داخلا جي تاريخ 2012-06-27
داخلا نمبر 3870
عنوان آسيلي جو دڙو
شاخ ماڳ مڪان
پڙهيو ويو 325 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو

هن داخلا جون تصويرون موجود ناهن

آسيلي جو دڙو

آسيلي جو دڙو: آسيلي جو دڙو ضلعي بدين تعلقي گولاڙچي جي ڳوٺ سونهاري جت وٽ آهي. بلڪ هن وقت ڳوٺ سونهارو جت انهيءَ دڙي جي مٿان اڏيل آهي. هن وقت هي دڙو 12 ايڪڙن جي پکيڙ تي مشتمل آهي ۽ زرعي زمينن جي وچ ۾ آهي. هي دڙو سومرن ۽ سمن جي دور جو ٻڌايو پيو وڃي. هن بابت اهي به روايتون آهن ته هي پڊ هاسي سوڍي ٻڌايو هو، جيڪو سومرن جي دور جو نامور جرنيل ۽ دودي سومري جو دوست هو. ائين به روايت آهي ته آسيلي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو آهي پر اهڙي ڪا به شاهدي نه ٿي ملي. آسيلي جي دڙي مان جيڪي آثار مليا آهن، انهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هي شهر جيڪو سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي اڏيل هو، اهو مغلن جي دور تائين موجود هو پر پوءِ درياهه جي ڦير گهير سبب آهستي آهستي تباهه ٿي ويو. هن ماڳ جي ڀرپاسي ۾ ٻيون به وسنديون آباد رهيون آهن، جن جا پڻ آثار ملن ٿا. ان ڪري نه صرف هن ماڳ پر ان جي ڀرپاسي ۾ موجود تڏهوڪين وسندين جي آثارن تي پڻ تحقيق جي سخت ضرورت آهي.
دڙي جو ظاهر ٿيڻ: آسيلي دڙي جو ڪنهن ڪتاب ۾ ڪو ذڪر نه ٿو ملي، اهو به ٿي سگهي ٿو ته تاريخ جي ڪتابن ۾ هن دڙي جو ذڪر ڪنهن ٻئي نالي سان آيل هجي، البته مشهور محقق محمد سومار شيخ پنهنجي ڪتاب ”تاريخ بدين“ جي قديم آثارن واري لسٽ ۾ آسيلي جي دڙي جو ذڪر ڪيو آهي. چيو وڃي ٿو ته اڳ ۾ جڏهن برساتون وسنديون هيون يا تيز هوائون لڳنديون هيون، تڏهن ڪن هنڌن تي ڪي سون ۽ ٺڪر جي ٿانون وغيره جا ٽڪرا ظاهر ٿيندا رهندا هئا، پر چڱي نموني سان آثار تڏهن ظاهر ٿيا، جڏهن ڳوٺاڻن 1997ع ۾ مسجد اڏڻ لاءِ کوٽائي ڪئي. کوٽائيءَ دوران مٽيءَ جون پڪيون سرون ظاهر ٿيون. آهستي آهستي هڪ ڀت ظاهر ٿي، پوءِ پوري مسجد ظاهر ٿي. اهڙيءَ طرح حجرو، وضوءَ جي جڳهه ۽ غسل خانو وغيره به ظاهر ٿيا. هن وقت انهيءَ مسجد جون ديوارون ۽ فرش وغيره ثابت آهن، باقي ڀت جو ڪجهه حصو ڊٺل آهي. ڇت جي ڪجهه حصي تي ڳوٺاڻن ڪک رکي ڇڏيا آهن. هن وقت انهيءَ مسجد ۾ پنج وقت نماز ٿئي ٿي، باقي سمورو دڙو مٽيءَ ۾ پوريل آهي. جڏهن به هن دڙي جي کوٽائي ٿي ته ڪي نيون حقيقتون ظاهر ٿينديون.
آسيلي دڙي ۽ آس پاس جي زرعي زمينن ۾ پڻ ٺڪراٺو ڦهليل آهي. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن دڙي جي ايراضي بچيل دڙي کان گهڻي هئي. هتان ملندڙ سڪن مان هڪڙي جي هڪ پاسي 830هه سن لکيل آهي، جڏهن ته ٻيو پاسو ڊٺل آهي. ٻئي سڪي جي هڪ طرف اڌ تي ’محمد‘ لکيل آهي، اڌ ڊٺل آهي، ٻيو پاسو صاف نه هئڻ ڪري پڙهڻ ۾ نه ٿو اچي. ٽئين سڪي جي هڪ پاسي تي 881 لکيل آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي جا اکر پڙهي نه ٿا سگهجن. هتان ڳوٺاڻن کي ٺڪر جا ڏيئا، لوٽا ۽ پليٽون به مليون آهن، جن تي هلڪي رنگ جا چٽ ۽ مختلف گلن جا نقش آهن. پليٽن تي ڪڻڪ ۽ سارين جي سنگن جا نشان اندرئين پاسي ڪنارن تي ڏنل آهن. اها به روايت آهي ته هي دڙو اڳي ’هاسيلي دڙو‘ سڏبو هو، جيڪو پوءِ بگڙي ’آسيلي‘ ٿيو آهي. دودي سومري جي رزميه داستان مان اها ڄاڻ ملي ٿي ته هاسو سوڍو (جنهن جو هي شهر ٻڌايل چيو وڃي ٿو) ننگر سومري جي پٽ محمد سومري جو پڳ مٽ يار هو، جڏهن علاؤالدين سومرن تي ڪاهه ڪئي ته هاسي سوڍي پنهنجي ياري نڀائي ۽ وطن جي عزت لاءِ وڙهندي شهيد ٿي ويو. هن بهادر جي نالي سان عمرڪوٽ ضلعي ۾ هاسيسر ريلوي اسٽيشن موجود آهي. هن وقت به هن دڙي جي ڀرپاسي ۾ ڪافي سوڍا آباد آهن. هي دڙو زميني سطح کان 20 فٽ اوچو آهي، اهو به چيو پيو وڃي ته هي شهر محمود غزنوي برباد ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو