داخلا ؛ 3971
پڙهيو ويو ؛ 299
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-06-28


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--ابو سلمه عبدالله مخزومي رضه

ٽائيٽل ؛ ابو سلمه عبدالله مخزومي رضه


شاخ : شخصيت

ابو سلمه عبدالله مخزوميرضه: حضرت محمد صلي -الله- عليه وسلم -جن- جي جان نثار اصحابن ۾ سندس پڦاٽ، ابو سلمه عبدالله -بن- عبدالاسد -بن- هلال -بن- عبدالله -بن- عمر -بن- مخزوم جو نالو به شامل آهي. سندس والده بره بنت عبدالمطلب، پاڻ سڳورن جي پڦي هئي. حبش جي هجرت (رجب سن 45، ”عام الفيل“) کان اڳ، پنهنجي زال ام سلمه هند بنت ابي اميه سميت مسلمان ٿيو. پوءِ مديني شريف پهچي ”عاليه“ ڳوٺ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين.
ابو سلمهرضه انهن جليل القدر اصحابن مان هو، جيڪي درٻارِ رسالت ۾ خاص الخاص هئا. سندس تعلق ”بنو مخزوم“ قبيلي سان هو. -اسلام- کان اڳ هي قبيلو صاحبِ اقتدار رهيو ۽ عرب ۾ وڏي عزت وارو ليکيو ويندو هو.
ابو سلمهرضه ”بدر جي جنگ“ (2 هه/626ع) ۽ ”احد جي جنگ“ (3 هه/ 624ع) ۾ ڀرپور حصو ورتو. -احد جي جنگ- دوران -ٻانهن- ۾ سخت زخم ٿي پيس. ڪافي علاج ڪرايائين، پر صحتياب ٿي نه سگهيو ۽ ڏينهون ڏينهن ڦٽ سائو ٿيندو ويو، جنهنڪري -تاريخ- 3 جمادي الثاني سن 4 هه (625ع) تي سندس حالت خراب ٿي وئي. پوءِ پاڻ سڳورن صلي -الله- عليه وسلم کي خبر ڏني وئي، پاڻ خبر ٻڌڻ شرط پهتا. ابو سلمهرضه کين ڏسڻ سان ئي خدا کي پيارو ٿيو. پاڻ سڳورن سندس -اکيون- -بند- ڪندي فرمايو: ”انسان جو روح جنهن وقت جسم کان جدا ٿئي ٿو ته -ان- جون -اکيون- ڏسڻ لاءِ باقي کليل رهن ٿيون“ سندس -جنازي نماز- به پاڻ ئي پڙهايائون.
امام بخاريرح ۽ -امام- مسلمرح جي روايتن مطابق، ابو سلمهرضه، پاڻ سڳورن صلي -الله- عليه وسلم -جن- جو -ٿڃ- شريڪ -ڀاءُ- به هو. سندس طبيعت ماٺيڻي ۽ نيڪ هئي. اهو ساڳيو حال سندس گهر واريءَ جو به هو. پٺيان هڪ بيوه ۽ ٻه پٽ (سلمه ۽ عمر) ۽ ٻه نياڻيون (دره ۽ زينب) ڇڏيائين. انهن سڀني پاڻ سڳورن وٽ پرورش ورتي. ايتري قدر جو حضرت ام سلمهرضه،پاڻ سڳورن صلي -الله- عليه وسلم -جن- سان نڪاح ڪري، ”ام المومنين“ جو شرف حاصل ڪيو.
حضرت ابو سلمهرضه جيتوڻيڪ ايتري وڏي ڄمار نه ماڻي، پر خلوص، حق جي هدايت، تحمل، حب رسول -الله- صلي -الله- عليه وسلم، قرباني ۽ بهادريءَ عيوض جيڪي يادگار ڇڏيا، اهي -تاريخ- ۾ وڏي عزت ۽ احترام سان جاءِ والارين ٿا.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -ابو سلمه عبدالله مخزومي رضه- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ابو سلمه عبدالله مخزومي رضه - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن