ابن خلدون

ابن خلدون

ابن خلدون

ابن خلدون: ابوزيد عبدالرحمان ولي الدين، ابن خلدون تيونس ۾ 1332ع ۾ ڄائو. قرآن مجيد حفظ ڪرڻ کان پوءِ فقه، حديث، شعر، ادب ۽ تاريخ جون سندون پنھنجي شھر مان حاصل ڪيائين. تاريخ ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ ڪري هن جي ڪتاب ”مقدمه ابن خلدون“ کيس وڏي مڃتا ڏني. کيس تاريخ جو امام سڏيو ويو. جوانيءَ ۾ شاهي درٻار تائين پھتو. جليل القدر عھدن تي فائز رهيو. غرناطه جي امير ۽ قشاله جي حاڪم جي وچ ۾ ٺاهه لاءِ سفير مقرر ٿيو. بعد ۾ قاهره (مصر) پھتو، جتي به هن کي عزت سان نوازيو ويو. سلطان برقوق کيس مالڪي مسلڪ جو قاضي القضاة مقرر ڪيو. 775هه/ 1373ع ۾ جڏهن سندس عمر 42 سال هئي، هو ’سلامه‘ نالي هڪ قلعي ۾ وڃي رهيو ۽ اتي چئن سالن جي عرصي ۾ هن تاريخ ۽ ان جو مقدمو لکيو. ’سلامه‘ هڪ صحرائي قلعو آهي ۽ شھر کان پري هڪ پھاڙي تي ٺھيل آهي. هونئن ته هن قلعي جي ڪا خاص اهميت ناهي پر ابن خلدون اتي چار سال سڪون سان رهي شاندار ڪتاب تيار ڪيو، تنھن ڪري ان جي اهميت آهي. آخر ۾ قاهره ۾ ئي 28 رمضان 809هه/19 مارچ 1406ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪتاب مقدمه ابن خلدون جا ڪجهه باب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ”ڪمال ۽ زوال“ جي نالي سان ڪتاب حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ ڇپايو هو. ابن خلدون جي شھرت جو وڏو سبب سندس تاريخ جو فلسفو ۽ سماجياتي نظريا آهن، جيڪي هن پنھنجي مشھور ڪتاب ’مقدمه ابن خلدون‘۾ قلم بند ڪيا آهن. هن ڪتاب جو ترجمو سنڌي، اردو، انگريزيءَ ۽ ٻين مغربي ملڪن جي ٻولين ۾ به ٿي چڪو آهي. ٻيا اهم ڪتاب ”البرده“ ”الحساب“ ۽ ”المنطق“ آهن.


لفظ ابن خلدونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1332.00.00  عيسوي

ابن خلدون: ابوزيد عبدالرحمان ولي الدين ، ابن خلدون تيونس ۾ 1332ع ۾ ڄائو .


0808.09.28  هجري

ابن خلدون، قاهره ۾ 28 رمضان 808هه/19 مارچ 1406ع ۾ وفات ڪيائين .


1406.03.19  عيسوي

ابن خلدون، قاهره ۾ 28 رمضان 808هه/19 مارچ 1406ع ۾ وفات ڪيائين .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اويس قرنيِ حضرت
مائي ڀاڳي
قاضي دائود
سنت ماڌو داس
شاهه حبيب
برڪت علي چوهاڻ
صغير الاهي کچي
اشفاق حسين
صوڀراج پرسرام مينگهاڻي
ديوان نرمل داس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون