داخلا ؛ 3405
پڙهيو ويو ؛ 1248
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2012-03-21


تصويرون


bombay.jpg
بمبئي شهر جو ڏيک
بمبئي شهر جو ڏيک

gateway-of-india.jpg
گيٽ وي آف انڊيا، بمبئي
گيٽ وي آف انڊيا، بمبئي



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--بمبئي

ٽائيٽل ؛ بمبئي


شاخ : شهر

بمبئي: بمبئي، ڏکڻ هندستان جي الهندي سامونڊي ڪناري وارو مشهور شهر ۽ -بندرگاهه- آهي، جنهن کي هاڻي ممبئي چوندا آهن. هيءُ شهر ڀارت جو هڪ تمام وڏو تجارتي، صنعتي ۽ مالياتي مرڪز آهي. ڪلڪتي کانپوءِ -بمبئي- ڀارت جو وڏو تجارتي مرڪز آهي. هن -بندرگاهه- -تان- ڪپهه، چڻا، -تيلي ٻج- ۽ مڇي ٻاهرين ملڪن کي موڪلي ويندي آهي. هتي جي وڏين صنعتن ۾ پيٽرول صاف ڪرڻ جو ڪارخانو، ڪپهه ٽاڻڻ، چمڙي رڱڻ ۽ ريلوي ورڪشاپ جون صنعتون شامل آهن. -بمبئي- نهايت وڏو فلمي مرڪز پڻ آهي. -ان- کي ڀارت جو ’بالي ووڊ‘ چوندا آهن. بمبئيءَ جي اهم تاريخي عمارتن ۾ رايل انسٽيٽيوٽ آف سائنس، گيٽ وي آف انڊيا، -پارسي- ٽاور آف سائلينس، جسلوڪ هاسپيٽل ۽ نئشنل هاسپيٽل قابل ذڪر آهن. -جنوري- 1957ع ۾ هتي هڪڙو ائٽمي ري ائڪٽر قائم ڪيو ويو، جيڪو ائٽمي توانائيءَ جي مهارت لاءِ ڪم ڪندڙ فردن جي تربيت لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. سال 1999ع ۾ -بمبئي- شهر جو نالو مٽائي اصلوڪو قديم نالو ”ممبئي“ رکيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح ”ڪلڪتي“ جو اصلي نالو ”ڪالي ڪٽا“ رکيو ويو آهي. هن شهر جي -تاريخ- دلچسپ آهي. هن شهر جون موجوده ست مارڪيٽون ستن جدا جدا ٻيٽن تي آهن، -جن- جي وچ ۾ وڏيون ڌٻڻيون هيون، جيڪي پوءِ آهستي آهستي گڏجي ويون. پورچوگيزن جي اچڻ کان اڳ اتي مسلمانن جي حڪمراني هئي. هڪڙي مشهور درگاهه شيخ علي پارورحه جي آهي، هيءُ مقبرو تقريباً 835 هه/ 1432ع ۾ تعمير ٿيو هو. سال 1674ع ۾ انهيءَ مقبري جي مرمت ٿي هئي. هتي هر سال ساليانو عرس ٿيندو آهي. شهر ۾ -جامع مسجد- به آهي، جيڪا 1902ع ۾ تعمير ٿي هئي. سال 1843ع ۾، جيئن انگريزن سنڌ فتح ڪئي، تيئن سرڪاري -ٽپال- آڻڻ ۽ نيئڻ لاءِ هڪ ننڍڙو جهاز، بمبئيءَ کان ڪراچيءَ ايندو هو، جنهن ۾ ٿورا مسافر به چاڙهيندا هئا. اهو دستور هليو پئي آيو. پهريان سنڌي شاگرد، جيڪي بمبئيءَ ۾ مئٽرڪ جي امتحان ڏيڻ لاءِ ويا، سي نولراءِ شوقيرام، ڏيارام ڄيٺمل، ڪوڙومل چندنمل ۽ چوهڙمل ڪندن مل پنجابي هئا، -جن- مان رڳو چوهڙمل ڪندن مل پاس ٿيو. ٻين -ٽن- کي، انهيءَ ننڍڙي جهاز ۽ لوڏن اهڙو ته دق ڪيو، جو وري بمبئيءَ ۾ وڃڻ کان بان ڪري ڇڏيائون. کانئن پوءِ، آلومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي، ڪنهن دنگيءَ ۾ چڙهي ويو ۽ بمبئيءَ پهچڻ ۾ 15- 16 ڏينهن لڳس. 1861ع ۾ ڪراچيءَ کان وٺي ڪوٽڙيءَ تائين آگ گاڏيون هلڻ لڳيون. انهيءَ کان اڳ ماڻهو اُٺن تي چڙهي، ڪوٽڙيءَ، جهرڪن، -ٺٽي- ۽ ملير کان ڪراچيءَ ويندا هئا. ماڻهن کي سمنڊ جو اڳي ئي ڏهڪاءُ هو، ويتر نولراءِ ۽ ٻين وٽان سفر جي سختين جي سڌ پين، -ان- ڪري مائٽ پنهنجن پٽن کي سمنڊ جي رستي بمبئيءَ وڃڻ جي موڪل ڏيندا ئي ڪونه هئا. اڳي سمنڊ جي رستي بمبئيءَ وڃڻ اَهنجو هو، ته خشڪيءَ جي رستي وڃڻ به سهنجو ڪونه هو. ڪوٽڙيءَ وٽ، انگريزن جا جهاز بيٺل هوندا هئا، -تن- ۾ مسافر چڙهي، لاڙڪاڻي، سکر ۽ ملتان تائين ويندا هئا، -جتي- -آگ گاڏي- هئي، جا لاهور وٽان لنگهي، دهليءَ تائين ويندي هئي. -ان- وقت بمبئي- بڙودا سينٽرل -انڊيا- ريلوي شروع ٿي هئي، پر آگ گاڏيون رڳو بمبئيءَ کان وٺي -احمد آباد- تائين هلنديون هيون. -جن- کي بمبئيءَ وڃڻو هوندو هو، سي دهليءَ مان ڇڪڙن ۾ چڙهي، جئپور، اجمير، پالڻپور وغيره منزلون هڻندا، -احمد آباد- ويندا هئا ۽ اُتان آگ گاڏيءَ ۾ چڙهي، بمبئيءَ ويندا هئا. آڳاٽي زماني ۾ ملتان به سنڌ جي حد ۾ هوندو هو. سنڌي ماڻهو، ملتان کان بمبئيءَ ويندا هئا، تنهنڪري، بمبئيءَ جا رهاڪو، اڄ تائين سنڌي ماڻهن کي ”ملتاني“ ڪوٺيندا آهن. راج رشي ڏيارام گدومل جي ”جيون چوتر“ مان معلوم ٿو ٿئي ته هو 1874ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ لاءِ بمبئيءَ ويو هو ۽ اتي پهچڻ ۾ چار مهينا کن لڳا هئس. -ان- جو سبب اهوئي هو، جو سفر جي سهوليت ڪانه هئي. سنڌ کي 1843ع ۾ انگريزن جي جنرل سر چارلس نيپيئر مياڻيءَ واري -جنگ- ۾ فتح ڪري برٽش سلطنت جي ماتحت ڪيو. سنه 1847ع ۾ سنڌ جي جدا صوبي واري حيثيت کي ختم ڪري، ڪن مصلحتن جي آڌار تي سنڌ کي -بمبئي- صوبي سان ڳنڍيو ويو. وڏي جدوجهد کان پوءِ -اپريل- 1936ع ۾ سنڌ کي وري جدا صوبي واريءَ حيثيت سان، بحال ڪيو ويو. ورهاڱي کان پوءِ سنڌ مان لڏي ويل تمام گهڻا سنڌي هندو بمبئيءَ ۾ -آباد- آهن. -جن- جو تعداد ڏهه لک کن آهي. انهن سنڌي ٻوليءَ ۽ -ثقافت- کي بچائڻ لاءِ آديپور، ڪڇ ۾ ”انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۽ دهليءَ ۾ سنڌي اڪيڊمي قائم ڪري، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان پنهنجي محبت جو ڀرپور اظهار ڪيو آهي. اُن کان سواءِ بمبئيءَ ۾ جسلوڪ هاسپيٽل ۽ نئشنل هاسپيٽل اُنهن سنڌين جون وڏيون اسپتالون آهن. بمبئيءَ جو الهاس نگر وارو علائقو انهن سنڌين جي خاص وسندي آهي، -بمبئي- يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جو الڳ شعبو قائم ڪري سنڌي -ٻولي- ۽ ادب جي خدمت ڪري رهيا آهن. سنڌي زبان جا نالي وارا اديب: سندري اتمچنداڻي، -ٺاڪر- چاولا، پارو چاولا، نند جويري، مايا راهي، منوهر مٽلاڻي، شريڪانت صدف، وشنو ڀاٽيا، واسديو نرمل، ٻلديو مٽلاڻي، -جڳديش لڇاڻي- ۽ ٻيا بمبئيءَ ۾ -آباد- آهن. سرڳواسي رام پنجواڻي، پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي، اي. جي. اُتم، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، پوپٽي هيراننداڻي، گوبند پنجابي، لعل پشپ، هري موٽواڻي، گوبند مالهي، ڪرشن راهي، شيام جئسنگهاڻي، جئوير به بمبئيءَ ۾ رهائش پذير هئا. سنڌ جي -بمبئي- پريزيڊنسيءَ کان علحدگيءَ واري جدوجهد لاءِ ڏسو تفصيل ”سنڌ“ جي عنوان هيٺ .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -بمبئي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

بمبئي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شهر - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باقراڻي
بٺورو
بخارا
بدين
ٻانڌي
ٻٻرلوءِ
ازبڪستان
ٻنگار (شهر)
ٻنون (شهر)
استنبول
ٻيراڻي
اسلام آباد1
اسلام ڪوٽ
برهان پور
امر ڪوٽ عمرڪوٽ
بسطام
اٻاوڙو
اوٻاوڙو
اٽڪ
اجمير
اچ
احمد آباد (انڊيا)
احمد نگر
بصره
بغداد
انڙ پور
بکر
انقره
ايوڌيا
آمري4
بهاولپور
بلڙي
بيت المقدس
بمبئي
بنارس
بنگلو (شهر)
آگرو
بارسلونا
برمودا
بلخ
بنگلور
ٻاڙمير
امر تسر
الهه آباد
تلهار
ڀانڀرا
ڀان سيد آباد
ڀٽ شاھه
ڀٽو واھڻ
ڀُڄ
ڀريا ٽائون ڀريا سٽي
ڀريالوءِ پريالوءِ
ترائي 2
تربت 2
ٺارو شاهه
ٺٽو
ترمذ
ڀِنيان
ڀوبينسور
ڀوپال
ڀيلاڻي
تونسا شريف
ڀينءَ
ٽنڊو آدم
ٽنڊوالهيار
ٽنڊو باگو
ٽنڊو ٻورا
ٽنڊو ٺوڙهو
ٽنڊو جان محمد
ٽنڊوڄام
ٽنڊوڇاڱاڻي
ٽنڊو شهبازي
ٽنڊو علي محمد
ٽنڊو غلام حيدر
ٽنڊو غلام علي
ٽنڊو قيصر
ٽنڊو مائي ماهڻ
ٽنڊو محمد خان
ٽنڊو مير غلام حسين
ٽنڊو مير مريد حيدر
ٽنڊو مير نور محمد
ٽنڊو يوسف
تهران
ٿاڻو بولا خان
ٿاڻو عارب خان
ٿرڙي محبت
تاشقند
پاٽ
پاٽ پراڻي
پشاور
جارجيا
جالنڌر
پاڪ پتڻ
جده
جريڪو
پاڻيپٽ
جلال آباد
پتڻ رڪڻ
پتڻ منارو
پٿورو


.....شهر موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن