
احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي

شاهاڻو شاهه (ڪتاب)
![شاهه جون آکاڻيون [سمجهاڻيءَ سميت] (ڪتاب )](images_2017/sindhiana_1539159818_2580.jpeg?v=1660092708)
شاهه جون آکاڻيون [سمجهاڻيءَ سميت] (ڪتاب )

ڀٽائي گهوٽ شاهه عبداللطيف جي ورسي (ڪتاب)

شاهه جي رسالي جو رهبر (عرف ککر ۾ کڙو: ڪتاب)

مقدمه لطيفي (ڪتاب)

پيغام لطيف

شاهه جا گم ٿيل بيت

شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ان جو ڪلام و فڪر

بادشاهه ڀٽائي

شاعرن جو سرتاج

لطيف باغ جو سير (ڪتاب)

ڀٽ ڌڻي عرف ذڪر لطيف (ڪتاب)

فڪر لطيف (ڪتاب)

شاهه جي رسالي جا سرچشما (ڪتاب)

ڇپر ڇاٽون مُڪيون (ڪتاب)

شاهه، سچل، سامي (ڪتاب)

شاهه لطيف جي شاعري- وڌايل ۽ سنواريل (ڪتاب)

جر ٿر تک تنوار (ڪتاب)

مضمون ۽ مقالا

وريا واهرو

عرفان لطيف (ڪتاب)

لطيف سنڌ آهي (ڪتاب)

ڪنور پاڙون پاتار ۾ (ڪتاب)

تن سِپون سُوجهي ڪڍيون، پاتاران پيهي (ڪتاب)

شاهه ۽ نوجوان

لطيفي لات (ڪتاب)

فڪر لطيف

وساريان نه وسرن (ڪتاب)

لطيف جو پيغام (ڪتاب)

ڪنڌيءَ ڪنور ٽڙن (ڪتاب)

شاهه عبداللطيف رح (ڪتاب)

شاهه جي ٻولي (ڪتاب)

جي تو بيت ڀانئيا (ڪتاب)

لطيفي لات ۽ سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو گڏيل اڀياس

سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف (ڪتاب)

باهيون بيراڳين جون (ڪتاب)

پيهي منجهه پاتال (ڪتاب)

ڀٽ جو شاهه (ڪتاب)

گربخشاڻيءَ وارو شاهه جو رسالو منهنجي نظر ۾ (ڪتاب)

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ (ڪتاب)

شاهه لطيف جي موسيقي (ڪتاب)

ڀٽ جو شاهه (ڪتاب)

Bhitai: The Message of The Master

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ منظرنگاري (ڪتاب)

شاهه لطيف تي تحقيق (ڪتاب)

مون مطالع سپرين (ڪتاب)

لات جا لطيف جي

شاهه عبداللطيف ڀٽائي- چونڊ مضمون

شاهه لطيف جو هندو ڪاويه (ڪتاب)

شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ پاڪستاني ٻولين جا شاعر (ڪتاب)

اندر مُلهه، املهه (ڪتاب)

ڀٽائيءَ تي بهتان (ڪتاب)

شاهه عبداللطيف (ڪتاب)

شاهه ۽ سنڌ-1 (ڪتاب)

شاهه ۽ سنڌ- II (ڪتاب)

سنڌ جو شاهه (ڪتاب)

اوجاڳي اُجاريا (ڪتاب)

شاهه عبداللطيف ڀٽائي

ڀلارو ڀٽ ڌڻي (ڪتاب)

لطيف جا ٿر تان ڀيرا

ڇـپـر ڪـيـن ڏي (ڪتاب)

سرتاج شاعر (ڪتاب)

شاهه عبداللطيف رح (ڪتاب)

تذڪرهء لطيف (ڪتاب)

شاهه ۽ سچل جو تقابلي اڀياس (ڪتاب)

ڍوليو ڍٽ ڌڻي (ڪتاب)

لطيف ذهني چٽاڀيٽي (ڪتاب)

شاهه جي ڪلام ۾ پهاڪا ۽ محاورا (ڪتاب)

ڀٽائيءَ جو مطالعو (ڪتاب)

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب

شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب
شاھہ لطيف تي ٿيل تحقيق جا ڪتاب:
احوال شاھہ عبداللطيف ڀٽائي: شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، 1887ع ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب Life of Shah Abdul Latif Bhitai عنوان سان لکيو هو، جنهن کي دوستن جي فرمائش تي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، 1897ع ۾ نظرثاني ڪري پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور کان ڇپرايو. ان جو ٻيو ڇاپو 1905ع ۾، ۽ ٽيون ڇاپو شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز پاران 1972ع ۾ ڇپائي پـڌرو ڪـيو ويـو. بعـد ۾ شـاھہ عـبداللطـيـف ڀٽـائـيءَ جي رسـالـي ۽ سوانح بابت تحقيقي رٿا جي ٽئين ڪتاب طور ان جو چوٿون ڇاپو، ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ڪميٽيءَ ڇپايو. چوٿين ڇاپي جو مهاڳ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکيو آهي، جڏهن تہ اصل ڪتاب جو ديباچو مرزا قليچ خود لکيو هو. ڪتاب ڪُل ڏهن بابن ۾ ورهايل آهي، جيڪي شاھہ جي شاعري، سندس پيدائش، اصل نسل، ننڍپڻ جي زندگي، مريدي، سفر، لڏپلاڻ، شادي، ڪلهوڙن ۽ مغلن سان واسطن، سندس چال چلت، عبادت، سيرت، راڳ، رسالي، سرن، تصوف ۽ ٻين شخصيتن سان شاھہ جي ڀيٽ جي پس منظر ۾ لکيل آهن. ڪتاب جو چوٿون ڇاپو ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ڪميٽي، سنڌ پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان، مارچ 1972ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هي ڪتاب ڊيمي سائيز ۾ 182 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت ڄاڻايل نہ آهي.
شاهاڻو شاھہ (ڪتاب): شاھہ لطيف جي شيدائي، نامور اسڪالر ۽ اديب لعلچند امرڏنيمل جڳتياڻيءَ، ‘سنڌ جا شاعر’ سيريز جي پهرئين ڪتاب طور، هي ڪتاب سنڌي ساهت سوسائٽي حيدرآباد پاران ڪرائون سائيز ۾، 1914ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. سنڌي ساهت سوسائٽيءَ طرفان هي شايع ڪيل پهريون ڪتاب هو. ڪتاب جو انتساب سرڳواسي ديوان رامچند لالواڻيءَ جي نالي ڪيو ويو آهي. پهرئين ڇاپي جي قيمت 12 آنا هئي.
هن ڪتاب جو ساڳيءَ سائيز ۾، شاھہ لطيف جي تصوراتي تصوير سان، ’سنڌ ٽائيمس پبليڪيشن‘، الهاس نگر (انڊيا)، ٻيو ڇاپو، 1985ع ۾ پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 10 روپيا آهي.
پهرئين ڇاپي جو مُنڍ ٻن صفحن تي مشتمل، لالچند امرڏنيمل، 24 سيپٽمبر 1914ع ۾ لکيو هو. جڏهن تہ ٻئي ڇاپي ۾ مهاڳ مشھور اوائلي ڪهاڻيڪار آسانند مامتورا لکيو آهي، ۽ ‘’شاهاڻو شاھہ تي هڪ نظر’ عنوان سان ستن صفحن تي مشتمل تبصرو ڊي. ڪي منشاراماڻيءَ تحرير ڪيو آهي. هن ڪتاب جي عنوانن جو وچور هن ريت آهي: شاهاڻو شاھہ، شاھہ جي ساري رسالي تي نقطہ چينيءَ جي نظر، شعر جي خوبين تي ڪٺو ويچار، هوبهو خوبين ۽ خاصيتن جي جاچ.
هن ڪتاب جي ناياب ٿي وڃڻ ڪري، ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز 1989ع ۾ 96 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان ڇپائي پڌرو ڪيو.
شاھہ جون آکاڻيون [سمجهاڻيءَ سميت] (ڪتاب ): هي ڪتاب سنڌ جي نامور اديب ۽ اسڪالر ڄيٺمل پرسرام گُلراجاڻيءَ جو لکيل آهي. ابتدا ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، فاضل ليکڪ جي مختصر واقفيت [ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي (جيوني ۽ رچنائون)، ڄيٺمل جو سنڌي ساهت ۾ يوگدان ۽ ڄيٺمل جي جيون جا اهم سال] ڏني آهي. ان بعد ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ مهاڳ کانپوءِ، سھڻي ميهار، (امام) حسن حسين، مومل راڻي، راءِ ڏياچ، ليلان چنيسر ۽ ڄام تماچي ۽ نوري نماڻيءَ جون آکاڻيون، بيتن جي روشنيءَ ۾ ڏئي سمجهاڻي ڏني وئي آهي.
ٻئي ڀاڱي ۾ مهاڳ کانپوءِ عمر مارئي، سسئي پنهون، هير رانجهي جون آکاڻيون ڏنيون ويون آهن ۽ ٽئين ڀاڱي ۾ مهاڳ کانپوءِ تفصيلي طرح سھڻي ميهار، مومل راڻي، راءِ ڏياچ، ليلان چنيسر، هنج ۽ ٻگهہ، عمر مارئي ۽ سسئي پنهونءَ جون آکاڻيون ۽ انهن جون سمجهاڻيون ڏنيون ويون آهن. ڊيمي سائيز جي 302 صفحن تي مشتمل هي لطيف شناسيءَ جو ڪتاب، اُساٽ ساهت مالها، نئين دهليءَ شايع ڪيو آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1922ع، ٻيو ڇاپو 1923ع ۽ ٽيون ڇاپو 1923ع ۾ ڇپيو هو. ڪتاب جي هن گڏيل ڇاپي جو ٻيو ايڊيشن 1990ع ۾ شايع ٿيو آهي، جنهن جي قيمت 50 روپيا آهي.
مقدمه لطيفي (ڪتاب): ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي ترتيب ڏنل ‘شاھہ جي رسالي’ جو مقدمو پنھنجي انفراديت ۽ اهميت جي ڪري مختلف ادارن طرفان شايع ڪرايو ويو آهي. هي ڪتاب ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي، شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي اڀياس بابت آهي، جيڪو هن پنھنجي ترتيب ڏنل رسالي جي ابتدا ۾ ڏنو هو ۽ ان کي ڌار ڪتاب جي صورت ۾ بہ شايع ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 10 باب ترتيبوار شاھہ جي سوانح عمري، شاھہ جي صورت ۽ سيرت، شاھہ جو مذهب، ويدانت ۽ تصوف، شاھہ جو شعر ۽ شاعري، شاھہ جي شعر جو مضمون ۽ عبادت، شاھہ جو نظم، شاھہ جي سنڌي، شاھہ جون نحوي بناوٽون ۽ رسالي جي تصنيف ۽ تاليف شامل آهن. هي ڪتاب ايڊيوڪيشنل پبلشنگ ڪمپني ڪراچي پاران 1936ع ۾ ڇپايو ويو، جيڪو ڊيمي سائيز جي 231 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو معياري سنڌي ادب جي رٿا هيٺ، هندي ڊئريڪٽوريٽ منسٽري آف ايجيوڪيشن اينڊ ڪلچر، نئين دهليءَ، ڪرائون سائيز ۾، 1983ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو، ورسٽي سنڌي پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران 1977ع ۾ ڇپيو، جيڪو ڊيمي سائيز ۾ 231 صفحن تي مشتمل هو، جنهن جي قيمت 50 رپيا آهي. چوٿون ڇاپو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1993ع ۾ اسحاقيه آرٽ پريس ڪراچي مان ڇپايو، جيڪو ڊيمي سائيز ۾ رنگين ٽائيٽل سان 106 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 30 روپيا آهي.
ڀٽائي گهوٽ شاھہ عبداللطيف جي ورسي (ڪتاب): سنڌي ادب (ساهت) لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ، 1942ع ۾، ’ڀٽائي گهوٽ شاھہ عبداللطيف جي ورسي‘ عنوان سان ڪرائون سائيز ۾، هڪ ڪتابڙو ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ سائين جي ايم سيد جي وزارت تعليم ۽ ليبر دوران قائم ڪيل ’سنڌي ساهت لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ‘ جي 21 آڪٽوبر 1940ع واري ميڙ ۾ هڪ سب ڪميٽي مقرر ڪئي وئي هئي تہ اها هڪ رٿا تيار ڪري، جنهن موجب، سنڌ ۾، وقت بہ وقت، ناميارن شاعرن ۽ برک مصنفن جا ٻارهن ماهوار جلسا ملهايا وڃن، ان ڪميٽيءَ جي رپورٽ، بورڊ جي 19 فبروري 1941ع جي ميڙ ۾ بحال ڪري، 12- 13 مارچ 1941ع تي ڪراچي شھر ۾ ڀٽائيءَ جي ورسي ملهائڻ جي مراد سان هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي وڃي.
ان ڪانفرنس جي پهرين بيٺڪ جي صدارت علامہ آءِ آءِ قاضيءَ ڪئي. افتتاحي تقرير شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ڪئي. ڪانفرنس ۾ هيٺينءَ ريت مقالا ۽ شعر پڙهيا ويا: (1) شاھہ: سيلاني (ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي)، (2) شاھہ: محب وطن (لالچند امرڏنو مل)، (3) شاھہ: سڀڪجهہ (نظم: سوڀراج نرملداس)، (4) شاھہ عبداللطيف جي ڪيمياگري (عثمان علي انصاري)، (5) صدارتي تقرير (علامہ آءِ آءِ قاضي).
ٻي بيٺڪ جي صدارت ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ ڪئي. هن ۾ هيٺينءَ ريت مقالا ۽ شعر پڙهيا ويا:
(1) شاھہ جي نظر ۾ انسان جو تصور (عمر بن محمد دائودپوٽو)، (2) شاھہ جو وِشو درشن (آسانند مامتورا)، (3) شاھہ ڀٽائي (نظم: حڪيم فتح محمد سيوهاڻي)، (4) شاھہ عبداللطيف (نظم: مولوي محمد نورنگزادو)، (5) ڀٽائي گهوٽ (نظم: ليکراج ڪشنچند عزيز.
ان بعد ’شاھہ سوسائٽي‘ قائم ڪرڻ، ٺڪر ڪرپاڻيءَ جي تصويرن جي قدرشناسي ڪرڻ، شاھہ جي ورسيءَ جي موقعي تي پبلڪ هاليڊي ڪرڻ جا ٺهراءَ پاس ڪيا ويا. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي صدارت کانپوءِ لالچند امرڏنيمل بورڊ پاران صدر ۽ حاضرين جا ٿورا مڃيا.
هي 64 صفحن جي ڪرائون سائيز ڪتابڙو، هندستان پرنٽنگ ورڪس، ڪئمبال روڊ ڪراچيءَ ۾ ڇپيو ۽ اُن جي قيمت ڄاڻايل نہ آهي. ڪتابڙي جي ابتدا ۾ شاھہ لطيف جي تصوراتي تصوير ڏني وئي آهي.
لطيفي سئر (ڪتاب): هن ڪتاب ۾ نامياري عالم ۽ محقق ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ، شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سير سفر جو تاريخي احوال ڏنو آهي، جنهن سان ڀٽائيءَ جي ڪيل سفر ۽ انهن ماڳن مڪانن بابت چڱي خاصي ڄاڻ ملي ٿي. هي ڪتاب پنجن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي ڀاڱي پهرئين ۾ شاھہ جي حياتيءَ جو احوال مڪمل سير سفر سميت، ڀاڱي ٻئي ۾ گرنار جو سفر، ڀاڱي ٽئين ۾ شاھہ جي سنڌ ڏانهن واپسي، ڀاڱي چوٿين ۾ جيسلمير ڏي وڃڻ، ڀاڱي پنجين ۾ ٿر جو احوال، تاريخي، ثقافتي ۽ لساني حوالي سان پيش ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب ڀٽائيءَ جي زندگيءَ سان تعلق رکندڙ مختلف ٽاڻن، اهڃاڻن ۽ شهرن، ڀٽن ۽ رستن متعلق تاريخي ڄاڻ ڏيندڙ آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1928ع ۾، ٻيو 1946ع ۾، ٽيون ڇاپو 1983ع ۾ شايع ٿيو. 143 صفحن واري ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جو چوٿون ڇاپو شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھہ/ حيدرآباد طرفان 1989ع ۾ پڌرو ٿيو. هن نئين ڇاپي جي قيمت 25 روپيا آهي.
شاھہ جي رسالي جو رهبر (عرف ککر ۾ کڙو: ڪتاب): هي ڪتاب نامياري اديب ۽ صحافي محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو مرتب ڪيل آهي، جيڪو 1945ع ۾ هفته وار ‘عبرت’ ۾ ڇپيل شاھہ لطيف جي بيتن متعلق بحث مباحثي وارن مضمونن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي، علامہ عمر بن دائودپوٽي، حافظ اسد ﷲ شاھہ ٽکڙائيءَ ۽ ٻين جا مضمون شامل آهن. بحث جو بنياد ڏيپلائي صاحب جو اهو استدلال هو تہ ڀٽائي صاحب جي مروج رسالن ۾ اسلامي تعليم جي برخلاف شاھہ لطيف ڏانهن منسوب ٿيل بيت ڪن ماڻهن شرڪ کي هٿي ڏيڻ لاءِ شامل ڪيا آهن.
اسلاميہ دارالاشاعت حيدرآباد طرفان انهن مضمونن کي سهيڙي، 1950ع ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو ويو. هي ڪتاب 88 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت هڪ روپيو آهي.
پيغامِ لطيف (ڪتاب): محب وطن سياستدان جي. ايم. سيد جو هيءُ ڪتاب، شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زندگيءَ ۽ ان وقت جي ماحول جي روشنيءَ ۾، نئين نقطہ نگاھہ کان هڪ يگاني تصنيف آهي، جنهن ۾ عام روايتي انداز ۽ ڏند ڪٿائن بدران حقيقت بيانيءَ کان ڪم ورتو ويو آهي. سيد صاحب هن ڪتاب ۾ شاھہ کي سنڌ جو ‘قومي شاعر’ ثابت ڪيو آهي. ان ڏس ۾ هن، شاھہ جي تخيل واري سنڌ، شاھہ صاحب جي قوميت جي تخيلَ، شاھہ لطيف ۽ علامہ اقبال جي نظرين جي تقابلي مطالعي، مذهبي تصور، سندس ڪلام جي خصوصيتن، سنڌين لاءِ سنيهي ۽ سياسي نظرين جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. ان کان سواءِ سيد صاحب هن ڪتاب ۾ شاھہ لطيف ڏانهن اسان سنڌين جي جوابدارين سان گڏ مختلف مضمونن تي چونڊ بيت ڏئي قومي ۽ سياسي نقطہ نگاھہ کان ان جي تشريح بہ ڪئي آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڪرائون سائيز ڇاپو، محمد عثمان ڏيپلائيءَ، ’ادارہ انسانيت حيدرآباد‘ پاران 1950ع ۾ پڌرو ڪيو هو، جنهن جي قيمت 5 رپيا هئي. هن ڪتاب جا ڇھن کان وڌيڪ ڇاپا شايع ٿي چڪا آهن. ايوبي دور ۾ هي ڪتاب پابنديءَ هيٺ رهيو. ڪتاب جو چوٿون ڇاپو جي ايم سيد اڪيڊميءَ پاران 2005ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو پروفيسر Egbert Azariah ڪيو آهي، جيڪو ’سائين پبلشرز‘ سيوهڻ شريف پاران خادم حسين سومري، 1996ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب جو بئڪ ٽائٽل پنجابي زبان جي اسڪالر قاضي جاويد لکيو آهي. هو لکي ٿو ته، ”جي ايم سيد هن ڪتاب ۾ پنھنجي مرشد (لطيف) جي ڪلام ۽ تعليمات جي سادي ۽ سڌي شرح ۽ نقطہ نظر بيان ڪيو آهي. ڪتاب اسان جي 18 صديءَ جي عظيم صوفي ساڃاھہ سان نہ رڳو روشناسي ڪرائي ٿو، پر سنڌ جي اُن عظيم روح سان بہ آشنائي ڪرائي ٿو، جيڪو قديم سنڌو تھذيب جي قدرن تي مشتمل آهي. ڪتاب اصل ۾ سنڌيءَ ۾ لکيل هو، پر پبلشر ان جو انگريزي ترجمو ڇپائي، عالمي سطح تي ان جي قارئين ۾ اضافو ڪيو آهي. هي انگريزي ترجمو سچ پچ گهڻ تهذيبي دنيا لاءِ سنڌ پاران هڪ تحفو آهي. ڊيمي سائيز جي 291 صفحن تي مشتمل پڪي جلد واري هن ڪتاب جي قيمت 300 روپيا آهي.
لطف اللطيف: مولانا دين محمد وفائيءَ جو شاھہ سائينءَ بابت هي ڪتاب پڻ مواد، مضمون، ترتيب ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان اهم آهي جنهن ۾ ڪل 13 فصل آهن. فصل پهرئين ۾ شاھہ صاحب جي حسب نسب، ٻئي فصل ۾ تعليم ۽ تربيت، ٽئين فصل ۾ سلسله طريقت ۽ بيعت، چوٿين فصل ۾ مريديءَ جو سلسلو، پنجين فصل ۾ سير ۽ سفر، ڇهين فصل ۾ وقت جي وڏن ماڻهن سان ملاقاتون، ستين فصل ۾ شادي ۽ ڀٽ جي آبادي، اٺين فصل ۾ وقت جي ڪن ماڻهن جو مخالفتون، نائين فصل ۾ شاھہ جو مذهب ۽ عقيدو، ڏهين باب ۾ شاھہ صاحب جا حڪيمانه قول، يارهين فصل ۾ متفرقه آکاڻيون، ٻارهين فصل ۾ رهڻي ڪهڻي ۽ عادتون ۽ تيرهين فصل ۾ شاھہ جي ڪلام متعلق ڳالھہ ٻولھہ ڪئي وئي آهي. هن ڪتاب ۾ مواد بنيادي نوعيت جو آهي، ان ۾ ڪي روايتون پڻ اڄ ڏينهن تائين بحث هيٺ اينديون رهيون آهن، تنهنڪري هن ڪتاب کي شاھہ لطيف متعلق بنيادي نوعيت جي ڪتابن واري اهميت حاصل آهي. 240 صفحن وارو هي ڪتاب، پهريون ڀيرو 1950ع، ٻيو ڀيرو 1965ع ۽ ٽيون ڀيرو وفائي پبلشنگ هائوس ڪراچيءَ طرفان 1978ع ۾ پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 15 روپيا آهي.
شاھہ جا گم ٿيل بيت (ڪتاب): هي ڪرائون سائيز جو ننڍڙو ڪتاب، شيخ محمد سومار بديڻائي ۽ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو ترتيب ڏنل آهي. شيخ محمد سومار پيش لفظ ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽي جي سهيڙ هيٺ ’شاھہ جي رسالي‘ جو حوالو ڏيندي لکيو آهي تہ [ڪوششن جي باوجود] رسالو تيار ٿيڻ “هنوز دلي دور است!” ان وچ ۾ مون ناچيز، غريب ماستر هڪ ڪوشش ڪئي، جو شاھہ جي گم ٿيل بيتن هٿ ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪيم. اها حقيقت آهي تہ شاھہ صاحب جڏهن ڪڇ ۽ لاڙ طرف ويو هو- تہ هن گهڻا ئي بيت چيا هئا، جيڪي ٿر، ڪڇ ۽ لاڙ وارن وٽ محفوظ آهن... انهن بيتن کي گڏ ڪجي تہ وڏو ذخيرو هٿ اچي سگهي ٿو. سو مون بہ ڪجهہ لاڙي ۽ ڪڇي صاحبن سان ملاقات ڪري، اٽڪل ٻہ هزار نوان بيت هٿ ڪيا آهن.“ پر غريب هئڻ ڪري هن پهرين ’سُر مارئي‘ جا بيت ڏيپلائي صاحب جي مدد سان شايع ڪيم ۽ بعد ۾ هي ننڍڙو 64 صفحن جو ڪتاب م. ع. ڏيپلائيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو. هنن بيتن ۾، سهيڙيندڙ جي لکڻ موجب، ڪي اهڙا بيت بہ آهن، جي اڳ ڇپيل رسالن ۾ آهن، پر سندن سٽن ۾ ڪا ڦيرگهير آهي. هن ڪتاب ۾: (1) سر ڪلياڻ جا ٻہ بيت، (2) سر يمن ڪلياڻ جا 13 بيت، (3) سر کنڀات جا 9 بيت، (4) سُر سريراڳ جا 9 بيت، (5) سر سامونڊيءَ جا 14 بيت، (6) سر سهڻيءَ جا 87 بيت ۽ هڪ وائي، (7) سر سارنگ جا 19 بيت، هڪ وائي، (8) سر سورٺ جا 28 بيت ۽ هڪ وائي، (9) سر بروي جا 22 بيت، (10) سر راڻي جا 71 بيت- جملي 274 بيت ۽ 3 وايون ڏنيون ويون آهن. ڪرائون سائيز جي 64 صفحن جو هي ڪتابڙو، اسلاميہ دارالاشاعت، حيدرآباد، 1957ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت هڪ روپيو آهي.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ۽ ان جو ڪلام و فڪر (ڪتاب): هي ڪتاب عبدالغفار خان بلوچ جو لکيل آهي، جنهن ۾ تصوف تي تحقيقي نظر وجهڻ سان گڏ شاھہ جي شعر ۽ خيال جي اقبال، رومي، حافظ، غالب ۽ ٻين شاعرن سان ڀيٽ ڪئي وئي آهي. هي ڪتاب 1960ع ۾، ليکڪ وفائي پرنٽنگ پريس ڪراچيءَ مان چپائي پڌرو ڪيو. ڪرائون سائيز جي ڪچي جلد جي هن ڪتاب جا 126 صفحا آهن. ڪتاب جي قيمت 2 روپيا آهي.
بادشاھہ ڀٽائي (ڪتاب): هي ڪتابڙو حاجي محمد موسيٰ انصاري وڪيل جي تصنيف آهي. ڪتابڙي جو انتساب (نذر عقيدت) سرڪار نامدار حضور پُر نور محمد مصطفيٰ، احمد مجتبيٰ کي ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ ليکڪ شاھہ صاحب جو شان بيان ڪري، سندس هر پهلوءَ تي روشني وڌي آهي. هن اسلامي نقطہ نگاھہ کان شاھہ جي ڪلام جو جائزو ورتو آهي، ۽ قرآن پاڪ، رسول اڪرم، ٻارهن امامن، چئن يارن، بادشاھہ پير دستگير وغيرہ جي تذڪري کان پوءِ شاھہ لطيف بابت مختلف عنوانن جي روشنيءَ ۾ بيان ڪيو ويو آهي، جھڙوڪ: شاھہ جو علم، فلسفہ غم، فلسفہ شهادت (ڪيڏارو)، عشق جي معما، شاھہ جو مذهب، شاھہ جي قادري سلسلي سان نسبت، شاھہ جو مرتبو، ڀٽائي ۽ توحيدي نظريو، محي الدين ابن عربي، دين اسلام ۽ شاھہ ڀٽائي، ڊپلوميسي ۽ دين اسلام، دين اسلام ۽ مصنوعي اوزار، دين اسلام ۽ حقيقت الاشيا.
هي ڪتاب حاجي محمد موسيٰ خان وڪيل، سابق ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر، زميندار ۽ سابق متولي سيد عبدالوهاب شاھہ (حيدرآباد)، آڪٽوبر 1961ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ڪتاب جي قيمت ڄاڻايل نہ آهي.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جون وايون (ڪتاب): هن ڪتاب جو مؤلف مشھور شاعر ۽ اديب رشيد احمد لاشاري آهي. مؤلف ابتدا ۾ ’شاھہ صاحب جي زندگيءَ جو احوال: شاھہ صاحب جي تعليم ۽ تربيت، شاھہ صاحب جو سير ۽ سفر، شادي ۽ ڀٽ جي آبادي، شاھہ جو حُليو ۽ شڪل، شاھہ جي وفات‘ تي مبني احوال 14 صفحن تي ڏنو ويو آهي ۽ اُن بعد 187 وايون شامل ڪيون آهن. ڪرائون سائيز جي 79 صفحن تي مشتمل هي ڪتابڙو، آر ايڇ احمد اينڊ برادرس، حيدرآباد، مدينه پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان 62-1961ع ڌاري ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان جي قيمت ڄاڻايل نہ آهي.
شاھہ جي رسالي جو مطالعو (ڪتاب): نامياري عالم مولانا دين محمد وفائيءَ جي شاھہ سائينءَ بابت لکيل هن ڪتاب ۾ ڪل سَت فصل شامل آهن، جن ۾ شاھہ جي وقت ۾ انقلابي حالت، سنڌ جي رهڻي ڪهڻي، سنڌ ۾ اميري ۽ غريبي، سنڌ جا پکي ۽ جانور ۽ شاھہ جي ڪلام کي ڪيئن گڏ ڪجي ۽ رسالي ۾ ڌاريو ڪلام جهڙن عنوان هيٺ نهايتي عالمانه ۽ مدلل انداز ۾ بحث ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب مواد جي ترتيب ۽ مضمون جي لحاظ کان شاھہ جي حوالي کان اهم آهي. ڪتاب جي منڍ ۾ ناشر طور علي نواز وفائيءَ جا ٻہ اکر ڏنا ويا آهن. ڪتاب جي منظوم قطع تاريخ احمد خان آصف مصراڻيءَ لکي آهي ۽ پيش لفظ سيد حسام الدين شاھہ راشديءَ جو لکيل آهي. ان کان سواءِ مولانا دين محمد وفائيءَ جي قطع تاريخ دين محمد ‘اديب’ فيروزشاهيءَ لکي آهي. هن رسالي ۾ مولانا روم بابت ابو سلمان شاھجھان پوري، پروفيسر اين ميري شمل، جعفر بلگرامي ۽ اي. ايڇ. حقانيءَ جو سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ مواد بہ شامل ڪيو ويو آهي.
200 صفحن جي هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، سال 1962 ۾ شايع ٿيو، جڏهن تہ ٻيو ڇاپو وفائي پبلشنگ هائوس ڪراچيءَ طرفان 1976ع ۾ پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 10 روپيا آهي.
شاعرن جو سرتاج (ڪتاب): هي ڪتاب شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ۽ سندس شاعريءَ بابت چونڊ مضمونن تي مشتمل آهي. جنهن کي بيگم خديجہ شمس العلماءِ عمر بن محمد دائودپوٽو مرتب ڪيو آهي. ڪتاب ۾ شامل سمورا مضمون اڳي ماهوار نئين زندگيءَ ۾ شايع ٿيل آهن. هن ڪتاب ۾ ٻہ اکر رفيق خاور ۽ مهاڳ مرتب خود لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 29 مضمون شامل آهن، جن مان 8 مضمون شمس العلماءِ عمر بن محمد دائودپوٽو، 3 مضمون ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 3 مضمون عثمان علي انصاري، 3 مضمون الحاج سيد ميران محمد شاھہ، 2 مضمون پروفيسر لطف ﷲ بدوي، 1 مضمون الحاج ﷲ بخش عقيلي، 1 مضمون سيد علي محمد شاھہ راشدي، 2 مضمون غلام مصطفيٰ قاسمي، 1 مضمون خديجہ دائودپوٽو، 1 مضمون ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي، 1 ممصون سيد غلام مرتضيٰ شاھہ سنائي، 2 مضمون شفيع احمد علوي ۽ 1 مضمون وقار عظيم لکيا آهن. ڊبل ڪرائون سائيز ۾ ڪچي جلد سان 256 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب پاڪستان پبليڪيشن پاران 1963ع ۾ انٽرنيشنل پريس ڪراچيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جي قيمت ساڍا ٽي روپيا ڄاڻايل آهي.
لطيف باغ جو سير (ڪتاب): هن ڪتابڙي ۾ نامور ليکڪ رشيد احمد لاشاريءَ، شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ کي منظوم ڀيٽا ڏني آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 119 مسدس شامل آهن، جيڪي ليکڪ ‘لطيف سالگرھہ’ ڪراچيءَ جي موقعي تي ٿيل سيمينار، 1949ع ۾ پيش ڪيا هئا. هن منظوم ڀيٽا تي ليکڪ کي سنڌي ادبي صلاحڪار بورڊ پاران هڪ سئو روپيا انعام بہ مليو هو. 47 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز جي هن ڪتابڙي کي آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، بازار حيدرآباد'>شاهي بازار حيدرآباد، سيپٽمبر 1965ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 1.75 روپيا آهي.
ڀٽ ڌڻي عرف ذڪر لطيف (ڪتاب): هي ڪتاب مولوي عبدالحي شڪارپوريءَ لکيو آهي، جنهن ۾ شاھہ لطيف جي زندگيءَ جو احوال آهي، خاندان ۽ ولادت جي پسمنظر سان گڏ، ننڍپڻ جو احوال، شاھہ لطيف جي شاديءَ ۽ سير سفر بابت معلومات آهي. ان کانسواءِ هن ڪتاب ۾ شاھہ سائينءَ جا چونڊ بيت بہ شامل ڪيا ويا آهن. مولوي عظيم اينڊ سنز شڪارپور پاران، هي ڪتاب جولاءِ 1965ع ۾ شايع ڪيو ويو. ڪچي جلد سان، 114 صفحن تي مشتمل هن ڪرائون سائيز جي ڪتاب جي قيمت 10 روپيا ڄاڻايل آهي.
فڪر لطيف (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌي ادبي سوسائٽي اسلاميہ ڪاليج سکر جي اشاعتي سلسلي جو ڇهون ڪتاب آهي، جنهن کي ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ 1967ع ۾ ترتيب ڏنو. ڪتاب جو انتساب علامہ آءِ. آءِ. قاضيءَ کي ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو فڪر انگيز مقدمو مرتب خود لکيو آهي. ڪتاب ۾ هيٺيان مضمون ڏنا ويا آهن: شاھہ لطيف ۽ عوام الناس: عبدالرزاق ’راز‘، شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ اسلامي اقدار: پروفيسر محمد احمد، شاھہ ۽ عورت: نور شاهين، شاھہ جي ڪلام جا ماخذ: نواز علي شوق، شاھہ جي شعر ۾ توحيد: محمد عمر سهتو، ٿر تک تنوار'>جر ٿر تک تنوار: سيد لعل شاھہ، شاھہ جي حب الوطني: ميمڻ عبدالغفور سنڌي، شاھہ جي شعر جي مجموعي بناوٽ: سجاد قريشي، لطيفيات: شيخ عبدالرزاق راز. 152 صفحن تي مشتمل ڪچي جلد جي ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب جي قيمت هڪ روپيو پنجهتر پئسا آهي.
شاھہ جي رسالي جا سرچشما (ڪتاب): شاھہ جي رسالي ۽ سوانح بابت تحقيقي رٿا هي شايع ٿيل بنيادي ماخذن مان هي چوٿون ڪتاب آهي، جيڪو 1972ع ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھہ طرفان ڇپايو ويو هو. ڪتاب جو تحقيقڪار ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي. ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي. ڪتاب ۾ مقدمي کان سواءِ شاھہ جي هيٺين رسالن تي ڪم ٿيل آهي: (1) ميين اسماعيل جو گڏ ڪرايل گنج،
(2) قاضي موسى وارو نسخو، (3) درگاھہ منصوره وارو نسخو، (4) برٽش ميوزيم، لنڊن وارو نسخو، (5) انڊيا آفيس لنڊن وارو نسخو، (6) سن 1279ھہ ۾ لکيل ڪڇ جو نسخو، (7) اڻ پورو نسخو- 1، (8) اڻپورو نسخو- 2،
(9) سيد ابراهيم شاھہ وارو نسخو، (10) دلدار فقير وارو نسخو، (11) پير غوث محمد شاھہ وارو نسخو، (12) حاجي هدايت ﷲ هالائيءَ جو لکيل نسخو، (13) مير امام بخش خان وارو لکايل نسخو، (14) مائي مـُلي نعمت جو لکيل نسخو، (15) آخوند محمد شيخ جو لکيل نسخو،
(16) اميد علي نظاماڻيءَ جو لکيل نسخو، (17) عبدالحميد جو لکيل نسخو، (18) عبدالحق هالائي جو لکيل نسخو، (19) ميين احمد ڀٽائي جو لکيل نسخو- 1، (20) ميين احمد ڀٽائيءَ جو لکيل نسخو- 2،
(21) ميين احمد ڀٽائيءَ جو لکيل نسخو- 3، (22) ميين محمد ۽ ميين حسين جو لکيل نسخو، (23) ميين احمد جو لکيل نسخو- 4، (24) مير عبدالحسين سانگيءَ جو لکايل نسخو، (25) نيڪ محمد جو لکيل نسخو، (26) جمعي فقير جو لکيل نسخو، (27) اسماعيل بن محمد صالح رنگريز جو لکيل نسخو، (28) تاج محمد نظاماڻيءَ جو لکيل نسخو،
(29) ولي محمد شاھہ وارو نسخو، (30) ميهار فقير جو لکيل نسخو، (31) پنھل فقير جوڻي جو لکيل نسخو، (32) ارنيسٽ ٽرمپ جو 1866ع وارو ڇاپو، (33) قاضي احمد جو منتخب ڇاپو، (34) سن 1283ھہ/1867ع وارو بمبئي ڇاپو، (35) سن 1292-1293ھہ/1876-1877ع وارو بمبئي ڇاپو، (36) سن 1303ھہ/ 1886ع وارو بمبئي ڇاپو، (37) سن 1306ھہ/ 1889ع وارو بمبئي ڇاپو، (38) سن 1310ھہ/1893ع وارو بمبئي ڇاپو، (39) سن 1317ھہ/1899ع وارو بمبئي ڇاپو، (40) سن 1329ھہ/ 1911ع وارو بمبئي ڇاپو، (41) سن 1340ھہ/ 1921ع وارو بمبئي ڇاپو،
(42) 1900ع وارو سرڪاري ڇاپو، (43) سن 1913ع ۾ ميرزا قليچ بيگ جو ترتيب ڏنل ڇاپو، (44) سن 1350ھہ/1931ع ۾ عبدالله سومري جو لکيل ڇاپو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاھہ جي مڙني (44) قلمي توڙي ڇاپي ڪتابن جو سرسري جائزو ورتو آهي ۽ ڪيترن رسالن جي بيتن جي لکت جو عڪس ڏنو ويو آهي. شاھہ تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هي ڪتاب ڪارائتو آهي.
هن ڪتاب ۾ 159 صفحا سنڌيءَ ۾ ۽ 4 صفحا انگريزي ۾ آهن. ان کانسواءِ ڪيترن رسالن جا عڪس ڏنل آهن.
ڇپر ڇاٽون مُڪيون (ڪتاب): هي ڪتاب شاھہ لطيف جي شاعريءَ جي ادبي اڀياس تي مشتمل هند سنڌ جي، نامياري اسڪالر ۽ اديب ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ شاھہ جي شارح ۽ پارکو ڪلياڻ آڏواڻيءَ لکيو آهي. هو لکي ٿو ته، “مون کي خوشي آهي، جو منهنجي دوست پرسي گدواڻيءَ ڊيڪن ڪاليج جي خلوت خاني اندر رياض ڪري، پنھنجي فھم ۽ ادراڪ موجب هي نئون نذرانو پارکن اڳيان پيش ڪيو آهي. هي تحفو [شاھہ جو اڀياس] هفت رنگي ۽ هفت برگي گُل آهي، جنهن مان ساهتيہ جي سڪايلن ۽ آتم گيان جي پياسين کي دلي سڪون ۽ جان جي جميعت حاصل ٿيندي.”
هو وڌيڪ لکي ٿو تہ “شاھہ جي زندگيءَ تي سنياسين ۽ جوڳين جو اهم اثر پيو. سندن صحبت هن لاءِ ڪيميا مثل هئي، جنهن سندس قلب مان سموري ڪس ڪڍي، ان کي پارس ڪري ڇڏيو. افسوس اهو آهي تہ جو متعصبن ‘سر رامڪليءَ’ کي انهيءَ لحاظ کان اهميت نہ ڏني آهي... سنڌ جي درويشن جي ڪلام مان واضح ٿئي ٿو تہ روحانيت جي راھہ ۾ هندو سنتن، مسلم عارفن مان ۽ مسلم فقيرن، هندو تارڪن مان فيض پرايو آهي. حقيقت جي منزل ڌرم ۽ مذهب کان بالا آهي. پرسي گدواڻيءَ انهيءَ پهلوءَ جي چڱي وضاحت ڪئي آهي.”
ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ هن ادبي اڀياس ۾ شاھہ جي ڪلام جي پرک سنسڪرت ساهت لاءِ مقرر ڪيل ماپن جي روشنيءَ ۾ ورتي آهي. ڪلام جو سنسڪرت جي ڇندن ۽ سينگار شاعريءَ جي روشنيءَ ۾ جائزو ورتو ويو آهي. هن جائزي ۾ شاھہ جي ڪردار نگاري، عشق
جي اظهار، ملڪي عشق، ٻوليءَ جي حسن، موزون لفظن جي چونڊ،
ڀاون (جذبن) ۽ ويچارن موجب ٻولي، رس جي اظهار (سينگار رس)، ڇند،
النڪار (سينگار جي عنصر)، شاھہ جي فيلسوفيءَ جو بيان ڪيو ويو آهي. آخر ۾ هندي لفظن جو ‘سنڌي سونهون’ (معنيٰ) ڏنو ويو آهي.
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن، الهاس نگر جي مدارالمهام ۽ برک اديب محترم نارائڻ ڀارتيءَ 1973ع ۾ شايع ڪيو هو، جڏهن تہ ٻيو ڇاپو سنڌ ۾ باک ادبي اڪيڊمي حيدرآباد
پاران 1997ع ۾ ڇپايو ويو آهي، جنهن جي قيمت 50 روپيا آهي.
شاھہ، سچل، سامي (ڪتاب): سنڌ جي هنن ٽن اهم شاعرن جي دور متعلق گڏيل تجزيي ۽ اڀياس تي مشتمل هي ڪتاب، سنڌ جي ڏاهي، مفڪر ۽ سڄاڻ دانشور محمد ابراهيم جويي جو لکيل آهي، جنهن ۾ هنن ٽنهي شاعرن جي دور يعني 1689ع کان وٺي 1850ع تائين جي سنڌ جي سياسي، معاشي، مذهبي ۽ سماجي حالتن جو اڀياس ڪيو آهي. هن ڪتاب ذريعي ان دور جي سمورين واقعن، سچاين ۽ دوکيبازين کي سنڌ جي هڪ ڏاهي مفڪر کولي بيان ڪيو آهي، تنهنڪري هي ڪتاب شاھہ لطيف جي فڪري حوالي سان خاص اهميت رکي ٿو. هي ڪتاب اصل ۾ ’شاھہ سچل سامي‘ ٽي ڪتابي اشاعت جو مهاڳ هو، جيڪو تفصيلي صورت ۾ ڌار ڇپايو ويو آهي. 85 صفحن جي ڊيمي سائيز واري هن ڪتاب کي سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽيڊ حيدرآباد طرفان پهريون ڀيرو 1975ع ۾ پڌرو ڪيو ويو، جنهن جي قيمت 6 روپيا هئي. هن ڪتاب جا وڌايل سڌاريل ايڊيشن وقت بہ وقت روشني پبليڪيشن ڇپائيندي رهي آهي. هن ڪتاب جا ڇھن کان وڌيڪ ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن.
شاھہ لطيف جي شاعري- وڌايل ۽ سنواريل (ڪتاب): شاھہ عبداللطيف ۽ سندس شاعريءَ جي مختلف رخن جي اڀياس تي مشتمل هي ڪتاب تنوير عباسيءَ لکيو، جنهن کي روشني پبليڪيشن 1995ع ۾ ڇپرايو. هي ڪتاب سڀ کان پهريان شاھہ لطيف ثقافتي سوسائٽيءَ طرفان 1976ع ۾ سيد غلام مصطفى شاھہ ڇپرايو، جنهن جا ناشر طرفان پيش لفظ ڏنل آهن ۽ ان جو نئون ڇاپو روشني پبليڪيشن 1994ع ۾ ڇپايو آهي، جنهن جو مهاڳ تنوير عباسيءَ لکيو آهي. اهڙيءَ ريت گڏيل ڇاپي جو مهاڳ 1989ع ۾ تنوير عباسي لکيو. 1976ع ۽ 1984ع جا مهاڳ بہ تنوير عباسيءَ جا لکيا ويا آهن. ڪتاب ۾ شاھہ جي شاعريءَ تي هيٺين عنوانن تي لکيو ويو آهي: (1) شاھہ لطيف جي شاعريءَ جو ادبي پس منظر، (2) شاھہ لطيف جي شاعريءَ جو سياسي ۽ تاريخي پس منظر، (3) شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ سماجي ۽ اخلاقي قدر، (4) شاھہ لطيف جي عوامي شاعري، (5) شاھہ لطيف جي شاعريءَ جي موسيقي، (6) شاھہ لطيف جي عڪسي شاعري، (7) شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ رنگن جو اڀياس، (8) شاھہ لطيف جي اهڃاڻي شاعري، (9) شاھہ لطيف جا سورما ۽ سورميون، (10) شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ زورائتو اچار، (11) ساڄن، سونهن، سرت، (12) سر گهاتوءَ جو اڀياس. 294 صفحن جي هن پڪي جلد واري ڪتاب جي قيمت 120 رپيا آهي.
جر ٿر تک تنوار (ڪتاب): سنڌ گرئجوئيٽس ايسوسيئيشن سنڌ طرفان لطيفي ادب جي سلسلي جو هي ٽيون ڪتاب، 1978ع ۾ شمشير الحيدري ۽ انور هالائيءَ مرتب ڪيو هو. ٻانهن ٻيلين ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ اعجاز قريشيءَ جا نالا ڄاڻايا ويا آهن.
هن ڪتاب جو مهاڳ بہ شمشير الحيدري ۽ انور هالائيءَ جو لکيل آهي. ڪتاب ۾ مضمونن جي فهرست بہ ڏني وئي آهي، جڏهن تہ ڪتاب ۾ هيٺيان مضمون شامل آهن: (1) شاھہ جي رسالي ۾ مندون ۽ ماحول (احمد فقير ڪيريو)، (2) شاھہ جي رسالي ۾ ڪاريگرن ۽ هنرمندن جي اهميت (ثريا سوز ڏيپلائي)، (3) شاھہ جي ڪلام ۽ اخلاق جو اڀياس (ڊاڪٽر نسرين لطيف)، (4) شاھہ، سنڌي زبان جو مسيحا (غلام حيدر ٻرڙو)، (5) شاھہ جا سورما (معمور يوسفاڻي)، (6) شاھہ جي زماني جون لڙايون (در محمد پٺاڻ)، (7) ڀٽائي ۽ بُلا شاھہ، (8) من اندر جا لوچ (انور هالائي). اهڙيءَ ريت ڪجهہ مضمون اردوءَ ۾ بہ ڏنا ويا آهن، جيئن: شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ايڪ عظيم قومي شاعر: غضنفر مهدي، وه بندهءِ صحرائي: پريشان خٽڪ، ۽ شاھہ لطيف اور خواجہ فريد: مولانا نور احمد فريدي.
ڊيمي سائيز جي 140 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 12 روپيا آهي.
مضمون ۽ مقالا: هن ڪتاب ۾ نامياري اسڪالر ۽ شاھہ لطيف جي پارکو علامہ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جا اهي چونڊ مضمون ۽ مقالا شامل آهن، جيڪي اڪثر ڀٽائي صاحب جي سوانح، ڪلام، فڪر ۽ فلسفي بابت لکيل آهن. هي مضمون مختلف وقتن تي ماهوار ‘نئين زندگيءَ’ ۾ ڇپيا هئا. انهن مضمونن کي ڪتابي صورت ۾ خانم خديجہ دائودپوٽي ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب جو مهاڳ مرتب پاڻ لکيو آهي. ڊيمي سائيز جي 320 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز 1978ع ۾ شايع ڪيو هو.
لطيف ڪوئز (ڪتاب): هي ڪتابڙو ڊاڪٽر جبار جوڻيجي لکيو آهي. مهاڳ ۾ ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته، “هن ڪتابڙي ۾ فقط شاھہ صاحب بابت ڪن سوالن جا جواب ملي سگهندا.” هي ڪتاب شاگردن لاءِ لکيو ويو آهي، جنهن کي 1978ع ۾ سھڻي ڌرتي پبليڪيشن، بدين ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب ۾ ناشر طرفان ٻہ اکر مشھور ليکڪ جمال رند لکيا آهن. ڪرائون سائيز جي 52 صفحن تي مشتمل آهي. ڪچي جلد واري هن ڪتاب جي قيمت اڍائي روپيا آهي.
وريا واهرو (ڪتاب): هي ڪتاب برک دانشور ۽ اديب عبدالواحد آريسر جي تصنيف آهي، جنهن ۾ ڀٽائيءَ جي فڪر تي نئين رُخ کان نظر وڌي وئي آهي. ڪتاب جو انتساب، هن قومي ڪارڪن ۽ پنھنجي دوست علي محمد شاھہ لڪياريءَ جي نالي ڪيو آهي. هو ڪتاب ۾ لطيف جي فڪر تي روشني وجهڻ کان اڳ پيش لفظ ۾ لکيو آهي ته، “سياستدان، فاتح، حڪمران ۽ جوڌا، پنھنجي بهادري ۽ ڏاهپ وسيلي وقتي طرح ملڪ حاصل ڪري وٺندا آهن، پر ان کي عوام جي دلين ۾ وطن ۽ ماتر ڀوميءَ واري حيثيت سان نقش ڪرڻ شاعر جو ڪم هوندو آهي. لطيف اهو ڪم اهڙي نموني ڪيو، جو انسانيت جي سموري تاريخ ۾ ڪو بہ شاعر اهو ڪم ان نموني نہ ڪري سگهيو آهي... لطيف ڪنهن هڪ شخص، وليءَ، شاعر يا فلاسافر جو نالو نہ آهي، پر لطيف هڪ ادارو، هڪ تحريڪ ۽ هڪ تنظيم آهي. اها تحريڪ ۽ تنظيم، سنڌي سماج کي عين منتشر ٿيڻ ۽ ڇڙوڇڙ ٿيڻ واري وقت، ثقافتي، لساني ۽ فوجي بنيادن تي متحد ۽ آزاد رکڻ لاءِ وجود ۾ آئي. ان کي وسيع، سنڌگير ۽ عوامي بنائڻ لاءِ لطيف سڄيءَ سنڌ جو گشت ڪيو ...”
مٿئين نقطہ نظر جي روشنيءَ ۾، هن ڪتاب ۾ عبدالواحد آريسر، شاھہ لطيف جي ڪن بيتن ۽ بيتن جي سٽن جي سمجهاڻي لکي آهي. هي ڪتاب لطيف شناسيءَ جي تعليمات ۾ هڪ اهم اضافو آهي. ڊيمي سائيز جي 95 صفحن ۽ ڪچي جلد وارو هي ڪتاب شھيد عبدالقادر هاليپوٽو پبليڪيشن، سيوهڻ، جون 1980ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو ۽ ان جي قيمت 15 روپيا آهي.
عرفان لطيف (ڪتاب): هي ڪتاب ڊاڪٽر بشير احمد شاد جو لکيل آهي، جنهن ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي سڀني سرن مان ڪجهہ مخصوص بيتن کي سمجهاڻيءَ سان پيش ڪري انهن سرن ۾ روحاني رنگ کي چٽو ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو انتساب شاھہ جي شارح ۽ محقق ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جي نالي ٿيل آهي. ‘پنھنجي پاران’ قمر ميمڻ، سيڪريٽري مهراڻ اڪيڊميءَ لکيو آهي. ڪتاب جي شروع ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مختصر سوانح حيات ڏني وئي آهي. جنهن کانپوءِ ترتيب وار سڀني سرن مان چند اهڙا بيت چونڊيا ويا آهن، جيڪي انهن سرن جي مفهوم ۽ مطلب سمجهڻ لاءِ مناسب ۽ موزون نظر آيا آهن. انهن مان هر هڪ بيت جي ظاهري توڙي باطني معنيٰ ۽ مفهوم کي پڌري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1982ع ۾ شايع ٿيو، جڏهن تہ ٻيو ڇاپو ضروري واڌارن سان پڻ شايع ٿيو. هي ڪتاب جو ٽيون ڇاپو آهي، جيڪو قمر ميمڻ، مهراڻ اڪيڊمي واڳڻي در، شڪارپور مان 1998ع ۾ ڇپايو. ڊيمي سائيز، رنگين ٽائيٽل سان 213 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 48 روپيا آهي.
لطيف سنڌ آهي (ڪتاب): هي عبدالقادر جوڻيجي (جونيئر) جي شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت لکيل مختصر مضمونن تي مشتمل آهي. ڪتاب ۾ هيٺيان عنوان شامل آهن: (1) شاھہ لطيف: شاعر يا تاريخدان، (2) لطيف جي باغي سورمين جي روايت کان بغاوت، (3) لطيف جي فلسفي ۾ جنگ جو تصور، (4) لطيف جي فڪر ۾ سونهن ۽ سچائيءَ جو تصور.
هي ڪتاب رابيل اشاعت گهر، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري طرفان 1983ع ۾ شايع ٿيو. ڪرائون سائيز جو هي ڪتاب 64 صفحن تي مشتمل آهي ۽ هن جي قيمت 5 روپيا آهي.
ڪنور پاڙون پاتار ۾ (ڪتاب): هي ڪتاب شاھہ لطيف جي پارکو ۽ جنهن ۾ هن عالماڻي نموني شاھہ صاحب جي شعر تي عربي، پارسي، هندي، پنجابي ۽ [شاھہ کان اڳ جي] سنڌي شاعرن تي روشني وڌي آهي. ڪتاب جو انتساب، شاھہ جي رسالي جي بھترين شرح لکندڙ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي نالي ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي ابتدا ۾ ‘گذارش’ کانپوءِ ‘شاھہ عبداللطيف’ عنوان سان سيد ميران محمد شاھہ جو شعر، ‘گلزار خيال’ ڪتاب مان کڻي ڏنو ويو آهي، جيڪو 1935ع ۾ بمبئي يونيورسٽي، مئٽرڪ لاءِ منظور ڪيو هو. ڊيمي سائيز جي 100 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، اندر ڪمار، نئين دهلي (انڊيا) مان 1984ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان جي قيمت 12 روپيا رکي وئي آهي.
zتن سِپون سُوجهي ڪڍيون، پاتاران پيهي (ڪتاب): هي ڪتاب پروفيسر سنتداس جهانگياڻيءَ جي تحقيقي تحرير آهي. هن دهلي يونيورسٽيءَ مان Shah Abdul Latif and His Times عنوان تي پي ايڇ ڊي ڪئي هئي. ان دوران شاھہ جو اڀياس ڪندي، سندس لفظن ۾، هن ‘جيڪي موتي ميڙيا’ هئا. انهن مان (مضمون) هن ڪتاب ۾ ڏنا ويا آهن. مضمونن جو وچور هن ريت آهي: سوامي پراڻ ناٿ ۽ شاھہ عبداللطيف، شاھہ ۽ ڏياري، شاھہ ۽ عيد، سماجواد جو علمبردار، شاھہ جي زماني ۾ سنڌ جو واپار، شاھہ: زمان حال جي حوالي ۾، ڇا شاھہ اُمي هو؟ هندن جو همدرد ۽ همراز.
ڪرائون سائيز جي 103 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، اندر ڪمار، ڪالڪا جي ايڪسٽينشن، نيو دهليءَ مان، 1985ع ۾، ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان جي قيمت ڄاڻايل نہ آهي.
شاھہ ۽ نوجوان: هي ڪتاب شاھہ عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي ڪراچيءَ طرفان 29 مارچ 1985ع تي آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيل ڪانفرنس ۽ سيمينار ۾ پڙهيل مقالن جو ڳٽڪو آهي، جيڪو مارچ 1985ع ۾ سوسائٽيءَ طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ سيد غلام مصطفيٰ شاھہ جي آجيان واري تقـريـر، محـمود هـارون جي صـدارتي تقرير کان سواءِ محمـد ابـراهـيم جـويي، ڊاڪٽر اياز قادري، محمد عمر چنڊ، ڊاڪٽر فھميدہ حسين، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ ۽ مريم مجيديءَ جا مقالا ڪتاب ۾ ڏنا ويا آهن. ڪتاب تي ٻہ لفظ ڊاڪٽر اياز حسين قادري، سيڪريٽري شاھہ عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي، ڪراچيءَ طرفان لکيا ويا آهن. 113 صفحن جي هن ڪتاب جي آخر ۾ شاھہ لطيف تي هڪ مقالو انگريزيءَ ۾ بہ ڇپيو ويو آهي. ڪتاب جي قيمت 25 روپيا ڄاڻائي وئي آهي.
لطيف سائينءَ جا لاڙ تان ڀيرا (ڪتاب): هي ڪتاب محمد سومار شيخ جي شاھہ لطيف تي ڪيل تحقيق تي ٻڌل آهي. هن ڪتاب ۾ محقق، شاھہ لطيف جي لاڙ ۾ آمد بابت تحقيق ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل پنج باب آهن، جن ۾: (1) شاھہ لطيف جو ٺٽي تان ڀيرو، (2) ڀٽ ڌڻيءَ جو پٽيهل تان ڀيرو، (3) شاھہ لطيف جو ريڻ تان ڀيرو،
(4) شاھہ لطيف جو ساڱري درياھہ تان ڀيرو، (5) شاھہ صاحب جو پراڻ تان ڀيرو شامل آهن. هي ڪتاب پروفيسر اسدالله ڀُٽي، تنظيم فڪر و نظر، سنڌ طرفان 1986ع ۾ شايع ڪرايو. ڊيمي سائيز جي ڪچي جلد سان 151 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 35 روپيا آهي.
لطيفي لات (ڪتاب): هي ڪتاب خان محمد پنهور جي سهيڙيل مضمونن جو مجموعو آهي. هن ڪتاب جا ٻہ اکر خان محمد پنهور لکيا آهن. هيٺين عنوانن تي مضمون شايع ٿيل آهن: (1) ڀلارو ڀٽ ڌڻي: علامہ آءِ آءِ قاضي، (2) ڪونج ۽ سنڌ: پير علي محمد راشدي،
(3) لطيف قومي محبت جو پيامبر: پير حسام الدين راشدي، (4) طلب جي تنوار: شيخ اياز، (5) برٽش ميوزيم ۾ رکيل شاھہ جو قلمي نسخو: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، (6) شاھہ جي شرح جو سوال: مولانا غلام محمد ڀرڳڙي، (7) شاھہ جي ڪيمياگري: عثمان علي انصاري،
(8) ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ عام ماڻهن جي زندگي: تنوير عباسي،
(9) گهِڙو سڀ گهڙا کڻي: ڊاڪٽر علام علي الانا، (10) شاھہ ۽ سنڌ: غلام مصطفيٰ قاسمي، (11) سڙيا مٿي سچ: ڊاڪٽر سليمان شيخ، (12) سر ڪوهياري ۽ سر حسينيءَ ۾ شاھہ جو پيغام، (13) شاھہ لطيف جو تاريخي ڪردار: تاج جويو، (14) ڀٽائيءَ جي ڪلام جا حافظ زندگيءَ جي پوئين لھر ۾:
خان محمد پنهور. هي ڪتاب سنڌ گرئجوئيٽس ايسوسيئيشن پبليڪيشن بورڊ حيدرآباد طرفان، 1 مئي 1987ع ۾ ڇپرايو ويو. 105 صفحن جي ڪتاب جي قيمت 6 روپيا آهي. ڪتاب جو ٽائيٽل مشھور چترڪار چندر اداسيءَ جو ٺهيل آهي، جيڪو هاڻي ڀارت لڏي ويو آهي.
فڪر لطيف (ڪتاب): هي ڪتاب قربان علي ميمڻ جو ترتيب ڏنل آهي، جيڪو ’تنظيم فڪر و نظر سنڌ‘ پاران سکر ۾ 1987ع ۾ ڪرايل ’ڪل پاڪستان شاھہ لطيف ڪانفرنس‘ جي موقعي تي عالمن ۽ اديبن پاران پڙهيل مقالن ۽ ڪيل تقريرن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي شروع ۾ ’پنھنجي پاران‘ پروفيسر اسدالله ڀٽي لکيو آهي. ان کانپوءِ خطبه استقباليه جي عنوان سان پروفيسر اسدالله جون ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ وزيراعظم پاڪستان محمد خان جوڻيجي ۽ وزيراعليٰ سنڌ سيد غوث علي شاھہ جي آجيان ۾ ڪيل تقريرون شامل آهن. ڪتاب ۾ ڪريم بخش ’خالد‘، بشير احمد ’شاد‘، پروفيسر نذير احمد صديقي، پروفيسر غلام احمد بروهي، محمد سومار شيخ، عزيز جعفراڻي، پروفيسر مير محمد ڀيو، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، عبدالغفار صديقي، سيد لعل شاھہ بخاري، پروفيسر ڊاڪٽر گل حسن لغاري، احمد خان ڪيريي، حبيب سنڌي، عاصي عبدالواحد هڪڙي ۽ ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻيءَ جا ڪانفرنس جي موقعي تي پڙهيل مقالا ۽ تقريرون شامل آهن.
هي ڪتاب فڪر و نظر پبليڪيشن، سنڌ اسلامڪ سينٽر سکر پاران آڪٽوبر 1987ع ۾ ڇپايو ويو. هي ڪتاب ڊيمي سائيز، رنگين ٽائيٽل سان 190 صفحن تي مشتمل آهي. جنهن جي قيمت 45 روپيا ڄاڻايل آهي.
وساريان نہ وسرن (ڪتاب): هن ڪتاب جو مصنف ممتاز مرزا آهي. مصنف ڪتاب کي ٻہ ڀاڱن ۾ ورهايو آهي. پهرين ڀاڱي ۾ شاھہ عبداللطيف جي ورسين، ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز جي چيئرمئن، اعزازي سيڪريٽرين ۽ ڇپايل ڪتابن بابت تحقيقي مواد شامل آهي، جنهن ۾ ڀٽ شاه واري درگاھہ، ڀٽ شاھہ شهر، شاھہ جي ورسي، شاھہ سيلاني، شاھہ جي ڪيمياگري، شاھہ جي نظر ۾ انسان جو وشو درشن کان سواءِ شاھہ کي منظوم ڀيٽا پڻ ڏني وئي آهي. ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ شاھہ صاحب جي راڳائي فقيرن تي تحقيقي مواد شامل آهي، جنهن ۾ نارو ڀڳت، فقير يار محمد، منظور علي خان، فقير عبدالغفور، مائي ڀاڳي، اقبال جوڳي ۽ ٻين مختلف راڳائين جو ذڪر موجود آهي.ڊيمي سائيز ۾ 264 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان هي ڪتاب ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز طرفان 1988ع ۾ شايع ٿيو آهي، جنهن جي قيمت 60 روپيا آهي.
لطيف جو پيغام (ڪتاب): هي ڪتاب ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو لکيل آهي. جيڪو شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ۽ ان جي شاعريءَ بابت لکيل مقالن ۽ مضمونن تي مشتمل آهي. ڪتاب ۾ ’پنھنجي پاران‘ قمر ميمڻ، سيڪريٽري مهراڻ اڪيڊمي ڪراچيءَ طرفان لکيو ويو آهي. ڪتاب جي شروع ۾ مقدمو ڏنو ويو آهي، جنهن مان ڪتاب جي مقصد ۽ اهميت جي ڄاڻ پوي ٿي. ڪتاب ۾ مقالا ۽ مضمون ترتيبوار: شاھہ لطيف کان اڳ ۽ سندس زماني ۾ سنڌ جون سياسي ۽ اقتصادي حالتون، وحدت الوجود، خود شناسي، شاھہ جي نظر ۾، شاھہ جي نظر ۾ موت جو تصور، شاھہ جي عظمت، شاھہ جي شعر ۾ انساني مزاج ۽ فطرت جي عڪاسي، نوجوان ۽ شاھہ، رسالي جي ڪهاڻين جو فني ۽ فڪري جائزو، سر ڪلياڻ مضمون ۽ فلسفو، سُر مارئيءَ جو مطالعو، سر سامونڊي جو فلسفو، سر معذوريءَ جو فلسفو، سر ڏهر جو فڪري جائزو، سُر ڪاموڏ جو ادبي جائزو ۽ سر سهڻيءَ جو فسلفو شامل آهن. هي ڪتاب مهراڻ اڪيدمي ڪراچيءَ پاران الائيڊ پرنٽنگ ڪارپوريشن حيدرآباد مان مارچ 1989ع ۾ ڇپايو ويو. ڊيمي سائيز، رنگين ٽائيٽل سان 158 صفحن تي مشتمل آهن. ڪتاب جي قيمت 24 روپيا ڄاڻايل آهي.
شاھہ جو ميٺاڄ ۽ گهرائي: هن ڪتاب جو ليکڪ پروفيسر ڊي. ايڇ. بٽاڻي (ڏيو هاسومل بٽاڻي) آهي ۽ هي ڪتاب سندس پتنيءَ، هن جي پوتر ياد ۾، ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب جو مهاڳ (’يار جي ياد ۾‘) چرنداس ٺاڪرداس گورسهاڻيءَ لکيو آهي ۽ ’ٻہ اکر‘ هاسي ڪيولراماڻيءَ لکيا آهن. ڪتاب ۾ هيٺين عنوانن تي مضمون ڏنا ويا آهن:
(1) شاھہ سان جنم جو ناتو، (2) ڪيئن اهو سٻنڌ وڌيو، (3) شاھہ بيمثال ڪلاڪار، (4) عاليشان انسانيت جو روپ، (5) پڪو مسلمان، تہ بہ رام ۽ رحيم لاءِ ساڳيو صدق، (6) عشق مجازيءَ ۾ بہ روحاني راز، (7) شاھہ هڪ عجيب جادوگر، (8) شاھہ جي سکيا، (9) سريشٽ گڻ، (10) پکين ۽ جانورن لاءِ همدردي.
ڊيمي سائيز جي 42 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، پياس پبليڪيشن، گانڌي نگر (گجرات، انڊيا)، 1990ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 20 روپيا آهي.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائي (ڪتاب): ٻارن جي ذهني اوسر لاءِ شاھہ لطيف جي زندگي، فن ۽ فڪر تي مشتمل هيءُ ڪتابڙو سنڌ جي نامور محقق ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر جو لکيل آهي. سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي طرفان هن قسم جي ڪتابن جي شايع ڪرڻ جو مقصد ٻاراڻي ادب جي کوٽ جي پورائيءَ لاءِ ٻارڙن جي تعليمي ۽ ذهني اوسر جي پيش نظر دلچسپ، اصلاحي، مفيد، معلوماتي، تاريخي ۽ ديني ڪتابن جو هڪ سلسلو هلايو ويو. هيءُ ڪتابڙو ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. هن ڪتابڙي ۾ ٻارڙن جي ذهني نشو ونما خاطر شاھہ لطيف کي نهايت ئي سولي ۽ سادي انداز ۾ کولي سمجهايو ويو آهي.
ڪرائون سائيز جي 48 صفحن تي مشتمل هن ڪتابڙي کي سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي جي ان وقت جي سيڪريٽري مهتاب اڪبر راشديءَ، 1990ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 5 روپيا آهي.
ڪنڌيءَ ڪنور ٽڙن (ڪتاب): هي ڪتاب نامور دانشور ۽ محقق محمد حسين ڪاشف جي لطيف شناسيءَ بابت تحريرن جو مجموعو آهي. هن ڪتاب ۾ هيٺين موضوعن تي لکيو ويو آهي: ‘شاھہ جي وقت ۾ سياسي ۽ ثقافتي حالات جو تجزيو’، ‘موجودہ دور ۾ شاھہ لطيف جي اهميت’، ‘شاھہ ۽ اسين’، ‘ويٺي ويڄن وٽ’، ‘شاھہ جي شاعريءَ جو صوفيانه انداز’، ‘نئون نياپو آئيو’، ‘راڻي ملان رات’، ‘شاھہ جو چنڊ’، ‘چارڻ ٻڌا چنگ کي’، ‘ابڙو سمون’، ‘ليلان ڇڏ ليهور’، ‘سورن ساڻ مَ ڇن’، ‘ڪنڌيءَ ڪنور ٽڙن’ ۽ ‘کرا ويڻ کنگهار کي’.
ڊيمي سائيز جي 224 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، مقصود پبليڪيشن حيدرآباد، مارچ 1990ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 50 روپيا آهي.
شاھہ جي ٻولي (ڪتاب): شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ استعمال ٿيل ٻوليءَ واري رُخ تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ لسانيات جو ماهر آفتاب ابڙو آهي. هن ڪتاب کي پنجن بابن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين باب ۾ سنڌي ٻولي، ٻئي باب ۾ شاھہ جي دور کان اڳ جي ٻولي، ٽئين باب ۾ شاھہ جي دور جي ٻولي، چوٿين باب ۾ شاھہ جي ٻولي ۽ پنجين باب ۾ شاھہ جي ڪلام تي ٻين ٻولين جو اثر شامل آهن. هن ڪتاب جي ارپنا ليکڪ پنھنجي استاد ڊاڪٽر نواز علي شوق جي نالي ڪئي آهي، جڏهن تہ ڪتاب جا ٻہ اکر سيد غلام مصطفيٰ شاھہ ۽ مقدمو ڊاڪٽر علي نواز شوق لکيو آهي.
ڊيمي سائيز جي 150 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، سنڌ ڪتاب گهر ڪراچيءَ، 1990ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو.
شاھہ عبداللطيف رح (ڪتاب): شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سوانح، رسالي ۽ راڳ بابت تحقيقي مضمونن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ نامور عالم ۽ اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي. هي ڪتاب نامور اديب ڊاڪٽر بشير احمد شاد سهيڙيو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل مقالا ڊاڪٽر بلوچ مختلف ادبي ڪانفرنسن، سيمينارن ۽ شاھہ لطيف تي ڪوٺايل علمي ادبي ميڙن ۾ پڙهيا هئا، جيڪي سنڌ جي علمي ادبي رسالن ۾ شايع ٿيا ۽ ڪجهہ مضمون اڻ ڇپيل پڻ شامل ڪيا ويا آهن. هن ڪتاب ۾ ڪل 12 مضمون آهن: (1) متهلوي (متلوي) سادات
۽ شاھہ عبداللطيف جو نسب نامو،
(2) شاھہ حبيب جو ڪٽنب، (3) شاھہ عبداللطيف جي زندگيءَ بابت ڪي روايتون، (4) حضرت شاھہ عبداللطيف جي سوانح بابت ويچار، (5) شاھہ صاحب جو مخدوم محمد معين ڏي خط ۽ ان جو جواب، (6) شاھہ عبداللطيف: راڳ ۾ هڪ نئين تحريڪ جو باني، (7) سـُر سورٺ جي معنيٰ ۽ حقيقت، (8) سھڻي ۽ ميهار جي قصي جي حقيقت، (9) شاھہ جي عام مقبوليت جا ڪي اسباب، (10) شاھہ ڀٽائيءَ متعلق گذريل ۽ آئندہ تحقيق جو مختصر جـائـزو، (11) رسالـي جـي جـامع مسـتند متن تيار ڪرڻ طرف قدم، (12) ضميمو: هنگلاج جو سفر.
120 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هي ڪتاب مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، آڪٽوبر 1990ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 80 روپيا آهي.
جي تو بيت ڀانئيا (ڪتاب): شاھہ لطيف جي شاعريءَ مان بيتن جو هي انتخاب، نامور وڪيل ۽ اديب نورالدين سرڪيءَ سهيڙيو آهي. نورالدين سرڪي هنن بيتن جي انتخاب بابت ’ڪجهہ پنھنجي پاران‘ ۾ رقمطراز آهي ته، “اڄ جڏهن اسان ٽئين هزاري سال (Third Millenium) جي دور ۾ داخل ٿيڻ وارا آهيون ۽ چوڌاري نظر ڦيرائي، ڏيهي پرڏيهي حالتن کي ڏسون ٿا تہ اسان پاڻ کي هڪ وڏي جنجال ۽ مونجهاري ۾ ڦاٿل محسوس ڪريون ٿا. انهيءَ لحاظ کان، منهنجي خيال ۾ پيار، پوترتائي ۽ پاڻ سڃاڻڻ وارو شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو پيغام اڄ جي وڏي ضرورت آهي.”
ان بعد نورالدين سرڪيءَ ‘ڏات وڏي شيءِ’ عنوان هيٺ شاھہ جي اهميت ۽ افاديت تي لکيو آهي ۽ هڪ هنڌ شيخ اياز جو حوالو ڏيندي لکي ٿو، شيخ اياز سچ چيو آهي تہ “سنڌي شاعريءَ مان جيڪڏهن شاھہ جي رسالي کي ڪڍي ڇڏجي تہ اسان وٽ باقي ڪنهن غريب ڳوٺاڻي واٽهڙوءَ جي هڙ ۾ پيل ٻہ چار معمولي شيون ملنديون.”
ان کانپوءِ، مرتب: سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ، سر کنڀات،
سر سريراڳ، سر سامونڊي، سر سهڻي، سر سسئي آبري، سر معذوري، سر ديسي، سر ڪوهياري، سر حسيني، سر ليلا چنيسر، سر مومل راڻي، سر مارئي، سر ڪاموڏ، سر گهاتو، سر سورٺ، سر ڪيڏاري، سر سارنگ، سر آسا، سر رپ، سر کاهوڙي، سر بروي سنڌي، سر رامڪلي، سر پورب، سر ڪارايل، سر پرڀاتي، سر ڏهر ۽ سر بلاول مان پنھنجي پسند جا چونڊ بيت ڏنا آهن، ۽ آخر ۾ مختلف عالمن جي مضمونن جو هيٺينءَ ريت انتخاب شامل ڪيو آهي: شاھہ ۽ شاھہ جو ڪلام (ارنيسٽ ٽرمپ)،
(2) شاھہ جو شعر ۽ شاعري (ھہ. م. گربخشاڻي)، (3) شاھہ جو رسالو (ڪلياڻ آڏواڻي)، (4) وچئين دور جو آخري وڏو شاعر (ايڇ. ٽي. سورلي)، (5) شاھہ لطيف: دنيا جو سڀ کان وڏو شاعر (ٻلديو گاجرا)، (6) تحقيق: شاھہ جي دور ۾ (محمد ابراهيم جويو)، (7) شاھہ عبداللطيف جو
سُر سارنگ (ائنميري شمل).
هي ڪرائون سائيز ۾ شاھہ جي رسالي جو انتخاب، 207 صفحن تي مشتمل آهي. نئين سنڌ اڪيدمي، ڪراچيءَ، ان جو پهريون ڇاپو، ڊيمي سائيز ۾، مارچ 1990ع ۾ پڌرو ڪيو، ۽ ٻيو ڇاپو سيپٽمبر 1994ع ۾ ڇپايو آهي، جنهن جو ملھہ 80 روپيا آهي.
لطيفي لات ۽ سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو گڏيل اڀياس: هيءُ ڪتاب شاھہ لطيف جي ڪلام ۽ ٻين ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعري جي گڏيل اڀياس تي مشتمل آهي، جيڪو ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو لکيل آهي. ڪتاب جي ابتدا ۾ خود مرتب طرفان لکيل مهاڳ ۽ شاھہ لطيف جي مختصر سوانح حيات ڏنل آهي، جنهن بعد هرهڪ ڪلاسيڪي شاعر سان شاھہ لطيف جي ڪلام جو گڏيل اڀياس موضوع جي ترتيب سان هيٺينءَ ريت ڏنل آهي:
قاضي قاضن ۽ شاھہ لطيف، شاھہ لطف ﷲ قادري ۽ شاھہ لطيف، شاھہ ڪريم ۽ شاھہ لطيف، شاھہ عنات رضوي ۽ شاھہ لطيف، مخدوم غلام محمد بگائي ۽ شاھہ لطيف، خواجہ محمد زمان لنواريءَ وارو ۽ شاھہ لطيف، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي ۽ شاھہ لطيف، شاھہ ۽ سچل، شاھہ ۽ بيدل ۽ شاھہ ۽ غلام محمد خانزئي. هن ڪتاب ۾ تتبع شاعريءَ جي حوالي سان شاھہ لطيف جي همعصر ۽ پوين شاعرن جا اهڙا بيت بہ شامل آهن، جيڪي شاھہ لطيف جي ڪلام، فڪر، فلسفي ۽ هيئت سان مشابهت رکن ٿا. هي ڪتاب مهراڻ اڪيڊمي ڪراچيءَ، 1991ع ۾ ڇپايو.
سنڌي ثقافت ۽ شاھہ لطيف (ڪتاب): شاھہ جي رسالي جي روشنيءَ ۾ سنڌي ثقافت بابت هيءَ کوجنا ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر ڪئي آهي، جنهن جا مکيہ ٻہ ڀاڱا آهن: ڀاڱي پهرئين ۾ ثقافت جي معنيٰ ۽ مفهوم ۽ جوڙڻ ۾ معاون عناصر، سنڌ جي ثقافت، تاريخ ۽ شاھہ عبداللطيف جو جائزو ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ شاھہ صاحب جي ڪلام ۾ سنڌ جي جاگرافي ۽ رسالي ۾ آيل تاريخي اُهڃاڻ، داستانن جو تاريخي پسمنظر، ڪلام ۾ مذهبي عنصر، سياسي ۽ اقتصادي جائزو، سنڌي سماج جا اُهڃاڻ، رهڻي ڪهڻيءَ، ٻوليءَ ۽ ان جي فني پهلو وارن عنوانن هيٺ نهايت مُدلل ۽ ڄاڻ ڏيندڙ انداز ۾ لکيو ويو آهي. هي ڪتاب شاھہ جي ڪلام جي روشنيءَ ۾ پنھنجي موضوع سبب اهم آهي، ڇاڪاڻ تہ ڀٽائيءَ جي دور جي سنڌ جو عڪس اکين آڏو تري اچي ٿو. 471 صفحن واري ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھہ/ حيدرآباد پاران 1991ع ۾ پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي.
باهيون بيراڳين جون (ڪتاب): هن ڪتاب جو ليکڪ تاج جويو آهي. ڪتاب ۾ سندس ڏھہ مقالا آهن، جيڪي هن سنڌ، پنجاب، پنختونخوا ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ ڪوٺايل ڪانفرنسن ۾ پڙهيا هئا. انهن جو تفصيل هن ريت آهي: (1) هلو تہ سيڪيون هٿڙا: هن مضمون ۾ مغل سلطنت جي موت وارين ڇڙهين، نادر شاھہ ۽ احمد شاھہ ابداليءَ جي سنڌ تي حملي دوران پکيڙيل بربريت، ڏهڪاءَ ۽ ڦرلٽ، مغلن جي ڏن ڀريندڙ ڪلهوڙن حڪمرانن طرفان سنڌي ٻوليءَ بدران فارسي زبان کي سرڪاري بنائڻ ۽ شاھہ عنايت جهوڪ واري شهادت ۾ مغلن سان گڏ ٿي ڪلهوڙن جي ڪردار سان گڏ شاھہ لطيف پاران ماڻهن کي مذهبي متڀيد کان مٿانهون ٿي متحد ٿيڻ جو بيان ڪيل آهي. (2) شاھہ لطيف جو تاريخي ڪردار. (3) ڀٽائي ۽ بلا شاھہ: وقت جا شاعر، (4) شاھہ لطيف ۽ پورهيت طبقو، (5) جهوڪون آباد ٿينديون (شاھہ لطيف ۽ غلام فريد جي فڪري مماثلت)، (6) رحمان بابا ۽ لطيف: محبت جا شاعر، (7) اڳيان اڏين وٽ (بلوچستان يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي، بلوچ ۽ پشتون قومن جي يڪجهتيءَ جي حوالي سان ’شاھہ لطيف ڏينهن‘ جي موقعي تي شاھہ ۽ بلوچ شاعرن بالاچ خان، ڄام درڪ ۽ مست توڪليءَ جي پيغام جي يڪسانيت ۽ قومي بيداريءَ بابت ڪيل تقرير)، (8) کرڙي کائي رت: کرڙيءَ جي جنگ بابت خليفي نبي بخش لغاريءَ جي چيل ڪيڏاري جو جائزو،
(9) خليفي نبي بخش جي شاعري ۽ سندس دور، (10) عوامي شاعر حمل فقير جي شعر ۾ فني خوبيون.
ڪتاب جو انتساب قومي ڪارڪن سوني ملاح جي نالي ڪيو ويو آهي. ڊيمي سائيز جي 80 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، 1991ع ۾ شايع ڪيو. ڪتاب جي قيمت 25 روپيا آهي.
پيهي منجهہ پاتال (ڪتاب): شاھہ لطيف جي فڪر، شاعريءَ ۽ پيغام بابت سنڌ جي ناميارن اسڪالرن جي مقالن جي ترتيب تي مشتمل هي ڪتاب، ڊاڪٽر بشير احمد شاد مرتب ڪيو آهي. ڪتاب ۾ شامل مقالن جو وچور هن ريت آهي: شاھہ عبداللطيف ڀٽائي (سيد علي محمد شاھہ راشدي)، (2) شاھہ جو ڪلام (مولانا دين محمد وفائي)، (3) شاھہ جي عظمت جا اسباب (ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو)، (4) شاھہ جي تحقيق (سيد حسام الدين راشدي)، (5) شاھہ جي ڪلام ۾ پکيئڙن جي پچار (احمد خان آصف)، (6) شاھہ جي شعر ۾ صنعتون (حافظ محمد احسن چنا)، (7) سُر سهڻيءَ جو مطالعو (احسان احمد بدوي)، (8) حرف حقاني (اي. ڪي. بروهي)، (9) شاھہ جي ڪلام ۾ اسلامي اقدار (رشيد احمد لاشاري)، (10) شاھہ جي رسالي تي هڪ نظر (عبدالڪريم سنديلو)، (11) نياز ۽ نوڙت، شاھہ جي نظر ۾ (سردار علي شاھہ ’عاصي‘)، (12) شاھہ عبدالليف جي ڪلام ۾ اسلامي قدر (مخدوم امير احمد)، (13) سُر سهڻيءَ جو روحاني راز (عطا محمد حامي)،
(14) شاھہ جي ڪلام ۾ انساني اخلاق ۽ ڪردار جو معيار (ڊاڪٽر ابراهيم خليل)، (15) شاھہ عبداللطيف ڀٽائي (ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي)، (16) شاھہ ڀٽائيءَ جو رسمن بابت مطالعو (پروفيسر لطف ﷲ بدوي)، (17) شاھہ عبدللطيف ۽ قرآني تعليم (پروفيسر محمد اڪرم انصاري)، (18) ڀٽائيءَ جي شعر ۾ اشاريت (مير شفيع احمد علوي)، (19) شاھہ جي شعر جا نفسياتي نُڪتا (پروفيسر عبدالڪريم لغاري).
ڪتاب جو پيش لفظ، محمد يوسف شيخ لکيو آهي. ڊيمي سائيز جي 172 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، مهراڻ اڪيڊمي ڪراچيءَ، 1992ع ۾ ڇپايو آهي ۽ اُن جي قيمت 40 روپيا آهي.
ڀٽ جو شاھہ (ڪتاب): انگريز عملدار، محقق ۽ دانشور ايڇ. ٽي. سورلي جي انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب Shah Abdul Latif of Bhit جو سنڌي ترجمو مشھور اديب عطا محمد ڀنڀري، ‘ڀٽ جو شاھه’ نالي سان ڪيو آھي. ھيءُ ڪتاب شاھہ لطيف تي ٿيل تحقيق جي سلسلي جو ھڪ اھم ۽ بنيادي ڪتاب آھي. ھن ڪتاب ۾ شاھہ جي ڪلام جي خوبين ۽ خاصيتن تي پنھنجي خاص نظريي سان روشني وجهڻ سان گڏ ايڇ. ٽي سورلي ان دور جي سياسي، سماجي ۽ معاشي تاريخ جي حوالي سان بہ وڏو مواد ڏنو آھي. هن ڪتاب جي ترجمي جي نظرثاني ۽ ايڊيٽنگ ڊاڪٽر فھميدہ حسين ڪئي آهي.
ھي ڪتاب ڊيمي سائيز جي 621 صفحن تي مشتمل آھي. سرورق تي بدر ابڙي جي ٺاھيل شاھہ لطيف جي خوبصورت مجسمي جو عڪس ڏنل آھي. ڪتاب جي پڪي جلد جي قيمت 105 رپيا آھي. جيڪو ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ، 1992ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو پڻ سنڌيڪا اڪيڊميءَ ڇپايو آهي.
گربخشاڻيءَ وارو شاھہ جو رسالو منهنجي نظر ۾ (ڪتاب): شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي سنڌ ۾ پهريون ڀيرو سائنسي بنياد تي ڇنڊڇاڻ وارو ڪم نامياري عالم محقق ۽ ڏاهي ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي 1923ع، 1924ع ۽ 1931ع ڌاري پڌرو ڪيو، جڏهن تہ چوٿين ڀاڱي تي ڪم هلندڙ هو تہ ڊاڪٽر صاحب، 11 فبروري 1947ع تي ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هي رسالو عقيدت کان هٽي ڪري خالص تحقيقي بنيادن تي مرتب ڪيو ويو هو، جنهن مان شاھہ جي نالي تي شامل اڳين ڇاپي رسالن ۾ موجود ڪلام کي هن رسالي ۾ جدا ڪيو ويو هو، تنهنڪري شاھہ جي ڪن عقيدت پسندن عاشقن طرفان سخت تنقيد ٿي هئي.
سنڌ جي نامياري عالم، ٻوليءَ جي ماهر ۽ محقق ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ، ان غير ضروري ۽ غير علمي تنقيد جي جواب طور ان وقت جي مشھور علمي ادبي رسالي ماهوار ‘سنڌوءَ’ ۾ ليک لکيا، جيڪي علمي حوالي سان انتهائي ڪارائتا هئا.
1992ع ۾ هندستان جي نامياري عالم ۽ محقق، مرليڌر جيٽلي شاھہ جي حوالي سان ان علمي تنقيد جي اهميت کي محسوس ڪندي، انهن سمورن مضمونن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري، ڪتابي صورت ۾ هندستان مان شايع ڪرايو. هن ڪتاب جي اهميت جي نظر سنڌ جي هڪ ٻئي علمي اشاعتي اداري روشني پبليڪيشن ڪنڊياري 1995ع ۾ هن ڪتاب کي سنڌ ۾ شايع ڪيو. هي ڪتاب تنقيد جي اصولن تحقيق جي معيارن، مواد، مضمونن جي ترتيب ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان گهڻو ڪارائتو آهي. 168 صفحن واري ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 70 روپيا ڄاڻائي وئي آهي.
شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ (ڪتاب): هيءُ ضخيم ڪتاب ڊاڪٽر فھميدہ حسين جي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پيش ڪيل پي. ايڇ. ڊي ٿيسز لاءِ لکيل تحقيقي مقالو آهي، جنهن ۾ شاھہ سائينءَ جي ڪلام ۾ شامل ستن سورمين سميت ٻين عورتن تي ڪيل ڪلام جو جائزو ورتو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل ڇھہ باب آهن، جن ۾ باب پهريون: عورت، باب ٻيو: شاعري، باب ٽيون: شاھہ عبداللطيف، باب چوٿون: شاھہ جون سورميون، باب پنجون: ٻين ڪجهہ سُرن ۾ عورت جو ڪردار ۽ باب ڇهون: شاھہ جو پيش ڪيل عورت جو روپ شامل آهن.
ڪتاب ۾ موجود هر هڪ باب ۾ مختلف موضوعن تي جامع انداز ۾ تحقيقي مواد شايع ٿيل آهي. قديم دؤر ۾ انساني ارتقا خاص طور تي عورت بابت نظرين، غير ملڪي ادب ۾ عورت جي بيان کان ويندي سنڌي لوڪ ۽ اساسي شاعري خاص طور شاھہ لطيف جي ڪلام ۾ عورت جي ڪردار جي تحقيقي انداز ۾ ترجماني ڪيل آهي. چوٿين باب اندر حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڳايل ستن سورمين مان هر هڪ جي ڪردار کي جدا جدا مضمون طور پيش ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ پنجين باب ۾ شاھہ جي ٻين سُرن جھڙوڪ: سر کنڀات، سر سارنگ، سُر سامونڊي، سر ڪاپائتي، سر ڪيڏاري ۾ آيل عورتن جي بيان سان گڏ موکيءَ جي ڪردار تي تحقيقي انداز ۾ روشني وڌي وئي آهي. هن ڪتاب بابت عبدالحميد آخوند ابتدا ۾ لکيو آهي ته، “هُن (ڊاڪٽر فھميدہ حسين)، شاھہ جي ڪلام ۾ عورت جي ڪردار ۽ حيثيت جو گهرو اڀياس ڪري، تحقيق جي ميدان ۾، هڪ نئون باب کوليو آهي.”
هن ڪتاب جو مهاڳ ۽ تعارف خود محقق جو لکيل آهي، جڏهن تہ ڪتاب جو انتساب، ڊاڪٽر فھميدہ پنھنجي والد محترم محمد يعقوب ‘نياز’ ۽ جيون ساٿي عبدالحسين سرائي جي نالي ڪيو آهي. ڊاڪٽر فهيمده حسين جو هيءُ تحقيقي مقالو ڪتابي صورت ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز، طرفان آگسٽ 1993ع ۾ شايع ڪيو ويو. ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب ڪُل 527 صفحن تي مشتمل آهي. ڪچي جُلد سان هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي.
هن ڪتاب کي ڊاڪٽر فھميدہ حسين اردوءَ ۾ بہ ترجمو ڪيو. اردو ترجمي وارو ڪتاب شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز 1996ع ۾ شايع ڪيو. پڪي جلد سان 596 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 250 روپيا آهي.
هن تحقيقي مقالي [پي. ايڇ. ڊي جي ٿيسز] جو انگريزي ترجمو ڊاڪٽر امجد سراج “Image of Women in Shah Abdul Latif’s Poetry” جي نالي سان ڪيو آهي، جيڪو شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي.
شاھہ جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري (ڪتاب): شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري مختلف حوالن سان اهم آهي. هن ڪتاب ۾ ان حوالي سان شاھہ جي هڪ رخ ڪلام ۾ موجود علامت نگاريءَ تي عالماڻي نگاھہ وڌي وئي آهي. هي تحقيقي ڪم ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي درحقيقت پي. ايڇ. ڊي لاءِ تحقيقي مقالي طور (1989ع ۾) ڪيو هو. هي ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. ڀاڱي پهرئين ۾ ٻولي، علامت نگاري ۽ ان سان واسطو رکندڙ عنصر، ڀاڱي ٻئي ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي حياتيءَ جا اهم پهلو ۽ ڀاڱي ٽئين ۾ لطيف سائينءَ جي شاعريءَ جو علامتي اڀياس ڪيو ويو آهي. هن تحقيق ۾ علامت نگاريءَ جي تعريف، ان جا قسم، انساني شعور جي ارتقا، انساني اوسر جي ارتقا، ڀٽائي سائينءَ جون پنھنجي دور جي عالمن سان ملاقاتون، ان دور جا اهم واقعا، سياسي سماجي اقتصادي حالتون ۽ ڀٽائيءَ جي ڪربلا جي زيارت واري ارادي وارن واقعن جو علامتي حوالي سان اڀياس ڪيو ويو آهي.
ڊيمي سائيز جي 413 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھہ/ حيدرآباد طرفان آگسٽ 1992ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 115 روپيا آهي. هن ڪتاب جا بعد ۾ مهراڻ اڪيڊميءَ بہ ڇاپا ڇپايا آهن.
شاھہ لطيف جي موسيقي (ڪتاب): سدا حيات صوفي شاعر شاھہ عبداللطيف ڀٽائي نہ رڳو هڪ آفاقي شاعر ۽ فلسفي هو، پر هو راڳ جو ڄاڻو ۽ ڪجهہ راڳن جو مؤجد پڻ هو. هُن تنبورو (ساز) پڻ جوڙيو. شاھہ صاحب جي موسيقيءَ جو هڪ خاص رنگ ۽ ڍنگ آهي. ان موضوع تي مشتمل هن ڪتاب کي ڊاڪٽر در شهوار سيد ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ذوالفقار راشدي، الياس عشقي، شيخ عزيز، منظور نقوي، الھہ بخش عقيلي، ڊاڪٽر محمد علي قاضي ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جا تحقيقي مقالا شامل آهن. ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ، 1992ع ۾ شايع ڪيو.
Bhitai: The Message of The Master: هيءُ ڪتاب شاھہ لطيف جي ڪلام تي مختلف محققن طرفان لکيل علمي ۽ ادبي مضمونن جي اينٿالاجي آهي. هن ڪتاب ۾ شامل مقالا ۽ مضمون شاھہ سائينءَ جي 249هين عرس جي موقعي تي ڀٽ شاھہ ۾ رٿيل قومي سيمينار ۾ پيش ڪيا ويا، جن کي محترم عبدالحميد آخوند سهيڙي ۽ ايڊٽ ڪري ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو آهي.
هن ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ رياض الحسن، ايس. ڪيو. فاطمي، محمد خالد مسعود، امر جليل، ڊاڪٽر غلام علي الانا، علي احمد بروهي، سراج الحق ميمڻ (چونڊ بيتن جو انگريزي ترجمو)، جڏهن تہ ٻئي حصي ۾ ڊاڪٽر اينميري شمل، ڪلياڻ. بي آڏواڻي، ايم. ايم گدواڻي، اي. ڪي بروهي، پروفيسر محمد اڪرم انصاري، ڊاڪٽر تنوير عباسي، ضياءَ الدين ايس بلبل ۽ ڪريم بخش خالد جي مقالن/ مضمونن سان گڏ ڪتاب جي ابتدا ۾ ان وقت جي وزير اعليٰ سنڌ سيد مظفر حسين شاھہ جو صدارتي خطاب پڻ شامل آهي. ڪتاب جو مهاڳ مرتب خود جو لکيل آهي.
شاھہ جي بيتن سان سينگاريل رنگين سر ورق ۽ 292 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جو هي پڪو جلد شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھہ طرفان 1993ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي.
شاھہ لطيف بحيثيت مفڪر (ڪتاب): سنڌ جي عالمن اديبن ۽ ڏاهن جا شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فن ۽ فڪر متعلق لکيل مضمونن ۽ مقالن جو هي مجموعو آفتاب ابڙي سهيڙيو آهي، جنهن ۾ شامل مواد جي ترتيب هن ريت آهي: تصوف جو فلسفو ۽ شاھہ لطيف (ايڇ ٽي سورلي)، ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ وحدة الوجود جو مسئلو (عمر بن محمد دائودپوٽو)، شاھہ لطيف: هڪ مفڪر (شيخ اياز)، شاھہ لطيف: سنڌي قوم جو رهبراعظم (محمد ابراهيم جويو)، شاھہ لطيف جي شعر ۾ سماجي اوسر جو تصور (تنوير عباسي)، شاھہ لطيف جو مذهب ۽ فلاسافي (ڊاڪٽر ايس. ايم جهانگياڻي)، شاھہ لطيف جو سياسي فڪر (سراج)، شاھہ لطيف اسان جو رهبر (علي احمد بروهي)، ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ سياسي ۽ سماجي وحدة الوجود (انور پيرزادو)، شاھہ لطيف: سماجي مفڪر (ف. م لاشاري)، شاھہ لطيف: هڪ سماجي شاعر (ڊاڪٽر فھميدہ حسين)، شاھہ لطيف ڀٽائي: سماجي ۽ سياسي مفڪر (شيخ محمد اسماعيل).
ڪتاب جي منڍ ۾ ‘پبلشر نوٽ’ نور احمد ميمڻ ۽ ‘مرتب پاران’ آفتاب ابڙي لکيو آهي، جڏهن تہ ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل مهتاب اڪبر راشديءَ جولکيل آهي. ڪتاب ۾ هر ليکڪ جو تعارف مرتب لکيو آهي. ڊيمي سائيز جي 240 صفحن واري هن ڪتاب کي سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ 1993ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 60 روپيا آهي.
شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ منظرنگاري (ڪتاب): هي ڪتاب راز شر جي ايم اي سنڌي آخري سال لاءِ لکيل تحقيقي مونوگراف آهي، جيڪو هن ڊاڪٽر نواز علي شوق جي نگرانيءَ ۾ لکيو آهي. ڪتاب جا ’ٻہ اکر‘ ڊاڪٽر نواز علي شوق لکيا آهن. ڪتاب هيٺين پنجن بابن ۾ ورهايل آهي:
باب پهريون: شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سوانح عمري
باب ٻيو: شاعري ڇا آهي؟
باب ٽيون: شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جون خوبيون
باب چوٿون: منظر نگاري
باب پنجون: شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ منظرنگاري.
ڊيمي سائيز جي 184 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، مشعل اڪيڊمي ڪراچيءَ، 1994ع ۾ ڇپايو آهي ۽ ان جي قيمت 50 روپيا آهي.
شاھہ لطيف تي تحقيق (ڪتاب): هي ڪتاب ڊاڪٽر درشهوار سيد مرتب ڪيو آهي. جيڪو شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري، ذاتي زندگي ۽ ٻين رُخن تي، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر پاران مختلف وقتن تي ڪرايل ليڪچرن ۽ ڪجهہ ٻين مضمونن تي مشتمل آهي. ڪتاب بابت ‘ٻہ اکر’ ۽ مهاڳ ڪتاب جي مرتب ڊاڪٽر درشهوار سيد جا لکيل آهن. ڪتاب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش قاضي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، شيخ عزيز، شيخ اسماعيل، ڊاڪٽر درشهوار سيد ۽ ڊاڪٽر اياز حسين قادري جا ترتيبوار ليڪچر ۽ مضمون شامل آهن. هي ڪتاب شاھہ عبداللطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ 1995ع ۾ شايع ڪرايو. هي ڪتاب ڊيمي سائيز، رنگين ٽائيٽل ۾ 144 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي.
مون مطالع سپرين (ڪتاب): لطيفيات جي موضوع تي هن اهم ڪتاب جو ليکڪ، نامور، اديب، محقق ۽ اسڪالر ڊاڪٽر اياز قادري آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ شاھہ عبداللطيف جي ڪلام، ان جي فن ۽ فڪر تي ڀرپور روشني وڌي آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 13 مضمون شامل آهن، جن ۾: (1) شاھہ جي مجازي شاعري، (2) شاھہ جو رقيب، (3) شاھہ ۽ سنڌ جي سياست، (4) شاھہ جا پهاڪا، (5) شاھہ ۽ قسمت، (6) سارنگ جي سورمي، (7) متوآهين مڇ، (8) کاهوڙي خبرون، (9) جي ڀائين جوڳي ٿيان، (10) شاھہ عبداللطيف ۽ ڪربلا جو قضيو، (11) شاھہ جا پاراتا ۽ دعائون، (12) شاھہ جو ڊرامائي انداز ۽ (13) نئين شرح لطيفي شامل آهن. هن ڪتاب جا ناشر طرفان ٻہ اکر شاھہ عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي ڪراچيءَ جي چيئرمين سيد غلام مصطفيٰ شاھہ لکيا آهن. جڏهن تہ ’پيش لفظ‘ ۽ ’مقدمو‘ ليکڪ جو لکيل آهي، لطيفيات جي موضوع جي حوالي سان هيءُ ڪتاب نهايت ئي اهميت وارو آهي. 224 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي ڪچي جلد سان هن ڪتاب کي شاھہ عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي ڪراچيءَ، اپريل 1995ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي.
لات جا لطيف جي: هي ڪتاب سليم ڀُٽي لطيفيءَ جي مضمونن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ هن ڀٽائي صاحب جي ڪلام ۽ سندس فلسفي تي ويچار ونڊيا آهن. شامل مضمونن ۾: (1) سي ئي جوڀن ڏينهن، (2) صوفي لاڪوفي، (3) مون ۾ عيب اپار، (4) الا! جُنگ جيئن، (5) سُر سسئيءَ ۾ وجوديت جو فلسفو، (6) ڀٽائي ۽ نئين ٽهي، (7) ڀٽائيءَ جو فقير.
هي ڪتاب 1996ع ۾ ڀٽائي لٽرري ايجوڪيشنل سوسائٽي اينڊ سوشل ويلفيئر (BLESS) طرفان شايع ٿيو. هي ڪتاب ڊيمي سائيز ۾ 122 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي ڪا بہ قيمت ڄاڻايل نہ آهي.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائي- چونڊ مضمون (ڪتاب): لطيفيات جي موضوع تي هن ڪتاب ۾ مختلف اديبن جي مضمونن کي گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ آندو ويو آهي. هن ڪتاب کي چوڏهن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. جن ۾ سر ڪلياڻ،
سر کنڀات، سر سريراڳ، سر سامونڊي،
سر سهڻي، سر سارنگ، سر گهاتو،
سر ڪاموڏ، سر ليلان چنيسر، شاھہ جي ڪلام ۾ اسلامي قدر، شاھہ صاحب جو ڪلام ۽ پيغام، شاھہ جو راڳ ۽ موسيقي، شاھہ صاحب جو عالمي شاعريءَ ۾ مقام شامل آهن. موضوع جي حوالي سان نامور اديبن جا مضمون ڏنل آهن. هن ڪتاب جو پيش لفظ ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر ضياءُ الدين آغا لکيو آهي، جڏهن تہ مرتب جو نالو لکيل ناهي. 494 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھہ 1997ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائي: هڪ مطالعو (ڪتاب): شاھہ عبداللطيف جي فن ۽ فڪر تي مشتمل هيءُ ڪتاب نامور عالم ۽ لطيف شناس ڀيرو مل مھر چند آڏواڻيءَ جو لکيل آهي، جنهن کي آزاد قاضيءَ مرتب ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب يارهن عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾ (1) شاھہ عبداللطيف، (2) شاھہ جي سنڌي، (3) شاھہ سيلانـي، (4) ڀـنڀـور،
(5) سسئيءَ جو سـفـر، (6) مـارئيءَ جو ملـڪ، (7) گـرنـار جـو گل،
(8) سُر سورٺ، (9) تير اندازي (شاھہ جي نظر ۾)، (10) حل طلب لاءِ حل ۽ (11) غلطيون درست ڪيو وغيرہ شامل آهن. هن ڪتاب ۾ مهاڳ نامور محقق ۽ اديب ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ لکيو آهي، جڏهن تہ مقدمو، مرتب ۽ پيش لفظ پروفيسر ايم سليم ميمڻ لکيو آهي. 180 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ 1997ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 125 روپيا آهي.
شاھہ جو رسالو- رسالي جو ڪلام: هي ڪتابڙو ٻانهي خان شيخ جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتاب
‘شاھہ جو رسالو- رسالي جو ڪلام’ جو تنقيدي جائزو پيش ڪيو آهي. 64 صفحن جو هي ڪتابڙو 1997ع ۾ ليکڪ پاڻ ڇپرائي، ڀٽ شاھہ مان پڌرو ڪيو.
شاھہ لطيف جو هندو ڪاويه (ڪتاب): هي ننڍڙو ڪتابڙو، نامور اسڪالر گنگارام سمراٽ جو لکيل آهي، جيڪو 1995ع ۾ ڇپيل سندس ڪتاب ‘سنڌ ساگر’ تان کنيو ويو آهي. ليکڪ لکي ٿو ته، “شاھہ جو رسالو نہ مسلمانن جو آهي، نہ ئي هندن جو، فقط سنڌين جو آهي. اُن قومي دستاويز ۾ ڪنهن بہ قسم جي دخل اندازي، گهٽ وڌائي، هڪ هٿچراند آهي، هڪ گناھہ آهي.”
ابتدا ۾ شاھہ لطيف جي جيوني بيان ڪندي، جوانيءَ ۾ جوڳين ۽ سنياسين سان سندس ملاقاتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن موجب شاھہ صاحب ڪڇ جي ماتا جي مَٺ (مڙهيءَ) مان جوڳين جي ٽولي سان گڏ نڪتل ٻاوي هريداس سان گنجي ٽڪر واري ’مهامايا مڙهيءَ‘ ۾ ملاقات ڪئي. بلوچستان ۾ هنگلاج ياترا ڪئي، ڪيچ مڪران، لسٻيلي، ننگر ٺٽي، لاڙ جي ڪيترن ماڳن جو سفر ڪندي، ڪڇ ڀڄ، لکپت، نارائڻ سر ۽ ڪوٽيشور بہ آيو. هي سفر شاھہ صاحب ڀڳت هريداس سان گڏ ڪيو ۽ کانئس راڳ جي سنگت ۾ سنگيت جي پريرڻا ورتي. اٽل ۽ چئنچل شاھہ جو رسالو ترتيب ڏنو، نعمت ملياڻيءَ گنج لکيو- وغيرہ. هن ڪتاب ۾ گنگارام سمراٽ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي تہ شاھہ جي رسالي ۾ هندو جوڳين ۽ سنتن، ڪبير، ميران وغيرہ جو اثر موجود آهي، ۽ اها ڳالھہ شاھہ جي بي تعصب ۽ گهڻ اڀياسي شاعر جي ثابتي آهي.
هي ڪرائون سائيز جي 50 صفحن تي مشتمل ڪتابڙو گرداس مل ڇانگارام، آريا پرنٽنگ پريس، سهجپور بوگها، احمدآباد مان جنوري 1998ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 6 روپيا آهي.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ۽ پاڪستاني ٻولين جا شاعر (ڪتاب): هي ڪتاب حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جو پاڪستان جي ٻين عظيم شاعرن: رحمان بابا (پشتو شاعر)، بلهي شاھہ (پنجابي شاعر)، خواجہ غلام فريد (سرائڪي شاعر)، ڄام درڪ (بلوچي شاعر) ۽ خواجہ مير درد (اردو شاعر) جي ڪلام سان تقابلي مطالعي تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ شامل مواد، شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ٻن ريسرچ آفيسرن: ڪمال ڄامڙي (هاڻ ڊاڪٽر) ۽ طارق عزيز شيخ جي، ڊاڪٽر فھميدہ حسين جي نگرانيءَ ۾ ڪيل تحقيق جو نتيجو آهي. ڪمال ڄامڙي، پشتو، بلوچي ۽ اردوءَ جي شاعرن: رحمان بابا، ڄام درڪ ۽ خواجہ مير درد بابت تحقيق ڪري، انهن جي شاھہ سان ڀيٽ ڪئي آهي ۽ طارق عزيز شيخ، پنجابي ۽ سرائڪيءَ جي شاعر بلها شاھہ ۽ خواجہ غلام فريد بابت تحقيق ڪري انهن کي شاھہ سان ڀيٽيو آهي.
هن ڪتاب جو مهاڳ، نگران ۽ ايڊيٽر ڊاڪٽر فھميدہ حسين جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، نومبر 1998ع ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ طرفان شايع ٿيو. ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب 194 صفحن تي مشتمل آهي. خوبصورت ٽائيٽل ۽ پڪي جلد سان هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا ڄاڻايل آهي.
اندر مُلھہ، املھہ (ڪتاب): هي ڪتاب ناليواري ليکڪ ۽ لطيف شناس حيدر علي لغاريءَ جو لکيل آهي. جنهن ۾ مختلف شخصيتن تي خاڪا، مقالا ۽ مضمون شامل آهن. هن ڪتاب کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرين حصي ۾ منظوم عڪس جي عنوان سان نثري نظم ڏنل آهي. ٻئي حصي ۾ شخصيتن تي خاڪا، ٽئين حصي ۾ مقالات (گوشئه ادب ۽ تنقيد) ۽ مضمون شامل آهن. ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ شاھہ عبداللطيف تي ٽي مضمون ڏنل آهن. جن ۾: (1) شاھہ لطيف جي شاعري ۽ انساني قدر، (2) لطيف جي ڪلام ۾ وجود جو خلا،
(3) لطيف جي حيات بخش جماليات شامل آهن.
هن ڪتاب جو تعارف نامور دانشور محمد ابراهيم جويي لکيو آهي ۽ مهاڳ ليکڪ جو لکيل آهي. 220 صفحن تي مشتمل، پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي نيو فيلڊس ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد پاران، مئي 1998ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي.
ڀٽائيءَ تي بهتان (ڪتاب): هي ڪتاب محبوب علي سمي جو لکيل آهي، جيڪو شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جي شخصيت ۽ فڪر تي لکيل مضمونن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڀٽائيءَ بابت لکيل تنقيدي مواد جو جائزو ورتل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 17 مضمون شامل آهن. ليکڪ جو تعارف مقصود احمد قاضيءَ لکيو آهي. رنگين ٽائٽل ۽ ڊيمي سائيز جي 94 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت -/40 رپيا آهي. هي ڪتاب علمي ادبي اشاعت گهر، مٽياريءَ طرفان 1998ع ۾ شايع ٿيو.
شاھہ عبداللطيف (ڪتاب): هي ڪتاب، علامہ آءِ. آءِ. قاضيءَ جي شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ تي لکيل انگريزيءَ مقالي Shah Abdul Latif: An Appreciation of his Art جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو ڊاڪٽر عبدالغفار سومري ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري ۽ شاعريءَ جي فن بابت ڪارلائل جي مقرر ڪيل ٽن معيارن تحت اڀياس ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي مضمونن ۾ موضوع جو انتخاب، نقطہ نظر، فني وحدت، فن جا رخ، ٽيڪنڪ، الھام يا اتساھہ، تخليقات جي هيئت ۽ وحدت ۽ رسالي مان چند بيت شامل آهن. ڪتاب جو هي ٻيو ڇاپو 1998ع ۾ مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور شايع ڪيو آهي. ڊيمي سائيز جي ڪچي جلد تي مشتمل 115 صفحن واري هن ڪتاب جي قيمت 36 روپيا آهي.
شاھہ ۽ سنڌ-1 (ڪتاب): ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي پاران شاھہ عبداللطيف ڪانفرنس ۾ مختلف اديبن ۽ محققن جي پڙهيل مقالن تي مشتمل هن ڪتاب جي مرتب ڊاڪٽر فھميدہ حسين آهي. هيءُ ڪتاب ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرين سنڌي ڀاڱي ۾ يارنهن تحقيقي مضمون: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، امداد حسيني، پروفيسر سليم ميمڻ، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيي، ڊاڪٽر هدايت پريم، تنوير جوڻيجي، ڊاڪٽر تھمينه مفتي، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، نياز سرڪي، بدر ڌامراهي ۽ ڊاڪٽر غلام حيدر چنا جا ڏنا ويا آهن. اردو ڀاڱي ۾ ڊاڪٽر حيدر سنڌي ۽ ڊاڪٽر فھميدہ حسين ۽ ٽئين انگريزي ڀاڱي ۾: ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ڊاڪٽر قمر الدين بوهرا جا تحقيقي مقالا ڏنل آهن.
ڊيمي سائيز جي 242 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان هن ڪتاب کي شاھہ عبداللطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ، مئي 1998ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 120 روپيا آهي.
شاھہ ۽ سنڌ- II (ڪتاب): ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي پاران شاھہ عبداللطيف ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن تي مشتمل ڪتاب جو ٻيو جلد آهي، جنهن کي ڊاڪٽر فھميدہ حسين سهيڙيو آهي. هن ڪتاب کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهريون حصو سنڌيءَ ۾ آهي، جنهن ۾ پنج مضمون: محمد حسين ڪاشف، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي، ملڪ نديم ۽ انب گوپانگ جا ڏنا ويا آهن، ٻيو حصو: ڊاڪٽر محمد صديق خان شبلي، ڊاڪٽر گوهر نوشابي، سحر امداد ۽ احسان عظيم صديقي، انگريزي ٽئين حصي ۾ ڊاڪٽر طارق رحمان، قمر شهباز، ڊاڪٽر وقار، احمد رضوي ۽ عبدالله ورياھہ جا مضمون شامل آهن.
ڊيمي سائيز جي 172 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان هن ڪتاب کي شاھہ عبداللطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، نومبر 1998ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 120 روپيا آهي.
ڳالهيون شاھہ لطيف جون (ڪتاب): لطيفيات جي موضوع تي هن ڪتاب جو ليکڪ غلام مصطفيٰ مشتاق آهي. هن ڪتاب ۾ لطيف جي مختلف پهلوئن جي حوالي سان ڪل 28 موضوع شامل آهن، جن ۾ شاھہ صاحب جي بزرگن سان ملاقات، جنم، ننڍپڻ، جواني، سير و سفر، عشق، شادي، معجون جي دٻلي، دعا ۽ بد دعا، پارس پٿر، خليفي اسماعيل، ميان جي گهوڙي، مريد ۽ مڇر، ساز سرود، بيبي لعل جا ڀائر، ڀٽ وسائڻ، هندوءَ جو مسلمان ٿيڻ، غار ۾ ويٺل شخص، ڏاچيءَ جو کير، تمر فقير، گلان کي دعا، مريد ۽ پلو، وصال ۽ چنگل گهوڙي، لباس ۽ عادتون، ﷲ تي توڪل، رحمدلي ۽ تحمل، عبادت ۽ رياضت بابت تفصيلي معلومات شامل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ شاھہ لطيف جي رسالي سان چونڊ ڪلام پڻ ڏنو ويو آهي.
ڪرائون سائيز جي 96 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، مارچ 1998ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. جنهن جي قيمت 30 روپيا آهي.
سنڌ جو شاھہ (ڪتاب): نامياري ليکڪ بدر ابڙي جو هي ڪتاب، شاھہ لطيف جي موضوعن ۽ ڪردار تي سياسي حالتن ۽ تاريخي روايتن جي پسمنظر ۾ لکيو ويو آهي. ڪتاب جو انتساب هن پنھنجي والد جمال ابڙي جي نالي ڪيو آهي. ڪتاب جو ‘مهاڳ’ ڊاڪٽر فھميدہ حسين لکيو آهي. بدر ابڙي پنهنجن ‘ٻن اکرن’ کانپوءِ شاھہ لطيف جي جنم جي تاريخ هن ريت ڏني آهي:
جنم: 31 مارچ 1691ع (پهرين رجب 1102ھہ)، ڏينهن ڇنڇر
وفات: 31 ڊسمبر 1751ع (14 صفر 1165ھہ)، ڏينهن جمعو
بدر ابڙو لکي ٿو ته، “شاھہ لطيف جي سوانح حيات جا سڀ ماهر اِن راءِ تي متفق آهن ته، لطيف سرڪار 14 صفر مطابق 1165ھہ تي وفات ڪئي. عيسوي سن موجب اها پهرين 1752 هئي ۽ ڇنڇر جو ڏينهن هو. پر عام روايت آهي تہ شاھہ لطيف جي وفات جمعي جي ڏينهن ٿي هئي. چنڊ ۽ سج تي ٻڌل تاريخن ۾ هڪ ڏينهن جي فرق جو سدائين امڪان رهندو آهي، ان ڪري ممڪن آهي تہ ڀٽائي صاحب جي وفات جي تاريخ 31 ڊسمبر 1751ع هجي، جيڪو جمعي جي ڏينهن هو.” اهڙي طرح هو محققن جي ان خيال سان بہ متفق نہ آهي تہ شاھہ صاحب جي عمر 63 سال هئي (وفات 1165ھہ)، پر هن جي چوڻ موجب سندس عمر 60 سال، 9 مهينا هئي.
هن ڪتاب کي هيٺين ڀاڱن ۾ ورهائي پيش ڪيو ويو آهي:
(1) شاھہ لطيف جو حسب نسب: هن باب ۾ خانداني ۽ تاريخي پسمنظر سان گڏ شاھہ حبيب ۽ شاھہ صاحب جي جنم ۽ وفات جا تفصيل، ڪوٽڙي مغل جو پسمنظر، روايتون، وتايي فقير سان نسبت، ڀٽ تي رهائش، سماع جي ابتدا، سير سفر، تعميرا ۽ شاھہ جا فقير- عنوان بحث هيٺ آندا ويا آهن.
(2) شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو زمانو
(3) سُر سريراڳ جو پسمنظر
(4) سر ڪاپائتيءَ جو پسمنظر
(5) 18صديءَ جي سنڌ
(6) ڪلهوڙن جي راڄ جو نمونو
(7) سر کاهوڙيءَ جو پسمنظر، ڀٽائي ۽ کاهوڙي تحريڪ، ڀٽائي ۽ کاهوڙي
(8) جهوڪ واري لڙائي
(9) سر رامڪليءَ ۾ نوري ۽ ناري جوڳي (ٻڌ ڌرم جا فرقا، جين ڌرم)
(10) ڀٽائيءَ جا پنڌ (ڪڇ، ٿر، هنگلاج، ملتان، لاهوت وغيرہ)
(11) ڀٽائيءَ جو فلسفو
(12) ڀٽائيءَ جا سورما (لاکو ڦلاڻي) وغيرہ.
ڊيمي سائيز جي 432 صفحن جي ڪتاب جو پهريون ڇاپو، شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي، 2000ع ۾ شايع ڪرايو هو ۽ اُن جو ٻيو ڇاپو، روشني پبليڪيشن ڪنڊياري، 2014ع ۾ پڌرو ڪيو آهي. ٻئي ڇاپي جي قيمت 500 روپيا آهي.
اوجاڳي اُجاريا (ڪتاب): هن ڪتاب جو ليکڪ شاهنواز سوڍر آهي، جنهن هن ڪتاب ۾ شاھہ جي شاعريءَ جي حوالي سان هيٺين عنوانن تي نهايت عالمانه نموني ڪم ڪيو آهي: (1) شاھہ لطيف ۽ سنڌ ۾ ڪپڙي سازي، (2) سنڌي عورت جي عظمت ۽ شاھہ لطيف، (3) سهڻيءَ جو سماجي ڪردار، (4) سر ڏهر جو تاريخي پس منظر، (5) مارئيءَ جو ڪردار، (6) سام جهلڻ هڪ سنڌي ريت، (7) سر ڪاپائتيءَ جو پس منظر، (8) لطيف جو پورهيت چارڻ، (9) سر بلاول جو تاريخي پسمنظر، (10) سر رامڪليءَ جو ثقافتي ۽ تاريخي پسمنظر، (11) ٿر ٻاٻيهو، (12) شاھہ جو کاهوڙي، (13) شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فن ۽ فڪر جا ماخذ، (14) انساني حق ۽ شاھہ عبداللطيف، (15) سر ڪارايل جو مطالعو، (16) وهون وڻجارن جون، (17) سارنگ سائي سٽ، (18) شاھہ جي ڪلام ۾ حسن ۽ جمال،
(19) سنڌي رهڻي ڪهڻي، (20) سر ڪاموڏ ۽ سنڌي تھذيب ۽ تمدن، (21) شاھہ ۽ سنڌي موسيقي، (22) سنڌي سماج جي اوسر ۽ شاھہ لطيف.
ڊيمي سائيز جي 284 صفحن جي هن ڪتاب جو مهاڳ ۽ پيش لفظ خود مصنف ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر لکيا آهن. ڪتاب گهنور خان سوڍر ۽ وزير حسين سوڍر جي نانءُ ڪيل آهي، جيڪي مياڻيءَ جي جنگ ۾ انگريزن سان وڙهندي شھيد ٿيا هئا. هي ڪتاب لطيف ساڃاھہ پبليڪيشن لاڙڪاڻي طرفان 2000ع ۾ ڇپرايو ويو هو. ڪتاب جي قيمت 130 روپيا آهي.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائي: هي مختلف عالمن جي تحقيقي مقالن تي مشتمل ڪتاب، ڊاڪٽر منوهر بختراءِ مٽلاڻيءَ (هيڊ، ڊپارٽمينٽ آف سنڌي، يونيورسٽي آف ممبئي) سهيڙيو آهي. هن ڪتاب جو مقدمو ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻيءَ لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ هيٺيان مقالا شامل آهن:
(1) سنڌ ۾ جل پوڄا جو رواج ۽ شاھہ لطيف جي رسالي ۾ اُن جو ذڪر (ڊاڪٽر غلام علي الانا)
(2) شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ ڏک جو فلسفو (ڊاڪٽر فھميدہ حسين)
(3) شاھہ جي ڪلام ۾ مرڪب لفظ (ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي)
(4) شاھہ لطيف ۽ جوڳي (هيرو ٺڪر).
ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان، 112 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي سنڌي شعبي، ممبئي يونيورسٽي (انڊيا)، نومبر 2001ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ۽ ان جي قيمت 100 روپيا آهي.
ڀلارو ڀٽ ڌڻي (ڪتاب): هن ڪتاب جو ليکڪ سنڌ جو برک شاعر ۽ اديب پروفيسر ڊاڪٽر بشير احمد ‘شاد’ آهي. هن ڪتاب ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪر، شاعري ۽ پيغام تي سنڌ جي 20 ناميارن اسڪالرن جا شاهڪار مقالا سهيڙيا ويا آهن. جن ۾ علامہ دائود پوٽي، جناب اي. ڪي بروهي، ايڇ. ٽي. سورلي، مولانا دين محمد وفائي، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، محترم عثمان علي انصاري، پير علي محمد راشدي، مخدوم امير احمد، عبدالڪريم لغاري، سيد سردار علي شاھہ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، ڊاڪٽر عطا محمد حامي، سيد حسام الدين راشدي، پروفيسر لطف ﷲ بدوي، حافظ احسن چنا، احمد خان آصف، رشيد احمد لاشاري، مير شفيع احمد علوي ۽ احسان بدويءَ جا نالا شامل آهن. هي ڪتاب مهراڻ اڪيڊميءَ پاران 2001ع ۾ ڇپرايو ويو آهي. 172 صفحن تي مشتمل ڪچي جلد ۽ ڊيمي سائيز جي ڪتاب جي قيمت 40 رپيا آهي.
لطيف جا ٿر تان ڀيرا: هي ڪتاب معمور يوسفاڻيءَ جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن ڀٽائي صاحب جي ان سير سفر جو تذڪرو ڪيو آهي، جيڪو هن ٿرپارڪر جي ايراضيءَ ۾ ڪيو. انهن علائقن ۾ بروئڙ کان ليڻهور، نوهٽي کان ليهور، ليهور کان سيرين، ڪلري کان سيرين، کاهڙ ۽ پارڪر وغيرہ جا سفر بيان ڪيل آهن. هن ڪتاب ۾ شاھہ جي رسالي ۾ موجود سنڌ جي جاگرافيائي اشارن تي بہ بحث ڪيو ويو آهي. 175 صفحن جي هن ڪتاب کي مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور 2001ع ۾ ڇپايو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو 2006ع ۾ آندو ويو آهي.
ڇـپـر ڪـيـن ڏي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌي ادب جي مشھور ليـکـڪا ج. ع. منگهاڻيءَ جي تحقيق تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ شاھہ لطيف جي ٻوليءَ تي مختلف عالمن پاران ڪيل تحقيق ۽ انهن جو ڪڍيل نتيجن تي اختلافن جي نشاندهي ڪري، نوان نتيجا مثالن سان ڏنا ويا آهن. هيءُ ڪتاب لطيف شناسيءَ جي ميدان ۾ وڏي اهميت وارو ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي ليکڪا جو تعلق جيئن تہ ڪوهستاني لهجو ڳالهائيندڙ علائقي سان آهي ۽ لطيف سائينءَ جي رسالي ۾ بہ هن لهجي کي چڱي جاءِ مليل آهي. ان ڪري ڪيترن لفظن جي مختلف محققن جي ڏنل معنائن سان اختلاف ڏيکاريو آهي. هن ڪتاب جو ناشر نوٽ سنڌي ادب جي نامياري ليکڪا ۽ اسڪالر ڊاڪٽر فھميدہ حسين لکيو آهي. مهاڳ ۾ ڪتاب جي اهميت کي چڱيءَ ريت اُجاگر ڪيو ويو آهي. شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچيءَ جي هن ڊيمي سائيز ۾ ڇپايل ڪتاب ۾ 219 صفحا آهن. هي ڪتاب مئي 2002ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان جي قيمت 150 روپيا آهي.
سرتاج شاعر (ڪتاب): هي ڪتاب انگريز محقق ايڇ. ٽي. سورلي جي ڪتاب Musa Purvagans جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو نامياري مترجم عطا محمد ڀنڀري ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ايڇ. ٽي. سورلي ستين صديءَ ق. م کان ويهين صديءَ تائين دنيا جي عظيم غنائي (lyrical) شاعرن جي سريلي شاعريءَ جو تقابلي اڀياس ڪري ثابت ڪيو آهي تہ سنڌ جو شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، دنيا جي اهڙن چوٽيءَ جي شاعرن مان سڀ کان مٿانهين حيثيت جو مالڪ آهي. سورلي اهڙن سڀني شاعرن جي ڪلام جو انگريزي ترجمو پڻ ڪيو آهي.
هن ڪتاب جي موضوعن جي ورڇ هن ريت آهي: قديم دور جي شاعري، ڪلاسيڪي يوناني، ڪلاسيڪي لاطيني، ابن زيدون، وچين دور جي لاطيني، شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، وڪٽر هيوگو ۽ علامہ اقبال.
عطا محمد ڀنڀري جي پيش لفظ سان گڏ ايڇ ٽي. سورلي جي تعارف جو سنڌي ترجمو پڻ ڏنو ويو آهي. ڊيمي سائيز ۽ پڪي جلد سان هي ڪتاب 188 صفحن تي مشتمل آهي ۽ قيمت 130 روپيا آهي. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 2002ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو.
شاھہ لطيف: هڪ تحرڪ، هڪ تحريڪ (ڪتاب): ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھہ، شاھہ لطيف جي عرس مبارڪ جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۾ هر سال ڪنهن هڪ سُر تي مقالا پڙهيا ويندا هئا، پر سال 2000 ۽ 2001ع ۾ هڪ ڏينهن جي بجاءِ ٽه روزہ ادبي ڪانفرنس منعقد ڪرائي وئي. ان موقعي تي پڙهيل سُرن وارا مقالا تہ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا، پر باقي ٻن ڏينهن ۾ پڙهيل ٻين موضوعن وارا مقالا ان وقت ڪتابي صورت ۾ شايع نہ ٿي سگهيا، جن کي بعد ۾ محترم تاج جويي ترتيب ڏئي، ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھہ حيدرآباد طرفان سال 2002ع ۾ شايع ڪرايا. هن ڪتاب ۾ شامل مقالن ۽ مضمونن جو وچور هن ريت آهي: 2000ع واري ادبي ڪانفرنس جا مقالا: صدارتي تقرير: ڊاڪٽر الياس عشقي، شاھہ جي سوانح ۽ سندس ڪلام جو پسمنظر: ڊاڪٽر حبيب ﷲ صديقي، سُر ڪلياڻ ۾ صرفي ۽ نحوي ترڪيبون:
اسد جمال پلي، شاھہ جي ڪلام جي فڪري ماخذ: محمد حسين ڪاشف، شاھہ لطيف ۽ وطن دوستي: ڊاڪٽر نواز علي شوق، لطيف سائين ۽
سر ريئلزم: عبدالقادر جوڻيجو، شاھہ جي شاعريءَ ۾ جماليات: مير محمد پيرزادو، شاھہ جي ڪلام جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي ثقافت جو اڀياس: ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، شاھہ عبداللطيف ڀٽائي- هڪ تحرڪ، هڪ تحريڪ: سحر امداد، انسان شناسي ۽ شاھہ لطيف: حافظ محمد بخش خاصخيلي، شـاھہ جـي ڪـلام ۾ ڏک جـو تـصـور: پـروفيسر عنايـت ﷲ زنگيجـو، لطيف شناسي: فقير حاجي امداد علي سرائي شامل آهن، جڏهن تہ ڪتاب جي اردو ڀاڱي ۾ شامل مقالن ۾: شاھہ عبداللطيف اور فارسي شاعري ڪي عارفانہ روايت: ڊاڪٽر محمد صديق خان شبلي، شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، سماع- ويدانيت اور جوگي: ڊاڪٽر سلطانہ بخش شامل آهن. ڪتاب جي انگريزي ڀاڱي ۾: Shah Latif’s conceep of the Divince Vision عنوان سان ڊاڪٽر نبي بخش جي. قاضيءَ جو مقالو شامل آهي.
2001ع واري ادبي ڪانفرنس جا مقالا: حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ حقيقت محمديءَ جو ذڪر: مولانا عبداللطيف سڪندري، شاھہ لطيف جي ڪلام ۾ ويدانيت: پروفيسر موهن لعل پريمي، وائيءَ جي گائڪيءَ جو ڪلاسيڪي موسيقيءَ سان ربط: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، لطيف جي ڪلام جي قلمي نسخن جو اڀياس: محمد حسين ڪاشف، شاھہ صاحب جو فڪر ۽ عرفان [مولانا روميءَ ۽ ٻين فارسي عارفن جي فڪر جي روشنيءَ ۾]: ڊاڪٽر گل حسن لغاري، لطيف جي رسالي ۾ قوميت جو پيغام حافظ محمد بخش خاصخيلي، شاھہ جي ڪلام ۾ سنڌ جي بندرن ۽ بازارين جو ذڪر: رسول بخش تميمي، (اردو ڀاڱو): لطيف انسان شناسي ڪا رهبر: ڊاڪٽر سلطانہ بخش شامل آهن.
ڊيمي سائيز جي 299 صفحن واري هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي.
شاھہ عبداللطيف رح (ڪتاب): نامياري عالم علامہ آءِ. آءِ. قاضيءَ جي شاھہ لطيف جي فڪر ۽ فلسفي متعلق لکيل انگريزي مقالن جو هي سنڌي ترجمو ڊاڪٽر عبدالغفاري سومري ڪيو آهي، جنهن ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ کي ٽن عالمن شاعراڻي معيارن مطابق پرکي اهو ثابت ڪيو ويو آهي تہ شاھہ جو ڪلام پنھنجي هيئت، موضوع، فلسفي ۽ فڪر ۾ دنيا جي سمورن شاعرن کان پهرين نمبر تي بيٺل آهي. علامہ آءِ آءِ قاضي، شاھہ لطيف جي شاعريءَ کي پرکڻ جو هي نقطو پنجاھہ سال اڳ لکيل پنھنجي هڪ انگريزي مضمون Shah Abdul Latif in Appreciation of his Art ۾ نهايت ئي مدلل نموني سان پيش ڪيو. ان کان سواءِ شاھہ جي رسالي جي ترتيب ۽ پنھنجي گهرواري ايلسا قاضيءَ جي شاھہ جي رسالي جي ترجمي ۾ مدد ڪرڻ دوران شاھہ جي مختلف رخن تي پڻ ڪجهہ مضمون انگريزيءَ ۾ لکيا، جن کي ترجمو ڪري سومري صاحب موضوع جي ترتيب مطابق هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي.
ڊيمي سائيز جي 115 صفحن وارو هي ڪتاب آگسٽ 2002ع ۾ مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور طرفان پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 36 روپيا ڄاڻايل آهي.
تذڪرهء لطيف (ڪتاب): شاھہ لطيف جي 259ئين عُرس مبارڪ جي موقعي تي اوقاف کاتي، حڪومت سنڌ پاران ڇپايل هن ڪتابڙي جو نگران منظور احمد هاشمي (چيف ائڊمنسٽريٽر اوقاف) ۽ سهيڙيندڙ سيد محمد احمد جعفري (پبلڪ رليشنس آفيسر اوقاف) آهي. هن سنڌي اردو ڪتابڙي جو پيش لفظ منظور احمد هاشميءَ لکيو آهي. گورنر سنڌ، وزيراعليٰ سنڌ، چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري زڪوات، عشر، مذهبي، اقليتي معاملا جي پيغامن کانپوءِ هيٺيان مضمون ڏنا ويا آهن:
(1) شاھہ عباللطيف ڀٽائي بحيثيت عظيم شاعر، معلم اخلاق اور محب سنڌ (حافظ ارشد انڍڙ)، (2) تذڪره لطيف (منظور احمد هاشمي)، (3) Shah: His Poetry and The World Poet: I I Kazi، (4) سرتاج العارفين سيد عبداللطيف شاھہ ڀٽائي: روحاني رهبر ۽ آفاقي شاعر، (5) شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ڪي حالاتِ زندگي (سيد محمد احمد جعفري).
48 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جو هي ڪتابڙو، اوقاف کاتي سنڌ، 2003ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائي (ڪتاب): هي ايڇ ٽي سورلي جي انگريزي ڪتاب Shah Abdul Latif of Bhit جو اردو ترجمو آهي، جيڪو پروفيسر رياض صديقيءَ ڪيو آهي. ڪتاب جو انتساب مترجم ‘سنڌ جي عوام جي نالي’ ڪيو آهي. ديباچي ۽ سورلي جي مڪالمي کانپوءِ ڪتاب کي ٻن حصن ۾ ورهائي پيش ڪيو ويو آهي. پهرئين حصي ۾: پهريون باب ‘سنڌ 1680ع کان 1760ع تائين’، ٻيو باب: ‘مھم جوئي ۽ واپار’، ٽيون باب: ‘غريب ماڻهن جي حالت’، چوٿون باب: ‘سرڪار ۽ رعايا’، پنجون باب: ‘رعايت يافتہ طبقو’، ڇهون باب: ‘هڪ شاعر ۽ ان جو عوام’ ڏنل آهن. ٻئي حصي ۾: ادب ۽ تنقيد ۽ ابتدائيه (شاعريءَ جا اصول ۽ شعري تنقيد) کانپوءِ ڇھہ باب هيٺين عنوانن سان ڏنا ويا آهن: (1) هڪ ڪلاسڪ جو جنم، (2) رسالي جا شعر، (3) ڪيترن ڪنارن جو ڄار، (4) شاعراڻو اسلوب ۽ مشاهدو، (5) تصوف جو تناظر، (6) اسلامي تصوف جا اثر، (7) لاڙ سنڌ ۾ تصوف.
ڊيمي سائيز جي 464 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب فڪشن هائوس لاهور، 2003ع ۾ شايع ڪيو آهي ۽ ان جي قيمت 250 روپيا آهي.
شاھہ ۽ سچل جو تقابلي اڀياس (ڪتاب): هي ڪتاب ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ (اڳوڻي هيڊ، سنڌي شعبي، ممبئي يونيورسٽيءَ) جي پي. ايڇ. ڊي جو تحقيقي مقالو (1994) آهي، جيڪو هن ڊاڪٽر ديال آشا جي رهبريءَ ۾ لکيو آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ، سنڌ جي نامياري محقق سراج ميمڻ لکيو آهي. هو لکي ٿو ته، “سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ٽمورتي: ‘شـاھہ، سچـل، سامـيءَ’ مان ٻن اهم شـاعـرن تي تحقيق ڪئي وئي آهي،
جنهن ۾ سندن دور ۾ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن تي روشني وجهڻ سان گڏوگڏ، ان دور جي پسمنظر طور سنڌ جي تهذيبي تاريخ جي اهم واقعن جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي، جن سان شاھہ ۽ سچل جي شاعريءَ جي اهميت، افاديت ۽ مقصد کي ان جي منظر ۽ پسمنظر سوڌو چٽو ڪرڻ جو مقصد حاصل ٿي سگهي ٿو. شاھہ ۽ سچل جي شاعريءَ ۾ ‘حق، عشق ۽ حسن’ يعني ‘ستيم، شوم، سندرم’ جو حسين ميلاپ آهي، پر ٻنهي جي اظهار ۾ فرق آهي.” هن وڌيڪ لکيو آهي تہ “ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ، شاه ۽ سچل جي پيغام ۾ مذهبي متڀيد کان مٿانهون پيغام اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي... تصوف جي باري ۾ سندس مطالعو اهم آهي. شاھہ ۽ سچل ٻئي وحدت الوجود فلسفي جي پوئواري ڪندي بہ هڪٻئي کان مختلف آهن، اُن نڪتي تي پڻ روشني وڌي وئي آهي، جيڪا اهم ڳالھہ محسوس ٿئي ٿي، سا اها آهي تہ بيتن جا حوالا ڏئي، هڪجهڙاين ۽ ٻنهي ۾ فرق کي چٽو ڪيو ويو آهي.”
هي ڪتاب، سنڌ ۽ هند ۾ تحقيق جي ميدان ۾ اهم جاءِ والاري ٿو. ڊيمي سائيز جي 304 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سنڌي شعبي، ممبئي يونيورسٽي، ممبئي (انڊيا)، 2003ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب جي قيمت 300 روپيا آهي. ليکڪ جو تعارفي فليپر شاھہ لطيف ۽ قاضي قادن جي پارکو محترم هيري ٺڪر لکيو آهي.
ڍوليو ڍٽ ڌڻي (ڪتاب): هي ڪتاب نامور اديب ۽ محقق معمور يوسفاڻيءَ جي تحقيقي مقالن تي مشتمل آهي، جنهن کي ڊاڪٽر اسد جمال پليءَ ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل مقالن ۾ شاھہ لطيف ۽ ٻين شاعرن: قاضي قادن، شاھہ عبدالڪريم بلڙي واري، شاھہ لطف ﷲ قادري، ميين شاھہ عنات رضوي، شاھہ شريف رضوي، شاھہ بلال رضوي،
شاھہ قطب رضوي، عبدالرحيم گرهوڙي، سچل سرمست، صوفي صديق فقير، مراد فقير زنگيجي، ڀائي چئنراءِ لنڊ (سامي)، خليفي نـبـي بخـش ‘قـاسـم’، شـاھہ شريـف ڀاڏائـي،
حمل فقير، عبدالقادر ‘بيدل’، سدرام ڀڳت، مل فقير، منٺار فقير، حافظ در محمد ۽ مولانا حاجي احمد ملاح جي شاعريءَ جو تقابلي جائزو پيش ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ معمور يوسفاڻيءَ جا ٻہ مقالا: ‘تصوف ڇا آهي’ ۽ ‘ڀٽ ڌڻيءَ جي شاعريءَ جا بنيادي ماخذ’ بہ شامل آهن.
ڪتاب جو مقدمو مرتب خود تحرير ڪيو آهي. ڪتاب جو انتساب نامياري محقق ۽ برک شاعر راڄ محمد پليءَ جي نالي ڪيل آهي. ڊيمي سائيز جو هيءُ ڪتاب مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور 2003ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. 188 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 80 روپيا آهي.
لطيف ذهني چٽاڀيٽي (ڪتاب): هي ڪتاب شاھہ لطيف جي زندگيءَ، ڪلام، رسالن، شارحن، ترجمي نگارن، مرتبن ۽ ٻين لاڳاپيل موضوعن تي سوالن جوابن جي صورت ۾ سهيڙيل آهي. هي ڪتاب ڪمال ڄامڙي تيار ڪيو آهي، جنهن کي شاھہ لطيف، چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران 2004ع ۾ شايع ڪيو آهي. ناشر جو نوٽ ڊاڪٽر فھميدہ حسين جو لکيل آهي، جڏهن تہ مهاڳ ليکڪ خود لکيو آهي. هي ڪتاب ڊيمي سائيز جي 208 صفحن تي مشتمل آهي ۽ اُن جي قيمت 100 روپيا آهي.
شاھہ لطيف شاعريءَ ۾ استعارا ۽ تشبيھہ نگاريءَ جو تحقيقي جائزو (ڪتاب): ڊاڪٽر اُمِ ڪلثوم شاھہ هن ڪتاب ۾، شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ موجود هڪ فني خوبيءَ تي انتهائي مفصل ۽ مدلل نموني سان لکي، ڪلام جي ان فني نڪتي کي اجاگر ڪيو آهي. هي ڪتاب بنيادي طور چئن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. ڀاڱي پهرئين ۾ شاعريءَ جي فن، تشبيھہ ۽ استعاري جي فن ۽ ان جي قسمن متعلق لکيو ويو آهي. ڀاڱي ٻئي ۾ شاھہ لطيف جي دور ۾ هندي، عربي ۽ فارسيءَ جو اثر ۽ مولانا روميءَ جي شاعريءَ جو شاھہ جي شاعريءَ تي تشبيھہ ۽ استعاري جو اثر، ڀاڱي ٽئين ۾ شاھہ جي ڪلام ۾ تشبيھہ ۽ استعاري جو تحقيقي اڀياس، ۽ ڀاڱي چوٿين ۾: شاھہ لطيف ۽ سندس متقدمين، معاصرين ۽ متاخرين جي ڪلام جو تشبيھہ ۽ استعاري جي حوالي سان تقابلي جائزو ورتو ويو آهي. هيءَ تحقيق پنھنجي نوعيت جي منفرد ۽ ڄاڻ ڏيندڙ آهي. 631 صفحن وارو هي ڊيمي سائيز جو ڪتاب، شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ 2004ع ۾ شايع ڪيو، جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.
شاھہ جي ڪلام ۾ پهاڪا ۽ محاورا (ڪتاب): شاھہ لطيف جي ڪلام ۾ موجود پهاڪن ۽ محاورن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هي تحقيقي ڪم نامور اديب سيد اظهر گيلانيءَ جو ڪيل آهي ڪتاب جي شروعات ۾ ڪلام جي مختلف رخن تي روشني وڌي وئي آهي، جنهن کان پوءِ شاھہ جي سمورن سُرن مان اهي سِٽون جدا ڪري سُر وار لکيون ويون آهن، جن ۾ پهاڪا ۽ محاورا موجود آهن.
ڊيمي سائيز جي 142 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور 2004ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 60 روپيا آهي.
ڀٽائيءَ جو مطالعو (ڪتاب): شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فن ۽ فڪر تي تحقيقي مقالن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ نامور اديب ۽ شاھہ لطيف جو پارکو معمور يوسفاڻي آهي. هن ڪتاب جي سهيڙ سندس فرزند ۽ نامياري اديب ڊاڪٽر اسد جمال پليءَ ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 12 تحقيقي مضمون شامل آهن. هن ڪتاب جو مقدمو ڊاڪٽر اسد جمال پلي ۽ ‘پنھنجي پاران’ قمر ميمڻ لکيو آهي. مرتب هن ڪتاب جو انتساب ٻن لطيف شناسن: شفيع محمد پلي ۽ امير دوست مري بلوچ کي ڪيو آهي. 212 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي مهراڻ اڪيڊميءَ، ڊسمبر 2005ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 120 روپيا آهي.
ڪيچان آيو قافلو (ڪتاب): هن ڪتاب جي مرتب وينا شرنگي آهي. هن ڪتاب ۾ ‘مارئي تنظيم دهلي’ طرفان شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ تي منعقيد ٿيل چئن بين الاقوامي سيمينارن (1987، 1989، 1991، ۽ 2001) ۾ پڙهيل مقالا سهيڙيا ويا آه، جن ۾ پوجيه ما هري ديوي، ڪنور جيون درشن، شالني ساگر، ڊاڪٽر شمس عباسي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، تاج جويي، محمد ابراهيم سنڌي، اياز لطيف پليجي، آصف بالادي، مريم پليجو، ٽھلرام آزاد، ڄام ساقي، پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي، شاهنواز ڏاهر، پرسو گدواڻي، وينا شرنگي، تاجل بيوس، خاڪي جويي، بدر سومري، پروفيسر صادق، ڪي. آر. ملڪاڻي ۽ ڊاڪٽر موتيلال جوتواڻيءَ جا تحقيقي مقالا شامل آهن. ڊيمي سائيز ۾ 216 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب مارئي تنظيم دهليءَ طرفان 2005ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 175 روپيا ڄاڻايل آهي.
ڇپيل شاھہ جي رسالن جو تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس (ڪتاب): شاھہ جي ڪلام جي ترتيب جو ڪم هونئن تہ گنج شريف کان ٿيو، پر اوڻيهين صديءَ جي شروعات کان اڳ ئي شاھہ جي رسالن جي ڇپائيءَ جو ڪم شروع ٿي ويو. سنڌي ٻوليءَ جي مختلف عالمن جدا جدا وقتن تي شاھہ جي رسالي جي ترتيب جو ڪم ڪيو آهي، جن ۾ پرڏيهي عالم ڊاڪٽر ٽرمپ، ڏيهي عالم مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گُربخشاڻي، علامہ آءِ آءِ قاضي، پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي، غلام محمد شاهواڻي، عثمان علي انصاري، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ خاص طور ان ڏس ۾ ڪم ڪيو آهي. ناليواري لطيف شناس سليم ڀُٽي لطيفيءَ جي هن ڪتاب ۾ مٿي ڄاڻايل عالمن جي ترتيب ڏنل شاھہ جي ڇاپي رسالن جو مختلف رخن کان تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس ڪيو ويو آهي. هيءَ تحقيق، تنقيدي حوالي سان اهم بہ آهي تہ پنھنجي جاءِ تي ڪيترا سوال پڻ اُٿاري ٿي. 224 صفحن واري هن تحقيقي ڪتاب کي لطيفي تحقيقي تڪيو، ڄام شوري پاران 2005ع ۾ شايع ڪيو ويو، جنهن جي قيمت 100 روپيا ڄاڻائي وئي آهي.
لطيفي فڪر ۽ سُرن جي ساڃاھہ (ڪتاب): نامياري لطيف شناس ۽ عالم محمد حسين ڪاشف جي مختلف وقتن تي شاھہ جي فڪر ۽ فلسفي بابت هي تحقيقي ڪتاب شاھہ جي مختلف رخن تي عالمانه روشني وجهي ٿو. هن ڪتاب ۾ شامل مواد موضوع توڙي مضمون، ترتيب ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان انتهائي اهم آهي. 301 صفحن واري ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھہ جولاءِ 2005ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن تي قيمت 250 روپيا وئي آهي.
پهاڪا- ڪلام جا ڏيئا (ڪتاب): هي ڪتاب ‘پهاڪا- ڪلام جا ڏيئا’ (پهاڪا ۽ شاھہ جي شاعريءَ مان سون ورنيون سٽون)، نورالدين سرڪيءَ جي چونڊ ۽ تحقيق آهي. سرڪي صاحب جو هي ڪتاب، ٻن ڀاڱن تي ٻڌل آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ هن سنڌي سماج ۾ مروج پهاڪا ڏنا، ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ شاھہ جي رسالي مان چونڊيل سون ورنيون سٽون ڏنيون ويون آهن، جيڪي عام ڳالھہ ٻولھہ توڙي تحرير ۽ تقرير ۾ پهاڪن، مثالن ۽ چوڻين طور ڪم آڻي سگهجن ٿيون.
هن ڪتاب ۾ سڄاڻ شخص سرڪي صاحب، پهاڪن جي معاشري ۾ اهميت بيان ڪندي لکيو آهي تہ “پهاڪا اُهي اهڃاڻ يا وسيلا آهن، جي ڪن خاص خيالن کي ٺاھہ ٺوھہ بنا اسان تائين پهچائين ٿا.” هو لکي ٿو تہ ‘پهاڪي’ کي انگريزيءَ ۾ ‘Proverb’ چون ٿا. انجيل جي پراڻي عهدنامي (Old Testament) ۾ اخلاقي سکيا ۽ عملي نصيحتن جو هڪ الڳ باب ڏنل آهي، جنهن کي چون ئي ‘پهاڪن جو ڪتاب’. نئين آڪسفورڊ ڊڪشنريءَ مطابق اُنهن مان گهڻا پهاڪا حضرت سليمان جا چيا وڃن ٿا. اصل ۾ انگريزيءَ جا ڪيترائي پهاڪا، اُنهيءَ پراڻي عهدنامي تان ئي ورتل آهن.”
(1) Adage: آنندرام شهاڻيءَ ۽ سنڌيڪا ڊڪشنريءَ ۾ ان جي معنيٰ ‘پهاڪو ۽ چوڻي’ لکيل آهي.
(2) Aphorism: آنندرام اُن جي معنيٰ ‘چوڻي يا مثال’ ڄاڻائي آهي.
(3) Maxim: آنندرام جي ڊڪشنريءَ ۾ ‘قول يا مثال’ معنيٰ ڄاڻائي آهي.
ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي ۾ الف ب وارا پهاڪا ڏنا ويا آهن، جيڪي 170 صفحن تي مشتمل آهن، جڏهن تہ ٻئي ڀاڱي ۾ الف ب وار (‘ھہ’ اکر تائين) 98 صفحن تي شاھہ جي رسالي مان سون ورنيون سٽون ڏنيون ويون آهن. ڪرائون سائيز جي 281 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، نئين سنڌ اڪيڊمي، ڪراچيءَ جي حميد سبزوئيءَ، 2006ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ۽ ان جي قيمت 200 روپيا آهي.
لطيفي معلومات (ڪتاب): راهب علي لاڙڪ، لطيفي معلومات تي هي موضوع وار ڪتاب، شاھہ لطيف ڪتاب گهر حيدرآباد پاران پڌرو ڪيو آهي، جنهن ۾ شاھہ جي زندگي، دور، شاھہ جي رسالي جي ترتيب ۽ تاليف، سُرن، بيتن ۽ واين بابت ڄاڻ، راڳ، راڳڻين ۽ سازن بابت ڄاڻ، لطيفي لغت، شاھہ جي ماڳن مڪانن، رسالي ۾ ٻنين جي ذڪر، شاھہ جي سورمن، سورمين، ڏهيسرن، ڏاتارن، ذاتين، پکين، حيوانن، وڻن، ٻوٽن، گاهن ۽ رنگن جي ذڪر، وکر، وڻج واپار، شاھہ تي لکيل ڪتابن ۽ Ph.D ٿيسز، مقالن، مضمونن، شاھہ جي همعصرن، شارحن، محققن، مريدن، عقيدتمندن، فنڪارن، شاھہ جي نالي سان وابستہ عرسن، ڏهاڙن، ڪانفرنسن ۽ لطيف اوارڊن بابت ڄاڻ ڏنل آهي. ڪرائون سائيز جي 144 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب 2006ع ۾ ڇپيو ۽ ان جي قيمت ڄاڻايل نہ آهي.
ثقافتي ورثو '>ڀٽائيءَ جو ثقافتي ورثو (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز جي تعارف ۽ تاريخ تي سهيڙيل آهي، جنهن کي منظور احمد قناصري ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي روضي جي تاريخ، ڀٽ شاھہ سان لاڳاپيل ماڳن، مڪانن، ڪراڙ ڍنڍ، ڀٽ شاھہ ۾ موجود مشھور عالمن جي قبرن، ثقافتي مرڪز جي سموري ڪارڪردگيءَ ۽ ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ عالمن ۽ سياستدانن جو ذڪر بہ شامل آهي، جن ۾ سيد ميران محمد شاه، جي. ايم. سيد، طالب الموليٰ، نبي بخش بلوچ، پيرزادي عبدالستار ۽ ٻين جو ذڪر آهي. [هي حصو ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز جي گولڊن جوبلي تقريب ۾ پڙهيل مقالن تي مشتمل آهي، جيڪي تاج جويي تقريب کانپوءِ ترتيب ڏئي، ثقافت کاتي ڏي موڪليا هئا.] 189 صفحن تي ٻڌل هن ڪتاب ۾ ڀٽائي صاحب جي روضي، ان جي راڳين ۽ ڪراڙ ڍنڍ جون رنگين تصويرون بہ شامل آهن. ڪتاب جي قيمت 150 رپيا ڄاڻايل آهي، رنگين ٽائيٽل واري ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھہ پاران 2006ع ۾ ڇپايو ويو.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دور ۾ سنڌ جون مذهبي ۽ علمي حالتون (ڪتاب): لطيفيات جي موضوع تي هيءَ ڪتاب لطيف شناس ڊاڪٽر انيس فاطمہ سومرو جي پي ايڇ ڊي آهي، جنهن دوران سندس رهنما نامور اسڪالر ڊاڪٽر فھميدہ حسين هئي. هن ڪتاب ۾ ڪل ست باب شامل آهن، جن ۾ : (1) سنڌ ۾ اسلام جي اچڻ کان ڪلهوڙن جي دور تائين مذهبي ۽ علمي حالتون، (2) ڪلهوڙن جو دور، (3) سنڌ ۾ صوفي مذهبي ۽ ٻيون اهم تحريڪون، (4) ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ جون علمي حالتون،
(5) ڪلهوڙون جي دور ۾ اسلامي عملن جي اشاعت ۽ نشونما، (6) شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، (7) شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۾ ڏنل تعليم شامل آهن. هن ڪتاب جي آخر ۾ نتيجا ڪڍي ببليوگرافي شامل ڪئي وئي آهي. 706 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ، ڊسمبر 2006ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 350 روپيا آهي.
شاھہ لطيف جي ٻولي، تحقيقي جائزو (ڪتاب): هي تحقيقي ڪتاب، شاھہ لطيف جي رسالي ۾ ڪتب آيل لفظن کي سمجهڻ جو هڪ سٺو مجموعو آهي. نامياري ليکڪا ج ع منگهاڻيءَ، هن ڪتاب ۾ مختلف عالمن ۽ شارحن سان اختلاف رکندي پنھنجي تر يعني لسٻيلي جو معنائون پيش ڪيون آهن. هن ڪتاب جو مقدمو ڊاڪٽر فھميدہ حسين لکيو آهي، جڏهن تہ مهاڳ ج.ع منگهاڻيءَ جو لکيل آهي. هي ڪتاب 1007 صفحن تي مشتمل آهي ۽ شاھہ لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ 2006ع ۾ شايع ڪيو آهي. ڪتاب جي قيمت 400 روپيا آهي.
اگهيا سُٽ سندا (ڪتاب): هي ڪتاب، سنڌي شعبي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي چيئرپرسن ڊاڪٽر نورافروز خواجہ جو ترتيب ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري ۽ فڪر بابت، مقالا، مضمون ۽ ليڪچر شامل آهن. ڪتاب جي ابتدا ۾ ‘پيغام’ ان وقت جي وائيس چانسلر مظهرالحق صديقيءَ جو ڏنو ويو آهي ۽ ‘پيش لفظ’ مرتب ڊاڪٽر نور افروز خواجہ لکيو آهي. ڪتاب ۾ 25 مقالا ڏنل آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي: (1) شاھہ جي رسالي جي ڪلام جا قلمي ذخيرا (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)، (2) گنجي (ٽڪر) ۾ گُن گهڻا (ڊاڪٽر غلام علي الانا)، (3) شاھہ جي مشاهدي جي سگهہ (سيد ميران محمد شاھہ)، (4) شاھہ جي نظر ۾ انسان جو تصور (ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو)، (5) شاھہ جي سنڌڙيءَ جي تهذيبي اهميت (جي ايم سيد)، (6) شاھہ تي تحقيق (پير حسام الدين راشدي)، (7) شاھہ جي ڪلام ۾ تصوف (پروفيسر غلام حسين جلباڻي)، (8) ڀٽائيءَ جي ڪلام سان ناتو نڀائڻ (شيخ اياز)، (9) شاھہ عبداللطيف جي ڪلام ۾ تصوف (ٻلديو مٽلاڻي)، (10) شاھہ لطيف سائين سراپا سنڌيت هو (موتيلال جوتواڻي)، (11) شاھہ جي شاعريءَ ۾ سُور ۽ سختين جو فلسفو (آغا سليم)،
(12) ارنيسٽ ٽرمپ (غلام رباني آگرو)، (13) ساري سک سبق (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، (14) شاھہ لطيف هڪ سماجي مفڪر (ڊاڪٽر در شهوار سيد)، (15) پِيڙم پيچ پنهونءَ سين (ڊاڪٽر نورافروز خواجہ)، (16) جَر وڏو جاجهر گهڻي (ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ)،
(17) رشتن جي پڇاڻ ۽ ڪائنات (جڳديش لڇاڻي)، (18) شاھہ لطيف ۽ سنڌي سماج (ڊاڪٽر ادل سومرو)، (19) عاشق اهڙين اکرين، لنگهيا لامڪان (ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو)، (20) رساله اويسيه جو مطالعو (آزاد قاضي)، (21) سسئيءَ جي سُورن جي ڪهاڻي (ڊاڪٽر عنايت لغاري)، (22) شاھہ جي شاعري ۽ حيات جي بقا جو سوال (محمد آدم ٻٽ)،
(23) شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ پيار جو فلسفو (ڊاڪٽر غفور ميمڻ)، (24) سُور تہ سنيهو آهي ويڄ وٽ وڃڻ جو (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)، (25) ڀٽائيءَ وٽ زندگيءَ ۽ عمل جو رستو (نور محمد شاھہ).
انگريزي سيشن ۾ هيٺيان ست مقالا شامل آهن:
(1) Shah: His position among the World Poets: Allama I. I. Qazi
(2) Shah Abdul Latif of Bhit: Dr Annemarie Schimmel
(3) Shah Abdul Latif- Poet of Love: Ali Ahmad Brohi
(4) Shah Abdul Latif Poet and Social Reformer par Excellence.
(5) Images in the Poetry of Shah Latif: Tanveer Abbasi
(6) Quest for Beloved: Amar Jalil
(7) The Philosophical Dimensions of Latif’s Poetry: A. K. Brohi.
ڊيمي سائيز جي 286 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، سنڌي شعبي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري، 2007ع ۾ ڇپرايو آهي ۽ اُن جي قيمت 200 روپيا آهي.
ڪوڙين ڪن سلام (ڪتاب): شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ کي منظوم ڀيٽا تي مشتمل هن ڪتاب جو مرتب نوجوان اديب رکيل مورائي آهي. هن ڪتاب ۾ 125 سنڌي ۽ اردو شاعرن جو شاھہ سائينءَ تي منظوم ڪلام ڏنو ويو آهي. مرتب هن ڪتاب ۾ هر شاعر جي ڪلام سان گڏ سندس جنم ۽ وفات جي تاريخ بہ ڏني آهي. مرتب شاھہ سائينءَ کي منظوم ڀيٽا تي مشتمل ڪلام مختلف ڪتابن ۽ رسالن مان ڳولي هٿ ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ مير عبدالحسين سانگي،
مير حسن علي ٽالپر، غلام احمد نظامي، مرزا قليچ بيگ، سيد روشن علي روشن، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سوڀراج نرملداس فاني، ڪشنچند بيوس، سرور علي سرور سميت ٻين شاعرن جو ڪلام شامل آهي. هن ڪتاب ۾ ثقافت کاتي جي ان وقت جي سيڪريٽري عبدالقادر منگي ۽ مرتب پاران نوٽ شامل آهي. 256 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، 2007ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 200 روپيا آهي.
شاھہ جي ڪلام ۾ هدايتون (ڪتاب): هي ڪتاب، ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ جي تصنيف آهي، جنهن کي بابن وغيرہ ۾ نہ ورهايو ويو آهي، پر لَس لکيل آهي، ڪتاب جي ضمني عنوانن ۾: شاھہ تي خانداني اثر، شاھہ صاحب جي تعليم، شاھہ جا ذاتي مشاهدا، شاھہ تي عالمن، شاعرن ۽ درويشن جي فڪر جو اثر، شاھہ صاحب تي مولانا روميءَ جي مثنويءَ جو اثر، شاھہ صاحب جي دور جون سياسي حالتون، تصوف، شاھہ جي ڪلام ۾ زندگيءَ جو فڪر، فنايت، روحاني زندگيءَ جو مقصد، ارادو ۽ شوق، رهنمائي، موقعو ۽ ذريعو، ڄاڻ ۽ عمل، پرک ۽ پروڙ، رضا الاهي، نراسائي، خود ضابطو، لالچ ۽ طمع، سمر، عبادت، شاھہ جي نظر ۾ زندگي، پهريون روحاني زندگيءَ وارو رُخ، ٻيو ديني ۽ دُنيوي زندگيءَ وارو گڏيل رُخ، ٽيون رخ دنياوي زندگي آهي. ڪامل انسان جي زندگي، معرفت جو مقام، دنيوي زندگي ۽ شاھہ جي مثالي زندگي.
هي ڊيمي سائيز جي 99 صفحن تي مشتمل ڪتاب، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، 2007ع ۾ شايع ڪيو ۽ اُن جي قيمت 60 روپيا آهي.
A Song of Peace (ڪتاب): شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سُر ڪلياڻ جي موسيقيءَ ۽ فڪر بابت هي ڪتابچو، لطيف شناس سليم ڀُٽي لطيفيءَ جي نياڻين ۽ پُٽ- ‘سنڌ سونيتي ڀُٽو’، ‘سرويچ سنڌي’ ۽ ‘سورٺ سنڌي’ جي لکيل مواد تي مشتمل آهي. ٻہ اکر (Forward) سليم ڀُٽي لطيفيءَ لکيو آهي، جنهن ۾ هو رقم طراز آهي تہ سندس 1990ع کان وٺي اها خواهش هئي، اُنهن ماڻهن لاءِ لطيف سائينءَ بابت انگريزيءَ ۾ لکيو وڃي، جيڪي سنڌي نہ ٿا ڄاڻن- مون لاءِ خوشيءَ جا لفظ نہ ٿا ملن، جڏهن منهنجي نوجوان ٻارن اهو ڏکيو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي. ڪتاب جو مهاڳ ‘سنڌ سونيتي ڀٽو’ لکيو آهي، جنهن بعد ٽنهي ٻارن جو سُر ڪلياڻ جي موسيقيءَ ۽ فڪر تي لکيل مواد ڏنو ويو آهي. شاھہ جي بيتن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻيءَ لاءِ هنن ڪلياڻ آڏواڻي، ايلسا قاضي، آغا محمد يعقوب، جي. اي الانا، امينه خميساڻي ۽ ايڇ ٽي سورلي جي ‘لطيفي ترجمن’ مان استفادو ڪيو آهي.
ڊيمي سائيز جي 50 صفحن تي مشتمل هي ڪتابڙو، لطيفي تحقيقي تڪيي، ڄام شوري پاران آڪٽوبر 2007ع ۾ ڇپايو ويو آهي، جنهن جي قيمت 80 روپيا آهي.
سُر، شاھہ، سمنڊ: هي ڪتاب موسيقيءَ جي فن ۽ علم جي روشنيءَ ۾ شاھہ لطيف جي راڳ جو چالي، شاھہ جي داستانن مان پيدا ٿيل راڳ ۽ ٻين رُخن تي روشني وڌل آهي. هي ڪتاب استاد امير عليءَ تيار ڪيو آهي، جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ 2007ع ۾ شايع ڪيو آهي. 315 صفحن جو هي ڪتاب ڊيمي سائيز ۾ ڇپيل آهي.
شاھہ لطيف، سنڌي ٻولي ۽ سماج (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان جولاءِ 2004ع ۾ منعقد ڪرايل ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل تحقيقي مقالن تي مشتمل آهي، جيڪو نوجوان اديب خالد آزاد ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ڊاڪٽر غلام محمد لاکي، تاج جويي، ڊاڪٽر هدايت پريم، انور فگار هڪڙي، رخمان گل پالاري، ڊاڪٽر اسد جمال پلي، ڊاڪٽر تھمينه مفتي، آزاد قاضي، الھنواز رڪڻائي، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي ۽ ٻين عالمن جا مقالا شامل آهن. هي ڪتاب 2007ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران شايع ٿي چڪو آهي. پڪي جُلد سان 230 صفحن تي ٻڌل هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي.
سامي سِڄ وڙاءُ (ناول): هي ناول سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ، مترجم، براڊڪاسٽر ۽ ڏاهي اديب، مراد علي مرزا جو لکيل آهي. ‘سامي سِڄ وڙاءُ’ سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون ناول آهي، جنهن ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شخصيت توڙي پوري زندگي ناول جي انداز ۾ لکي وئي آهي. هن ناول ۾ هڪ ٻار (ڀٽائيءَ) جي ڄمڻ، ان جي گهر جي ماحول، ان جي تعليم ۽ تربيت، خاص طور پهريون ڀيرو مڪتب ڏانهن وڃڻ، پنھنجي طبيعت جي مطابق اڪيلائيءَ ۾ ويهي فطرت جي رازن رمزن کي سمجهڻ ۽ ڪائنات ۾ موجود سموريءَ سونهن کان متاثر ٿيڻ، جسماني ۽ فڪري واڌ ويجهہ، بيقرار طيبعت کي قرار ڏيڻ جا جتن ڪرڻ، مختلف مذهبن ۽ فڪرن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ، شاعري ڪرڻ، سير سفر ڪرڻ ۽ ڀٽ کي وسائڻ وارا سمورا مرحلا ۽ معاملا، ماحول جي عڪاسي ٻوليءَ جي اُڻت ۽ حسناڪيءَ سان هن ناول ۾ پيش ڪيا ويا آهن، ان ڪري يقيناً سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ هي ناول پنھنجي اهم جاءِ والاري ٿو. ناول جي شروع ۾ پبلشر نوٽ موهن مدهوش لکيو آهي، جڏهن تہ مهاڳ ريٽا شھاڻي ۽ ‘پنھنجي پاران’ مراد علي مرزا خود لکيو آهي. ڪتاب جي بئڪ ٽائٽل تي عرفان علي انصاريءَ جا انگريزيءَ ۾ تاثرات ۽ ڪتاب جي فليپ ڪور تي ڊاڪٽر قاضي خادم ۽ نصير مرزا جا رايا شامل آهن.
هي ناول سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل شاھہ عبدالطيف ڀٽائيءَ متعلق پهريون تخليقي ناول آهي، جنهن جي لکجڻ سان شاھہ عبدالطيف ڀٽائيءَ متعلق لکندڙن وٽ شاھہ سائينءَ تي هڪ نئون انداز ۽ موضوع متعارف ٿيو آهي، ڇاڪاڻ تہ هن کان اڳ شاھہ تي فقط تحقيقي انداز ۾ لکڻ جو رواج عام رهيو آهي. 290 صفحن جي هن ڊيمي سائيز واري ڪتاب کي ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد، 2008 ۾ شايع ڪيو، جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.
شاھہ لطيف هر دور جو شاعر (ڪتاب): ڊاڪٽر بشير احمد شاد جو هي ڪتاب، شاھہ لطيف جي شاعريءَ جي نون رخن تي ڪيل تحقيق تي ٻڌل آهي. ڪتاب جي مضمونن ۾- لفظي ۽ معنوي ندرت، نفيءَ جو فلسفو، سنڌي سماج جي آدرشي قدرن جي عڪاسي، پورهيتن جي پچار، ٿرين جي خوراڪ ۽ پوشاڪ جو ذڪر، جدوجھد جو پيغام، سر سورٺ ۾ علامت نگاري، شاھہ جي نظر ۾ مومل جو مقام، اکين جا احوال، تجنيس حرفيءَ جو ڪمال، سُر يمن ڪلياڻ ۾ علم ۽ عمل جو تصور، سُر ڪوهياريءَ ۾ سجاڳيءَ جو سنيهو، تشبيهن جي سونهن، سُر رپ ۾ وڇوڙي ۽ ويراڳ جا ورلاپ، سُر ڪاپائتيءَ ۾ وقت جي وقعت ۽ پيار ڀرئي پورهئي جو پيغام، سُر ڪارايل ۾ سچن سان صحبت جو سبق، صنعتن جو استعمال، انساني عضون جو ذڪر ۽ انهن جي معنوي حقيقت، قادر مطلق جي هستيءَ جو تصور، سُر ڪاموڏ جو روحاني راز، سُر ديسيءَ جو مطالعو، سُر آسا جو مطالعو، سُر سامونڊيءَ جو مطالعو.
ڊيمي سائيز جي 224 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ، 2008ع ۾ شايع ڪرايو آهي ۽ اُن جي قيمت 150 روپيا آهي.
شاھہ لطيف تاريخ جي آئيني ۾: هن ڪتاب جو مؤلف غلام شبير پيراهن آهي. هي ڪتاب اصل ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زندگيءَ، شاھہ جي ڪلام تي ٿيل تحقيق، شاھہ جي ڪلام ۽ سندس ڪلام ۾ موجود مختلف سرن بابت سوالن جا جواب ڏنل آهن. اهڙيءَ طرح هن ۾ شاھہ لطيف جي زندگيءَ جي سموري احوال، سندس رسالن ۽ انهن تي ٿيل تحقيق بابت مڪمل ڄاڻ ملي ٿي، آخر ۾ مؤلف سر ڪلياڻ،
سر يمن ڪلياڻ، سر کنڀات، سر سريراڳ، سر سامونڊي، سر سهڻي، سر سسئي آبري، سر معذوري، سر سسئي ديسي، سر ڪوهياري،
سر حسيني، سر ليلا چنيسر، سر مومل راڻو، سر مارئي، سر ڪاموڏ،
سر گهاتو، سر سورٺ، سر ڪيڏارو، سر سارنگ، سر آسا، سر رپ،
سر کاهوڙي، سر بروو سنڌي، سر رامڪلي، سر ڪاپائتي، سر پورب،
سر ڪارايل، سر پرڀاتي، سر ڏهر ۽ سر بلاول بابت پڻ تفصيلي ڄاڻ ڏنل آهي. ڊيمي سائيز ۾ چار رنگي ٽائيٽل سان 96 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، سنڌي ادبي سنگت 2008ع ۾ شايع ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 120 روپيا آهي.
شاھہ جي رسالي جي ترتيب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي هن ڪتاب ۾ شاھہ جي رسالي جي ترتيب جو معياري متن ڏنل آهي، يعني ڪل موجود قلمي توڙي ڇاپي رسالن مان هر هڪ ۾ شامل ڪلام ڪهڙي نموني سان قلمبند ٿيل آهي ۽ انهن ۾ سرن، داستانن، واين ۽ بيتن جي ترتيب ڪهڙي آهي. هن ڪتاب ۾ بيان ڪيل آهي. ڪتاب جي پهرئين باب ۾ رسالي جي مختلف نسخن ۽ انهن جي سڃاڻپ جو تفصيل آهي، ٻئي باب ۾ بيتن ۽ واين جو تعداد، ٽئين باب ۾ سرن جو تعداد ۽ ترتيب، چوٿين باب ۾ داستانن جو تعداد، پنجين باب ۾ بيتن ۽ واين جو سلسلو، ڇهين باب ۾ سر وار داستانن جا مضمون ۽ انهن جي ترتيب جو بيان تحقيقي انداز ۾ ٿيل آهي. ڪتاب ڊيمي سائيز جي 323 صفحن وارو هي ڪتاب مهراڻ اڪيڊميءَ، 2008ع ۾ شايع ڪيو.
لات جا لطيف جي (ڪتاب): هي ڪتاب نامياري اديب، عالم ۽ لطيفيات جي ڄاڻو آغا سليم جو لکيل آهي. ٽن حصن تي مشتمل هي ڪتاب شاھہ جي شاعريءَ ۾ غم جي فلسفي تي آڌارت آهي. حصي پهرئين ۾: ‘شروعات- لات جا لطيف جي’، ‘شاھہ جو غم جو فلسفو’، ‘جونجس نيکاري’، ‘چوڏس چٽاڻو’، ‘لڳي تند تنوار’، ‘سورٺ راءِ ڏياچ- مقدر جو ڊرامو’ جا عنوان، حصي ٻئي ۾: ‘صوفيءَ جو عورت وارو روپ ۽ سندس احساس گناھہ’، ۽ ‘انساني عظمت جو ايپڪ’ جا عنوان، جڏهن تہ ٽئي حصي ۾: ‘درسن ڌارون ڌار’، ‘اڀر چنڊ پَس پرين’، ‘بندر جان ڀئي’، ‘ڳجهہ ڳجهاندر ڳالهڙي’، ‘رند پروڙن راز’، ‘آئي مند ملار’، ‘ڏک تنين کي ڏِکَ’، ‘جي رُڃن راءِ پڇن’، ‘ڪوءِ نہ جهارئيين جکرو’،‘ناٿ ڏٺائون نانهن ۾’ عنوان شامل آهن.
هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري پاران 2008ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ڊيمي سائيز جي 212 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 175 روپيا آهي.
هيءَ جڙ اسانهين (ڪتاب): هن ڪتاب جو مصنف ناميارو اديب ڊاڪٽر اسد جمال پلي آهي. هن ڪتاب ۾ مصنف جا سنڌ جي تاريخ، ادب، لطيفيات تي تحقيقي مقالا شامل آهن. ڪتاب ۾ 17 مقالا موجود آهن، جن مان فقط ٽي تحقيقي مقالا جھڙوڪ: ‘شاھہ جي سر گهاتوءَ جو اقتصادي پهلو’، ‘سر ڏهر’ ۽ ‘سر سورٺ ۾ محاورا، اصطلاح ۽ چوڻيون’ وغيرہ شاھہ لطيف بابت آهن، جڏهن تہ باقي مقالا سنڌ جي تاريخ ۽ ادب تي مشتمل آهن. هن ڪتاب جو ‘پيش لفظ’ مصنف لکيو آهي، جڏهن تہ ‘مهاڳ’ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ‘اتهاسي اپٽار’ پروفيسر قلندر شاھہ لڪياري ۽ ‘تنهنجو جلوو جوت جمال عجب’ تاج محمد هاليپوٽي طرفان لکيل آهن.
ڊيمي سائيز ۾ پڪي جلد سان 235 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب مهراڻ اڪيڊميءَ طرفان 2008ع ۾ شايع ٿيو آهي، جنهن جي قيمت 130 روپيا آهي.
بيت نہ پر آيتون (ڪتاب): هي ڪتاب ڊاڪٽر عزيزالرحمان ٻگهيي جو لکيل آهي ۽ شاھہ لطيف بابت تحقيقي مضمونن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ اسلام، تصوف ۽ شاھہ جي ڪلام جي سماجي پهلوءَ سميت ٻيا موضوع زير بحث آندا ويا آهن.
ڊيمي سائيز جي 192 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب پڪي رنگين ٽائيٽل سان آهي، جيڪو 2009ع ۾ ثقافت کاتي، سنڌ طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو.
سائُو هلن سامهان: هي ڪتاب سليم ڀُٽي لطيفيءَ تصنيف ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ مصنف جا شاھہ لطيف بابت تحقيقي مقالا لکيا آهن. نون تحقيقي مقالن جا عنوان هن ريت آهن: ‘جي مٺي موري نہ ڀائين’، ‘وک وڌڻ کان اڳ ۾’، ‘جانب تون جيڏو آهين شان شعور سين’، ‘ھہڙا سورهيه سپرين’، ‘ڪا هنيئن سين لاءِ ڀوري’، ‘رون رون ڪري راز’، ‘ايءُ تان شاعر سڌ’، ‘سائو هلن سامهان’، ‘سارنگ! سار لهيج’. انهن کان سواءِ ڏهون مقالو ‘لطيف ۽ لطيفيءَ’ جي نالي ڊاڪٽر غفور ميمڻ جو لکيل آهي.
ڊيمي سائيز ۾ پڪي جلد سان 142 صفحن تي مشتمل هي شاهڪار ڪتاب لطيفي تحقيقي تڪيي، ڄام شوري طرفان 2009ع ۾ شايع ٿيو آهي، جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي.
شاھہ جي ساڃاھہ: هي ڪتاب ماستر حيدر بخش هڪڙي جو مرتب ڪيل آهي، جنهن جي نظرثاني ڊاڪٽر سليمان شيخ ڪئي آهي. ڪتاب ۾ محققن ۽ شارحن: انب گوپانگ، ڊاڪٽر سليمان شيخ، آغا سليم، انور پيرزادي، ڊاڪٽر فھميدہ حسين، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، عبدالستار پيرزادي، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي، رخمان گل پالاريءَ، پروفيسر عابد مظهر، راز شر ۽ عبدالحفيظ قريشيءَ جا شاھہ لطيف جي فڪر ۽ فلسفي تي تحقيقي مقالا شامل آهن، جيڪي شاھہ لطيف جي 266 سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي شايع ڪيا ويا. ڊيمي سائيز ۾ چار رنگي ٽائٽل سان 191 صفحن تي مشتمل هي تحقيقي ڪتاب، مهراڻ پبليڪشن ڪراچيءَ طرفان 2010ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي، جنهن جي قيمت 200 روپيا آهي.
حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، مستند سوانح ۽ پيغام (ڪتاب): لطيفيات جي موضوع تي هن ڪتاب جو مرتب ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري ۽ مهتمم شھاب الدين چنا آهن. هن ڪتاب ۾ ڪل ٻارهن مضمون شامل آهن، جيڪي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري، ڊاڪٽر نور افروز خواجه، حافظ حبيب سنڌي، ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي، رسول بخش تميمي، ڊاڪٽر عاشق حسين البدوي، معمور يوسفاڻي، ذاڪر حسين کٽي، ڊاڪٽر اسد جمال پلي، ۽ سيف ﷲ خالد يوسفاڻي جا لکيل آهن. 252 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي شاھہ ولي ﷲ اڪيڊمي، محڪمه اوقاف سنڌ، 2010ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 350 روپيا ڄاڻايل آهي.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ اسلامي قدر (ڪتاب): جي ڪتاب ڊاڪٽر عبدالرحمان جسڪاڻيءَ جو شاھہ لطيف تي Ph.D لاءِ لکيل تحقيقي مقالو آهي، جنهن ۾ ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ تصوف کان ويندي اسلامي رخن کي اجاڳر ڪيو ويو آهي. هن مقالي ۾ شاھہ لطيف جي سوانح عمري، تصوف جي تاريخ، شاھہ جي دور ۾ سنڌ جي حالت، سنڌي ٻولي، ڪلام ۾ ذات باري تعاليٰ، حضور اڪرم صلعم جي ذات، عبادت ۽ بندگي، اخلاق ۽ ڪردار، انساني معاملات ۽ دنيا ۽ آخرت جهڙن موضوعن تي تفصيلي طرح لکيو ويو آهي. ڊيمي سائيز جي 560 صفحن تي پکڙيل هي ڪتاب، ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ 2010ع ۾ شايع ڪيو، جنهن جي قيمت 600 روپيا آهي.
لوچيان ٿي لاحد ۾: هي ڪتاب شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري ۽ فڪر بابت، سنڌ هند ۽ جرمنيءَ جي عالمن ۽ اديبن جي سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ لکيل مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل آهي، جنهن کي ڊاڪٽر نور افروز خواجہ ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر ايڇ. ٽي. سورلي، ڪيرت ٻاٻاڻي، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي، محمد حسين ڪاشف، ڊاڪٽر نور افروز خواجه، ڊاڪٽر قمر جھان مرزا، گوبند خوشحالاڻي، تاج جويي، ڊاڪٽر ٻلديو بختراءِ مٽلاڻي، ج ع منگهاڻي، آزاد قاضي، ناگپال، ڪلاڌر متوا، شازيه پتافي ۽ نواب ڪاڪا جا سنڌيءَ ۾ تحقيقي مقالا ۽ جي ايم سيد، Gerd Lupke ۽ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جا انگريزيءَ ۾ تحقيقي مقالا شامل آهن. ڊيمي سائيز جي 222 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، شاھہ لطيف ريسرچ سيل، سنڌي شعبي، سنڌ يونيورسٽيءَ 2010ع ۾ شايع ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 200 روپيا آهي.
شاھہ لطيف جو تصورِ ڪائنات (ڪتاب): هي ڪتاب خ. م. سومري جي تصنيف آهي. ڪتاب کي نون (9) بابن ۾ ورهايو ويو آهي. باب پهريون: خدا تعاليٰ جي معرفت، باب ٻيو: ڪائنات ڪيئن تخليق ٿي، باب ٽيون: پاڻ سڃاڻ، باب چوٿون: فڪر منجهہ فنا، باب پنجون: دنيا تنهن دوست تان...، باب ڇهون: دنيا ڪارڻ دين وڃائي ولها ٿيا، باب ستون: اخلاق جي اهميت، باب اٺون: محبت جي ميدان ۾، ۽ باب نائون: ايمان ڇو ضروري آهي. ڊيمي سائيز جي 275 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ، 2011ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ۽ ان جي قيمت 200 روپيا آهي.
سنڌي موسيقيءَ جي روايت ۽ شاھہ جي رسالي جا سـُر (ڪتاب): شاھہ عبداللطيف جي ڪلام جي موسيقيءَ ۽ سـُرن بابت تحقيق تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ نامور اديب ۽ اسڪالر آغا سليم آهي. هن ڪتاب کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين حصي ۾ موسيقيءَ بابت
ست تحقيقي مقالا ۽ ٻئي حصي ۾ راڳ بابت چار ترجمو ٿيل مقالا ڏنا ويا آهن. هن ڪتاب جا ٻہ اکر پروفيسر سليم ميمڻ لکيا آهن.
120 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي 2011ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي.
شاھہ جي ڪلام جو فلسفو: هن ڪتاب جي مصنف ڊاڪٽر تھمينه مفتي آهي ۽ ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي نامور اديب، محقق، تاريخدان ۽ شاھہ جي پارکو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو لکيل آهي. ڪتاب کي يارهن حصن ۾ ورهايو ويو آهي: (1) شاھہ جي ڪلام جو فلسفو، (2) شاھہ جي ڪلام ۾ جماليات جو فلسفو، (3) شاھہ جي شاعريءَ ۾ حسن ۽ جمال وارو تصور، (4) شاھہ جي رسالي ۾ منظر ۽ احساس، (5) سسئيءَ جي تمثيل ۾ اعليٰ فهم، جدت ۽ جاڳرتا وارو خيال، (6) شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ مارئي، هڪ غير معمولي عورت جو ڪردار،
(7) سورٺ- سنڌ جي عورت جو المياتي ڪردار، (8) ڪلهوڙا دور، سنڌي سماج، شاھہ لطيف ۽ سنڌ جون سورميون، (9) سر پرڀاتي جو فڪري ۽ سماجي اڀياس، (10) هو جي جرڪيا جر تي، سي تان سڀ حباب،
(11) شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، فلسفو ۽ سماجي ڪارج. ڊيمي سائيز ۾ پڪي جلد سان 160 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب دانش پبليڪيشن لاڙڪاڻي طرفان 2011ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 400 روپيا ڄاڻايل آهي.
جان جان پسين پاڻ کي (ڪتاب): هي ڪتاب تصوف جي پسمنظر ۾ انساني زندگيءَ جي حسناڪين ۽ چڱاين بابت شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي تعليمات جي موضوع تي آمنہ حامد خليل زبيديءَ جو لکيل آهي. ڪتاب جو مهاڳ ‘تصوف جي دنيا جو عظيم ۽ منفرد شاهڪار ’ جي سري هيٺ محمد موسيٰ ڀُٽي لکيو آهي. جڏهن تہ پيش لفظ ليکڪ پاڻ لکيو آهي. ليکڪ هن ڪتاب ۾ اسلامي تصوف ۽ تصوف جو مفهوم جي عنوان سان بهتر سمجهاڻي ڏني آهي. ان کان سواءِ شاھہ جي شاعريءَ جي باري ۾ کولي سمجهايو آهي. سُر وار مختلف بيتن جي سمجهاڻي ڏنل آهي. اهي بيت الڳ سان ڏنل آهن، جن ۾ آيتن ۽ حديثن جا عربي لفظ ۽ سورتن جا نالا استعمال ٿيل آهن.
ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان 248 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب مهراڻ پبلشرز ڪراچيءَ پاران 2011ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب جي قيمت 150 روپيا ڄاڻايل آهي.
شاھہ عبداللطيف (حياتيءَ جو احوال ۽ رسالي جي تاريخ): هي ڪتاب نامور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق جو نتيجو آهي، جيڪو ڊاڪٽر عبدالغفار سومري مرتب ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ‘پبلشر پاران’ نوٽ ڊاڪٽر حبيب ﷲ صديقيءَ لکيو آهي. ‘تعارف’ عبدالغفار سومري، سرپرست ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ لکيو آهي. ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ خود لکيو آهي. ڪتاب ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پهرئين ڀاڱي کي ڇھن بابن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن ۾ ترتيب وار پهريون باب: شاھہ عبداللطيف جي سوانح حيات، باب ٻيو: شاھہ جي رسالي جي اصليت، حقيقت ۽ رسالي جي قلمي نسخن ۽ ڇاپن جي سڃاڻپ، باب ٽيون: رسالي جي تدوين ۽ تاريخ، باب چوٿون: رسالي جي ترتيب، باب پنجون: شاھہ جي ڪلام جي پرک جا معيار ۽ باب ڇهون: رسالي جي جامع مستند متن لاءِ صورتخطي شامل آهن. جڏهن تہ ٻئي ڀاڱي کي پنجن فصلن ۾ ورهايو ويو آهي. جنهن ۾ ترتيب وار فصل پهريون: متهلوي (متعلوي) سادات ۽ شاھہ عبداللطيف جو نسب نامو، فصل ٻيو: شاھہ حبيب ۽ سندس ڪٽنب، فصل ٽيون: شاھہ عبداللطيف جي والد شاھہ حبيب جي وفات، باب چوٿون: حضرت شاھہ عبدالليف جي سوانح بابت ويچار ۽ باب پنجون: شاھہ عبداللطيف جي سوانح بابت وڌيڪ تحقيق ۽ معلومات شامل آهن. ڪتاب جي ٽائيٽل تي شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي روضي سان گڏ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تصوير ڏنل آهي. رنگين ٽائٽل، ڊبل ڪرائون سائيز ۾ پڪي جلد سان هي ڪتاب، ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ فار هيريٽيج ريسرچ، نوادرات کاتي، حڪومت سنڌ 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. 256 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 700 روپيا آهي.
شاھہ عبداللطيف: هڪ فيلسوف (ڪتاب): هي ڪتاب هولارام هنس جو لکيل آهي، جنهن جو انتساب سدا حيات شاعر پرڀو وفا جي نالي ڪيل آهي. پيش لفظ کان پوءِ ليکڪ ڪتاب کي 34 عنوانن ۾ ورڇيو آهي: (1) دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر شاھہ لطيف، (2) شاھہ لطيف جي جيوني، (3) شاھہ لطيف تي عالمن ۽ عاملن جا رايا، (4) شاھہ تي ٻين شاعرن جا شعر، (5) شاھہ هڪ رومانوي شاعر، (6) شاھہ جي شعر ۾ پکي ۽ پسون، (7) شاھہ جو مذهبي لاڙو، (8) شاھہ جي شعر ۾ سونهَن ۽ سونهن جي وياکيا، (9) شاھہ جي شاعريءَ ۾ ڪائنات- قدرت، (10) شاه جي شعر چوڻ جو انداز ئي اور، (11) شاھہ جو فن ۽ فڪر، (12) شاھہ جا سورما ۽ سورميون، (13) شاھہ جي شعر ۾ تشبيهون،
(14) شاھہ جي شعر ۾ حب الوطني، (15) شاھہ جي شعر تي نئين نظر، (16) شاھہ جا بيت، (17) شاھہ جون وايون، (18) شاھہ جا سُر، (19) شاھہ جو رسالو، (20) ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي، (21) پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي،
(22) شاھہ لطيف ۽ نارائڻ شيام، (23) اسان جيڪو ديڳڙو چاڙهيو، ان جو ڍڪ هي نينگر لاهيندو، (24) شاھہ اسان جو ساھہ، سچل پِران ۽ سامي آتما آهي، (25) شاھہ جو رسالو ۽ روميءَ جي مثنوي، (26) سنڌ شاھہ لطيف کي جنم ڏنو، شاھہ لطيف سنڌ کي جنم ڏنو، (27) شاھہ لطيف ۽ شيخ اياز، (28) شاھہ لطيف جي ڪردارن تي شاعرن جا شعر، (29) شاھہ لطيف جي شعر ۾ تصوف جي تنوار، (30) ڀٽائي گهوٽ، شاھہ لطيف، هڪ فيلسفوف، جن شاھہ تي ڪاريه ڪيو آهي، (34) سنڌ ۽ هند جي وچ ۾ امن جي آشا. ڊيمي سائيز جي 160 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب بيسٽ سنڌي سڀا، ممبئيءَ، 2012ع ۾ ڇپرايو ۽ ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي.
اديون آءٌ اڄاڻ (ڪتاب): شاھہ لطيف جي فڪر ۽ فلسفي جي جائزي طور لکيل هن ڪتاب ۾ نامياري محقق ۽ لطيف شناس ڊاڪٽر فھميدہ حسين جا مختلف وقتن تي لکيل اُڻويھہ (19) مقالا شامل آهن، جن ۾ عقلي بنيادن تي لطيف سائينءَ جي فڪر ۽ فلسفي بابت مدلل انداز ۾ لکيو ويو آهي، اهڙن مقالن ۾ شاھہ جي شاعريءَ ۾ ڏک جو فلسفو، مومل جو ڪردار ۽ ڪارو ڪاريءَ جي رسم، تشبيهن ۽ استعارن جو استعمال، محبت جو پيغام، انسان دوستي، شاھہ جي ڪلام ۾ سماجي شعور ۽ مزاحمتي لاڙن سميت بيتن جي لفظن جي معنائن جهڙن موضوعن تي دليل ۽ منطق سان لکيو ويو آهي. هي ڪتاب ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، شاھہ لطيف جي 268هين عرس مبارڪ جي موقعي تي، 2012ع ۾ پڌرو ڪيو. ڊيمي سائيز جي 238 صفحن تي مشتمل رنگين ٽائيٽل واري هن ڪتاب جي قيمت 250 روپيا آهي.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دور ۾ تصوف جا سلسلا (ڪتاب): ڊاڪٽر عابد مظهر جي Ph.D لاءِ لکيل هن تحقيقي مقالي کي ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن تحقيق ۾ شاھہ سائينءَ جي دور جي صوفي سلسلن جو مطالعو ڪيو ويو آهي، جنهن سان سنڌ ۾ تصوف جي تاريخ جو هڪ باب روشن ٿي بيٺو آهي. ستن بابن ۾ ورهايل هن تحقيقي مقالي جا مکيہ عنوان آهن: شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو احوال، شاھہ لطيف جا همعصر صوفي بزرگ ۽ شاعر، تصوف جي تشريح، چشتي، سهرودري، قادري ۽ نقشبندي سلسلن جي ابتدا ۽ سنڌ ۾ ڀٽائيءَ جي دور ۾ موجود انهن سلسلن جا صوفي بزرگ شامل آهن. 269 صفحن واري هن ڊيمي سائيز ڪتاب جي قيمت 300 روپيا آهي.
شاھہ عبداللطيف: مدبر، معلم ۽ مهربان (ڪتاب): هي ڪتاب، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ لکيو آهي. ڀاڱي پهرئين جو عنوان: ’شاھہ عبداللطيف: مدبر، معلم ۽ مهربان‘ آهي، ۽ ان کي ٽن بابن: (1) مدبر، (2) معلم، ۽ (3) مهربان ۾ ورهايو ويو آهي. هن ڀاڱي جا ٻہ باب آهن: پهرئين جا عنوان ٽي آهن: (1) موسيقي، (2) سُر آسا، ۽ (3) پرڀاتي. باب ٽئين جا ذيلي عنوان ٻہ آهن: (1) ڪيڏارو، ۽ (2) مهاڻا.
ڊيمي سائيز جي 125 صفحن تي مشتمل، پڪي جلد سان هي ڪتاب، ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، 2012ع ۾ پڌرو ڪيو آهي ۽ اُن جي قيمت 150 روپيا آهي.
جهڙي سُونهن سندياس (ڪتاب): شاھہ لطيف جي شاعري، فن ۽ فڪر تي مشتمل هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر محمد علي مانجهي آهي، جنهن ۾ مختلف اديبن ۽ عالمن جا 13 سنڌي، 02 اردو ۽ هڪ انگريزي مضمون شامل آهن: سنڌ جي صوفي شاعرن جو محبت وارو پيغام (ڊاڪٽر فهيده حسين)، (2) تصوف: درس لطيفيءَ جي روشنيءَ ۾ (ڊاڪٽر حبيب ﷲ صديقي)، (3) جديد سنڌي شاعريءَ تي شاھہ صاحب جو اثر (نارائڻ شيام)، (4) شاھہ لطيف سائين سراپا سنڌيت (ڊاڪٽر موتيلال جوتواڻي)،
(5) جي ڪَر لڌائون [سُر مارئي: هڪ پيغام]: (غلام حسين رنگريز)،
(6) شاھہ لطيف جي ٻوليءَ جو لسانياتي جائزو (ڊاڪٽر هدايت پريم)، (7) شاھہ عوامي شاعر (محمد خان مجيدي)، (8) هو جي جرڪيا جَر تي ... (ڊاڪٽر تھمينه مفتي)،
(9) گهوري جند ملير تان ... (تاج جويو)، (10) جنهن نوازيو ڏُڏ ... (نصير مرزا)، (11) ڌرتيءَ جيڏو شاعر شاھہ لطيف (مريم مجيدي)، (9) شاھہ لطيف جو فڪر، انتهاپسندي ۽ ننڍو کنڊ (رئوف عباسي)، (10) دنيا جو عظيم مفڪر ۽ شاعر شاھہ عبداللطيف ڀٽائي (رسول چانڊيو'>غلام رسول چانڊيو)،
(11) شاھہ لطيف اور پنجاب ڪي شعراء (جميل احمد پال)،
(12) Impact of History and Society on Shah Latif: Prof. Dr. Mehmood Ali Shah.
هي ڪتاب، شاھہ لطيف جي 268هين عرس تي ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ پڌرو ڪيو. ڪتاب جا ٻہ اکر اُن وقت جي وزير ثقافت محترمہ سسئي پليجو لکيا آهن ۽ مهاڳ مرتب خود لکيو آهي. ڊيمي سائيز جي 222 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، 2012ع ۾ شايع ڪيو آهي ۽ ان جي قيمت 250 روپيا آهي.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي پيغام جو موجودہ حالتن تي اطلاق (ڪتاب): مختلف اديبن ۽ اسڪالرن جي مقالن تي مشتمل هن ڪتاب کي پروفيسر محمد سليم ميمڻ ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل مقالا ثقافت کاتي پاران ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ 22 جنوري 2012ع تي ڪوٺايل بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ پڙهيا ويا هئا. هي ڪتاب ٽن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پهرئين ڀاڱي جي سنڌي مضمون نگارن ۾: ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر فھميدہ حسين، ڊاڪٽر نواز علي شوق، پروفيسر ڊاڪٽر نور افروز خواجه، ڊاڪٽر رخمان گل پالاري، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، ڊاڪٽر غفور ميمڻ ۽ ڊاڪٽر ايوب شيخ، حصي ٻئي اردو ڀاڱي ۾ سيد مظهر جميل، پروفيسر سحر انصاري، ڊاڪٽر سحر امداد، پروفيسر محمد سليم ميمڻ ۽ ٽئين ڀاڱي جي انگريزي مضمون نگارن ۾ پروفيسر ڪي. ايس. ناگپال، ڊاڪٽر عاشق حسين البدوي، مهتاب اڪبر راشدي، ڊاڪٽر اي شڪور قاضي ۽ شمائل هيمانيءَ جا مضمون شامل آهن. 238 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، مئي 2012ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي.
مون ۾ تون موجود (ڪتاب): شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 268 عرس جي پڙهيل مختلف اديبن، محققن ۽ اسڪالرن جي مقالن تي مشتمل هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر محمد علي مانجهي آهي. هن ڪتاب کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ سنڌي مقالا، ٻئي ۾ اردو ۽ ٽئين ۾ انگريزي مقالا شامل آهن، جن ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر حبيب ﷲ صديقي، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، محمد اياز قريشي، هيرو ٺڪر، جوهر بروهي، ومي سدارنگاڻي، ذوالقرنين شاھہ، اندرا شبنم پوناوالا، فھميدہ رياض، ڊاڪٽر روبينا ترين، پروفيسر ڊاڪٽر سلميٰ شاهين، جميل احمد پال، حڪيم بلوچ، محمد حسن حسرت، شيخ عزيز ۽ شمائلا همايونيءَ جا مقالا شامل آهن. 186 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، 2012ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 200 روپيا آهي.
لطيفي لات (ڪتاب): هن ڪتاب ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام تي مختلف عالمن جا لکيل مقالا شامل آهن. اهي مقالا 1992ع ۾ ثقافت کاتي طرفان منعقد ڪيل ’شاھہ لطيف قومي ڪانفرنس‘ جي موقعي تي پيش ٿيا هئا، جن کي ممتاز مرزا مرتب ڪيو هو، پر اهو ڪتاب سندس حياتيءَ ۾ نہ ڇپجي سگهيو. 2012ع ۾ ثقافت کاتي طرفان ڇپايل هن ڪتاب ۾ شامل مقالانگارن ۾ تنوير عباسي، ڊاڪٽر
اياز قادري، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، حميد سنڌي، ڊاڪٽر فھميدہ حسين،
بدر ابڙو، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر سليمان شيخ، سلطانہ وقاصي، انعام شيخ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي سان گڏ اردو مقالانگار ڊاڪٽر جميل جالبي، ڊاڪٽر گوهر نوشاهي، عبدالرزاق صابر، سيد منظور نقوي ۽ مرزا عابد عباس شامل آهن. ضميمي طور ڪجهہ منتخب مقالا بہ شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي علامہ عمر بن محمد دائودپوٽي، اي. ڪي. بروهي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي، مولوي محمد ابراهيم ’انيس‘ مهيري ۽ عبدالڪريم لغاريءَ جا آهن. 230 صفحن ۽ پڪي رنگين جلدبنديءَ سان هي ڪتاب، ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
شاھہ جي رسالي جي نباتات (ڪتاب): هي ڪتاب، پريتم پياسيءَ جي تحرير آهي، جنهن ۾ هن شاھہ جي رسالي ۾ موجود وڻن ٽڻن، گاهن، ٻوٽن ۽ پسارڪن وکرن کي قلمبند ڪيو آهي. فاضل ليکڪ انهن 101 ٻوٽن، گاهن، ولين، پوکن ۽ وڻن جا نالا ۽ انهن جي بيان وارا بيت ڏنا آهن. ڊيمي سائيز جي 135 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، ثقافت کاتي حڪومت سنڌ، ڊسمبر 2013ع ۾ ڇپايو آهي، جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائي (مضامين و مقاله جات): شاھہ عبداللطيف جي شاعري، فن ۽ فڪر بابت مختلف عالمن، اديبن جي مقالن جو هي ترتيب ڏنل اردو انتخاب، منظور احمد ڪناسري جو سهيڙيل آهي. هن ڪتاب جون اڪثر تحريرون، وفاقي گورنمينٽ اردو ڪاليج ڪراچيءَ جي رسالي ‘برگِ گل’ جي شاھہ لطيف نمبر تان کنيل آهن، جيڪو 1994ع ۾ شايع ٿيو هو، ۽ جنهن جو ايڊيٽر علي حيدر ملڪ هو. ڪتاب جو ’عرض ناشر‘ ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري ثاقب احمد سومري لکيو آهي، جڏهن تہ پيش لفظ ڪمال ڄامڙي، صدر شعبه سنڌي، جامعہ اردو، عبدالحق ڪئمپس، ڪراچي لکيو آهي. ڪتاب ۾ هيٺين اديبن ۽ عالمن جا مضمون شامل آهن:
منظور احمد قناصرو، علامہ آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، پير حسام الدين راشدي، آغا سليم، ايڇ ٽي سورلي، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، شيخ اياز، علامہ
غلام مصطفيٰ قاسمي، مولانا غلام محمد گرامي، سيد سبط حسن، ڊاڪٽر محمد علي صديقي، غلام رباني آگرو، ڊاڪٽر فھميدہ حسين، پروفيسر آفاق صديقي، ڊاڪٽر نبي بخش قاضي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر نعيم تقوي، اختر انصاري، اڪبر آبادي، مظهر يوسف، رشيد احمد لاشاري، گل محمد گل بلوچ، عابد مير، سليم بنگش، رشيد اختر ندوي، ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ، ڊاڪٽر عبدالرحمان جسڪاڻي، نصرت حسين ابڙو، ڊاڪٽر الياس عشقي، ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ، شھناز نور، محمد عمر چند، ممتاز مرزا، محمد سليمان شيخ، ڊاڪٽر درشهوار سيد، سليم هالائي، لطف ﷲ بدوي، عبدالرزاق جاکرو، ڊاڪٽر گل حسن لغاري،بدر ابڙو'> بدر ابڙو، پروفيسر محمد رفيع عالم، بشير احمد ميمڻ، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، اعجاز علي بيگ مرزا، وقار عظيم، ڪريم بخش خالد، پيرزادو عبدالستار، اي ڪي بروهي، سيد منظور نقوي، ڊاڪٽر محمد اجمل ۽ ثمينه سيال. ڊيمي سائيز جي 520 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 270هين عرس جي موقعي تي ٻين ڇھن ڪتابن سان گڏ، ڊسمبر 2013ع ۾، ثقافت کاتي حڪومت سنڌ، ڇپرائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جي قيمت 400 روپيا آهي.
شاھہ جي شاعريءَ ۾ جماليات (ڪتاب): هي ڪتاب ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ جي پي. ايڇ. ڊي جو تحقيقي مقالو آهي. ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي لکيو آهي، جڏهن تہ پبلشر نوٽ، ثقافت کاتي سنڌ جي ان وقت جي سيڪريٽري ثاقب احمد سومري جو لکيل آهي. ڪتاب کي پنجن بابن ۾ ورهايو ويو آهي:
• جماليات جي تشريح، پسمنظر ۽ اوسر (هن باب ۾ سقراط کان اڳ قديم يونان ۾ جماليات جو تصور، سقراط ۽ سقراط کان پوءِ يوناني فلسفي ۾ جماليات جو تصور ۽ جديد فلسفي ۾ جماليات جو تصور- جا ذيلي موضوع شامل آهن.)
• مذهبن ۾ جماليات جو تصور (هن باب ۾ هندومت، اسلام ۽ تصوف ۾ جماليات جي تصور بابت بحث ڪيو ويو آهي.)
• جماليات جا مختلف قسم ۽ ڀٽائيءَ وٽ انهن جو تصور (هن باب ۾ فطري جماليات، درد جي جماليات، وجداني جماليات ۽ جسماني جماليات جا تصور ڏنا ويا آهن.
• فني جماليات ۽ ڀٽائيءَ وٽ ان جو تصور
• رسالي جي سُرن ۾ جماليات جو تصور
ڊيمي سائيز جي 445 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، ڊسمبر 2013ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ۽ ان جي قيمت 300 روپيا آهي.
شاھہ لطيف جي سوانح ۽ شاعريءَ ۾ لاشعوريت (ڪتاب): هي ڪتاب ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کهڙي جي تصنيف آهي، جنهن ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سوانح ۽ شاعريءَ ۾ لاشعوريت بابت تحقيقي مواد شامل آهي، جنهن ۾ ڪائنات، سنڌ، سماج ۽ معاشرو، شاھہ لطيف جي دور جون سماجي حالتون، سماجي حالتن ۾ شاھہ صاحب جو ڪردار، شاھہ جي سوانح، شاھہ جا ابا ڏاڏا، شاھہ جو جنم، عشق، شادي، راڳ، وفات، شاعري، نفسيات، شعور، تحت شعور، لاشعور، شاعريءَ ۾ نفسيات ۽ شاھہ جي لاشعوريت بابت تحقيق موجود آهي. مصنف ڪتاب کي اٺن بابن ۾ ورهايو آهي. ڊيمي سائيز ۾ 84 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب شاھہ لطيف اڪيڊمي حسين آباد طرفان 2013ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 100 روپيا ڄاڻايل آهي.
ڳالھہ پريان جي ڳجهہ جي (ڪتاب): هي ڪتاب سليم ڀُٽي جي تحقيق تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ هن شاھہ لطيف جي فن ۽ فڪر تي پنهنجا مختلف لکيل مضمون شامل ڪيا آهن، جن ۾ لطيف سائينءَ جي ڪردارن، سورمن ۽ سورمين جو جائزو وٺي مستقل انساني قدرن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. ڊيمي سائيز جي 198 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، لطيف تحقيقي تڪيي، لطيفي واهري ڄام شوري پاران 2013ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي ۽ ان جي قيمت 250 روپيا آهي.
شاھہ لطيف تي ٿيل تحقيق جو جائزو (ڪتاب): لطيفيات جي موضوع هي ڪتاب ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کهڙي جي پي. ايڇ. ڊي آهي. سندس گائيڊ برک اديب عبدالجبار جوڻيجو هو. هن ڪتاب ۾ ڪل ڇھہ باب آهن، جن ۾: (1) شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ تي ٿيل تحقيق جو جائزو، (2) رسالي جا دستياب قلمي نسخا، ڇپيل رسالا ۽ رسالي جون ڏسڻيون، (3) شاھہ جي رسالي جي سرن تي ٿيل تحقيق، (4) شاھہ جي رسالي جا ترجما، (5) شاھہ لطيف تي لکيل ايم فل/ پي ايڇ ڊي
ٿيسز، ۽ (6) شاھہ لطيف تي ٿيل تحقيق شامل آهن. ڪتاب جي آخر ۾ نتيجا ڪڍي حوالا ۽ ببليوگرافي شامل ڪئي وئي آهي. هن ڪتاب جو ‘پيش لفظ’ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کهڙي ۽ ‘ٻہ اکر’ ڊاڪٽر فھميدہ حسين لکيا آهن. هن ڪتاب جي ارپنا ڊاڪٽر حميدہ کهڙي کي ڪئي وئي آهي. 536 صفحن تي مشتمل ڊبل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب کي شاھہ لطيف اڪيڊمي، حيدرآباد، مئي 2013ع ۾ شايع ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 500 رپيا آهي.
موکي متارا (ڪتاب): نيم عشقيہ داستان ‘موکي متارا’ بابت شاھہ سائينءَ جي بيتن ۽ انهن جي سمجهاڻين بابت تحقيق تي ٻَڌل هن ڪتاب جو مرتب استاد لغاري آهي. هن ڪتاب ۾ موکي متارن بابت شاھہ جا 96 بيت سمجهاڻين سميت ڏنل آهن. جنهن ۾ 48 بيتن جون سمجهاڻيون ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جون لکيل ۽ 48 هن ڪتاب جي ليکڪ استاد لغاريءَ جون پيش ڪيل آهن. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي لکيل معنيٰ ۽ شرح بہ شامل ڪئي وئي آهي، سڀني بيتن جا 96 حوالا ۽ وضاحتون پڻ آهن. مقدمي سميت ادبي خطن کي بہ شامل ڪيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب 316 صفحن تي مشتمل ۽ پڪي چار رنگي ٽائيٽل سان ڇپايل آهي. هي ڪتاب المھراڻ فائونڊيشن سانگهڙ طرفان 2013ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.
شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ فطرت جا رنگ (ڪتاب): شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عرس (2013ع) جي موقعي تي ڀٽ شاھہ ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيل ‘شاھہ لطيف ڏيهان ڏيهي ڪانفرنس’ ۾ پڙهيل مقالن کي پروفيسر سليم ميمڻ سهيڙي، هن ڪتاب ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ پروفيسر ايس. ڪي ناگپال، بيدل مسرور بدوي، سڪندر ساگر، ذوالفقار علي قريشي، ذوالقرنين شاھہ، هيري ٺڪر، ڊاڪٽر رخمان گل پالاري، ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي، ڊاڪٽر فھميدہ حسين، ڊاڪٽر سيد جعفر احمد، پروفيسر سحر انصاري، ڊاڪٽر سحر امداد، اياز جاني، مظهر جميل، ڊاڪٽر فاطمہ حسن، ڊاڪٽر علي ڪميل قزلباش ۽ پروفيسر جميل احمد پال جا تحقيقي مقالا شامل آهن. ڊيمي سائيز جي 216 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، ثقافت ۽ سياحت کاتي، حڪومت سنڌ، نومبر 2014ع ۾ ڇپايو آهي ۽ ان جي قيمت 275 روپيا آهي.
شاھہ لطيف جا فڪري سرچشما (ڪتاب): نامياري اديب ۽ محقق تاج جويي جو لکيل هي ڪتاب، شاھہ لطيف جي فڪر، فلسفي ۽ ان جي ڪلام تي ٻين شاعرن جي اثر جي حوالي سان انتهائي اهم آهي. هن ڪتاب ۾ شامل ڇھہ مقالا بنيادي طور تي شاھہ لطيف متعلق ڇھہ اهم ڪتاب آهن. شاھہ لطيف جا فڪري سرچشما مقالي ۾ عربي، فارسي، هندي، پنجابي ٻولين جي اهم متقدمين شاعرن جي شاھہ جي ڪلام سان پرک ڪئي وئي آهي. ٻئي نمبر مقالي: شاھہ لطيف: منصور حلاج جو وڏي ۾ وڏو شارح، ۾ پهريون ڀيرو شاھہ لطيف جي ڪلام جي منصور حلاج جي عربي ڪلام سان ڀيٽ ڪري، 100 جي لڳ ڀڳ شاھہ سائينءَ جا اهي بيت هن مقالي ۾ ڏنا ويا آهن، جيڪي يا تہ منصور حلاج جي فڪر جي اثر هيٺ آهن يا اشارتاً انهن ۾ منصور جو ذڪر موجود آهي يا جيڪي منصور جي عربي بيتن جي گهڻو ويجهو آهن. ٽئي مقالي: ديوان علي ۽ شاھہ لطيف جي شاعريءَ جي تقابلي اڀياس ۾ پڻ پهريون دفعو حضرت علي عليہ السلام جي ‘ديوان عليءَ’ جي روشنيءَ ۾ شاھہ جي رسالي جو مطالعو ڪيو ويو آهي، جنهن مان خبر پئي ٿي تہ شاھہ سائينءَ جا ڪجهہ بيت ديوان علي عليہ السلام جي شعرن جو سنڌي ترجمو آهن. چوٿين مقالي: ‘لطيفي ڪر جا مکيہ موضوع’ ۾ تصوف حب الوطني، عالمي امن ۽ انساني برابري ۽ ترقيءَ وارا رخ، نئين انسان جي تخليق ۽ تعمير، مذهبي متڀيد، قومي وحدت جهڙن موضوعن کي شاھہ لطيف جي ڪلام جي روشنيءَ ۾ بحث هيٺ آندو ويو آهي. اهڙيءَ ريت ڪتاب جي ٻين مقالن ۾ پڻ شاھہ سائينءَ جي فڪر ۽ شاھہ جي رسالي جي درست پڙهڻين جي حوالي سان بحث ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو انتساب، بن منصور حلاج'>حسين بن منصور حلاج، مولانا روم ۽ ڀڳت ڪبير جي نالي ڪيو ويو آهي. 187 صفحن واري ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي، ماءِ پبليڪيشن سکر 2013ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 200 روپيا آهي.
ڏورينديون ڏسن (ڪتاب): هن ڪتاب جو ليکڪ محمد هنڱورجو آهي. هـن ڪـتـاب ۾ لـيکــڪ، حــضــرت شـاھہ عبداللطيف جي ڪلام ۾ ڪتب آيل لفظن جي مختلف عالمن پاران لکيل معنائن کي ڀيٽيندي، ڪنهن مناسب معنيٰ کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن مجموعي ۾ آيل مضمون اڳ ‘جاکوڙ’ رسالي ۾ شايع ٿيل آهن. ڪتاب جو مهاڳ نور احمد جنجهي ۽ تاثر سنڌي ٻوليءَ جي مشھور شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ لکيو آهي. هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ طرفان ڊسمبر 2014ع ۾ شايع ٿيو. پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب 189 صفحن تي مشتمل آهي ۽ هن ڪتاب جي قيمت 300 روپيا ڄاڻايل آهي.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائي- شخصيتون ۽ درسگاهون (ڪتاب): شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ۽ ٻين شخصيتن ۽ درسگاهن جي معلومات تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ غلام شبير پيراهين آهي. سوالن جوابن تي مشتمل هيءُ ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. پهرئين حصي ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي بابت معلومات ڏنل آهي، جڏهن تہ ٻئي حصي ۾: اسلامي شخصيتون، مسجدون، بزرگ هستيون، قومي اڳواڻ ۽ سربراھہ، ڪامياب عورتون، مشھور ۽ مقبول يونيورسٽيون، اردو ٻوليءَ جا شاعر، ناول نگار، نثرنگار، موسيقار، مائونٽ ايورسٽ سر ڪندڙ عورتون، نيشنل لائبريريون ۽ برصغير پاڪ ۽ هند جا ڪلاسيڪل راڳي شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ ناليواري محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ۽ ‘ٻہ اکر’ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کهڙي لکيا آهن، جڏهن تہ ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل ٻاراڻي شاعر وحيد محسن لکيو آهي. هن ڪتاب جي ارپنا ناليواري راڳي صادق فقير کي ڪيل آهي. هيءُ ڪتاب ڪوئز مقابلن ۾ حصو وٺندڙ شاگردن توڙي معلومات سان دلچسپي رکندڙن لاءِ نهايت ئي ڪارائتو آهي. 232 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد، جولاءِ 2015ع ۾ شايع ڪرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.
شاھہ- سنڌي تھذيب جو روح (ڪتاب): هي ڪتاب نامياري ليکڪا پوپٽي هيراننداڻيءَ جو لکيل آهي، جنهن ۾ هيٺين عنوانن تي سندس مقالا شامل آهن: (1) شاھہ جو شعر: سنڌي تھذيب جو روح، (2) شاھہ هڪ عظيم شاعر، (3) صوفي متو، (4) شاھہ جي شعر ۾ سمايل فيلسوفي،
(5) شاھہ جا سورما، (6) سر سورٺ،
(7) سر ڪاموڏ، (8) سر مارئي، (9) سر سامونڊي، ۽ (10) شاھہ جون سورميون ۽ نائڪائون. ڊيمي سائيز جي 130 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، ڪونج پرنٽرس الهاس نگر شايع ڪيو آهي. ڪتاب جي قيمت 15 روپيا آهي.
فرائڊ ۽ شاھہ (ڪتاب): هن ڪتاب جو مصنف عبدالڪريم لغاري، اڳوڻو ليڪچرر سنڌ اورينٽل ڪاليج حيدرآباد ۽ سنڌي اڪيڊمي سنڌ يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو ريسرچ فيلو آهي. مصنف هيءُ ڪتاب، نفسيات دان ڊاڪٽر علي احمد قاضيءَ جي اُن مضمون جي رد ۾ لکيو آهي، جيڪو جولاءِ 1963ع ۾ ’نئين زندگي‘ رسالي جي ’لطيف نمبر‘ ۾ ڇپيو هو، جنهن جو عنوان هو: ’ماڻهوءَ جي ڪل جون ٽي ڪنجيون- نفس، خودي ۽ ضمير‘. ليکڪ، ڊاڪٽر علي احمد قاضيءَ جي اُن نقطہ نظر تي ڪڙي تنقيد ڪئي آهي، جنهن موجب هُن ’شاھہ لطيف جي بيتن جي فرائڊ جي ‘Ego’ ۽ ‘Super ego’ سان ڀيٽ ڪئي آهي. نقاد عبدالڪريم لغاريءَ، پهرين ’نئين زندگيءَ‘ جي ايڊيٽر کي ڪميونسٽن ۽ فرائڊ جي پوئلڳن جو ساٿي قرار ڏيندي، سرڪاري رسالي ’نئين زندگيءَ‘ کي ڪميونسٽ نقطہ نظر جي پرچار لاءِ ڪتب آڻڻ تي تنقيد ڪئي آهي ۽ پوءِ هن جنسيات جي پرچارڪ فلاسافر فرائڊ (Freud) جي خيالن کي شاھہ جي شعرن سان ڀيٽڻ کي ‘شاھہ جي اسلامي فڪر سان هٿچراند’ سڏيندي، هن قسم جي ادب جي ‘نون رجحانن’ کي ‘تخريبي’ ۽ ‘سنڌي ادب جي زوال جي نشاني’ وارو دور (The age of Decadence) سڏيو آهي. هن ڄاڻايو آهي تہ ڊاڪٽر قاضيءَ جو مضمون، فرائيڊ جي
‘Id, ego and super ego’ تي ٻڌل آهي. هن فرائڊ کي ‘شهوت پرست’ انسان سڏيندي، سندس نظريي کي قطعي غير يقيني ۽ بي بنياد مفروضي تي ٻڌل ڄاڻايو آهي. هن ڪتاب جو انگريزيءَ ۾ تعارف طفيل احمد قريشيءَ لکيو آهي.
ڪرائون سائيز جي 69 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت هڪ روپيو آهي ۽ ڪتاب ممتاز علي قريشيءَ، سنڌ پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
ڀٽائيءَ جو آدرشي انسان (ڪتاب): هيءَ ڪتاب منظور احمد قناصري ترتيب ڏئي، ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ پاران شاھہ سائين جي ميلي جي موقعي جي نسبت سان سڄيءَ سنڌ مان شاگردن ۽ شاگردياڻين کان مضمون لکرايا ويا هئا، جن مان چونڊ مضمون هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن. ڪتاب ۾ 50 شاگردن ۽ شاگردياڻين جا مضمون ڏنا ويا آهن، جن مان 43 مضمون سنڌيءَ ۾ ‘ڀٽائيءَ جو آدرشي انسان’ جي عنوان سان،
4 مضمون اردوءَ ۾ ‘شاھہ لطيف ڪي ڪلام ۾ بيداري ڪا پيغام’ ۽
3 مضمون انگريزيءَ ۾ Message of Awakening in Latif’s Poetry عنوانن سان موجود آهن.
ڊيمي سائيز جي 217 صفحن تي مشتمل هن پڪي جلد واري ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي. هي ڪتاب ثقافت ۽ سياحت کاتي، حڪومت سنڌ شايع ڪيو آهي.
لطيف جي شاعريءَ جو جديد فڪر (ڪتاب): لطيفيات جي موضوع تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ لطيف شناس ۽ اديب سليم ڀٽو لطيفي آهي. هن ڪتاب ۾ شاھہ سائين جي فن فڪر ۽ ڪلام ۾ استعمال ٿيل ٻوليءَ تي سرسري نظر وڌي وئي آهي. هن ڪتاب ۾ ڇھہ مضمون آهن: (1) مورڙي جو ڪردار، (2) مارئي جو ڪردار، (3) جنگ جو فلسفو،
(4) عوامي شاعر، (5) ٻولي ۽ ڌرتي ۽ (6) وڌي وڻ ٿيو. ڪتاب جا ‘ٻہ اکر’ ليکڪ خود لکيا آهن، جڏهن تہ امداد اوڍي ۽ سحر قريشيءَ جا رايا بہ ڏنا ويا آهن. ڪتاب جو ٽائيٽل صغريٰ سليم جو ٺهيل آهي. 88 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب جي قيمت 50 رپيا آهي. ليکڪ هيءَ ڪتاب آرٽ لائين ڪمپيوٽر ڪمپوزرس ڪراچيءَ جو شايع ڪيل آهي.
شاھہ لطيف جو نفسياتي اڀياس (ڪتاب): هي قلمي ڪتاب احمد سومري جو ايم. اي لاءِ لکيل مونوگراف آهي، جيڪو هن ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر فھميدہ حسين جي نگرانيءَ ۾ 2007ع ۾ لکيو، جيڪا اُن وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ڊائريڪٽر هئي. هن مونوگراف ۾ شاھہ جي شاعريءَ جو نفسياتي مطالعو ڪيل آهي. هي مونوگراف ڪل پنجن بابن ۾ ورهايل آهي ۽ هر باب کي وري ننڍن عنوانن ۾ ورهائي اڀياس کي سولي نموني سمجهايو ويو آهي:
باب پهريون: نفسيات تنقيد/ اڀياس: انهي عنوان کي اڃا بہ هن طرح ننڍن عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي: (1) علم نفسيات، (2) نفسيات جي وصف، (3) نفسياتي تنقيد/ اڀياس، (4) تخليقي فن (ادب) جي نفسياتي اڀياس جو مقصد، (5) فرائيڊ جا نظريا: هن عنوان کي وري پنجن عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي، (6) ڪارل جنگ جا نظريا: هن عنوان کي ٽن عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي، (7) ايلفريڊ جا نظريا: هن عنوان کي پنجن ذيلي عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي.
باب ٻيو: شاھہ لطيف جو نفسياتي اڀياس: هن عنوان کي ٻن ذيلي عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي: (1) شاھہ لطيف جي نفسياتي رجحانن، لاڙن ۽ تصورن جي سندس شاعريءَ ذريعي پروڙ. هن عنوان کي ٻن ذيلي عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي. (2) شاھہ لطيف جا تصور، هن عنوان کي پڻ چئن ذيلي عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي.
ٻاب ٽيون: شاھہ لطيف جي فن جو نفسياتي اڀياس: هن عنوان کي چئن ذيلي عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي.
بابت چوٿون: شاھہ لطيف جي ڪردارن جو نفسياتي جائزو: هن عنوان ۾ شاھہ جي مک ڪردارن؛ مارئي، عمر، سسئي پنهون، سهڻي، مومل، راڻو، ليلا، راءِ ڏياچ، ٻيجل، نوري ۽ ڄام تماچيءَ جو نفسياتي جائزو ڏنو ويو آهي.
131 صفحن جي پڪي جلد سان هي اڻ ڇپيل مسودو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي لائبرريءَ ۾ موجود آهي.
ايڪويهين صدي ۽ شاھہ لطيف (ڪتاب): ڊسمبر 2014ع جي 16، 17 ۽ 18 تاريخ تي ڀارت جي گاديءَ واري شھر نئين دهليءَ ۾ شاھہ لطيف بابت انٽرنيشنل ڪانفرنس منعقد ٿي هئي. اها ڪانفرنس مارئي سوشل ڪلچرل ۽ لٽرري عورتن جي آرگنائيزيشن نئين دهليءَ پاران، سنڌي ٻوليءَ جي برک ليکڪا محترمہ وينا شرنگيءَ ڪرائي هئي. پاڻ 1987ع، 1989ع، 1991ع ۽ 2000ع ۾ پڻ چار عالمي لطيف سيمينار دهليءَ ۾ ڪرايا هئا.
سال 2014ع واري ڪانفرنس ۾ سنڌ مان ڊاڪٽر سليمان شيخ، ﷲ شيخ'>امان ﷲ شيخ، پروفيسر اعجاز قريشي، غلام نبي مورائي، نذير ناز، پروفيسر مھر النساءِ لاڙڪ، امين لاکي، پروفيسر ڪشمير سومرو شرڪت ڪئي هئي. اتي پڙهيل مقالن کي بعد ۾ ڪتاب جي شڪل ۾ آندو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ وينا شرنگي، ﷲ شيخ'>امان ﷲ شيخ، ڊاڪٽر سليمان شيخ، پروفيسر اعجاز احمد قريشي، ڊاڪٽر يعقوب مغل، ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو، نذير ناز، امين لاکي، غلام نبي مورائي، ڪشمير سومرو، پروفيسر مهرالنساءِ لاڙڪ، بينش ماها قائم ورياماڻي، جنت علي جان، مدد علي سنڌي ۽ گورڌن شرما گهايل جا مقالا ۽ تقريرون شامل آهن. ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ جاويد شيخ، ۽ ثانيا صادق جا ٻہ انگريزي مضمون بہ شامل آهن. ڪتاب کي برک دانشور ﷲ شيخ'>امان ﷲ شيخ ترتيب ڏنو آهي. ڊسمبر 2015ع ۾ شايع ٿيل هن ڪتاب جو ٽائيٽل تمام خوبصورت چار رنگن ۾ ڏنو ويو آهي. جڏهن تہ ڪتاب جي قيمت 400 روپيا آهي.
حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي- ڇند وديا (ڪتاب): لطيفيات جي موضوع تي هن ڪتاب جو ليکڪ، لطيف شناس اديب ۽ شاعر سرمد چانڊيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڀٽائيءَ جي وائين جو ڇند ڪڍيو ويو آهي. ڪتاب جي شروع ۾ ليکڪ ڇند وديا جو متن ڏئي ان کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ شاھہ سائينءَ جي رسالي جي 36 سُرن جي واين جو ڇند ڏنو ويو آهي. ان نوعيت جو هي پهريون ڪتاب آهي. ليکڪ ڪتاب جي آخر ۾ وائين جي ماترائن جو چارٽ پڻ ڏنو آهي. هي ڪتاب شاھہ جي راڳ کي سمجهڻ جي حوالي سان نهايت ئي ڪارائتو آهي. 280 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي ڪنول پبليڪيشن، 2016ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.
شاھہ عبداللطيف ۽ سندس دور: هيءَ غلام حيدر چني جي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز آهي، جيڪا هن ڊاڪٽر اياز حسين قادريءَ جي نگراني ۾ 1995ع ۾ ڪئي هئي. هن ٿيسز جو مهاڳ ۽ تعارف غلام حيدر چني خود لکيو آهي. هن ٿيسز ۾ شاھہ لطيف جي دور ۾ سنڌ جي سياسي، معاشي حالتن جو جائزو ورتو ويو آهي. ٿيسز کي ٽن بابن ۾ ورهايو ويو آهي،
جڏهن تہ هر باب کي وري مختلف موضوعن ۾ ورهائي سنڌ جي حالتن جو شاھہ لطيف جي شاعريءَ تي اثر کي واضح ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ موجود عنوانن کي هيٺيئن نموني ورهايو ويو آهي. باب پهريون: سياسي حالتون جنهن ۾ (الف) مغل ۽ سنڌ جي عنوان کي وري هيٺين ستن عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي: (1) تاريخ ۽ عوام، (2) سنڌ تي مغلن جي حملي جا سبب، (3) مغلن جي وقت ۾ سنڌ جون جاگرافيائي حدون ۽ انتظامي ڍانچو، (4) مغلن جي دور ۾ سنڌ جون سياسي حالتون،
(5) مغلن جي دور ۾ سنڌ جون سماجي حالتون، (6) مغلن جي دور ۾ معاشي حالتون، (7) شاھہ لطيف ۽ مغل دور حڪومت، (ب) ڪلهوڙا ۽ سنڌ. هن عنوان کي چئن عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي، (1) ڪلهوڙا ۽ سنڌ، (2) ڪلهوڙن جو اسرڻ، (3) آدم شاھہ جو ڪردار ۽ شهادت جا سبب،
(4) آدم شاھہ کان غلام شاھہ تائين، (ٻ) شاھہ عنايت شهيد، (ڀ) ڪلهوڙا دور تي تبصرو، (ت) شاھہ لطيف جي شاعريءَ تي مروج سياسي حالتن جو اثر. باب ٻيو: معاشي حالتون؛ هن باب کي مختلف ننڍن عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي (1) انسان ۽ معاش، (2) سنڌ، (3) سنڌ جون قديم ۽ جديد حدون، (4) جاگرافي جي اهميت ۽ افاديت، (5) شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ جاگرافي جا اهڃاڻ، (6) آبهوا، (7) سنڌ جي آبهوا،
(8) شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ آبهوا، (2) (ب) 1. آبپاشي، 2. سنڌو درياھہ. هي 544 صفحن جو ڪمپوز مين اسڪرپٽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي لائبرريءَ ۾ موجود آهي.
لطيفي مينيفيسٽو (ڪتاب): هي ننڍڙو ڪتاب، نوجوان ليکڪ الطاف ملڪاڻيءَ جي تصنيف آهي. ڪتاب جو مهاڳ مقصود احمد قاضي مٽيارويءَ لکيو آهي. ڪتاب ۾ هيٺين عنوانن تي لکيو ويو آهي:
لطيف ازم ڇا آهي؟، لطيف ازم جو بنيادي ماخذ، لطيفي مينيفسٽو جو بنيادي مقصد ۽ لطيف ازم جا مکيہ نقطا [خودشناسي، خدا شناسي، وطن پرستي، انسان دوستي، خدمت خلق]، خود شناسيءَ جا مرحلا [حصول علم، تزڪيهء نفس، معرفتِ عشق]، خدا شناسي [فلسفہ وحدت الوجود تي يقين، وحدت مذاهب تي ايمان، وحدت فڪر ۽ عمل]، وطن پرستي [قومي ٻوليءَ سان پيار ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ، مثبت قومي ۽ ثقافتي قدرن جي بحاليءَ لاءِ جدوجھد ڪرڻ، قومي تاريخي حقن جي بحاليءَ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ]، انسان دوستي [اتحاد انساني، امن عالم ۽ تعاون براءِ ترقي]، خدمت خلق [بردباري يا سھپ يا عدم تشدد کان ڪم وٺڻ، سماجي انصاف ۽ ڀائيچاري لاءِ پاڻ پتوڙڻ، لاڪوفيت يا رواداريءَ جو خيال رکڻ]، نتيجو، ۽ لطيف ازم تحريڪ جي ڪم جو طريقہ ڪار.
هي ڪتابڙو ‘لطيف ازم تحريڪ’ جي پليٽفارم تان ڇپايو ويو آهي ۽ 48 صفحن (ڊيمي سائيز) جي ڪتاب جي قيمت 30 روپيا آهي، پر ڇپائيءَ جو سال نہ ڄاڻايو ويو آهي.
Musa Pervagans (ڪتاب): هيءُ ڪتاب انگريز ڏاهي ايڇ ٽي سورلي جي شاھہ عبداللطيف ۽ ٻين اعليٰ پايي جي شاعرن تي ڪيل تحقيق جو مجموعو آهي، جيڪو ائبرڊين (Aberdeen) يونيورسٽي پريس، برطانيا (Great Britain) مان 1940ع ڌاري شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ محقق، عالمي شاعرن سان شاھہ عبداللطيف جي ڀيٽ ڪري کيس اعليٰ شاعر ثابت ڪيو آهي. ايڇ ٽي سورلي پنھنجي هن ڪتاب ۾ لکي ٿو ته، “منهنجي خيال ۾ (دنيا جي) ڇھن مختلف زبانن جي تيرهن سچن پچن شاعرن جي هن انتخاب ۾، عظمت جي لحاظ کان، سنڌ جو شاھہ عبداللطيف ڀٽائي پهرئين نمبر تي آهي.”
هن ڪتاب ۾ يونان جي اساسي شاعرن: Tyrtaeus، Mimnernus، Solon ۽ Theognis، لاطيني ٻوليءَ جي ڪلاسيڪل شاعرن: ڪئٽيولس، هوريس ۽ سينيڪا تي روشني وجهڻ سان گڏ عربي شاعر ابن زيدون، وچ لاطيني شاعر ائڊم آف سينٽ وڪٽر ۽ ٿامس آف سيلانو، سنڌي شاعر شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، فرانسيسي شاعر وڪٽر هيوگو ۽ اردو زبان جي شاعر علامہ اقبال جي شاعريءَ جو تفصيلي جائزو پيش ڪري، انهن شاعرن جي چونڊ ڪلام جو انگريزي ترجمو ڏنل آهي، جيڪو پڻ ايڇ. ٽي. سورلي جو ڪيل آهي. ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب 206 صفحن تي مشتمل آهي.
سُھائي سُپرينءَ جي (ڪتاب): مشھور شاعر ۽ اديب ايوب کوسي جو، شاھہ عبدالطيف ڀٽائيءَ جي فڪري ۽ رومانوي اڀياس تي مشتمل هي ڪتاب سنڌيا پبليڪيشن حيدرآباد/ ڪراچيءَ جو ڇپرايل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 19 باب آهن، جن ۾ ليکڪ ڏاڍي محنت سان شاھہ جي فڪر تي ويهي بحث ڪيو آهي. فيبروري 2016ع ۾ شايع ٿيل هي اڀياس تي ٻَڌل ڪتاب جي قيمت 400 روپيا آهي.