داخلا ؛ 3880
پڙهيو ويو ؛ 602
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-06-27


تصويرون


Agha-Syed-Ismail-Shah-Isphani.gif
آغا سيد اسماعيل شاهه اصفهاني
آغا سيد اسماعيل شاهه اصفهاني



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--آغا سيد اسماعيل شاهه اصفهاني

ٽائيٽل ؛ آغا سيد اسماعيل شاهه اصفهاني


شاخ : شخصيت

آغا سيد اسماعيل شاهه اصفهاني: هنن اصفهاني سيدن جو خاندان طب جي علم ۽ سنڌ جي سياست ۾ وڏي شهرت وارو هو. انهيءَ خاندان مان گھڻائي اديب، طبيب ۽ سياستدان پيدا ٿيا. هن خاندان جو وڏو سيد عبدالهادي، اصفهاني سيدن مان هو، جيڪو 7 شوال 1140هه/6 -اپريل- 1728ع ۾ اصفهان مان هليو ۽ جڏهن نادر شاهه افشار، مدراس تي چڙهائي ڪئي ته -ان- وقت سيد عبدالهادي مدراس جي راجا وٽ طبيب جي حيثيت ۾ ترسيل هو. انهيءَ راجا جا سنڌ جي حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙي سان دوستاڻا ناتا هئا، -ان- ڪري -ان- راجا سيد عبدالهادي کي ميان نور محمد جي علاج لاءِ سنڌ ڏانهن موڪليو. جنهن کانپوءِ سيد عبدالهادي ڪلهوڙن جي درٻار سان وابسته ٿي ويو. ميان نور محمد کانپوءِ جڏهن سندس پٽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو ته -ان- وقت سيد عبدالهادي ستر ورهين جي ڄمار ۾ بروز -آچر- 2 شعبان 1193هه/ 15 -آگسٽ- 1779ع تي وفات ڪئي. جنهن کانپوءِ سيد عبدالهادي جي پٽ سيد ابراهيم شاهه پنهنجي پيءُ جي جاءِ والاري، ابراهيم شاهه 1155هه/1742ع ۾ اصفهان ۾ پيدا ٿيو. سنڌ ۾ جڏهن ڪلهوڙن کانپوءِ ٽالپرن جي حڪومت آئي تڏهن ابراهيم شاهه ۽ سندس پٽ -آغا- اسماعيل شاهه ٽالپرن جي درٻار سان منسلڪ ٿي ويو. -آغا- اسماعيل شاهه پنهنجي پيءُ ابراهيم شاهه ۽ ڏاڏي سيد عبدالهادي وانگر ٽالپرن جي درٻار ۾ وڏا عهدا ماڻيا. خاص ڪري حيدرآباد جي ٽالپرن مان مير ڪرم علي خان -ٽالپر- ۽ مير مراد علي خان -ٽالپر- وٽ سندس وڏو مان هو ۽ انهن جي طرفان سفير ٿي مختلف رياستن ڏانهن ويندو هو.
ميسن پنهنجي سفر نامي ۾ -آغا- اسماعيل شاهه بابت لکي ٿو ته: ”هي -اهل- تشيعت جي سيدن مان آهي، جيڪي اصل شيرازي هئا. پاڻ حيدرآباد جي ڀر (ٽنڊي آغا) ۾ رهي ٿو. هن جا خيرپور ۽ حيدرآباد جي ٽالپرن سان وڏا واسطا آهن. هي نهايت هوشيار ۽ ڏاڍو چالاڪ آهي.“ ڊاڪٽر برنس لکي ٿو ته: ”آغا اسماعيل شاهه پنهنجي نسل ۽ خاندان تي فخر ڪندو رهي ٿو، ٻئي پاسي نواب ولي محمد خان لغاري پنهنجي لياقت جي آڌار تي خدمتون سرانجام ڏيندو رهي ٿو.“ -آغا- اسماعيل شاهه -ٽالپر- حاڪمن جو وفادار وزير پنهنجي خداداد لياقت سان وڏيون منزلون ماڻيندو رهيو. سندس پٽن مان -آغا- زين العابدين شاهه (شڪارپور ۽ ڪراچيءَ جو حاڪم)، ڪاظم علي شاهه (شڪارپور جو حاڪم)، تقي شاهه (شڪارپور جو ناظم) ۽ ابراهيم شاهه (شڪارپور جو حاڪم) پڻ وڏن عهدن تي فائز هئا، -آغا- اسماعيل شاهه، ٽالپرن جي دؤر ۾ حيدرآباد جي ڀر ۾ ”ٽنڊو -آغا- اسماعيل“ نالي هڪ علائقو -آباد- ڪري پنهنجي خاندان لاءِ اتي وڏيون وڏيون حويليون تيار ڪرايون. موجوده دؤر ۾ اهو علائقو حيدرآباد شهر ۾ ”ٽنڊو آغا“ جي نالي سان مشهور آهي. ٽالپرن جو مصاحب ميرزا فتح علي بيگ پڻ -آغا- اسماعيل شاهه جي زور تي اچي -ٽنڊو آغا- وسايو. -آغا- اسماعيل شاهه ٽنڊي -آغا- جو علائقو 1249هه/ 1833ع ۾ -آباد- ڪيو. -ٽنڊو آغا- ٽالپرن جي دؤر کان وٺي عزاداري جو مرڪز رهيو آهي. -آغا- اسماعيل شاهه جي اولاد مان -آغا- زين العابدين شاهه تخلص عابد ۽ -آغا- ڪاظم علي شاهه بلند پايي جا شاعر هئا. اڳيان هلي سندس اولاد مان -آغا- سيد فتح علي شاهه عربي ۽ فارسي جو ڄاڻو هو. سنڌي ۽ فارسي زبان جو بهترين شاعر پڻ هو ۽ سندس تخلص فتح هو. -آغا- سيد فتح علي شاهه ٽنڊي -آغا- جي ميرزا خاندان مان ميرزا قربان علي بيگ قربان ڪربلائي جو شاگرد هو ۽ وري -آغا- سيد فتح علي شاهه جو شاگرد، سنڌ جو نامور محقق، اديب ۽ شاعر ميرزا عباس علي بيگ هو. ميرزا عباس علي بيگ پنهنجي -استاد- -آغا- فتح علي شاهه جو فارسي ۽ سنڌي ڪلام هڪ هنڌ جمع ڪيو هو. هن وقت -آغا- اسماعيل شاهه جو اولاد ٽنڊي -آغا- ۾ موجود آهي. -جن- مان -آغا- سيد عبد علي شاهه بهترين شاعر ۽ خطيب آهي. عمر رسيده هجڻ باوجود -آغا- سيد عبد علي شاهه شاعري ۽ خطابت جي سلسلي کي -جاري- رکندو اچي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -آغا سيد اسماعيل شاهه اصفهاني- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آغا سيد اسماعيل شاهه اصفهاني - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن