داخلا ؛ 2912
پڙهيو ويو ؛ 456
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-16


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--آساوري

ٽائيٽل ؛ آساوري


شاخ : راڳڻي

آساوري: هي -آساوري ٺاٺ- جي اوڍو سمپورن راڳڻي آهي، جنهن ۾ گنڌار ۽ نکاد ورج آهن، پر -امروهي- سمپورن اٿس- گرهه جو سُر مڌم، نياس جو سُر پنچم اٿس. ڪي گائڪ امروهيءَ ۾ رکب ڪومل هڻندا آهن: اهي ببادي سُر آهن، -جن- جي هڻڻ سان راڳڻي جي صورت بگڙي ڪا نه ٿي. هي اترانگ جي راڳڻي آهي. -ان- لاءِ راڳڻي جا انگ -امروهي- ۾ ظاهر ٿيندا آهن. -امروهي- ۾ مڌم دربل اٿس ۽ گنڌار ۽ پنچم جي سنگت رهي ٿي.
خاص تان؛ سا- ري- ما- پا- ڌاڌا- پا-ما-پا-ڌاگا- ري سا- نا- ڌا- پا-مِا-پا-ڌا ڌا- ساري- ما- پا- ڌاگا ري- سا.
آروهي: ساري ماپا ڌاسَا.
امروهي: سانا ڌاپا ماگاري سا-
وادي سر: ڌيوت.
سم وادي سر: رکب
ڳائڻ جو وقت:ڏينهن جو ٻيو پهر (نوٽ: راڳ ساگر ڪتاب ۾ ڳائڻ جو وقت صبوح جو پهريون پهر ڄاڻايو ويو آهي)
آساوري هي ٻن طريقن سان ڳاتي وڃي ٿي. هڪ ته -آساوري- الڳ -ٺاٺ- آهي، جنهن ۾ رکب تيور ٻيو -ڀيروي ٺاٺ- جي سمپورن راڳڻي آهي. جنهن جي آروهي ۾ گنڌار ۽ نکاد ورج آهن. -امروهي- سمپورن آهي. مڌم، گرهه جو سر آهي. پنچم نياس جو سر آهي.
آروهي: ساراما پاڌاسا-
امروهي؛ سا نا ڌا پا ما گا را سا
وادي سُر: ڌيوت
سموادي سُر: رکب
سمو: ڏينهن جو ٻيو پهر.
پلٽو: ما ما- پا- ڌا ڌا – نا پا- پا- ڌا ما- پا- ڌا گا- را- سا- نا- ڌا- پِا- مِا- پِا- ڌِا ڌِا- سا- را- ماپا ڌا گا- را- سا-
گرنٿن ۾ هن جو نالو نٽ -ڀيروي- ميل ڄاڻايل آهي. سر هي اٿس- سا- ري- گي- ما- پا- ڌا- ني- سا-
کرج: رکب تيور- گنڌار ڪومل- مڌم شڌ- پنچم- ڌيوت - ڪومل- نکاد ڪومل
هن -ٺاٺ- جون راڳڻيون:
آساوري: جو نپوري- ديو گنڌار- سنڌ- اڙانو- ڪوسي. درباري- ديسي- کٽ- اڀيري




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آساوري- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آساوري - مان نڪتل ٻيون شاخون-


راڳڻي - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بڀاس
بڀاس (راڳڻي ماروا ٺاٺ)
اڙانا
بڊهنس
براري
بروا
بروئو
اليا بلاول
بسنت (راڳڻي)
بسنت مکاري
اڀوڳي ڪانڙو
اڀيري
آڙي بسنت
اوغان
اهير ڀيرو اهير ڀيروون
آسا
آساوري
بلاس خاني ٽوڙي
بلاول
بلاول (راڳڻي)
ايمن ڪلياڻ
ايمني بلاول
بهاڳ
بندرا بني
بنگال ڀيرو
بهادر ٽوڙي
بهاگڙا
تلڪ شيام
ڀاريا
تلنگ
ڀِڀاس/ بِڀاس
ڀٽيار
ڀکار
ترون
ڀوپالي
ڀيرو
ڀيروي
ڀيم پلاسي
ٽوڙي3
جلندر ڪيڏارو
جانسم موهني
پٽ منجري
جوڳ
جوڳيا
جونپوري


.....راڳڻي موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن