شگوفه ماتم

شگوفه ماتم

شگوفه ماتم

شگوفه ماتم (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي مشھور مرثيہ نگار ميرزا ٻڍل بيگ جي مرثين ۽ سلامن تي مشتمل آهي، جيڪو ٻن جلدن ۾ آهي. پهرئين جلد ۾ 11 مرثيا، 7 سلام ۽ 1 فاتحہ ڏنل آهن. هن جلد جي تقريظ مولانا ابوتراب سيد علي حائري لاهوريءَ جي فارسيءَ ۾ لکيل آهي. ٻئي جلد ۾ 21 مرثيا، 7 سلام ۽ 2 قصيده آهن. هن ڪتاب جي ڪتابت ميرزا قربان علي بيگ جي ڪيل آهي.
196 صفحن تي مشتمل رائل سائيز جي هن ڪتاب جي پهرئين جلد جو پهريون ڇاپو 30 جون 1908ع تي رفاه عام پريس لاهور مان ۽ 208 صفحن تي ٻئي جلد جو پهريون ڇاپو 3 ڊسمبر 1908ع ۾ دبدبه حيدري واقعہ معموره ڪراچيءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو