ڄامپور شهر جي تصوير

ڄامپور شهر جي تصوير

ڄامپور

ڄامپور: پنجاب جي ضلعي راجنپور جو هڪ شهر آهي، جيڪو 290 38’ 32 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 700 35’ 45 ڊگريون ڏکڻ ڊگهائي ڦاڪ تي ڊيري غازي خان جي ڏکڻ ۾ موجود آهي. هيءُ ڳوٺ اٺن ڏهن ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. هن وقت هن ڳوٺ جي آدمشماري سوا لک جـي لـڳ ڀـڳ آهي. روايتن موجب هي شهر دلوراءِ جو ٻڌايل آهـي. هتان اڍائي هزار کن سالن جون وٿون برساتن ۾ ٽٻن تان مليون آهن. اها به روايت آهي ته يوناني فاتح سڪندراعظم ڪاهون ڪندي، هن علائقي کي به فتح ڪيو ۽ هڪ حسين عورت تي عاشق ٿي پيو ۽ مقامي روايتن موجب ان سان هتي ئي شادي ڪيائين. دلور جا دڙا هن ڳوٺ جي ڀر ۾ آهن. هلاڪو ۽ چنگيز خان جي حملن دوران آرائين قبيلي جا ماڻهو هتي اچي آباد ٿيا، جن پاڻ کي ڄام سڏايو. اهي جاڙيجا شاخ مان هئا. هتان جا ماڻهو اڪثر سرائڪي ٻولي ڳالهائين ٿا. پنجاب جو هيءُ شهر ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ ۾ به اڳڀرو ليکيو وڃي ٿو.


لفظ ڄامپورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو