ترڪمانستان جو نقشو

ترڪمانستان جو نقشو

ترڪمانستان

ترڪمانستان (Turkmensistan ):هن ملڪ جو سرڪاري نالو جمهوريه ترڪمانستان (Republic of Turkmenistan) ۽ پراڻو نالو ترڪمانيا آهي. ترڪمانستان جي لفظي معنيٰ آهي: ”ترڪمان ماڻهن جو ديس“ . هي ملڪ وچ ايشيا ۾ آهي. هن جي اتر ۾ افغانستان ۽ ايران، اولهه ۾ ڪيسپئن (Caspian) سمنڊ آهي. هن ملڪ جو وڏو علائقو ميداني آهي، جيڪو ڪراڪرم رڻ ۽ آباد جهڳٽن تي ٻڌل آهي.
ترڪمانستان جي ڪل پکيڙ 488100 چورس ڪلوميٽر (188400 چورس ميل) ۽ آبادي 44 لک 36 هزار آهي. گاديءَ جو هنڌ اشڪ آباد (Ashkhabad) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ جبل Ayrybaba (بلندي: 3137 ميٽر) آهي. هتان جي سرڪاري ٻولي ترڪماني (روسي) آهي ۽ موسم ايشيا جهڙي آهي، اهو وچ ايشيا جي گرم ترين ملڪن مان هڪ آهي. موسم بيحد خشڪ ۽ برساتون گهٽ پونديون آهن. ترڪمانستان جي مکيه زرعي پيداوار ڪپهه، ڪڻڪ، ميوا، ڀاڄيون، چڻا، گدرا، هنداڻا، انگور، صوف ۽ نارنگيون آهن ۽ مکيه صنعتن ۾ ڀاڻ، ريشمي ۽ اوني ڪپڙو، چمڙو ۽ ان جون شيون آهن. ترڪمانستان جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 27 آڪٽوبر 1991ع آهي ۽ گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 2 مارچ 1992ع کان آهي .


لفظ ترڪمانستانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1991.10.27  عيسوي

ترڪمانستان جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 27 آڪٽوبر 1991ع آهي



ملڪ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جپان
تبت
چلي (ملڪ)
اتر ڪوريا
ڏکڻ آمريڪا
سنگاپور
جرمني
جيبوتي جبوتي
ترڪي
آمريڪا
ملڪ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون