
جلالاڻي، نصير فقير جي درگاهه
نصير فقير جلالاڻي جي درگاھہ : نصير فقير جلالاڻيءَ جي درگاھہ تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ واقع آهي.نصير فقير جي درگاھہ عام ماڻهن جي عقيدت جو سبب آهي، جتي ڪيترائي ماڻهو عرس توڙي عام ڏينهن ۾ حاضري ڀرين ٿا. بزرگ 16 ڊسمبر 1960ع تي وفات ڪئي. درگاھہ ڪشادي ٺهيل آهي، جنهن ۾ قائم مقبري ۾ جلالاڻي نصير جو جسد خاڪي ابدي آرامي آهي. درگاھہ هلندڙ دور جي طرز تعمير جو دلڪش نمونو آهي. چؤگرد ڀت ڏنل اٿس. اڱڻ ۾ سيمنٽ جي بلاڪن سان فرشبندي ڪئي وئي آهي. عمارت ٻن حصن ۾ آهي، جنهن مان هڪ بزرگ جي مزار وارو حجرو باقي زيارتين جي قيام ڪرڻ لاءِ آهي. درگاھہ جي عمارت کي سفيد رنگ ڪيل آهي. مقبري جي پڪين سرن سان، سيمنٽ تي اوساري ٿيل آهي. ٻنهي حصن جي وچ مان هڪ گهٽي مزار واري هجري ڏانهن وڃي ٿي، جڏهن تہ پاسن کان هال آهن، جتي زيارتي پسار ڪن ٿا. هر هڪ حصي جي چئني ڪنڊن تي منارا، انهن تي گنبذڙيون آهن، جن جو هوبهو نمونو ڳچ واري گنبذ جهڙو آهي. ٻئي حصي ۾ پيڙھہ کان جنسار ڪيل منارا آهن. هڪ حصي تي اٺڪنڊي گچ مٿان گول ڦنڊيل نموني وڏو گنبذ آهي، جنهن تي ابتي ڪوڻيءَ جي گل مٿان سفيد نيل هنئي وئي آهي. عمارت جي چؤڌاري ٻيڙٻني کان هيٺ ڇڄو نڪتل آهي. ڇت جو ٻيڙٻنو پڻ وڏو آهي. برسات جي پاڻي وغيرہ جي نيڪال لاءِ نيسارا ٺهيل آهن. ڇت آر.سي.سي ٺهيل آهي. درگاھہ جي ڀر ۾ ٽن گنبذن سان عاليشان مسجد آهي، جنهن جي مهاڙي تي رنگ روغن سان گل ۽ چٽسالي ڪئي وئي . مسجد آڳاٽي تعمير معلوم ٿئي ٿي. جنهن پڪين چؤنڪ جي سرن سان فرشبندي ٿيل آهي. چؤڪنڊي ڪالم ۾ رنگ سان چوڪاٺي جو لنگهہ اٿس. دروازي مٿان پيڙھہ کان مٿي تائين منارا بہ آهن، جيڪي مسجد جو زيب وڌائين ٿا. مهاڙي ۾ ساڳيءَ طرز جا دروازن سان ٽي لنگهہ اٿس. مهاڙيءَ ۾ ٻيڙٻني تي سونهن لاءِ سيمنٽ جي ڄاري نصب ڪيل آهي. ڇت تي قائم گنبذن مان وچ وارو گنبذ وڏو ۽ باقي ٻئي پاسن وارا گنبذ ننڍا آهن. مزار جي اڱڻ ۾ نصير فقير جلالاڻي جي معتقد فقيرياڻي مائي لچي جي مزار آهي، جيڪا مذهبي طور هندو هئي. درگاھہ تي هر مارچ جي 13 تاريخ تي عرس ملهايو وڃي ٿو، جنهن ۾ ڪيترائي مريد ۽ معتقد هندو ،سکتوڙي مسلمان حاضري ڀرين ٿا.