داخلا ؛ 4380
پڙهيو ويو ؛ 378
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-08-23


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--اين ايف سي اوارڊ

ٽائيٽل ؛ اين ايف سي اوارڊ


شاخ : سماج

ايــن. ايــف. ســي اوارڊ: ايـن. ايـف. سـي جـي پـوري مـعـنيٰ ”National Financial Commission Award“ آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ’قومي مالياتي اوارڊ‘ چئجي ٿو. اين. ايف. سي اوارڊ ملڪ جو صدر لاڳو ڪندو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير جي اڳواڻيءَ ۾ تيار ٿيل هن ڪميشن ۾ چئني صوبن جا ناڻي وارا وزير ۽ صدر جا مقرر ڪيل نمائندا شامل هوندا آهن. -پاڪستان- ۾ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ رقمن جي ورڇ جي شروعات 1951ع کان ٿي. هينئر تائين -اٺ- مالياتي اوارڊ پيش ٿي چڪا آهن. اٺين مالياتي اوارڊ تي وفاق ۽ صوبن ۾ اختلاف رهيا ۽ ارڙهين ترميم بعد گهڻي ڀاڱي معاملا حل ڪيا ويا. 1951ع کان وٺي 1974ع تائين جيڪي به مالياتي اوارڊ آيا آهن، انهن ۾ وفاق کان صوبن ڏانهن منتقل ٿيندڙ رقمن ۾ صوبن جي حصي ۾ مسلسل واڌارو ٿيندو رهيو ۽ صوبن مان اوڳاڙيل ٽئڪسن جو وڏو حصو صوبن کي ملندو رهيو آهي، پر 1990ع کانپوءِ حڪمت عملي تبديل ڪئي وئي ۽ ورڇ -جوڳي- پول ۾ نوان ٽئڪس شامل ڪيا ويا، انهن ۾ وري وفاق جو حصو صوبن کان وڌيڪ رکيو ويو. 1997ع ۾ جيڪو ڇهون مالياتي اوارڊ آندو ويو، -ان- کي ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ يڪسان تبديل ڪيو ويو. هن ۾ سمورا ٽئڪس آئل ۽ گئس سرچارج سميت ورڇ -جوڳي- پول ۾ شامل ڪيا ويا. سيلز -ٽيڪس- جي اوڳاڙيءَ جو پنجاهه سيڪڙو ڪراچيءَ جي بندرگاهن سميت سڀ رقمون اوارڊ ۾ شامل ڪيون ويون، جنهن سبب 1961ع، 1964ع ۽ 1970ع جي اوارڊ جي ڀيٽ ۾ هن اوارڊ ۾ صوبن جي -ٽيڪس- وصوليءَ جي شرح گهٽجي وئي، جنهن سبب 91 سيڪڙو وصوليون وفاق وٽ هليون ويون. صوبن وٽ وصولين مان صرف 6 سيڪڙو ۽ مڪاني ادارن وٽ وصولين جو صرف 3 سيڪڙو رهجي ويو, قومي آمدنيءَ ۾ صوبن جو حصو بلڪل گهٽجي يعني فقط 6 سيڪڙو رهجي ويو، ڇا ڪاڻ ته صوبن جا ٽئڪس وفاقي، پول ۾ شامل ڪيا ۽ وري وفاق مان رقمن جو حصو وڌائي صوبن کي خوش ڪيو ويو. جنهن جو بنيادي فائدو پنجاب کي پيو ۽ سڀ کان گهڻو نقصان سنڌ جو ٿيو. ستون مالياتي اوارڊ پ پ حڪومت متفق راءِ سان آندو. تازو ارڙهين ترميم جي منظوريءَ بعد اين. ايف. سي اوارڊ ۾ صوبن جي حصن بابت -اصلاح- ڪئي وئي آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيا جي پهرئين جلد جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -اين ايف سي اوارڊ- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

اين ايف سي اوارڊ - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سماج - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آبادڪاري
آبادِي
بابي تحريڪ
باٽ کولڻ
باٺا
باپراڻي
باجاري
باجائِي
باجر
باجڪاڻي
باڇڪاڻي
باخلاڻي
بادا
بادِيا2
آبداڻي
آبراڻي
آبڙ
بارَڪ زَئي
بار مِيرا
باريجا
بازيگر (قبيلو)
باگڙي (قبيلو)
بانو
بتيلائي
بجاراڻي
ٻاپڙا
بخاري
ٻاگهل
ٻالا
ٻاليشاھي
ٻائوٽ
ٻرا
ٻالاڻي: نک (راءُ پرٿور)
ارغون
ٻلو (اعزاز)
ازبڪ
اشتراڪيت
اعرابِي
اڳڙا
برادري
براديا
براهماڻي ٻرا
برفت
ابدالي
بڙدي
بزنجو
بزنجا
اَتراڻي
احمد زئي
بڪڪ
ادباڻي
آريا
بگٽي
انصاري
اهل بيت
اهير
بگهياڙ (قبيلو)
آهير
آهيڙي
آئين
آغا خان اوارڊ
بهرامي
بهلڪاڻي
بليدي
بنديچا
بنگل زئي
بنو عباس
بني هاشم
بوداڻي
اين ايف سي اوارڊ
ڀاوسار
تميمي
ڀُتا
ٺڪر
ٺلراڻي
تور وال
ڀريا
ثقفي
ڀنڀراڻي
ٽالاڻي
ٽالپر
ڀوت
ڀوت2
ڀُوتاڻي
تغلب
ڀوڄَڪ
تولاڻي
تاتاري قوم
تيبر
تيرس ڌن
تيم
تميم
پيرڪاڻي
جماري
جاجي
جتڪ بلوچ
پاڙو
جٽ
جِپسي
جدگال


.....سماج موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن