چانڊيو امان الله سنڌي

چانڊيو امان الله سنڌي

امان ﷲ چانڊيو سنڌي

امان چانڊيو سنڌي: مشھور صحافي ۽ سماج سڌارڪ امان ولد مير خان چانڊيو، 5 ڊسمبر 1958ع تي ڳوٺ ڊرٻ ميري خان، تعلقي ۽ ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم قنبر جي ملان مڪتب اسڪول مان مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول قنبر، انٽر شاھہ لطيف ڪاليج قنبر، بي. اي شاھہ لطيف ڪاليج قنبر مان ڪري، پرائمري استاد ٿيو. سندس زندگيءَ جو ڳچ عرصو عوامي خدمت، خاص ڪري چانڊيا برادريءَ جي سماجي خدمت ڪندي گذريو آهي. خان'>امان خان چانڊيو ’سنڌ چانڊيا ويلفيئر ائسوسيئيشن‘ (سچوا) جي باني ميمبرن مان آهي. وڏي عرصي تائين ائسوسيئيشن جو وائيس چيئرمين بہ رهيو. ان کان سواءِ قنبر پريس ڪلب، فرينڊس ويلفيئر آهي. هن مختلف اخبارن: ’روزانہ برسات‘، ’سنڌ‘، ’تعمير سنڌ‘، ’عوامي آواز‘، ’سنڌ سجاڳ‘، ’ساوڪ‘ ۾ صحافيءَ طور بہ ڪم ڪيو آهي. کيس عوامي سماجي ۽ صحافتي خدمتن تي سنڌ شھري اتحاد مڃتا شيلڊ سان گڏ ’سلام ٽيچر‘، عورت فائونڊيشن، پاڪستان پريس فائونڊي، منسٽري آف سوشل ويلفيئر اسلام آباد طرفان اوارڊ ملي چڪا آهن. هن وقت ڄام شوري مان هفتيوار اخبار ’وِک‘ ڪڍندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.12.05  عيسوي

مشهور صحافي ۽ سماج سڌارڪ امان الله ولد مير خان چانڊيو، 5 ڊسمبر 1958ع تي ڳوٺ ڊرٻ ميري خان، تعلقي ۽ ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ ڄائو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رضا آڪاش خاناڻي
لائق سنڌي ٿيٻو
امان ﷲ چانڊيو سنڌي
زيڊ اي شيخ
شبير تابش
گلشن شيخ
ارشاد مستوئي
اسلم چنا
صلاح الدين مولانا
خالد کوکر
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون