ترياقُ

ترياقُ: هڪ مرڪب دوا، جيڪا زهر جي اثر کي زائل ڪندي آهي، طبي لحاظ کان هيءَ مؤثر دوا آهي، ان کي گرم دوائن سان گڏي ٺاهيندا آهن، جيڪا ڏسڻ ۾ ڳُڙ وانگر هوندي آهي. هيءَ دوا/ ترياقُ وڇونءَ ۽ نانگ جي زهر جي اثر وڃائڻ ۽ فالج، لقوي ۽ عضون جي ڏڪڻيءَ، بلغم کي تحليل ڪرڻ، وبائي دستن کي بند ڪرڻ، پيٽ جي سور، معدي ۽ جگر کي طاقت ڏيڻ ۽ اندرين پردن جي مضبوطيءَ لاءِ مفيد آهي.


لفظ ترياقُھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو