
پير پاڳارا خاندان

پير پاڳارا خاندان

پير پاڳارا خاندان

پير پاڳارا خاندان

پير پاڳارا خاندان

پير پاڳارا خاندان

پير پاڳارا خاندان

پير پاڳارا خاندان
پير پاڳارا خاندان: پاڳارا پير، سنڌ جو هڪ معروف گهراڻو آهي. سندن شجره نسب حضرت امامحسين عليہ السلام سان ملي ٿو. سندن وڏي سيد علي مڪي هاشميرح پنجينءَ صديءَ هجريءَ ڌاري عباسي خلافت واري دور ۾ اسلامي لشڪر سان سنڌ جي والي راجا دلوراءِ سان جنگ ڪري کيس شڪست ڏني هئي. ان بعد هو سيوهڻ شريف جي اتر طرف ڀڳي ٽوڙي جبل ويجهو لڪيءَ جي مقام ’چشمه هارون‘ وٽ اچي رهيو. ڳچ وقت عبادت ۽ رياضت کان پوءِ پنھنجي وطن عرب موٽي ويو، پر سندس چار فرزند هتي رهيا. سندس اولاد مان سيد محمد شاھہ عرف ’شاھہ صدر‘، ولايت جي اعليٰ درجي تي پهتو، انلاءِ روايت آهي تہ خواجہ معين الدين چشتي اجميريءَ (متوفي 633ھہ/ 1235ع) بہ ساڻس ملاقات ڪئي هئي. شاھہ صدر سان اها روايت بہ منسوب آهي تہ هن حضرت شھباز قلندر کي سيوهڻ شريف ۾ مستقل رهڻ لاءِ راغب ڪيو هو. ’شاھہ صدر‘ جي پوٽي (سيد غازي شاھہ جي خليفي) جي فيض مان سنڌ جا تمام گهڻا ماڻهو فيضياب ٿيا. شاھہ صدر لڪياريءَ جي فرزندن مان سيد محمود شاھہ لڪياري هڪ عارف ۽ ڪامل شخص ٿي گذريو آهي، جنهن جي اولاد مان غالباً ڏهين پيڙهيءَ مان سيد خدا بخش شاھہ عرف سيد کٽڻ شاھہ پيدا ٿيو، جيڪو پوءِ لڪي شاھہ صدر مان لڏي ضلعي خيرپور جي ڳوٺ رسول پور عرف سائدي ننڍي، ديھہ گاگڙي (تعلقي گمبٽ) ۾ اچي رهيو. سيد کٽڻ شاھہ کي ست فرزند ٿيا، جن مان سيد عثمان شاھہ علم ۽ عرفان ۾ مرتبي وارو بزرگ ٿيو. ان بزرگ جي اولاد مان اڳتي هلي سيد امام شاھہ لڪياريءَ جي اولاد مان سيد محمد بقا شاھہ شهيدعرف ’پٽ ڌڻي‘ رشد ۽ هدايت، علم ۽ ادب ۾وڏو مقام ماڻيو. هن خاندان سر زمين سنڌ ۽ برصغير ۾ توحيد ۽ رسالت جي تعليم کي عام ڪرڻ سان گڏ حب الوطنيءَ جي تاريخ ۾ بہ وڏو ڪردار ادا ڪيو. انگريزن کان آزاديءَ جي تحريڪ ۾ جاني ۽ مالي قرباني ڏيڻ ۾هن خاندان جو وڏو مقام آهي. هن خاندان جا مريد ۽ پوئلڳ جيسلمير، راجسٿان ۽ سنڌ ۾ لکن جي تعداد ۾ موجود آهن. هن خاندان جي خليفن جو تعداد هر دور ۾ 12 هوندو آهي، جن جي مٿان هڪ وڏو خليفو مقرر هوندو آهي. خليفن وٽ ٻارهن ئي مهينا هڪ هڪ مهيني جي حساب سان پوري جماعت ۽ درگاھہ جو انتظام ورهايل هوندو آهي. جماعت جي فيصلن لاءِ هڪ چيف جسٽس (جج) بہ مقرر هوندو آهي: هن درگاھہ جي ڪيترن خليفن جو روحاني فيض ۽ علمي حوالي سان وڏو نالو آهي، جھڙوڪ: (1) خليفو سيد حسن شاھہ جيلانيرح سوئي شريف وارو، جنهن کان ڀرچونڊيءَ جي بزرگن فيض حاصل ڪيو، (2) خليفو سيد جان محمد شاھہ بخاري، (3) خليفو محمود نظاماڻي، ڪڙيي گهنور وارو. جنهن روضي ڌڻيءَ جي ملفوظات ۽ مڪتوبات قلمبند ڪيا، (4)خليفو نبي بخش لغاري ’قاسم‘، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو قادر الڪلام شاعر ٿي گذريو آهي. پير ڳوٺ درگاهـه تي هر سال چار وڏا اجتماع ٿين ٿا، جن ۾: (1) عيدالفطر (پهرين شوال المڪرم)، (2) 10 ذوالحج، (3) ربيع الاول (عيد ميلادالنبي)۽ (4) 27 رجب (معراج مصطفيٰصه) اهم آهن. هنن موقعن تي سنڌ سميت پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين مريد اچي گڏ ٿيندا آهن. خاص ڪري 27 رجب تي درگاھہ تي قائم جامعہ راشديه ۽ ان جيشاخن مان فارغ التحصيل عالمن ۽ حافظن جي دستاربندي ٿيندي آهي. هن عظيم الشان اجتماع ۾ لکين مريدن سان گڏ، پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سوين عالم، مشائخ، فاضل، اديب، شاعر ۽ نعت خوان شريڪ ٿيندا آهن.جامعہ راشديه هڪ خالص ديني درسگاھہ آهي، جنهن ۾ ڪيترائي عالم درس ۽ تدريس جي عمل ۾ مصروف رهندا آهن. انهن استادن۽ شاگردن جي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو سمورو انتظام هن درگاھہ جي ذمي آهي. جامعہ راشديه پاران هڪ عظيم الشان لائبرري قائم ڪئي وئي آهي، جتي جديد ۽ قديم موضوعن تي هزارين ڪتابن جو ذخيرو موجود آهي. ان کان سواءِ قلمي نسخن ۽ نوادرات جو وڏو انگ بہ هن لائبرريءَ ۾ محفوظ آهي. جماعت جي رهائش لاءِ وڏي پئماني تي هڪ وڏو جماعت خانو تعمير ڪيل آهي، جنهن ۾ لنگر ۽ ٻيون سموريون گهربل ضرورتون مهيا ڪيل هونديون آهن، جتي هڪ ئي وقت 10 لکن کان مٿي جماعت رهي سگهي ٿي. هن درگاھہ جا مريد، عالم، فاضل، فقير، اديب، شاعر، بهادر، جانباز ۽ مجاهد هئڻ جي باوجود، قانون جا پابند، امن پسند، فرقيواريت، جهيڙي ۽ فساد کان پري آهن. وطن جيحفاظت لاءِ مرشد جي حڪم تي هر قدم کڻڻ لاءِ تيار هوندا آهن. هن جماعت جا هزارين فرد فوجي تربيت ورتل آهن ۽ حاضر/غير حاضر ڊيوٽيءَ تي موجود آهن. پير صاحب جي مريدن جي جماعت ’حر جماعت‘ سڏجي ٿي ۽ حر جماعت جو دلپسند۽ مخصوص نعرو ’ڀيڄ پاڳارا‘آهي. جماعت اندر رڇ، ڪتي ۽ ڪڪڙن جي ويڙهن ۽ ٻين ان قسم جي غلط ڪارين جي منع آهي. جامعہ راشديه ۽ ان جي شاخن مان فارغ التحصيل عالمن کي ’سڪندريءَ‘ جو لقب ملي ٿو، جيڪو موجودہ پير پاڳاري جي اسم گرامي،سيد سڪندر علي شاھہ جي نسبت سان آهي. انهن عالمن جي هڪ جدا تنظيم ’جمعيت علماءِ سڪندريه‘ قائم آهي، جيڪا سنڌ ۽ پاڪستان ۾ اسلامي تعليم، تدريسي، تبليغي ۽ اشاعتي سرگرمين ۾ مصروف آهي. هنن عالمن کي پير صاحب پاڳارو سَنَد ڏيندو آهي. هن خاندان مان تصوف ۽ طريقت جي سلسلي جا جيڪي علمبردار ٿي گذريا آهن، تن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو: (1) سيد محمد بقا شاھہ شھيد ’پٽ ڌڻي‘رح:سيد محمد بقا شاھہ پهرين شعبان 1135ھہ/ 26 اپريل 1723عتي سيد محمد امام شاھہرحجي گهر، ڳوٺ رحيم ڏني ڪلهوڙي، ديھہ فريد آباد (پراڻي درگاھہ)، خيرپور۾ پيدا ٿيو. سندس مستقل تعليم ۽ استادن بابت تفصيلي معلومات ميسر نہ ٿي سگهي آهي. سيد محمد بقا ننڍپڻ ۾ عام ٻارن کان مختلف طبيعت جو هو. ننڍيءَ عمر ۾ ئي ديني تعليم حاصل ڪيائين. ڪتابن گڏ ڪرڻ ۽ ڪتابن جي مطالعي جو بي انتها شوق رکندو هو. نماز روزي جو پابند هو. عبادت ۽ رياضت جي ذوق شوق جي ڪري طريقت ۽ تصوف سان وابستہ رهيو. جوانيءَ ۾ ڳوٺ کان چئن ڪوهن جي مفاصلي تي رهندڙ نقشبنديه سلسلي جي مشھور بزرگ مخدوممحمد اسماعيلرح پريالويءَ جي هٿ تي بيعت ڪري، نقشبندي سلسلي ۾ داخل ٿيو ۽ خلافت جو خرقو حاصل ڪيائين. اتان سڀ منزلونطئه ڪرڻ بعد کيس حڪم مليو تہ ’هاڻي قادري سلسلي ۾ داخل ٿي فيض حاصل ڪري‘.مرشد جي حڪم سان حضرت شيخ عبدالقادر جيلانيرحجي اولاد مان هڪ بزرگ،سيد عبدالقادر جيلاني آخرينرح (درگاھہ چناه شريف، ضلعي جهنگ) جي هٿ تي بيعت ڪري قادريه سلسلي ۾ داخل ٿيو. سيد عبدالقادر جيلاني آخرين، ان وقت روهڙيءَ ۾ وار مبارڪ جي زيارت تي آيل هو. سيد محمد بقا سنڌ مان ڪيترا ڀيرا درگاھہ چناه شريف وڃي مرشد کان روحاني فيض جون منزلون طئي ڪيون ۽ مرشد جي ان حد تائين خدمت ڪيائين، جو کين ’سنڌي خادم‘ سڏيندا هئا. هڪ ڏينهن سندن سچائي ۽ صدق ڏسي مرشد کيس فرمايو تہ ”هاڻي اوهان تان پنڌ معاف، هاڻي اسان جا پويان اوهان وٽ ايندا ۽ هي امانتون (پڳ ۽ جهنڊو) اوهان ئي سنڀاليو“.سيد محمد بقا جنهن علائقي ۾ رهندو هو، ان کي ’پٽ‘ سڏيو ويندو هو ان ڪري کين ’پٽ ڌڻي‘ سڏيو ويو. شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، سيد محمد بقا جو همعصر ۽ دوست هو. پير سيد محمد بقا جي ٻين همعصرن ۽ هم صحبتين ۾ وقت جو جيد عالم مخدوم احمديرحه، مخدوم ميان عبدالرحمان، مخدوم محمد زمان لنواريرحه وارو ۽ ميان صاحبڏنو فاروقي هئا. سيد محمد بقا جي سموري زندگي سادگيءَ ۽ فقيريءَ جي عالم ۾ گذري. هميشہ بي نياز، نوڙت ۽ نهٺائيءَ جو مجسمو رهيو. سندس شهادت جو واقعو بہ عجيب آهي. سائين محمد بقا شاھہ کي علم ۽ ڪتابن سان ايڏو تہ چاھہ هو، جو هميشہ ڪتابن جي هڙ مٿي تي هوندي هئس. هڪ دفعي ڪتابن جي هڙ سميت رستي تان پئي آيو تہ ڪن چورن وٽس دنياوي مال ۽ ملڪيت سمجهي مٿس حملو ڪيو ۽ پاڻ زخمي ٿي پيا. چورن ڳنڍ کولي ڏٺي تہ ان ۾ رڳو ڪتاب هئا. جڏهن کين ڄاڻ پئي تہ هي تہ ﷲ وارو بزرگ سيد محمد بقا آهي تہ وڌيڪ پشيمان ٿيا. پير صاحب شجاعت ۽ نرم دليءَ سان چورن کي چيو تہ: ”اسان کي گهر تائين کڻي هلو تہ جيئن پنهنجن وارثن سامهون اوهان کي معافي ڏئي ڇڏيان.“ گهر پهچڻ تائين سندن زخمن مان ڪافي رت وهي چڪو هو. پنهنجن صاحبزادن کي گهرائي ضروري وصيتن ڪرڻ سان گڏ چورن کي معافي ڏيڻ ۽ کانئن بدلو نہ وٺڻ جي هدايت ڪيائين. 10 محرم 1198ھہ/ 5 ڊسمبر 1783ع تي شهادت ماڻيائين. پير سائينءَ جي مزار، شيخ طيب جي مقام خيرپور ۾ آهي. پير سيد محمد بقا شاھہ ٻہ شاديون ڪيون هيون، جن مان کين چار فرزند هئا. ٽي ڏاڏي پوٽيءَ مان: (1) سيد عبدالرسول شاھہ، (2) سيد محمد سليم شاھہ ۽ (3) سيد محمد راشد شاھہ۽ چوٿون سيد مرتضيٰ شاھہ سندس نؤ مسلم گهر واريءَ بيبي خاتون مان هو. سندس شهادت کانپوءِ طريقت جي پڳ سندس ننڍي فرزند سيد محمد راشد تي آئي، جنهن کي سڀ امانتون مليون ۽ روضي ڌڻيءَ جي لقب سان مشھور ٿيو. (2) سيد محمد راشد ’روضي ڌڻي‘:سيد محمد راشد شاھہ، سيد محمد بقا شاھہ جو ننڍو فرزند هو، جنهن جي ولادت ڳوٺ رحيمڏني ڪلهوڙي (خيرپور ميرس) ۾ 6 رمضان المبارڪ 1170/ 25 مئي 1757ع ۾ ٿي. چون ٿا تہ روضي ڌڻي ڄمڻ کان پوءِ ڏينهن جو پنھنجي والدہ جي ’ٿڃ‘ نہ پيئندو هو، ان ڪري کيس ’روزي ڌڻي‘ چيو ويو، پر اڳتي هلي جڏهن سندن مزار تي گنبذ/ روضو جڙيو تہ ’روضي ڌڻي‘ مشھور ٿيو. سيد محمد راشد ننڍپڻ ۾ ئي تنھائي پسند ۽ غور فڪر جو عادي هو. ٿورو وڏو ٿيڻ تي والد کيس تحصيل علم لاءِ ويهاريو. ابتدائي تعليم حافظ زين الدين مهيسر ۽ مولانا محمد اڪرم گهُمري وٽان حاصل ڪيائين. جيڪي وقت جا وڏا عالم ۽ فاضل هئا. کيس وڌيڪ تعليم لاءِ شڪارپور ۾ علامہ فقير ﷲ علويءَجي مدرسي ۾ داخل ڪرايو ويو. ڪجهہ عرصي کان پوءِ سندس والد کيس ڏسڻ ويو تہ ڏٺائين تہ کيس عمدا طعام ملي رهيا آهن،جنهن تي سندس والد چيو، ”جتي طالب علمن کي عمدا طعام ملندا، اتي فيض نہ ملندو،“ پوءِ کيس اتان ڪڍي ’ڪوٽڙي ڪبير‘ ۾ مخدوم يار محمد صديقيرح جي مدرسي ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي فقر ۽ قناعت تي ڪم هلندو هو. ان کان پوءِ مخدوم مولانا مفتي محمد آريجي، ڳوٺ خير محمد آريجي، ضلعي لاڙڪاڻي واري وٽ دستار فضيلت حاصل ڪيائين. اهڙيءَ طرح ظاهري علمن جي حصول جي تڪميل ڪيائين. طريقت ۽ سلوڪ ۾ پنھنجي والد سيد محمد بقا شاھہرح جي هٿ تي قادري طريقي جي بيعت ڪيائين ۽ سندس رهنمائيءَ ۾ سلوڪ جون منزلون طئي ڪيائين. هن بزرگٿر،بر۽ جبلن جا سير سفر ڪري، سنڌ کانسواءِ هند جي گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ راجستان کان سواءِ بلوچستان ۽ پنجاب تائين روحاني فيض پھچايو. پير محمد راشد جي خليفن جو تعداد وڏو هو، جن مان خليفي سيد حسن شاھہ جيلانيسوئي شريف واري کان ڀرچونڊيءَ جي بزرگن فيض حاصل ڪيو ۽ اتان وري امروٽ ۽ انهن کان دين پور، هاليجي، بائيجي ۽ ٿريچاڻيءَ جا بزرگ فيضياب ٿيا. ٻئي خليفي ميان محمود نظاماڻي، ڪڙيي گنهور واري جا مريد وڏي تعداد ۾ ڪڇ، ڪاٺياواڙ، ڪراچي ۽ ممبئي (هندستان) ۾ موجود آهن. ٽئين خليفي سيد جان محمد شاھہ بخاريءَ جي فيض سان پري پري جا علائقا فيضياب ٿيا ۽ سندس مريدن جي اڪثريت ڪيچ، مڪران(بلوچستان) ۾ آهي. مير ڄام ٽالپر ۽ نواب خان نظاماڻي'>قيصر خان نظاماڻي بہ سندس مريد هئا. چوٿين خليفي محمد حسين مهيسر ڀاڳناڙيءَ (بلوچستان) واري جا مريد ۽ پوئلڳ بلوچستان ۾ آهن. پنجين خليفيمشهور شاعر نبي بخش لغاري ’قاسم‘جي مريدن جي گهڻائي ڪڇ،ڪاٺياواڙ ۽ ڌوراجيءَ۾آهي. هن شاعر جو رسالو ۽ خاص تصنيف ’سسئي پنھون‘ گهڻا مشھور آهن.ان کان سواءِ ٻيا خليفا،خليفو سارنگ ڪلهوڙو، خليفو محمد پناھہ ڪيهر رتيديري وارو، خليفو محمد لقمان ڪوري ڪوٽڙي (ضلعي دادوءَ/ ڄامشوري) وارو ۽ خليفو گل محمد هالائي، سنڌيءَ جو پهريون ’صاحب ديوان‘ شاعر بہ پنھنجي وقت جو مشهوربزرگ ٿي گذريو آهي.سيد محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي تصنيفن ۾، سندس ’مڪتوبات‘ ۽ ’ملفوظات‘ مشھور آهن. سندس ملفوظات ڇھن حصن تي مشتمل آهي، جيـڪـا فارسـي زبان ۾ خليفي محمود، ڪڙيي گهنور واري گڏ ڪئي هئي. ان جـو سـنـڌي تـرجمـو عـلامه محمـد قاسـم مشـوريءَ ڪيـو هو، جنـهـن کـي ’جمعيت علماءِ سڪندريه پاڪستان‘ شايع ڪيو هو. هيءَ ملفوظات تازو جامعہ راشديه، پير ڳوٺ پاران ٻن ڀاڱن ۾ ڇپائي وئي آهي. ان کان سواءِ سندس ملفوظات (صحبت ناما) خليفي محمد حسين مهيسر بہ ترتيب ڏني هئي. سيد محمد راشد جا مڪتوباتفارسي زبان ۾ هئا، جيڪي ڊاڪٽر نذر حسين سڪندريءَ، علامہ مفتي عبدالرحيم سڪندريءَ جي نظرداريءَ هيٺ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرايا آهن. اهي ٻئي ڪتاب واعظ ۽ نصيحت، رشد ۽ هدايت، شريعت ۽ طريقت، حقيقت ۽ معرفت جي بي بھا موتين سان ڀريل آهن.ان کان سواءِ پير صاحب فارسي ۽ سنڌي شاعري بہ ڪئي آهي، سندس سنڌي ڪلام جو مجموعو ’روحاني رمــزون‘ نالي سـان شـايع ٿيـل آهي. کـيـن شـاھہ لطـيـف سـان وڏي عـقـيـدت هئي، ان جو ثبوت ملفوظات ۾ هنڌ هنڌ تي شاھہ لطيف جي بيتن جي موجودگي آهي. اهڙيءَ طرح فقير عبدالله ڪاتيار نالي هڪ بزرگ ۽ اهم شاعر بہ سيد محمد راشد روضي ڌڻيءَ جو عقيدت مند هو، جيڪو سچل سرمست جو نہ رڳو دوست هو، پر سچل سائين کانئس متاثر بہ هو، هي بزرگ اصل مُلاڪاتيارن جو هو، پر روضي ڌڻيءَ جي محبت ۾ٺيڙهيءَ ويجهو لوڙهو ٺاهي اچي رهيو. هن بزرگ جو ڪلام ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر نواز علي شوق، غوث محمد گوهر ۽ مولوي عبداللطيف سڪندريءَ کان پوءِ تازو پير سيد محمد راشد روضي ڌڻي چيئر، شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور پاران مشتاق نظاماڻيءَ کان ترتيب ڏيارائي (2010 ۾) ڇپرايو ويو آهي. پير محمد راشد روضي ڌڻي 63 سالن جي عمر ۾ پهرين شعبان 1233ھہ/ 6 جون 1818ع تي وفات ڪئي. پر ڪجهہ وقت کانپوءِپراڻي درگاھہ کي درياھہ جي پائڻ جي خطري سبب سندس پوٽي سيد علي گوهر شاھہ اصغر، پنھنجي والد ۽ ڏاڏي جي خاڪي جسد جون پيتيون، اتان ڪڍرائي، موجودہ درگاھہ واري هنڌ (ڪنگريءَ) ۾ رکايون ۽ مٿان روضو ٺهرايو، جنهن ۾ ئي هن خاندان جا سڀئيبزرگ دفن آهن. هن روضي جي تعمير کان پوءِ سيد محمد راشد رح ’روضي ڌڻي‘ مشھور ٿيو. سندسپٽن جو تعداد 18 هو، پر سندس پڳ وڏي فرزند سيد صبغت ﷲ شاھہ اول ’تجر ڌڻيءَ‘ کي ملي. (3)سيد صبغت ﷲ شاھہ اول ’تجر ڌ ڻي‘ (پهريون پير پاڳارو): سيد صبغت ﷲ شاھہ اول حضرت سيد محمد راشدرح جو فرزند هو، جنهن جي ولادت 1183ھہ/1769ع جي آخر ۾ ٿي. هن پنھنجي والد محترم جي هٿ تي بيعت ڪئي ۽ سندس ئي نگرانيءَ هيٺ تعليم، تربيت ۽ روحاني سلوڪ جون منزلون طئي ڪيون، پنجاھہ سالن جي عمر ۾ کين والد پنھنجي زندگيءَ ۾ ئي پنهنجو سجادہ نشين مقرر ڪيو هو، ڇو تہ سيد صبغة ﷲ (اول) سمورن ڀائرن ۾ وڌيڪ عالم، عامل، عارف ۽ ڪامل هو. پير صاحب شڪل شباهت ۾ بہ بيحد خوبصورت هو. جڏهن کيس پڳ حوالي ٿي ۽ پاڻ شعبان 1233ھہ مطابق 1818ع ۾ سجادہ نشين مقرر ٿيا تہ سندس ڀاءُ سيدمحمد ياسين شاھہ اختلاف ڪيو. ان تي خاندان ۽ خليفن جي مشاورت سان فيصلو ٿيو. نتيجي ۾ مرشدن کان مليل امانتن مان پڳ سيد صبغت ﷲ شاھہ اول کي ملي، جنهن کان پوءِ هو’پير پاڳارو‘ سڏجڻ لڳو ۽ سيد محمد ياسين شاھہ کي ’جهنڊو‘ مليو، جيڪو ’جهنڊي واري‘ پير جي لقب سان مشھور ٿيو، درگاھہ جي سجادہ نشينيءَ جو حق پير سيدصبغت ﷲ شاھہ کي ڏنو ويو، جنهن تي ياسين شاھہ ڪاوڙجي، اتان لڏيٺلاھہنزد باقراڻي اسٽيشن ضلعي لاڙڪاڻي هليو ويو. ائين سيد صبغت ﷲ شاھہ اول،پهريون ’پير پاڳارو‘ مشھور ٿيو ۽ جماعت ۾ کيس ’تجر ڌڻي‘ جي لقب سان سڏيو ويو. سندس سجادہ نشيني 1233 ھہ مطابق 1818ع وقت سنڌ ۾ ميرن/ ٽالپرن جو راڄ هو. کيس فارسي، عربي ۽ سنڌي علمن تي عبور حاصل هو. پنھنجي مريدن جي تعليم ۽ تربيت ۾ ڪا بہ ڪسر نہ ڇڏيائين. سندس سخا، خلوص ۽ مروت، ملڪان ملڪ مشھور هئي. سندس فيض کان سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جا لکين ماڻهو فيضياب ٿيا. پير صاحب ظاهري ۽ باطني علمن جو گوهر هو، پاڻ هڪ وڏو علمي ڪتب خانوپڻ ٺهرايائين، جنهن ۾ ڪيترا ناياب ۽ قيمتي قلمي ڪتاب موجود هئا. سيد حميد الدين ’تذڪره صوفياءِ سنڌ‘ ۾ لکيو آهي تہ ان وقت اميرن ۽ بادشاهن وٽ بہ اهڙو ڪتبخانو نہ هو. جنهن ۾ ان وقت بہ 15000 معتبر ڪتاب موجود هئا. پير صاحب جڏهن مسند نشين ٿيو، تڏهن پنجاب تي سکن جو اقتدار هو ۽ سنڌ تي انگريزن ۽ سکن جون حَوسي اکيون کتل هيون. معاشرو ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار هو. سماجي ۽ مذهبي قدر پائمال هئا. پير صبغة ﷲ شاھہ اول ان دؤر ۾ حق جو ڪلمو بلند ڪيو. لاڙ، ڪڇ ۽ ٻين علائقن ۾ رهندڙ مريدن کي سکن جي وڌندڙ اثر خلاف جهاد لاءِ تيار ڪيائين. انگريزن، ٽالپر حڪمرانن سان 1809ع ۾ تجارتي ۽ سفارتي معاهدو ڪيو ۽ ساڳيءَ طرح امرتسر ۾ پنجاب جي حاڪم رنجيت سنگهہ سان بہ معاهدو ڪيو. 1828ع ۾ ڊاڪٽر اليگزينڊر، خيرپور جي والي مير علي مراد جي علاج جي بهاني سنڌ جي سياسي حالتن جو جائزو وٺڻ آيو ۽ رپورٽ ڪيائين تہ سنڌ ۾ ميرن جي خلاف پيش قدمي ڪرڻ گهرجي. ساڳيءَ طرح انگريزن سکن کي سنڌ خلاف ڀڙڪايو ۽ ٻنهي پاسي ڪشيدگيءَ جو ماحول جوڙي سکن ۽ ميرن ۾ ٺاھہ جي بهاني سان ميرن سان نئون معاهدو ڪيائون. ان سڄي صورتحال ۾ هڪ طرف انگريزن ۽ سکن جي ناپاڪ حَوس گيريءَ خلاف پير پاڳارو اول سيد صبغت ﷲ شاھہ جماعت کي منظم ڪري رهيو هو. ٻئي طرف سيد احمد شھيد ۽ سيد محمد اسماعيل سکن خلاف تحريڪ منظم ڪري رهيا هئا. پير پاڳاري مريدن جي اخلاقي تربيت سان گڏ سندن فوجي تربيت بہ ڪئي. جڏهن سيد احمد شھيد راجستان رستي جانثار ساٿين سان پشاور وڃڻ لاءِ سنڌ ۾ داخل ٿيو تہ ساڻس راڻيپور ۾ پير صاحب جي ملاقات ٿي. پير صاحب سيد احمد شھيد کي دعوت ڏئي پير ڳوٺ ترسايو، جتي هو 13 ڏينهن رهيو. 30-1829ع ڌاري پشاور رواني ٿيڻ کان اڳ پير صاحب درزي گهرائي، مجاهدن لاءِ جنگي لباس تيار ڪرايو ۽ پنهنجن پوئلڳن جو 500 ڄڻن تي مشتمل هڪ وڏو جٿو سيد احمد شھيد سان گڏ پشاور روانو ڪيو. هيءُ پهريون جٿو يا جماعت هئي، جنهن کي ’حُر‘ (آزادي پسند) جو نالو ڏنو ويو. سيد احمد شھيد پنهنجا حرم پير صاحب وٽ سام ۾ ڇڏي ويو هو. پير صاحب جي ڪوشش هئي تہ سيد احمد شھيد کي پوئتان افرادي سگهہ حرن جي صورت ۾ موڪليندو رهي. ان ئي زماني ۾ قاضي عثمان سنڌيءَ بہ حرن جي جٿي ۾ شرڪت ڪئي هئي، جو حضرت شوڪاني رح جو مريد هو. 6 رمضان 1246ھہ مطابق 18 فيبروري 1831ع تي سيد صبغت ﷲ شاھہ اول وفات ڪئي. سندس وفات تي سيد احمد شھيد جي ڄڻ تہ هڪ ٻانهن ٽُٽي پئي، ڇو تہ کيس سِکن سان جهاد لاءِ سنڌ مان مدد ڏيندڙ سهارو ختم ٿي ويو هو. لکڻ وارن لکيو آهي تہ سيد احمد شھيد جي ناڪاميءَ جي سببن مان هڪ سبب سيد صبغت ﷲ اول جي وفات بہ هئي. پير پاڳارو صبغة ﷲ شاھہ اول، جهاد جو علمبردار ۽ مجاهدن جو سپھہ سالار هو. سندس دؤر ۾ ئي ’ڀيڄ پاڳارا‘ جو نعرو بلند ٿيو، جيڪو اڄ تائين حر جماعت جو مقبول نعرو آهي. پير صاحب جو روضو پير ڳوٺ (ڪنگريءَ) ۾ آهي. کيس ست فرزند ٿيا. سندن وفات کان پوءِ سندس ٽيون نمبر فرزند سيد علي گوهر شاھہ اول سجادہ نشين ٿيو. (4) سيد علي گوهر شاھہ اول ’بنگلي ڌڻي‘ (ٻيو پير پاڳارو):سيد صبغة ﷲ شاھہ اول جو ٽيون نمبر فرزند سيد علي گوهر شاھہ اول، 4 رجب 1231ھہ/ 29 جولاءِ 1816ع ڌاري جمعي جي ڏينهن، ڳوٺ رحيمڏني ڪلهوڙي (تعلقي خيرپور) ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ۽ تربيت والد جي نگرانيءَ هيٺ ٿي. جنهن جو ساڻس بيحد پيار هو ۽ کيس پنھنجي نگرانيءَ ۾ قابل، فاضل ۽ تجربيڪار استادن کان تعليم ڏياريائين، جن منجهس علم ۽ ادب لاءِ وڏو چاھہ پيدا ڪيو. ننڍپڻ کان ئي ذهين، محنتي ۽ بردبار هو. سنڌي ٻولي۽ ان جي وسيع لغت تي کيس عبور حاصل هو. قادرالڪلام شاعر بہ هو. هزارين شعر ۽ ڪافيون چيائين. علي گوهر شاھہ ’اصغر‘ جي نالي سان سندس شاعرانه حيثيت سنڌ ۾ مڃيل آهي. سندس ڪلام اڳتي هلي ’اصغر سائينءَ جو ڪلام‘ جينالي سان پروفيسر فاضل شيخ پاران ترتيب ڏئي 1999ع ۾ ڇپايو. پير علي گوهر شاھہ پنھنجي والد جي هٿ تي بيعت ورتي ۽ سندس تربيت هيٺ سلوڪ جون منزلون طئي ڪيون. والد جي وفات وقت سندس عمر فقط 15 سال هئي،پر اعليٰ لياقتن ۽ روحاني فضيلتن سبب کيسوالد جي وفات (5 رمضان 1246ھہ/ 17 فيبروري 1831ع) کان پوءِ وڏن ڀائرن بہ سندس حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ سائين علي گوهر شاھہ کي سجادہ نشين مقرر ڪيو ويو. سندس دؤر۾ پراڻي درگاھہ کي درياھہ جي پائڻ جو خطرو پيدا ٿيو تہ پنھنجي والد ۽ ڏاڏي جي جسد خاڪيءَ کي کڻائي، نئين درگاھہ (پير جي ڳوٺ، ضلعي خيرپور) ۾ اچي رکيائين. اتي درگاھہ اڏڻ سان گڏ حويليءَ لاءِ بنگلو بہ ٺهرايائين، ان ڪري جماعت ۾ ’بنگلي ڌڻيءَ‘ جي لقب سان مشھور ٿيو.سجادہ نشينيءَ بعد نئين درگاھہ جي تعمير ۽ ترقيءَجو ڪم ڪرايائين ۽ جماعت جي تربيت ڪيائين. ان وقت انگريزن سنڌ تي قبضو ڪري ورتو هو، تنهنڪري انگريزن پنھنجي ڇاڙتن جي معرفت کيس خريدڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي، پر پاڻ انهن جي ڪنهن بہ لالچ ۾ نہ آيو، پير صاحب پنهنجيءَ جماعت ۾ خودداريءَ ۽ آزاديءَ جو روح ڦوڪيو. هن جي دؤر ۾ حضرت روضي ڌڻيءَ جا خليفا: خليفو محمود، ڪڙيي گنهوَر وارو، خليفو نبي بخش لغاري ۽ ٻيا موجود هئا. ان کان سواءِ فقير عبدالله ڪاتيار جهڙو درويش ۽ شاعر بہ مريدن جي سٿ ۾ شامل هو. ان ڪري سندن صحبت ۾ هن علم ادب ۽ دين جي وڏي ڄاڻ حاصل ڪئي. سنڌيءَ سان گڏ فارسي ٻوليءَ ۽ ادب تي بہ وڏو ملڪو حاصل ڪيائين. پير علي گوهر شاھہ، ’پير پاڳاري‘ جي حيثيت ۾ جماعت سان ملڻ ۽ سندن پرگهور لھڻ لاءِ سنڌ کان سواءِ ڪڇ، پوربندر، احمدآباد، سورت، بمبئي وغيرہ بہ ويو. خليفو نبي بخش لغاري، جنهن جي عمر 61- 60 سال هئي، اهو بہ غالباً ساڻس سفر ۾ گڏ رهيو. اهو سفر 1836ع تائين جاري رهيو. اتان واپسيءَ تي پير صاحب نئين درگاھہ کي وڌيڪ آباد ڪرڻ ۽ سينگارڻ تي خاص ڌيان ڏنو. پاڻ ’اصغر‘ تخلص سان شاعري ڪيائون. وقت جا وڏا شاعر خليفو نبي بخش لغاري ۽ خليفو گل محمد سندن وڏا معاصر هئا. پير صاحب پنھنجي والد سيد صبغت ﷲ شاھہ اول ’تجر ڌڻيءَ‘ جي ملفوظات ’خزانة المعرفت‘ کي ٻن وڏن خليفن عبدالله ڪاتيار ۽ خليفي نبي بخش لغاريءَ جي سهڪار سان ترتيب ڏنو ۽ ان جو مهاڳ لکيو. خليفي نبي بخش لغاريءَ، اصغر سائينءَ جي دؤر ۾ ’سسئي پنھون‘ جو مشھور داستان سرائيڪي مثنويءَ ۾ ترتيب ڏنو. خليفي گل کي بہ اصغر سائينءَ سان والهانه محبت هئي. سندن ئي دؤر ۾، 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي. انگريزن کي ٻين حريت پسندن سان گڏ پير ڳوٺ جي درگاھہ بہ اک ۾ ڪنڊو ٿي چڀندي رهي، ان ڪري هن حريت پسند مرڪز تي چوڪسي رکڻ لاءِ خيرپور رياست ۾ مير علي مراد کي چونڊيو ويو، جنهن جي رياست جي حدن ۾ هي مرڪز آيو ٿي. پير صاحب چاهي ها تہ مير علي مراد جي مقابلي لاءِ مريدن کي اُڪساهي ها، پر ان سان طبقاتي جنگ ڇڙي ها ۽ انگريزن کي وڌيڪ تقويت ملي ها. ان ڪري پاڻ اتان هجرت ڪري درياھہ جي پار لاڙڪاڻي ۾ اچي رهيا. مير صاحب معافي نامو لکي کين ڏياري موڪليو ۽ پاڻ موٽي اچي درگاھہ شريف تي رهيا. ائين انگريز ۽ سندن دلال هڪ ڀيرو مايوس ٿيا. پير صاحب پنھنجي تبليغ ۽ تعليم کي جاري رکيو. 11 جماديالاول 1263ھہ/ 1847ع تي وصال ڪيائين، ان وقت سندس عمر فقط 32 سال هئي، سندس هڪ ئي فرزند سيد حزب ﷲ شاھہ هو، جيڪو بعد ۾ سجادہ نشين ٿيو. (5) سيد حزب ﷲ شاھہ ’تخت ڌڻي‘ (ٽيون پير پاڳارو):پير علي گوهر شاھہ جي فرزند، پير حزب ﷲ شاھہ جي ولادت 18 شوال 1258/ 22 نومبر 1842ع ۾ ڇنڇر جي ڏينهن ٿي، ننڍپڻ ۾ پنھنجي والد کان دست بيعت ٿيو. پاڻ اڃا پنجن سالن جو مس هو تہ سندس والد وفات ڪري ويو، جنهـنڪـري کـيـن سـجـاده نشين بڻايو ويو. پير صاحب عمر جي لحاظ سان صغير هو، پر دانش ۽ قابليت جي لحاظ سان ڪبير هو. سندس ابتدائي تربيت ۾ خليفي نبي بخش لغاريءَ بہ حصو ورتو، پير صاحب جماعت جي قابل ۽ معتبر خليفن جي حلقي ۾ پوري جماعت ۽ درگاھہ جي معاملن کيپوري ڌيان سان سنڀاليو. نہ رڳو جماعت کي ديني حوالي سان ذڪر ۽ فڪر جي تلقين ڪيائين، پر جماعت کي مجاهدانه انداز تي منظم ڪيائين، پير صاحب سڄي جماعت کي جاگرافيائي حوالي سان منظـم ڪيو ۽ ان کي ٻارهن ڀاڱن ۾ ورهايائين، جن کي ’ٻارهن چوڪيـون‘ سڏيائين ۽ انهن جا مُک مقرر ڪيائين ۽ ان نموني اهڙو نظام قائم ڪيائين، جو وقت تي سڀ چوڪيون منظم نموني عملي جدوجھد لاءِ تيار ٿين. انگريزن سان جماعت جون جيڪي جوٽڻيون ٿيون، ان ۾ هيءَ حڪمت عملي مؤثر طور ڪم آئي. انگريز اڳي ئي پير صاحب جي والد کي هڪ وڏي عرصي کان مير علي مراد ۽ مختلف ڇاڙتن ذريعي زير ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ان ڪري اُهي هن ننڍي عمر جي سجادہ نشين کي پنھنجي اثر هيٺ آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪرڻ لڳا. هڪ طرف پير صاحب جي عزيزن ۾ ويڇا ۽ نفرتون وڌايون ويون ۽ ٻئي طرف خيرپور رياست جي والي مير علي مراد کي پنهنجو ڇاڙتو بنائي، پير صاحب جي اثر کي گهٽائڻ لاءِ کيس استعمال ڪيو ويو. ان وقت انگريزن سکن کي شڪست ڏئي پنجاب تي قبضو ڪري ورتو هو ۽ سنڌ ۾ پير صاحب کي وڏو خطرو سمجهي ان کي زير ڪرڻ يا ان جي طاقت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ انگريزن هر طرح جي سازش سَٽي. سندن دلالن جي اندروني چرچ تي ڪي اهڙا واقعا بہ ٿيا، جو پير صاحب جي گاديءَ جي مخالفن جون ڪارروايون وڌي ويون، جن کي ڏسي پير صاحب جي ڪن سر ڦِرين مريدن پاڻمرادا ڪي اهڙا ڪم بہ ڪيا، جن مان هڪ پاسي تہ سندن جان نثاريءَ جا ثبوت مليا ۽ مريدن ۾ ٻڌيءَ جو جذبو پيدا ٿيو، تہ ٻئي پاسي ڪن مريدن اهڙا بہ ڪم ڪيا، جيڪي پير صاحب جي مرضيءَ جي خلاف هئا ۽ سندس ناراضگيءَ جو باعث بڻيا. ان ڪري پير صاحب انهن کي ضابطي ۾ آندو، ڪن جي درگاھہ تي اچڻ تي پابندي وڌي. اهڙين حالتن ۾ خليفي نبي بخش جي پوٽي خليفي غلام نبي لغاريءَ، جو پير حزب ﷲ جو همعمر ۽ خليفو بہ هو، ان اهو اصول پيدا ڪيو تہ ”سلام هڪڙي پير کي، ﷲ بہ هڪ، رسول بہ هڪ تہ پير بہ هڪ، باقي نہ پير جو ڀاءُ، نہ پير جو پُٽ نہ ٻيو. سلام صرف پڳدار کي آهي.“ هن معاملي کي هو ان حد تائين وٺي ويو، جو پير پاڳاري ۽ ٻين ۾ فرق رکڻ ضروري ٿي پيو. نتيجي طور جماعت ۾ هڪ فرقو پيدا ٿيو، جيڪي ’فرق وارا‘ سڏجڻ لڳا. پير صاحب جماعت ۾ فرقي ٺھڻ جي خلاف هو، سندس خيال هو تہ جماعت هڪ هجي. ان ڪري ’فرق‘ وارن تي ظاهري سختي ڪيائون، سندن ڪاررواين کي رد ڪيائون، پر ڳالھہ جو بنياد ختم نہ ڪيائون. فرق وارن مخالفن سان سختيون ڪيون، مختلف پيرن ۽ خود مير علي مراد تي حملا ڪيا ويا. نتيجي طور پير صاحب تي قتل جو ڪوڙو ڪيس درج ڪيو ويو، پر عدالت ۾ پير صاحب ڪامياب ٿيو ۽ ڪيس ڪوڙو ثابت ٿيو. پوءِ جن مريدن فرق واري ڳالھہ تي سختيءَ سان عمل ڪيو، سي پاڻ کي فرق وارا ’حر‘ سڏائڻ لڳا.جڏهن تہ باقي جماعت وارا ’سالم‘ سڏيا ويا، پر ’حُر‘ جو لقب سڄيءَ جماعت لاءِ عام ٿي ويو ۽ اڄ تائين جماعت جي سڃاڻپ ئي ’حر‘ لفظ سان آهي. جماعت پير صاحب سان هر قسم جي وفاداريءَ جو ثبوت ڏنو. هنن دنيا جي بادشاهن وانگر مرشد کي هار پارايو، جنهن ۾ لکين روپين جا هيرا ۽ جواهر جڙيل هئا. مطلب تہ مرشد کي پوشاڪ اهڙي پارايائون، جيڪا شهنشاهن جي شايان شان هجي. سندن ڪامين کي سونن مٺين واريون تلوارون هونديون هيون. پير صاحب جي سواريءَ لاءِ هاٿي مهيا ڪيو ويو. پير صاحب جي عشق ۾ پير صاحب لاءِ ڪوٽ، تجرون ۽ مسندون ٺهرايون ويون. جنهن ڳالھہ هڪ طرف ميرن ۾ حسد پيدا ڪيو ۽ ٻئي طرف انگريزن کي خار لڳا تہ ملڪ جا مالڪ هُو ۽ ٺٺ ٺانگر وري هيءُ پير صاحب پيو ڪري. مير علي مراد انگريزن سان سازباز ڪري پنهنجن ماڻهن هٿان پير صاحب تي حملا ڪرايا، پير صاحب جا ماڻهو مارايا، پر پير حزب ﷲ شاھہ ڪڏهن بہ انگريزن جي نہ آڻ مڃي ۽ نہ هيڻي ٻوليائين. فرق وارن مير علي مراد تي حملو ڪيو، انگريزن ان ۾ بھادر لغاري ۽ غلام نبي لغاريءَ جا نالا ڏنا تہ اهي پيش ڪيا وڃن، پير صاحب ائين نہ ڪيو. غلام نبي سعودي عرب هليو ويو ۽ سندس غير موجودگيءَ ۾ کيس ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي وئي. پير حزب ﷲ انگريزن لاءِ سخت خطرو ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ تہ فرق وارن فقيرن جون ڪارروايون سندن خيال ۾ پير صاحب جي حڪم تي ٿي رهيون آهن. خاص ڪري ٻن واقعن انگريزن کي وڌيڪ مڇرايو. پهريون لئنسڊائون پل جي افتتاح يعني 1889ع ۾ انگريزن هڪ تقريب منعقد ڪئي ۽ آس پاس جي سمورن اثر رسوخ وارن ماڻهن کي دعوت ڏئي گهرايو ويو، جن ۾ پير حزب ﷲ بہ شامل هو ۽ جڏهن انهن محفل دوران ٻين اميرن ۽ ميرن وانگر شراب آڻي پير صاحب جي آڏو رکيو ويو تہ پير صاحب اهو چئي گلاس اڇلائي ڦٽي ڪيو تہ هيءَ اسان جي بي عزتي ڪئي وئي آهي. هي ملڪ اسان جو آهي، اسان شراب پيئندڙ ڌارين سان گڏ ويهڻ لاءِ تيار نہ آهيون، جن هتي گهرائي اسان جي بيعزتي ڪئي آهي. ان محفل ۾ بمبئي پريزيڊنسيءَ جو گورنر بہ آيل هو ۽ انگريزن پير صاحب جي ان عمل کي پنھنجي شان جي گهٽتائي سمجهيو، ٻيو واقعو پير صاحب پاران ترڪيءَ جي سلطان عبدالحميد ثانيءَ کي خط لکڻ هو، جنهن ۾ ڄاڻايو هئائين تہ انگريزن هتي قبضو ڪيو آهي ۽ اهي هتي غير اسلامي قانون نافذ ڪرڻ چاهين ٿا. اهي ٻئي عمل انگريزن کي چيڙائڻ لاءِ ڪافي هئا. سيد حزب ﷲ شاھہ علم ۽ فضل جي حوالي کان اعليٰ مقام رکندو هو. قرآن ۽ حديث جي علم ۾ مهارت رکندو هو. پاڻ سنڌي زبان ۾ قرآن جو تفسير لکرايائين، جنهن جو نالو ’تفسير ڪوثر‘ رکيائين، جنهن کي پوءِ سندس فرزند شاھہ مردان شاھہ اول شايع ڪري تقسيم ڪرايو. پاڻ قادر الڪلام شاعر بہ هو، سندس تخلص ’مسڪين‘ هو. ’ديوان مسڪين‘ سندساعليٰ شاعريءَ جوزنده ثبوت آهي، جيڪو جمعيت علماءِ سڪندريه طرفان شايع ٿيل آهي. پاڻ پنھنجي دور جي فارسيشاعرن جوبه سرواڻ هو. شاعر سندس دعوتن تي توڙي پاڻمرادو اچي پنهنجو ڪلام ٻڌائي کانئس داد ۽ انعام اڪرام وصول ڪندا هئا. انهن ناليوارن شاعرن ۽ اديبن ۾مولوي بهـاءُ الديـن ’بھائي‘ ثانـي ۽ سعدي پتافيقابل ذڪر آهن، جنهن کي پير صاحب سندس هڪ شعر تي بيحد خوش ٿي، پيلبان سوڌو هاٿي انعام طور ڏنو هو. پير صاحب جيسلمير مان سنگ مر مر گهرائي تخت ٺهرايو ان ڪري ’تخت ڌڻي‘ مشھور ٿيو.پير صاحب مدرسو ۽ موجودہ مسجد شريف ۽ روضي جي تعمير بہ ڪرائي. سندس حڪم ۽ رهنمائيءَ هيٺ مسجد جي پيش امام مولوي عبدالقادر سولنگيءَ (جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي) ٻارهن چونڪيون ٺاهيون ۽ جملي جماعت کي ٻارهن انتظامي حصن ۾ ورهائي، هڪ هڪ حصي جو جدا جدا نگران خليفو (مُک) مقرر ڪيو. انهن کي ٻارهن مهينا، هڪ هڪ مهينو مقرر ڪري ڏنو ويو تہ جيئن جماعت ۽ درگاھہ جو انتظام بهتر نموني سان هلي سگهي. اڄ تائين اهو ئي تنظيمي سلسلو جاري آهي. پير صاحب 4 محرم 1308ھہ/21 آگسٽ 1890ع ۾ پنجاھہ سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. چيو وڃي ٿو تہ پير صاحب کي کاڌي ۾ زهر ڏنو ويو هو، جنهن سان سندن شهادت ٿي آهي، ان ڳالھہ جو دستاويزي ثبوت تہ نہ مليو هو، پر اها ڳالھہ ان وقت زبان زد عام هئي. کيس اٺ فرزند هئا، جن مان ٻہ قابل ذڪر آهن: (1) وڏو فرزند سيد علي گوهر شاھہ ثاني، ۽ (2) ٽيون نمبر فرزند سيد شاھہ مردان شاھہ اول. پير صاحب جي رحلت بعد سندس وڏو فرزند سيد علي گوهر شاھہ ثاني مسند نشين ٿيو. (6) سيد علي گوهر شاھہ ثاني ’محافي ڌڻي‘ (چوٿون پير پاڳارو):پير حزب ﷲ شاھہ ’مسڪين‘ جي فرزند سيد علي گوهر شاھہ ثانيءَ جي ولادت 1275ھہ/ 1858ع ۾ ٿي. کيس ’محافي ڌڻي‘ جو لقب انڪري مليو، جو هو اڪثر بيمار رهندو ۽ جماعت ۾ سفر نہ ڪري سگهندو هو. ان ڪري محافو (ڏولي) ٺهرائي، اُن ۾ سوار ٿي سفر ڪندو هو. پير صاحب والد جي حڪم تي حضرت پير سيد محمد شاھہ جيلاني ثاني(چناھہ واري) جي هٿ تي بيعت ڪري سلوڪ جون منزلون طئي ڪيون. ان سان گڏ پنھنجي والد کان بہ فيض حاصل ڪيائين. پير صاحب 4 محرم 1308ھہ/ 21 آگسٽ 1890ع تي مسندنشين ٿيو. سندس وقت ۾ ’حر‘ فقيرن انگريز حڪومت خلاف سنڌ ۾ بغاوت ڪئي ۽ سنڌ وطن جي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ هٿياربند جدوجهدشروع ڪئي. پير علي گوهر شاھہ ثانيءَ فرق وارن فقيرن تان درگاھہ تي اچڻ جي پابندي ختم ڪري ڇڏي ۽ کين درگاھہ تي اچڻ ڏنو ۽ سفر وقت انهن ڳوٺن ۾ وڃڻ لڳو ۽ سندن دعوتون بہ قبول ڪيائين. انگريزن کي اهو عمل خراب ۽ ناگوار لڳو ۽ هنن سمجهيو تہ پير صاحب ڪمزور آهي ۽ مريدن کي خوش ۽ راضي ڪرڻ ٿو چاهي. پر کين خبر نہ هئي تہ پير صاحب، سائين حزب ﷲ جو فرزند هو ۽ والد کان جيڪا تربيت ورتي هئائين، ان موجب فرق وارن تان پابنديون لاهي وڌيڪ آزاد خياليءَ جو مظاهرو ڪيو هئائين. انگريزن پير علي گوهر شاھہ جي فقيريءَ، طبع جي ضعيفيءَ، وڏن خليفن جي گذاري وڃڻ ۽ خليفي علام نبيءَ جي سعودي عرب هليو وڃڻ، ڪيترن فقيرن کي ڦاسيون ملڻ بعد انگريزن پنهنجن ڇاڙتن ذريعي ڪن طاقت وارن فقيرن کان ڪجهہ اڻ وڻندڙ ڪارروايون ڪرايون. انهن ڪاررواين پٺيان سانگهڙ، خيرپور، ٽنڊي باگي وغيرہ جي صوبيدارن جو هٿ هو. بهرحال انهن سازشن جي باوجود حر تحريڪ ختم نہ ٿي سگهي. حرن جي قيادت ڪندڙ(1) بچو (بادشاھہ) خاصخيلي(وڌيڪ ڏسو: بچو بادشاھہ- جلد پهريون)،(2) پير بخش عرف پيرو وسـاڻ (وزيـر)، (3) گـلـو فقيـر مـوچي (ڪوٽوال)،(4) ڀلو فقير ڳاهو، (5) مصري فقير گهانگهرو، (6) فتلو ڏاهري (قاضي)، (7) سومر فقير ڳاهو، (8) خميسو وساڻ، (9) راڻو وساڻ، (10) عيسو ڏاهري، (11) عثمان هنڱورجو ۽ (12) تڳيو فقير چانگ هئا، جن کي ’ٻارهن ٻهروٽيا‘سڏيو ٿي ويو. اهيمکي ڍنڍ (ضلعي سانگهڙ) جي ٻيلن ۾ پنھنجي خانگي حڪومت قائم ڪري، وڏيءَ بهادريءَ سان انگريز سامراج خلاف وڙهيا ۽ انگريزن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيائون. شاعر مل محمود پليءَ کين ’مَکيءَ جا مور‘ سڏيو آهي: انگريزن جي صاحبي، چوڏهين صديءَ سير، پــرڏر اچــي پيــدا ٿيا، بانڪــا بينظيــر، ٻارهن ڄڻا ٻهروٽيا، مکيءَ پاسـي ميــر، بچُــو تـن جــو بـادشـاھہ، پيـرو تـن وزير. انهـن فقيـرن جـا ڳـڻ نہ رڳـو شاعـر، پر مڱـڻـا بہ محفـلن ۾ ڳائيـندا هئا ۽ عورتون گهرن ۾ رات جو ڳيچن طور ڳائينديون هيون. انگريز سرڪار اهڙن فنڪارن ۽ ڳيچ ڳائيندڙ عورتن کي بہ قيد ڪرڻ شروع ڪيو. بهرحال اها حر جماعت طرفان آزاديءَ جي تحريڪ جي پهرين جنگ هئي. انگريز سرڪار پير علي گوهر شاھہ تي زور ڀريو تہ انهن ’ٻهروٽين‘ جون ٻانھون ڏيو، پر پير صاحب اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو تہ رعيت سرڪار جي آهي ۽ سرڪار جي رويي جي ڪري اهي ڪارروايون ڪن ٿا. ان تي پير صاحب کي نظربند ڪري حيدرآباد ۾ رکيائون. فقيرن تي سختيون ڪيون ويون، سندن سخت چوڪسي ٿيڻ لڳي. 1895ع کان انگريزن حرن کي لوڙهن ۾ ٻارن ٻچن سميت بند ڪرڻ شروع ڪيو. 1895ع ۾ پهريون لوڙهو (Concentration Camp) ’جانب جي ڍوري‘ ضلعي سانگهڙ ۾ قائم ڪيو ويو. هڪڙن کي لوڙهن ۾ رکيو ويو، ٻين کي هسٽري شيٽر قرار ڏنو ويو. ڪيترن حرن کي ڦاهيون ڏنيون ويون. پير صاحب تي وڏا زور بار وڌا ويا. نيٺ ڳالهيون ٿيون، ۽ پير صاحب شرط وڌو تہ هو باغين کي پيش پوڻ لاءِ چوندو پر مٿن سختي نہ ٿيندي. پر جڏهن ڪجهہ فقير پيش پيا تہ انهن کي ڦاسي ڏني وئي، ان ڪري ٻيا پيش نہ ٿيا ۽ وڙهندي شھيد ٿيا (وڌيڪ ڏسندا: ’حر تحريڪ‘، جلد چوٿون).جيئن تہ پير صاحب بي اولاد هو، ان ڪري پنھنجي زندگيءَ ۾ ئي وصيت نامي ذريعي پنھنجي ننڍي ڀاءُ سيد شاھہ مردان شاھہ اول کي پنهنجو ولي عھد مقرر ڪري ويو. پير صاحب 24 جمادي الثاني 1314ھہ/ 1 ڊسمبر 1896ع ۾ وفات ڪئي. (7) سيد شاھہ مردان شاھہ اول ’ڪوٽ ڌڻي‘ (پنجون پير پاڳارو):سيد شاھہ مردان شاه اول ولد حزب ﷲ شاھہ ’مسڪين‘ 7 صفر 1279ھہ/ 4 آگسٽ 1862ع ۾ پيدا ٿيو، سندس لقب ’ڪوٽ ڌڻي‘ ان ڪري مشھور ٿيو، جو پاڻ پنهنجيءَ درگاھہ جي ٻاهران هڪ وڏو ڪوٽ ڏياريو هئائين. پير صاحب قرآن، حديث ۽ فن جي تعليم ۽ تربيت پنھنجي والد وٽان حاصل ڪئي. هن حضرت پير سيد محمد شاھہ جيلاني (چناھہ واري) جي هٿ تي بيعت ڪري سلوڪ جون منزلون طئي ڪيون.پنھنجي وڏي ڀاءُ ’محافي ڌڻيءَ‘ جي وصيت موجب، سندس وصال بعد 27 جمادي الثاني 1314ھہ/ 4 ڊسمبر 1896ع ۾ 35 سالن جي عمر ۾ سجادہ نشين ٿيو. ان وقت سندس وڏي ڀاءُ سيد علي مظفر شاھہ سجادہ نشينيءَ جي دعويٰ ڪئي ۽ عدالت ۾ مقدمو بہ داخل ڪيو ويو. سيد شاھہ مردان شاھہ مسند نشينيءَ کان پوءِ وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏنو. هڪ طرف انگريز سامراج جي مخالفت ۽ ٻئي طرف خانداني مخالفت. پير صاحب نامياري بئريسٽر محمد علي جناح کي پنهنجو وڪيل مقرر ڪيو، جيڪو تازو برطانيا مان پڙهي آيو هو، اهو مقدمو عدالت ۾ ڪيترا سال هليو ۽ 1899ع ۾ پير صاحب جي حق ۾ فيصلو ٿيو ۽ مظفر شاه جي اها دعويٰ رد ٿي تہ هو سجادہ نشينيءَ جو حقدار آهي. ان وقت انگريزن جو عروج هو، جن پير سائينءَ کي پنھنجي ڪرڻ لاءِ ڪيترائي حيلا هلايا. شاباس ناما ۽ لقب ڏيڻ جون ڪوششون ڪيائون، لالچون ۽ ڌمڪيون ڏنائون، پر انگريزن جي هر ڪوششناڪام ٿي ۽ هي سدائين بي نياز ۽ بي پرواھہ رهيو ۽ درگاھہ جي تعمير، ترقي ۽ جماعت جي اصلاحجي ڪمن ۾ مصروف رهيو. درگاھہ جي چوڌاري مضبوط شاهي برجن وارو ڪوٽ تعمير ڪرايائين ۽ روضي مبارڪ تي سونو ڇٽ ۽ سونيون نيلون چاڙهڻ سان گڏ مدرسہ قادريه (موجودہ جامعہ راشديه) جي توسيع جو ڪم، مسافرخانو ۽ مهمان خانو بہ ٺهرايائين. هر سال 27 رجب عيد معراج النبي صلي ﷲ عليہ وسلم تي مشھور ۽ معروفعالمن کي گهرائي عاليشان جلسو ڪرائيندو هو.واعظ جي مجلس کان پوءِ عالمن کي تحفن، عطين ۽ نفيس پوشاڪن سان نوازيندو هو. عالمن جو ايتريقدر احترام ڪندو هو،جو سندن هٿ پاڻ ڌُوئاريندو هو.سخاوت ۾ بہ لاثاني هو، غريبن، نادارن ۽ مسڪينن ۾ بنا فرق جي ڪپڙا، ڪڻڪ، پئسا ۽ طعام ورهائيندو هو. سندس ٽي فرزند هئا: (1) سيد علي حسين شاھہ،(2) سيد محمد صبغت ﷲ شاھہ ثاني۽ (3) سيد راحم شاھہ. پنھنجي وڏي فرزند حسين علي شاھہ جي وفات کين جهوري وڌو ۽ آخري وقت ۾ وڏن خليفن کي گهرائي ننڍي فرزند، سيد محمد صبغت ﷲ شاھہ ’ثاني‘ جي مسند نشينيءَ بابت وصيت ڪيائون. پير صاحب مختلف فڪري ۽ اصلاحي ڪتاب ۽ رسالا لکرائي پنھنجي مھر سان جماعت ۾ عام ڪيا. اهڙن پنجن ڪتابن کي ’تحفة المرشدين‘ نالي سان محمد يوسف ڀنڀري ترتيب ڏئي ڇپايو آهي. پير صاحب جو دؤر پر آشوب بہ رهيو. انگريز حڪومت جي گرفت سنڌ تي مضبوط ٿي چڪي هئي ۽ سڄو هندستان ان جي قبضي ۾ هو. هر قسم جون تحريڪون ساڻيون ٿي چڪيون هيون، با اثر زميندارن ۽ اميرن کي لقبن، جاگيرن ۽ مراعتن سان نوازيو ويو. پوليس ۽ فوج هر هنڌ متعين هئي. اهڙين حالتن ۾ حرن جو زندہ رهڻ جوانمرديءَ ۽ آزاديءَ جي حرارت جو نتيجو آهي. پير صاحب گهڻين مشڪلاتن جي گهيري ۾ هو، ان ڪري تحريڪ جي خاطر خواه آبياري ڪري نہ سگهيو. حرن جا مختلف جٿا انگريزن سان وڙهندا رهيا. 1895ع کان 1900ع تائين سندن گوريلا ڪاررواين انگريزن کي پريشان ڪري وڌو. پير صاحب تي حڪومت جو دٻاءَ وڌندو رهيو. مصلحت جي تقاضا هئي تہ ان شدت کي گهٽائجي ۽ تحريڪ کي مضبوط ڪجي. انهن ئي ڏينهن ۾ بچو خاصخيلي عرف بچو بادشاھہ جي ڪاررواين سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر ۾ ڏهڪاءُ پکيڙي ڇڏيو هو. انگريزن جي سڄي مشينري حرڪت ۾ اچي وئي. 1896ع ۾ جيمس ٻيهر سنڌ جو ڪمشنر ٿي آيو. حرن بچو بادشاھہ جي اڳواڻيءَ ۾ گوريلا جنگ جي شروعات ڪري ڇڏي ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ ايتري ڪاميابي حاصل ڪري ورتي جو انگريز سرڪار کي ڏندين آڱريون اچي ويون. پوليس دستا سندس مقابلي کان ونءُ ويندا هئا، ان ڪري ملٽريءَ کي ميدان ۾ لاٿو ويو. پر سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر ۾ حرن ايڏيءَ تہ مضبوطيءَ سان قدم ڄمائي ورتا هئا، جو ظاهري طرح سندن شڪست جو ڪو امڪان نہ هو، ڇو تہ گهاٽا ٻيلا سندن مضبوط پناھہ گاهون هئا، جن ۾ گهڙندي ملٽري ۽ پوليس وائڙي ٿي ويندي هئي، مٿن گولين جا وسڪارا ٿي ويندا هئا. جڏهن سرڪاري حملا وڌي ويندا هئا تہ حر مجاهد پناھہ گاهن ۾ لڪي ويندا هئا. ان ريت سرڪار جو نڪ ۾ دم ڪري ڏنائون. انگريزن پنهنجو جاسوسي ڄار پکيڙي ڇڏيو ۽ ڪيترا جاسوس حرن جي ويس ۾ حرن جي پناھہ گاهن طرف روانا ڪيا، جيڪي ’ڀيڄ پاڳارا‘ جا نعرا هڻندا مختلف وقتن ۽ هنڌن تي بچو بادشاھہ جي ساٿين سان ملي ويا ۽ نهايت منافقت سان راز هٿ ڪري حڪومت کي پڄائيندا رهيا. انهن جي ڏس تي حرن جي پناھہ گاهن جو گهيرو ڪيو ويو، مٿن بمباري ڪئي وئي، ٻيلا ۽ مورچا تباھہ ٿي ويا ۽ ڪيترا حر مجاهد موت جي ور چڙهي ويا، بمباريءَ حرن کي لڪڻ ۽ ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. ٻئي طرف پير صاحب تي حرن جي ڪاررواين بند ڪرائڻ جو دٻاءُ وڌندو رهيو. پير صاحب حالتن جي ناسازگاري ۽ پنهنجن ماڻهن کي اقتدارپرستيءَ کي اکين سان ڏسندي حرن کي ڪاررواين کان روڪيو، جنهنڪري حرن جون سرگرميون ٿڌيون ٿيڻ لڳيون. انگريزن ان ڳالھہ کي غنيمت سمجهي حرن تي ايڏا ظلم ڪيا، جو ڪيترا خاندان تباھہ ٿي ويا، بي شمار حر مجاهدن کي ڦاسيون ڏنيون ويون. جن تي بہ حر هجڻ جو شڪ ٿيندو هو، تن کي گولين سان اڏايو ويندو هو. 1896ع ۾ انگريزن بچو بادشاھہ کي سانگهڙ ۾ گرفتار ڪري ورتو ۽ شادي پليءَ ۾ درٻار لڳائي سرڪاري جاسوسن ۽ پوليس عملدارن کي تلوارون، لونگيون ۽ انعام ڏنا ويا. ٻارهن ٻهروٽين خلاف قدم کنيا ويا. 1898ع ۾ هڪ ڀيرو وري گوريلا جنگ شروع ٿي، پر پير صاحب حالتن جي سنگينيءَ کي ڏسي ان کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. حرن کي انگريزن سان سخت نفرت هئي، کين مرشد سان حد درجي جي عقيدت هئي، ان ڪري سندس دشمنن کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار هئا. جيتوڻيڪ انهن کي مرشد جي چوڻ تي جنگ بند ڪرڻي بہ پوندي هئي، پر منجهن موجود جهاد ۽ حب الوطنيءَ جو جذبو کين بيچين رکندو هو، ۽ ٿوري ئي اشتعال تي سرڪار سان ٽڪراءَ ۾ اچي ويندا هئا. حرن تي بي پناھہ سختيون ڪيون ويون، کين لوڙهن ۾ بند ڪيو ويو، ڪيترن کي احمد نگر طرف جلاوطن ڪيو ويو. پير شاھہ مردان شاھہ اول انگريزن کي مطمئن ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ۽ سندن گهر تي 1914ع جي پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ انگريزن کي آزمائشي طور 500 ويڙهاڪ بہ ڏنائين ۽ سندن مالي مدد ڪيائين، تڏهن وڃي لوڙهن جو خاتمو ٿيو. باوجود ان جي انگريزن هن گاديءَ تي چوڪسيءَ جي نظر رکي ۽ جماعت کي اک جو ڪنڊو سمجهيو. اهڙين پرآشوب حالتن ۾ پير صاحب جي وفات 7 ربيع الاول 1340ھہ/ 8 نومبر 1921ع تي اڱاري جي ڏينهن ٿي. سندس وفات کانپوءِ سندس فرزند سيد محمد صبغت ﷲ شاھہ ثاني مسند نشين ٿيو. (8) سيد صبغت ﷲ شاھہ ثاني شھيد (پڳ ڌڻي)،سورهيه بادشاھہ(ڇهون پير پاڳارو):سنڌ جي تاريخ ۽ حُر تحريڪ جو عظيم اڳواڻ، سيد شاھہ مردان شاھہ اول ’ڪوٽ ڌڻيءَ‘ جو ٻيو نمبر فرزند سيد صبغت ﷲ شاھہ ثـاني المـعـروف ’شھيد سورهيه بادشاھہ‘، 13 صفر 1327ھہ/ 5 مارچ 1909ع تي پير جي ڳوٺ (ضلعيخيـرپـورميـرس) ۾ پيدا ٿيو. پير صاحب جي عمر ٻارهن سال مس هئي تہ سنــدس والد محـتــرم جـو انتــقــال ٿـيـو ۽ ان ئــي نـنــڍي وهـيءَ ۾ ســنـدس ’پيـر پاڳاري‘ جي حيــثيــت ۾ دسـتـاربنـدي ڪـئي وئـي. اهــڙي طـرح آزاديءَ لاءِ جدوجھد جو جذبو ۽ انگريزن خلاف نفرت کيس ورثي ۾ مليا. پير صاحب جي ننڍي عمر هئڻ ڪري، هڪ طرف سندس ويجهن ۽ وڏن عزيزن کي اميد هئي تہ هي ننڍڙو پاڳارو سندس صلاح مشوري سان اٿندو ويهندو ۽ انهيءَ ڪري سندن ذاتي اثر رسوخ ۾ بہ واڌارو ٿيندو. ٻئي طرف انگريزي حڪومت جي هوشيار ڪار پردازن سوچيو تہ هن ننڍڙي پير تي اثر وجهي سندس نشونما اهڙي نموني سان ڪجي، جيئن هو خانداني روايتن کان منهن موڙي، انگريزن جو دوست ۽ وفادار ٿي رهي، ٽئين طرف درٻار جي جهونن خدمتگارن ۽ خليفن جو خيال هو تہ هو پير صاحب کي هو پنھنجي مرضيءَ موجب هلائيندا. پر پير صاحب ننڍيءَ عمر ۾ ئي نهايت دلير، جرئتمند ۽ پڪي ارادي جو مالڪهو. سندس شخصيت ۾ هڪ خاص قسم جي انفراديت هئي، جو ٻين جي ڳالهين تي جيئن جو تيئن عمل نہ ڪندو هو. هو هڪ آزاد طبع جو مالڪ هو، جنهن کي خارجي ضابطن سان نفرت هئي. هو پنهنجو پاڻ سوچيندڙ هو. ان ڪري مشورن کي محض مشورا ڪري ٿي ڄاتائين ۽ ٻين جي صلاحن کي جيئن جو تئين مڃڻ لاءِ تيار نہ هو. سندس شخصيت ۽ ڪردار جو روح خود اعتمادي ۽ ارادي جي مضبوطيءَ ۾ سمايل هو، منجهس آزاديءَ جو جذبو موروثي هلندو پئي آيو ۽ صبغت ﷲ شاھہ اول مان سندس نالي پويان سڏيل صبغت ﷲ شاھہ ثانيءَ ۾ انهيءَ جذبي جو هئڻ بلڪل ممڪن هو. پير صاحب حُر جماعت کي منظم ڪرڻ طرف خاص ڌيان ڏنو. پنهنجيءَ جماعت سان گڏ سفر ڪري جماعت کيايڪي، ٻڌيءَ، بهادريءَ ۽ اسلامي اصولن تي هلڻ جو درس ڏنو. هر قسم جي نشي کان پرهيز ڪرڻ ۽ عورتن کي عاج جا چوڙا ۽ ولايتي ڪپڙا پائڻکان منع ڪيائين. هڪ ڀيري سندن چاچي مرحوم پير علي گوهر شاھہ ثانيءَ جي نالي انگريزن طرفان مليل ڪو آفرين نامو گهر بنگلي جي ڀت تي ٽنگيل ڏٺائون تہ اهو اڇلي ڀڃي ڇڏيائون ۽ چيائون تہ ”اسان جا وڏا ڪيڏا نہ سادا هئا. ﷲ تعاليٰ سندن عزت ايترو بلند ڪئي، پر ان هوندي بہ هي آفرين ناما رکي ڇڏيا اٿن!“ پير صاحب جي سجادہ نشين ٿيڻ کان پوءِ ڪجهہ عزيزن جي مخالفت وڌي وئي.انگريز سرڪار تہ اڳي ئي ڪنهن بهاني جي تلاش ۾ هئي، جماعت جي ڪجهہ فقيرن جي سخت رويي سبب پير صاحب جو ڀاءُراحم شاھہ ۽ سندن ڀائٽيو بہ مخالف ٿي بيٺا ۽ انگريزن ۽ درگاھہ جي مخالفن ان موقعي کي غنيمت ڄاتو ۽ انگريز حڪومت کي پير صاحب جي عزيزن مان فريادي ۽ شاهد ملي ويا. هنن ننڍين ڳالهين کي وڏو ڪري، تيليءَ مان ٿنڀ بنائي، 26 مارچ 1930ع تي سکر پوليس جي ايس. پيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ وڏي اٽالي هٿاندرگاھہ تان پير صاحب کي گرفتار ڪرائي سينٽرل جيل سکر ۾ رکي، مٿس ڪوڙو مقدمو داخل ڪرايو ويو.اهو مقدمو 23 اپريل 1930ع تي هليو، جنهن ۾ پير صاحب جي وڪالت محمد علي جناح ڪئي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي تہ: چون ٿا تہ جناح صاحب کي راز طور ٻڌايو ويو تہ حڪومت هر حالت ۾ پير صاحب کي نہ ڇڏيندي، انهيءَ ڪري هو سندس وڪالت نہ ڪري، پر جناح صاحب نہ مڙيو، ڪورٽ ۾ آيو. مگر جج طرفان ٿيندڙ زيادتين تي احتجاج ڪري هليو ويو. مقدمو ڪوڙو ثابت ٿيو، ان هوندي بہ ڪوڙين شاهدين سان زبردستيءَپير صاحب تي ڏوھہ ثابت ڪري، کيس ڏهن سالن لاءِ قيد ڪري پهرين لاڙڪاڻي، پوءِ ڪراچيءَ ۽ ان کان پوءِ رتناگري (بمبئيءَ ويجهو) جيل ۾ آندو ويو. رتناگري جيل ۾ پير صاحب پنھنجي جد امجد سيد محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي ملفوظات جو خاص ڪري گهرو مطالعو ڪيو. ان کان سواءِ ڪيترا فارسي، اردو ۽ سنڌي ڪتاب پڙهيائين، انهن ڪتابن مان انتخاب تاليف ڪيائين. ڪيترن ڪتابن جي حاشين تي پنهنجا خيال ۽ رايا نوٽ ڪيائين. کين جڏهن رتناگريءَ مان مدناپور منتقل ڪيو ويو تہ اتي بہ مطالعو جاري رکيائين. ان عرصي ۾ هندستان جي سياست کي سمجهڻ شروع ڪيائين ۽ وقت جي ڪيترن انقلابين سان خيالن جي ڏي وٺ ڪيائين. پير صاحب جي آزاد ٿيڻ ۾ اڃا ڏيڍ سال کن هو تہ پويان حڪومت جماعت جي ماڻهن جي خيالن ۽ رجحانن جي جاسوسي ڪرائڻ شروع ڪئي. حد جي هر ٿاڻي اندر مريدن کي گهرايو ويو. بالغ نوجوانن کان وٺي پوڙهن تائين سڀني جا نالا لکيا ويا. سڀني کي ضلعي جي ايس. پي ۽ ڪليڪٽر جي آڏو پيش ڪيو ويو. اهي قدم حڪومت ان ڪري کنيا، جو ان کي پير صاحب جي انقلابي سوچ ۽ آزاديءَ واري حڪمت عمليءَ جو پتو پئجي چڪو هو. پير صاحب ستن سالن جي قيد کان پوءِ آزاد ٿي جڏهن درگاھہ تي پهتو. ان وقت هڪ عالم ۽ فقير مولوي فيض محمد راڄڙ کيس مشورو ڏنو تہ اوهان جي چؤطرف دشمنن ۽ مخالفن جو گهيرو آهي، تنهنڪري پنهنجيءَ درگاھہ تي رهي ذڪر فڪر ۽ عبادت الاهيءَ ۾ گذاريو ۽ پنھنجي جماعت جي تربيت ڪريو. پير صاحب پنھنجي مريدن جي اصلاح لاءِ هدايتون ڪيون. نشائين نشا ڇڏي ڏنا. عورتن عاج جا چوڙا پائڻ ۽ جماعتين انگريزي لباس پائڻ ڇڏي ڏنو. جماعت وارن سانگهڙ ڀرسان پير صاحب لاءِ ’گڙنگ‘ لڳ بنگلو ٺهرايو، جتي مريدن جون دعوتون وٺندا هئا. هي بنگلو ڄڻ تہ انقلابي تحريڪ جو مکيہ مرڪز بنجي پيو. پير صاحب رات جو پوشاڪ بدلائي، جماعت ۾ وڃي گهمندو هو ۽ سندن اصلاح ڪندو هو. هندن ۽ مسلمانن جي ايڪي تي زور ڏيندو هو. ان عرصي دوران پير صاحب حج جي فرض ادا ڪرڻ ۽ حرمين شريفين جي زيارت لاءِ حجاز مقدس پهتو. حج کان پوءِ مديني منوره ۾ حضور نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي بارگاھہ ۾ بہ حاضري ڏنائين. ان دوري دوران اتي جي ڪيترن عالمن سان ملاقاتون ڪيائين. ان وقت سياسي صورتحال اها هئي تہ انـڊيـن نيـشنـل ڪانگريس، آزاد هندستان جي منصوبي تي عمل پيرا هئي. ٻئي طرف پير صاحب جي حُر تحريـڪ بہ سـرگـرم هـئي، جنـهـن کان نـه رڳـو انگـريـز سرڪار، پر سنڌ جا دلال زميندار ۽ جاگيردار بہ خائف هئا، جيڪي پير صاحب جي مخالفت ۾ انگريزن جي جهوليءَ ۾ وڃي ڪريا هئا. پير صاحب جماعت کي منظم ڪيو. غازين جي عام ڀرتي ڪئي وئي. مسجد منزل گاھہ واقعي وقت غازين کي ڳوٺن ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۽ هندن جي تحفظ ڪرڻ جي هدايت ڪيائون. اها صورتحال ڏسي انگريز حڪومت طرفان ٻي حڪمت عملي سوچي وئي. سکر جي ڪليڪٽر پير صاحب کي ملاقات لاءِ گهرايو، پاڻ خليفي احمد کي ڪليڪٽر ڪوٺا والا ڏانهن موڪيائون، جنهن ساڻس گجراتيءَ ۾ ڳالهايو، ڇو تہ ڪليڪٽر جيتوڻيڪ پارسي هو، پر سندس ماءُ گجراتڻ هئڻ ڪري گجراتي سمجهندو هو. هن پير صاحب کي هڪ تلوار ۽ بندوق انعام طور ڏيڻ چاهي. خليفي احمد ذريعي جڏهن پير صاحب کي اها ڄاڻ پئي تہ پير صاحب نہ رڳو اهي شيون وٺڻ کان انڪار ڪيو پر گورنر کي چوائي موڪليائين تہ ”اسان وٽ اسان جا هٿيار موجود آهن“. گورنمينٽ سندس انڪار کي سرڪشي سڏيو. سنڌ تي سخت گير گورنر ’سر هوچ ڊؤ‘(Sir Hoetch Du) مقرر ڪيو ويو، جنهن پير صاحب خلاف سخت رويو اختيار ڪيو. گورنر ’هوچ ڊؤ‘ طرفان پير صاحب کي چيو ويو تہ هُو فقط ڪراچيءَ ۾ رهي. پاڻ ڪجهہ وقت ڪراچيءَ ۾ رهيو، ان کان پوءِ پنهنجيگهر وارن کي درگاھہ پير جي ڳوٺ ڇڏڻ لاءِ ڪراچيءَ کان بنا اجازت هليو آيو. ڪليڪٽر سکر وڏي فوجي اٽالي سان اچي کيس گرفتار ڪري ڪراچيءَ ۾ مير خدابخش خان جي بنگلي تي رهايو ۽ پوءِ 20 سيپٽمبر 1941ع تي ڪراچيءَ کان کيس جبلپور جيل ۾ اماڻيو ويو. پير صاحب ساناها ناجائزي ڏسي، حر جماعت جي سرڪش اڳواڻن انگريزن خلاف مسلح بغاوت شروع ڪري ڏني ۽ باقاعدي ’وطن يا ڪفن‘ جو نعرو بلند ڪري سنڌ جي آزاديءَ جي لاءِ گوريلا جنگ وسيلي اهڙي دهشت پکيڙي ڇڏي،جو برطانوي حڪومت لُڏي وئي. انگريزن 1942ع ۾ حرن کي چِٿڻ لاءِ پوري هندستان مان فقط سنڌ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري، هڪ طرف پير صاحب خلاف ڪيسن مٿان ڪيس داخل ڪيا تہ ٻئي طرف حر جماعت خلاف سخت قدم کنيا ويا. حرن جون لسٽون ٺاهي،سندن حاضريون لڳايون ويون، کين اهل ۽ عيال سميت لوڙهن ۾ جانورن وانگر بند ڪيو ويو، ۽ کين سرعام گولين جو نشانو بنايو ويو، سندن ڳوٺن جا ڳوٺ تباھہ ڪيا ويا. فصل ساڙيا ويا، ملڪيتون ۽ گهر مال لٽيا ويا، جڳھہ جڳھہ تي ڦاسي گهاٽ ٺاهي کين سرعام ڦاسيون ڏنيون ويون. مطلب تہ آزاديءَ جي متوالن حرن تي هر قسم جو ظلم روا رکيو ويو. ٻئي طرف انگريزن درگاھہ ’پير جو ڳوٺ‘ تي قبضو ڪري، ڪوٽ وغيرہ ڊاهي ڇڏيو ۽ سانگهڙ ۾ ’گڙنگ بنگلي‘ کي بمن سان اڏايو ويو. پير صاحب جي گهر ڀاتين کي نظر بند ڪيو ويو. سرزمين سنڌ جي حر سورهين ’مارشل لا‘ کي مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏنو. قيدن جون سختيون سٺيون. لوڙهن ۾ ٻارن ٻچن سميت قيد ٿيا، پر هيڻي نہ ٻوليائون. لوڙهن ۾ حرن جا سوين ٻارڙا، زالون ۽ ٻڍڙا بکن ۽ بيمارين وگهي مري ويا. پير صاحب تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري، حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ مٿس مقدمو هلايو ويو.کين ’معافي‘ وٺڻ لاءِ راضي ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ويون، پر انگريز هر طرح ناڪام ويا. حيدرآباد جيل ۾ قيد حرن جي سڃاڻپ لاءِ جاسوسن کي برقعا پارائي موڪليو ويو ۽ ان بنياد تي ڪيئي بھادر ڦاسيءَ تي لٽڪي ويا. آخرڪار مٿس جيل ۾ ڪيس هلائي ڦاسي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. چون ٿا تہ ڦاسيءَ واري رات جيل ۾ انگريز آفيسر سڄي رات پير صاحب سان شطرنج راند کيڏي، پر پير صاحب کيس هر داءَ ۾ هارايو. ان مان پير صاحب جي دليري ۽ خود اعتماديءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. آخر کيس 20 مارچ 1943ع تي ڦاسي ڏئي شھيد ڪري، ڪنهن نامعلوم هنڌ دفن ڪرايو ويو.پير صاحب وڏو عالم بہ هو. هن حر پوئلڳن لاءِ ’تنبيھہ الفقراءَ‘ نالي نصيحتن تي مشتمل هڪ ڪتاب لکيو هو، جنهن کي حافظ محمد يوسف ڀنڀري سڪندري ترتيب ڏنو آهي ۽ سڪندريه پبليڪيشنز جاعمه راشديه، درگاھہ پير جو ڳوٺ پاران جولاءِ 2005ع ۾ ڇپايو ويو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو 20 مارچ 2007ع ۾ ڇپيو آهي. هن ڪتاب ۾ مريدن کي اصلاحي هدايتون ڏنل آهن، جھڙوڪ: (1) جيڪو مريد سچي ارادي سان مرشد ٿو وٺي اهو فيض حاصل ڪندو، (2) سچي تي ڪاوڙ ڪرڻ خراب ڳالھہ آهي، (3) هزار عبادتون هڪ گناه جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهن، (4) علم، حيا، فياضي ۽ رحم کي هٿان نہ ڇڏيو، (5) ڪوڙي جي حڪومت لمحن تائين هلندي. هن ڪتاب ۾ اهو بہ لکيائون تہ سرڪار کين ڪتاب لکڻ نہ ٿي ڏئي، ان ڪري ڪتاب لکڻ بند ٿا ڪريون، ٻاهر اچي لکندا سون. صرف ڪتاب پڙهي انهن تي نشان ٿا ڏيون تہ جيئن ان مان رهنمائي حاصل ڪريو. (9) سيد شاھه مردان شاھه ثاني ’ڇٽ ڌڻي‘ (ستون پير پاڳارو):پير سيد شاھھ مردان شاھھ ثاني، سورھيھ بادشاھھ شھيد صبغت ﷲ شاھھ جو وڏو فرزند ھو. سندس عرفي نالو سيد سڪندر علي شاھھ ۽ لقب ’ڇٽ ڌڻي‘ ھو ۽ کيس وطن جي خدمت جي سلسلي ۾ ’محسن ملت‘ سڏيو ويندو ھو. سيد شاھھ مردان شاھھ ثانيءَ جي پيدائش 22 نومبر 1928ع تي پير جو ڳوٺ ضلعي خيرپور ميرس ۾ ٿي. اڃا اڍائي سالن جو مس ھو تھ سندس والد کي حڪومت برطانيا گرفتار ڪري بنگال پھچايو ھو. ان ڪري سندس سار سنڀال حر جماعت جي مقتدر خليفن ڪئي، جن مان وڏو خليفو حاجي موسيٰ وساڻ ھو. پير صاحب 1355ھھ/1936ع ۾ پنھنجي خانداني مرشد پير سيد محمد شاھھ جيلانيءَ جي ھٿ تي بيعت ڪئي، ان وقت سندس مرشد جي عمر 84 سال ھئي. انهيءَ سال ئي سندس والد انگريزن جي قيد مان آزاد ٿي درگاھھ تي پھتو ۽ پنھنجي نگرانيءَ ۾ پنھنجن ٻنهي پٽن سيد شاھھ مردان شاھه عرف سيد سڪندر علي شاھھ ۽ سيد نادر علي شاھھ جي تعليم ۽ تربيت جو جوڳو بندوبست ڪيو. پير صاحب جي والد شھيد سورهيه بادشاھہ کي جڏھن انگريزن ٻيھر 1941ع ۾ گرفتار ڪيو، ان وقت موجودہ پير سائين پاڳاري جي عمر صرف تيرھن سال ھئي. سندس والد کي ڪراچيءَ ۾ اھل و عيال سميت بنگلي ۾ نظربند ڪيو ويو هو. پوءِ جڏھن انگريزن سورھيھ بادشاھھ صبغت ﷲ شاھھ کي شھيد ڪيو تھ کيس ۽ سندس ننڍي ڀاءُ سيد نادر علي شاھھ کي محمد ھاشم گزدر وسيلي 1943ع جي آخر يا 1944ع جي اوائل ۾ علي ڳڙھھ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ڪرايو ويو. بعد ۾ جون 1946ع ۾ هنن کي وڌيڪ تعليم جي بھاني حڪومت انگلنڊ موڪلي ڇڏيو، جتي کين ھيرو جي ويجهو پنر (Pinner) نالي ڳوٺاڻي علائقي ۾ رٽائرڊ ميجر سي ڊيوس جي پرائيويٽ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. اھڙي طرح سندن سجادہ نشينيءَ کي ممنوع قرار ڏنو ويو. ٻنهي ڀائرن لاءِ انگلنڊ ۾ دلچسپيءَ جي ڪا بھ شيءِ موجود نھ ھئي. ان اسڪول ۾ شاگردن جو تعداد 12، 13مس ھو، جيڪي سڀ غير ملڪي هئا، جتي سندن پڙھائي پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ بھ جاري رھي ۽ گرئجوئيشن مڪمل ڪيائون.14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جو قيام عمل ۾ آيو، پر قيام پاڪستان کانپوءِ بھ لکين ’حر‘ ٻارين ٻچين انگريزن جي قائم ڪيل ’لوڙھن‘ ۾ بند ھئا. پاڪستان حڪومت، حر جماعت ۽ پاڳارا خاندان وچ ۾ رابطي ذريعي پير صاحب جي گادي بحال ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان سلسلي ۾ حر جماعت جي خليفن قائد اعظم محمد علي جناح سان ملاقات بھ ڪئي، پر ڪجهھ ئي عرصي کان پوءِ تاريخ 11 سيپٽمبر 1948ع تي قائداعظم وفات ڪري ويو. ان کان پوءِ پير سيد محمد افضل شاھھ (چناھه شريف، ضلعي جهنگ وارو)، حرن جي نمائندي طور وفد سان گڏجي پاڪستان جي پھرئين وزيراعظم لياقت علي خان ۽ سنڌ جي وزيراعليٰ خان بھادر محمد ايوب کھڙي سان مليو ۽ پير صاحب پاڳارن جي گادي بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. انهن ڪوششن دوران شيخ دين محمد ڪشميري سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو، جيڪو پير سيد محمد افضل شاھه جو مريد ھو. پير صاحب شيخ دين محمد سان ملاقات ڪري کيس سموري حقيقت کان آگاھھ ڪيو. شيخ صاحب پاڻ پير جي ڳوٺ اچي، پير صاحب سميت درگاھھ شريف جو حال ڏٺو، ۽ اتي جو اتي حڪم ڏنائين تھ مريد ڀلي درگاھھ کولي اچي آباد ڪن. ان بعد درگاھھ کلي ۽ پير صاحب پـاڳاري جـي والـده ۽ پڦـي اچـي درگاھھ تـي رھيـون. گادي بحال ٿيڻ کان پوءِ ترت پير سيد افضل شاھھ جيلاني وفات ڪري ويو. جيئن ئي پير صاحبن جي گادي بحال ٿي ۽ درگاھھ کلي تھ ٻئي ڀائر (پير صاحب پاڳارو ۽ سيد نادر علي شاھھ) پاڪستان اچي پھتا. 7 جمادي الاول 1361ھھ/ 4 فيبروري 1952ع تي درگاھھ پير جي ڳوٺ تي ھڪ عظيم الشان اجتماع ۾ گورنر سنڌ شيخ دين محمد، سيد شاھھ مردان شاھھ ثانيءَ جي سجادہ نشينيءَ جو اعلان ڪيو. اھڙيءَ طرح پنھنجن وڏن جي روايتن مطابق راشدي خاندان جي گادي ھڪ ڀيرو ٻيھر بحال ٿي ۽ پير شاھھ مردان شاھھ ثاني عرف سڪندر علي شاھھ ستين پير پاڳاري طور سجادہ نشيني سنڀالي. سجادہ نشين ٿيڻ کان ترت پوءِ پير پاڳاري حڪومتِ پاڪستان کان لوڙھن ۾ بند حرن جي آزاديءَ ۽ بي گهر ٿيلن جي آباديءَ جو مطالبو ڪيو. سنڌ اسيمبليءَ ۾ جي. ايم. سيد ۽ ٻين پاران بھ اھڙو آواز اُٿاريو ويو. نيٺ پاڪستان ٺھڻ کان چار سال پوءِ حڪومت پاڪستان اھو مطالبو مڃيندي، انگريزن جي ظالم قانون کي رد ڪري سموريون ڪئمپون ۽ لوڙھا ختم ڪيا ۽ پھرين اپريل 1952ع تي سمورن حرن کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو. سڀ حر آزاد ٿيا ۽ بي گهر ٿيل پنھنجن اصلي گهرن ڏانھن موٽي آيا. پير مسند نشين ٿيڻ کان پوءِ پنھنجي جماعت کي پرامن رھڻ، قانون مطابق زندگي گذارڻ، ملڪ سان وفادار رھڻ، پاڙي وارن ۽ واسطيدارن سان دوستي، محبت، امن ۽ ڀائيچارو قائم ڪرڻ، تعليم ۽ تربيت حاصل ڪرڻ، دين اسلام تي ڪاربند رھڻ ۽ جهيڙي فساد ۽ برن ڪمن کان پري رھڻ ۽ قادري طريقي سان لاڳاپيل رھڻ لاءِ واعظ ۽ نصيحتن جو سلسلو جاري رکڻ جو حڪم ڏنو. پير صاحب پنھنجي جماعت مان ھزارين جوان چونڊي، پاڪ فوج جي نگرانيءَ ۾ رضاڪار ’حُر فورس‘ جوڙيو. 1965ع ۽ 1971ع ۾ جڏھن ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جنگيون لڳيون تھ ’حر مجاھدن‘ پاڪستاني فوج سان گڏجي ھر محاذ تي مقابلو ڪيو. پير صاحب پاڻ ميدانِ جنگ ۾ حر مجاھدن جي قيادت ڪئي، نتيجي ۾ ڀارت جا ڪيترائي اھم علائقا فتح ٿيا ۽ پاڪستاني فوج کي فتح نصيب ٿي. حر مجاھدن پنھنجي روحاني پيشوا جي رھنمائيءَ ۾ قربانيون ڏئي پاڪستان جو سنڌ محـاذ سنڀاليو ۽ ڀارتي فوجن کي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ نھ ڏنو. پير صاحب انگريزن جي جارحيت سبب مسمار ٿيل سموريون درگاھون ٻيـھر تعمير ڪرايون. بنگلن، ڪوٽ، جماعت خاني، روضي شريف، لائـبـرري، روڊ، رستن ۽ اسپتالن جي شاندار اڏاوت سان گڏ جامعھ راشديھ جي تعمير ۽ توسيع ڪرائي. اسلامي تعليم جو مستقل انتظام ڪيو. جتي طالب علمن جي ڪتابن، رھائش ۽ کاڌي جو مفت بندوبست ڪيو ويو. سندن تعليم لاءِ وڏا عالم مقرر ڪيا ويا، جتان ھر سال 27 رجب تي ڪيترائي عالم ۽ حافظ فـارغ التحصيـل ٿين ٿا. جامعھ راشديھ جو ملڪ جي يونيورسٽين سان الحاق آھي، جتي جامعھ جي سَنَدن کي مڃتا حاصل آھي. فارغ التحصيل عالمن ۽ حافظن کي پير صاحب پاڻ سَنَدون ۽ پوشاڪون ڏيندو رھيو. اھڙن عالمن ۽ حافظن جو تعداد ھزارن ۾ آھي، جيڪي سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ديني خدمتون انجام ڏئي رھيا آھن. سڄي ملڪ ۾ جامعھ راشديھ جي شاخن طور سوين مدرسا ڪم ڪري رھيا آھن. پير صاحب پاڻ بھ وڏو عالم ھو. کيس سنڌيءَ سان گڏ عربي، فارسي، اردو، انگريزي ۽ لاطيني زبانن تي عبور حاصل ھو. پير ڳوٺ درگاھھ تي ھر سال چار وڏا اجتماع ٿين ٿا، جن ۾ لکين مُريدن سان گڏ سوين عالم بہ گڏ ٿين ٿا، جتي ذڪر، فڪر، وعظ ۽ نصيحت جون محفلون ٿين ٿيون. ان موقعي تي پير پاڳارو جماعت کي وعظ ۽ نصيحت ڪرڻ سان گڏ زيارت ڪرائيندو آهي. ھن نياڻين جي تعليم کي زور وٺرائڻ جي ڪوشش ڪئي. پير صاحب جون ٻھ شاديون ٿيون، جن مان کيس نياڻين سان گڏ چار فرزند (1) سيد صبغت ﷲ شاھھ عرف راجا سائين، (2) سيد علي گوھر شاھھ، (3) سيد صدر الدين شاھھ عرف يونس سائين ۽ (4) سيد حزب ﷲ شاھھ ثاني آھن، جن مان پھريان ٽي فرزند حڪومت جي اھم وزارتن ۽ عھدن تي رھي چڪا آھن. پير صاحب کي شڪار سان وڏي دلچسپي ۽ موسيقيءَ سان وڏو لڳاءُ ھو. کيس مختلف پکي پالڻ ۽ گهوڙن جي ريس جو بھ شوق هو. پير صاحب گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ ۽ ملڪي سياست ۾اھم مقام رکندڙ ھو. ھو 1952ع ۾ انگلنڊ مان پاڪستان اچڻ ۽ گادي نشيني حاصل ڪرڻ کان پوءِ مسلم ليگ جماعت ۾ رھيو. 1973ع ۾ سردار شوڪت حيات جي مسلم ليگ کان ڌار ٿيڻ بعد پير صاحب مسلم ليگ جو صدر چونڊيو.1977ع جي عام چونڊن ۾ مرڪزي ڪائونسل جو ميمبر مقرر ٿيو. ڪافي عرصو سينيٽر بھ رھيو. پير صاحب ’پاڪستان قومي اتحاد‘ جو قائم مقام صدر بھ رھيو. 1978ع ۾ جڏھن مسلم ليگ ڌڙن ۾ ورھـائجـي وئـي تھ پيـر صاحـب مسلـم ليگ (پاڳارو گروپ) تشڪيل ڏئي، ان جو صدر چونڊيو، جنھن کي اڳتي ھـلـي سپـريـم ڪـورٽ ’فنڪشنل مسلم ليگ‘ قرار ڏنو، جنھن جو پير صاحب سرپرست ۽ سندس فرزند صدرالدين شاھھ صدر ٿيو. پاڪستان جي سياسي صورتحال کي آڏو رکندي پير صاحب پاڳاري مسلم ليگ جي مختلف ڌَڙن کي گڏائي، 29 آڪٽوبر 2010ع تي ’متحدہ مسلم ليگ‘ جو قيام عمل ۾ آندو، جنھن جو چيئرمئن پير صاحب پاڳارو پاڻ ۽ ڪنوينر ﷲ خان'>ظفر ﷲ خان جمالي ٿيو. پير صاحب 10 جنوري 2012ع تي لنڊن جي اسپتال ۾ وفات ڪئي. (10) سيد صبغت ﷲ شاھہ ثالث ‘راجا سائين’ (اٺون پير پاڳارو): روحاني پيشوا پير سيد صبغت ﷲ شاھہ ثالث عرف راجا سائين (اٺون پير پاڳارو) ولد سيد شاھہ مردان شاھہ (ستون پير پاڳارو) 14 فيبروري 1956ع تي پير جي ڳوٺ، خيرپور ميرس ۾ ڄائو. هن ڪراچي شھر مان تعليم حاصل ڪئي. سندس والد سيد شاھه مردان شاھہ جي وفات کانپوءِ 11 جنوري 2012ع تي کيس حُر جماعت جي سورهن خليفن اٺون پير پاڳارو منتخب ڪيو. هن مسند نشين ٿيڻ کانپوءِ پنھنجي جماعت جي ڀلائي ۽ بھتري لاءِ قدم کنيا، پاڻ پنھنجي مريدن کي وڌ کان وڌ تعليم حاصل ڪرڻ، نياڻين کي پڙهائڻ، نماز جي پابندي، ڪفايت شعاري، پاڙيسرين کي ڪم اچڻ ۽ چڱا ڪم ڪرڻ جي تاڪيد ڪندو رهي ٿو. هن اقليتن وارن جي حق ۾ ڪيترائي ڀيرا آواز اٿاريو. کيس حر فورس جي جنرل هجڻ جو اعزاز پڻ حاصل آهي. پاڻ هن وقت مسلم ليگ (ف) جو سرپرست آهي. 1990ع کان 1997ع تائين ٽي ڀيرا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو آهي. ڄام صادق علي جي دؤر حڪومت ۾ آبپاشيءَ جو صوبائي وزير بہ رهيو. ان کانسواءِ سيد غوث علي شاھہ ۽ سيد مظفر علي شاھہ جي دور ۾ پڻ صوبائي وزير رهيو. آبپاشيءَ جي صوبائي وزير هجڻ دوران هي سنڌ جي پاڻيءَ جو ڪيس جرئتمنديءَ سان وڙهيو ۽ سنڌو درياءُ جي ڊائون اسٽريم ۾ سمنڊ تائين پاڻي پھچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. پاڻ ضلعي ڪائونسل خيرپورميرس جو 3 ڀيرا چيئرمئن رهيو آهي. هن شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس، جيڪا پھرين سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪئمپس هئي، ان کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. کيس سيد محمد راشد شاھہ راشدي، سيد عثمان شاھہ راشدي، سيد عمر مصطفيٰ شاھہ راشدي ۽ سيد ابوبڪر شاھہ راشدي نالي چئن پٽن جو اولاد آهي.