داخلا ؛ 7447
پڙهيو ويو ؛ 348
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2014-06-10


تصويرون


juti.gif
جتي
جتي



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--جتي

ٽائيٽل ؛ جتي


شاخ : سينگار

جُتي: چمڙي جي صنعت جو عظيم ڪارنامو جُتي آهي. جُتي انساني لباس جو ابتدائي جز آهي ۽ کيس تمام گهڻين سختين ۽ تڪليفن کان نجات ڏياري ٿي. آڳاٽي وقت کان وٺي -انسان- پيرن ۾ پائڻ لاءِ جُتي استعمال ڪندو آيو آهي. اوائلي دؤر جو -انسان- پيرن جي بچاءَ لاءِ وڻن جا پن يا جانورن جون کَلون ڪم آڻيندو هو. آهستي آهستي چمڙي جي -تري- واري چپل جهڙي جُتي وجود ۾ آئي. ٻه هزار سال اڳ ۽ -ان- کان پوءِ چمڙي مان ٺهيل چپل نما جتيون ٺهڻ لڳيون. خاص ڪري پير جي پٻ مٿان ٻه -پٽيون- ۽ کُڙيءَ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪڙي پٽيءَ واري جُتيءَ جو عام رواج هو. سنڌ ۽ هند ۾ پير جي ماپ جون ڪاٺ مان ٺهيل پٽين تي چمڙي يا ڪپڙي جون وڍيون هڻي، جُتي ٺاهي ويندي هئي، جنهن کي چاکڙيون چوندا هئا. ڪن چاکڙين ۾ ڪاٺ جي ٻنجي لڳندي هئي، جيڪا آڱر ۽ -آڱوٺي- جي وچ ۾ اچي پير کي مضبوط جهليندي هئي. هن وقت ڪاٺ جي چاکڙيءَ جو رواج ذري گهٽ ختم ٿي ويو آهي. موجوده دؤر ۾ چمڙي، ڪپڙي يا ڪنهن ٻئي مواد مان ٺهيل بوٽ ۽ سليپر وغيره کي به جُتي چيو ويندو آهي. مينگهواڙ جتيءَ کي ’پڳرکي‘ چوندا آهن. اڪثر مينگهواڙن کي ’موچڪي ڪم‘ تي دسترس حاصل آهي، هيءُ ڌنڌو اختيار ڪرڻ وارا سنڌ ۾ موچي سڏجڻ ۾ آيا ۽ موچي پنهنجي هٿن جي محنت ۽ دماغي قوت سان جيڪي جتين جا نمونا ٺاهين ٿا، انهن ۾ هيٺيان خاص آهن:
مرداڻيون جتيونِ: ديسي، سليپر، سنڌڻ جُتي، بوٽ، سپاٽا، سئنڊل، چپل چاکڙيون ۽ مارواڙي جُتي کڙيءَ سان.
زنانيون جتيون: سنڌڻ جُتي ٽؤنر سان، جنهن جا ڪيترائي قسم ٿيندا آهن -جن- ۾ ست ٽؤنري اهم آهي. چندلي واري جتي، جيڪا گهڻو ڪري ڪولهي -برادري- استعمال ڪندي آهي، جنهن جي کڙي مرداڻي سنڌڻ جُتيءَ جهڙي هوندي آهي. مارواڙيءَ جتيءَ تي ڀرت هوندو آهي، جُتين جا جيڪي ٽي نمونا ڏنا ويا آهن، انهن مان وري هر هڪ جا ڪيترائي قسم آهن.
جُتي ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ اوزار:
(1) کهيڙي: هيءَ ڪاٺ جي ٺهيل، چمڙي کي نرم ڪرڻ ۽ استري لاءِ ڪم ايندي آهي.
2- ڪارب: ڪاٺ جا ڪارب مختلف سائيزن جا آهن، -جن- تي جُتين جا نمبر ماپيل هوندا آهن.
3- گوٽي يا موکري: موکري ڪاٺ جي ٺهيل هوندي آهي ۽ چمڙي کي ڪٽڻ لاءِ استعمال ڪبي آهي.
4- ڦرهڙي (ڦروٽي ):ڪاٺ جي مستطيل پٽي، جنهن تي رنبي سان ڪم ڪبو آهي.
5- راپي (رنبي):راپي لوهه جي ڌار سان هوندي آهي ۽ چمڙو ڪٽڻ ۽ -ان- کي درست بيهارڻ جي ڪم ايندي آهي.
6- -انبوري- يا پڪڙ: -انبوري- ڪوڪا ڪڍڻ ۽ موڙڻ جي ڪم ايندي آهي، هيءَ لوهه جي ٺهيل هوندي آهي.
7- اڪولائي: اڪولائي لوهه مان ٺهيل -ٽن- پيرن واري هوندي آهي. ٻه پير زمين تي پير لڳل هوندا اٿس ۽ ٽئين پير ۾ جُتي ڦاسائي -ان- تي ڪوڪا هڻبا آهن.
8- پنجس: پنجس فرمي تي پنو چاڙهڻ لاءِ ڪم ايندي آهي ۽ لوهه جي ٺهيل هوندي آهي.
9- هٿوڙي: هٿوڙي لوهه مان ٺهيل هوندي آهي ۽ ڪوڪا ٺوڪڻ جي ڪم ايندي آهي.
10- ڪنڍو: ڪنڍو ڪارب ۾ ڦاسائي، ڪارب کي جُتيءَ مان ڪڍبو آهي.
11- آر: آر، لوهه جي چهنباري سيخ آهي، جنهن کي هڪ پاسي ڪاٺ جو هٿيو هوندو آهي، هن سان سوراخ ڪري سئيءَ سان ڌاڳو اڪاربو آهي.
12- ڪنڍي: هيءُ -آر- جو سڌريل روپ آهي، جنهن جي چهنب ۾ کپو هوندو آهي، -ان- سان ڌاڳي کي پوئتي ڇڪي وٺبو آهي.
13- روئيِ/ روهي: روهي -پٿر- جي هوندي آهي ۽ -اوزار- تيز ڪرڻ جي ڪم ايندي آهي.
14- سُنبو: سنبو لوهه جو ٺهيل هوندو آهي ۽ سوراخن ڪرڻ جي ڪم ايندو آهي .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جتي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جتي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سينگار - موضوع جون ٻيون داخلائون-
ببري
ابٽڻ
اٻٽڻ
ابٽن
اَڌ گول ڦڻي
ٽاجوئا
ٽوپاز
ٽئنڪ ائسڊ
ٽئونر ٽؤنر
پازيب
جتي


.....سينگار موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن