استاد فدا حسين خان
اُستاد فدا حسين خان (گويو ):استاد فدا حسين خان، نامور ڪلاسيڪي گويي استاد بيبي خان جو ٻيو نمبر پٽ، نياز حسين جو ننڍو ڀاءُ ۽ استاد منظور علي خان جو سوٽ هو. استاد فدا حسين جو اصل نالو خدا بخش هو. ڪنهن بزرگ جي چوڻ تي سندس والد هن جو نالو تبديل ڪري فدا حسين رکيو. سندس جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. هيءُ چوٿين درجي ۾ هو ته کيس مدي جو بخار ٿي پيو. بيماريءَ مان اٿڻ بعد سندس دل پڙهائيءَ کان ڀڄي پئي ۽ گهر ۾ پنهنجي والد استاد بيبي خان وٽ ڳائڻ جو رياض ڪرڻ لڳو. استاد بيبي خان نياز حسين کي باجو (هارمونيم) ۽ فدا حسين کي طبلو هٿ ۾ ڏئي، سندس باقاعدي تربيت ڪئي. هيءُ گهٽ پڙهيل هو، پر ننڍپڻ کان ئي استاد عاشق علي خان، استاد بڙي غلام علي خان ۽ استاد امير خان (اندور والي) جهڙن بزرگ گوين جي صحبت ۾ رهيو ۽ موسيقيءَ جي هر رنگ جي ڄاڻ باقاعدي حاصل ڪيائين. موسيقيءَ سان واسطو رکندڙ گهراڻن ۾ اها روايت موجود آهي ته ڪو به گويو، ڪلاڪار ۽ راڳي پنهنجي پيءُ جو شاگرد نه ٿو چوائي سگهي، ان ڪري استاد بيبي خان هڪ محفل ۾ پنهنجي ڀاءُ مراد علي خان کي چيو ته فدا حسين کي سڳو ٻڌي شاگرد ڪر. استاد مراد علي خان، فدا حسين کي باقاعدي شاگرد بڻايو ۽ اڳڪٿي ڪئي ته هيءُ اسان جي خاندان جو نالو روشن ڪندو. مارچ 1982ع ۾ پيءُ جي وفات مٿس گهرو اثر ڇڏيو. ڪجهه عرصي بعد موسيقيءَ جي وڌيڪ تعليم لاءِ استاد خان صاحب مبارڪ علي وٽ ڪراچيءَ ويو، ٻه سال رهڻ بعد موٽي آيو. سنڌ ۾ ڪافي ڳائڻ جو جيڪو انداز بيبي خان متعارف ڪرايو، ان کي اڳتي وڌائڻ ۾ استاد فدا حسين خان جو وڏو ڪردار آهي. استاد فدا حسين، حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جي ولادت (عيد ميلاد النبيصه) کانسواءِ ڪڏهن به خوشيءَ جو ڪو ڪلام نه ڳايو. حيدرآباد جي اڪثر محفلن ۾ هن کي آخر ۾ وارو ڏيندا هئا ۽ کيس وڏو ملهه سڏيندا هئا. وٽس ننڍا توڙي وڏا فنڪار سکڻ، موسيقيءَ جي مسئلن جي ڄاڻ وٺڻ ۽ صحيح راڳ جي معلومات وٺڻ ايندا رهندا هئا، جن ۾ عابده پروين، وحيد علي، سينگار علي سليم، صادق علي، ظفر علي، مظهر حسين، ذوالفقار علي ۽ ٻيا ڪيترا شامل آهن. استاد فدا حسين جي شاگردن ۾ جمعو فقير مڱڻهار، پپو فقير، الله عباسي'>عنايت الله عباسي، ياسين فقير رنگ، چوڻُ، مانجهي، يار محمد چانڊيو، راجو، غلام حسين، محمد يوسف، مٺو ڪڇي، مائي الله وسائي، آفتاب بلوچ، علي نواز، ذوالفقار علي ۽ حسين جا نالا شامل آهن. استاد فدا حسين 4 نومبر 1994ع تي 52 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.