داخلا نمبر 5110
عنوان ڀڳت سنگهه
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 372 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو
آزادي جو هيرو ڀڳت سنگهه

آزادي جو هيرو ڀڳت سنگهه

ڀڳت سنگهه

ڀڳت سنگهه: برصغير جي آزاديءَ جو ھيرو، ڀڳت سنگهه، پنجاب صوبي جي ضلعي لائل پور (فيصل آباد) جي ڳوٺ ”بنگھه“ ۾ ڄائو. جليان والا باغ، امرتسر ۽ عدم تعاون تحريڪ جي خوني واقعن، ھن نوجوان کي باغي بنايو. 1921ع ۾ اسڪول ڇڏي نئشنل ڪاليج لاهور ۾ تعليم شروع ڪيائين. 1927ع ۾ لاھور جي بم ڌماڪن ۾ گرفتار ٿيو. آزاد ٿيڻ کان پوءِ ”نوجوان ڀارت سڀا“ نالي تنظيم ٺاھيائين ۽ انقلاب پسندن سان شامل ٿي ويو. 1928ع ۾ هندستان سائمن ڪميشن جي آمد وقت لاھور ريلوي اسٽيشن تي زبردست احتجاجي مظاھرو ٿيو، پوليس لاٺي چارج ڪئي، جنھن ۾ لالا لجپت راءِ زخمي ٿي پيو، ان وقت لاھور جو سينئر سپرنٽينڊنٽ پوليس مسٽر اسڪاٽ ھو. انقلاب پسندن کيس قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو، پر ھڪ ڏينھن اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ پوليس کي آفيس مان نڪرندي توراج ۽ ڀڳت سنگهه گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. خانبھادر شيخ عبدالعزيز ڪشمير بلڊنگ لاھور ۾ ھڪ رات ڇاپو ھڻي مڙني انقلابين کي گرفتار ڪيو. لاھور ۾ مقدمو ھليو ۽ ڀڳت سنگهه ۽ سندس ساٿي سکديو کي موت جي سزا جو حڪم ٻڌايو ويو. قيد دوران به هنن آزاديءَ جي پرچار ۽ پنهنجا مطالبا مڃائڻ لاءِ بک هڙتالون ڪيون ۽ سخت تشدد سَٺو. 23 مارچ 1933ع تي هنن ٻنھي سپوتن کي ڦاھيءَ تي لٽڪايو ويو، ستلج درياهه جي ڪناري تي ٻنھي جا لاش ساڙيا ويا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو