داخلا نمبر 837
عنوان ارم محبوب
شاخ شاعر
پڙهيو ويو 1580 ڀيرا
داخلا جو حوالو
ارم محبوب

ارم محبوب

ارم محبوب

ارم محبوب: سنڌي ٻوليءَ جي نوجوان شاعره، محبوب شيخ ۽ برک ڪهاڻيڪار خاتون ماهتاب محبوب جي نياڻي آهي. هن 16 مارچ 1975ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. ارم محبوب مئٽرڪ تائين تعليم سينٽ ميريز ڪانوينٽ گرلز هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ ورتي، گورنمينٽ نذرٿ ڪاليج حيدرآباد مان انٽر ۽ گورنمينٽ (زبيده) گرلس ڪاليج حيدرآباد مان بي. اي ڪرڻ کان پوءِ 1998ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ مان ايم. اي ڪيائين.
ارم محبوب، ننڍيءَ ڄمار ۾ ئي نثر ۽ شاعري لکڻ شروع ڪئي. روزاني هلال پاڪستان ڪراچيءَ جي ٻارڙن جي صفحي ”گلن جهڙا ٻارڙا“ ۾ سندس ٻاراڻيون ڪهاڻيون ۽ لطيفا ڇپيا. سندس انگريزي شاعري، ننڍيءَ عمر ۾ ئي “Children’s Dawn” ۽ “Teenager” رسالن ۾ ڇپجڻ شروع ٿي. 1990ع ۾ ’ٽين ايجر‘ رسالي جي نمائندي طور ڪم ڪيائين ۽ 1995ع کان لڳاتار ڪجهه سال ان جي فيچر ايڊيٽر رهي. ارم محبوب جي نثري نظمن جو مجموعو ’منهنجي ڌرتي‘ 1991ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ارم جي 1993ع ۾ نوجوان شاعر حسن درس سان شادي ٿي. هن 1997ع کان صحافت ۾ به حصو ورتو. ان ڏس ۾ ”ٽين ايجر“ رسالي ۾ هن سنڌ جي وڏن اديبن شيخ اياز، علي احمد بروهيءَ، آغا سليم، حميد سنڌي ۽ ٻين جا يادگار انٽرويو ڇپايا. هن سنڌي اخبارن جاڳو، ڪاوش، سچ، خلق ۽ هلال پاڪستان ۾ ڪالم پڻ لکيا. سندس انگريزي شاعري، انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل سفرنامن، ڪالمن ۽ انٽرويوز جا ٻه مجموعا ڇپائيءَ لاءِ تيار آهن. ارم محبوب کي منسٽري آف ڪلچر، ٽوئرزم ۽ يوٿ افيئرز پاران 1998ع ۾ ليڊر آف دي ييئر اوارڊ ملي چڪو آهي. ان کان سواءِ سنڌ ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ حڪومت سنڌ پاران پڻ کيس ڊپارٽمينٽل وڊيو مووي ”مومل جي ڪهاڻي“ ۽ ان جا ڊائلاگ لکڻ تي 2000ع ۾ اوارڊ ڏنو ويو آهي. هيءَ وڊيو مووي سنڌ جي 5000 ڳوٺن ۾ ڏيکاري وئي. ارم محبوب ٻه ڀيرا ڀارت جو سفر ڪيو آهي ۽ اتي سنڌي اديبن جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪري چڪي آهي. ان کان سواءِ چين، فلپائين، سنگاپور، ملائيشيا، ٿائيلئنڊ ۽ هانگ ڪانگ جا سفر پڻ ڪري چڪي آهي. سنڌ جي سمورن اهم سنڌي رسالن سهڻي، مهراڻ وغيره ۽ ڀارت جي رسالن ”ڪونج“، ”رچنا“ ۽ هوند راج بلواڻيءَ جي ٻارن لاءِ نڪرندڙ رسالي ”ڦلواڙي“ ۾ سندس سنڌي شاعري ڇپجي چڪي آهي. هن ٻارڙن جي اردو رسالن ’نونهال‘، ’بچون ڪي دنيا‘، ’ٽوٽ بٽوٽ‘ ۽ ’جگنو‘ ۾ ٻارن لاءِ ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن. هن ڪجهه وقت ڪي ٽي اين تي پروگرام ”منهنجو ٻالڪپڻ“ ۾ وڏن وڏن اديبن، فنڪارن، تعليم دانن، ڊاڪٽرن ۽ سياستدانن جا انٽرويو به ڪيا. ارم محبوب هڪ ئي وقت سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين جي ليکڪا آهي. هن سنڌ ٽي وي تي مختلف پروگرامن ۾ ڊائريڪشن پڻ ڏني آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.03.16  عيسوي

ارم محبوب: سنڌي ٻوليءَ جي نوجوان شاعره، محبوب شيخ ۽ برک ڪهاڻيڪار خاتون ماهتاب محبوب جي نياڻي آهي. هن 16 مارچ 1975ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون