داخلا جي تاريخ 2012-03-13
داخلا نمبر 2659
عنوان آزاد بخاري
شاخ شاعر
پڙهيو ويو 724 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)
آزاد بخاري

آزاد بخاري

آزاد بخاري

آزاد بخاري: نوجوان شاعر ۽ ڪهاڻيڪار آزاد بخاري جو اصل نالو عبدالڪريم شاهه آزاد بخاري آهي. هن چڪ ضلعي شڪارپور ۾ پهرين مئي 1966ع تي جنم ورتو. هن بي.ڪام 1985ع ۾، ايم. اي سنڌي 1987ع ۾، اي. ايم. سي 1994ع ۾ پاس ڪئي. شڪارپور ضلعي تعلقي لکيءَ جي شهر عبدوءَ جي هاءِ اسڪول ۾ ڊرائنگ ماستر آهي. هن شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون ۽ ڪالم لکيا ۽ ڪيترا ترجما پڻ ڪيا آهن. سندس ڪهاڻين جو مجموعو ”سندر ناري“ 1986ع ۾ ڇپيل آهي. هن جو ٻارن لاءِ ڪتاب ”خوشبو ۽ ٻار“ 2008ع ۾ ڇپيل آهي. هن وقت چڪ شهر ۾ رهائش اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.05.01  عيسوي

آزاد بخاري پهرين مئي 1966ع تي جنم ورتو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون