بڇيري

بُڇيري: بڇيري، نواب شاهه تعلقي جو اهم ڳوٺ، بلڪه ننڍو شهر آهي. هتي زرداري، سهتا، عباسي، بروهي، رند ۽ ٻيون ذاتيون رهن ٿيون. بڇيريءَ ۾ هاءِ اسڪول، گرلس مڊل اسڪول، ۽ آسپاس پرائمري اسڪول گهڻا آهن. واپار به چڱو هلندڙ آهي. هن ڳوٺ کي اسپتال، واٽرسپلاءِ نظام ۽ بجليءَ جون سهوليتون پڻ مليل آهن. نوابشاهه ۽ پڊعيدن جي وچ تي ريلوي اسٽيشن پڻ آهي. بڇيريءَ جو موجوده شهر اسٽيشن جي سهوليت سبب ريلوي لائين ويجهو جڙيو، نه ته اصل ڳوٺ کي هينئر پراڻي بڇيري چيو وڃي ٿو، جيڪو موجوده شهر کان اتر اولهه طرف ڏيڍ ڪلوميٽر کن جي پنڌ تي آهي. جتان اڳ ۾ درياهه وهندو هو. ان کان سواءِ انگريزن جي دؤر ۾ پوليس ٿاڻو ۽ ڪورٽ جي بلڊنگ موجوده شهر ويجهو ٺاهي وئي هئي، ان ڪري ماڻهو آهستي آهستي موجوده شهر ۾ اچڻ لڳا ۽ پراڻي بڇيريءَ ۾ فقط هڪ مسجد وڃي بچي آهي، جيڪا سم جي پاڻيءَ جي وچ ۾ اڃا تائين بيٺل حالت ۾ آهي. ان کانسواءِ هڪ درويش سيد لهري شاهه جي درگاهه پڻ موجود آهي. پراڻي بڇيريءَ ۾ تمام وڏا واريءَ جا دڙا آهن، جيڪي شاهدي ڏين ٿا ته سنڌو درياءُ ڪنهن زماني ۾ هتان وهندو هو. هڪ مقامي روايت موجب هيءُ ڳوٺ درياهه جي ڪنهن ڇاڙهه جي پُڇڙيءَ ۾ آباد هو، اُن ڪري ’پُڇڙيءَ‘ مان بدلجي ’بڇيري‘ بڻيو. پر عقل اها ڳالهه تسليم نه ٿو ڪري، ان جو پسمنظر ڪو ٻيو هوندو، جنهن تي تحقيق جي ضرورت آهي.



لفظ بڇيريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو