ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر

نبي بخش خان بلوچ ، ڊاڪٽر: سنڌ جو نامور عالم، اديب، لسانيات، لوڪ ادب ۽ لطيفيات جو پارکو ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 16 ڊسمبر 1917ع ۾، ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. سنڌ جي تاريخ، لوڪ ادب، ٻوليءَ، ڪلاسيڪي شاعريءَ، موسيقيءَ ۽ لطيفات جي موضوعن تي وڏي جاکوڙ ۽ تحقيق وسيلي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو املهه خزانو متعدد ڪتابن جي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو اٿس. ڊاڪٽر صاحب کي سنڌي، اردو، عربي، فارسي، انگريزي ۽ سرائيڪي زبانن تي عبور حاصل هو. 1924ع ۾ پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڳوٺ پليي خان لغاريءَ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيو. ان کان پوءِ ڳوٺ 22 جمڙائوءَ ۾ پڙهيو. 1929ع ۾ نوشهري فيروز جي مشهور مدرسي ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿيو. 1936ع ۾ جهونا ڳڙهه ڪاليج، بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1941ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي. اي آنرز جو امتحان فرسٽ ڊويزن ٿرڊ پوزيشن ۾ پاس ڪيائين. 1943ع ۾ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان ايم. اي جو امتحان فرسٽ ڊويزن فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪري ساڳئي ئي سال مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان وڪالت جو امتحان فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين. 1947ع ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ مان ايڊيوڪيشن جي موضوع تي ايم. اي ڪيائين ۽ 1949ع ۾ ساڳئي موضوع تي، ساڳي يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين . پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري ملڻ کان پوءِ ڊاڪٽر بلوچ کي اقوام متحده ۾ نوڪريءَ جي آڇ ٿي، پر پاڻ قبول نه ڪيائين. 1950ع ڌاري انفرميشن ۽ براڊ ڪاسٽنگ ڊويزن ۾O.S.D (آفيسر بڪارخاص) مقرر ٿيو. ان بعد مرڪزي پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي دمشق جي پاڪستاني سفارتخاني ۾ تعلقاتِ عامه شعبي ۾ مقرر ٿيو، پر ڊاڪٽر صاحب تعليم ذريعي سنڌ ۾ سجاڳي آڻڻ لاءِ ان عهدي تان استعيفيٰ ڏني ۽ علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي ترغيب تي سيپٽمبر 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ايڊيوڪيشن ۾ پهرين پروفيسر پوءِ ڊائريڪٽر ۽ ڊين فيڪلٽي آف ايڊيوڪيشن بڻيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڊسمبر 1973ع کان جنوري 1976ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر رهيو. جنوري 1976ع کان 9 مارچ 1979ع تائين وفاقي وزارت تعليم ۽ ثقافت ۾ آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي/ سيڪريٽري ٿي رهيو. ان عرصي دوران فيڊرل رويو بورڊ جو ميمبر (1978-1979ع) ۽ ميمبر پي ڪميشن، اسلام آباد رهيو. پهرين جولاءِ کان 10 آڪٽوبر 1979ع تائين نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ (جنهن کي بعد ۾ انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ هسٽري ڪلچر اينڊ سوِلائيزيشن سڏيو ويو) جو ڊائريڪٽر رهيو. 22 نومبر 1980ع کان آگسٽ 1983ع تائين اسلامي يونيورسٽي (هاڻي بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي) اسلام آباد جو وائيس چانسلر ٿي رهيو. 1983ع کان 1989ع تائين نيشنل هجره ڪائونسل اسلام آباد جو صلاحڪار رهيو. 1991ع کان 1993ع تائين سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ سکيا لاءِ قائم ڪيل اداري سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو باني چيئرمئن ٿي رهيو. 1993ع جي آخر ۾ سنڌ حڪومت ۾ نگران وزير تعليم، زراعت ۽ جهنگلي جيوت رهيو. 1991ع کان 2011ع تائين علامه آءِ . آءِ. قاضي چيئر سنڌ يونيورسٽيءَ جي اعزازي ڊائريڪٽر طور خدمتون انجام ڏيندو رهيو. ان کان سواءِ ملڪ جي ڪيترن ئي علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تاريخي ادارن جو ميمبر رهيو، جهڙوڪ: اٿارٽي فار موهن جو دڙو، انٽر يونيورسٽي بورڊ آف پاڪستان، چيئرمئن وائيس چانسلرس ڪميٽي آف يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن، ميمبر پاڪستان هسٽاريڪل رڪارڊ اينڊ آرڪائيوز ڪميشن، ميمبر سينٽرل اردو بورڊ لاهور، ميمبر سنڌي ادبي بورڊ، ميمبر اقبال اڪيڊمي لاهور، ميمبر ريسرچ سوسائٽي آف پاڪستان، ميمبر سينيٽ ۽ سنديڪيٽ سنڌ يونيورسٽي، ميمبر اڪيڊمڪ ڪائونسل سنڌ يونيورسٽي، ميمبر سنڊيڪيٽ ۽ اڪيڊمڪ ڪائونسل قائداعظم يونيورسٽي، ميمبر لوڪ ورثه، ميمبر مقتدره قومي زبان، ميمبر قائداعظم اڪيڊمي، ميمبر پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس، ميمبر سر سيد يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ميمبر بورڊ آف گورنرس سنڌي لئنگئيج اٿارٽي وغيره. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ائمريٽس پڻ رهي چڪا . ڊاڪٽر صاحب جي علمي، ادبي، تحقيقي ڪمن جو ڪجهه وچور هن ريت آهي . 1. جامع سنڌي لغات: سنڌي ادبي بورڊ طرفان جامع سنڌي لغات جي ترتيب ۽ تاليف جو هيءُ اهم ڪم 1954ع ڌاري ڊاڪٽر صاحب جي حوالي ڪيو ويو، جيڪو پوءِ مختلف وقتن تي پنجن ضخيم جلدن جي صورت ۾ شايع ٿيو. هي سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ تمام وڏو ڪم هو، جيڪو ڊاڪٽر صاحب جي نگرانيءَ ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي استادن ۽ عالمن گڏجي ڏينهن رات هڪ ڪري پورو ڪيو . 2. اردو سنڌي ۽ سنڌي اردو لغت: علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي خواهش تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي هن تاريخي رٿا تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان سان گڏجي ڪم ڪيو ۽ هي ٻئي لغتون 1960-1959ع ڌاري ڇپجي پڌريون ٿيون . 3. سنڌي لوڪ ادب واري رٿا: سنڌي ادبي بورڊ طرفان هيءَ رٿا 1956ع ۾ منظور ٿي، جنهن جي سموري نگراني ڊاڪٽر صاحب ڪئي. سنڌ جي سمورن ضلعن مان سگهڙن، لوڪ شاعرن ۽ ڳوٺاڻن بزرگن لوڪ ادب جون مختلف صنفون کيس موڪليون، ان کانسواءِ کين پاڻ گهرائي انهن سان ڪچهريون ڪري مواد گڏ ڪيائين. هن رٿا هيٺ لوڪ ادب سلسلي جا 40 جلد شايع ٿيا، جڏهن ته ذاتي طرح ڊاڪٽر صاحب ان ڏس ۾ وڌيڪ ڏهاڪو ڪتاب لکيا آهن، جيڪي مختلف ادارن ڇپايا آهن. لوڪ ادب سلسلي جي 40 جلدن مان ڪجهه اهم هي آهن . سنڌي لوڪ ڪهاڻيون (ست جلد)، مداحون ۽ مناجاتون، سنڌي سينگار شاعري، نڙ بيت، مناظرا، سنڌ جا عشقيه داستان (8 جلد)، ڪافيون (3 جلد)، مناقبا، معجزا، مولود، ٽِيهه اکريون (ٻه جلد)، هفتا ڏينهن راتيون ۽ مهينا، جنگناما، واقعاتي بيت، پروليون، ڏٺون، معمائون ۽ ٻول، ڳجهارتون، ڳيچ (ٻه جلد)، لوڪ گيت، بيت، مشهور سنڌي قصا (ٻه جلد)، مشهور سنڌي عشقيه ۽ نيم تاريخي قصا (9 جلد)، رسمون، رواج ۽ سئوڻ ساٺ، سنڌي هنر شاعري، سومرا دور (2 جلد) وغيره . 4. شاهه جي رسالي واري رٿا: شاهه جي رسالي جو جامع مستند ۽ معياري متن شايع ڪرڻ واري هن رٿا تي موجود ڇاپي ۽ قلمي نسخن کي ڀيٽي 10 جلد ڇپايائين، جن ۾ 9-8 گڏيل جلد شاهه جو رسالو ۽ ڏهون جلد شاهه جي رسالي ۾ شامل ڌارئين ڪلام تي مشتمل آهي، تازو 2009ع ۾ بلوچ صاحب جو تيار ڪيل شاهه جي رسالي جو مستند ۽ سڌاريل ايڊيشن، ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن ۾ اڳ خارج ڪيل ڪلام پڻ شامل ڪيو اٿس. ان کان سواءِ شاهه جا مختلف قلمي نسخا ترتيب ڏيڻ سان گڏ شاهه جي ڪلام جا سرچشمن، ترتيب متعلق ڪتابن شايع ڪرڻ سان گڏ بلوچ صاحب شاهه جي مختلف سُرن تي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران ٿيندڙ مذاڪرن ۾ پيش ٿيل مواد کي پڻ ڪيترن ڪتابن جي صورت ۾ ترتيب ڏئي ڇپايو آهي . 5. ڪلاسيڪي شاعرن جو ڪلام: هن رٿا هيٺ ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن جي زندگيءَ، دؤر ۽ ڪلام کي مختلف عالمن ۽ استادن جي مدد سان هٿ ڪري، لکرائي سهيڙيو آهي، جنهن جو تفصيل هن ريت آهي: قاضي قادن جو رسالو، شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام، ميين شاهه عنات جو ڪلام، خليفي نبي بخش جو رسالو، شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو، راڳ نامو: صوفي صادق فقير سومرو، رسالو غلام محمد خانزئيءَ جو، ڪليات حمل، ڪلام فقير نواب ولي محمد لغاري، ڪليات سانگي وغيره . 6. سنڌي ٻولي، ادب، تاريخ ۽ موسيقي: ڊاڪٽر صاحب جا هنن موضوعن تي ’ٻولي ۽ ادب جي تاريخ'>سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘، ’سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ‘، ’سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي‘، ’سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو‘، ’جتڪي ٻولي‘، ’ٻيلاين جا ٻول‘، ’سومرن جو دور‘ (2 جلد) ’چچ نامو‘ (مقدمو، تدوين ۽ حاشيا) ۽ ٻيا ڪتاب شايع ٿيل آهن. سندن متفرق ڪتابن ۾: سڀ رنگ، مٺي جي مڇي، کاري جي مڇي، منهنجو ڳوٺ: جعفر خان لغاري، رهاڻ هيرن کاڻ (8 جلد)، لاکو ڦلاڻي، گڏهه، پيارن جا پيغام، سڄڻن جا سلام وغيره اچي وڃن ٿا . ڊاڪٽر صاحب جي اردو ڪتابن ۾ ”اردو شاعري'>سندهه مين اردو شاعري، مولانا آزاد سبحاني، ديوان ماتم، ديوان شوق افزا عرف ديوان صابر، طلبه اور تعليم وغيره اچي وڃن ٿا. اهي فارسي ڪتاب، جن جا حواشيه ۽ مقدمه ڊاڪٽر صاحب لکي، انهن جي علمي ۽ تاريخي حيثيت نروار ڪئي آهي، تن ۾ ديوان غلام، لب تاريخ سنڌ، تاريخ طاهري، بيگلارنامه، حاصل النهج، فتح نامه سندهه، باقيات از ڪلهوڙا، تاريخ بلوچي، ديوان عطا ٺٽوي اچي وڃن ٿا، سندن ايڊٽ ڪيل عربي ڪتابن ۾ نتف من شعر ابي عطا ۽ غزة الزيجات شامل آهن. ڊاڪٽر بلوچ جا انگريزيءَ ۾ هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: 1. Teachers Education in Pakistan . 2. Sindh: Studies(Cultural ) 3. Sindh: Studies (Historical ) 4. Advent of Islam in Indonesia 5. Muslim Luminaries 6. Traditional Arts and Crafts of Hyderabad Region 7. Musical Instruments of the Lower Indus valley of Sindh 8. World of Work ان کان علاوه ڊاڪٽر صاحب جا سنڌ جي تاريخ، تصوف، لطيفات، موسيقي ۽ ثقافت تي ڪيترائي مقالا مختلف رسالن ۾ ڇپيل آهن، جن جو وچور تمام ڊگهو آهي . ڊاڪٽر صاحب کي مختلف اَوارڊ جهڙوڪ: تمغئه پاڪستان 1962 ۽ 1968 ۾، ستاره قائد اعظم، صدارتي ايوارڊ پرائيڊ آف پرفارمنس 1979ع، صدارتي ايوارڊ: اعزاز ڪمال 1991ع، صدارتي ايوارڊ: ستاره امتياز 2001ع ۽ مختلف علمي ادارن طرفان ڪيتريون شيلڊون ۽ نقد انعام پڻ مليا آهن .سنڌي ٻوليءَ جو هي نامور عالم 6 اپريل 2011ع تي لاڏاڻو ڪري ويو، سندس آخري آرامگاهه سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1917.12.16  عيسوي

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 16 ڊسمبر 1917ع تي ڳوٺ جعفر خان لغاري ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو.


2011.04.06  عيسوي

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ 6 اپريل 2011ع تي لاڏاڻو ڪري ويو، سندس آخري آرامگاهه سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ آهي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مخدوم محمد معين ٺٽوي
سيد علي ثاني
عبدالستار قادري نقشبندي
غلام محمد شاهواڻي
صابر فقير ميان خطاط
مولانا محمد حسين جان سرهندي
عبدالواحد سنڌي مولانا
حماد الله هاليجوي
اي ٽي شهاڻي
سام مرزا
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون