انفلوئنزا

انفلوئنزا (بيماري): انفلوئنزا هڪ وائرل بيماريءَ جو نالو آهي. هيءَ بيماري اوچتي نمودار ٿئي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن وچڙندڙ بيمارين وانگر، سڄي ملڪ ۾ ڦهلجندي آهي. هيءَ بيماري ٻن جيوڙن جي ڪري ٿئي ٿي. (1) هيمو فائلس انفلوئنزي Haemophilus Influenzae (2) اڏام جيوڙو Virus هيءَ بيماري ساهه کڻڻ واري نالي جي مٿئين حصي تي اثر انداز ٿئي ٿي. هن بيماريءَ جو وڏي ۾ وڏو حملو 19-1918ع ۾ سڄي دنيا تي ٿيو هو، جنهن ۾ پنجاهه ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا هئا ۽ گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ ڪروڙ اجل جو نشانو بڻيا هئا. هيءَ بيماري سياري جي موسم جي شروعات ۾اسان جي ملڪ ۾ شروع ٿئي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته وبا وانگر پکڙجي ويندي آهي. ڪجهه عرصو اڳ هيءَ بيماري هانگ ڪانگ ۾ شروع ٿي هئي، ان ڪري هن کي ’هانگ ڪانگ فلو‘ به سڏيو ويو. هي بيماري نهايت تيزيءَ سان ڦهلجي ٿي. جيوڙن جي جسم ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ 24 ڪلاڪن ۾ بيماري ظاهر ٿئي ٿي.
هيموفائلس انفلوئنزي: هيءُ جيوڙو پهريائين 1892ع ۾ پيفيفر (Pfeiffer) سڃاتو، ضروري نه آهي ته هر انفلوئنزا جي مريض ۾ هيءَ جيوڙو ملي، ڇاڪاڻ ته ڪيترين ئي حالتن ۾ انفلوئنزا جو سبب هڪ اڏام جيوڙو هوندو آهي. هيءُ جيوڙو عام طور تندرست انسانن جي ڳلي ۾ به ملندو آهي. هيءُ جيوڙو هڪ سنهڙي ليڪ وانگر هوندو آهي، جيڪو ٽٻڪي وانگر نظر ايندو آهي ۽ ڪڏهن ڏنگين وانگر به نظر ايندو آهي. هيءُ چري ڦري نٿو سگهي ۽ کوپو به نه ٺاهيندو آهي. هي هڪ ناڪاري جيوڙو آهي، جيڪو 60 درجن سينٽي گريڊ جي گرمي ڏيڻ سان ناس ٿيو وڃي. هيءُ جيوڙو صرف انسانن ۾ بيماري پيدا ڪري ٿو، جيڪا اوچتي رونما ٿيندي آهي. ڦڦڙن ۾ نمونيا جهڙي بيماري پيدا ڪرڻ کانسواءِ هيءُ جيوڙو ڪن جون بيماريون، ڦڦرن ۾ پونءِ واري بيماري، دل جي اندرئين پردي جي بيماري، سنڌن جو سور ۽ اک اٿڻ جي تڪليف پڻ پيدا ڪري سگهي ٿو.
جيوڙي جو اپائڻ: هي جيوڙو ڪن خاص قسم جي ڪيميائي جُزن جي مدد سان پيدا ٿئي ٿو. اهي جزا رت ۽ ڪجهه ٻوٽن جي جيو گهرڙن ۾ موجود آهن، هي جيوڙا 37 درجن سينٽي گريڊ جي گرمائش تي آڪسيجن جي موجودگيءَ ۾ پيدا ٿين ٿا. هن جيوڙي جا ڇهه قسم الف، ب، ث، د، ي ۽ ف سڃاتا ويا آهن. جن مان ب قسم سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ آهي.
انفلوئنزا جو اڏام جيوڙو: انفلوئنزا جو اڏام جيوڙو 1933ع ۾ ٽن سائنسدانن سمٿ، انڊريوز ۽ ليڊلا سڃاتو. هيءُ جيوڙو صرف انفلوئنزا جـي وبا دوران ئـي مريـضـن مان حـاصـل ٿـي سگهيو. هن جـيـوڙي کي ’الف‘ (A) سڏيو ويو. ان کانپوءِ 1940ع ۾ فرانسس ۽ سندس ساٿين ڪئليفورنيا ۾ انفلوئنزا جي وبا دوران ٿورو بدليل اڏام جيوڙو ڏٺو، جنهن کي ’ب‘ (B) سڏيو ويو. ان کانپوءِ آمريڪا ۾ ئي ’ث‘ (C) اڏام جيوڙو به سڃاتو ويو. پر ان جو ڪنهن به وبا سان واسطو نه هو. هي اڏام جيوڙو ٻين اڏام جيوڙن جي مقابلي ۾ ڪافي وڏو ٿئي ٿو. سندس قطر هڪ سئو ماڪرون ٿئي ٿو.
نشانيون: انفلوئنزا جي ڪري مٿي، ڪلهن، سنڌن ۽ ٽنگن ۾ سور ٿئي ٿو. گلي ۾ خارش ۽ سخت سور ٿئي ٿو. نڪ مان پاڻي هر وقت وهندو رهي ٿو، خشڪ کنگهه به ٿيو پوي. اوچتو تپ 100 کان 102 يا ڪڏهن وري 104 درجن تائين وڌيو وڃي. تپ سيءَ سان ٿيندو آهي. سڄو منهن ڳاڙهو ٿيو وڃي ۽ اکين مان پاڻي اچڻ شروع ٿيو پوي. ڪڏهن ڪڏهن هيءَ بيماري علاج نه ملڻ ڪري نمونيا پيدا ڪريو وجهي.
بيماريءَ جو ڦهلجڻ: هيءَ بيماري هوا ۾ موجود ڪروڙين جيوڙن وسيلي مريض جي ٿڪ، کنگهه، ڇڪن ۽ سنگهه وسيلي ڦهلجي ٿي، مريض جي شين کي استعمال ڪرڻ، مريض سان ڀاڪر پائڻ يا ويجهو رهڻ وسيلي به پکڙي ٿي.
بچاءَ لاءِ اپاءَ: مريض کي الڳ هوادار ڪمري ۾ ليٽائجي، گهر جا ڀاتي ۽ ٻار بيمار جي ويجهو نه وڃن، تندرست ماڻهن کي مريض جون سيون استعمال نه ڪرڻ گهرجن، مريض جي بچايل شين، ٿڪ ۽ کنگهه وارن رومالن کي ساڙي ڇڏجي. مريض جي باسڻن، ڪپڙن ۽ ٻين شين کي ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ ڌوئجي ۽ تيز اُس ۾ سڪائجن، بيمار کي کنگهندي ۽ ڇڪن ڏيندي رومال منهن تي رکڻ گهرجي، مريض کي دفتر، محفلن، مجلسن، سئنيما ۽ هوٽلن تي وڃڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي، مريض کي ڪمزوريءَ کان بچڻ گهرجي ۽ ڪڪڙ جو آنو، شورو ۽ طاقت وارا کاڌا کائڻ گهرجن .
بيماريءَ جا مونجهارا: هيءَ بيماري ٻارڙن ۾ خطرناڪ صورتحال پيدا ڪري ٿي، جنهنڪري نمونيا ٿيو پوي جيڪا ڪڏهن معصوم ٻارڙن جي موت جو سبب به بڻجي ٿي.
علاج: جيوڙا اسٽريپٽو مائيسن ۽ ٽيرا مائيسن سان ناس ٿيو وڃن. باقي اڏام جيوڙي سان پيدا ٿيل بيماريءَ تي هنن دوائن جو اثر نه ٿيندو آهي ان هوندي به ٽيرائيسن ڏيڻ گهرجي. جنهن سان بيماريءَ ۾ واڌارو ۽ نمونيا جو خطرو ٽري ويندو.


لفظ انفلوئنزاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو