
شاهه عبداللطيف، سنڌ سان لاڳاپيل هر موضوع کي پنهنجي ڪلام ۾ بيان ڪيو آهي. سنڌي ماڻهن جي مزاج، مذهب، تهذيب ۽ ڪِرت ڪاروبار وغيره جي عڪاسي ڪئي آهي. سندس زندگي، اسلام جي اعليٰ اصولن ۽ قدرن جو نمونو رهي آهي. هن سان سفر ۽ حضر ۾ گڏ رهڻ دوران ڪتابن ۾ قرآن شريف، مثنوي مولانا روم ۽ بيان العارفين [شاهه ڪريم جي ملفوظات ۽ شاعريءَ جو ڪتاب] شامل هئا. انهن بنيادي ماخذن کان سواءِ مٿس حضرت علي عليه السلام جي تعليمات [نهج البلاغه ۽ ديوان عليعه]، منصور حلاج [ديوان منصور] ۽ ٻين صوفي ۽ ويدانتي شاعرن ۽ سنتن جو اثر به هو. اُهي اثر شاهه صاحب جي ڪلام ۾ واضح ملن ٿا. ايران جي نامور بزرگ، عالم ۽ شاعر مولانا جلال الدين روميءَ ( جلال الدين رومي ) جي مثنويءَ بابت مولانا عبدالرحمان جاميءَ لکيو آهي ته:
مثنوي و مولوي و معنوي،
هست قرآن در زبان پهلوي.
[يعني مولانا روميءَ جي مثنوي اصل ۾ پهلوي [فارسي] زبان ۾ ستن قرآنن جي برابر آهي]
اهڙيءَ طرح شاهه صاحب جي ڪلام متعلق به جيڪڏهن چئجي ته شاهه جو رسالو به سنڌيءَ ۾ قرآن پاڪ جي آيتن جو ترجمو ۽ تفسير آهي. ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. خود شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ بابت چيو آهي ته:
جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهينِ،
نيو من لائينِ، پريان سندي پار ڏي!
(سهڻي 12/10)
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي ڪلام متعلق سنڌ جي وڏي عالم ۽ شاعر مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ چيو آهي ته:
آهي عبداللطيف تي، رضامندو رحمان،
جوڙي جنهن قرآن، سنڌيءَ ۾ صحيح ڪئو!
شاهه صاحب جو ڪلام نه رڳو سنڌ، پر سڄي انسانيت جي قيمتي موڙي آهي. سنڌ واسين ۽ سنڌ ڌرتيءَ کي ڀٽائيءَ تي ناز ۽ فخر آهي.
شاهه عبداللطيف رح جو شجرو ۽ خانداني حالات: شاهه صاحب جو تعلق سنڌ جي مٽياري سيدن [متعلوي ساداتن] جي ڪريم پوٽا خاندان سان آهي. ‘ڪريم پوٽا’ اصل ۾ مٽياري ساداتن جي وڏي پاڙي ‘جراڙ پوٽا’ جي شاخ آهن. جراڙ پوٽا هن خاندان جي وڏي سيد جراڙ يعني سيد جلال جي نالي سان سڏجن ٿا، جيڪو سيد شرف الدين جو پٽ هو. ان ڪري جراڙ پوٽا سادات ’شرف پوٽا‘ به سڏبا آهن. مٽياري سيدن جو وڏو ڏاڏو سيد مير علي هراتي هو. شاهه صاحب جو خانداني شجرو هن ريت بيان ڪيو وڃي ٿو: شاهه عبداللطيف پٽ شاهه حبيب پٽ سيد عبدالقدوس پٽ جمال شاهه پٽ عبدالڪريم شاهه پٽ سيد لعل محمد شاهه پٽ سيد عبدالمومن شاهه پٽ سيد هاشم پٽ سيد حاجي شاهه پٽ سيد جلال محمد عرف جراڙ شاهه پٽ سيد شرف الدين پٽ سيد مير علي شاهه پٽ سيد حيدر شاهه پٽ سيد مير علي شاهه هراتي پٽ سيد محمد شاهه شيرازي پٽ سيد حسن شاهه پٽ سيد علي پٽ سيد يوسف شاهه پٽ سيد حسين شيرازي پٽ سيد ابراهيم شاهه پٽ سيد علي جواري پٽ سيد حسين الاڪبري شيرازي پٽ سيد جعفر شاهه پٽ حضرت امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام. (وڌيڪ ڏسو: ‘شاهه حبيب’ جو احوال)
شاهه لطيف جو شجرو حضرت امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام سان ملي ٿو. انهيءَ ڪري پاڻ ‘ڪاظمي سيد’ پڻ سڏجن ٿا. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو تعلق ‘ڪريم پوٽا’ پاڙي سان هو. اُن شاهه ڪريم کي اٺ پٽ هئا ۽ خانداني طرح شاهه ڪريم، شاهه صاحب جو تڙ ڏاڏو هو. شاهه ڪريم جو پٽ جمال شاهه پنهنجي پيءُ جي ڏينهن ۾ مٽياريءَ ۽ هالن طرف گهاريندو هو، جتي ڀاڳين جي واهر ۾ شهيد ٿي ويو. (وڌيڪ ڏسو احوال: ‘شاهه حبيب’)
جمال شاهه جو اولاد سندس شهادت کانپوءِ مٽياريءَ مان لڏي اچي بلڙيءَ ۾ پنهنجي ڏاڏي شاهه ڪريم وٽ رهيو. جمال شاهه جي پٽن مان سيد عبدالقدوس وڏو عابد ۽ صوفي درويش هو ۽ هن اُتي ئي وفات ڪئي ۽ کيس بلڙيءَ ۾ دفن ڪيو ويو. سيد عبدالقدوس کي ٻه پٽ شاهه حبيب ۽ عبدالرشيد نالي هئا، انهن ٻنهي مان ‘شاهه حبيب’ کي دينداري ۽ درويشي ورثي ۾ ملي. ڪريم پوٽن ۾ شاهه حبيب جو سڀني کان مان ۽ شان مٿانهون هو ۽ شاهه عبداللطيف جو والد هو. سيد شاهه حبيب جي اعليٰ اخلاق، فيض، فضيلت ۽ فقر جو شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جي تربيت توڙي طبيعت تي تمام گهرو اثر هو. شاهه حبيب شاعر به هو، جنهن جو ذڪر شاهه حبيب جي احوال ۾ اچي ويو آهي.
شاهه حبيب پنهنجي والد جي زندگيءَ ۾ ڪجهه وقت مٽياريءَ ۾ رهيو، جتي مائٽن مان شادي ڪيائين. اها سندس پهرين شادي هئي، جنهن بابت ڪا ڄاڻ نه ٿي ملي ته هن مٽياري سيدن جي ڪهڙي پاڙي مان شادي ڪئي هئي؛ البت ايترو ضرور معلوم ٿئي ٿو ته شاهه حبيب مائٽن سان ڪنهن تڪرار سبب، پنهنجي عزيز درويش سيد هاشم شاهه جي چوڻ تي مٽياريءَ وارو ماڳ ڇڏي ڏنو. هن بيبيءَ مان کيس هڪ پٽ ۽ ٻيءَ روايت موجب ٻه پٽ ٿيا، جن جا نالا جمال شاهه ۽ مصري شاهه هئا. شاهه حبيب ٻي شادي ڏيرن فقيرن مان ڪئي، ٻنهي گهرن مان کيس اولاد ٿيو. ٻئي گهر مان شاهه عبداللطيف رح سميت کيس ٽي ٻار پيدا ٿيا ۽ شاهه عبداللطيف جي هڪ سڳي ڀيڻ ‘بيبي بتول’ جو به ذڪر ملي ٿو، جنهن کي ادب وچان ‘بيبي راڻي ’ ۽ ‘بيبي سردار’ به سڏيندا هئا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق موجب: ٽکڙ مان مليل شجري موجب جمال شاهه جو پٽ ڪريم ڏنو ٿيو، جنهن جو ڪو به پٽ جمال شاهه نالي سان نه هو. البت ٻين شجرن مان مليل ڄاڻ موجب ان جو پٽ جمال شاهه جي نالي سان هو، جيڪو شاهه عبداللطيف رح جي رحلت بعد گادي نشين ٿيو. ان کان سواءِ مير عبدالحسين سانگيءَ، شاهه حبيب جي ٻن نياڻين جو به ذڪر ڪيو آهي، جن جي شادي شاهه حبيب جي ڏينهن ۾ ئي ٿي هئي. انهن مان هڪ مٽياري سيدن جي ‘موسيٰ’ پاڙي ۾ ڏنل هئي ته ٻي سمهباڻي پاڙي ۾ ڏنل هئي. ڊاڪٽر بلوچ جي تصديق موجب: شاهه حبيب جي هڪ نياڻي سيد موسيٰ جي ڀاءُ سيد عيسى جي اولاد ‘عيسى پوٽن’ جي پاڙي مان محمد حافظ شاهه جي پُٽ کي پرڻايل هئي. مگر شجرن توڙي زباني روايتن مان اِن ڳالهه جي پڪي ثابتي نٿي ملي ته شاهه حبيب جي ڪا نياڻي سمهباڻين ۾ ڏنل هئي. سمهباڻي سيد سيد سمهبه پٽ عبدالوالي پٽ دين محمد پٽ شاهه ڪريم جو اولاد آهن. سيد سمهبه کي چار پٽ هئا: عبدالرحمان، عبدالحڪيم، بهارو ۽ ابوالفتح. جيڪڏهن شاهه حبيب جي نياڻي سمهباڻين ۾ ڏنل هئي ته ان دؤر جي اندازي موجب سمهبه شاهه جي ڪنهن پٽ کي ڏنل هوندي. [والله اعلم باالصواب]
شاهه عبداللطيف رح جي ولادت: روايت آهي ته شاهه حبيب اولاد جهڙي نعمت کان محروم هو، جنهنڪري ڪنهن ڪامل ولي الله درويش کان دعا گهريائين. صوفي درويش وراڻيس ته: “توکي پُٽ ٿيندو، ۽ اُهو زماني جو قطب ٿيندو، پر سندس نالو عبداللطيف رکجان.” ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تحقيق ڪندي، اُن درويش جو نالو ‘سيد هاشم شاهه’ ڄاڻايو آهي، جيڪو سندس ويجهو مائٽ ۽ خود ‘جراڙ پوٽا’ پاڙي مان هو. ستت ئي شاهه حبيب کي هڪ پُٽڙو ڄائو، جنهن جو نالو درويش جي دعا موجب ‘عبداللطيف’ رکيائين. پر اهو ننڍي هوندي ئي فوت ٿي ويو. مائٽاڻي گهر مان به کيس هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو جمال شاهه رکيائين، جنهن جو اولاد اڄ ڏينهن تائين ڀٽ شاهه جي مسند تي ويهندو اچي. ٻيءَ گهر واريءَ مان وري به کيس هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو وري به ‘عبداللطيف’ رکيائين، پر اهو ٻارڙو به راهه رباني وٺي چڪو. نيٺ ساڳئي گهر مان کيس ٽيون پٽ پيدا ٿيو، جنهن جو نالو به ‘عبداللطيف’ رکيائين. اهو ٻار ‘شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ’ جي نالي سان مشهور ٿيو، جنهن پنهنجي علم ۽ ڏات، فڪر ۽ فيض جي خوشبوءِ سان ملڪ واسي ڇڏيا. اُهي ٽيئي ‘عبداللطيف’ جنهن بيبي سڳوري منجهان شاهه حبيب کي تولد ٿيا، سا عرس فقير ڏيري جي ڌيءَ هئي. اُهي فقير حضرت غوث بهاؤالدين زڪريارح جي خليفي ‘قندر فقير ڏيري’ جي پُشت مان ۽ ‘ثابت پوٽا’ نُک مان هئا. اهي فقير سفيد پوش ‘ڌئونريات’ جي لقب سان به مشهور هئا ۽ کين ‘گنبات ڌڻي’ يعني گنبات جي ايراضيءَ جا مالڪ به سڏيو ويو آهي.
شاهه لطيف جا ٻئي ڀائر ‘سُئي قندر’ جي مقام ۾ رکيل آهن، جن جي تربتن کي ويجهي دؤر ۾ پڪو ڪرائي مٿن ڪوٺي اڏائي وئي آهي، جن مان هڪ تربت تي ‘عبدالرشيد’ ۽ ٻئي تي ‘عبداللطيف’ جو ڪتبو لڳل آهي. پر ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق موجب سن 1959ع کان اڳ ٻنهي تربتن تي ‘عبداللطيف’ نالا لڳل هئا ۽ ٽکڙ واري شجري ۾ شاهه حبيب جي ٽنهي پٽن جا نالا ‘عبداللطيف’ ئي ڄاڻايل آهن. هنن تربتن جي ڏکڻ پاسي ويجهو ئي شاهه لطيف جي ناني عُرس فقير ڏيري ۽ ان جي خاندان جي ڪن فردن جون تربتون بنهه خسته حالت ۾ موجود آهن.
ٻيءَ شادي ڪرڻ کانپوءِ شاهه حبيب اُنهن ئي ڏيرن فقيرن يعني سَهريجن جي پاڙي ۾ گهر ٺاهي ويٺو. سندس گهر ‘سئي قندر’ جي تاريخي مقام کان اولهه طرف بلڪل ويجهو هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيق موجب اها شاهه حبيب جي گهر واري جاءِ روينيو رڪارڊ موجب سروي نمبر 134، ديهه ‘سُئي قندر جاگير’ [تعلقي شهدادپور] ۾ آهي. 60 کان 70 سال اڳ تائين انهيءَ گهر جا آثار ڏسڻ ۾ ايندا هئا ۽ مقامي ماڻهو هن جاءِ کان چڱيءَ ريت واقف هئا. انهيءَ جاءِ تي شاهه حبيب جي حويلي هئي، جنهن جي ڀتين جا بنياد ماڻهن کي ڏسڻ ۾ ايندا هئا. [هن وقت اها ديهه سروي نمبر 661 ۾ شامل آهي، جيڪا تعلقي ٽنڊي آدم ۾ اچي ٿي. سُئي قندر جي مقام جي اُتر اولهه جي ڪُنڊ ۾ شاهه حبيب جي ڦٽل حويليءَ جي بنياد جا ڪي آثار اڃا موجود آهن، جڏهن ته اُن جاءِ تي هن وقت ڪِني پاڻيءَ جي کڏ آهي.]
شاهه حبيب کي ٽيون پٽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي به انهيءَ ساڳي حويليءَ ۾ ڄائو ۽ اُتي ئي پلجي نپجي وڏو ٿيو. شاهه صاحب جي ولادت بابت جيڪا تصديق ۽ تحقق ٿيل آهي، انهيءَ مطابق
شاهه صاحب جي ولادت 1102هجري مطابق 1689-90ع ۾ ٿي. ان وقت جي عالم، فاضل ۽ شاعر سيد غلام محمد ‘گـدا’ هيٺينءَ قـطـع تاريـخ چئي هئي:
گـدا سـال تولـيـد سـلطانِ ڀِـٽ
شنيدم ز هاتف ‘عنايت شعار’
1102هه
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي روضي جي ڀرسان سنڌ جي حڪمران مير محمد نصير خان ٽالپر مسجد تعمير ڪرائي، مير نور محمد خان ٽالپر کوهه کوٽايو ۽ مير محمد خان ٽالپر روضي ۾ چانديءَ جو دروازو هڻايو، جيڪو اڃا تائين لڳل آهي.
ڪن تاريخدانن، شاهه لطيف جي ولادت جي جاءِ ‘هالا حويلي’ لکي آهي. ليلارام وطڻ مل لالواڻيءَ، شاهه صاحب جي ولادت جي جاءِ ‘هالا حويلي’ لکي آهي. ان جي پوئلڳي ڪندي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ به هالا حويليءَ کي شاهه لطيف جي ولادت جي جاءِ ڪري ڄاڻايو آهي. مرزا قليچ بيگ وري ‘ڀينءَ پور’ ۽ ‘هالا حويلي’ ٻنهي کي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جي ڪا به صداقت نٿي ملي. ميين شاهه عنات رضويءَ پنهنجي حياتيءَ جي آخري سالن 1130هه/ 1717ع- 1133هه/ 1720ع ڌاري وڏيري ڏهيسر پليجي تي ڏمرجي هيٺيون بيت چيو هو، جنهن ۾ رخ بدلائيندڙ درياهه کي خطاب ڪندي هالا حويليءَ کي به بد دعا ڏنائين ته واريءَ ۾ لٽجي پورجي وڃي:
ڳاهـڪـي ڳــڙ ڪـر، پليـجـاڻــي پـاءُ،
واري جا ولايت جي، هالا حويليءَ لاءِ.
شاهه عبداللطيفرح جي ميين شاهه عنات رضويءَ سان ملاقات ۽ محبت هئي، جيڪڏهن شاهه لطيف هالا حويليءَ ۾ ڄائو هجي ها ته اها ڳالهه ميين شاهه عنات کان ڳجهي نه رهي ها، ڇو ته هالا حويلي، نصرپور کان فقط چار ميل پري هئي ۽ پاراتي ۾ ان جو نالو شايد نه آڻي ها.
شاهه عبداللطيف جو ٻالڪپڻ ۽ تعليم: شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ٻالجتيءَ واري دؤر ۾ پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ جي محبت ۽ شفقت هيٺ پليو. ٻالڪپڻ ۾ شاهه صاحب جو ويجهو ساٿي ۽ ماسات محمد عالم ڏيرو هو، جنهن سان شاهه صاحب رانديون رونديون ڪندو هو. سندس اٿڻ ويهڻ، گهمڻ ڦرڻ ۽ ڏسڻ وائسڻ جو دائرو پنهنجي گهر وارو ڳوٺڙو ۽ گنبات جي جوءِ تائين پکڙيل هو. ٻاراڻي وهيءَ ۾ پنهنجي اچ وڃ سندس ماسيءَ ۽ ٻين عزيزن فقيرن جي گهرن ۾ ٿيندي رهندي هئي، جتان ننڍڙي لطيف پنهنجي ماءُ سان گڏ ڏيرن فقيرن جي گهرن ۾ ڳالهائجندڙ نج ۽ ٺيٺ محاوري واري سنڌي ٻولي سکي، جيڪا اڳتي سندس ڪُلي طور دسترس ۽ ڪمال لاءِ پيش خيمو ثابت ٿي. نامور سرائيڪي دانشور جاويد چانڊيي جي تحقيق آهي ته شاهه لطيف، پنهنجي امڙ سان گڏ ٻالجتيءَ ۾ غوث بهاوالحق جي روضي تي به ايندو هو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي لکڻ موجب ان وقت مڪتب تعليم ڏني ويندي هئي، جنهن ۾ قرآن شريف، سنڌي ۽ ابتدائي فارسي معياري سطح تي پڙهائي ويندي هئي. شاهه عبداللطيف کي جلد مڪتب ۾ نه ويهاريو ويو هو، بلڪ سندس والد شاهه حبيب خود وڏيءَ نظر ۽ علم وارو شخص هو ۽ سندس والده جو تعلق به هڪ وڏي فقيري گهر سان هو، جنهنڪري شاهه صاحب جي ابتدائي تربيت پنهنجي گهر ۾ ئي ٿيندي رهي. روايت آهي ته شاهه حبيب، شاهه لطيف جي تعليم ۽ تربيت لاءِ نهايت ڪامل، نيڪ ۽ پرهيزگار استاد ميين نور محمد ڀٽيءَ کي پاڻ وٽ گهرائي، شاهه صاحب کي مڪتبي تعليم ڏياري. آخوند نور محمد ڀٽي، گنبات جي ڏيرن فقيرن جي راڄ کي ويجهو، اٺن ميلن جي پنڌ تي ‘وائي/ وانئين’ ڳوٺ جو رهاڪو هو ۽ شاهه حبيب جو محبتي ۽ مريد هو. سندس شفقت ۽ رهبريءَ هيٺ شاهه لطيفَ مڪتبي تعليم پوري ڪئي، جنهن بعد درس ۽ تدريس جو اهو سلسلو وڌيڪ نه هلي سگهيو، پر تنهن هوندي به آخوند نور محمد، شاهه حبيب سان ملاقاتن تي ايندو هو ته شاهه لطيف ساڻس ملندو ۽ کانئس سکندو رهندو هو. سکڻ ۽ سيکارڻ جو اهو سلسلو ايستائين هليو، جو جڏهن شاهه لطيف ڀٽ کي اچي وسايو ته آخوند نور محمد ڀٽيءَ کي پاڻ وٽ سڏي گڏ رهايائين. عام روايت آهي ته آخوند نور محمد ڀٽي، جڏهن شاهه لطيف کي الف ب سيکارڻ شروع ڪئي هئي ۽ چيو هئائين ته چئو ‘الف’ ته شاهه لطيف هڪدم چيو ‘الف’، وري جڏهن آخوند چيو ته چئو ‘ب’ ته شاهه لطيف چيو ته ‘ب’ وري ڇا جي؟ آخوند جي گهڻي ڪوشش کانپوءِ، نيٺ کيس شاهه حبيب وٽ آندائين ۽ سموري ڳالهه ٻڌايائين. شاهه حبيب پنهنجي پٽ جي رمز سُڃاتي ۽ خوشيءَ وچان ڳراٽڙي پائي، سندس پيشاني چُميائين ۽ چيائين ته: “ابا تون بيشڪ حق تي آهين، پر جنهن صورت ۾ دنيا ۾ ٻاهريون لبيس به رکڻ ضروري آهي، تنهن صورت ۾ ظاهري علم به حاصل ڪرڻ لازم آهي.” انهيءَ قول مان لڳي ٿو ته شاهه لطيف پيءُ جو چيو ڪندي، اڳتي تعليم ضرور حاصل ڪئي هوندي، جنهن جي ثابتي سندس ڪلام مان به ملي ٿي. قرآن شريف، حديث، ديوان علي، نهج البلاغھ، صوفين جي تعليمات، عربي، فارسي، پنجابي، هندي شاعريءَ جا اثر، شاهه جي شاعريءَ مان عالمن ثابت ڪيا آهن، ان ڪري، چئي سگهجي ٿو ته شاهه صاحب خدائي ڏات سان گڏ ظاهري علمن جي ڄاڻ سان به معمور هو.
ننڍپڻ جي عمر ۾ شاهه لطيف جي، ڏيرن فقيرن جي ٻارن سان جيڪا دوستي ۽ فطري رفاقت پيدا ٿي، اُن جي اثر هيٺ اُهي وڏي هوندي به سندس پيارا فقير، مريد ۽ معتقد ٿيا. انهن مان اَجن فقير ڏيري، سُک فقير ڏيري، جاني فقير ڏيري ۽ سندس پٽ عنات ڏيري ۽ [شاهه صاحب جي سڀ کان ويجهي ساٿي ۽ ماسات] عالم فقير ڏيري جا نالا اهم آهن. عالم فقير ڏيري جو شمار شاهه صاحب جي خاص فقيرن ۾ ٿيندو هو ۽ هيءُ سندس خليفو به هو. شاهه صاحب کيس ڀٽ تي سماع ۽ ذڪر جي اڳواڻي ڏني ۽ کيس ‘محمد عالم سچو عالم’ ڪري سڏيندو هو. عام طرح فقير فقرائن ۾ ‘خليفو محمد عالم ذاڪر’ جي نالي سان به سڏيو ويندو هو. شاهه صاحب جي رحلت بعد ڀٽ جي سموري نظام کي محمد عالم ڏيري سنڀاليو ۽ سندس وڏي خدمت ڪيائين. عالم ڏيري جي وفات به ڀٽ تي ٿي ۽ سندس تربت به ڀٽ شاهه ۾ ئي آهي.
ننڍپڻ کان وٺي جوانيءَ واري عرصي تائين شاهه صاحب جي تعليم ۽ تربيت ۾ سندس والد شاهه حبيب جو وڏو ڪردار رهيو. شاهه حبيب ‘ڪريمي سلسلي’ جو تمام وڏو بزرگ ۽ صوفي درويش هو. پاڻ پنهنجي وقت جو وڏو عابد ۽ زاهد هو ۽ سندس صحبت وقت جي وڏن عالمن ۽ عارفن سان هئي، جنهنڪري ماڻهن جي ساڻس تمام گهڻي عقيدت هوندي هئي ۽ جڏهن مٿس حال جي ڪيفيت طاري ٿيندي هئي ته بيت به چوندو هو. شاهه لطيف ننڍپڻ کان وٺي جوانيءَ تائين پنهنجي والد بزرگوار شاهه حبيب جي شفقت ۽ هدايت هيٺ رهيو ۽ پنهنجي والد جي نظر فيض سان اعلى اخلاقي ۽ روحاني مرتبي تي پهتو.
شاهه عبداللطيف اڃا ڏهن يا ٻارهن سالن جي ڄمار جو مس هو ته شاهه حبيب، سُئي قندر وارو ماڳ ۽ گنبات واري ڀيڻي ڇڏي، ڪوٽڙي مغل ۾ لڏي اچي ويٺو، جيڪو گنبات واري ڳوٺڙي کان اٺ نَو ميل پري اولهه ڏکڻ طرف هو. ڪوٽڙيءَ ۾ شاهه حبيب شهر کان ٻاهران پنهنجو گهر اڏيو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مطابق سندس گهر اندازاً، مرزا بيگ مغل جي حويليءَ واري ڪوٽ سان لاڳو الهندي طرف هو، جنهن کان اولهه طرف جهنگ ۽ شاهه لطيف جي عبادت جو آستان ‘لال لئو’ هو.
ڏهن ٻارهن سالن جي لطيف جي ذهني، اخلاقي ۽ روحاني تربيت لاءِ شاهه حبيب تمام گهڻو ڌيان ڏنو. هو هميشه پنهنجي پٽ کي پاڻ سان گڏ رکندو هو ۽ کيس وقت جي عالمن ۽ درويشن جي صحبت ۾ به ويهاريندو هو. مٽياريءَ کان ويندي خاندان جي وڏي ڏاڏي شاهه ڪريم جي مزار تائين کيس گهمايائين ۽ کيس ميين شاهه عنات رضويءَ سان ملائڻ لاءِ نصرپور به وٺي ويو. اهڙيءَ طرح ننڍپڻ کان ئي شاهه لطيف پنهنجي اُسرندڙ طبع ۽ ذهانت سبب تمام گهڻو پرايو. ڪن روايتن موجب شاهه لطيف جو گز ڪمان هلائڻ ۽ ٻاراڻي راند روند ڪرڻ جو به ذڪر آيل آهي، پر ساڳئي وقت شاهه حبيب پنهنجي پٽ شاهه لطيف جي اعلى اخلاقي ۽ روحاني تربيت پڻ ڪئي. سندس والد هڪ ئي وقت سندس پيءُ ۽ مرشد به هو. کيس طريقت جي راهه به ڏسيائين ۽ نفساني خواهشن تي ضابطي لاءِ زهد، جهد ۽ تقويٰ جي واٽ پڻ ڏيکاريائين، جنهنڪري شاهه لطيف جوانيءَ ۾ پير رکندي ئي پنهنجي والد ۽ مرشد جي رهبريءَ ۽ هدايت مطابق گوشي نشيني اختيار ڪئي ۽ تمام سخت عبادتون ۽ رياضتون ڪيون ۽ چِلا پچايا. اُهي جايون، جن تي شاهه عبداللطيف الاهي عشق ۾ محو ٿي، تمام سخت عبادتون ڪيون، تن مان ٽي مقام مشهور آهن: هڪ لئي جو شاهي وڻ، جنهن کي بعد ۾ ‘لال لئو’ سڏيو ويو. هي وڻ شاهه صاحب جي گهر کان اولهه طرف جهنگ ۾ هو. موجوده وقت هن جاءِ تي سندس يادگار طور کوهه، مسجد ۽ جايون ٺهيون آهن. [هن وقت اها جاءِ ڀٽ شاهه کان ڏکڻ اولهه ۾ نيشنل هاءِ وي کان کنڊوءَ ويندڙ روڊ جي اُتر طرف هڪ ڪلوميٽر پنڌ تي موجود آهي.
لئي جو اهو وڏو شاهي وڻ هن وقت سُڪل حالت ۾ بيٺل آهي ۽ ان جي ڀرسان هڪ ڦٽل لانڍيءَ جا آثار آهن، جيڪا روايتن موجب شاهه حبيب جي حويلي هئي.] ٻيو ماڳ شاهه صاحب جي حُجري واري جاءِ ‘ڀٽ’ آهي. ٽيون هنڌ ڀٽ کان ڏيڍ ميل کن اوڀر اُتر طرف هڪ ڪنڊي جو وڻ آهي، جنهن کي ‘شاهه جو ڪنڊو’ چيو وڃي ٿو.
اُن وقت شاهه صاحب جي ڄمار 15 سال هئي، جڏهن هو گوشه نشيني اختيار ڪري، عبادتن ۽ رياضتن ۾ محو هوندو هو. شاهه حبيب پٽ کي زهد ۽ عبادتن ۾ اڳرو ڏسي، کيس درويش هاشم شاهه وٽ وٺي آيو. روايت موجب سيد هاشم، شاهه لطيف ۾ اعلى صلاحيت جا اهڃاڻ ڏٺا، پر باوجود اُن جي کيس عبادت ۽ رياضت جي ڪماليت ڏانهن راغب ڪندي چيائين ته: “حبيب جو پٽ (اڃا) پچي پارس نه ٿيو آهي.” شاهه صاحب جي والد جي به اهائي ڪوشش هئي، پر هاشم شاهه جي ترغيب، شاهه لطيف ۾ انتهائي بيقراري ۽ بيتابيءَ جو روح ڦوڪيو، جنهنڪري هو ڪنڊي واري ماڳ تي الله جي ياد ۾ نهايت ئي جذب واري حالت ۾ عبادت ڪندو رهندو هو ۽ اڪثر جهنگ ۾ گوشه نشين رهندو هو. شاهه حبيب ان روحاني منزل کي ماڻڻ واري تربيت دوران سندس سُڌ سماءُ به لهندو رهندو هو. هڪ لڱا شاهه لطيف ڪنڊي واري جاءِ تي انتهائي جذب واري حالت ۾ عبادت ۽ رياضت ۾ محو هو، جو انهيءَ جاءِ ۽ سندس جسم تي واري چڙهي وئي هئي. شاهه حبيب کيس اُن حالت ۾ ڏسي ڏکاري لهجي چيو هو ته:
‘لـڳـي لـڳـي واءُ، ويـا انگــڙا لـٽـجـي’
پنهنجي والد بزرگوار جو دردناڪ آواز ٻڌي، شاهه صاحب ساڳئي جذبي سان کيس وراڻيو ته:
‘پيـئي کـڻي پـساهه، پسڻ ڪارڻ پريـنءَ جي’
ساندهه ٽن سالن جي فاقن، ڪشالن، عبادتن ۽ رياضتن، شاهه کي رچائي ريٽو ڪيو. هاڻي هو عرفان جي منزل کي پهچي چڪو هو، پوءِ به سندس والد ۽ مرشد شاهه حبيب کيس ٻيهر درويش سيد هاشم شاهه جي خدمت ۾ آندو، هو شاهه لطيف کي ڏسندي ئي سندس اعلى روحاني صلاحيتن کي سمجهي ويو ۽ چيائين ته: “لطيف جو چراغ روشن ٿيندو.” اُن وقت سندس عمر ارڙهن سال هئي، پر کيس سلوڪ ۽ معرفت جي پنڌ کي اڃا به اڳتي پروڙڻو هو ۽ اهو سلسلو تاحيات رهيو.
جواني، سير سفر، شادي، پتوڙڻ ۽ پُرجهڻ: مير عبدالحسين سانگي ۽ پروفيسر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ، هن حوالي سان پنهنجن بيانن ۾ شاهه عبداللطيف جي مجازي عشق جي روايت کي بيان ڪيو آهي، جنهن موجب مرزا مغل بيگ، شاهه حبيب جو وڏو عقيدتمند ۽ مريد هو. هڪ ڀيري مرزا مغل بيگ جي وڏور ڌيءُ [سعيده بيگم] بيمار ٿي پئي، تنهنڪري شاهه حبيب کي دعا واسطي ڪوٺڻ لاءِ ماڻهو موڪليائين، پر شاهه حبيب پاڻ به ناچاڪ هو، ان ڪري شاهه لطيف کي دُعا لاءِ وڃڻ لاءِ چيائين. مغل تمام پردي وارا هئا، پر سيدن سان مُريدي هئڻ ڪري کين پنهنجي گهر ٻارن ۾ وٺي ويندا هئا. نينگري ڪپڙن ۾ ويڙهجي سيڙهجي کٽ تي سُتي پئي هئي. شاهه لطيف جيئن ئي گهر ۾ داخل ٿي ڇوڪريءَ کي ڏٺو ته سندس حُسن ڏسڻ شرط مٿس موهت ٿي پيو ۽ نينگريءَ جي چيچ هٿ ۾ جهلي چيائين ته: “جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾، تنهن کي لهر نڪو لوڏو.” مرزا بيگ مغل ۽ سندس عزيز اهي لفظ ٻڌي ڏمرجي پيا. اُن وقت شاهه لطيف کي ڪجهه نه چيائون، پر پوءِ اهو مريديءَ واراو تعلق مخالفت ۽ دشمنيءَ ۾ بدلجي ويو؛ جنهن ڪري سيدن کي طرح طرح جون تڪليفون ڏيڻ لڳا. اهڙيءَ طرح ڀٽي ۽ ٻين قبيلن جا ماڻهو به کانئن منهن موڙڻ لڳا، جنهنڪري مجبوراً شاهه حبيب کي ڪوٽڙيءَ مان لڏڻو پيو ۽ ڪوٽڙيءَ کان اُتر طرف ڪجهه پرڀرو پاڙو ٻڌي ويٺو. ان وقت شاهه لطيف جي عمر 20 سال هئي.
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي لکڻ موجب شاهه لطيف کي جڏهن مجازي نينهن جي چوٽ لڳي، تڏهن مجنونءَ وانگر برپٽن ۽ بيابانن ۾ گهارڻ لڳو. گربخشاڻيءَ جي خيال موجب شڪ ناهي ته اتان ئي سندس شاعراڻي روح ريلو ڏنو هجي ۽ هن بيت چيا هجن. محبوب جي فراق ۾ کيس پنهنجي جسم ۽ جان جو سماءُ به نه رهندو هو ۽ بعضي جهنگ منهن ڪري هليو ويندو هو.
گربخشاڻي صاحب اهو پڻ گمان ڏيکاريو آهي ته پٽ جي اهڙي حالت ۽ جذب واري صورتحال ڏسي، شاهه حبيب، مرزا بيگ مغل کان سندس ڌيءَ جو سڱ گهرڻ جي ضرور ڪوشش ڪئي هوندي، پر سندس سعيو سجايو نه ٿيو هوندو، جنهنڪري شاهه لطيف کي نااُميديءَ وچان ديس ۽ پرديس جا سفر ۽ ڏک ڏاکڙا سهڻا پيا ۽ اتان سندس جوڳين ۽ سنياسين سان سفر تي وڃڻ جي روايت به مشهور آهي.
جوڳين ۽ سامين سان گڏ سفر تي وڃڻ واري روايت جو ذڪر ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪنهن زماني ۾ ڪيو هو، پر شاهه صاحب جي سوانحي احوال ۾ نه ڪيو آهي، بلڪ مجازي عشق جي هن قصي کي ئي هن من گهڙت ۽ افسانو ٺهرايو آهي. سندس خيال ۾ هي قصو شاهه صاحب جهڙي اعلى اخلاق رکندڙ ۽ سندس والد جي خاص توجهه ۽ تربيت جي بلڪل اُبتڙ آهي، جنهنڪري هن روايت کي شاهه صاحب جي شان سان نه ٿو ڀيٽي سگهجي. جڏهن ته ٻيا اڪثر محقق ۽ نقاد، شاهه صاحب جي مجازي عشق کي ئي سندس حقيقي عشق ڏانهن وڌڻ جو پهريون ڏاڪو سمجهن ٿا، جنهن جا اهڃاڻ سندس شاعريءَ ۾ هنڌ هنڌ موجود آهن. محبت ۽ شادي ڪرڻ ڪنهن به ريت شاهه صاحب جي ڪردار ۽ اخلاق کي گهٽ ڪرڻ جو ڪارڻ نه ٿا بنجن ۽ اها ڳالهه انساني سڀاءَ موجب فطري آهي ۽ ان کي شاهه جي اخلاقيات خلاف سمجهڻ، انساني سڀاءَ ۽ فطرت جي ابتڙ آهي. بهرحال ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيقات موجب شاهه لطيف ويهن ٻاويهن سالن جي ڄمار ۾ حق جي تلاش ۾ مصروف نظر اچي ٿو ۽ سندس عمر جو هي دؤر پرجهڻ، پروڙڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جو دؤر آهي. ظاهري توڙي روحاني علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ به هو حق جي تلاش ۾ اڳتي وڌي ٿو.
شاهه لطيف پهريائين پنهنجي والد سان سفر جي شروعات ڪئي هئي، پر بعد ۾ ذاتي مشاهدي واري جذبي ۽ خيال سان ڪيترائي سير ۽ سفر ڪيائين. پهريائين سندس پرجهه ۽ پروڙ جو دائرو، گنبات وارو علائقو، ڪوٽڙي، ڀئين پور، مٽياري، هالا، نصرپور، شهدادپور ۽ بلڙي شاهه ڪريم تائين محدود هو، پر بعد ۾ ننگر ٺٽي، بدين ۽ تلهار تائين وڌي ويو. انهيءَ سفر ۽ سالڪانه جدوجهد ۾ هن پنهنجي خاندان جي صوفي بزرگن ۽ ولين جي خانقاهن ۽ درگاهن جون ڪيتريون زيارتون ڪيون، جيڪي لاڙ واري علائقي ۾ واقع آهن. ان کانپوءِ مختلف درويشن جي درگاهن تي به حاضري ڏنائين. انهيءَ عرصي دوران هو بلڙي شاهه ڪريم ۾ پنهنجي وڏن ڏاڏن جي مزارن تي به ڪيترائي ڀيرا ويو ۽ وقت جي عالمن ۽ بزرگن سان صحبتون ڪيائين. ان سان گڏوگڏ پيشه ور ماڻهن ۽ عام ماڻهن جي زندگيءَ جو به ڳوڙهو مطالعو ۽ مشاهدو ڪيائين. اهڙيءَ ريت سندس ٻين علائقن: ٻني، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، لـُڊاڻي ۽ جيسلمير ڏانهن وڏن سفرن تي اُسهڻ جون به ڪيتريون شاهديون ملن ٿيون، جنهن ذريعي اُنهن علائقن جي ٻولي، ثقافت ۽ تاريخ جو تمام گهرو مطالعو ڪيائين، جنهن جي ثابتي سندس شاعريءَ جي سٽ سٽ مان ملي ٿي.
‘مقدمه لطيفي’ ۾ پروفيسر ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ ڄاڻايو آهي ته “شاهه صاحب هندو جوڳين ۽ سنياسين جي ٽولي سان گڏيو ۽ انهن جي صحبت ۾ ڪيترائي ملڪ گهميو. ڪيترن ئي تيرٿن جون جايون ۽ تڪيا ڀيٽيائين، لکپت ۽ گرنار تائين به سفر ڪيائين، جتان موٽڻ کانپوءِ جيسلمير ۽ ٿر جو سير ڪيائين، گنجي ٽڪر ۽ لس ٻيلي ۾ گشت ڪندي، لاهوت، لامڪان، هنگلاج ۽ سپڙ سخيءَ جون زيارتون ڪيائين. ٿي سگهي ٿو ته اُتان ڪابل ۽ قنڌار به ويو هجي. واپس موٽڻ مهل وري هڪ ڀيرو ٻيهر هنگلاج آيو، جتي هندو سنياسين سان اختلافن سبب کانئن ڇڄي ڌار ٿيو، پوءِ ڪيچ مڪران کان ٿيندو ننگر ٺٽي ڏانهن رخ ڪيائين ۽ آخر پنهنجي ماڳ واپس موٽيو.” نامور بلوچ اسڪالر ۽ تعليمدان عبدالرزاق صابر، شاهه صاحب جي گشت جو دائرو بلوچستان ۽ ايران جي مختلف علائقن تائين ڄاڻايو آهي. شاهه صاحب جي ان سيرسفر جو ذڪر مشهور عالم ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ ‘لطيفي سئر’ ڪتاب ۾ به ڪيو آهي.
شاهه عبداللطيف (24) چوويهن سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي والد بزرگوار جي هدايت موجب شادي ڪئي. ان وقت سن 1124هه/ جنوري 1712ع ۾ ڪوٽڙيءَ جو رئيس ۽ شاهه حبيب جو مريد مرزا مغل بيگ، ‘دل’ قبيلي جي ماڻهن سان چوريءَ جي واردات ۽ معرڪي ۾ مارجي چڪو هو، جنهن کانپوءِ مرزا مغل بيگ جو هڪ پٽ پڻ فوت ٿي ويو هو. ان وقت سندس خاندان جي زائفائن کي سهارو ڏيڻ وارو ڪير به نه هو، ۽ انهن شاهه حبيب کي پنهنجو سهارو سمجهي، سعيده بيگم جو نڪاح شاهه لطيف سان ڪرائڻ جي کيس آڇ ڪئي. شاهه حبيبَ اها آڇ قبول ڪندي، مرزا مغل بيگ جي ڌيءُ سيده/ سعيده بيگم سان شاهه لطيف جو نڪاح پڙهايو. شاديءَ کان پوءِ شاهه صاحب پنهنجي ذهني ۽ روحاني معراج طرف سفر جاري رکيو. سندس ذاتي زندگيءَ جي حوالي سان ڪيتريون روايتون بيان ڪيون وڃن ٿيون، جن مان هڪ روايت موجب هڪ ڀيري بيبي صاحبه اميد سان هئي، جو کيس پلي کائڻ جي سَڌ ٿي. فقير ونهيون جت وڏيءَ تڪليف بعد پلو هٿ ڪري، سهڪندو اچي پهتو. فقير جي اهڙي حالت ڏسي، شاهه صاحب کائنس سبب معلوم ڪيو، ۽ حقيقت ٻڌي چيائين ته: “اهڙو اولاد ئي گهوريو، جيڪو اڃا ڄائو ئي ڪونهي ته منهنجن فقيرن کي رُلائي تنگ ڪيو اٿس، جي ڄائو ۽ وڏو ٿيو ته الائي ڪهڙا ڪم ڪندو!” چون ٿا ته اُن بعد بيبي صاحبه کي جيڪو ٻار پيٽ ۾ هو، سو ضايع ٿي ويو ۽ تاحيات وري هوءَ اُميد سان نه ٿي. شاهه صاحب اڪثر چوندو هو ته: “منهنجو اولاد، منهنجا هي فقير آهن، جن جون دليون عشق الاهيءَ سان ڦٽيل آهن.” اِن روايت جي صحت سان ڪيترن محققن اختلاف ڪيو آهي ۽ سندن چوڻ آهي ته اهڙيون روايتون صرف شاهه صاحب کي بزرگ ۽ ولي ثابت ڪرڻ لاءِ گهڙيون ويون آهن. پر تاريخ روايتن جو ئي مجموعو آهي، ۽ اِهي ڳالهيون به انساني طبع جو حصو آهن، جن کان منهن موڙڻ ٺيڪ نه آهي.
اها ته عام روايت آهي ته شاهه لطيف پاڻ سان ٽي ڪتاب هميشه گڏ رکندو هو: ‘قرآن شريف’، ‘شاهه ڪريم جو رسالو‘ (بيان العارفين) ۽ ‘مثنوي مولانا روم’. انهن ٽنهي ڪتابن [۽ ٻين ڪيترن ماخذن] شاهه لطيف جي ذهني تربيت ۽ معرفت جي واٽ ڏانهن رهبري توڙي شاعريءَ جي ترغيب ۾ تمام گهڻي رهنمائي ڪئي. سندس شاعريءَ ۾ انهن ٽنهي ڪتابن سان گڏ ٻين ماخذن [ڪلام علي، نهج البلاغه، ڪلام منصور حلاج وغيره] جو فڪري اثر واضح نظر اچي ٿو. شاهه جي نه صرف شاعريءَ ۾ اهي اثر نمايان نظر اچن ٿا، پر هن انهن ڪتابن ۽ ماخذن جي روشنيءَ ۾ تصوف جي باريڪ نقطن جي سمجهاڻي ۽ طريقت کي به پنهنجي زندگيءَ سان لاڳو ڪيو.
شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي زندگيءَ ۽ شاعريءَ جو اثر به شاهه لطيف تي نمايان نظر اچي ٿو. ان کان سواءِ شاهه ڪريم جي شاعريءَ ۾ موجود اعلى انساني قدرن ۽ عارفانه فڪر جو پرتوو به شاهه صاحب ۾ عيان نظر اچي ٿو. اهڙيءَ طرح شاهه لطيف، حق ۽ حقيقت، سلوڪ ۽ معرفت، اعلى معنوي فڪر، توڙي دنيوي تعليم جي رسمي ڄاڻ مثنوي مولانا روم مان به وڏيءَ حد تائين حاصل ڪئي هئي، جنهن جو ذڪر ‘روميءَ’ سان منسوب ‘سر ڪلياڻ’ جي ڇهن بيتن ۾ موجود آهي. جيڪي هن ريت آهن:
طالبُ ڪثرَ، سُونهن سَرُ، اندر رُوميءَ راءِ،
ماڙُهو اُتِ ڪئاءِ، منڊُ نه پسين منڊيو!
-
طالبُ ڪثر، سُونهن سَر، ايءُ روميءَ جي رُوءِ،
جنين ڏٺي جُوءِ، تنين ڪُڇئو ڪينڪي.
-
طالب ڪثر، سُونهن سر، ايءُ روميءَ چيو آهي،
تاڙي جو لاهي، ته منجهم مشاهدو ٿئي!
-
طالب ڪثر، سُونهن سَر، ايءَ رُوميءَ جي رِهاڻ،
پهرين وڃائڻ پاڻ، پَسڻ پوءِ پرينءَ کي.
-
طالب ڪثر، سُونهن سَر، ايءَ روميءَ جي راحتَ،
جنين ڏٺي سَتَ، تنين ڪُڇيو ڪينڪي!
-
طالب ڪثر، سُونهن سر، ايءَ روميءَ جي اوطاق،
جي ڀڄي در فِراقَ، ته منجهم مشاهدو ٿئي.
شاهه جي رسالي جا ڪيترا بيت مولانا روم جي شعرن جو ترجمو ۽ تخليقي ۽ فڪري توسيع نظر اچن ٿا، يعني شاهه صاحب مولانا روم جي شاعريءَ جو اثر قبول ڪيو آهي.
شاهه صاحب انهن ڪتابن ۽ شعري ماخذن جي تعليمات تي پاڻ به عمل ڪيو ۽ ان جي هدايت ۽ تلقين به عام زندگيءَ ۾ ڪيائين.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڀٽ کي وسائڻ: شاهه صاحب پنهنجي زندگيءَ جا 20 سال پُرجهڻ، پروڙڻ ۽ ڪشالن ڪاٽڻ کانپوءِ، جڏهن ٻاهرئين مطالعي ۽ مشاهدي جي تحصيل کي پورو ڪيو ته کيس الهامي ۽ آفاقي شاعري ۽ معرفت جو اعلى مقام حاصل ٿيو. اُن وقت شاهه صاحب پڪي جوانيءَ يعني چاليهن سالن جي ڄمار ۾ هو. سندس هي دؤر تخليقي ۽ تعميري دؤر آهي، جتان هڪ ڪامل مرشد، رهبر ۽ شاعر جي حيثيت ۾ ماڻهن کي فيض ڏنائين ۽ سندن تربيت ڪيائين.
شاهه صاحب جي ڀِٽ کي وسائڻ ۽ اُتي مستقل سُڪونت اختيار ڪرڻ لاءِ ڪافي روايتون ملن ٿيون، جن ۾ ڪافي تضاد به موجود آهن. شاهه صاحب ڀٽ تي ديري دمائڻ جو انتخاب اُن لاءِ به ڪيو هو، جو ڀٽ ڪافي خوبصورت جاءِ هئي، جنهن جي آس پاس پاڻيءَ جا ٽوڀا هئا ۽ ڪراڙ ڍنڍ به اُتي ئي موجود هئي. ننڍپڻ کان وٺي جوانيءَ کي رسڻ تائين شاهه صاحب انهيءَ ماڳ تي ڪيترو ئي وقت گذاريو هو. ‘مقدمه لطيفي’ جي هڪ روايت موجب “شاهه ڪريم بلڙيءَ وارو ۽ مخدوم نوح هالن وارو ٻئي هڪ ٻئي جا گهرا دوست ۽ همعصر اولياءَ هئا ۽ سندن هڪٻئي سان ملاقاتن جو سلسلو جاري رهندو هو. هڪ ڀيري شاهه ڪريم بلڙائي، جڏهن مخدوم صاحب سان ملڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته سندن گذر ڀٽ واري ماڳ کان ٿيو، اُتي فقيرن کي چيائين ته منزل ساڱري واهه جي ڪپ تي ڪبي، تنهنڪري اتي ٿورو جهنگ ڪپي، زمين هموار ڪريو.” فقيرن سندس حڪم تي ائين ئي ڪيو، جنهن بعد سمورن حاضر فقرائن کي سڏي با جماعت نماز پڙهيائين. نماز ادا ڪرڻ بعد چيائين ته: “منهنجي اولاد مان هڪ الله لوڪ پيدا ٿيندو، جنهن جو هن هنڌ (ڀٽ تي) آستان ٿيندو ۽ اهو زبردست شاعر ٿيندو.” چون ٿا ته سندس پيشنگوئيءَ مطابق اها جاءِ بعد ۾ شاهه عبداللطيف جو آستان بڻي، جيڪا اڄ ‘شاهه جي ڀٽ’ ۽ هاڻي ‘ڀٽ شاهه’ جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. شاهه لطيف، ڪوٽڙيءَ مان لڏي اچي ڀِٽ آباد ڪئي هئي. ڪوٽڙيءَ مان لڏڻ جو ڪو خاطرخواهه سبب نه هو. هو ايڪانت پسند هو، تنهنڪري عبادت ۽ ٻين جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ هيءَ بهتر جاءِ هئي. فقيرن کي به ڀـِٽ تي رهائش لاءِ زمين لِيڪي ورهائي ڏنائين. ڀٽ تي دائمي سُڪونت اختيار ڪرڻ ۽ جايون ٺهرائڻ واري وقت دوران سندس والد بزرگوار جي طبعيت خراب ٿي پئي. شاهه صاحب پنهنجي والد جي بيماريءَ واري عرصي ۾ سندس خدمت ۾ حاضر رهيو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ چواڻي هڪ ڏينهن شاهه صاحب اڃا ڀٽ جي ڪمن ڪارين ۾ ئي مصروف هو، جو هڪ قاصد اچي کيس ٻڌايو ته: “شاهه حبيب جي طبيعت تمام ناچاڪ آهي ۽ هلي ساڻس آخري ملاقات ڪريو.” ان سان گڏوگڏ قاصد سندس والد جو کيس هي نياپو به ڏنو:
ڪُه جھ نينهه ننڌاءِ، جي مون واجهائيندي نه ورو،
جيڪي مُئي ڪنداه، سو جانب ڪرهو جيئري.
والد جو نياپو ٻڌڻ بعد شاهه لطيف قاصد کي چيو ته: “آءٌ اجهو اچان ٿو”- ۽ هي بيت پنهنجي والد کي نياپي طور ڏياري موڪليائين:
متان ٿين ملور، ڪينَ اڳاهون آهيان،
ڏسڻ ۾ ڪر ڏُور، حد ٻنهي جي هيڪڙي.
چون ٿا ته پٽ جي پيغام پهچڻ بعد شاهه حبيب کي آٿت ملي ۽ سندس اچڻ کان اڳ ۾ ئي سندس روح وڃي حقيقي حبيب سان مليو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب انهيءَ ڏوراپي واري روايت کي تسليم نٿو ڪري. سندس خيال ۾ اها روايت شاهه حبيب ۽ شاهه لطيف جي پيار ڀريي تعلق جي اُبتڙ ۽ خلاف آهي. سندس چوڻ آهي ته، “شاهه لطيف ان وقت پنهنجي دينداري ۽ درويشيءَ سبب تمام گهڻو مقبول هو، جنهن ضرور پنهنجي والد جي علاج لاءِ تمام وڏا طبيب ۽ ويڄ گهرايا هوندا ۽ سندس والد جي خدمت ۾ پيش پيش رهيو هوندو، پر ڦڪين فرق نه ڪيو، جنهن سبب شاهه حبيب جي رحلت ٿي، پر مٿين روايت انساني سڀاءَ واري آهي ۽ اُن کي پيار جي تعلق جي اُبتڙ سمجهڻ ٺيڪ نه آهي.”
هڪ روايت موجب والد جي وفات تي شاهه صاحب هيٺيون بيت چيو هو:
اوٺـي اُٻـهـرا ٿـيـا، بيـٺـا تـنـگ ڪـشـيـنِ،
ڪُڇـن پڇـن ڪـيـنڪي، ورنـدي وات نه ڏيـنِ،
لاکيـڻـا، لطيف چئي، ٿا منجهئون لوڪ لڏينِ،
نـيـڻ نمـاڻـا کـڻـيـو، هـنـجـون ٿـا هـاريــنِ،
جُـنگ جواب نـه ڏيـنِ، ڏاڍي ڪـيـفَ ڪڪـوريا.
شاهه حبيب 1144هه/1731ع ۾ وفات ڪئي. کيس شاهه لطيف خُود ڀٽ تي اچي دفنايو. سندس مزار شاهه عبداللطيف جي مزار کان اتر طرف اٺن، نون وِکن جي مفاصلي تي واقع آهي. شاهه حبيب جي وفات تي شـاهه لـطـيـف جـي عـقيـدتـمـنـد ۽ ٺـٽـي جي نامـيـاري عـالـم۽ اديب
ميان محمد صادق نقشبنديءَ، شاهه حبيب جي وفات جو سال، هيٺينءَ ماده تاريخ مان ڪڍيو آهي:
‘الموت جسر يوصل الحبيب للقاء الحبيب’
جنهن مان ابجد جي حساب مطابق ساڳيو ئي سال نڪري ٿو ۽ ان جي معنيٰ ٿئي ٿي: ‘موت هڪ پُل آهي، جيڪا هڪ دوست (حبيب) کي ٻئي حبيب (دوست) سان ملائي ٿي.’ شاهه لطيف اهو ئي ڪتبو، شاهه حبيب جي مزار ٺهرائڻ وقت لکرائي لڳرايو، جيڪو اڄ به موجود آهي.
روايت آهي ته والد جي وفات کانپوءِ شاهه لطيف ڪيترائي ڏينهن سوڳ ۾ رهيو ۽ شديد صدمي کانپوءِ ڪوٽڙي ڇڏي ڀٽ تي اچي دائمي سڪونت اختيار ڪيائين، جيڪو پڻ ڀٽ کي وسائڻ جو هڪ ڪارڻ ٿي سگهي ٿو. مرشدي شاهه صاحب کي ورثي ۾ ملي هئي. طريقت جي راهه ۾ جيئن ته سندس والد ئي سندس مرشد هو، اُن ڪري والد جي حياتيءَ وارن ڏهاڙن ۾ ئي سندس ڪيترا مريد ۽ معتقد ٿيا هئا. مرشديءَ جي اها ونڊ سندس خاندان جي وڏي ۽ سندس تڙ ڏاڏي شاهه ڪريم کان هلندي آئي هئي. شاهه ڪـريـم کانپوءِ ڪـريـم پـوٽـن ۾ شـاهه حبيـب قـادري سلسلي جو ناليوارو بزرگ ٿيو ۽ سندس وفات بعد سندس ڪيترا مريد سندس پُٽ شاهه لطيف ڏانهن متوجهه ٿيا. شاهه لطيف به سلوڪ ۽ معرفت جي پنڌ ۾ قادري طريقي کي اپنايو، پر ڪن روايتن موجب
شاهه صاحب ‘اويسي’ طريقي جو به بزرگ هو. مرشديءَ جي مسند سنڀالڻ کانپوءِ شاهه لطيف ڀٽ تي يڪجاءِ ٿي ويٺو ۽ مريدن ۽ فقيرن جي ذهني ۽ فڪري تربيت جو سلسلو جاري رکيائين، ان وچ ۾ ضروري ڪمن ڪارين جي سلسلي ۾ وڃڻ، وقت جي عالمن ۽ بزرگن سان صحبتن ڪرڻ توڙي مريدن جي خير عافيت معلوم ڪرڻ لاءِ سير سفر به ڪيائين.
ڀٽ جي سموري نظام ۽ انتظام کي شاهه صاحب تمام سهڻي نموني سان سنڀاليو. فقيرن کي سمورو ڪم ونڊي ورڇي ڏنائين. اُنهن ۾ آئي وئي جي کيڪار ۽ خدمت لاءِ هڪڙا فقير مقرر هئا، ته ٻئي پاسي حويليءَ جي سار سنڀال ۽ بٺيءَ يا رڌ پچاءَ لاءِ ٻيا فقير مقرر هئا. ان کان سواءِ مسجد ۽ جماعت جي خدمت خاص فقيرن جي حوالي هئي ته راڳداريءَ ۽ سماع لاءِ به سندس ويجها فقير مقرر هئا. اهڙيءَ ريت ڀٽ جو سمورو نظام باضابطه هو.
شاهه صاحب جي فقيرن جو ڪم هن ريت ورهايل هو:
* حويلي ۽ گهر جو ڪم ڪار، مائي گنگا جت، مائي صالحان تُنياڻي ۽ مائي بوئا وساڻ جي حوالي هو.
* خاص حاضري ۽ خدمت گذاريءَ جي فقيرن ۾ عبدالواسع فقير سالارو، سکر فقير ڏيرو، اسماعيل فقير ڏيرو، اجن فقير ڏيرو، ڪمال فقير سينهڙو، ورو فقير عرف ’وڳنڌ‘، نور محمد فقير ابڙو، عمر فقير سهتو، فقير سيد سائينءَ ڏنو موسيٰ پوٽو (مٽياروي سيد) ۽ بچو فقير قابل ذڪر آهن. انهن مان عمر فقير سهتو، شاهه صاحب جو خاص خادم هو، جنهن کيس ننڍي هوندي نپايو هو ۽ سندس پروش ڪئي هئي.
فقير سيد سائين ڏنو، شاهه صاحب جو هنڌ بسترو وڇائيندو هو.
بچو فقير ڪونئرو جهليندو هو. مصلو، تسبيح توڙي نماز ۽ عبادت جو بندوبست عبدالجميل فقير انڙ جي حوالي هو. عالم فقير ڏيرو،
شاهه صاحب جو ماسات هو، جيڪو ذڪر ۽ سماع جو خاص نگران هو. شاهه صاحب کيس ’محمد عالم سچو عالم‘ سڏيندو هو ۽ فقيرَ کيس ’خليفو محمد عالم ذاڪر‘ چوندا هئا. فقير صاحب، شاهه صاحب جو خليفو پڻ هو. سومر فقير لاڙڪ، شاهه صاحب جو خاص مريد ۽ هڪ پهتل بزرگ هو. شاهه صاحب طرفان کيس پيري مريديءَ جو ارشاد مليل هو. جنهنڪري ڀٽ تي ڪو شخص مريديءَ جي خواهش کڻي ايندو هو ته کيس سومر فقير جي حوالي ڪيو ويندو هو. جيڪو مريد کي سلوڪ ۽ معرفت جي سمجهاڻي ڏيندو هو. ان ڪري ٻيا فقير سندس تمام گهڻو ادب ۽ احترام ڪندا هئا.
عارف فقير ٿيٻو، فقيرن کي عبادت جي ترغيب ۽ نماز سيکاريندو هو.
عنايت فقير وساڻ، ڪُجائي جو رسو جهليندو هو.
رحمون فقير راڌارو هو.
قاسم فقير حجام هو ۽ شاهه صاحب جي سنوارت ڪندو هو.
احمد فقير سمون، شاهه صاحب جي گهوڙي ‘چنگل’ کي گاهه پٺو ڏيندو ۽ اُن جي نظرداري ڪندو هو.
محمد رحيم فقير جي حوالي لکپڙهه جو ڪم هو ۽ هي شاهه صاحب جو منشي ۽ ڪاتب هو.
راڳ ۽ سـمـاع جـي انـتـظـام ۾ خـليـفـو محـمـد عـالـم ڏيـرو،
شاهه صاحب جو وڏو خليفو ۽ ساٿي تمر فقير، سندس هم رفيق هئا.
ڀٽ تي شاهه صاحب ذڪر ۽ سماع جي سلسلي جي شروعات ڪئي هئي. جيئن ته شاهه صاحب راڳ ۽ سماع جو ڄاڻو ۽ ذوق رکندڙ هو، اُن ڪري ڀٽ تي هر وقت سماع ۽ راڳ جاري هوندو هو. شاهه هڪ طرف مسلسل عبادتن ۽ رياضتن، ذڪر ۽ فڪر، زهد ۽ جهد جي ڪري اعلى اخلاقي ۽ روحاني معراج کي پهتو هو. ٻئي طرف وٽس ماڻهن جي تمام گهڻي رجوعات به هئي. روايت آهي ته کيس هر وقت يادِ الاهيءَ جي تڙپ هوندي هئي. جڏهن سماع جو سلسلو شروع ٿيو ته ويتر وجد
۽ حال ۾ رهڻ لڳو، جنهنڪري ڀٽ تي سماع جو باقاعدي بنياد پيو.
تمر فقير جي مزار
رات جو سڀئي فقير مچ جي روشنيءَ تي سماع ڪندا هئا. سماع جو اڳواڻ خليفو محمد عالم ڏيرو ۽ شاهه صاحب، سماع جي شروعات ڪندا هئا. هڪ طرف محمد عالم ڏيرو ۽ سندس ساٿي هوندا هئا ته ٻئي طرف تمر فقير ۽ سندس ساٿي، شاهه جي بيتن سان سماع ڪندا هئا. سماع اڪثر رات جي وقت ڪيو ويندو هو. هر مهيني جي پهرئين سومر يا سائي سومر جي رات ۽ حج جي رات خاص سماع لاءِ مقرر هيون. جمعي جي ڏينهن ۽ عيدن جي موقعي تي نماز بعد به سماع ٿيندو هو.
شاهه جي سماع واري جاءِ
اهڙيءَ ريت راڳ جو به باقاعدي بنياد پيو. شاهه صاحب جا ڪجهه فقير راڳ جي ذوق سبب ‘لطيفي راڳ’ جا راڳي ٿيا. هز هائينس مير عبدالحسين سانگيءَ لکيو آهي ته: ”شاهه صاحب کي راڳ ئي ڀٽ تي رهايو، نه ته پاڻ پنهنجي جذبي ۽ جوش ۾ هتان کان هتي گهمندا ڦرندا رهيا. راڳ جي رَس سان ئي سندس تسڪين ٿي ۽ راڳ خاطر ئي ڀٽ کي وسائي ويٺا. راڳ سندن روزمره جو مشغلو هو، جنهن جو ذوق شاهه صاحب ۽ خود فقيرن ۾ ايترو وڌيو، جو اهو سندن روحاني خوشي ۽ خوراڪ بنجي ويو. آخر ڪجهه فقير بيمار پڻ ٿيا، جنهنڪري شاهه صاحب جي ارشاد موجب هر جمعي جي رات راڳ ٿيندو هو، جيڪو اڄ تائين ٿيندو اچي. شاهه صاحب جي دؤر ۾ ڪيترائي استاد راڳي ڀٽ تي سندس حاضري پڻ ڀرڻ آيا. اُنهن راڳين مان دهليءَ جا ٻه مشهور گويا اٽل ۽ چنچل سندس خدمت ۾ حاضر ٿيا هئا، جن ئي شاهه صاحب جي رسالي جي سُر وار ترتيب ڏني هئي. ‘لطيفي راڳ’ لاءِ دنبوري جي ساز جو استعمال ٿيندو هو، اهو دنبورو پنجن تارن تي مشتمل هو، جنهن جو مؤجد ۽ تخليقڪار به شاهه صاحب خود هو. شاهه صاحب خود به پنهنجا بيت ۽ وايون ڳائيندو هو. تمر فقير کي راڳداريءَ جي خاص شعبي جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو. تمر فقير جو اولاد اڄ به درگاهه شاهه لطيف جي مجاوريءَ جا فرض سنڀاليندو اچي ۽ اهي لطيفي راڳ جا راڳي به آهن ۽ ‘تمراڻي فقير’ سڏجن ٿا.
شاهه صاحب ڀٽ جي ڀيڻيءَ تي آباد ٿيڻ کانپوءِ، ڪيترن مشغلن هوندي به پنهنجن وڏڙن ۽ بزرگن جي تربتن جي سار سنڀال لهندو هو. پنهنجي تڙ ڏاڏي شاهه ڪريم سان کيس فڪري ۽ ذهني لڳاءُ هو ۽ سندس هدايت، تلقين، شاعري توڙي بي مثال نوڙت ۽ نهٺائيءَ واري زندگيءَ کان بيحد متاثر هو. جوانيءَ واري دؤر کان وٺي ڀٽ وسائڻ تائين پاڻ شاهه ڪريم جي آخري آرامگاهه تي زيارت لاءِ ويندو رهندو هو. هڪ طرف شاهه لطيف جو شاهه ڪريم سان روحاني ناتو هو ته، ٻئي طرف شاهه ڪريم، ڪريم پوٽا خاندان جو وڏو ڏاڏو به هو، جنهنڪري ساڻس تمام گهڻي عقيدت ۽ محبت هئڻ ڪري، شاهه صاحب سندس تربت تي روضو تعمير ڪرائڻ جو ارادو ڪيو. ان وقت 1154هه/ 1741ع ۾ سندس عمر 52 سال هئي. شاهه ڪريم جي درگاهه جي تعمير لاءِ کيس ڪاشيءَ جون سرون آڻڻ لاءِ ملتان به وڃڻو پيو ۽ اها مزار مسلسل ٻن سالن جي محنت سان 1154هه کان 1156هه (1741ع کان 1743ع) تائين جڙي راس ٿي. اهو سال سندس اُڪريل ڪاشيءَ جي سِر جي ڪتبي مان معلوم ٿئي ٿو، جنهن بعد شاهه ڪريم جي روضي جي ڀرسان اُتر طرف هڪ جامع مسجد جي تعمير به ڪرايائين. اهڙيءَ طرح سندس ڏاڏي عبدالقدوس شاهه جي قبي جي تعمير به سندس محنت ۽ عقيدت جو نتيجو آهي. روايت آهي ته شاهه لطيف درگاهه ڪريم جي تعمير ٿيڻ کانپوءِ هڪ سر تي ‘لطيف’ نالو اُڪرائي، ان کي روضي جي دروازي واري پاسي هڻايو هو. ان وقت شاهه ڪريم جي درگاهه جو گادي نشين
سيد عبدالواسع شاهه هو، جيڪو شاهه عنايت صوفيءَ [جهوڪ واري] جو مخالف ۽ سندس شهادت ۾ سڌيءَ اڻسڌيءَ ريت شريڪ هو، اهو جڏهن شاهه ڪريم جو روضو ڏسڻ آيو ته اها ‘لطيف’ جي نالي واري سر ڏسي چوڻ لڳو ته: “واهه! عبداللطيف ڀانئين ٿو ته هن گاديءَ جو وارث به مان ٿيان.” سندس ڌيان دنيوي هئڻ ڪري کيس وهم ورائي ويو، تنهنڪري اها سر ڪڍي ڦٽي ڪرايائين ۽ ان جاءِ تي ٻي سِر هڻائي ڇڏيائين.
شاهه لطيف اڃا اُتي ئي ‘بلڙي’ جي ڀرسان ‘ڊنڍي’ شهر ۾ پنهنجي هڪ عزيز سيد محمد صلاح وٽ ترسيل هو، جو وٽس عبدالواسع جي سِر پٽائڻ واري خبر اچي پهتي، جنهن تي شاهه صاحب کي ڏاڍي حيرت لڳي ۽ چيائين ته: “لطيف، الله تعالى جي اسمن مان هڪ آهي، جنهن جو آءٌ پڻ ٻانهو آهيان.” اڄ عبدالواسع شاهه جو مقبرو ٻين مزارن ۽ مقبرن جي ڀيٽ ۾ عبرت جو مقام بڻيل آهي. اهو مڪافات عمل آهي يا تاريخ جو فيصلو، ڏسندڙ روبرو وڃي ڏسي سگهن ٿا.
شاهه لطيف جو تعمير ڪرايل شاهه ڪريم جو روضو
شاهه صاحب جو مريدن ۽ فقيرن وٽ وڃڻ: شاهه صاحب جي سير ۽ سفر کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:
(1) ويهن ٻاويهن سالن جي ڄمار يعني جوانيءَ واري وقت ۾ سندس ڪيل سير ۽ سفر،
(2) چاليهن سالن جي ڄمار ۾ ڪيل سير سفر.
سندس عمر جي پهرئين حصي ۾ ڪيل سير سفر پُرجهڻ ۽ پروڙڻ لاءِ بزرگن ۽ اوليائن جي درگاهن، ديس ۽ پرديس جي ماڳن مڪانن، پيشه ور ماڻهن توڙي عوام جي عام زندگيءَ جي مطالعي ۽ مشاهدي لاءِ هو، پر چاليهن سالن جي ڄمار ۾ جڏهن هو فڪر جي اعلى معراج تي پهچي چڪو هو، تڏهن هو هڪ ئي وقت ڀٽ جو منتظم هو. ان عمر ۾ ڪيل سير سفر ڪنهن وڏي مقصد ۽ سوچ ويچار هيٺ ٿيو هوندو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ موجب شاهه صاحب هن سفر ۾ پنهنجن پيارن مريدن ۽ مخلصن وٽ سندن پوئيواري ڪرڻ لاءِ ويندو هو. ٻين حال ۽ ڄاڻ وارن فقيرن سان به ملڻ ويو ۽ پنهنجي همعصر عالمن ۽ عارفن سان سلوڪ ۽ معرفت واريون صحبتون ڪرڻ به ويو هو. انهيءَ سموري سفر ۾ وعظ ۽ نصيحت لاءِ مثنوي مولانا روم، بيان العارفين ۽ قرآن پاڪ هميشه گڏ کڻندو هو. سندس ساٿي محمد صلاح به هر سفر ۾ ساڻس گڏ هوندو هو. شاهه صاحب جي اعلى عرفان واري ذوق، وحدت واري نظريي ۽ انسانيت جي عظيم پيغام جي ڪري سندس نه رڳو ڪيترا مسلمان مريد ۽ معتقد هئا، پر ڪيترا هندو ۽ وقت جا حڪمران به سندس عزت ڪندا هئا.
ڪوڙين ڪم سلام، اچيو آسڻ اُن جي!
شاهه صاحب، سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر ڪيترن علائقن ڏانهن سفر جي سانگي ويو. اهڙيون ڪيتريون ئي شاهديون سندس ڪلام مان ملن ٿيون ۽ انهن علائقن ۾ سندس نالي سان منسوب اهڙيون ڪيتريون روايتون به موجود آهن. انهن مان اڪثر ماڳ مڪان انهن فقيرن جا آهن، جن وٽ شاهه صاحب گهڻو ويندو هو. شاهه صاحب جي عقيدتمندي ۽ مريدي ڪڇ طرف جتن ۾ گهڻي هئي، جنهنڪري اوڏنهن ڳچ ڀيرا ڪيائين، ان ارادت ۽ عقيدت جو بنياد ونهيين فقير سالاراڻي جت ۽ تماچي فقير نُهڙيي وڌو، جنهن بعد واڳڙ طرف به سندس ڪيترائي مريد ٿيا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب موجب اُهي مڪان بعد ۾ تمر فقير جي اڳواڻيءَ هيٺ ’شاهه جي راڳ‘ جو مرڪز پڻ بڻيا. مثال طور: ‘ڏر مڪان’: لکپت شهر جي ڀرسان ۽ سالار فقير جو ڳوٺ ‘ڀٽائو مڪان’: پير شهر جي ڀرسان، جتي سانولي فقير جت جي مزار هئي. ‘آسالڙي مڪان’: لکپت شهر جي ڀرسان هو. ‘اوريڻڙو مڪان’: نکتراڻي شهر جي ڀرسان ۽ تماچي فقير نهڙيي جو ڳوٺ هو، ‘ڄڙهوٽ مڪان’: نکتراڻي شهر ويجهو ۽ صالح فقير مڱريي جو ڳوٺ هو. ‘سراڙو مڪان’: تعلقي کاهوڙي ۾ ۽ ڇَتي فقير لاکاڻيءَ جو ڳوٺ هو، ‘بگهاڙيو’ مڪان: هتي شاهه ڪريم جا خاص مريد جئينداڻي جت فقير رهندا هئا. ‘آرل’ مڪان: تعلقي نکتراڻي ۾ هو ۽ خليفي دين محمد فقير جو ڳوٺ هو. هنن مڪانن مان ڪيترن هنڌن تي اڄ به ‘شاهه جو راڳ’ ڳايو ويندو آهي. خاص ڪري سالاراڻي جَت اڄ به اها روايت قائم رکيو اچن.
ڪن روايتن موجب شاهه صاحب ڪڇ کان ٻاهر ڀڄ طرف به ويو هو ۽ جيسلمير ۽ ٻاڙمير تائين به سندس پنڌ هئا، جتي سندس ڪيترين ذاتين وارا مريد: سميجا، مڱريا، لنجا، ڀنڀرا ۽ دل وغيره اڄ به موجود آهن. سندس جيسلمير جي راجا سان به ملاقات ٿي هئي، جيڪو کائنس تمام گهڻو متاثر ٿيو هو ۽ ان راجا سندس رحلت بعد نغاري (ڀير) جي جوڙي ڀٽ تي نذر عقيدت طور اُماڻي ڏني هئي. شاهه صاحب ان علائقي جي ڪيترن هندو فقيرن ۽ سنتن سان به ملاقاتون ڪري ساڻن ‘حق ۽ حقيقت’ بابت روح رهاڻيون ڪيون. ملتان جي غوثيه جماعت جي بزرگن سان به مليو. اهڙيءَ ريت شاهه صاحب جن علائقن ۾ وڌيڪ وقت ترسيو اُتي سندس ‘تڪيا’ به قائم ٿيا، جيڪي ’شاهه جا تڪيا‘ سڏجن ٿا. سنڌ ۾ سندس نالي سان موجود اهڙا ڪيترائي تڪيا آهن. مثلاً: کپري تعلقي ۾ ‘واگهين جي ڀٽ’، ٺٽي ۾ مڪليءَ ويجهو تڪيو، بدين، روهڙي، بکر (پراڻو) ۽ ‘ترائي’، جيڪا مديجي (ضلعي شڪارپور) کان ٻه ميل پري اُتر- اولهه طرف آهي، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته اُتي شاهه صاحب ترسيو هو. اهڙيءَ طرح سنڌ کان ٻاهر به اهڙيون ڪجهه شاهديون ۽ ثبوت ملن ٿا. واڳڙ جي ڀرپاسي، جتي شاهه صاحب چاليهه ڏينهن رهيو، اتي سندس ياد کي قائم رکڻ لاءِ مچ ۽ ميلو ٿيو. ٻاڙمير جي ڀرپاسي هڪ هندو سنت ’ملي ناٿ‘ کائنس تمام گهڻو متاثر ٿي سندس شيوڪ ٿيو هو. اتي تڪيي جي يادگار طور هندن ۽ مسلمانن جو گڏيل ميلو ٿيڻ لڳو هو. شاهه صاحب ڪوٽيشور جي مندر لڳ، جنهن مسجد ۾ ٽڪيو، اُتي سندس تسبيح اڄ به يادگار طور موجود آهي. شاهه صاحب ڪوٽيشور جي مندر جي جنهن ديوار سان ٽيڪ ڏئي ويٺو هو ۽ هندو سنتن سان رهاڻيون ڪيائين، اتي سندس تڪيو آهي. اهڙيءَ ريت شاهه صاحب ‘نارائڻ سر’ به ويو، ان مندر جي ديوار ۾ سندس يادگار قائم رکڻ لاءِ محراب مثل نشان ٺاهيو ويو هو، جيڪو اڄ به قائم آهي. اهڙيءَ طرح جن جن ماڳن تي شاهه صاحب ويو ۽ جن جن هندو توڙي مسلمان بزرگن ۽ فقيرن سان مليو ۽ ساڻن رهاڻيون رچيائين، تن جو ذڪر سندس ڪلام ۾ موجود آهي. نارائڻ سر، ڪوٽيشور وغيره بابت ‘شاهه جي رسالي’ ۾ هڪ اڌ بيت ملي ٿو، جڏهن ته ماڌو جوشي ‘اشڪ’ [ڪڇي ۽ سنڌيءَ جي شاعر] وٽان محترم تاج جويي کي 1.9.2015 تي احمدآباد (انڊيا) ۾ هڪ رهاڻ دوران هيٺيان ٽي بيت مليا:
نائي نارائڻ سر، سانڍي منجهئين ساهه،
اوڏو آهي الله، ‘ڪوٽيسر’ جي ڪنڊ تي!
-
ڪوٽيسر جي ڪُنڊ تي، رهيو آهي رام،
جنين سنياسين سَمريو، اندر ٿيو آرام،
ڪروڌ ۽ ڪام، ويا وجودان نڪري.
-
ويا وجودان نڪري، اُن کي واحد وڏائي،
ثابت ٻڌيو سندرو، منجهه ماڻن مٺائي،
اُنين کي آئي، لذت شاهه لطيف چئي.
اهڙيءَ طرح ‘ڪاپڙي پنٿ’ سان واسطيدار گورکناٿ جي پيروڪار ‘ميڪڻ فقير’ سان شاهه جي متوقع ملاقات جو ذڪر به ماڌو جوشي ‘اشڪ’ ڪيو آهي.
ميڪڻ (ميڪرڻ) فقير ڪڇيءَ جي وچولي دَور (Medieval age) جو مشهور سنت ڪوي، عام طور ’ڏاڏا ميڪرڻ/ ميڪڻ‘ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. ميڪڻ فقير جو جنم 1666ع ۾ ٿيو هو، يعني شاهه لطيف کان صرف 23 سال اڳ ڄائو هو. شاهه صاحب، جن ڏينهن ۾ ڪڇ ۽ جيسلمير جو سفر ڪيو هو، تن ڏينهن ۾ ڏاڏي ‘ميڪڻ’ جو نالو ڪڇي عوام جي زبان تي عام هو. ميڪڻ 1739ع ۾ چالاڻو ڪيو، جڏهن ته شاهه صاحب جو وصال 1752ع ۾ ٿيو هو. شاهه ۽ ميڪڻ فقير پاڻ ۾ همعصر هئا، ۽ قوي امڪان آهي ته سندن پاڻ ۾ ملاقاتون ٿيون هيون. اُن جو ثبوت ڪڇ ياترا تان موٽڻ بعد شاهه جي ڪلام، خاص ڪري سُر رامڪليءَ ۾ ‘ڪاپڙين’ جو ذڪر عام آهي.
ڏاڏو ميڪڻ، هنگلاج جو درشن ڪرڻ لاءِ سنڌ به آيو هو. سنڌ سان وابسته ميڪڻ فقير جون ٻه روايتون ملن ٿيون:
(1) بدين شهر ڀرسان ڪاڇيل ڀٽ تي ڀڳت ميڪڻ جو تڪيو موجود آهي، جتي روايت ملي ٿي ته شاهه حبيب، شاهه لطيف جي ابتدائي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ کيس [ڪاپڙي پنٿ جي] ميڪڻ گروءَ وٽ سکيا لاءِ ڇڏيو ۽ شاهه صاحب کانئس ويدانت جي ڄاڻ ۽ ‘جوڳ وديا’ حاصل ڪئي. ڏاڏي ميڪڻ کيس ڪوٽيشور، نارائڻ سر، گرنار، ڪارونجهر ۽ نانيءَ جي جوڳين سان ملايو ۽ ساڻن گڏ سفر ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو هو.
(2) ڏاڏي ميڪڻ جي [ٺٽي کان هنگلاج ويندي] جهوڪ جي شاهه قلندر سان ملاقات ٿي هئي، ۽ اُتي هن شاهه قلندر کان متاثر ٿي هيٺين ساکي يا بيت چيو هو:
هندو يا مسلمان جو، مچي مٿي مانڊاڻ،
مرم نه ڄاڻي ‘ميڪڻ’ چئي، آدمي لوڪُ اڄاڻ.
شاهه ۽ ميڪڻ جو تقبلي اڀياس ڪبو ته منجهن فڪري هڪجهڙائي ملندي. ميڪڻ، سنڌيءَ جي ڪڇي لهجي جو وڏو شاعر هو. هتي شاهه ۽ سندس همخياليءَ جا ڪجهه مثال ڏجن ٿا:
رڙي، رمي تون رام چئه، آتم اهـو نه ڀُـل.
(ميڪڻ)
اکـر پـڙهه ‘الـف’ جو، وائي ٻـي وسـار.
(شاهه)
جَتِـي سَتـي، تـپسـوي آڪـر پنـٿ اچـن،
نِـمـن ڪري نـر نـار، جـوڳي جـاترا ڪـرن،
سُـور پـورا ساڌ جـن، آڪـر پـنـٿ اچـن،
مانگي جو ميڪو چوي، ڀاءُ ڀڳتي ڪرن.
(ميڪڻ)
هلڻ جو هنگلاج ڏي، آديسين اُتوم،
نيئي پورب پار ڏي، ويراڳين وڌوم،
هُو جو تيرٿ تڪيو، سامين سُونهايوم.
(شاهه)
آديپور کان ڀڄ ويندي ‘ڌرنگ’ جي مقام تي ‘ميڪڻ’ جي سماڌي آهي. مٺيءَ کان ڏيپلي ويندي ‘ويڙهي جهپ’ جو مقام اچي ٿو، جتي ‘پاربرهم’ جو ميلو لڳي ٿو، جيڪو پڻ ‘ميڪڻ ڏاڏي’ جو شش (چيلو) هو، جنهن به ‘ويڙهي جهپ’ ۾ سماڌي ورتي هئي. ماڌو جوشي ‘اشڪ’ هڪ اڻپورو شعر به ٻڌايو ۽ چيو ته اُن جي صحت اصل شعر کي ڏسڻ بعد قائم ڪري سگهجي ٿي:
قرآن ۾ ڪاپڙي، ڪلمي تي پورا،
يا
‘ميڪڻ’ چئي مون کي، سيد مرشد مليا
ڊاڪٽر بلوچ صاحب وٽ به ان قسم جو هڪ ٻيو مثال ملي ٿو. شاهه صاحب ‘ڌيڻو ڌر’ جي جبل جي مڙهيءَ ۾ هڪ ڪاپڙيءَ کي تپسيا ڪندي ڏٺو. ڪن روايتن موجب اهو ڪاپڙي خود ‘ڌرم ناٿ’ پاڻ هو. بهرحال ان ڪاپڙيءَ پنهنجي تپسيا دوران ٻانهن اُڀي جهلي سڪائڻ جو عهد ڪيو هو. ڪاپڙيءَ جي ڀڳوان کي پائڻ لاءِ اهڙي هلت ڏسي، شاهه صاحب کيس هدايت ڪئي ته:
هينئون نه سُڪائيه هوت لئه، ٿو سُڪائين ٻانهون،
ڏيکارين ٿو ڏيهه کي ‘ڌيڻا’ ڪيو دانهون،
پاڻهي مُٺئي پاڻ کي، چوين آديسي آئون،
ايءُ پنڌ پراهون، ڪي ڪي لهندا ڪاپڙي.
‘مقدمه لطيفي’ ۾ پروفيسر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ به اهڙي هڪ روايت جي تصديق ڪئي آهي. ان موجب جڏهن شاهه صاحب ننگر ٺٽي واري پاسي ڏانهن سفر پئي ڪيو ته اوچتو هن هڪ درد ڀري دانهن جو پڙلاءُ ٻڌو. ٿورو اڳتي وڌي ڏٺائين ته غار ۾ هڪ شخص هر هر [شاهه صاحب جي هڪ بيت جي] هيءَ مصرع پيو ورجائي:
‘هيڪليائي هيل، پورينديس پنهونءَ ڏي’
شاهه صاحب ان شخص کان ويجهو وڃي خير عافيت پڇي ۽ حال احوال معلوم ڪيو، جنهن کيس ٻڌايو ته هو هڪ جت قبيلي جو فرد آهي. هو ساٿين سان گڏجي شاهوڪاري مال لڏيو پئي ويو ته هالن جي ڳوٺ [ٺٽي] وٽ جڏهن سندن قافلو پهتو ته اتي ڪن فقيرن راڳ پئي ڳايو، جنهن جي هڪ تُڪ کيس اهڙي ته ضرب هنئي، جو مال متاع ۽ گهر ٻار ڦٽا ڪري اها ئي تڪ ڳائيندو هتي اچي نڪتو آهي. شاهه صاحب محسوس ڪيو ته هن ماڻهوءَ جي من اندر ڪو وڏو درد آهي. جنهن ڪري کيس چيائين ته ‘جي تنهنجي مرضي هجي ته هن بيت جون ٻيون سٽون به تو کي سُڻايان’، جت کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ کيس ٻڌائڻ لاءِ اصرار ڪيائين، جنهن بعد شاهه صاحب ان بيت جون بقايا سٽون کيس ٻڌايون:
آڏا ڏونگر لڪيون، سُوريون سُڄن سيل،
ته ڪر ٻيلي آهن ٻيل، سور پريان جا ساڻ مون.
جَت، بيت جي پهرين مصرع ٻڌندي ئي وجد ۽ حال ۾ اچي ويو. جڏهن آخري مصرع ٻڌائين ته بيهوش ٿي ڪري پيو ۽ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. شاهه صاحب کي ڏاڍو تجسس ۽ ڏک ٿيو، جنهن بعد اُنهيءَ جت فقير کي اتي ئي ڪفن ڏيئي دفن ڪيائين، شاهه صاحب اڪثر اها ڳالهه ڪندو هو ته “انهيءَ جت جهڙو صادق ۽ سوخته دل ماڻهو مون ڪڏهن ڪو نه ڏٺو.” انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته هي شاهه صاحب جي سير سفر جو ٻيو دور آهي، جنهن ۾ ڀٽ وسائڻ کانپوءِ شاهه صاحب مريدن، فقيرن ۽ وقت جي وڏن بزرگن سان ملاقاتن لاءِ ويندو هو. جيئن ته انهيءَ روايت مان معلوم ٿئي ٿو ته جت فقير هالن جي ڳوٺ ڀرسان اهڙو راڳ ٻڌو هو، جيڪو قومي امڪان آهي ته شاهه جي فقيرن يا جتن ئي ڳايو هجي، ڇو ته سجاول ۽ جاتيءَ [ٺٽي] جا جت نه رڳو شاهه جا حافظ پر راڳي به رهيا هئا.
بااثر ماڻهن جا شاهه صاحب سان تعلقات ۽ رويا: شاهه صاحب پنهنجي اعلى شخصيت ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ هو. جهڙيءَ ريت شاهه صاحب وقت جو وڏو عالم ۽ عارف هو، اُن ڪري سندس صحبت به وقت جي وڏن بزرگن ۽ صاحبِ علم ماڻهن سان ٿيندي هئي. شاهه صاحب اعلى اخلاقي ۽ روحاني مرتبي جي معراج تي پهچي چڪو هو، ان ڪري ڪيترن ماڻهن جو منجهس وڏو اعتقاد هو، جنهنڪري ڪيترن ماڻهن جو ڏانهنس رجوع ٿيندو هو، جن کي ترغيب ڏيندو هو ۽ حق جي راهه ڏيکاريندو هو. شاهه صاحب سموريءَ سنڌ ۽ هند جو سير ۽ سفر به ڪيو هو، ان ڪري سندس جتان به گذر ٿيندو هو، اتي ڄڻ سندن يادگار قائم ٿي ويندو هو.
ڀٽ وسائڻ کانپوءِ، شاهه صاحب جي شعر ۽ راڳ جو دَور اوج ۽ عروج تي پهچي چڪو هو، جنهن کي ڏسندي ملڪ جا نامور گويا به وٽس حاضري ڏيڻ ايندا هئا. شاهه جي مقبوليت جا اهي سمورا جواز، سندس اعلى شخصيت جي ڪري آهن. پاڻ سج وانگر عيان هو. سندس شخصيت جا ڪيترا پهلو هئا، گربخشاڻي صاحب لکيو آهي ته: “هڪ هوندي هيس ٻاجهاري طبيعت ۽ ٻيو هو آل رسول، سو جيڪو به سندس صحبت ۾ ايندو هو، سو دام ۾ ڦاسي ويندو هو ۽ قرب جي ڪڙي ۾ قابو ٿي پوندو هو.”
انهيءَ طرح شاهه صاحب جا ڪيترا مريد ۽ معتقد ٿيا ۽ آس پاس جي پيرن جا مريد به اچي شاهه صاحب جا فقير ٿيا. ان حوالي سان آس پاس جي پيرن جي شاهه صاحب سان حسد يا ساڙ جون حڪايتون ۽ روايتون پڻ ملن ٿيون، ڪن عالمن ته هالا جي مخدوم خاندان سان به سندس اڻبڻت ۽ ڪلهوڙي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي جي شاهه سائينءَ کي مختلف طريقن سان مارائڻ جون روايتون به قلمبند ڪيون آهن، پر مخدوم طالب الموليٰ، پنهنجي هڪ مضمون ۾ ڀٽائيءَ سان مخدومن جي اڻبڻت واري واقعي کي رد ڪيو آهي. پر نور محمد ڪلهوڙي جي روايت جي صحت درست معلوم ٿئي ٿي. شاهه صاحب بابت ٻيون به ڪيتريون روايتون موجود آهن. هڪ روايت اها به آهي ته ميان نور محمد ڪلهوڙي جو پٽ غلام شاهه، شاهه صاحب جي دعا سان پيدا ٿيو هو، جيڪو کانئس پوءِ سنڌ جو حاڪم ٿيو ۽ شاهه صاحب جو وڏو مريد ۽ معتقد ٿيو. ان ڏس ۾ روايت آهي ته ‘گلان’ نالي هڪ ڳائڻي ڀٽ تي حاضري ڏني هئي، جنهن شاهه جي آڏو اهڙو ته رسيلو ۽ مٺو راڳ ڇيڙيو، جو سڀني فقيرن ۽ ايستائين جو شاهه صاحب به وجد واري ڪيفيت ۾ اچي ويو. شاهه صاحب کيس دعا ڪئي ته ‘سندس شادي سنڌ جي حاڪم سان ٿيندي ۽ ‘گُلان مان گُل ٿيندو’- يعني کيس هڪ پٽ ڄمندو، جيڪو پڻ سنڌ جو حاڪم ٿيندو.’ ڀٽائيءَ جي جلال دوران ڪيل پيشنگوئي صچ ثابت ٿي ۽ اڳتي هلي گلان جي شادي ميان نور محمد ڪلهوڙي سان ٿي ۽ کيس غلام شاهه نالي پُٽ ڄائو، جيڪو وقت جو وڏو حاڪم ٿيو. تاريخ جي ڪتابن ۾ ميان غلام شاهه جي ڄمڻ جي تاريخ موجود ناهي؛ البت 1740ع ۾ ايران جو بادشاهه نادر شاهه ‘افشار’ سنڌ تي ڪاهي اچڻ کان پوءِ ڏَنَ طور وڏي رقم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ٻن پٽن ميان مرادياب ۽ ميان غلام شاهه کي يرغمال ڪري پاڻ سان ايران وٺي ويو هو. هن واقعي مان معلوم ٿئي ٿو ميان غلام شاهه اُن وقت نوجوان هو ۽ اندازو آهي ته سندس جنم 22-1721ع ڌاري ٿيو هوندو. اهڙيءَ ريت مائي گلان جو ميان نور محمد سان نڪاح 1720ع ڌاري ٿيو هوندو. مطلب ته ان وقت ڀٽائي صاحب، ڀٽ شاهه تي مستقل سڪونت اختيار نه ڪئي هئي، ليڪن اتي ايندو رهندو هو. گمان غالب آهي شاهه صاحب ۽ مائي گلان جي ملاقات ڀٽ يا آسپاس، ان ئي دور ۾ ٿي هئي. نور محمد ڪلهوڙي پاران ڀٽائيءَ کي دٻليءَ ۾ معجون جي روپ ۾ زهر موڪلڻ ۽ سواريءَ لاءِ جڙي گهوڙي موڪلڻ واريون روايتون اڪثر مؤرخن ورجايون آهن ۽ اها حقيقت به آهي ته وقت جا حڪمران اهل الله درويشن ۽ صوفي شاعرن جا مخالف پئي رهيا آهن، جو وٽن ماڻهن جي وڏي تعداد ۾ آمد ۽ ارادت حاڪمن کي هميشه ڏکي پئي لڳي آهي. تاريخ ۾ اهڙا ڪيترا واقعا موجود آهن.
سنڌ جي عالمن، عارفن ۽ بزرگن سان صحبتون: جيئن ته شاهه صاحب پنهنجي والد جي تربيت هيٺ ويهن يا ٻاويهن سالن جي ڄمار ۾ ڪوٽڙي، هالا، ڀئينءَ پور، گنبات کان ويندي بلڙي شاهه ڪريم، بدين، تلهار ۽ ٺٽي ننگر واري پاسي سير سفر ڪيا ۽؛ سنڌ جي ولين ۽ درويشن جي درگاهن تي زيارتون ڪيون؛ پنهنجي خاندان جي، وڏڙن جي مزارن ۽ مقبرن تي حاضري ڏني هئي؛ ان لحاظ کان سندس والد بزرگوار شاهه حبيب سنڌ جي عالمن، عارفن، سلوڪ ۽ معرفت جي صاحبن، توڙي وڏن بزرگن سان سندس به ملاقاتون ڪرائي کيس اعلى روحاني ۽ اخلاقي تربيت ۽ ترغيب ڏيارڻ جا جتن ڪيا هوندا. اهي ملاقاتون شاهه لطيف جي سفر جي ٻئي دؤر يعني چاليهن سالن جي ڄمار کانپوءِ به هلنديون رهيون. ان لاءِ اهڙيون ڪيتريون شاهديون مختلف ڪتابن ۾ تحرير هيٺ آيل آهن. شاهه صاحب پنهنجي وقت جي عالمن، عارفن، حديث ۽ فقھ جي صاحبن توڙي پنهنجي دور جي وڏن صوفي درويشن ۽ بزرگن سان مليو هو، ساڻن روح رهاڻيون رچائي، علم ۽ عرفان جون منزلون ماڻيون هئائين. پر ان کان اڳ سندس ابتدائي صحبتن ۽ ملاقاتن بابت پڻ روايتون موجود آهن. سندس ان وقت عمر 12، 13 سال هئي. هيٺ انهن شخصيتن جو مختصر بيان ڏجي ٿو، جن سان شاهه صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ ملاقاتون ڪيون ۽ ساڻن صحبتون اختيار ڪيون. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ‘شاهه جي رسالي’ جي مـقـدمـي ۾ انهن بـزرگـن، عـالمن ۽ عـارفن جو ذڪـر مفصل طور ڪيو آهي:
ميون شاهه عنات رضوي نصرپوري: ڪيترين روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ميين شاهه عنات رضوي نصرپوريءَ سان گهري صحبت ۽ محبت هئي. ميون شاهه عنات سلوڪ ۽ معرفت جي راهه ۾ سکر جي بزرگ شاهه خيرالدين قادريءَ جي سلسلي سان وابسته هو ۽ پنهنجي وقت ۾ حال ۽ قال جو صاحب ۽ وڏو درويش ۽ شاعر هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيقات موجب شاهه لطيف 12، 13 سالن جي ڄمار ۾ ميين شاهه عنات سان ملاقات ڪئي هوندي. ان وقت ميين شاهه عنات جي عمر 79 يا 80 سال ڄاڻائي وئي آهي ۽ شاهه لطيف جي صحبت جو ساڻس سلسلو ميين شاهه عنات جي وفات [1120-1130هه] تائين ٻڌايو ويو آهي. ميين شاهه عنات ۽ شاهه لطيف جي ملاقاتن جون حڪايتون سگهڙن ۽ سُڄاڻ ماڻهن جي ڪچهرين جو عنوان بڻيل آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه لطيف اڃا ننڍيءَ عمر جو ئي هو ته ميين شاهه عنات وٽ رس رهاڻ لاءِ ايندو هو. شاهه عنات، شاهه لطيف کي گهڻو ڀائيندو هو ۽ شاهه لطيف کي به ميين شاهه عنات لاءِ تمام گهڻي محبت ۽ عزت هئي. اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته شاهه صاحب شاعري جي ترغيب، ميين شاهه عنات کان ورتي. ان لاءِ روايت آهي ته: “هڪ ڀيري جڏهن شاهه عبداللطيف، ميين شاهه عنات سان ملاقات لاءِ آيو ته شاهه عنات کيس شعر چوڻ جي ترغيب ڏني، جنهن تي نوجوان لطيف چيو ته ‘زمين سڄي کيڙي پئي آهي، مون کي ڪهڙو ٿا ڏس ڏيو’، ميين شاهه عنات وراڻيو ته “ابا! تون وڃي سمنڊ کيڙ.”
اهو به چيو وڃي ٿو ته ميون شاهه عنات، وطن دوست سورمي ‘مارئي’ کي شاعريءَ ۾ وڏي اهميت ڏيندو هو ۽ ‘سسئيءَ’ کي ناپسند ڪندو هو، جڏهن ته نوجوان لطيف محب وطن مارئيءَ سان گڏوگڏ ‘سسئيءَ’ کي به عشق جي اعلى سورمي ثابت ڪيو هو، جنهن کان متاثر ٿي شاهه عنات به سسئيءَ کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو.
ميون صابر ولهاري: ميون صابر ولهاري، پنهنجي وقت جو وڏو بزرگ، عابد ۽ زاهد هو. هو سنڌي سماٽ قبيلي ‘سمن’ جي ‘ٻرند’ نک مان هو ۽ ٽنڊي الهيار جي اوڀر طرف ‘ولهار’ ۾ هن مذهبي درسگاهه قائم ڪئي هئي، جيڪا ميرن جي دؤر ۾ وڏي عروج تي پهتي. شاهه صاحب هلي وڃي ميين صابر ولهاريءَ سان ملاقات ڪئي هئي.
آخوند حاجي متين الدين سانوڻي [پراڻن هالن وارو]: آخوند حاجي متين، شاهه صاحب جو صحبتي هو، ۽ هن کيس پنهنجو ميٽائين رنگ جو لباس ڏنو هو، جنهن کي شاهه صاحب يادگار طور سنڀالي رکيو هو. [1878ع- 1880ع ۾] مير عبدالحسين سانگيءَ جي چوڻ موجب سندس اُستاد آخوند احمد سانوڻيءَ وٽ اهو لباس موجود ۽ محفوظ هو.
سيد شهمير شاهه باقيل پوٽو [مٽياروي]: سيد شهمير شاهه جو ذڪر ‘تحفة الڪرام’ ۾ موجود آهي، جيڪو مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو سٺو شاگرد هو. سندس سموري ڄمار دين اسلام جي خدمت ڪندي گذاري. شاهه صاحب جي ساڻس سٺي ڏيٺ ويٺ هئي، جنهنڪري کيس هڪ هندوءَ کي مسلمان ڪرڻ کان منع ڪيو هئائين.
مخدوم عبدالباسط هالائي: هي پنهنجي وقت جو بهترين عالم هو. شاهه صاحب سان سندس عقيدت هئي، جنهنڪري شاهه صاحب وٽس اڪثر ايندو رهندو هو.
حافظ ميون اسحاق درس مشائخ [پوٽو عرف ميون اسحاق بنوي]: ميون اسحاق پنهنجي وقت جو وڏو عابد ۽ زاهد هو. موجوده تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ مُلي دڙي ۾ تعليم ڏيندو هو. ٻارن کي ديني تعليم ايڏي ته پيار سان پڙهائيندو هو، جو شاهه صاحب ملاقات دوران کيس چيو ته: “ادا! ٻارن کي پاڙهين ٿو يا کارين ٿو!” حافظ اسحاق وراڻيو ته: “جي کاريندس ته به لطيف ٿيندا.”- سندس چوڻ جو مقصد هو ته ‘جي تعليم ۾ کري پيا، ته به اخلاق ۾ لطيف [نيڪ ۽ پاڪ] ٿيندا.’ شاهه صاحب سندس اخلاقي معراج کان شناسا ٿيو ۽ ساڻس وڏيءَ حب سان مليو، جنهن بعد شاهه صاحب جو وٽس اچڻ وڃڻ ٿيندو هو.
ميون محمد مبين ٿرائي: ميون محمد مبين پنهنجي وقت جو وڏو عالم، عارف ۽ مولوي محمد هاشم ٺٽويءَ جو دوست ۽ همعصر هو. اسلامي درسگاهه ‘چوٽيارين’ [موجوده ضلعي سانگهڙ] جو بنياد وڌائين، جيڪا ميرن جي دؤر ۾ اوج تي هئي. ميون مبين شاهه صاحب جو صحبتي هو ۽ شاهه صاحب جو اڪثر وٽس سانوڻ مهيني ۾ وڃڻ ٿيندو هو.
مخدوم دين محمد صديقي سهروردي سيوستاني: مخدوم دين محمد اصل پاٽ شريف جو هو ۽ بعد ۾ سيوهڻ ۾ اچي رهيو. مخدوم صاحب ظاهري علم توڙي اخلاقي ۽ روحاني معراج ۾ مٿانهون هو. شاهه صاحب ۽ مخدوم صاحب پاڻ ۾ تمام گهرا دوست هئا، ايتريقدر جو چيو وڃي ٿو ته هڪ ٻئي جون دستارون مٽائي پڳ مٽ يار ٿيا هئا.
ميون محمد صلاح پٽ ميون محمد عارف: ميون محمد صلاح وڏو عالم ۽ شاهه صاحب جو مريد ۽ معتقد هو. ڊاڪٽر بلوچ چواڻي: هن ‘بزغل جا ڪلما’ جوڙيا، جيڪي ‘محمد صلاح جي سنڌيءَ’ جي نالي سان مشهور آهن. ان سان گڏوگڏ هڪ ٻي تصنيف شاهه صاحب جو ‘سفرنامو ’ لکيائين، جيڪو پوئين دؤر ۾ ضايع ٿي ويو. ميون محمد صلاح ‘مثنوي مولانا روم’ جو بهترين ڄاڻو هو ۽ هر روز مثنويءَ جو وعظ ڪندو هو. شاهه صاحب جو عزيز ۽ سير سفر جو ساٿي رهيو. سندس اصل ماڳ ٽنڊي قيصر جي ويجهو هو، پر پوءِ مٽياريءَ ۾ اچي رهيو.
مخدوم عبدالله آگرو ڪنڊياري وارو: مخدوم عبدالله آگرو، شاهه صاحب جو محبتي هو. شاهه صاحب سفر کان ايندي يا ويندي وٽس ترسندو هو.
مخدوم محمد صديقي قريشي: مخدوم صديقي پنهنجي وقت جو بزرگ ۽ عالم هو ۽ ڪوٽڙي ڪبير [موجوده تعلقي ڪنڊياري] جي مڪتب ۾ پڙهائيندو هو. سندس درسگاهه مخدومن جي پاڙي، ‘سوا لک مقام’ جي وچ ۾ هئي، جنهن جي ڀرسان هڪ مسجد هئي، جتي شاهه صاحب اچي ترسندو هو. مسجد جي ڀرسان هڪ لئي جو وڻ هو، جيڪو بعد ۾ ‘ڀٽائيءَ جو لئو’ سڏبو ويو.
فقير محمد حافظ عرف ميان صاحب ڏنو فاروقي: ميان صاحب ڏنو فاروقي، پنهنجي وقت جو وڏو عابد، زاهد ۽ صوفي درويش ٿي گذريو آهي. سچل سرمست [ميان عبدالوهاب] جو ڏاڏو هو. شاهه سائين ۽ خواجه صاحب جي ملاقاتن بابت جدا جدا روايتون ملن ٿيون. هڪ روايت مستند معلوم آهي ته لڳ ڀڳ 55-1154 هه/ 42-1741ع ڌاري
شاهه صاحب کهڙن جي شهر ۾ مخدوم محمديءَ وٽ هڪ هفتو ترسڻ بـعـد واپـسـيءَ تي درازن ۾ خواجـه صاحـبـڏني سان مليو، ان وقت
خواجه صاحب ڪلهوڙا سرڪار جو ملازم هو. شاهه سائين سندس ذهني سطح کي محسوس ڪندي کيس چيو ته: “ميان صاحب، اوهان کي ته ‘صاحبِ امانت’ ٿيڻو آهي.‘ جنهن کان پوءِ خواجه صاحب جي طبيعت ۾ڦيرو آيو ۽ هو ‘امانت جو صاحب’ بڻيو. سندس سنڌي، سرائڪي ۽ فارسي ڪلام موجود آهي.
مخدوم محمدي پٽ شهيد مخدوم عبدالرحمان کُهڙائي: مخدوم محمدي پنهنجي والد مخدوم عبدالرحمان جي شهادت کانپوءِ، سندس جانشين ٿيو. هن جي والد کي ميان نور محمد ڪلهوڙي [1145هه/ 1733ع ۾] شهيد ڪرايو هو، جنهن سان شاهه صاحب جي محبت جو رشتو هو. هڪ ڀيري شاهه صاحب کهڙن جي شهر ڀرسان چنيهه فقير اُڄڻ جي کوهه تي لٿو، جڏهن مخدوم صاحب کي سندس آمد جي خبر پئي ته پنهنجي خاص ماڻهوءَ هٿان نياپو ڏياري موڪليائين ته پراڻي محبت واري تعلق ڪري وٽس اچي مهمان ٿئي ۽ دعوت قبولي، پر شاهه صاحب پنهنجي فقير وٽ اچي مهمان ٿيو هو، سو اوڏانهن وڃڻ مناسب نه سمجهائين ۽ [هڪ ٺڪر جي ٽُڪر تي آڱر سان] هيٺيون بيت لکي، قاصد کي واپس ڪيائين:
اڄ نه آيس آنءُ، صبح ايندس سپرين،
توتي جنهن جو نانءُ، سو کڻي بار کُهين جا.
رات گذاري، شاهه صاحب ٻئي ڏينهن سندس مهمان ٿيو. ان وقت شاهه صاحب سان پنهنجا راڳائي به گڏ هئا، جيئن ته مخدوم صاحب شريعت جو پابند ۽ ‘اويسي طريقي’ جو وڏو بزرگ هو، تنهنڪري شاهه صاحب کان راڳ ڳائڻ جو سبب پڇيائين. شاهه صاحب وراڻيو ته: “اسان جي اها مجبوري آهي، جو راڳ اسان جي روح جي غذا بڻجي چڪو آهي.” مخدوم صاحب چيس ته: “هتي ساز بنا راڳ ڀلي ٿئي ۽ بيشڪ ٻڌو.” شاهه صاحب سندس ڳالهه قبول ڪئي، ۽ فقيرن ڪمري اندر دنبورا سنڀالي رکيا. سومهڻيءَ نماز بعد، جڏهن فقيرن سوز ۽ گداز وارو راڳ ڳايو ته ڪمري اندر دنبورا پاڻهي وڄڻ لڳا، جنهن تي مخدوم صاحب اچرج ۾ اچي چيو ته: “واقعي اها نرالي حالت آهي ۽ اوهان بي ميار آهيو.” جنهن بعد شاهه صاحب اُتي هفتو کن ٽِڪيو ۽ مخدوم صاحب سان روح رهاڻيون ڪيائين.
چنهيه فقير اُڄڻ: چنيهه فقير کهڙن جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ رهندو هو. شاهه صاحب جو پيارو مريد ۽ محبتي هو ۽ وٽس وڃي ٽڪندو هو.
سيد محمد بقا لڪياري (شهيد): سيد محمد بقا لڪياري، پير صاحب محمد راشد ’روضي ڌڻيءَ‘ جو والد بزرگوار هو. جنهن سان شاهه صاحب جي ملاقات کهڙن جي شهر کان اڳتي ويندي ٿي هئي ۽ اُن ملاقات جو ذڪر پنهنجي پٽ محمد راشد صاحب سان ڪيو هئائون. انهيءَ ڪري محمد راشد، شاهه لطيف جي شاعريءَ ڏانهن متوجهه ٿيو هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي چوڻ موجب پير محمد راشد پهريون عالم ۽ قادري طريقي جو بزرگ هو، جنهن سڀ کان اڳ شاهه صاحب جي عالمانه ۽ عارفانه ڪلام جي فڪر جي پرک ڪئي ۽ پنهنجي هدايت توڙي وعظ ۾ انهن بيتن جي روشنيءَ ۾ هدايتون ۽ نصيحتون ڪندو هو. اُهي بيت سندس ملفوظات ۾ موجود آهن. سيد بقا شاهه پاڻ به شاعر هو ۽ سندس ڪجهه شعر ڪتابن ۾ محفوظ آهن.
پير موسن شاهه جيلاني: پير صاحب پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ عارف هو ۽ ‘لوءِ مبارڪ’ [گهوٽڪيءَ] جو سجاده نشين هو. هن 1101هه/ 1689ع ۾ هڪ جامع مسجد هڪ علمي درسگاهه پڻ جوڙايو. شاهه صاحب وٽن وڃي مسجد ۾ ٽڪيو، جتي پير صاحب سان قرب ڀري ڪچهري ڪيائين. شاهه صاحب سُر مارئيءَ جا ڪيترا بيت پڙهيا، جيڪي اتي جي پيرن ۽ بزرگن وٽ يادگار رهيا. پير موسن شاهه جيلاني، شاهه صاحب جي شعر کان تمام گهڻو متاثر ٿيو.
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي: مخدوم محمد هاشم، بلڙي شاهه ڪريم جي ڀرسان بهرام پور جو رهاڪو، وڏو عالم هو. شاهه صاحب ۽ مخدوم صاحب جي ملاقاتن جون ڪجهه روايتون ملن ٿيون، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته سندن هڪ ٻئي سان صحبت ۽ ڏيٺ ويٺ هڪ ٻئي سان سٺي هئي. جڏهن شاهه صاحب، بلڙي شاهه ڪريم ۾ پنهنجي تڙ ڏاڏي شاهه عبدالڪريم جي مزار تي قبو اڏائڻ لاءِ ڪوشان هو. مخدوم صاحب کي ان جي خبر پئي ته کيس قبو ٺهرائڻ کان روڪيائين، پر شاهه صاحب کيس ٻڌايو ته کيس شاهه ڪريم سان محبت آهي، انهيءَ ڪري هو سندس يادگار قائم ڪرڻ لاءِ مقبرو تعمير ڪرائي ٿو. ان ڪري
مخدوم صاحب ۽ شاهه صاحب ۾ ايتري ويجهڙائي نه رهي، پر ان هوندي به شاهه صاحب کي مخدوم صاحب لاءِ ادب ۽ احترام هو. شاهه صاحب جو دوست مخدوم معين ٺٽوي هو، جيڪو روشن خيال بزرگ هو، ۽ محمد هاشم ٺٽوي اُن بزرگ جو نظرياتي مخالف هو.
درويـش ڏاتـار ڏنو پٽ اسـحـاق سَڪريو: درويش ڏاتار ڏني جو ذڪـر
‘تحفة الڪرام’ ۾ آيل آهي، جيڪو ملاڪاتيار جي بزرگن جو وڏو هو. شاهه صاحب جي ساڻس صحبت هئي. روايت موجب شاهه صاحب،
شاهه ڪريم جي روضي ٺهرائڻ لاءِ جڏهن ڪاشيءَ جون سرون وٺڻ ملتان ويو ته درويش ڏاتار ڏنو به ساڻس گڏ ويو هو ۽ ملتان وارن بزرگن جو معتقد هو.
مخدوم ڀاون شاهه: ڀاون شاهه ملتان جي سهروردي غوثيه جماعت ۽ درگاهه جو گادي نشين هو. جڏهن شاهه صاحب، فقير ڏاتار ڏني سان گڏ ملتان ويو هو، تڏهن مخدوم ڀاون شاهه سان ملاقات ۽ صحبت ڪئي هئائين.
ميان محمد صادق نقشبندي ٺٽوي: ميان محمد صادق پنهنجي وقت جو تمام وڏو عالم، صوفي ۽ درويش هو. مخدوم محمد معين ٺٽويءَ کان تعليم حاصل ڪئي هئائين، جيڪو شاهه صاحب جو وڏو صحبتي هو. خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو سندس شاگرد هو. کيس فارسيءَ تي وڏي مهارت هئي ۽ سٺو شاعر به هو. شاهه صاحب جي تمام ويجهن معتقدن مان هو ۽ سندس اها عقيدت ۽ ارادت عمر جي آخري وقت تائين قائم رهي. شاهه صاحب جي فرمان تي شاهه حبيب جي وفات ۽ شاهه ڪريم جي درگاهه جي تعمير جا سال ابجد جي حساب موجب نهايت سهڻا تاريخي مادا ڪڍي ڏنا هئائين.
خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو: خواجه محمد زمان پنهنجي وقت ۾ سلوڪ ۽ معرفت وارو بزرگ ٿي گذريو آهي. خواجه محمد زمان، شاهه لطيف جي مريد ۽ وقت جي وڏي عالم ميان محمد صادق نقشبنديءَ جو شاگرد هو. ظاهري توڙي باطني علمن کان واقف هو. طريقت جي راهه ۾ فنائيت جو قائل هو. شاهه صاحب ۽ خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جي ملاقات بابت ڪتابن ۽ تحريرن ۾ مشهور روايت آهي ته شاهه صاحب جڏهن ساڻس ملاقات لاءِ ويو ۽ کائنس سوال ڪيائين ته: “فنا کان پوءِ به ڪو علم آهي؟” خواجه صاحب جواب ئي سوال ۾ ڏنو ته: “فنا کان اڳ ڀلا ڇا آهي؟” ان کان سواءِ هڪ ٻئي سان بيتن جي ڏي وٺ به ڪئي هئائون. اها روايت خواجه محمد زمان جي ڪلام [جي ڪتاب] ۾ موجود آهي. ان وقت خواجه صاحب جوان هو [۽ شاهه صاحب جي عمر کانئس وڏي هئي]. خواجه صاحب جي خواهش هئي ته شاهه صاحب سندس مريد ٿئي، پر شاهه صاحب وڌيڪ وقت اُتي نه ترسيو. خواجه صاحب جي نظر ۾ “شاهه صاحب هڪ اهل دل عارف هو، جنهن جو قلب ذڪر الاهيءَ ۾ مشغول هو.” اهڙيءَ طرح هڪ روايت اها به ملي ٿي ته شاهه صاحب، خواجه محمد زمان سان ملاقات کان پوءِ هيءُ بيت پڙهيو هو ته:
مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.
سيد محمد عطا امير خاني ٺٽوي: سيد محمد عطا جڏهن کان شاهه صاحب جي صحبت اختيار ڪئي ته مذهبي ڪٽرپڻي ۽ تضاد واريون نفرتون وساري، هڪ نيڪ دل ۽ پاڪ صاف قلب وارو صوفي ٿيو، جنهنڪري شاهه صاحب کيس اڳ کان وڌيڪ محبت ڏني ۽ اڪثر ٺٽي ۾ سندس اوطاق تي وڃي مهمان ٿيندو هو. روايت آهي ته هڪ ڏينهن سندس اوطاق تي ڪو مست درويش ڏٺائين، جنهن ٻه ڏينهن ننڊ ۾ پاسو نه ورايو هو. ان جي ڀر ۾ وڃي شاهه صاحب چيو ته: “اي مست ابدال درويش! توکي جيڪي ننڊ ۾ حاصل آهي، سو اسان جاڳندي پيا ڳوليون، اهڙي ننڊ ڪٿان کان سکئين!”
مخدوم محمد معين ٺٽوي: مخدوم محمد معين ٺٽوي، پنهنجي وقت جي بلند پايي عالمن مان هو. ساڻس شاهه صاحب جي صحبت زندگيءَ جي ابتدائي ڏينهن کان وٺي آخر تائين قائم رهي. هو تصوف جي شارح ابن عربيءَ جي صوفيانه نظريي جو قائل ۽ ڄاڻو، اعلى درجي جو صوفي سالڪ ۽ وحدت الوجودي فڪر جو علمبردار هو. مخدوم معين ٺٽي جي وڏي عالم مخدوم عنايت الله ۽ دهليءَ جي وڏي عالم شاهه ولي الله جو ذهين شاگرد هو ۽ نقشبندي طريقي جي بزرگ ميان ابوالقاسم جو معتقد هو. شاهه صاحب ۽ مخدوم معين جي پاڻ ۾ گهاٽي دوستي هئي، جنهنڪري ڪڏهن شاهه صاحب وٽس ٺٽي ڪَهي ويندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن مخدوم صاحب ڀِٽ تي اچي ساڻس ملاقات ڪندو هو. مخدوم معين کي ديني علم ۽ فقھ جي ايڏي وڏي ڄاڻ هئي، جو شاهه صاحب اڪثر مسئلا کانئس پڇندو هو. هڪ ڀيري شاهه صاحب ‘اويسي طريقي’ جي حقيقت کي سمجهڻ لاءِ فارسيءَ ۾ سوال لکي، ڏانهنس هڪ خط مـوڪلـيـو، جنهن جـا جواب مخـدوم محمـد مـعيـن آسـان فـارسـيءَ ۾ ‘رساله اويسيه’ جي صورت ۾ لکي اُماڻيا هئا. اهو خط سڀ کان اڳ ڊاڪـٽـر بـلـوچ صاحب هـٿ ڪري، 1953ع ۾ ‘نئين زندگي ’ رسالي ۾ ڇپايو ۽ ان جو ‘شاهه جي رسالي’ جي مقدمي ۾ تفصيل درج آهي. هن خط ۽ ان جي جواب ۾ لکيل ‘رساله اويسيه’ مڪمل طور، سنڌ جي نامياري اديب ۽ شاعر نياز همايونيءَ [سنڌ جي برک دانشور ۽ سياستدان جي ايم سيد جي ڪتبخاني ۾ موجود، مخدوم محمد عارف سنائيءَ جي 1230هه/ 1830ع ۾ ڪتابت ڪيل واحد مستند نسخي کي] فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو سال 2005ع ۾ محترم تاج جويي جي ترتيب ۽ نگرانيءَ ۾، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه طرفان شايع ٿي چڪو آهي. هن رسالي جو اردو ترجمو ڊاڪٽر عبدالمقيت شاڪر عليميءَ، اڳ ئي 2000ع ۾ زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد طرفان شايع ڪرايو هو. علمي حوالي سان نياز همايونيءَ جي ترجمي کي وڌيڪ اهميت حاصل آهي.
مخدوم صاحب، شاهه صاحب جي راڳ ۽ سماع جو وڏو عاشق هو. ايتري قدر جو سندس وفات به ‘لطيفي راڳ’ ٻڌندي ٿِي. ان لاءِ روايت آهي ته شاهه صاحب پنهنجي فقيرن سان گڏ پنهنجي دوست مخدوم محمد معين جي آخري وقت ۾ ساڻس ملاقات لاءِ ويو، جتي شاهه صاحب ۽ سندس فقيرن راڳ جي محفل برپا ڪئي، جنهن ۾ مخدوم صاحب شرڪت ڪئي. راڳ ٻڌڻ سان مخدوم صاحب تي جذب واري حالت غالب پئجي وئي ۽ اُٿي پنهنجي هجري ۾ ويو، جتي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. شاهه لطيف کي سندس موت جو تمام گهڻو افسوس ٿيو. هن سندس جنازي نماز ۾ به شرڪت ڪئي ۽ ڀٽ ڏانهن واپس ٿيندي چيائين: “ٺٽي ۾ پنهنجي يار سان الوداعيءَ لاءِ اسان جي اچڻ جو آخري ڀيرو هو”- چون ٿا ته شاهه صاحب هيٺيون بيت مخدوم معين جي بُٺيءَ تي بيهي چيو هو:
جا ڀُون پيرين مون، سا ڀون مٿي سڄڻين،
ڌڱ لـٽـبـا ڌوڙ ۾، اُڀــي ڏٺـا سـون،
ڏينهن مڙيئي ڏون، اُٿي لوچ لطيف چئي.
اهي روايتون ‘تحفة الڪرام’ ۽ ‘معيار سالڪان طريقت’ [ڪتابن] ۾ موجود آهن، جن موجب مخدوم محمد معين جي وفات سن 1161هه (1744ع) ۾ ٿي هئي.
مدن ڀڳت: شاهه صاحب نه رڳو مسلمان عالمن، عارفن ۽ بزرگن سان صحبتون ڪيون، پر سنياسين ۽ جوڳين سان به ڪيترو عرصو صحبت ڪيائين ۽ ساڻن گڏ تيرٿ تڪيا ڀيٽيائين. ڀڳت مدن جو ذڪر ڪتابن ۾ ملي ٿو، جنهن سان شاهه صاحب جي ڏاڍي محبت ۽ صحبت هئي. مدن ڀڳت شاعر به هو ۽ بعضي شاهه صاحب ۽ مدن ڀڳت جون شعري چٽاڀيٽيون به ٿينديون هيون. شاهه صاحب مدفن فقير سان ڀوڳ چرچا به ڪندو هو. مدن فقير لاءِ شاهه صاحب ڪجهه بيت به چيا آهن، جن جو ڪتابن ۾ ذڪر موجود آهي.
شاهه صاحب جي زندگيءَ جو آخري دؤر:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لکڻ موجب ٺٽي ۾ پنهنجي دوست مخدوم معين جي وصال کان پوءِ شاهه صاحب جڏهن واپس آيو ته، پنهنجي زندگيءَ جو آخري عرصو ڀٽ تي پنهنجي فقيرن سان گڏجي گذارڻ جو پهه ڪيائين. ان وقت سندس عمر 59 سال هئي، جنهن جي تصديق ڀٽ تي سندس تعمير ڪرايل جامع مسجد جي تاريخ مان معلوم ٿئي ٿي، جيڪا شاهه صاحب جي هدايت موجب اڳينءَ مسجد جي جاءِ تي سال 1162هه (1745ع) ۾ بکر جي مشهور رازي عيدن کان جوڙائي راس ڪئي هئائين. مسجد جي تعمير جي تاريخ شاهه صاحب جي چوڻ تي هالن پراڻن جي قاضي ابراهيم ابجد جي حساب موجب ڪڍي هئي، جيڪا ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ميين ولهاريءَ جي ڪتبخاني جي قديم ڪاغذن مان ڳولي لڌي هئي، جيڪا هن طرح آهي:
نادري مسجد دوران چه زيبا دلربا
شاهه صاحب جي عمر جي آخري دؤر ۾ ڀٽ تي مقيم ٿيڻ کان پهريائين هڪ ٻي روايت پڻ ٻڌائي وڃي ٿي، جيڪا ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ‘مقدمه لطيفي’ ۾، مرزا قليچ بيگ ‘احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي’ ۾، ۽ تقريباً شاهه صاحب جي سمورن سوانح نگارن جي ڪتابن ۾ موجود آهي: جنهن موجب شاهه صاحب کي پنهنجي حياتيءَ جي آخري سالن ۾ ڪربلا مولى جي زيارت جو شوق ۽ چاهه پيدا ٿيو. ان ڪري ٺهي سنڀري، سفر لاءِ روانو ٿيو ۽ اچي ‘ونگي ولاسيي’ جي ڳوٺ ۾ ترسيو، جتي سندس مائٽ رهندا هئا، پاڻ پنهنجي ڀائٽيي جي پٽ سيد جمال شاهه وٽ اچي ٽڪيو. سيد جمال شاهه، سندس تمام گهڻي خدمت ڪئي، جنهنڪري مٿس تمام گهڻو راضي ٿيو ۽ کيس اشاري موجب چيائين ته کانئس پوءِ کيس جانشين ٿيڻو آهي. ان بعد سيد جمال شاهه کي تمام گهڻو پيار ڏنائين ۽ پاڻ سان گڏ هڪ ئي بستري تي سمهاري چيائين ته: “ابا! پاڻ ٻنهي جي نيٺ هڪڙي جاءِ آهي.” ٻئي صبح تي اُتان ڪوچ ڪيائين، راهه هلندي ڪو مريد گڏيس، جو پڻ الله لوڪ بزرگ هو، جنهن کيس ڏسندي چيو ته: “سائين هي ڇا؟ ماڻهن کي ٻڌائيندا وتو ته اوهان جو ڪفن دفن به ڀٽ تي ٿيندو ۽ هن پڇاڙيءَ جي عمر ۾ نڪتا آهيو، وڏي سفر تي!“ شاهه صاحب جي دل ۾ سندس ڳالهه ڪان وانگر چُڀي وئي، جنهن بعد گهڻو وقت اُتي ئي بيحال رهيو. آخر سفر تي اُسهڻ جو ارادو مٽائي واپس ڀٽ تي موٽيو. ڀٽ تي اچڻ کان پوءِ ڪارو لباس پهريائين ۽ ڪربلا مولى جي شهيدن جي غم ۾ ڪيترا بيت چيائين، جيڪو سندس رسالي جي ‘سُر ڪيڏاري’ ۾ موجود آهن.
شاهه صاحب پنهنجو وقت ذڪر الاهي ۽ راڳ ويراڳ ۾ گذارڻ لڳو. روايتن موجب پورا ايڪيهه (21) ڏينهن گوشه نشيني اختيار ڪيائون. ان سموري عرصي ۾ ٻن ويلن جيتري، خوراڪ مس واپرايائون، جڏهن ٻاهر نڪتا ته غسل ڪري صاف چادر اوڍي، مراقبي ۾ ويهي پنهنجي حقيقي مالڪ سان رهاڻ ۾ مشغول ٿي ويا ۽ فقيرن کي راڳ ڪرڻ جو اشارو ڪيائون. روايت موجب ٽن ڏينهن تائين راڳ جو اهو سلسلو جاري رهيو. ان وچ ۾ سموري ماحول تي خاموشي طاري هئي ۽ هرڪو راڳ جي آلاپ ۾ گُم هو. آخر ۾ سُر سهڻيءَ جي وائي ڳائي وئي: “ڪهڙي منجهه حساب، هئڻ منهنجو هوت ري.” شاهه صاحب استغراق، عشق ۽ عرفان واري حالت ۾ ويٺو رهيو، جڏهن راڳ بند ٿيو ته ڏٺائون ته شاه صاحب جي روح جو پکيئڙو پرواز ڪري وڃي رب سان واصل ٿيو. شاهه صاحب جي وصيت موجب کيس ان جاءِ تي دفن ڪيائون، جتي هن وقت سندن مزار آهي. اها 14 صفر 1165هه/ 22 ڊسمبر 1752ع جي تاريخ هئي. هجري سن موجب سندس عمر 63 سال يعني حضور ڪريم ﷺ جيتري هئي. شاهه صاحب جي وڇوڙي جو صدمو ڪجهه فقير برداشت نه ڪري سگهيا ۽ غم گذاريءَ ۾ فوت ٿيا، جيڪي ڀٽ تي مدفون آهن.
شاهه صاحب جي وفات بعد، اُن وقت جي ٻن عالمن قاضي ابراهيم هالائيءَ ۽ محمد پناهه ‘رجا’ نقشبندي ٺٽويءَ [جيڪي
شاهه صاحب جا خاص عقيدتمند هئا] فارسيءَ ۾ تاريخي قطعا چيا، جيڪي شاهه صاحب جي وفات جي المناڪ واقعي جا يادگار آهن. ابجد جي حساب موجب انهن ٻنهي قطعن مان شاهه صاحب جي وفات جو سال نڪري ٿو، اهي ٻئي قطعا مير محمد خان جي چانديءَ واري جوڙايل دروازي تي اُڪريل آهن:
* قاضي ابراهيم هالائيءَ جي فارسي قطعي مان ‘رضوان حق’ جي لفظن مان شاهه صاحب جي وفات جو سال نڪري ٿو:
شاهه صاحب ذوالمناقت سيدِ عبداللطيف،
آن ڪه قطبِ وقت خود بود ست در مردانِ حق،
چون ز جامِ ارجعي مخمور نوشِ وصل شد،
گفت ملهم غيب ربّي رحلتش ‘رضوان حق’.
1165هه/ 1752ع
* محمد پناهه ‘رجا’ جي ٻن ڌار ڌار شعرن جي هيٺين ٻن سٽن ۾
شاهه صاحب جي وفات جو سال هن ريت ڪڍيل آهي:
زد نعره در فراقِ دگر کرده سينه چاک،
“شد محو در مراقبھ جسمِ لطيف پاک”
1165هه/ 1752ع
گفت اين رجا مريد سنِ ارتحالِ پير،
“گرديده محو عشق وجودِ لطيف مير.”
1165هه/1752ع
شاهه جو چوغو، دنبورو ۽ ٻيو سامان
ان کان سواءِ ‘بيان العارفين و تنبيھ الغافلين’ واري قلمي نسخي جي آخر ۾ فقير صالح محمد بن مخدوم ميان محمد افضل، شاهه صاحب ۽ سندس خاندان جو منظوم احوال ۽ قطعه تاريخون چيون آهن، جن ۾ شاهه صاحب جي رحلت بابت هي ٻه قطعه تاريخون درج آهن:
وليء خدا شاهه عبداللطيف،
زهي زبده آلِ خير البشر،
تو اد صالحا از محبتِ تمام،
بصدق و رسوخ و ادب بيشتر،
بتاريخ او لفظ ‘رضوان حق’،
چوگشته از عزيز آن ڪو مشتهر.
1165هه
-
سيد والا شريف مشتهر هر ضعيف،
حضرتِ عبداللطيف مقبل ربِ متين.
-
سيد غوثِ زمان شفق والا نشان،
اشفق قطبِ جهان انور مصباحِ دين
-
ماه کرامات بد شاهه ولايت بُد،
بحرِ عنايات بد مرشد روئ زمين
-
از پئي سالش زخود وه چه جوابم بشد،
‘شمع ولايات بد هادي قطب يقين’
1165هه/ 1752ع
شاهه صاحب جي وفات کان ستت ئي پوءِ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي پنهنجي خرچ سان شاهه صاحب جي مزار تي بهترين قبو/ مقبرو تعمير ڪرايو، جيڪو سن 1168هه/ 1754ع ۾، بکر جي مشهور عيدن رازي، شاهه صاحب جي پهرئين گادي نشين سيد جمال شاهه جي نگرانيءَ ۾ جوڙي مڪمل ڪيو. ‘بيان العارفين’ جي قلمي نسخي جي آخر ۾ روضي جي تاريخ هن ريت ڏنل آهي:
چون زدستِ حضرت سيدِ جمال،
شد بناهِء روضهء شاههِ لطيف،
راهه آن جا جلوهِء حق ديد گفت،
‘مرقد پُر نور و درگاههِ لطيف’
1168هه
شاهه لطيف جي سمهڻ جو ڪمرو
ٽالپرن جي دؤر سنه 1835ع ۾ سنڌ جي حاڪم مير نصير خان ٽالپر، شاهه صاحب جي روضي ۽ مسجد جي مرمت ڪرائي ۽ درگاهه جي قبرستان کي ڀت ڏياري ۽ روضي تي چار گنبذ جوڙايا: يعني لکي دروازي وارو گنبذ، ان ڀرسان ٻه ننڍا گنبذ ۽ ٻانگي واري دروازي مٿان گنبذ، جنهن تي چٽساليءَ جو ڪم به ڪرايائين. سندس ارادو اڃا به وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو هو، پر سندن 17 فبروري 1843ع ۾ حڪومت قائم نه رهي سگهي ۽ رٿيل ڪم اڌورو رهجي ويو. اهڙيءَ طرح مير نصير خان جي مربي ڀاءُ مير نور محمد خان، شاهه صاحب جي مقبري جي اڳئين پاسي ايوان ۾ هڪ کوهه کوٽايو ۽ سندس سؤٽ مير محمد خان، شاهه جي مقبري ۾ چانديءَ جو دروازو چاڙهايو، جو اڄ به قائم آهي.
شاهه جي روضي جو چانديءَ وارو دروازو
1928ع ۾ ان وقت جي گادي نشين سيد علي بخش شاهه عرف علڻ سائينءَ (وڏي) درگاهه تي جامع مسجد ٺهرائي ۽ روضي اڳيان ورانڊو به جوڙايو، بعد ۾ شهدادپور جي ڀائي خان وساڻ گنبذ تي سوني نيل لڳرائي، جيڪا سنه 1940ع ۾ چورائجي وئي، جنهن کان پوءِ ڀائي خان جي پٽ جان محمد وساڻ مرحوم بمبئيءَ مان سون آڻي، پهرينءَ کان به وڏي نيل لڳرائي، جيڪا اڃا تائين قائم آهي.
شاهه جي تربت جي ڪلنگي
1957ع ۾ ميرپور خاص سان تعلق رکندڙ ڀٽائيءَ جي هڪ مريد ڳهڻي خان جوڻيجي روضي کي اتر کان هڪ ٻيو دروازو لڳرايو ۽ ان اڳيان 25 فٽ ڊگھو ۽ 15 فٽ ويڪرو ورانڊو جوڙايو. اهو دروازو مکيه چانديءَ واري دروازي جهڙو هو، بعد ۾ سنڌ جي هڪ نامياري شخصيت ڄام ڪانڀو خان جي ڀائٽيي، ڄام جان محمد جي پٽ ۽ اڳوڻي وزير اعليٰ ڄام صادق عليءَ جي سؤٽ ڄام سبب عليءَ اهو دروازو ڪڍرائي، چانديءَ جو هڪ ٻيو دروازو نصب ڪرايو.
1960ع ۾ حڪومت پاڪستان طرفان جاري ٿيل صدارتي آرڊيننس ذريعي سموري ملڪ جون درگاهون سرڪاري تحويل ۾ وٺي، اوقاف کاتي جي حوالي ڪيون ويون. 1994ع ۾ هڪ آرڊر ذريعي
شاهه لطيف جي درگاهه کي ‘قومي ورثو’ قرار ڏئي، ان کي آثار قديمه ۾ شامل ڪيو ويو.
شاهه لطيف جي شخصيت: شاهه صاحب جي سموري زندگي مثالي ۽ آدرشي رهي، جنهن لحاظ کان شاهه صاحب پنهنجي وقت جو وڏو صوفي درويش، عالم، عارف ۽ غير معمولي شاعر هو، ان خيال کان سندس شخصيت به غير معمولي هئي. هو پنهنجي مزاج، ڪردار، سوچ، فڪر ۽ شخصيت ۾ مٿانهون ۽ افضل هو، ان هوندي به پاڻ سادگيءَ کي ئي زندگيءَ جي سچي سونهن سمجهايائين.
شاهه صاحب جي ڪا حقيقي تصوير موجود نه آهي، پر مصورن سندس ڪيتريون تصوراتي تصويرون ٺاهيون آهن، جيڪي روايتن موجب شاهه صاحب جي نقشن نيڻن موجب چٽيون ويون آهن. [اُن بابت جدا عنوان شامل ڪيو ويو آهي]
شاهه صاحب جي شڪل ۽ صورت بابت موجود روايتن مطابق سندس قد وچولو، ڪلها موڪرا، بدن پورو پنو، نه ٿلهو نه سنهو، وار جوانيءَ ۾ ڳُوڙهي ڪاري رنگت جا، سونهاري گهاٽي ۽ چاپئين هئي. سندس جسماني رنگت ڪڻڪائين ۽ سفيديءَ ڏانهن مائل هئي. سندس پيشاني ڪشادي ۽ اکيون ڪاريون ۽ وڏيون هيون، جيڪي مشعلن وانگر ٻرنديون هيون. سندس جسماني سگهه چڱي هئي، جنهنڪري سموري ڄمار صحتياب رهيا ۽ ڪڏهن به ڪا شڪايت نه ڪيائون. چون ٿا پيريءَ ۾ ڪجهه نجهري پيو هو، پوءِ به سندس منهن مان نوراني جمال پيو بکندو هو. سندس اُٿڻ، ويهڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ نهايت ادب ۽ احترام وارو هو. طبيعت ۾ نرم مزاج ۽ حليم هو. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجن خاص فقيرن مان وڳنڌ فقير سان کل ڀوڳ ۽ چرچو پڻ ڪندو هو، جنهن جو ذڪر ‘سُر بلاول’ جي پڇاڙيءَ واري بيتن ۾ ملي ٿو. پاڻ اڪثر فڪر، سوچ ۽ استغراق ۾ گم رهندو هو ۽ ٻاهران جُرئتمند ۽ رُعب دار ڏسڻ ۾ ايندو هو. ٻاهرئين رعب تاب جي ڪري ڪيترا ماڻهو توڙي مريد سندس وڏو ادب ۽ احترام ڪندا هئا. دنياوي ڏيکاءَ کان پاسو ڪندو هو ۽ سندس سينگار جي سامان سان به ڪانه پوندي هئي. اڪثر زيب ۽ زينت وارين شين کي پسند نه ڪندو هو.
سندس پوشاڪ بلڪل سادي هئي، اڪثر ڪاري ڌاڳي سان سبيل گيڙو رنگ ڪفني پائيندو هو، مٿي ۾ هڪ ڊگهي ‘ڪُلاهه’ پائيندو هو، جنهن جي چوڌاري ڪاري ڪپڙي جا ٻه چار ور ڏئي ڇڏيندو هو. پيرن ۾ جُتي پائيندو هو، ڪڏهن پور پوندو هوس ته اگهاڙين پيرين پيو گهمندو هو. بيراگڻ هٿ ۾ هوندي هئس، جا سدائين پاڻ سان کڻندو هو. کائڻ پيئڻ لاءِ هڪ ڪشتو يا ڪشڪول رکندو هو. شاهه صاحب جون اهي سڀئي شيون ۽ تبرڪ اڄ به ڀٽ شاهه ۾ ساڳيءَ صورت ۾ فقيرن وٽ محفوظ آهن. پاڻ سادو ڍڪيندو هو ۽ سادو کائيندو هو. ننڊ گهٽ ڪندو هو. منجهس ڪابه وڏائي ڪانه هئي.
روايت آهي ته، پاڻ هڪ ڏينهن منجهند جي وقت آرامي هو ته اوچتو هڪ ڀاڄيءَ واري ٻاهران هوڪو ڏنو ته: ‘سوئا! پالڪ! چوڪا’ شاهه صاحب انهيءَ آواز تي هڪدم اُٿي ويهي رهيو، فقيرن کي حيرت ٿي ۽ ڪارڻ ڄاڻڻ چاهيائون، جنهن تي شاهه صاحب فرمايو ته: “ابا! اوهان هن باڪريءَ جو هوڪو نه ٻڌو؟ هن چيو ٿي ته جيڪو پلڪ سُتو، سو چڪو.” ان بعد وري ڪڏهن ڏينهن جو آرام نه ڪيائين ۽ ٻين کي به گهڻي نه سمهڻ جي هدايت ڪندا هئا.
شاهه صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪو غرض يا لالچ نه رکي، بلڪ پرايو احسان يا ٿورو کڻڻ کان لهرائيندو هو. اڪثر ڪنهن جي دعوت قبول نه ڪندو هو، پر جي ڪو گهڻو زور ڪندو هئس ته مجبوراً وٽس وڃي مهمان ٿيندو هو. روايت آهي ته سندس جيسلمير يا ٿر جو هڪ مريد وٽس هر سال حاضري ڏيڻ لاءِ ايندو هو ۽ پاڻ سان هڪ ‘کٿو’ نذر عقيدت خاطر آڻيندو هو. هڪ ڀيري غربت سببان سگهه نه ساري، شاهه صاحب جي ديدار لاءِ نه وڃي سگهيو. ٻئي سال دستور موجب کٿو خريدي شاهه صاحب سان ملڻ لاءِ آيو، حال احوال پڇڻ بعد شاهه صاحب کانئس گذريل سال نه اچڻ جو ڪارڻ پُڇيو، تڏهن اُن شخص تنگدستيءَ ڪري ڀيٽا/ نذر عقيدت لاءِ کٿو نه خريد ڪري سگهڻ جي ڳالهه ڪري سڻائي، شاهه صاحب فرمايو ته: “اهو کٿو ئي گهوريو، جو دوست کي دوست لاءِ سِڪائي.”
سندس ذاتي ۽ ازدواجي زندگيءَ جا خرچ گهٽ هئا. صرف ضرورت جون اهم شيون خريدڻ لاءِ خرچ ڪندو هو، باقي خدا جي راهه ۾ غريبن ۽ بي سهارن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. نه بلڪ ايترو، پر ٻين جي تڪليفن ۾ ساڻن پيش پيش رهندو هو. کيس انسانن سان گڏ حيوانن سان به تمام گهڻي همدردي ۽ پيار هوندو هو. پاڻ ڪڏهن ڪنهن گگدام کي پنهنجي هٿن سان نه ماريائون، ٻين کي به ائين ڪرڻ کان منع ڪندو هو. ننڍي وهيءَ ۾ جڏهن تير ڪمان سان راند ڪندو هو، تڏهن به ڪنهن پکي، پکڻ ۽ جانور وغيره کي ڪان نه هنيائين.
شاهه صاحب ‘موتي’ ۽ ‘کينهو’ نالي ٻه ڪتا به پاليا هئا.
شاهه صاحب سموري ڄمار عبادت ۽ رياضت ۾ گذاري، تَن کي تَسا ڏنا، فاقا ڪڍيا، روزا رکيا، عشق الاهيءَ ۾ پاڻ کي غرق رکيائين ۽ دنيوي خواهشن کي ترڪ ڪري ‘تارڪ’ جي لقب سان سڃاتو وڃي ٿو. زندگيءَ ۾ انيڪ جسماني تڪليفون، اذيتون ۽ نفرتون سهي وڌيڪ باهمت ٿيو. وقت جي بااثر ماڻهن ساڻس ڪيترا وير وڌا، دشمنيون ڪيون ۽ کيس آزاريو، پوءِ به خاموش رهيو ۽ برداشت ڪيائين. بلڪ انهن ظالمن سان ڪڏهن به وير يا بدلي وٺڻ جي ڀاونا نه رکيائين.
ڀٽ کي وسائڻ وقت، مزورن ۽ فقيرن سان گڏ پورهيو ڪيائين، محنت کان ڪڏهن به نه ڪيٻايائين. هر ڪم وڏي خوشيءَ ۽ چاهه سان ڪندو هو. بلڪل ائين جيئن سندس تڙ ڏاڏي شاهه عبدالڪريم پنهنجي زندگيءَ ۾ محنت، مشقت، عبادت ۽ رياضت ڪئي. شاهه صاحب پنهنجي تڙ ڏاڏي شاهه عبدالڪريم وانگر نوڙت، نهٺائي ۽ نماڻائيءَ جي مورت هو. ڪاوڙ ۽ ڪيني جي منجهس بوءِ به نه هئي. هميشه تواضع ۽ خاڪساري اختيار ڪيائين ۽ ٻين کي به اهائي هدايت ڪيائين. ڪڏهن ڪنهن جي عيب جوئي نه ڪيائين ۽ نه وري ڪنهن تي ٽوڪ زني ڪيائين. هو نهايت اعلى سوچ رکندڙ، پاڪ دامن ۽ پرهيزگار هو. جوانيءَ ۾ ئي نفساني خواهشن کي ختم ڪري، حقيقي مالڪ ڏانهن واصل ٿيو، تنهنڪري سموري زندگي خوش اخلاقي ۽ ثابت قدميءَ سان صرف ڪيائين.
سماع ۽ راڳ شاهه صاحب جي روح جي غذا ۽ جياپو هو. ڀٽ تي هميشه راڳ ٿيندو رهندو هو، پر سفر ۾ به راڳائي فقير ساڻس گڏ هوندا هئا. شاهه صاحب فرمائيندا هئا ته: “منهنجي دل ۾ الاهي عشق جو وڻ آهي، جيڪو راڳ بنا سُڪي ٿو وڃي.” پاڻ جيترو راڳ جو شائق هو، اوتروئي سماع جو به عاشق هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪيترا ڏينهن سماع هلندو هو. پاڻ اُن حالت ۾ اهڙا ته مُستغرق رهندا هئا، جو اکين مان ڳوڙها پيا وهندا هئن. ساڳيءَ طرح صوفياڻي راڳ ٻڌڻ وقت به مٿس وجد طاري ٿيندو هو، ان جذبي هيٺ پاڻ راڳين سان گڏ ڳائيندو به هو.
شاهه صاحب جي زندگي، مثالي ۽ آدرشي رهي. سندس ڪردار ۽ عمل ۾ اُهي سموريون خوبيون ۽ خاصيتون ملن ٿيون، جيڪي هڪ اعلى شخصيت ۾ هئڻ گهرجن. هن سموري زندگي صوفياڻي اصولن موجب صرف ڪئي.
شاهه صاحب جو عقيدو:
شاهه صاحب اهل دل انسان هو، جنهن جو قلب الاهي عشق سان ڀرپور هو. هو انسانيت جو علمبردار ۽ ‘واحد حق’ جو طالب هو. سچي
دين جو پوئلڳ، شريعت ۽ طريقت جو صاحب هو. مذهبي تضادن ۽ اختلافن کان آجو، آزاد خيال، نيارو ۽ نرالو هو. پاڻ ڪنهن به فرقي جو حامي نه هو، بلڪ هر فرقي جي عزت ڪندو هو. ظاهري طرح ابن ڏاڏن وانگر سُني هو، پر ڪن ڳالهين ڪري تشيعت کي به اهميت ڏيندو هو، جنهنڪري هڪ طرف سندس حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم سان تمام گهڻي محبت ۽ عقيدت هئي ته ٻئي طرف حضرت علي عليه السلام ۽ امامن عليه السلامها سان به تمام گهڻي محبت ۽ عقيدت هئن. سندس ڪلام ۾ اها عقيدت ۽ محبت موجود آهي. سندس ڪيترا بيت ۽ وايون، نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي مدح ۽ ساراهه ۾ چيل آهن. ساڳيءَ ريت امامن سان محبت ۽ عقيدت جو وڏو ثبوت ‘سُر ڪيڏاري’ ۾ ملي ٿو. سُر ڪيڏاري جو سمورو ڪلام امامن جي شهادت واري دل ڏاريندڙ واقعي جو تذڪرو آهي. روايتن موجب شاهه صاحب محرم جو سمورو مهينو ڪارو لباس ڍڪيندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ماتم ۾ به شريڪ ٿيندو هو. سندس اها ئي فراخدلي امامن لاءِ سندس محبت ۽ عقيدت کي ظاهر ڪري ٿي.
شاهه صاحب هڪ سچو ديندار شخص هو، هو نه شيعو هو ۽ نڪي سُني. روايتن موجب هڪ ڀيري ڪنهن شخص کائنس سوال پڇيو ته: “شاهه صاحب اوهان شيعا آهيو يا سُني؟”، ان تي جواب ڏنائون ته: “ابا! آئون ٻنهي جي وچ ۾ آهيان.” تنهن تي اُن شخص چيو ته: “ٻنهي جي وچ ۾ ته ڪي ڪينهي؟” شاهه صاحب وراڻيو ته: “آئون به ڪي ڪين آهيان.” ان مان ظاهر ٿيو ته، شاهه صاحب ظاهري طرح ڪنهن به فرقي سان تعلق نه رکندو هو، بلڪ سندس عقيدي ۾ بنيادي طرح ڪا به فرقيواريت نه هئي.
شاهه صاحب اسلام جي اعليٰ قدرن ۽ اصولن جو پابند هو. قرآن شريف تلاوت ڪندو هو، ذڪر ۽ تسبيح پڙهندو هو. روايت موجب حج جو به ارادو ڪيائين، پر ڪنهن ڪارڻ واپس موٽي آيو ۽ اها سڪ اندر ۾ سانڍي رکيائين ته جيئن حقيقي محبوب جي سڪ هميشه سيني ۾ هجي ۽ اها ڪڏهن ختم نه ٿي سگهي. جيئن ته شاهه صاحب صوفي هو، ان لحاظ کان سندس طريقو عام مذهبي قاعدن کان مختلف هو. سندس حقيقي عشق ئي سندس حقيقي عقيدو هو. ظاهري طرح مذهبي ريتن رسمون به بجاءِ آندائين، پر ان کان وڌيڪ حق ۽ حقيقت کي پروڙڻ ۽ هيڪڙائي حاصل ڪرڻ لاءِ سندس طريقو صوفياڻو هو، جيئن هو پنهنجي هڪ بيت ۾ چئي ٿو ته:
روزا، نـمــازون، ايءُ پـڻ چـڱــو ڪــم،
اُو ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پَسَجي پرينءَ کي.
سندس خيال ۾ مذهبي تقليد ۽ پيروي به حق جي راهه کي حاصل ڪرڻ لاءِ چڱو عمل آهي، پر حقيقي معبود تائين رسڻ لاءِ فقط حق جي سچي ياد ۽ سڪ، پرجهڻ ۽ پتوڙڻ ئي واحد عمل آهي، جنهن سان ان اعلى روحاني معراج واري منزل تي رسائي ممڪن ٿئي ٿي، جنهن منزل کي ورلي ڪو الله وارو يا صوفي حاصل ڪري ٿو. شاهه صاحب معتصب ۽ تنگ دل خيالن ۽ ماڻهن کان پري ڀڄندڙ، روشن خيال يا آزاد خيال انسان هو. هندو سنياسين ۽ جوڳين سان به صحبتون ڪيائين، تيرٿ تڪيا به ڀيٽيائين ۽ ڪيترن ويدانتي عالمن سان حقيقي مالڪ جي هستيءَ متعلق ويچار ونڊيائين. ان ڪري اها ڳالهه خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿي ته شاهه صاحب کي اصل هندو ڌرم- سناتن ڌرم جي اصليت ۽ متن جي چڱي ڄاڻ هئي، جنهن جو ذڪر هن مختلف سُرن ۾ ڪيو آهي، پر سُر رامڪليءَ ۾ ويدانت، ڀڳتيءَ، گورکناٿ ۽ ٻين ويدانتي مفڪرن جي روشن خيال ۽ هيڪڙائيءَ وارين تحريڪن جو به ذڪر ملي ٿو. سندس گيڙو رَتو لباس اُن ڳالهه جي شاهدي آهي ته شاهه صاحب فقيريءَ جي اُن طريقي کان متاثر هو. شاهه صاحب، سنتن ۽ مهاتمائن سان رهاڻيون ڪيون ۽ سندن طريقن کان واقف ٿيو، جنهنڪري همعصر ۽ بعد جا ڪيترائي هندو عالم کائنس گهڻو متاثر ٿيا ۽ سندس مريد ٿيا.
شاهه صاحب شريعت جو پابند به هو، پر رواجي مذهبي ڳالهين کان گهڻو مٿي ۽ آزاد هو. سندس خيال هو ته هر انسان کي مذهبي آزادي هئڻ گهرجي ته جيئن هو ‘واحد حق’ جي راهه ۾ پنهنجي طريقي سان زندگي بسر ڪري سگهي. شاهه صاحب ڇَسي ايمان يا يقين رکڻ کان وڌيڪ عمل تي زور ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته مسلمان کي صرف نالي جو مسلمان نه هئڻ گهرجي، پر ان لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي قول ۽ فعل ۾ يڪسان هجي ۽ پاڻ کي رڳو ٻاهران مسلمان ظاهر نه ڪري.
ان پر نه ايمان، جئن ڪلمي گُو ڪوٺائيين،
دغا تنهنجيءَ دل ۾، شرڪ ۽ شيطان،
مُنهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهيين.
ساڳيءَ طرح هو هندن کي به تنبيهه ڪري ٿو، اُهي به سکڻي هندو نالي تي فخر نه ڪن ۽ نه ئي وري رواجي طور طريقن، پوڄائن ۽ ڪِرياڪرمن تي راضي رهن، بلڪ کين کپي ته اُهي پنهنجي متي تي پوريءَ ريت عمل پيرا ٿين ۽ رام ريجهائينِ. جيتوڻيڪ اُهي عام مسلماني نظر ۾ ڪُفر ڪن ٿا، پر اُهي پنهنجي ڪُفر سان ئي سچا ٿين ته کين رام/ ڀڳوان ملي سگهي ٿو:
ڪوڙو تون ڪُفر سين! ڪافر مَ ڪوٺاءِ،
هِندو هڏ نه آهيين، جڻيو تو نه جُڳاءِ،
تِلڪُ تنين کي لاءِ، سچا جي شرڪ سين!
شاهه صاحب وڏي عالم جي حيثيت سان مڙني مذهبن ۾ هڪڙائي [ڪثرت ۾ وحدت] ڏٺي ۽ انسانن کي هدايت ڪيائين ته اُهي پنهنجن مذهبن سان سچا ۽ وفادار رهن ته جيئن اُهي مذهبي هيڪڙائي ۽ حقيقي معبود سان ويجهڙائي حاصل ڪري سگهن. زور زبردستيءَ سان ڪنهن کان به مذهب مٽرائي نٿو سگهجي. [لَڪُم دينڪُم وَلِي دين] سچي نيت ۽ يقين ٻه اهڙا واهڻ [ذريعا] آهن، جي انسان کي خود به خود حق ڏانهن راغب ڪن ٿا.
روايت آهي ته هڪ ڀيري مٽياري ساداتن مان پير شهمير شاهه هڪ واڻئي [هندوءَ] کي جهلائي، زور زبردستيءَ سندس سنت (طهر) ڪرائي مسلمان ٿي ڪيو، اوچتو شاهه صاحب جو جامع مسجد [مٽيارين] کان گذرڻ ٿيو. اڳتي وڌي ڏٺائين ته ماڻهن جو هجوم گڏ آهي ۽ هڪ هندو شخص دانهون پيو ڪري. شاهه صاحب ڳالهه دريافت ڪئي ۽ واڻئي جي دانهن تي اڳتي وڌي کيس هجوم مان ڪڍي ٻاهر ڪيائين. مٿئين عمل تي شاهه صاحب کي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ سيد شهمير شاهه کي چيائين ته: “ڇا ڪڏهن، موچڙن سان به ڪنهن کان مذهب بدلائبو آ هي؟” اهـو واڻيو، شـاهه صاحـب جـو ڏاڍو احـسانمـند ٿيو ۽ سـندس معتقد ٿيو. اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترا شاهه صاحب جـا عقيدتمند ۽ مريد ٿيا.
شاهه صاحب جو مذهب عقيدو هڪ اهڙو عجب اسرار هو، جو هر ڪنهن کي سمجهه ۾ نه ايندو هو. سندس ‘درويشي ۽ مسلماني’ گڏ هئي. عملاً اهڙي ڳالهه ڪندو هو، جا بلڪل وزنائتي هوندي هئي ۽ سڀ ڪنهن کي پئي وڻندي هئي. منجهس ڪاوڙ ۽ حسد جو نالو نشان به نه هو ۽ نه ئي وري پنهنجي ڪنهن فقير يا خليفي تي نڪته چيني ڪيائين. هن جو نفس تي مڪمل ضابطو هو. پاڻ اُن اخلاقي ۽ روحاني منزل تي پهتل هو، جتي ڪنهن به دين يا مذهب جي اصولن جي ڪا به پابندي نه هئي. سندس تعلق مذهب سان به هو ته عشق سان به هو. هڪ اعلى درجي جو عالم به هو ته صوفي ۽ سچو عاشق به هو. سندس سچو مذهب صوفياڻو هو، جنهن مذهب جو خدا ڪنهن به دين ڌرم کان ڌار ناهي، بلڪ اُها ئي هستي آهي، جيڪا هر هنڌ ۽ هر شيءِ ۾ ظاهر ۽ ظهور آهي.
وڌيڪ ڏسو: شاهه لطيف جو تصويرون / پورٽريٽَ/ مجسما
1165-02-14 هجري
شاھ عبداللطيف ڀٽائي 14 صفرالمظفر 1165ھجري ۾ وفات ڪئي