فقير محمد قاسم ڪلوڙ

فقير محمد قاسم ڪلوڙ

فقير محمد قاسم ڪلوڙ

فقير محمد قاسم ڪلوڙ: محمد قاسم ولد محمد بچل ڪلوڙ 27 ڊسمبر 1964ع تي ڳوٺ جهلي ڪلواڙيءَ، تعلقي لکي، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. سندس خاندان غوث بھاؤالدين ذڪريا ملتانيءَ جو مريد آهي، جنھن سبب درگاھہ جي فقيرن وٽان مولود جون محفلون ٻڌي، کيس سگهڙپائيءَ جو شوق ٿيو. ننڍپڻ کان ئي سگهڙ محمد پنڃل شيخ جي شاگردي اختيار ڪئي. هن سنڌيءَ کانسواءِ سرائڪيءَ ۾ بہ شاعري ڪئي آهي. سينگار، آجيان، گفتي، ڏور ۽ هنر جي بيتن، ڳجهارتن، گرچيلي جي بيتن ۽ ڪافيءَ جي صنفن ۾ شعر چيا اٿس. پاڻ سکر بئراج سب ڊويزن رائيس ڪئنال تي ملازم رهي، رٽائرڊ ٿيو. کيس لوڪ ادب جي خدمت عيوض محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ، شھيد ايم. اي. عباسي ايوارڊ، قلندر ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ، جلال کٽي ايوارڊ ۽ ٻيا ايوارڊ پڻ مليل آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’ٻَاجهارا ٻول قاسم جا قول‘، ’جـَن جو عشق سان‘ (شاعري: 2007ع)، ’سنسار جا سينگار‘ (شاعري)، ’سَولي ڪر ستار‘ (شاعري)، ’ڏاهپ ڀريا ڏس‘ (شاعري)، ’سونھن وطن جي‘ (شاعري)، ’قرب ڪڻا قاسم جا‘ (شاعري)، ’ٻارن سان پيار آ‘ (ٻاراڻي شاعري: 2024ع) ۽ ’پنڃل جو پيغام‘ (ترتيب) شامل آهن.


لفظ فقير محمد قاسم ڪلوڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.12.27  عيسوي

محمد قاسم ولد محمد بچل ڪلوڙ 27 ڊسمبر 1964ع تي ڳوٺ جهلي ڪلواڙيءَ، تعلقي لکي، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.



سُگھڙ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

برڪت علي خان جلالاڻي
تاج محمد هاليپوٽو
فقير ميانداد سيلاني
ڏيرو محمد موسيٰ
دينار مري حاجي
حافظ علي گل ٻرڙو
محمد عمر چنو
بابو پالاري
سگهڙ
مجنون فقير ٻرڙو
سُگھڙ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون