داخلا ؛ 2107
پڙهيو ويو ؛ 448
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2012-03-08


تصويرون


Adamshumari.jpg
آدمشماري
آدمشماري



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--آدمشماري

ٽائيٽل ؛ آدمشماري


شاخ : سماجيات

آدمشماري: ماڻھن جي ڳڻپ. (ملڪ ۾ رھندڙ ماڻھن جي سرڪاري طور ڳڻپ (جيڪا ھر ڏھين سال ٿيندي آھي). -پاڪستان- ٺھڻ کان پوءِ 1951ع، 1961ع، 1972ع ۽ 1981ع ۾ -آدمشماري- ٿي. انھيءَ کان پوءِ حڪومت طرفان 1991ع ۾ -آدمشماري- ڪرائي وئي، پر -ان- جي نتيجن کي تسليم نه ڪيو ويو، جنھنڪري عام ماڻھن ۾ بيچيني پيدا ٿيڻ لازمي امر ھو. ڇو ته صوبن جي ضرورتن، ترقياتي ڪمن، ملازمتن، روزگار وغيره جو دارومدار آدمشماريءَ جي انگن اکرن تي ئي ھوندو آھي. آدمشماريءَ جي عمل کي لاڳيتو پوئتي ھٽائڻ تي ڪافي احتجاج کان پوءِ آخر مارچ 1998ع ۾ -آدمشماري- ٿي.
پاڪستان قائم ٿيڻ وقت سنڌ صوبي جي آبادي 70 لکن تائين ھئي، جيڪا 1981ع جي آدمشماريءَ موجب وڌي ھڪ ڪروڙ 90 لکن تائين پھچي ويئي. 1998ع ۾ سڀني ضلعن جي رپورٽن مطابق سنڌ صوبي جي -آدمشماري- -ٽن- ڪروڙن کان مـٿي ٿي چــڪي. جــڏهن ته -پاڪستان- جي آبادي ميڊيا جي انگن اکرن موجب 17 ڪروڙ کان به وڌي وئي آهي. هن وقت سرڪار طرفان سال 2009ع ۾ -آدمشماري- لاءِ تياريون ڪيون پيون وڃن.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آدمشماري- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آدمشماري - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سماجيات - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بد رقو
آدمشماري
آزادي
بهشتي1


.....سماجيات موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن