بياس

بِياسِ: پنجاب جي پنجن ندين مان هڪ ندي، جيڪا سنڌو درياهه جي ڀرتي ڪندڙ شاخن(tributaries) مان آهي. هيءَ ندي، ڀارتي پنجاب جي هڪ ندي آهي، جنهن جو منڍ ڪوهستان شملي ۾ 13250 فوٽ بلنديءَ تي آهي. هيءَ ندي ڏکڻ الهندي طرف وِهندي جالنڌر ۽ امرتسر جي وچان وهي ”هَرِيءَ جي پَتڻ“ وٽ، جيڪو قصور (پاڪستان) کان ٿوري پنڌ تي اڀرندي طرف آهي، ستلج نديءَ سان گڏجي ٿي. هن نديءَ جي ڊيگهه 295 ميل آهي. ان کان پوءِ ان جو يڪو نالو ستلج ئي آهي.


لفظ بياسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو